سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :31

 

 

{

 

مُلحد جي مڪاري

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري - وو

ملڪ جو موذي، دين جو دشمن، ڏاڍو ڏيهه ڏڪاري - وو

ملحد جي للڪار، لٻاڙون،

پنهنجون پاڻ پٽي ٿو پاڙون،

رنگ ڀريل سڀ روڙون راڙون،

در در اهڙيون هڻي ٿو ڊاڙون،

شينهن جي آڏو ٻيلي ۾، جئَن ڦوڪ ڏئي ڦيڪارو – وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

جن جي دل ۾ بغض جو ڀالو،

من الحاد مٿان متوالو،

مذهب کان هر ڍنگ نرالو،

ڪيئن ٿا وٺن اسلام جو نالو؟

جيڪي رب جو نام وٺن ٿا، تن سان هي تڪراري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

جيڪو ڳاڙهو ڳٽو، منهن زورو،

سوئي تن وٽ، علم جو ڍورو،

هن وٽ گند ۽ گار جو ٻورو،

ٽرڙو ٽيڊي، ڇيڳر ڇورو،

پائي آيو جلسي اندر، جو پتلون اڌاري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

ملحد مهر وفا کان خالي،

بغض و دغا جي هٿ دونالي،

در تان خالي، سڀيئي سوالي،

هيئَن پٽن ٿا مرد موالي،

پاڙ پٽين تون ملحد جي، او شاه جلال بخاري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

ملحد جا سڀ ماڻ اجايا،

اٽڪل جا اهڃاڻ اجايا،

ڏاندن وارا ڏاڻ اجايا،

مڪر جا سڀ مانڊاڻ، اجايا،

جنهن هڪ ڪِرڙي، ڪئو نه ماريو، سو اڄ شير شڪاري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

ملحد جي بدڪار سان ياري،

بد ڪردار هي سنگت ساري،

باه اٿن هر ملڪ ۾ ٻاري،

ائين الحادي رشتا جاري،

”سنڌوءَ“ مان جيئَن واه وهن ٿا شاهي ۽ بيگاري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

ڏنگ هڻن ٿا نانگ هي نيلا،

ڳاهي ڇڏبا، ڳاڙها پيلا،

ختم ڪندا، الحاد جا حيلا،

غيرت مند بلوچ قبيلا،

جنگ جوان جمالي جيڪي مانجهي مرد مزاري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

ملحد ڪفر جو ڪارو ڪلو،

مڪر و دغا جو دونهيل دلو،

ٻلي آهي، يا ڪو ٻلو،

ڇو نه ڪجي ”بلٽاڪ“ جو بلو،

رهزن رڇ جون راڙيون ٿينديون، ڳل ۾ پوندس ڳاري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

ڪونهي تن وٽ ڄاڻ جو پاڻي،

طلب ٿا ڪن مانڌاڻ جو پاڻي،

روز گهرن ڇڪتاڻ جو پاڻي،

زرد ٿا ڪن مهراڻ جو پاڻي،

گند ٿا ڪن ڇو .سنڌوءَ“ ۾ هي گنگا جا گرڌاري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

سوشل رن، مانڌاڻ مچايو،

ملڪ جو شان ۽ مان گهٽايو،

وڏن وڏن جو ڏيل ڏڪايو،

ٻارن کي بيمار بنايو،

ڏائڻ بنجي، هانءُ ڪڍي ٿي، ڪوتہ قد، منهن ڪاري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

”سوشل – راڻي“ ساز وڄائي،

مستيءَ سان ٿي مست بنائي،

هر جا نخرا ناز هلائي،

ائين ٿي پنهنجا وار وڇائي،

گويا سونا وار سجايا، سونهن ڀري سونهاري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

ملحد پاڪ اصول جو دشمن،

مذهب جي منڍ مول جو دشمن،

ڪونهي ڪفر جَهول جو دشمن،

آهي رب، رسول جو دشمن،

محشر ۾ منهن ڪارو ٿيندس، قبر ڪري ٿو ڪاري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

ملحد ڪوڙا پڌرا بورا،

بيحد بڇڙا، سهڻا ٿورا،

بڪ بڪ ڪن ٿا، نحس ندورا،

ڪارا ڪوجها، ٽيڊي ڇورا،

ملحد جو منهن اهڙو، جهڙي واڱڻ جي ترڪاري وو،

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

خمر پين ٿا، کير جي بدران،

گند مڙهن تقرير جي بدران،

لغو لکن تحرير جي بدران،

پاڪ محمد مير جي بدران،

”مائو“ جهڙي ملحد کي، ٿا سمجهن ”هوت هزاري“ - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

ملڪ ۾ الحادي ايندا،

دين ۽ مذهب ڪين ڇڏيندا،

سڀ جي مال تي قابض ٿيندا.،

سک نه سمهڻ مزدور کي ڏيندا،

اهڙا هڻندا ڏاڍ جا ڏنڊا، توبہ توبہ زاري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

جي ٿي ملحد جي هٿ ساري،

ڄاڻ اها تون قيامت ڪاري،

هر جا هلندي، مارا ماري،

ڇيڙ ۽ بيگ ڏنڊي واري،

شامل ٿي آئين ۾ ويندي، ملحد جي خرڪاري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

جي ٿا مسلم مرد سڏايو،

ملحد سان هٿ ڪين ملايو،

پنهنجي غيرت ڪين وڃايو،

ڪيئَن ٿا اهي اڳواڻ بنايو؟

جيڪي مير مديني واري آقاصه جا انڪاري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

الحادين جا ٻڌ نه گپوڙا،

مذهب کان هي گونگا ٻوڙا،

عقل ۾ آهن ڍڳن جا جوڙا،

گهرن ٿا هر دم انڌ جا گهوڙا،

هارين جي هٿ هوندا ساڳيا، ڪوڏر، هر، پاڃاري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

سنڌ جي مسلم دين سڃاتو،

آه نه هو الحاد تي آتو،

لاديني ۾ پير نه پاتو،

سنڌ عرب جو ساڳيو ناتو،

اڃا مديني ساڻ محبت، اڃا اهي انصاري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

حاڪم بنجي، حڪم هلائي،

”آمريت“ کي ”باپ“ بنائي،

قوم جي قسمت کي ڳڙڪائي،

ٻنيون ۽ ٻارا ويو ڦٻائي،

هيڻي حال ۾ آهن جنهن جي ديهه جا هاري ناري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

ملحد! ڦير ۾ ڦند ڪرين ٿو،

رد اسان جو رند ڪرين ٿو،

پاپن ۾ پابند ڪرين ٿو،

ملڪ ۾ هرجا گند ڪرين ٿو،

موذي! پنهنجون ميڙ مدايون، ڏاڍ جي کڻ ڏانداري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

ملحد سکڻو منهن جو مٺو،

وقت اچڻ تي ڏيهه ۾ ڏٺو،

ساڙ سڙيو ۽ ڊوهو ڊٺو،

هرجا ظاهر هن جو چٺو،

آه يقيناً هر ملحد کي، بڇڙي هڪ بيماري - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

اڄ اظهار اسان جا مسلم،

سڀ بيدار اسان جا مسلم،

سڀ سالار اسان جا مسلم،

”ملحد – مار“ اسان جا مسلم،

غيرت مند بلوچ بهادر، ”رند“ ته ڪي ”لاشاري“ - وو

ملحد جي مڪاري ماريو، ملحد جي مڪاري – وو

 

ڀارتي مُلحد جي دعوت

 

دشمن دعوت ڪئي حَرام،

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

قِصو هڪڙو تازو تازو،

ڳالهه ڪري ٿو ”رانجهن رازو“

ڏِس اِلحاد جو هِي شيرازو،

ڪُوڙ ناهي اِهو ڪَلام.

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

ڀارت جو هڪ ڀاڙي واڻيو،

بيشڪ ”وِه جي واڙي“ واڻيو،

سنڌ ۾ آيو ڊاڙي واڻيو،

سُرخن جو ڄڻ اُتم اِمام،

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

هن جي سُندري زال جي خاطر،

هن جي اِستقبال جي خاطر،

اِلحادي اَحوال جي خاطر،

مَچي وئي هڪ ڌُوم ۽ ڌام،

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

دعوت جو هو رنگ رَسيلو،

مَست هو سَڀڪو ڳاڙهو پيلو،

هڪ مُلحد کي پيٽ ۾ وِيلو،

ڇڏي ڏنائين تِکا طعام،

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

ڪِٿي ڪڍن ڪَذّاب جي اُلٽي؟

بيشرميءَ جي باب جي اُلٽي،

آيل لال شراب جي اُلٽي،

پاخاني ۾ ڌُوم ڌڙام،

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

واڻيو بَتليو بات سَڄي ۾،

گهايا هن سڀ گهات سِڄي ۾،

سُندر ديوي رات سڄي ۾،

ڀَر ۾ وِهاريا ڪونڌر ڪام،

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

ڏِسي عميق سمنڊ جون ڇوليون،

واڻئي جي دل ٻوليون ٻوليون،

ڏيڻ لڳو سُرخن کي پروليون،

چوڻ لڳو: ”هيءَ سمجهو مام!“

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

گذريا سورهن سال سمورا،

سِنڌين جا سِڀ خواب اَڌورا،

دل جا مقصد ٿيندا پورا،

سنڌڙي رهندي ”اکنڊ“ مُدام،

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

واڻئي ٻوليو، ويڇا ويندا،

ٻَئي سمنڊ، مِلي هڪ ٿيندا،

هِندو موٽي، سنڌ ۾ اِيندا،

پاڪ وطن جو مِٽبو نام،

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

پنجهٺ (65) واري جنگ ٿي جاري،

شيخ جي ظاهر ٿي مَڪاري،

چوڻ لڳو: ”ڇڏ گولي باري،

سامهون آ نارائڻ شيام،

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

اِتان اِهوئي عَهد ڪيائون،

”سِنڌ کي ڀارت سان ٿا مِلايون،

ڏاهر کي ٿا باپ بَنايون،

شوق جون شاديون بلڪل جام“

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

ڪنهن کي دل جي دَري نا گهرجي؟

ڪنهن کي حُور پَري نا گهرجي؟

ڪنهن کي سِلڪ ۽ زري نا گهرجي؟

حُسن جو هرجا ڪر نيلام،

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

اِتان ٿيون هَڙتالون جاري،

ڇورين جون لک ڇالون جاري،

بيدينن جون ڌمالون، جاري،

مُلڪ ۾ پئجي ويو ماتام،

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

 

ڪالج، علم و اَدب جا اِدارا،

مُلحد سَڀ تي ڇانيل سارا،

اَن، اَجهي جا سَستا نعرا،

تن کان واقف ناههِ عوام،

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

مُلحد دين جو دشمن پورو،

شامل دشمن ساڻ سمورو،

ڳالهه اِنهيءَ تي قصّو پورو،

سَچ وارن تي سوين سَلام!

مُلحد کاڌو ٻوڙ پَلي جو.

{

 

سنڌيءَ جو سنيهو

 

الڳ ٿانءُ آههِ هر شيءِ جو، ٻُڌي ڪو منهنجي آکاڻي،

نه ٿو ڪي ۾ گڏي رکجي ٿو هرگز کير ۽ پاڻي،

الڳ مولود آهن ۽ الڳ گُرديو جي ٻاڻي،

نه وجهه هڪڙيئي مجموعي ۾ تون چُون چُون جي مانڌاڻي،

اَدب ۾ جنسياڻتي صِنف کي تون ڌار ڇاپي ڇڏ،

عقيدن جا الڳ عنوان سان اَذڪار ڇاپي ڇڏ.

 

لِکي ڇڏ نوٽ، منهنجو پنهنجو هيءُ ذاتي خيال آهي،

اِنهيءَ ۾ ڪين ڪنهن فرقه پرستيءَ جو سوال آهي،

نه ڪر ڀولو، جي تنهنجي شعر ۾ ڪو اِبتذال آهي،

اِهو ئي شعر ۾ فِطري بغاوت جو ڪمال آهي،

نه عذر آهي، ڀَلِي ڪر مڪتبِ آزاد جون ڳالهيون،

مسلمانيءَ جي پَردي ۾ نه ڪر اِلحاد جون ڳالهيون.

 

هُئي سنڌي ادب ۾ اڳ نه حق تلفيءَ جي ارزاني،

هئا ڪي موت جي مُنهن ۾ هئا ڪي شاه جا ثاني،

اُنهن ڪينو ٿي پاڙيو جن رکي ٿي رمز رباني،

رشيدِ زار کان بدظن رهيا سي رُشد جا باني،

نه آئي جَن کي سنڌي سي به واحد عبد سنڌيءَ جا،

خوشامد جا بڻي ٻاوا چيائون شبد سنڌيءَ جا.

 

هر روز آهن مُلحدن جا مَست ميلا هر جڳهه،

اِسلام جي افراد کان آهن اڪيلا هر جڳهه،

پڌرا سندن بيدرديءَ ۾ جهنگ ٻيلا هر جڳهه،

بيدار آهن مارڪس ۽ مائو جا چيلا هر جڳهه،

ڇو سُست آهن، اُن سَچي سُبحان جا شاگرد اڄ،

اِسلام جو جهنڊو کڻن، رحمان جا شاگرد اڄ.

 

ڪري ناراض ”لاشاري“ ڇو اڄ دل پنهنجي پيارن جي،

انهن نامي گرامي دوستن ۽ دلفگارن جي،

حمايت مون کي حاصل آههِ اڄ اَلله وارن جي،

مدد گهُرجي نٿي سِنڌي ادب جي ٺيڪيدارن جي،

حَسد جو طالبو هاڻي نه منهنجو ٻيڙو ٻوڙيندا،

خدا جي فضل سان سڀ پنهنجي نيت پاڻ لوڙيندا.

 

وطن جي پاڪ واديءَ ۾، نوان نغما ڪي ڳائي وڃ،

نه ڪر ڊَپ ڊاءُ، سڀنيءَ کي سچيون ٻوليون ٻُڌائي وڃ،

”رشيد“ آهين ته پنهنجي رشد سان رهبر سَڏائي وڃ،

حقيقت ڪر عيان، حق کي نه دُنيا کان لِڪائي وڃ،

نه ڪوڙو دام ڌاري، قوم سان تزوير پيدا ڪر،

ٺڳيو جن ملڪ کي، تن واسطي تشهير پيدا ڪر.

 

{
مظالمِ جويا

 

(وقت 2/21 بجه رات تاريخ 60-10-28 دمڪشيءَ جي دؤري ۾ دوا ميسر نه هئڻ سبب، زندگيءَ کان مايوس ٿي لکيو ويو! رشيد احمد لاشاري)

 

دِل جي ڪَنن سان ٻُڌ تون او نابڪار جويا!

پاڙون پَٽيندو تنهنجون پروردگار جويا!

توتي غضب خدا جو، وسندو پيو هميشه،

ڌارين ٿو دهريت جو، سِر ۾ خمار جويا!

مذهب جي طالبن تي اِئَين گرم ٿو گذارين،

گويا مُدي جو آهي توکي بُخار جويا!

هندن ۾ دوست پنهنجا سُرخا رُڳا ٿو ڌارين،

ساڌن سَچن کان توکي نفرت ۽ عار جويا!

تنهنجا گناه هردم ٿا سنڌيت ۾ ڍڪجن!

ورنه تون آهين هر جا رُسوا ۽ خوار جويا!

ڏوڪڙ وٺي جي توکان مذهب ٿا پنهنجو وڪڻن،

تن ميمبرن تي پوندي، خالق جي مار جويا!

مان اهڙي سنڌڙيءَ کي سَڙندو ڏسان ته بهتر،

هٿ جنهن ۾ اِشتراڪي ڪَن اِقتدار جويا!

ڀَل سنڌيت جا حامي، ڪن سازباز توسان،

تنهنجي خلاف منهنجي هوندي پُڪار جويا!

ڀَل ڪن لحاظ تنهنجو اَخبار جا اِيڊيٽر،

خود منهنجا شعر آهن، تيغ آبدار جويا!

مون سان سلام ڪونهي، ٻين سان ڪلام آهي،

سِر تنهنجي تي هُو آهن شايد سوار جويا!

دُشمن سڀئي دُشمن، هڪ مون کي ڇو ٿو سمجهين؟

ڪجهه ڌار دل جي همت، غفلت شعار جويا!

گاريون ڏنيون تو مون کي، دَڙڪن سان تو دٻايو،

آڪَڙ ڪئي تو پنهنجي ڪيئَن آشڪار جويا!

علم و اَدب ۾ مون کان آهين وڌيڪ ڇا ۾؟

ڇاتي ڪُڏِين تو هَر هَر مثل – حمار جويا!

جاهل تون پاڻ آهين، جاهل ٿو مون کي سمجهين،
منهنجي اڳيان تون آهين اَحمق ۽ ٻار جويا!

دَمدم پون ٿا دؤرا، آڻيان ڪٿان دوائون؟

گهاريان ٿو دم ڪشيءَ ۾ ليل و نهار جويا!

گهرجي نه مون کي خالي هي طبع جي رواني،

جنهن ۾ رَهان بکن جو بَنجي شِڪار جويا!

ڪپڙو هجي نه تن تي، گهر جو نه خرچ پورو،

ڪنهن کان وٺان دَوا جي خاطر اُڌار جويا!

تو ڪين قدر ڄاتو هِن منهنجي شاعريءَ جو،

گذريو خزان ۾ گويا دؤر-بهار جويا!

بيمار بنجي هرجا بيگر وُڙهس اَدب جي،

آندو هي قهر مون تي ڪيئَن ڪردگار جويا؟

آخر مان تنهنجي دَر تي مظلوم بنجي آيس

ڄاتو مون توکي پنهنجو هڪ غمگسار جويا!

پر نيٺ تون به مون کي مارڻ لڳين بُکن ۾،

ڏک ۾ لَڌي نه منهنجي تو ڪا سَنڀار جويا!

بيمار ٿي گذريم، ڪاٽيون ٿي تو پگهارون،

تو پنهنجي دل ۾ ڌاريو هردم ڌڪار جويا!

اُن بعد جو به گذرو، معلوم آههِ توکي،

ڪو موت سان نه ٿيندو خود همڪِنار جويا!

گهر ويٺي سؤ مِلن ٿا سَکڻي سُڃي غنيءَ کي،

ڏسجن ٿا اُن جا حامي سرمايه دار جويا!

سرمايه دار تنهنجا آهن اَبا ۽ ڏاڏا،

چُمندين پيو پير تن جا ساري ڄمار جويا!

ڪيئَن پيشگي وٺي ٿو عبدالمجيد سنڌي،

کُهڙي کان ٿو ڏيارِين اُن کي هزار جويا!

باقي ڇو وير مُون سان تنهنجو پيو اَي ظالم!

ڇيهو رَسايو مون کي تو بار بار جويا1

موذي مرض ۾ تو وٽ ڪيئَن ڪم ڪري سگهان ها،

تو ڏيڍ سؤ ڏنو ٿي سَکڻو پگهار جويا!

هي موقعي اَٿيئي ڪر صُلح مُون سان هڪدم،

اُن بعد مُون تي ناهي هرگز مَيار جويا!

پاڪ آستان سَڄي ۾ بُڇڙو ڪندس مان توکي،

لکندس مان هجو تنهنجي ليل و نهار جويا!

آهي نه موت جو ڊَپ، بيمار اڳ ۾ آهيان،

آهي هي زندگاني مُون لاءِ بار جويا!

هن زندگيءَ کان بهتر مان جيل کي ٿو سمجهان،

هوندو نه جِت دوا جو ڪو اِنتظار جويا!

سرڪار جيل ۾ خود ڏيندي دوا ۽ کاڌو،

رهندو ”رشيد“ اُن ۾ خوش بيشمار جويا!

 

{


 

باغبان ڏسجي نٿو

 

(1)

ڇو ڀلا هن باغ ۾ اڄ باغبان ڏسجي نه ٿو،

بلبلين توڙي گلن جو رازدان ڏسجي نه ٿو.

اڄ اُنهيءَ عظمت سندو نام و نشان ڏسجي نه ٿو،

قافلو موجود مِير ڪاروان ڏسجي نه ٿو،

گلستان ساڳيو، بهارِ جاودان ڏسجي نه ٿو،

ڄڻ زمين آهي ۽ اُن تي آسمان ڏسجي نه ٿو.

(2)

هاءِ سنڌيءَ جي سَند ڪنهن کي سڏن سنڌي اديب،

موت جي منهن ۾ اچي، ڪنهن وٽ پٽن پنهنجو نصيب،

هر طرف کان دُشمني ۽ هر طرف رهزن رقيب،

سنڌ جي علم و ادب جو اڄ ڪٿان ڳوليون نقيب،

اڄ اُهو سنڌيءَ جو جهونو ڪاروان ڏسجي نه ٿو،

نڪته چين آهن گهڻا پر نڪته دان ڏسجي نه ٿو.

(3)

اڄ ڪٿي آهي اُهو ٽلٽيءَ جو نازڪ نونهال،

جو ڄميو ويهين صديءَ کان اڳ فقط ڪي چار سال،

سنڌ جو دائود پوٽن لاءِ هڪ زنده مثال،

لاڙڪاڻي توڙي نوشهري جو فخرِ لازوال،

اڄ اُهو علم و ادب جو پاسبان ڏسجي نه ٿو،

سنڌ جي هن مدرسي جو ميهمان ڏسجي نه ٿو.

(4)

دل جو شاهنشاهه هو توڙي وٽس غربت هئي،

بي سهارو، بي وسيلو هو نڪا دولت هئي،

علم جو طالب هو پر ، اِفلاس جي حالت هئي،

بس فقط هن شخص وٽ غيرت هئي همت هئي،

اڄ اُهو خوددار هِن جَڳَ ۾ جوان ڏسجي نه ٿو،

بزم ڏسجي ٿو مگر روح روان ڏسجي نه ٿو.

(5)

سنڌ جي تعليم کاتي جو ڪٿي اڄ حڪمران،

شاعرن ۽ علم وارن جو ڪٿي اڄ قدردان،

اڄ ڪٿي آهي غريبن بيڪسن جو مهربان،

آ ڪٿي عادل عمر ۽ عدل ۾ نوشيروان،

هاءِ اڄ فخرِ وطن، فخرِ زمان ڏسجي نه ٿو،

بي زبان آهيون، اسان جو هم زبان ڏسجي نه ٿو.

(6)

جي ترقي کي تنزل ۾ ٿا بدلائڻ گهرن،

سي ڪٿي سنڌي اديبن کي ٿا ورسائڻ گهرن،

جيڪي هڪ مخصوص ٽولي سان ٿا گڏ کائڻ گهرن،

سي اسان جهڙن کي جيئري ئي ٿا دفنائڻ گهرن،

هاءِ ”لاشاريءَ“ تي اڄ ڪو مهربان ڏسجي نه ٿو،

ڊاڪٽر دائود پوٽو پڻ ڪٿان ڏسجي نه ٿو.

 

{

ڀٽ ڌڻي کي پُڪار

 

ڀٽ ڌڻي اڄ تنهنجي ڀٽ تي تو سندي ٻولي ڪٿي،

جڳ سڄو آهي مڙيو، پر تو سندي ٽولي ڪٿي،

ڪيتريون گوليون بڻيون گوندر گڏيل گولي ڪٿي،

ويس وحدت جو ڪٿي ۽ چاه جي چولي ڪٿي؟

هيج وارن جي هِنين ۾ آهه حيراني لطيف!

آهين ڇو آرام ۾ اي لال لاثاني لطيف!

اي ڀٽائي گهوٽ اڄ تنهنجون اُهي باتيون ڪٿي،

جن ڪٺو ٿي قلب کي سي قرب جون ڪاتيون ڪٿي،

ذات کي ڪا ڏات ناهي پر اُهي ذاتيون ڪٿي،

سي لطيفي لطف سان لاڏن ڀريل لاتيون ڪٿي؟

حظ وٺي بيتن منجهان سڀڪو ٿو اڄ وه واه جو،

ڪير سمجهي ٿو مگر اصلي رسالو شاهه جو.

ڇو نه ٿو حصو ملي اڄ تنهنجي ڪامل گنج مان،

ڇوٽڪارو ڇو نه ٿو دل کي ڏيارين رنج مان،

تون ئي ڪامل ڀٽ ڌڻي پنجاه توڙي پنج مان،

ڪانگ پيدا ڪين ٿيندو آهي هرگز هنج مان،

هيڪڙائيءَ جو تو پاتو تاج سلطاني لطيف،

دُور ڪر دل مان دوئي جي سڀ پريشاني لطيف.

آههِ سُهڻي سِير ۾، ڪيئن تار مان تڪڙو تري،

ڪر مدد ميهار بنجي، ڪُن ٿو اڄ ڪڙڪا ڪري،

آههِ واگهن وات ڦاڙيو وير ٿي وهلو وري،

دم گهڻو درياه ۾، ساهڙ بنان ڪيئَن ٿي سَري،

مئي متي مهراڻ ۾ اڄ، پاڻ ٿي ماهر تون،

ٻاجهه ٻانهن تي ڪري، ٻيڙو ٻُڏل اڄ تار تون.

سڏ ٻُڌي سسئي سندا پياري پنهونءَ جا پار ڏس،

ڏاڍ جا ڏونگر ڏري ڪا لُطف جي للڪار ڏس،

هن بُري ڀنڀور ۾ آريءَ سندا آچار ڏس،

پَٻُ، ڪَرُ ۽ کيرٿر، هاڙهو، وندر وڻڪار ڏس،

مام موڳن کي اُها سمجهاءِ، جا توکي وڻي،

ڪيچ ڏي ڪاهي هلون، جاڙو جبل ڀل جَک هڻي.

مارئي جي ملڪ جي مارن کي موچارو تون ڪر،

وس ۽ وسڪاري سان واهوندن سندو وارو تون ڪر،

پرت پنهنجي ساڻ پنهوارن کي اڄ پيارو تون ڪر،

عاجزن جا پنهنجي اُلفت سان وري آتڻ اُجار،

سيگهه مان سائين ڪري شل سنڌ سهڻيءَ تي سُڪار.

راڄ راڻن جو ويو ڇو ڪاڪ اڄ ڪاري ڏسون،

ڪر ڀلائي ڀٽ ڌڻي، ڪا مهل موچاري ڏسون،

مونجهه مومل جي مِٽي هر دل ۾ دلداري ڏسون،

ان ٿئي ارزان حقيقي حال ۾ هاري ڏسون،

مينڌرو مومل وري پنهنجي ئي ماڳن ۾ هجن،

قهر ۽ قسمت جا ماريل زور ڀاڳن ۾ هجن.

قرب ڪينجهر مان لڏيو، نازن ڀري نُوري ڪٿي،

تڙ تماچي ڄام جي تي مشڪ کستوري ڪٿي،

راءِ جو ڪٿ راضپو ۽ مهر منظوري ڪٿي،

مير بحرن جي ٿئي ٿي آس اڄ پوري ڪٿي،

شل اُتر جي واءُ سان مقصد هي پورو ٿي پوي،

تنهنجي ئي آواز سان ڪينجهر هندورو ٿي پوي.

هرکجي هڪ هار تي ليلا وري ڇو ٿي لُڇي،

ڪير آهي جو چنيسر ڄام جي آڏو ڪُڇي،

حال هيڻي ۾ نٿو ليلا کي ڪو ليکي پُڇي،

شل نه ڪو هن باغ ۾ ٻوٽو محبت جو مُڇي،

پاڻ لاهي ٿو سگهين ليلا سندو آزار تون،

پاڻ بنجي پوءِ ڀٽائي داسڙو دلدار تون.

ڪڍ ڪلاچي ڪُن منجهان تون مورڙي جي مام کي،

مار مانگر مڇ ملي آرام تنهنجي عام کي،

دُور ڪر هر دل وٽان دلبر دوئيءَ جي دام کي،

اي سچا ساقي تون جاري رک سخا جي جام کي،

گهيڙ ۾ گهاتو گهڙن، حاصل ڪنارو ٿي وڃي،

نينهن تنهنجي جو نوازيل ناميارو ٿي وڃي.

سونهن سورٺ جي وري تنهنجي سخاوت ٿي گهري،

راءِ ڇا هر قوم تنهنجي مهر و شفقت ٿي گهري،

هر تمنا هر تقاضا تنهنجي طاقت ٿي گهري،

عام جي لڄ توتي آهي لال لاکيڻا لطيف،

ڪر ٻڏيءَ جا مثلِ سهڻي ٻاجهه مان ٻيڻا لطيف.

تنهنجي در تي اڄ سوالي آههِ ”لاشاري ”رشيد“،

تو وٽان حاصل ڪرڻ چاهي ٿو دلداري ”رشيد“،

۽ سکڻ چاهي ٿو ٻولي تنهنجي ٻاجهاري ”رشيد“،

تنهنجي دُنيا ۾ تڳي ٿو تنهنجي ئي تاري ”رشيد“،

زندگيءَ ۾ لطيف هي مون تي ٿئي الله جو،

سڪ وچان سمجهي وڃان سارو رسالو شاه جو.

 

{

 

ڀٽائي رحه جو گنج

 

ناهه هي فرياد ڪنهن شاعر يا نغمه سنج جي،

ناهه دل جي دانهن يا روداد ڪنهن جي رنج جي،

ناهه ڪا پئنچات ڪرڻي مون کي شش يا پنج جي،

صاف گفتو آهه، ناهي راند ڪا شطرنج جي،

آهه ڪانگن جي مٿان فرياد هڪڙي هنج جي،

صاف لفظن ۾، ”ڀٽائي گهوٽ واري گنج جي“.

هي تعارف آهه منهنجو، اي عزيزانِ ڪرام!

مان ئي سڏجان ٿو ڀٽائي گهوٽ جو ڪامل ڪلام،

مون ڏٺو پنهنجي اکين سان، شاه جو نرمل نظام،

منهنجو هر نسخي مٿان، آهي مسلم احترام،

مان ”تمر“ جي تات آهيان ۽ ڀٽائيءَ جي رهاڻ،

مان ئي آهيان گنج، اسماعيل کاهوڙيءَ جي کاڻ.

مون کي خود حضرت ڀٽائيءَ جي ڀلارن گڏ ڪيو،

”مائي نعمت“ جي نوازيل پاڪ پيارن گڏ ڪيو،

شاه جي ڪامل ۽ اڪمل، قرب وارن گڏ ڪيو،

سچ پڇو علم و ادب جي تاجدارن گڏ ڪيو،

ڪو ڇپيل نسخو اگر مون سان ڪڏهن ڀيٽيو نه ويو،

منهنجو اصلي شان ان هوندي ڪڏهن ميٽيو نه ويو.

”ٽرمپ صاحب“ پهرين ڇاپي نسخي جو اڳواڻ آهه،

جنهن ڀٽائيءَ جي ڪرائي جڳ سڄي سان ڄاڻ آهه،

پر نه ڪجهه سمجهيو اُنهي، جنهن جي اڃا ڇڪتاڻ آهه،

”شاه“ جو اُن نسخي ۾، ظاهر نه ڪو اهڃاڻ آهه،

هر جڳهه پڙهڻيون غلط، بلڪل غلط مفهوم آهه،

مارئيءَ جهڙو نمايان سر صفا معدوم آهه.

بعد ۾ بمبئيءَ جو نسخو ساک ڪيئن پنهنجي ڀري؟

گنج سان ڀيٽيل نه جيڪو، اصل کان آهي پري،

هر جڳهه بدليل تلفظ، اصل ٿو مٽ سٽ ڪري،

ڀل نه ان نسخي بنا، تعليم کاتي جي سري،

پر ڏنو هرگز نه ڪم، ان شاه جي پيغام جو،

راس آيو ڪين ان کي شوق شوقيرام جو.

گرچه منهنجو خاص محرم راز هو مرزا قليچ،

سوز سانگيءَ جو سچو آواز هو مرزا قليچ،

شاه جو شارح، سخن پرداخ هو مرزا قليچ،

الغرض هر ڳالهه ۾ ممتاز هو مرزا قليچ،

ڪيترا نسخا مليا ان مرد بذله سنج کي،

پر نه هن ڀيرو ڪري، ڀيٽي ڏٺو مون گنج کي.

گرچه آهي هاڪ وارو، ”گر جو بخشيل“ هوتچند،

جنهن سندو جوڙيل رسالو آهي سڀڪنهن کي پسند،

مستند جنهن جي لغت ۽ منفرد هر راه رند،

باوجود ان جي، نه ڪوشش آهي ان جي سودمند،

آهه ناقص ان جو نسخو، شاه جي ابيات ۾،

ناهه هو اونهو ويو هن عشق جي آيات ۾.

شوق شهواڻيءَ جو ڪيئن بنجي ها جڳ ۾ ڪامياب،

جنهن ڏٺو کولي نه هرگز گنج جو هڪڙو ڪو باب،

هن فقط تقليد ۾ کاڌا هزارين پيچ و تاب،

تنهنڪري محنت نه ٿي، دنيا ۾ ان جي برصواب،

مستند نسخي وٽان محروم ٿي ويندو رهيو،

ڏک ڏسي، صدما سهي، مظلوم ٿي ويندو رهيو.

”قاسمي صاحب“ به محنت مان گهٽايو ڪين آهه،

وقت کي بيڪار ڪوشش ۾ وڃايو ڪين آهه،

پر اٿم افسوس، ان مون سان رهايو ڪين آهه،

غير جي تقليد کان پاسو ڪرايو ڪين آهه،

جنهن پرو ناهي پڇايو گنج واري راه جو،

مستند جوڙي اهو ڪيئن ٿو ”رسالو شاه جو؟“

اِئين ته آهي ڏيپلائيءَ جو به نسخو آشڪار،

جنهن ۾ ڏسجن ٿا ڪتابن جا هزارين اشتهار،

ناهه ڪا لفظن جي صحت، بيت آهن بيشمار،

آهه ان هوندي ڀٽائي گهوٽ جو هڪ يادگار،

ڇا اهو ئي قدر آهي شاه جي پيغام جو؟

طالبو محنت جي بدران آهه سڀڪو نام جو.

آڏواڻيءَ جا به ڀارت ۾ ڀلايون ڀال ڏس،

شاه جي نسخي سموهڻ جا نوان سرتال ڏس،

پنهنجي پڙهڻي، پنهنجي معنيٰ، پنهنجا ئي اقوال ڏس،

گنج کان بي بهره جيڪي، تن جا هي افعال ڏس،

شاه جي مفهوم ڪيئن ايندو انهن کي ڄاڻ ۾،

ڇا خبر ڪلياڻ جي ڪلياڻ کي ڪلياڻ ۾؟

 

صد مبارڪ توکي اي علامه قاضي. آءِ – آءِ!

پنهنجي نسخي سان تو بيشڪ، سنڌ جي عزت وڌاءِ،

شاه جو پيغام ڀل مشرق کان مغرب ۾ رساءِ،

پر پڇان ٿو ڳالهه هڪڙي مون کي بلڪل سچ ٻڌاءِ،

تنهنجي محنت جو ته اڄ شهرو وڃي پهتو پري،

گنج کي ڀيٽيو به تو ڀٽ شاه تي ڀيرو ڪري؟

عدل جي ڪرسيءَ تي ويهي، منهنجي قيل و قال ٻڌ،

گنج کي جن آهه ڀيٽيو، تن سندو احوال ٻڌ،

تن جي محنت کي وڃائڻ جا نوان سر تال ٻڌ،

قوم هي بيقدر آهي، ان سندا افعال ٻڌ،

گنج جنهن هٿ ۾ کنيو، سو علم جو اڪمل اديب،

آهه تنهن کي ڀٽ ڌڻيءَ جي خاص پيراندي نصيب.

سوئي: سنڌي علم جو اعليٰ علمبردار هو،

”ڊاڪٽر دائود پوٽه“ نام سان نروار هو،

سوئي گربخشاڻي جي نسخي ۾ حصه دار هو،

عالمن جو شمس هو، هر علم ۾ اظهار هو،

ان سندو نسخو ئي آهي گنج جو نعم البدل،

ظلم آهي شاه سان، ان جي اشاعت ۾ خلل.

پنهنجي هن ”سنڌي ادب جي بورڊ“ کي سمجهاءِ تون،

”گنج جي ناظر“ جي محنت ڏانهن ڪجهه واجهاءِ تون،

ڀٽ ڌڻيءَ جي شائقن کي ڪين هيئن تڙپاءِ تون،

پنهنجي نسخي وانگي هي نسخو سگهو ڇاپاءِ تون،

هر جڳهه جيئن ”وه وا علامه قاضي“ ٿي وڃي،

”گنج جي ناظر“ جو تو مان روح راضي ٿي وڃي.

اهڙي نسخي جي لکڻ جي آهه ڪنهن کي ڇا مجال!

ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ئي هي آهي ڪمال،

جنهن انهيءَ تحقيق ۾ پور ڪيا ڪل ويهه سال،

ڪو به نسخو هن کان رهجي ويو جي، سو پڻ محال،

بس، سندس نسخو سڀن نسخن ۾ آهي مستند،

ان سندي تحقيق آهي خود ڀٽائيءَ جي سند.

”آهه نسخو نا مڪمل“ بورڊ ٿو تهمت ڌري،

سچ پڇو نسخو مڪمل آهه هر ظاهر ذري،

”قاسمي صاحب“ ته خالي نقل ٿو ان کي ڪري،

ان جي هوندي ڇو اشاعت ۾ انهيءَ جي دير آهه؟

ڇا اهو انصاف آهي، يا صفا انڌير آهه؟

.گنج“ تو هي واسطو توکي وجهي الله جو،

”بورڊ“ کان ڇاپاءِ جلدي هي ”رسالو شاه جو“،

جئن ٿئي دنيا ۾ قدر ان مرد حق آگاه جو،

۽ لڳي تولاءِ نعرو هر جڳهه ”وه واه“ جو،

جي اڃا چاهين مٽائڻ شائقن جي رنج کي،

”بورڊ“ کان ڇاپاءِ اصلي شڪل ۾ تون ”گنج“ کي.

 

{

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org