سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :40

 (155)

جوڌو جنگ ڪري، پُٺتي ڪين وَري،

وڃي پير ڀري، هَٽي ڪين پَري.

توکي روز شهادت ساري ٿي،

توکي جنّت ڪين وِساري ٿي،

توکي پيار ڪري ٿي، پُڪاري ٿي،

توکان دُشمن جو ٿو ڏيل ڏري،

جوڌو جنگ ڪري ……

تو مردود ڪُٺو، اُن کان ڀاڳ رُٺو،

جنهن جي سِر تي قضا جو مِينهن وُٺو،

دوزخ داخل ٿيو، مُوذي آههِ مُٺو،

ڀَل مردود مَري، منهنجو منڙو ٺري،

جوڌو جنگ ڪري ……

پنهنجو مُلڪ ته پاڪستان پرين،

جنهن جو شان پرين، جنهن جو مان پرين،

پنهنجو دين پِرين، ايمان پرين،

حق جي باه ٻَري، شيطان ڳري،

جوڌو جنگ ڪري ……

اُٿي حملو ڪر شمشير وٺي،

رَب کان جنّت جي جاگير وَٺي،

اَچ قرب منجهان ڪشمير وٺي،

گِهڙ گهوٽ گهري، لڳان توسان ڳري،

جوڌو جنگ ڪري ……

(156)

ڄاڻ مليو ڪشمير،

جنگ اِجها ٿي کٽجي،

دوست! نه ٿي دلگير،

دُشمن ٿو وري ڦٽجي.

هَل تون غازي، نيڪ نمازي،

سِر جي بازي، کيڏ تون تازي،

هٿ ۾ کڻي شمشير،

دشمن جو ڪَنڌ ڪٽجي.

الا! جنگ اِجها ٿي کٽجي.

راز اِلاهي غازي ڄاڻي،

پائي شهادت، جنت ماڻي،

ڇو نه هڻي تڪبير،

سُوريءَ تي سِر سَٽجي،

الا! جنگ اِجها ٿي کٽجي.

ديس اَسان جو هڪ لاثاني،

پاڻ اسين سڀ پاڪستاني،

دل مان وطن جي اُڪير،

ڪنهن به گهڙي نٿي گهٽجي،

الا! جنگ اِجها ٿي کٽجي.

سِنڌي، بلوچ، پٺاڻ پَوندا،

توڻي پنجابي، بنگالي بَندا،

پاڻ ۾ سَڀ کنڊ کير،

ديس کان ڪيئَن مُنهن مَٽجي؟

الا! جنگ اِجها ٿي کٽجي.

(157)

فلڪ مان اچي ٿي، صدا صبح و شام،

وطن جا مُجاهد! هزارين سَلام.

تون آهين وطن پاڪ جو شان مان،

سچو سَرفروش ۽ بهادر جوان،

ڪري دل ٿي توکي دعائون مدام.

وطن جا مُجاهد! هزارين سَلام.

تون تاريخِ اِسلام جو هڪ وَرَق،

تون خندق ۽ خيبر جو سُهڻو سبق،

تو مشڪلڪشا کان لَڌو فيضِ عام.

وطن جا مُجاهد! هزارين سلام.

تون اَمن ۽ اُخّوت سَندو تاجدار،

تون اِسلام جي عظمتن تان نثار،

خدا کان سوا تون نه ڪنهنجو غلام،

وطن جا مجاهد! هزارين سَلام.

مِٽايو تو دُشمن جو سارو غرور،

وطن پاڪ مان تو ڀڄايو فِتور،

تون آهين نبي پاڪ وٽ نيڪنام،

وطن جا مُجاهد! هزارين سَلام.

(158)

ڀل ڪنهن جي نه ڪا اِمداد هجي،

نٿا پاڪ مجاهد ڪنهن کان ڊڄن

بس، دل ۾ خدا جي ياد هجي،

نٿا پاڪ مجاهد ڪنهن کان ڊڄن.

ڀَل پنهنجو مخالف جڳ ڏسجي،

صُلح جو ڪو به نه دڳ ڏسجي،

وڌ دُشمن جو تعداد هجي،

نٿا پاڪ مجاهد ڪنهن کان ڊڄن.

ڀَل قتل هزارين مَرد ٿين،

آمد جا وسيلا سَرد ٿين،

ڀَل مال ۽ ڌن برباد ٿين،

نٿا پاڪ مجاهد ڪنهن کان ڊڄن.

لک دُشمن ڀَل نِروار ٿين،

ڀَل رَت جون نَديون ٽمٽار ٿين،

شل پاڪ وطن آباد هجي،

نٿا پاڪ مجاهد ڪنهن کان ڊڄن.

جيڪي دل ۾ رکن ٿا ٻيائيءَ کي،

ڪبو ٽڪرا تن جي خدائيءَ کي،

نمرود هجي شدّاد هجي،

نٿا پاڪ مجاهد ڪنهن کان ڊڄن.

(159)

اِهو جوش رهي ڀل جاري، اَلا!

ٿيندي نيٺ سَچن جي ساري، اَلا!

پاڪ وطن جا پاڪ مجاهد،

گهوٽ نه وجهندا گهاري، اَلا!

ٿيندي نيٺ سَچن جي ساري، اَلا!

دُشمن پوندا پيش ۽ چوندا:

توبهه توبهه زاري، اَلا!

ٿيندي نيٺ سَچن جي ساري، اَلا!

پاڻ کي پياري پاڪ وطن جي،

لعلن کان وڌ واري، اَلا!

ٿيندي نيٺ سَچن جي ساري، اَلا!

آههِ شهادت ڪم نه ڪچن جو،

بار کڻن ٿا باري اَلا!

ٿيندي نيٺ سَچن جي ساري، اَلا!


 

(160)

اڄ ٿو ديس پُڪاري،

آهي ڪير مجاهد؟

غيرت ٿي للڪاري،

آهي ڪير مجاهد؟

مُسلم قوم جي عزّت،

حق جي دين جي غيرت

اڄ ٿي ياد ڏياري،

آهي ڪير مجاهد؟

پنهنجي پاڪ وطن لئي،

وحدت واري چمن لئي،

پنهنجو خون ڪو هاري،

آهي ڪير مجاهد؟

جو ڪشمير ڦٻائي،

ويٺو ڍونگ رَچائي،

تنهن مردود کي ماري،

آهي ڪير مجاهد؟

سمجهي موت، حياتي،

ڏاري ڏاڍ جي ڇاتي

ٻيڙو دين جو تاري،

آهي ڪير مجاهد؟

نعرو حق جو لڳائي،

دُشمن کي جو ڀَڄائي،

آفت مُلڪ تان ٽاري،

آهي ڪير مجاهد؟

(161)

پُٺتي نه هَٽندو پاڪ وطن،

ڀل گذرن سال هزار، اَلا!

ديس جي عظمت جاري رهندي،

هرجا سوڀ ۽ ساري رهندي.

ڪر دشمن! ڀَل للڪار، اَلا!

ڏِسندا جَذبن ۾ جولاني،

اڳرا هوندا پاڪستاني،

حَق ٿي رهندو اظِهار، اَلا!

دُشمن ڪر لک سازش جاري،

ٺڪ ٺِڪ ڪر سوناري واري،

ڌڪ هڻندو هِڪ لوهار، اَلا!

ڀل گذرن سال هزار، اَلا!

(162)

ديس تان قربان ٿينداسين اَسين،

مُلڪ پنهنجو ڪين ڏينداسين اسين.

دُشمنن جون ڪُوڙ تي خالي کڳيون،

هر قدم تي سازشون، ڪوڙيون ٺڳيون،

ڌوڙ ۾ آخر گڏينداسين اسين.

جنگ کان غازي نڪي ٽرندو ڪڏهن،

شينهن بُک مرندو، نه ڊڀ چَرندو ڪڏهن،

پنهنجي غيرت ساڻ نينداسين اسين.

مؤمنن سان جي وڙهيا ڪافر پليد،

سڀ وطن پنهنجي تان ٿينداسين شهيد،

جام پڻ جنت جو پينداسين اَسين.

پاڻ کي سُڌ آههِ حق جي راه جي،

زندگي آهي اُنهيءَ الله جي،

حق تي مرنداسين ۽ جينداسين اَسين.

(163)

تــــــــــــــــــــــــــــو تان گهــــــــــــــــــــــــور وڃان،

پيـــــــــــــــــــــــــــارا پاڪ وطــــــــــــــــــــــــــــــــــــن!

پيـــــــــــــــــــــــــــــــــــــارا پاڪ وطــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــن!

تنهنــــــــــــــــــــــــــــجا ڳــــــــــــــــــــــــــوٺ وَسن.

پاڪ وطن جا پاڪ سپاهي،

سوڀ اُنهن جي رازِ الاهي،

جوڌا جنگ کٽن، دَر دَر دُهل وڄن،

توتان گهور وڃان ……

مُلڪ سان جيڪي ڪن بدخواهي،

ڄاڻ جو آئي تن جي تباهي،

مُوذي شال مَرن، ڏوٿي ڏک نه ڏسن

توتان گهور وڃان ……

آخر ٿيندي جيت اَسان جي،

حَق جي حفاظت، ريت اسان جي.

نعرا حق جا لڳن، مارُو ماڳ اچن،

توتان گهور وڃان ……

(164)

پاڪ وطن پيارو، جنهن جو ناههِ ڪو ثاني.

پاڪ وطن جي شان تي، غازي ڇو نه ڪُڏي، لا!

جَهنڊو سائو سونهن ۾، عرشن تي ٿو لُڏي، لا!

چنڊ سان گڏ تارو، جنهن ۾ چمڪي جاني.

غازي ڪيو اِسلام تان، سِر ۽ ساه نثار، لا!

پَل ۾ وطن ۽ قوم جو ٻيڙو ڪيائين پار، لا!

گهوٽ وِڌو گهارو، جهَلي دُشمن ڪافي.

فوجون پنهنجي ديس جون، آهن سڀ کان زور، لا!

جن جو غير جي مُلڪ ۾، ٻُڌجي ٿو شاهي شور، لا!

ڳل ۾ وجهي ڳارو، بڻيو دُشمن ڏاني،

(165)

جوش رهي ٿو جاري ڙي جاري،

پاڪ وطن تان ساه به صدقي.

پاڪ وطن تان مال لُٽايون،

خون وَهايون، پاڻ مَلهايون،

بار سُجهي ڀل باري ڙي باري،

پاڪ وطن تان ساه به صدقي.

دُشمن پنهنجي سَٽ نه جهَليندو،

ڏيهن کي ڏَس پاڻهئي ڏيندو.

بازي اِجها اُن هاري ڙي هاري،

پاڪ وطن تان ساه به صدقي.

دُشمن وِهندو پاڻ لَڄائي،

ڀَڄندو اِيئَن جهَٽ ريڙهيون پائي،

مَنڊي اڳيان ڄڻ واري ڙي واري

پاڪ وطن تان ساه به صدقي.

ظلم جو چَٽ پنجوڙ ٿي ويندو،

ڪُوڙ اُمالڪ ڌوڙ ٿي ويندو،

آههِ سَچن جي ساري ڙي ساري.

پاڪ وطن تان ساه به صدقي.

(166)

دُشمن! هوش سنڀال،

وايون ڪر نه بَتال!

تنهنجي دل ۾ بغض بُرايون،

پنهنجا پاڪ خيال،

دُشمن! هوش سنڀال.

هر هڪ غازي، پنهنجو رانجهو،

وِک وِک جهنگ سيال،

دُشمن! هوش سنڀال.

هڪ طوفان جوابي حملو،

پنهنجو عَجب مِثال،

دُشمن! هوش سنڀال.

پاڪ وطن جا پاڪ مجاهد،

تنهنجي ٿا سمجهن چال،

دُشمن! هوش سنڀال.

جنگ کٽي تو ڪڏهن اسان کان؟

تو کان هڪڙو سوال،

دُشمن! هوش سنڀال.

(167)

خزان اِيندي نه هن قومي چمن ۾،

سَوين دودا ڏسون ٿا اَڄ وطن ۾.

مجاهد مَرد اڄ گيدي نه ٿيندا،

صداقت جي مٿان سِر ساه ڏيندا،

لِڪل آهي سچائي ڪک ۽ پَن ۾،

اسان جي دل ۾ هرگز ناههِ ڪِينو،

اَسين سَچ تي اَسان جو صاف سِينو،

هجي بيشڪ مَدي دُشمن جي مَن ۾.

اَسان ۾ آههِ جذبو مصطفائي،

اسان کان ڪين ٿيندي اڳرائي،

اَسين آهيون يگانا پنهنجي فن ۾.

(168)

ڪري شادي، وئي بيمار ٿيندي،

ڄڻيندي ويئي ڍنگهرن تي سَٽيندي.

ڏهن سالن ۾ ٻارهن ٻار ڄاوا،

سڄو هڪڙو نه، سڀ لولا ۽ لاوا،

سُڃائي پڻ وين پاڙون پٽيندي،

ڄڻيندي ويئي ڍنگهرن تي سَٽيندي.

ڪُراڙي ماءُ، پيءُ آهي ڪراڙو،

نٿو ڀرجي اڃا ٻارن جو واڙو،

تباهيءَ جي وڃي ٿي کڏ کٽيندي،

ڄڻيندي ويئي ڍنگهرن تي سَٽيندي.

اِنهيءَ حالت ۾ تيرهين ڌيءَ ڄائي،

جڏهن گهر ۾ نه هو پيسو ۽ پائي،

مُئي مادر، وئي آهون ڀَريندي،

ڄڻيندي ويئي ڍنگهرن تي سَٽيندي.

ڪُراڙو پيءُ ڪِٿان آڪهه سنڀالي؟

نئين نينگر کي ڪهڙي ماءُ پالي؟

گهڻي اولاد ايئَن ڏک آهي ڏيندي

ڄڻيندي ويئي ڍنگهرن تي سَٽيندي.

(129)

ٻارن جي ڌڻ دولت لُٽي،

ماءُ جي ڄاڻ حياتي کُٽي!

اِرچڪ مِرچڪ، ڌامان، ڌرچڪ،

آڳ پٽيهر، نانگڻ جوڳڻ،

کاران کُٽي، ٻُٽي، ڇُٽي،

ماءُ جي ڄاڻ حياتي کُٽي!

اربع، خميس، جمعو جاني،

ڇنڇر، آچر تي حيراني،

سُومر سُور، اڱارو ڇُٽي،

ماءُ جي ڄاڻ حياتي کُٽي!

ٻارن جو هڪ آههِ اَٽالو،

اَٽي ۽ ڪپڙي جو ڏيوالو،

ننڍڙي ڌيءَ گهري ٿي ڪُٽي،

ماءُ جي ڄاڻ حياتي کُٽي!

گهر ۾ سکڻو ساڳ پچي ٿو،

ڪُڪڙيون ڏِسندي ڏيل ڏڪي ٿو،

آني مان ڪو اچي نه ڦٽي،

ماءُ جي ڄاڻ حياتي کُٽي!

ڏِنيون اِجهو سرڪار دوائون،

ٻيڙو ڪن ٿيون پار دوائون،

بَچي مرڻ کان ٻَڪري ٻُٽي،

ماءُ جي ڄاڻ حياتي کُٽي!

(170)

دُشمن تي وجهه مار، لا!

مرد مجاهد مير تون!

جوشِ جهاد جا خيما کوڙي،

دُشمن جو اَچ ٻيڙو ٻوري،

قوم جي ڪشتي تار، لا!

مرد مجاهد مير تون!

دُشمن کي ڏي دارون دڳ ۾،

پاڻ کي ثابت ڪر تون جڳ ۾،

حيدر جي تلوار، لا!

مرد مجاهد مير تون!

دُشمن تي وِجهه مانجهي، مارا،

ڪاري رات منجهان اڄ پيارا!

ڏينهن ڪري ڏيکار، لا!

مرد مجاهد مير تون!

غازيءَ تي رَب پاڪ جو سايو،

وقت جهاد جو موٽي آيو،

ٻيهر باهيون ٻار، لا!

مرد مجاهد مير تون!

دُشمن تي ڪر وار تون بيشڪ،

دل ۾ پنهنجي ڌار تون بيشڪ،

پاڪ وطن سان پيار، لا!

مرد مجاهد مير تون!

(171)

مُلـــــــــــــــــــــــــــــــــــــڪن ۾ مشـــــــــــــــــــــــــــــــــــهور،

پيـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــارا پاڪستـــــــــــــــــــــاني

رب جي اڳيان مـــــــــــــــــــــــــــــــــــنظور،

جنـــــــــــــــــــــــــــــگي جـــــــــــــــــــــــــــــوڌا جـــــــــــــــــــــــــــاني.

پنهنجي وطن تان ساه به وارن،

هڪڙي هَڪل سان ڏونگر ڏارن،

جَــــــــــــــــــــــــــذبن ســـــــــــــــــــــان ڀرپور،

ڏيهه اُنهن جو آهي ڏاني.

حاصل آههِ حَبيب اُنهن کي،

منزل آههِ قريب اُنهن کي،

دل کان نه آهي دُور،

شوق شهادت جو لافاني.

هٿ ۾ کڻن ٿا قرب جي ڪاتي،

موت کي سمجهن ٿا جي حياتي،

گهوٽ ٿا ڪن هڪ گهور،

جنگ نه آهي راند زناني.

سنڌي، بلوچ، پٺاڻ، پنجابي،

ڪَٺا بنگالي ٿيا شتابي،

مُلڪ جا سڀ منصور،

ڇا ملتاني، ڇا مڪراني.

(172)

پنهنجي ديس کي رب آباد ڪري،

ڏِسي مُلڪ مِٺو، منهنجو مَنڙو ٺري.

منهنجي ملڪ جا ماڳ مڪان وَسن،

لاهور، سکر، ملتان وَسن،

جِتي جوڌا جُنگ جوان وَسن،

جن کان دُشمن جو نِت ڏيل ڏري.

ڪر ديس تان سِر قربان کڻي،

ڏيندو سوڀ سِگهو پَرور پاڪ ڌڻي،

ڪر هِڪڙي هَڪَل، حق جي هام هڻي،

ٻَڌ سَندرو، منزل ناههِ پَري.

رڳو پنهنجي وطن ۾ آباد ٿيون،

نَڪي غيرن کان ڪڏهن شاد ٿيون،

ڀَلي ڪُسجي وڃون، برباد ٿِيون،

سُهڻي ديس کان ڪيئَن ٿو ساه سَري؟

مَٿا دُشمن جا هَل ڦاريندو،

هَل مشڪل کي تون لتاڙيندو،

اِهو دُشمن ڪجهه نه بگاڙيندو،

جيڪو ڳڻتين ۾ ويٺو روز ڳري.

(173)

منهنجا مُحب مٺا، منٺار وطن!

مُنهنجي ساه جو تون سينگار وطن!

ڪهڙو پاڪ نظارو بخشين ٿو،

قُربن جو ڪِنارو بخشين ٿو،

ڏک سُک ۾ سَهارو بخشين ٿو،

دل ٺار وطن، دلدار وطن!

تنهنجي پيار سان ڏک غم لاهيان ٿو،

تنهنجي چاه منجهان ڪم ٺاهيان ٿو،

ڪنهن کي ايڏو نه هرگز چاهيان ٿو،

منهنجو تو سان ئي آهي پيار وطن!

تنهنجو عالم ۾ اظِهار ڏٺم،

تنهنجي عظمت جا آثار ڏٺم،

تنهنجي حُسن جو ئي هُٻڪار ڏٺم،

تون ئي سُونهن سندو سردار وطن!

تون ئي پاڪ وطن، توکي پاڪ چوان،

تنهنجي مُشڪ کان بهتر خاڪ چوان،

توکي دُشمن کان بي باڪ چوان،

تون ئي غازين جو غمخوار وطن!

(174)

پاڪ وطن تان آهِ،

منهنجو صدقي ساه پَساه،

صدقي ساه پَساه،

پلپل سَنجهه صباح.

حضرت حيدر شير بهادر،

دُشمن جا ڪَڍ لاه،

قوم سان هيڻي حال ۾ هردم،

هادي! ٿي همراه،

صدقي ساه پَساه.

پاڪ وطن جي عشق جي آقا!

ٻار دلين ۾ باه،

هِمت جراءت، جوش ڏياري،

ڳڻتين کي تون ڳاه،

صدقي ساه پَساه.

دُشمن! بيشڪ چال چَلي ڏِس،

ٺاه ٺڳيءَ جا ٺاه،

هڪڙي هَڪل سان غازي تنهنجي،

بَند ڪندا هرواه،

صدقي ساه پَساه.

مَرد مجاهد دل ۾ رکي ٿو،

پاڪ وطن سان چاه،

شوقِ شهادت جنهن جي فطرت،

ڪَلمو جنهن جي ڪاه،

صدقي ساه پَساه.

(175)

مِٺو ملڪ ته پاڪستان چوان،

جنهن جو جڳ ۾ شاهي شان چوان.

جُنگ جوان هَلن ٿا ڪاهي،

دُشمن جو سِر وِجهن ٿا لاهي،

بِگڙيءَ کي پڻ وجهن ٿا ٺاهي،

جَذبن جو جَولان چوان.

ڏِس مَرد مجاهد ماري ۾،

سِر صدقي ڪن ٿا اِشاري ۾،

وهَ نَرمل پاڪ نظاري ۾،

لاهور، سکر، ملتان چوان.

اي غازي! تنهنجو نام سَچو،

رَب توکي ڏِنو اِنعام سچو،

الله سَچو، اِسلام سَچو،

سَچو دين، سَچو اِيمان چوان.

ڀَل مرد مجاهد مان لهي،

جنهن سان ٿي وطن جي سُونهن ٺهي،

جو قوم جي خاطر زنده رَهي،

اُهو صاف سچو اِنسان چوان.


 

(176)

گهور وڃان سو وار وطن!

سوڀ کٽن شل تنهنجا غازي.

تو ۾ مرد مجاهد مانجهي،

تو ۾ آهن صبح ۽ سانجهي،

جَنت جا آثار وطن!

سوڀ کٽن شل تنهنجا غازي!

گهـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــور وڃـــــــــــــــــــــــــــــــــان ……

جيءَ ۾ جايون جوڙن جاني،

پيارا پيارا پاڪستاني.

تون ئي سَندن دِلدار وطن!

سوڀ کٽن شل تنهنجا غازي!

گهـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــور وڃـــــــــــــــــــــــــــــــــان ……

سائينءَ خوب سَجايو توکي

رنگ نئون نِت لايو توکي

پرور پاڪ بَنايو توکي

غازين جو گلزار وطن!

سوڀ کٽن شل تنهنجا غازي!

گهـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــور وڃـــــــــــــــــــــــــــــــــان ……

دوست سچو دل وارن جو تون،

پاڪ نبيءَ جي پيارن جو تون،

تون ئي سَچو سينگار وطن!

سوڀ کٽن شل تنهنجا غازي!

گهـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــور وڃـــــــــــــــــــــــــــــــــان ……

(177)

پيارا پاڪ وطن! توکي ساريان ٿي، اَلا!

تنهنجي سِڪ ۾ ڏينهن گذاريان ٿي، اَلا!

تون ئي پاڪ وطن لاثاني،

تنهنجي نانءُ تان صدقي جاني!

سِر ساه ڏيان قرباني،

ويهي ڪين وِساريان ٿي اَلا!

پيـــــــــــــــــــارا پــــــــــــاڪ وطــــــــــــــــــن ……

تو ڏي دشمن جيڪو نِهاري،

اُهو جيئَرو ڪين گذاري،

”علي حيدر“، دِل سان پُڪاري،

نعرن سان اُڀ ڏاريان ٿي، اَلا!

پيـــــــــــــــــــارا پــــــــــــاڪ وطــــــــــــــــــن ……

جڏهن دُشمن کيڏ ٿو کيلي،

سَچا سورهيه رَب ٿو ميلي،

سَچي غيرت جي اُن ويلي،

باهِ بدن ۾ ٻاريان ٿي، اَلا!

پيـــــــــــــــــــارا پــــــــــــاڪ وطــــــــــــــــــن ……

(178)

سِک ريت نمونو غازيءَ جو،

اِنهيءَ مؤمن پاڪ نمازيءَ جو.

اِهو شوق شهادت ماڻ سدا،

جِتي جنت جي سُرهاڻ سدا،

اُٿ، صدق منجهان تون ڄاڻ سدا،

اِهو رُتبو سَر افرازيءَ جو،

سِک ريت نمونو غازيءَ جو.

جِتي ڪافر ۽ مَردود ڏِسو،

اُتي اَبدالي، محمود ڏِسو،

جان باز لکين موجود ڏسو

لڳو رَونشو سِر جي بازيءَ جو

سِک ريت نمونو غازيءَ جو.

الله سميع و عليم آهي،

هَٿ اُن جي فتح عظيم آهي،

رَب پاڪ رحيم و ڪريم آهي،

اِظهار ڪري ڏِس آزيءَ جو،

سِک ريت نمونو غازيءَ جو.

(179)

دِل کي ديس ڏِني دِلداري،

جنهن تان صدقي وڃان سَو واري.

ڄاڻ حفاظت پاڪ وطن جي،

ڪعبــــــــــــــــــــــــــي جـــــــــــــــــــــــــــــــي اوســــــــــــــــــــــــــاري

دِل کي ديس ڏِني دِلداري.

غازين پنهنجا سِيس وڍائي،

قوم جي ٻيڙي تاري،

دِل کي ديس ڏِني دِلداري.

شوقِ شهادت ۾ غازين کي

جـــــــــــــــــــــــــــان نه آهي پـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــياري،

دِل کي ديس ڏِني دِلداري.

اِبن القاسم کي ڇا سُڃاڻن؟

ڏاهــــــــــــــــــــــــــــــــــــــر جـــــــــــــــــــــــــــــــا پوڄــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــاري،

دِل کي ديس ڏِني دِلداري.

مَرد مجاهد ڊوڙي اِيندا،

گهوٽ نه وِجهندا گهاري،

دِل کي ديس ڏِني دِلداري.

(180)

پيارا وطن سهڻا سدا،

ڪهڙو جيئَڻ توکان سوا؟

مؤمن، اِنهيءَ ۾ ڇا عجب؟

تنهنجو عَجَم، تنهنجو عَرب،

توکان نه آهي ٻي طَلب،

سِر ساه جي آهي صدا،

پيــــــــــــــــــــــــــــــــــــارا وطـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــن ……

ڪر هيج مان هڪلون وَري،

ڏونگر اِجهو پوندا ڏَري،

نعرو هَڻو سَڀ حيدري،

سوڀون سَچيون ڏيندو خدا،

پيــــــــــــــــــــــــــــــــــــارا وطـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــن ……

ايندا جڏهن ڪونڌر ڪَهي،

دُشمن سِگهو پوندا ڊَهي،

رَب جا مَلڪ اِيندا لَهي،

غازين پٺيان هَلندي هَوا،

پيــــــــــــــــــــــــــــــــــــارا وطـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــن ……

جيسين اوهين جڳ ۾ رَهو،

پنهنجي وطن خاطر جِيو،

مؤمن اُٿو، غازي ٿِيو،

گهر ۾ مرڻ ناهي رَوا،

پيــــــــــــــــــــــــــــــــــــارا وطـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــن ……

(181)

پياري وطن کي پَلپل پُڪاريان،

سانگين سَچن سان گڏجي گذاريان.

پيارا وطن! تو دِلڙي ڌتاري،

هردم هجي شل، تو ۾ بَهاري،

تو ۾ هجي شل، غازين جي ساري،

اکڙين سان جن جون واٽون ٻُهاريان.

پيارا وطن! جو وڏو شان آهي،

فِدا جنهن تي هر وقت مسلمان آهي،

نبي پاڪ تي جنهن جو اِيمان آهي،

هڪڙي هڪل سان ڏونگر به ڏاريان.

”حيدر“ جي دل ۾ اَٿم ياد تازي،

اُهي اُحد، خندق ۽ خيبر جا غازي،

اُهي مَرد مؤمن مجاهد نَمازي،

نمازين سان پنهنجي دِلڙي ڌُتاريان.

وڃان گهور تو تان وطن منهنجا پيارا!

وڻَن تنهنجا دل کي ٿا نَرمل نظارا،

کپن ساه منهنجي کي تنهنجا سَهارا،

هِڪ پَل نه توکي ويهي وساريان.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org