سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :49

 

 

دمنتيءَ جو وارشنيه سارٿيءَ هٿان پنهنجا ٻار

ودرڀ ڏانهن روانا ڪرڻ

”انهيءَ لاءِ دائيءَ کي ڪوٺي وري،

چيائين ته ”ماتا مِٺي مَن گهُري!

”سگهو وڃ ۽ فرمان نل جو ٻڌاءِ،

۽ اُن ۾ گهڻي هوشياري هلاءِ،

”وٺي سارٿي ”وارشنيه“ کي اَچ،

۽ اُن جي اڳيان ڪر تون اِظهار سچ،

”نه ڪر دير اِن ۾ سگهڙ ڪامياب،

اِهو ڪم وڏو ڄاڻ ۽ ڪر شتاب!

دمنتيءَ جي دائيءَ ٻڌو داستان،

نه آندائين دل ۾ ڪو وهم ۽ گمان،

”سڏايائين هڪ آدمي ديندار،

دمنتيءَ کي هو جنهن تي پڻ اعتبار،

”اُنهيءَ کي چيائين ته ”سورهيه سڄاڻ،

وٺي سارٿي وارشنيه کي آڻ!

”اتي وارشنيه به آيو شتاب،

دمنتيءَ چيو اُن کي ٿي بيحجاب-

”ته ”اي ڀاءُ! دنيا کي آهي خبر،

ته آهين تون راجا اڳيان معتبر،

”ڏسين ٿو ته اڄڪلهه هو آفت ۾ آهه،

وڏيءَ ڪشمڪش ۽ مصيبت ۾ آهه،

”مدد توکي اُن جي ڪرڻ ٿي ضرور،

مصيبت ۾ اُن کان ڪڏهن وڃ نه دور!

”ملي نل کي پشڪر وٽان جئن ٿي هار،

جؤا لاءِ تيئن ٿو ٿئي بيقرار،

”اچي اِئين ٿا پشڪر جا ڍارا پون،

۽ هر داءَ سان اِئين ٿا بيداد ڪن،

”جو نَل آهه ڄڻ وَس وهيڻو سندن

”پون اُن جا ڍارا ٿا اُبتا سَدا،

سدا اُن جي سر تي ڏسجي قضا!

نه سڄڻن جا پنهنجي سُڻي ٿو سُخن!

”۽ منهنجو به ٿو ڪين دانهون ٻڌي،

نه ٿو دل جا آلاپ آنهون ٻڌي!

”نه فرياد منهنجي جو ڪو داد آهه،

اُميدن جو گلزار برباد آهه!

”مگر منهنجو اِن هوندي ايمان آهه،

سچائيءَ تي سر ساه قربان آهه،

”ته نل جو اِنهيءَ ۾ نه آهي قصور،

ڪُڌائيءَ کان اُن جو ضمير آهه دور-

”اگر هُو نه مون سان ٿو پاري وچن،

۽ مستيءَ ۾ پنهنجي رهي ٿو مَگن،

”اِنهيءَ هوندي اُن جو گهران ٿي ڀلو،

۽ دل ۾ ٿو جاڳي سدا ولولو-

”ادا سارٿي، توکي سچ ٿي چوان،

۽ اُن لاءِ تنهنجي ٿي پيرين پوان!

”تون منهنجو وچن مَڃ، وفادار ٿي،

سگهو حال ههڙي ۾ غمخوار ٿي!

”سدائين ٿو مَن منهنجو موڙهيو رهي،

ڀلا صبر دل ڪيستائين سَهي!

”متان گهر وڃي پنهنجو مسمار ٿي

اِنهيءَ لاءِ تون جلد تيار ٿي،

”ڪڍي ڪُڙهه منجهان تيز گهوڙا تون آڻ،

۽ نل جا اُهي خاص پيارا تون ڄاڻ،

”اُهي اسپ تازي توانا تکا،

سندن دز کي پهچي نه سگهندي هوا،

”اُنهن کي تون گاڏيءَ ۾ جوڙي اِجهو،

”ڪنڊنپور“ ڏي ٿي وڃ روانو سگهو!

”وٺي ٻار منهنجا تون همراه وڃ،

اَباڻي وطن ڏي ڪري ڪاه وڃ!

”وڃي رشته دارن کي منهنجي ٻڌاءِ،

وٽن جان منهنجي جو جوڙو رهاءِ!

”اُنهيءَ بعد جيئن تنهنجي دل ۾ اچي،

ڪرڻ توکي اهڙي نموني کپي،

”جي چاهين، اُتي تون به ديرو دماءِ،

۽ منهنجن ٻچن جو مُحافظ سڏاءِ!

”جي سمجهين اُتي پاڻ کي بيقرار،

ڀلي وڃ ۽ ٻئي هنڌ خوش ٿي گذار-

”غرض تنهنجي مرضيءَ تي آهي ڇڏيل،

متان زور سمجهين ڪو ان ۾ گڏيل!

”ٻڌو سارٿيءَ هي دمنتيءَ وٽان،

وزيرن جي آڏو ڪيائين بيان،

”ٻڌايائين تن کي سڄي ماجرا،

دمنتيءَ جي دردن ڀري اِلتجا،

”اُنهن حڪم اهڙو ڪيو جهٽ قبول،

سچائيءَ جا ثابت ڪيائون اُصول.“

 

وارشنيه جو دمينتيءَ جا ٻار ڪنڊنپُر ۾ ڇڏي،

راجا رتوپرن وٽ اچي نوڪر بيهڻ

”کڻي سارٿي ٻالڪن جو لَڏو،

اچي شهر ودرڀ ۾ پل ۾ پڳو،

اُتي ٻار گهوڙا ۽ گاڏي ڇڏي،

اُنهن کي مٽن مائٽن سان گڏي،

”هليو ڀيم راجا کان رخصت وٺي،

ادب سان اُمالڪ اِجازت وٺي،

”هليو نيشڌ جو دل ۾ ڌاري فراق،

وڃايائين پنهنجو سڄو طمطراق،

”اَيُڌيا جي نگريءَ ۾ پهتو اچي،

نه قسمت جي پنهنجي ڪيائين ڪچي،

”رسائي ٿيس جلد سرڪار ۾،

”رتوپرن“ راجا جي دربار ۾،

”هِتي پڻ ٿيس سارٿين ۾ شمار،

مقرر ٿيس ماهيانو پگهار.“

 

نل جو راڄ هارائي، دمينتيءَ سوڌو

بن ڏانهن روانو ٿيڻ

”انهيءَ ريت جيئن وارشنيه ويو،

بُرو حال تيئن وير نَل جو ٿيو،

”ٿيس راڄ برباد پُشڪر هٿان،

نه پائي بچيس مال ۽ ڌن وچان،

”کلي تنهن تي پشڪر ڪيو هي ڪلام،

ته ”راجا ويهڻ آهي توتي حرام!

”ڀلا هاڻي ڪهڙو ٿو ڍارو ڍرين،

کٽڻ لاءِ ڪهڙي ٿو اَٽڪل ڪرين!

”جڏهن ٻيو ته سڀڪجهه مون آهي کٽيو،

نه ڪجهه آهه تو وٽ باقي بچيو،

”دمنتي فقط آهي رهجي وئي،

اِهائي پُکي تنهنجي آهي پَئي!

وڻيئي ته اُن کي ئي ڍارو بناءِ،

مقدر کي پنهنجي اڃا آزماءِ!

”ٻڌي اهڙي پشڪر جي بيهودگي،

سگهو نيشڌ راجا کي ڪاوڙ لڳي،

”ويس باه ننهن چوٽي تائين وٽي،

ٿيس دل ۾ غيرت جي ڳٺڙي ڪٺي،

”مگر مصلحت جي ڪري چپ رهيو،

ڀري رت جو ڍُڪ ڪين واتان ڪڇيو،

”اُمالڪ اُتاريائين ويس ۽ وڳا،

ڪيائين کڻي پٽ تي زيور ڦٽا،

”لنگهوٽي ٻڌي پاڻ ويڙهي هليو،

نه چارو اِنهيءَ کان سواءِ ڪو چليو،

”ڇڏي بادشاهي گداگر ٿيو،

ڪري گهر کي برباد بي گهر ٿيو،

”ڪيائين سڄو راڄ پل ۾ تياڳ،

ٿيو ڀاڳ بيزار نڀاڳ،

”هليو رشته دارن جي راحت ڇنِي،

عزين ۽ ساٿين جي سنگت ڇني،

”هليو منهن وٺي پنهنجو بن ڏي شتاب،

قبوليائين اِيڏاءُ ڏک ۽ عذاب،

”دمنتي به هڪڙو ئي ڪپڙو ڍڪي،

مقدر جو معيار توري تَڪي،

”هلي وير نل جي پٺيان چاه مان،

اُلا ٿي اُڏايائين هر آهه مان!

”ٻنهي جون نه يڪجا هليون صحبتون،

سندس ختم راتيون ۽ باتيون ٿيون!

”اِنهيءَ بعد نازل ٿي سر تي قضا،

ويا جلد هڪٻئي وٽان ٿي جدا!

”وري پُٺتي پُشڪر هلت هيءَ هليو،

ڍنڍورو پُريءَ ۾ گهمائي ڇڏيو-

”ته نل کي جو مهمان پنهنجو ڪندو،

اُهو پاڻ کي پاڻ اَهنجو ڪندو،

”ڪندس سِر جدا اُن جو ڌڙ کان شتاب،

سندس آل اولاد سهندو عذاب!

”يڌشٽر، اهو درد جو ٻُڌ بيان،

نه آهي اِنهيءَ ۾ ڪو وهم ۽ گمان-

”ٻڌي حڪم پشڪر جو اهڙو پَليد،

ڪئي ڪين ڪنهن هڪڙي ذلت خريد،

”نه ڪو شهر مان اهڙو ماڻهو اُٿيو،

جو مهمان نل کي ڪرڻ اَڻ پڇيو،

”سٺو ڪين پشڪر جو ڪنهن هڪ دٻاءُ،

نه خدمت جو نل جي پين ڪو پُڄاءُ،

”گهميو وير نل شهر جي آسپاس،

بُکيو ۽ اُڃو، بي اَجهو ۽ اُداس،

”جڏهن ختم راتيون اچي ٽي ٿيون،

”مَتيون اُڃ ۽ بک ۾ مُنجهيون نيشڌ جون،

”هليو بَن ۾ ڦل ڦول ڳولڻ جي لاءِ،

نصيبن کي رڻ پَٽ ۾ رولڻ جي لاءِ،

”دمنتي به اُن جي وٺي پٺ هلي،

چيائين ”اِها ڀرم جي بک ڀلي؟

”وڃي ڪين شل شان پنهنجو هَٿان،

مصيبت کي اڄ ڪلهه ٿي راحت چوان!

”گهڻا ڏينهن اِن ريت گذري ويا،

ٻنهي جا برا حال بَنجي چڪا،

 

نل جو بن ۾ اگهاڙو ٿيڻ

”چون ٿا ته هڪ ڏينهن نل هو دکي،

ڏٺائين ڪي سونن پرن سان پکي،

”تڏهن دل ۾ پنهنجي ڪيو هن خيال،

ته ”بک کان بچڻ آهه پنهنجو محال،

”بنايون پکين کي ٿا خوراڪ اڄ،

ٿيون بک جي غم کان ٿا بي باڪ اَڄ!

”اِهو سوچي لاٿائين چادر سگهو،

۽ اُن کي پکين تي ڪيائين ڦٽو،

”مگر قدرتي رنگ اهڙو ٿيو،

جو هڪ پل ۾ چرخو بدلجي چڪو!

”اُنهن پنهنجي چهنبن ۾ چادر جهلي،

۽ اُڀ ڏانهن هڪدم اُڏاڻا وٺي!

”ٿيو نل اُگهاڙو، ڦڪو، شرمسار،

۽ ڌرتيءَ تي تڙڦڻ لڳو بار بار،

”پکين اِن تي ٻوليو ته ”اي بيخيال،

اَڃا ڪين پنهنجا سڌارين ٿو حال!

”اسان جي نه توکي اَڃا ٿي سڃاڻ،

اُهو ئي اَڃا آهين اَحمق اَڄاڻ!

”اسين اَصل ۾ ڪين آهيون پکي،

هئيسُون اِنهيءَ ۾ به بازي رکي،

”اسين پاڻ ڍارا، جؤا پنهنجو ڪم،

ٿيو توکي حاصل اَسان مان ئي غم،

”اسان جو هو ڪم توکي ٻيهر ٺڳڻ،

کسي تنهنجي چادر اُگهاڙو ڪرڻ،

”اسان کي نه ٿي ڳالهه اهڙي وڻي،

جو تن تي هجي توکي چادر کڻي!“

 

نل جو دمينتيءَ کي مشورو

”جڏهن نل اڳيان پنهنجي ڍارا ڏٺا،

۽ قسمت جا سڀ بند چارا ڏٺا،

”بدن پنهنجو بلڪل اُگهاڙو ڏٺو،

هنيل پير تي خود ڪهاڙو ڏٺو،

”تڏهن اُن دمنتيءَ کي جهٽ رڙ ڪئي،

ته ”اڄ ڳالهه پنهنجي هٿن مان وئي!

”چيائين ته ”اي منهنجي آرامِ جان!

اِنهيءَ ۾ نه آهي ڪو وهم ۽ گمان،

”زبردست مون تي ڪيو جن ستم،

رسايائون هر وقت رنج ۽ اَلم،

”ڪريس اَوج تان هيٺ جن جي ڪري،

ٿيس جن جي سببان خوشيءَ کان پري،

”اُنهن جي ئي دُک سان ٿو اَڄ بک مران،

۽ بن ۾ ٿو صدما هزارين سهان،

”اُنهن ئي وڃائي ڇڏي آهه ڄاڻ،

نه پنهنجا ٿو پالي سگهان اَڄ پراڻ،

”اُنهن جي ڪري ئي سڄڻ سڀ ويا،

نشد ديس وارا به گيدي ٿيا،

”اُنهن ئي ڍڪيو اَڄ پکين جو لباس،

اُنهن ئي ڪيو منهنجي هردي کي ناس،

”اُهي منهنجو اَڄ سَتر لاهي ويا،

اُگهاڙو ٿيس، ٺاهه ٺاهي ويا،

”ٿيو مون کي حاصل زبردست غم،

۽ داخل ٿيا دل ۾ رنج ۽ اَلم،.

”نه منهنجو رهيو آهه چِتُ هنڌ اڄ،

ڀريو سوز ۾ سنڌ تي سنڌ اَڄ،

”جڏهن مڙس تنهنجو ٿا مون کي سڏن،

تڏهن غور سان ٻُڌ تون منهنجا سخن!

”اِنهيءَ ۾ ٿو تنهنجي ڀلائي ڏسان،

صداقت ڏسان ۽ صفائي ڏسان،

”ڏکن ڏانهن رستا گهڻا ٿا وڃن،

۽ آخر ۾ سڀ پاڻ ۾ ٿا مِلن،

”اگر هن طرف کي تون ڏيندينءَ ڇڏي،

۽ ويندينءَ صداقت کي دل ۾ گڏي،

”ته اِيندو نظر شهر سُندر اُجين“،

جو دنيا جي شهرن ۾ آهي حَسين،

”جبل آهي اُن شهر ۾ ”رڪشوان“،

بُلنديءَ ۾ ڏسجي ٿو ڄڻ آسمان،

”اڳيان اُن جي ٻڌجي ٿو ”ونڌيا جبل“،

جتي آهه اُن بعد موجن ڀَريو،

ڪري جنهن جي دهشت ٿي من کي چريو،

”اِنهيءَ راه سان آهه رونق گهڻي،

وڃن اُن جا منظر ٿا دل کي وڻي،

”لڳل آهه هر هنڌ باغ ۽ بهار،

رشين جا ٿيا آشرم آشڪار،

”ڪبو جي اِنهيءَ پاسي ساڳيو سفر،

ته اِيندو اڳيان شهر ودرڀ نظر،

”وري ٻيو هي رستو جي وٺبو وڃي،

ته ”ڪومل“ سندو ديس پسبو وڃي،

”انهيءَ کان ڏکڻ ڏانهن ٿورو پري،

ڏسي ويس ”دکن“ جو من ٿو ٺري،

”اهي ياد رستا ڪري ڇڏ شتاب،

ته مقصد ۾ پنهنجي ٿئين ڪامياب!-“

دمينتيءَ جو نل کي جواب

”سچي ڳالهه تو سان ٿو ڀارت ڪريان،

نٿو ٻئي طرف ڌيان پنهنجو ڌريان!

”رُنو نل، دمنتيءَ اڳيان راز زار،

ڏڪيو اُن جو آواز پڻ بار بار،

”ٿيو درد و غم مان سندس روبرو،

ڪيائين روئڻهارڪي گفتگو،

”اِنهيءَ تي دمنتي دکيل، دردمند،

ڪيو روڄ راڙي کي ڏاڍو پسند،

”چيائين ته ”اي منهنجا نَل نيڪنام،

”وراڻي وفادار پتنيءَ جي ٻُڌ،

”تون پيارو پتي منهنجو لڄ پال تون،

سدا ستر منهنجي جو رکوال تون،

”وڃون ڪيئن مصيبت هي ڪاٽي پرين!

اِجهو هيانءُ منهنجو ٿو ڦاٽي پرين!

”ڏڪي ٿو پيو منهنجو هر انگ انگ،

پريشان آهيان ۽ دل آهه تنگ،

”ويو راڄ تنهنجو ۽ پڻ مال ڌن،

۽ ڪپڙي بنا آهه تنهنجو بدن،

”تون آهين غمن جو ستايل گهڻو،

ٿڪايل، بُکايل، اُڃايل گهڻو،

”ڀلا تو وٽان ڪيئن جدا مان ٿيان،

مصيبت ۾ توکي ڇڏي ڪئن وڃان!

”ڏياريان ٿي توکي هي دل سان يقين،

مصيبت ۾ خم ڪين ٿيندين جڊبين،

”نه چاهيان ٿي ڪو تون هُجين پُرملال،

ٿڪل، بک ۾ پيڙيل، پريشان حال،

”نه چاهيان ٿي ڳڻتين ۾ تون ڪو ڳرين،

۽ گذريل خوشين لاءِ ماتم ڪرين!

”مهاراج، شل ڪين ڏسجين اُداس،

ٿين تنهنجا دک درد لحظي ۾ ناس!

”ڏياريان ٿي توکي اِها خاطري،

سَدا تنهنجي رهنديس مددگار ٿي،

”سچو دوست آهي مصيبت ۾ زال،

اُنهيءَ سان ئي مٽجي ٿو رنج ۽ وبال،

”اُها آهه هر هڪ مرض جي طبيب،

اُنهيءَ جهڙو ناهي ڪو همدم حبيب،

”نه آهي اُنهيءَ جهڙي جڳ ۾ دوا،

اُها آهي بيمار دل جي شفا،

”اِنهيءَ لاءِ مان ڪين وينديس پري،

مران تنهنجي آڏو ته تن من ٺري،

”اِهو توکي دل سان ڏيان ٿي وچن،

سچو آهه منهنجو سراسر سخن-“

نل جي دمينتيءَ کي وراڻي

”ڏنو نل دمنتيءَ کي تنهن تي جواب،

ته ”اي گهر ڌياڻي سدا ڪامياب!

”چوين جيڪي تون ٿي سو آهي بجا،

سلامت رکي شال توکي خُدا!

”زماني ۾ ڪنهن جو نه ڪو يار آهه،

فقط نَر جي ناري مددگار آهه،

”نه دُک درد جي آهه ٻي ڪا دوا،

جي آهي ته عورت، سچي پارسا،

”نه توکي ڇنڻ جو اِرادو اَٿم،

سدا گڏ هجين تون، خدا جو قسم!

”ڪندس هجر جو ڪين توکي نشان،

اجايا ٿي مون ۾ رکين ڪي گمان،

”ڪندس ڪين هڪ پل به توکي پري،

نه پرماتما ڏينهن اهڙو ڪري!

”وئي جان منهنجي، ته تو تان فدا،

مگر ڪين توکي ڪندس مان جدا!“

 

دمينتيءَ جو جواب

”دمنتيءَ اِنهيءَ تي ڏنو هيءُ جواب،

مهاراج جڳ ۾ هجين ڪامياب!

”ڪندين پاڻ کان جي نه مون کي جدا-

نه آهي ڪڏهن تنهنجي مرضي اها،

”ته ودرڀ جا وڻ ڇو ٿو مون کي ڏسين،

خوشي ساٿَ پنهنجي جِي ڇو ٿو کسين؟

”اِنهيءَ ۾ به ڪو راز آهي ضرور،

ڀَلا مون ڪيو آهه ڪهڙو قصور؟

”ڇڏڻ مون کي تنهنجو نه وڙ آهه وير،

ذرا سوچ دل سان تون آقا اَمر!

”ڀلائيءَ ۾ آهين ڀلو تون ڀتار،

ڀلائي ڪري ڪين مون کي وسار!

”مبادا ڇڏين پنهنجو ڦيري خيال،

ڏسان مان ڏهاڳڻ ٿي، جيئري وبال،

”تون اِنسان اعليٰ ٿي اِئين ڪين ڪر،

نه ڏيکار ڇوريءَ ڇنيءَ کي ڇپر!

”نڪي راه ڏيکار مون کي اُها،

ڪري جيڪا تو راهبر کان جُدا!

”اِنهيءَ ريت منهنجو نه تون شڪ وڌاءِ،

نه فرقت جي آتش ۾ تَن مَن جلاءِ!

”جي سچ پچ ٿو اهڙو اِرادو رکين،

آمر بنجي مارڻ ٿو مون کي گهرين،

”جي چاهين ٿو مان مائٽن ۾ وڃان،

۽ تو کان جدا تن جي گهر ۾ رهان،

”ته ٻيئي ڄڻا هل ته گڏجي هلون،

۽ هڪ جاءِ کل ۽ خوشيءَ سان رهون!

”تون ڏاتار آهين ۽ پينار مان،

محبّت ۾ تنهنجي گرفتار مان!

”اُتي ديس ودرڀ جو داتا ڌڻي،

ڪندو چاه مان تنهنجي عزت گهڻي،

”اهو عرض راجا، تون منهنجو اگهاءِ،

نه فرقت جي آتش ۾ مون کي جلاءِ!

”لهي ڀيم راجا وٽان مرتبو،

سدائين سکيو ره ۽ ڇڏ وسوسو،

”اَسان جي تون گهر ۾ هلي خوش گذار،

ٿئي تنهنجي گولين ۾ منهنجو شمار!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org