سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :48

 

ديوتائن جو دمينتيءَ لاءِ مونجهارو پيدا ڪرڻ

”ذرا اڳتي ٻُڌ ڳالهه ڀارت ڀلا-

پريشان حالت ۾ راجا هُئا،

”جڏهن نام سڀ جا پڪاريا ويا،

دَمنتيءَ تڏهن پنج پيارا ڏٺا،

”نڪي شڪل و صورت ۾ ڪو فرق هو،

نڪي زيب و زينت ۾ ڪو فرق هو،

”لَڙهيءَ ۾ هڪ پوتل اُهي پنج ڄاڻ،

محبت جو هڪڙو گڏيل گنج ڄاڻ،

”پَئي اِن سبب کان دمنتي منجهي،

نه نَل کي سراسر سڃاڻي سگهي،

”نهاريائين جنهن ڏانهن ڦيري نظر،

ته هر هڪ کي ڄاتائين سل سربسر،

”هلايائين حد کان مٿي هوش کي،

ڏياريائين جنبش گهڻي جوش کي،

”ته من ديوتائن ۾ نَل پَرکجي،

۽ اُن کي وجهي هار پنهنجو ڪجي،

”مگر ڪين حيلا ٿيا ڪارگر،

ٿيس عقل جو باغ پَٽ ۽ پَڌر،

”جي منتر هئس ديوتائن جا ياد،

اُچاريائين سڀ، پر ٿيس ڪين داد،

”تڏهن پنهنجي دل ۾ ڪيائين خيال

ته منتر به آخر نه ڌاريو ڪمال،

”جي ڌرتيءَ تي ويٺل اچن ٿا نظر،

اُنهن مان نه ڪنهن تي ٿيو ڪجهه اثر:

”وري ڪيترا پَهه پچائڻ لڳي،

غمن جي پٺيان غم پرائڻ لڳي،

”گهڻيءَ سوچ کان پوءِ هن پڪ ڪئي،

ته حاجت نه آهي هتي عقل جي،

”وڃي ديوتائن جي پيرين پوان،

معافي گهڻي عاجزيءَ سان وٺان،

”انهيءَ کان سوا ڪوبه چارو نه آهه،

مقدر جو ٻيءَ طرح وارو نه آهه-

”اِهو سوچي ڏاڍي ادب سان هلي،

وڃي ديوتائن جي پَهه ۾ پَئي،

”نمسڪار دل سان ڪيائين شتاب،

ڏڪي ڀَو وچان ۽ رُني بي حساب،

”ٻڌي هٿ ادب جا ڪيائين ڪلام،

ته ”اي ديوتائو، اوهان کي سلام،

”جڏهن کان اٿم هَنج ٻولي ڪئي،

محبت جي للڪار لولي ڪئي،

”تڏهن کان وٺي هجر ۾ ٿي ڳران،

پتي پنهنجو نل کي ڪرڻ ٿي گهران،

”اِهو آهه منهنجو اِرادو سَچو،

اِنهيءَ ۾ نه ڪو مون کي ڏسندو ڪچو،

”ڪريو ديوتائون ڪو سچ جو خيال،

ڏسان پنهنجي جانب جو جلدي جمال!

”حقيقت اوهان کي ته معلوم آهه،

محبت ۾ من منهنجو مغفوم آهه،

”نه غيرن جو دل ۾ اٿم ڪو خيال،

فقط پيار نل سان اٿم لازوال!

”اِنهيءَ جي ئي صدقي ڪريو ڪا عطا،

ڏسان پنهنجو شيرين دهن مهه لقا!

”رهان ٿي جي مان ان تي ثابت قدم،

۽ مون تي ڪيو ديوتائن ڪرم،

”ڏياريائون مون کي نشڌ جو ڌڻي،

بنايائون پيرن جي مون کي پڻي،

”ته هاڻي به اُن جو ڏسان مُنهن مٺو،

ڏيو وصل اُن جي جو مون کي چٺو،

”اگر ٿي چڪو منهنجو اقرار آهه،

ته نل منهنجي اُلفت جو آڌار آهه،

”سڄي عمر مان اُن جي خدمت ڪنديس،

نه غيرن جي منظور صحبت ڪنديس-

”ته اي ديوتائو! سڳورا سَٻر،

اچي دوست جو مون کي درشن نظر!

”مَها ايشور ۽ سدا لوڪ پال،

وٺو روپ پنهنجو، نه بخشو ملال،

”اوهان جلد منهنجو سُڌاريو نصيب،

سُڃاڻي وٺان پاڪ پيارو حبيب!“

 

ديوتائن جو مهربان ٿيڻ ۽ دمينتيءَ جو نل

کي پنهنجو ور چونڊڻ

”دمنتيءَ جون پُرسوز آهون ٻڌي،

سندس دل دکايل جون دانهون ٻڌي،

”ڏسي اُن جي اُلفت سندي پُختگي،

۽ عشق ۽ محبت ۾ وارفتگي،

”سچو نيشڌ جو نينهن، دل بيقرار،

صداقت عبادت سان گڏ آشڪار،

”ٿيا ديوتائون سڀئي مهربان،

جفائن کان توبه ڪئي آسمان،

”ڇڏيو ديوتائن سڄو رُعب و تاب،

ڍڪيائون کڻي روپ پنهنجو شتاب:

”دمنتيءَ اِتي ديوتائون ڏٺا،

ڪيا جن ٿي محفل ۾ گفتا مٺا،

”سندن جسم تي ڪو پسينو نه هو،

۽ سيني ۾ تن جي ڪو ڪينو نه هو،

”ڇنڀيون ڪين ٿي ديوتائن اکيون،

اکيون تن جون شعلن ڀريل ٿي بکيون،

”وڌا هار تن، جي گلن جا هئا،

نه ڪومائجي سي سراسر ويا،

ڇهيا پير تن جا نه ٿي پرٿوي،

زماني کي تن جي نه ٿي ڪل پئي:

”اِتي نل دمنتيءَ کي آيو نظر،

هو ڌرتيءَ تي پاڇو سندس سربسر،

”ويو هار اُن جو هو ڪومائجي،

جهليا پير اُن جا هئا پرٿوي،

”سندس جسم تي هو نمايان پگهر،

۽ ميراڻ آئي ٿي بُت تي نظر،

”ڇنڀڻ کان اکيون ٿي نه هرگز رهيو،

لِڪڻ جون نه هاڻي ٿي ڳالهيون ٺهيون.

”ٻُڌو غور سان هاڻ پانڊو بيان-

سويمبر سندو آخري داستان!

اُنهيءَ ڀيم جي ڌرم پرماڻ ڌي،

بڻايو اچي نل کي پنهنجو پتي،

”ڊگها وار جنهن جا، اُها سُندري،

ڪمي ڪين جنهن ۾ هئي سونهن جي،

”رکي پنهنجي عصمت ۽ لڄ برقرار،

ڳچيءَ ۾ وڌائين اچي نل کي هار،

”محبت جو پورو ٿيو انتخاب،

دمنتيءَ ڪيو هٿ پتي لاجواب،

”جي راجا هئا، تن ڪئي هاءِ هاءِ،

قيامت ٿي برپا ڪُمارن جي لاءِ!

”هئا جي رشي ۽ مها آتما،

ديــــــــــــــاوان ڌرماتــــــــــــــــــــــــــــــــما ديوتـــــــــــــــــــــــا،

”پُڪاريو اُنهن زور سان واه واه،

ڪيائون عنايت جي نل تي نگاه!

”چيائون ته نل وير خوش ٿي سدا،

مُبارڪ مُبارڪ ۽ صَد مرحبا!“

 

نل جو دمينتيءَ سان اقرار

يُڌشٽر، اِنهيءَ تي ذرا غور ڪر،

ٻڌايان ٿو سچ توکي مان سربسر!

”ته نل وير جنهن جو پدر ويرسين،

خوشيءَ مان لڳي اُن جي چمڪڻ جَبين،

”سندس دل خوشيءَ مان ٽڙي ٿي گلاب،

ڏٺائين دمنتيءَ جو ظالم شباب!

”ڪيائين اُنهيءَ سان هيءُ شيرين ڪلام،

ته ”اي آسرا ساه جا نيڪ نام!

”ڏنا نيٺ تو ديوتائون ڇڏي،

۽ مون کي ڇڏيئي پنهنجي سڪ سان اڏي،

”تڏهن مون کي تون ڄاڻ پنهنجو ڀتار،

۽ تو تان ئي سر ساه آهي نثار،

”فقط تنهنجي اُلفت ۾ ويندس مري،

اِها ڳالهه تو سان ڪريان ٿو کَري،

”اگر خاتمو ٿي چڪو ساه جو،

ته اِيندو هلي لاش تو وٽ اُڀو،

”ڇڏيندس نه مان توکي شيرين دهن-

سچو ڄاڻ تون پنهنجي نَل جو وچن!

”نه نَل کان دمنتي ڪو لکندو جدا،

گڏي لکبو بس ”نل دمنتي“ سدا!

صداقت تي ڪر منهنجي تون اِعتبار،

ڪندس ساه سر پنهنجو تو تان نثار!“

 

دمينتيءَ جو نل کي جواب

”دمنتيءَ به هٿڙا ادب جا ٻڌا

نماڻي ٿي، گل ريز گُفتا ڪيا،

”ڪيو نيشڌ جيڪو هو اُن سان ڪلام،

اُنهيءَ کي ڪيائين خوشيءَ مان سلام،

”چيائين ته ”سڀ مون کي منظور آهه،

محبّت جو ساڳيو ئي دستور آهه،

”جي وعدا ڪيا تو، اُهي منهنجا ڄاڻ،

پري پاڻ کان ڪين مون کي سڃاڻ!“

 

ديوتائن جي نل تي نوازش

”انهيءَ بعد ٻيئي ڄڻا دردمند،

محبّت ۾ ممتاز ۽ سربلند،

”ويا ديوتائن جي آڏو هلي،

جتي جن جي ڀَر ۾ ٿي اگني ٻري،

”وڃي ديوتائن جي پيرين پيا،

۽ آداب جا شرط آندائون بجا،

”مها اَوج وارا اُهي لوڪ پال،

ٿيا جن جا دنيا ۾ ظاهر ڪمال،

”اُنهن جو ڏٺو نيشڌ کي ڪامياب،

۽ ڀيمي به اُن کي ٿي حاصل شتاب،

”تڏهن خوش ٿي، دل سان ڏنائون دعا،

۽ اَٺ ”وَر“ به اُن کي ڪيائون عطا،

”پَتي اِندراڻيءَ جو، اِندر سَٻر،

ڏنا اُن به هيٺيان اَچي نل کي وَر:

”چيائين ته هوندين جڏهن جنگ ۾،

ته رسندس اَچي توکي هر رنگ ۾،

”اُتي توکي ديدار ڏيندس چٽو،

ڪڏهن وار تنهنجو نه ٿيندو ونگو:

”وڏي سگهه جو مالڪ سدا خوشنما،

سڏن جنهن کي اگني اُهو ديوتا،

”اُنهيءَ خوش ٿي نل کي اِهو ور ڏنو،

۽ اُن تي ڪرم پنهنجو ظاهر ڪيو-

”ته منهنجي ضرورت جي توکي پوي،

وڏو تنهنجي سر تي ڪو مشڪل اچي،

”ته ڪر ياد مون کي تون فرياد لاءِ،

”جڏهن ٿيندين مقصد ۾ تون ڪامياب،

تڏهن موڪلاڻي ڪندس مان شتاب:

ڏنو يَم اِهو وَر ته نَل نوجوان،

زماني ۾ رهندين تون خوش هر زمان،

نه لڳندي ڪڏهن توکي ڪا اُڃ ۽ بک،

سڏيندين جي مون کي ڪندس دور ڏک،

”سدا ڌرم تي هوندين ثابت قدم،

ڪندس گهور تو تان خوشيون دمبدم:

ڏنو وَر اِنهيءَ بعد پاڻيءَ پَتي،

ته ”اِي نيشڌ هرگز نه ٿي تون دکي،

”ڪندين تون جتي مون کي سِڪ مان صدا،

اُتي توکي پاڻي ڪندس مان عطا،

”سدا تنهنجي هارن ۾ رهندي سڳنڌ،

ڪندي ڪاميابي سدا تو ڏي پنڌ:

اِنهيءَ ريت رحمت سنديءَ راه مان،

ٻه وَر هڪڙي هڪڙي ڏنا چاه مان،“

نل ۽ دمينتيءَ جي شادي

”جڏهن وَر ڪيا ديوتائن عطا،

روانا تڏهن سُرڳ ڏي ٿي چڪا،

”۽ راجا به سارو سويمبر ڏسي،

لڄي ٿي، وسامي ۽ کامي پَچي،

”گهرن ۾ وڃي پنهنجي هڪدم لڪا،

ٿيا پنهنجي بدقسمتيءَ تي ڦڪا،

”جڏهن راڄ وارا ويا سڀ ٽَري،

بڻي نل جي پتنيءَ جي قسمت کري،

”مها آتما ڀيم عالي وقار،

زماني ۾ نروار ۽ نامدار،

”ڪيو دل ۾ ويچار شاديءَ جي لاءِ،

دمنتيءَ ۽ نل جي مُراديءَ جي لاءِ،

”لڳي خوب شاديءَ سندي ڌوم ڌام،

نغارا وڳا در اڳيان صبح و شام،

”وڏي شان شوڪت سان شادي ڪيئون،

ڦٽل دل جي آباد گادي ڪيئون.“

 

نل جو پنهنجي وطن واپس وڃڻ

”انهيءَ بعد نل وير جوڌو جوان،

جهُڪيو جنهن جي رفعت اڳيان آسمان،

”هيو شهر ودرڀ ۾ ڪجهه وقت خوش،

ٿيو اُن جي عشرت منجهان بخت خوش،

”اُنهيءَ بعد ساريائين پنهنجو وطن،

نشڌ جو پيس ياد سُندر چمن،

”سگهو ڀيم راجا کان موڪل وٺي،

نشڌ ديس پنهنجي ۾ آيو هلي،

”وٺي آيو پنهنجي دَمنتي ڪنوار،

لڳو ديس پنهنجي ۾ ماڻڻ بهار،

”اِنهيءَ ريت هُو پارسا، پاڪباز،

ڌئل ديوتائن سندو سرفراز،

”لَهي اِسترين ۾ اَملهه هڪ رتن،

ٿيو عيش و عشرت ۾ رشڪِ چمن،

”سدا پنهنجي پتنيءَ سان اِئين ٿي رَميو،

۽ ائين ٿي خوشيءَ مان لُڏيو ۽ لَميو،

گهمي جئن ٿو شنڪر، شچيءَ(1) سان سدا،

ٿين ديوتائون ٿا اُن تان فدا،

”جو اِندر مهاراج مشهور آهه،

نرالو سندس رنگ، دستور آهه،

”توانا بنائي، سو مجبور کي،

ڪيو مات جنهن ”ور تراسُور“ کي،

”اِنهيءَ ريت نل وير شيرين مقال،

شجاعت جي صاحب، سچي لوڪپال-

”اُنهيءَ بنده پرور ۽ عالي جناب،

خجل جنهن جي رُخ کان ٿيو آفتاب-

”رعيت کي سهنجو رکيو ڌرم سان،

سخا سان، ڪرم سان، حيا، شرم سان،

”وري خوب گهوڙي سواري ڪئي،

وطن لاءِ پڻ جنگ جاري ڪئي،

”بڻيو جنگ جوئيءَ ۾ سورهيه سمان،

”يياتي مهاراج“ جهڙو جوان،

”يياتي اُهو جنهن جو پيءُ هو ”نهُوش“،

بڻيو اُن اڳيان پيل دامان هو مُوش:

”اِنهيءَ کان گهڻا هن اَڃا ڪم ڪيا،

هٺيلن جا نڪ ۾ سدا دم ڪيا،

”بَڻيو وقت پنهنجي جو هڪ ديوتا،

ٿيا اُن جا اَطوار سالم سُٺا،

”دمنتيءَ سان دل جي سدا بات ٿي،

۽ باغن ۾ مٺڙي ملاقات ٿي،

”خوشيءَ ۾ هنن ختم راتيون ڪيون،

تکيون قرب پنهنجي جون ڪاتيون ڪيون،

”رهيا جڳ ۾ هڪٻئي جي اِمداد سان،

نوازيو خُدا تن کي اولاد سان،

”اِندرسين“ پٽ ”اِندرا“ ڌيءُ ڄمي،

دمنتي خوشيءَ مان لُڏي ۽ لَمي،

”رهيو نَل جو هر وقت آباد گهر،

بڻيو عيش و عشرت جو ميلاد گهر،

”اِنهيءَ ريت نل ٿي سخاوت ڪئي،

غريبن تي هردم عنايت ڪئي،

”بڻيو پرٿوي پال بنده نواز،

عدالت ۾ مشهور ۽ سرفراز،

”وطن جي ٿي هن خوب خدمت ڪئي،

”نه زنده هو پنهنجي نصيبن جي لاءِ،

مگر دردمندن ضعيفن جي لاءِ!“

 

نل ۽ دمينتيءَ تي اوچتو مصيبت ۽

ڪليءَ جو ڪوپ

”جڏهن نيشڌ، ڀيميءَ کي حاصل ڪيو،

۽ گهر ۾ وڃي پنهنجي سهنجو ٿيو،

”تڏهن ڪيترا ڏينهن گذري ويا،

سَلا عشق و اُلفت جا اُسري ويا،

”اُنهيءَ بعد هڪ ڏينهن جو ٻڌ مثال،

هئا جي مها اوج جا لوڪپال،

”ڪليءَ“ کي اُنهن واٽ ويندي ڏٺو،

”دواپر“ به اُن سان ڪو گڏ ٿي ويو،

”مليو تن کي شنڪر بهادر جوان،

جهڪيو جنهن جي رفعت اڳيان آسمان،

”توانا ڪري جيڪو مجبور کي،

ڪيو مات جنهن ورتراسور کي،

”پڇيو تنهن تي شنڪر ڪليءَ کان سوال،

ته ”ڪهڙي طرف جو رکين ٿو خيال!

”۽ ڪيڏانهن آهين روانو ٿيو،

ڪٿي تنهنجو اڄ آشيانو ٿيو!

”ڪليءَ تنهن تي هڪدم ڏنو هيءُ جواب،

ته ”ٻڌ ديوتائن سندا آفتاب!

”سويمبر دمنتيءَ جو تيار آهه،

ڪيو اُن جي سڪ مون کي لاچار آهه،

”دمنتيءَ کي حاصل ڪرڻ ٿو وڃان،

اُنهيءَ سان محبت ڳنڍڻ ٿو وڃان،

”پرڻجڻ اُنهيءَ سان هڪدم گهران،

سندس لنؤ لڳي آهه سچ ٿو چوان!

”کلي تنهن تي اِندر ڏنس هي جواب،

ته ”جڳ ۾ نه آهي چَرين جو حساب،

”سويمبر ڪڏهن کان ٿي پورو ويو،

رهي عشق تنهنجو اَڌورو ويو!

”دمنتيءَ اسان جي ڪرم سان شتاب،

ڪيو آهي نَل وير جو اِنتخاب!

”بڻيو نل دمنتيءَ جو آهي پَتي،

سَتابي به ٿي گهر ۾ سُندر سَتي!

”اڃا توکي اُن جو رهي ٿو خيال-

ارادو اِهو تنهنجو آهي محال!“

 

 

ڪليءَ جي ديوتائن کي دانهن ۽

ديوتائن جو کيس دٻائڻ

”ڪليءَ کي اتي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي،

ويو باه وانگر سمورو تَپي،

”سڏيائين اُن وقت سڀ ديوتا،

ٻڌايائين تن کي سچي وارتا،

”چيائين ”دمنتيءَ جي حالت ڏسو،

سندس هٺ ڏسو ءٌ ذلالت ڏسو،

”ڇڏي ديوتائون سچا لوڪپال،

فقط هڪڙي ماڻهوءَ منجهان ٿي نهال!

”بنايائين ناچيز پنهنجو پَتي-

ڪڏهن کان ڀلا آهه ٿي بي مَتي!

”سڀن کان وڏو ڏوهه آهه هن جو قصور،

ڏيڻ گهرجي اهڙيءَ کي سيکت ضرور!

”ڪليءَ جو ٻڌي اهڙو گفتو خراب،

ڏنو اُن کي هيءُ ديوتائن جواب-

”ته نل کي اسان جي هئي آگيا،

سندس ڪم اِنهيءَ لاءِ پورا ٿيا،

”نڀاڳي اُها ڪهڙي ٿي اِستري،

جا نل کي پتي ڪين پنهنجو ڪندي!

”اُنهيءَ کي ٿي ڌرم جي سڀ سڃاڻ،

ڪڏهن ڌرم کان ڪين آهي اَڄاڻ،

”سدا ڌرم موجب ٿو جڳ ۾ هلي،

نه ٻاهر قدم ڌرم کان ٿو رکي،

”ڪيا بر زبان ياد اٿس چار ويد،

۽ ڄاڻي ٿو ويدن جون وايون ۽ ڀيد،

”ڌيائي ٿو ”اکياڻ پنجون“ به پاڻ،

ڪڍي ٿو نه ڪنهن جي به دنيا ۾ ڪاڻ،

”سدا ڌرم سان اهڙي اُلفت اٿس،

صداقت اٿس ۽ محبّت اٿس،

”جو اُن وٽ ٿا حاضر رهن ديوتا،

سندس اوج و اقبال آهن اُچا،

”اُهو آهه دنيا ۾ ڄڻ لوڪپال،

دليريءَ ۾ گهٽ ناهه اُن جو مثال،

”رهي ٿو نه هُو ڪنهن جي نقصان ۾،

هلي عدل ٿو اُن جي ايوان ۾،

”سڌا ڌرم پنهنجي جو رکپال آهه،

سچائيءَ ۾ سرهو ۽ خوشحال آهه،

”جوانيءَ ۾ اُن جي دليري چوان،

”گيديپڻو اُن جو ويري چوان،

”سندس عقل جو آهه پيريءَ ۾ پير،

۽ همت ۾ هر وقت آهي دلير،

”سندس زور سڀ کان تحمل چوان،

تدبر چوان ۽ تجمل چوان،

”نه آهي سندس علم جي انتها،

عبادت ۾ مرد آهه هڪ بي ريا،

”نه من ۾ سندس ٿي ڪدورت رهي،

فقط سڪ سان گڏ ٿي صداقت رهي،

”غرض پارسا آهه ۽ پاڪباز،

سچو مرد سورهيه، سدا سرفراز،

”ڪلي، غور سان ٻُڌ اِهو داستان-

جو نل کي ٿو چاهي رسائڻ زيان،

”نه ٻُڌ آهه اُن کي، ۽ نادان آهه،

فقط هوڏ ۾ پنهنجي حيران آهه!

”اگر نل کي ڏيندو ڪو احمق سزا،

اُهو پاڻ هڪ پل ۾ ٿيندو فنا!

”ڪلي، اِن تي ٻيهر به ويچار ڪر،

کڙو پنهنجي سر تي نه آزار ڪر!

”سدائين ’سٺو نل جو اخلاق آهه،

بڻيو پنهنجي وصفن ۾ هو طاق آهه،

”جي اُن کي سزا جو ڪو ڪڍندو اَلاپ،

ته مورک اُهو پاڻ سهندو سراپ!

”وڏي سر تي ٿينديس مصيبت کڙي،

نه اينديس مددگار هرگز لَڙي!

”ڪڌو ٿي ڪندو جيڪو اهڙو قصور،

ندامت جي ڪُن ۾ سو ٻڏندو ضرور،“

 

ڪليءَ جو منصوبو سٽڻ ۽ ڍنگ سان

نل جي جسم ۾ واسو ڪرڻ

”ڪليءَ کي گهڻيئي ملامت ڪري،

نصيحت ڪري ۽ هدايت ڪري،

”دواپر کي پڻ ڪيترو ئي چئي،

ويا سرڳ ڏي ديوتائون هلي.

”دواپر کي ان بعد ڪوٺيو ڪلي،

چيائين ”نه ڪاوڙ وڃي ٿي جهلي،

”نه غصي کي پنهنجي ٿو روڪي سگهان،

اِجهو پنهنجو بدلو ٿو نل کان وٺان،

”ڪندس جسم ۾ نل جي واسو اِجهو،

وڃي اُن کي ڏيندس مان پاسو اِجهو،

”ڪندس راڄ کان اُن کي محروم مان،

ڪندس بخت اُن جي کي معدوم مان،

”ڏسان ڪئن ٿو ڀيميءَ سان گڏجي گهمي،

رهاڻيون ڪري ۽ لُڏي ۽ لمي،

”دواپر! اِهو فرض پنهنجو تون ڄاڻ،

سدا مون کي پنهنجو تون ساٿي سڃاڻ،

”وڃي تون به ڍارن ۾ پرويش ڪر،

جؤاباز ٿي، نَل کي دلريش ڪر،

”اِنهيءَ ريت منهنجي تون اِمداد ڪر،

اها ڳالهه هر وقت تون ياد ڪر!

”دواپر ڪليءَ کي دلاسو ڏنو،

۽ اُن کي مدد لاءِ پاسو ڏنو،

”ٻنهي جو ٿيو پاڻ ۾ اتفاق،

چيائون ”ٻڌيءَ ۾ نه ايندو نِفاق!

”ڪندو فرض پنهنجي کي هر هڪ بجا،

۽ ڏينداسين دشمن کي جوڳي سزا!

”ڪلي پوءِ آيو اُمالڪ اُتي،

گذاريو ٿي نَل وير راجا جتي،

”لڳو دل ۾ سوچڻ ته وجهه ڏسان،

وڃي جسم نَل جي ۾ داخل ٿيان!

”اِنهيءَ ريت ڪجهه وقت رلندو رهيو،

گهڻي غور سان نل کي ڏسندو رهيو،

”ٿيا ختم ٻارهن اِنهيءَ ريت سال،

مگر ڪين حاصل ٿيس ڪو ڪمال،

”ٿيس نيٺ هڪ موقعو بر صواب،

۽ مقصد ۾ پنهنجي ٿيو ڪامياب،

”جو هڪ ڏينهن پيشاب جيئن نل ڪيو،

هَٿن کي اچي پنهنجي ڌوتو اُگهيو،

”ڪيائين نه تيئن پير پنهنجا صفا،

نه سوچيائين غلطيءَ جي ڪا انتها،

”اِنهيءَ تي ڪلي هن ۾ داخل ٿيو،

وڃي جسم ۾ پنهنجو واسو ڪيو،

”ڪليءَ جو خيالن تي قبضو ٿيو،

ڇڏي هوش نل جو سراسر ويو،

”هلايو ٿي اُن کي ڪليءَ جي خيال،

رهيس ڪين اُن جي اڳيان ڪا مجال،

”ڪلي جسم ۾ ان جي ڄڻ ساه هو،

سراسر چَريو هو ۽ گمراه هو.“

 

نل جي پشڪر جي هٿان جوا ۾ تباهي

”ڪليءَ پنهنجي مقصد ۾ ٿيو ڪامياب،

هلي آيو ”پشڪر“ جي آڏو شتاب،

”ڪيائين اچي اُن کي هيءَ التجا،

ته منهنجي مدد ۾ نه ڪر دير ڪا،

”وڃي کيڏ نل سان تون ڍاري جي راند،

جؤا ۾ ڪري ڇڏ سگهو اُن کي باند،

”ملي هار اُن کي ۽ رُسوا ٿئي،

نه نالو وري اُن جو پيدا ٿئي،

”کڻي راڄ، ڌن، نل کي قيدي بناءِ،

نشڌ ديس تي تون حڪومت هلاءِ!

”ڪليءَ کي ڍڪايائين ڍارن جو رُوپ،

گهڙيءَ ۾ ٺڳيندڙ نظارن جو رُوپ،

”کڻي پاڻ سان اُن کي راهي ٿيو،

جُؤارين ۾ سورهيه سپاهي ٿيو،

”دغائون هيون خوب پشڪر کي راس،

ڪندو جن سان هو سورمن کي به ناس،

”سگهو آيو چوگرد نل جي ڦري،

۽ اُن کي چيائين وري ۽ وري،

”ته اچ راند ڍاري جي کيڏون هلي،

ڏسون ڪنهن جي قسمت وڃي ٿي چلي!

”جؤا لاءِڪوٺيل، اُهو وير نل،

عَلمدار، ودرڀ جو، دلگير نل،

”سهي ڪين ڇڪتاڻ اِهڙي سگهيو،

۽ پشڪر جي سڏ تي اُمالڪ اُٿيو،

”جؤا جي اُمالڪ لڳي ڌوم ڌام،

ڪَني سج ڪڍي ۽ مٿان آئي شام،

”رهيا مست پنهنجي اِنهي حال ۾،

جؤا جي اِنهيءَ جهل جنجال ۾،

”ڪليءَ جو ته نل ۾ هو واسو ڪيل،

اِنهيءَ لاءِ جيتڻ هو اُن جو اَٽل،

”وڃائڻ لڳو نل سڄو سون، ڌن،

۽ گهوڙن جون گاڏيون ۽ چوکا چمن،

”وڃايائين ٻانهيون ۽ اسباب سڀ،

”هئي هار هن جي ۽ ويريءَ جي جيت،

نه ساز آئي هن کي جؤا جي پريت،

مدد آئي دشمن کي ڍارن جي راس،

ڪيائين اِنهيءَ کيڏ سان نَل کي ناس،

”ٿيو داءَ پنهنجي تي دشمن مگن،

لڳو خوب ٻهڪڻ دغا جو چمن،

”سڄڻ ڪونه هن کي نِواري سگهيو،

نه هڪڙي به بازي هو هاري سگهيو!

”ٻڌو ڳالهه ڀارت ذرا غور سان،

سراسر اوهان کي ٿو مان سچ چوان:

”جڏهن شهر ودرڀ جي ماڻهن ڏٺو،

ته نَل وير بس ماڻهپي کان ويو،

”ٿيا پاڻ ۾ سڀ آمالڪ ڪٺا،

دمنتيءَ جي خدمت ۾ ڊوڙي ويا،

”ٿيا گڏ دمنتيءَ جا سڀ رشته دار،

رعيت جا ماڻهو ۽ خدمتگذار،

”حڪومت جا نواب، حاڪم، وزير،

سوين دوست دلخواه ۽ دلپذير،

”دمنتيءَ جي در تي ڪيائون سلام،

چوائي مُڪائون ته ”اي نيڪ نام!

”اچي شهر پنهنجي جو ڏس تون هجوم،

لڳل آهه ڳڻتين سندي ڌام ڌوم،

”اوهان ۾ پيو آهه ڪو خاص ڪم،

خدا واسطي رک تون ٻاهر قدم!

”وڃي نيشڌ کي هي اُمالڪ ٻُڌاءِ،

۽ اِن ڳالهه کي ڪين هرگز لڪاءِ،

”ته تنهنجا ٿيا جمع آهن وزير،

جي ٿا ساه جو توکي سمجهن سُڌير،

”ڪرڻ تنهنجو چاهن ٿا در تي سَلام،

سگهو اچ تون ٻاهر ۽ ڪر ڪو ڪلام،

”سَهي ٿا سگهون ڪين تنهنجو مَٺو،

ڪرڻ ٿا گهرون تنهنجو ڪو اَٺسٺو!

”دمنتي اِنهيءَ تي دهلجي وئي،

غمن جي ڪڙن ۾ جڪڙجي وئي،

”سندس دل کي صدمو رسيو دردناڪ

رُني ۽ رڙي ۽ چڪيا خوب چاڪ،

”اِنهيءَ حال ۾ نَل جي ٿي روبرو،

۽ روئندي ڪيائين اِها گفتگو-

”ته اي ديس ودرڀ جا داتا ڌڻي،

دمنتي ٿي پيرن جي تنهنجي پَڻي!

”ذرا وڃ تون ٻاهر ۽ ڪر ڪا نظر،

وزيرن سندي ڳالهه ٻُڌ سربسر،

”سڪن ٿا اُهي تنهنجي گفتار لاءِ،

۽ بيتاب ڏسجن ٿا ديدار لاءِ!

”اِنهيءَ ريت هر هر دمنتيءَ چيو،

۽ نل کي خبردار ڏاڍو ڪيو،

”مگر اُن ۾ واسو ڪيو هو ڪلي،

ويو هوش اُن جو هو رڻ ۾ رُلي،

”اِنهيءَ لاءِ خاموش بِيٺو رهيو،

۽ هڪڙو اکر ڪين واتان ڪُڇيو،

”ڏنائين نه اُن سندريءَ کي جواب،

سَڀن کي تعجب لڳو بي حساب،

”اِنهيءَ بعد نواب، حاڪم، وزير،

رعيّت جا ماڻهو ۽ سورهيه سڌير،

”لڳا پنهنجي دل ۾ چوڻ، ٿي اُداس،

ته ”راجا اسان جو ٿيو ڄاڻ ناس!

”گهڻو ٿي ستايل، دکي ۽ لڄي،

ويو پنهنجي گهر ڏانهن هرڪو ڀڄي،

”يُڌشٽر مَهاراج، عالي جناب!

اِنهيءَ ريت پشڪر هلايو حساب،

”گهڻائي مهينا هي بازي هلي،

۽ نل وير سان ترڪتازي هلي،

”مگر نل جي هر هر گهڙيءَ هار ٿي،

۽ هن پارسا سان بُري ڪار ٿي،

”دمنتي به ڏاڍي ٿي دل ۾ اُداس،

ورائي ويو اُن کي ڊَپ ۽ هِراس،

”مگر ڪين پنهنجو وڃايائين هوش،

۽ دل ۾ وڌايائين همّت ۽ جوش،

”ڏٺائين ته ”نل“ سرخرو سربلند،

ويو آهي ڏاڍو جؤا ۾ ٿي بند،

”بڻيو آهه بلڪل چريو ۽ کريو،

سندس مَن ۾ آڙاه غم جو ٻريو-

”اِنهيءَ تي هوءَ ڏاڍي پريشان ٿي،

۽ ڳڻتيون ويس دل جون مهمان ٿي،

”اِنهيءَ هوندي هن پنهنجي دل ۾ چيو،

ته ”مان ڪيئن ڪريان پنهنجي نل جو ڀلو،

”سندس جائداد آهه برباد ٿي،

۽ دل آهه دشمن سندي شاد ٿي،

”کپي مون کي نل جي چڱائي ڪرڻ،

۽ دشمن جي بلڪل صفائي ڪرڻ،

”اَٿم وسوسو دل ۾ هن ڳالهه جو،

هي پاپي ڪٿان نل ۾ پيدا ٿيو،

”اِنهيءَ شوم شيطان جي ترڪ تال،

ڪيو آهه نل لاءِ پيدا زوال،

”اِنهيءَ جي ڪريان ڇو نه ڪنهن سان صلاح،

جڏهن مشورو اهڙو آهي مباح!

”سندس پارسا هڪڙي دائي هئي،

سدا جنهن تي صدقي سچائي هئي،

”سندس ”برهت سپنا“ هو مشهور نام،

هئي خاص ٽهلي ۽ عالي مقام،

”سگهڙ ۽ سياڻي ۽ لڇڻن ڀري،

سچائيءَ جي پاتائين سر تي سري،

”هئي گهر جي سڀني ڪمن ۾ تکي،

سندس منهن منجهان ٿي شرافت بکي،

”سدا آگياوان، مِٺ ٻولڻي،

ضرورت بنا ڪين ڄڀ کولڻي،

”سڏي اُن کي ڀر ۾ دمنتيءَ چيو،

ته ماتا، نه ڪجهه آهه توکان ڳجهو!

”انهيءَ حال ۾ اُٿ ۽ امداد ڪر،

جو اُجڙي ٿو گهر اُن کي آباد ڪر!

”سگهو وڃ، وزيرن کي هڪدم گهراءِ،

۽ نل جو وڃي حڪم تن کي ٻڌاءِ،

”اُنهن کان اُنهيءَ بعد پُڇ ايترو،

جؤا ۾ ويو آهي ڌن ڪيترو؟

”ڪمي ڪيتري ٿي چڪي مال ۾،

۽ باقي بچيو آهه ڇا حال ۾؟

وزيرن جڏهن حڪم اهڙو ٻڌو،

تڏهن سڀڪو دل پنهنجي ۾ خوش ٿيو،

”چيائون ته ”اڄ ڀاڳ پنهنجو وريو،

خوشين جو ڏيو آهه ٻيهر ٻريو،

”ڪيو ياد نَل وير اَڄ پاڻ کي،

مليو قرب جو ڄڻ ته ڪڄ پاڻ کي،

”ڀڳا حڪم ٻڌندي ئي ٿي بيقرار،

۽ در تي ڪيائون اَچي انتظار،

”ڪيو ڄاڻ راجا کي ڀيميءَ وڃي،

مگر آگيا ڪين قسمت مڃي،

”ڏنو ڌيان هرگز نه نل نامدار،

دمنتيءَ کي ڀُلجي ويو پڻ ڀتار،

”ويو عقل اُن جي جو پردو کڄي،

دمنتي ٿي پنهنجي ڪئي تي لڄي،

”ڏٺائين ته ”نل ڪين پنهنجو ٿيو،

ٿيو آهه مون سان به اڄ بي چيو!

”پشيمان ٿي پٺتي واپس وري،

ٻڌي دانهن اُن جي ويا وڻ ٻري!

”اچي جاءِ پنهنجي تي بيهوش ٿي،

ڪڇي ڪين ڪنهن سان ۽ خاموش ٿي!

”مگر پوءِ هڪدم خبردار ٿي،

۽ ڪم پنهنجي جي لاءِ هوشيار ٿي،

”ڏٺائين ته نَل پارسا، پاڪباز،

صداقت جو سرتاج ۽ سرفراز،

”سدا پنهنجا ڍارا ٿو اُلٽا وجهي،

۽ سڀڪجهه ٿو پنهنجو لٽائي ڇڏي!


 


(1)  اندر راڻي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org