¡ گيت
(1)
قفس جي قيد مان نڪري پکي پنهنجص وطن ويندو.
جتي بلبل جو گل آهي اُتي بنجي چمن ويندو.
جلائي آشيان منهنجو مليو صياد ڇا توکي!
ڪڍان هڪ آه دل مان پر جلي پنهنجو ويندو،
قفس جي قيد مان نڪري پکي پنهنجي وطن ويندو.
چمن اجڙيو ته ڇا ٿي پيو نه آهي خوف زندان جو،
خزان جي دور ۾ به هر قدم بنجي چمن ويندو،
قفس جي قيد مان نڪري پکي پنهنجي وطن ويندو.
در و ديوار زندان جا روئن ٿا حال منهنجي تي،
مري ويندس ته لوئي جو ملي مون کي ڪفن ويندو،
قفس جي قيد مان نڪري پکي پنهنجي وطن ويندو.
(2)
منهنجا مارو ڪٿي ۽ ملير ڪٿي.
آندو آهه ڇڪي تقدير ڪٿي.
ديسي دوست مَٽي ڌاريا سيڻ ڪرڻ،
آهي موت کان وڌ پنهنجو ملڪ ڇڏڻ،
جن کان دوست ويو تن جو ڪهڙو جيڻ،
ٿيندي ساه سَڙئي کي سُڌير ڪٿي.
منهنجا مارو ڪٿي ۽ ملير ڪٿي.
موٽي ماڳ وڃڻ آهي ڳالهه ڳري،
وينديس ملڪ اَباڻي ڏي شال وري،
ڏسي ماروڙا پوندا نيڻ ٺري،
داتا ڪين ڪندو دلگير ڪٿي.
منهنجا مارو ڪٿي ۽ ملير ڪٿي.
(3)
الف- اي سج غروب ٿي وڃ تنهنجي روشني نه گهرجي.
اُن ماه روبنا ٻي جلوه گري نه گهرجي.
اي سج غروب ٿي وڃ.
ب-1- اي سج نه لهه خدارا تنهنجي روشني ٿي گهرجي،
اُن دلربا جي صورت ۽ دلبري ٿي گهرجي،
اي سج نه لهه خدارا
الف-2- الفت ڏسان ٿو روشن مان پنهنجي زندگيءَ ۾،
دلبر وٺي وڃان ٿو اڄ اُن جي روشني ۾،
اي سج غروب ٿي وڃ.
ب-3- جي تون غروب ٿيندين قسمت تباه ٿيندي،
منزل نه ساٿ ڏيندي، تاريڪ واه ٿيندي،
اي سج نه لهه خدارا.
(4)
دل ٿي سدا دانهون ڪري،
دلـــــــــــــبر دوســــــــــــــــت پــــــــــــــيارا،
آهيان ڪناري کان پري،
دلـــــــــــــبر دوســــــــت پــــــــــــــــــــيارا.
آهُن سان ٿي عرش جلايان،
پاڻي ۾ ٿي باه لڳايان،
هڪ باه ٿي من ۾ ٻري،
دلــــــــــــبر دوســـــــــــــــت پــــــــــــــيارا.
چئن ئي پاسي پاڻي پاڻي،
نينهن نهوڙيل آهي نماڻي،
باندي ٿي هڪ ماندي مري،
دلــــــــــــبر دوســـــــــــــــت پــــــــــــــيارا.
(5)
دل مــــــــــــــــنهنجي ڌڙڪــــــــــــي،
تــــــــن مـــــــــــــــنهنجو تڙپــــــــــــي،
اچ مــــــــــنهنجا ســــــــــــــهڻا،
اک مــــــــــنهنجي ڦــــــــــــڙڪي.
قدم قدم تي ٺوڪر کايان،
تــــــــــنهنجي واٽ نــــــــــهاريان،
حُسن جواني توتان واريان،
اک مــــــــنهنجي ڦـــــڙڪي
راه ۾ تنهنجي نيڻ وڇايان،
تنهنجي ڪريان غلامي،
تون نه اچين ٿو مون وٽ پيارا،
تنهنجي ڪريان غلامي،
تون نه اچين ٿو مون وٽ پيارا،
تنهنجي ڀريان سلامي،
هو اچ منهنجا سهڻا،
اک منهنجي ڦڙڪي.
(6)
مالڪ تو زماني ۾ ڇا کيل بنايو آهي!
پنهنجن کي مٽائي تو غيرن کي وسايو آهي.
گهر پنهنجو ويو اُجڙي خالق ٿو اڃان سڏجين،
جي پيار ٿا ڪن توسان تن کي تو رُلايو آهي.
مالڪ تو زماني ۾ ڇا کيل بنايو آهي!
خوشبو ٿي اچي تنهنجي هر وقت غريبي مان،
ڇو پنهنجي گلستان کي تو پاڻ جلايو آهي.
مالڪ تو زماني ۾ ڇا کيل بنايو آهي!
ڇو جوش نه اڄ تنهنجي رحمت کي رهيو آهي،
جي ياد ٿا ڪن توکي تن کي تو ڀلايو آهي.
مالڪ تو زماني ۾ ڇا کيل بنايو آهي!
(7)
پيارا به ويا وڇڙي، ٿي مون کان جدائي،
يا رب تو اِها منهنجي تقدير بنائي.
مون پيار کي دنيا ۾ سمجهيو ٿي بهاري،
ياد آهي اها پيار جي برسات به آئي،
جن کي تو نوازيو ٿي سدا پنهنجي ڪرم سان،
تن کي تو ڏني آهي در در جي گدائي،
ڪا ڳالهه نه تو منهنجي دنيا ۾ رهائي.
غيرن کي نصيبن ۾ ملي عيش جي دنيا،
هڪ منهنجي اُميدن کي تو باه لڳائي،
مان تنهنجو، مگر تنهنجي هر شي پرائي.
(8)
ڪهڙي ديس جو تون دلدار.
هــــــــــو پـــــــــــــرديسي جـــــــــــــيئڙا.
منهنجو تن من توتان نثار.
ڪنهن ٿي وهايون قرب جون ڪاتيون،
ڪنهن تي پاتيون جيءَ ۾ جهاتيون،
مون کي پنهنجو مليو دلدار،
هــــــــــو پــــــــــــــــــرديسي جـــــــــيئڙا.
تنهنجو رتبو هجي شال عالي،
پنهنجي ديس جو بڻجين والي،
تنهنجو موليٰ هجي غمخار،
هــــــــــــو پـــــــــــــرديسي جــــــــيئڙا.
(9)
يا خدا تقدير جو آهي بهانو بي وفا.
تون ئي سڀ ڪجهه ڪرين ناهي زمانو بي وفا.
منهنجي دل جو خون ڪنهن جي عيش جا موتي بڻيا،
بادشاهي ۾ ٿيو مون کان خزانو بي وفا.
يا خدا تقدير جو آهي بهانو بي وفا.
ڇا ڪندس اهڙي جيڻ کي ڇا ڪندس اهڙو جهان!
آهي جنهن ۾ زندگيءَ جو هَر فسانو بي وفا.
يا خدا تقدير جو آهي بهانو بي وفا.
(10)
ڏيندو ڇلڙو يار نشاني.
سر ساه ڏنم مهماني.
ڇلڙو منهنجي دلڙي ڌتاري،
اکڙين ۾ تصوير اُتاري،
پايان عشق جي ڳل ۾ ڳاني.
ڏيندو ڇلڙو يار نشاني.
ڇلڙو منهنجي نيهن جو ناتو،
پيچ پرين مون توسان پاتو،
تنهنجي قرب لڳائي ڪاني،
ڏيندو ڇلڙو يار نشاني.
ڇلڙو پايان چيچ لُڏايان.
ساجن توسان نينهن نڀايان.
ماڻين سُهڻل شال جواني،
ڏيندو ڇلڙو يار نشاني.
(11)
سُک جا سانگيئڙا موٽي شال ملن.
موٽي شال ملن وڇڙي ڪين وڃن.
روئندي روئندي رات وهايان،
ڏينهن ڏکن جو واٽ پُڇايان،
جيرا جوش جلن دونهان درد دکن.
سُک جا سانگيئڙا موٽي شال ملن.
روح ڪيون ٿي جن سان رهاڻيون،
ڪير ٻڌائي تن جون ڪهاڻيون،
اوڏا شال اچن ڀيرو ڪين ڀڃن.
(12)
دنبا دنبا دنبا دنبالي.
دل جي چمن ۾ آيون بهاريون.
ٿيون گل گلزاريون.
ٿيا ٿيا ٿپ ٿيا ٿيا ٿپ.
ماڻهو وسن ٿا پيارا پيارا،
سج چنڊ تارا،
دنبا دنبا دنبا دنبالي.
ڀونرا گلن تي ٿين هرجائي،
آهي وفا جي رمز اِهائي،
دنبا دنبا دنبا دنبالي.
(13)
دل دل سان ملي هڪ ٿي ويندي کلي پودا راز اشارن جا،
هلي رهبو اهڙي دنيا ۾ جتي پيار ٿا پلجن پيارن جا.
سڪ وانگي سڪ جي سمنڊن ۾ تو دوست سان مان هڪ ديواني،
ڪيا هوش خطا تو نظارن جا.
دل دل سان ملي هڪ ٿي ويندي کلي پوندا راز اشارن جا.
سج چنڊ ته گهورون گهوريندا، تارا به سلامي ٿي رهندا،
کُليا آهن رنگ بهارن جا.
دل دل سان ملي هڪ ٿي ويندي کلي پوندا راز اشارن جا.
مکڙي ٿي جو گلبند پوي در کولي ڇڏ خاموشيءَ جو،
وٺ ويهي مزا گلزارن جا.
دل دل سان ملي هڪ ٿي ويندي کلي پوندا راز اشارن جا.
(14)
او ڇو ٿي ڪرين قتلام.
ماڻهو اسان کي مهڻا ڏيندا.
تنهنجي سوز آ ڳاريو مونکي الا،
تو پيار ۾ ماريو مون کي الا.
او بره ڪيو بدنام.
ماڻهو اسان کي مهڻا ڏيندا.
نازڪ دل ۾ درد دکن ٿا،
مٺڙا مٺڙا سُور اُٿن ٿا،
او پيارا نه ڪر نيلام.
ماڻهو اسان کي مهڻا ڏيندا.
(15)
هلو يارو هلو يارو.
هلو ته کائون مڇي پلو.
مير مهاڻا سڀ جو ڀلو.
هلو وسايون مٺو کارو.
هو شوق منجهان سڀ ٻيڙيون ڇوڙيون،
ڪين محبت کان منهن موڙيون.
هلو يارو هلو يارو هلو يارو.
سانوڻ آيو ٿيون گلزاريون،
هر جا آهن باغ بهاريون.
هلو يارو هلو يارو هلو يارو.
(16)
منهنجو آهي پنهل سان پيار اديون.
ساڙيان سيج پلنگ ۽ سينگار اديون.
ڪيچي ڪيچ ويا ويڙم ويل ٽري،
اچي شهر ڀنڀور ۾ باه ٻري،
ويا هنج هلي آيا ڪانگ وري،
ٿيندا غير ڪٿي غمخوار اديون،
منهنجو پنهل سان آهي پيار اديون.
نه ڪا مونکي جهلي نه ڪا سور سلي،
پنهنجو پاڻ پلي نه ڪا ساڻ هلي،
ويندس ڪيچ ڀلي جان جلي،
ڀلو عشق سندو آزار اديون،
منهنجو پنهل سان آهي پيار اديون.
(17)
ڌوٻي من جا نه ميرا سِڪ جو گهاٽ وسائن.
سِڪ جو گهاٽ وسائن دل ۾ درد سمائن.
صابڻ صاف سچائيءَ وارو صدق منجهان ٿا آڻيون،
قرب جو ڪپڙو تن جو تختو دل درياهه ٿا ڄاڻون،
سينو صاف انهن جو جيڪي پاڻ وِڃائن،
ڌوٻي من جا نه ميرا سِڪ جو گهاٽ وسائن.
کُنب خرابي واري هيٺان باه بره جي ٻاريون،
رنگ رياضت وارو ڏيئي پنهنجو اندر اجاريون،
تن کي حيف جي پنهنجو ٻئي سان ويس مٽائن،
ڌوٻي من جا نه ميرا سِڪ جو گهاٽ وسائن.
(18)
لوڏي پينگهو ڏيان توکي لولي.
جيجل ماءُ سدا تنهنجي گولي.
منهنجي مٺڙي ڀولڙي، منهنجي سائي جهولڙي،
راڻي بنجي راڄ ۾ منهنجي پياري ڌي،
آ ڙي ڌيءَ تنهنجي نانءُ تان صدقو وڃان،
لوڏي پنگهو ڏيان توکي لولي.
ماڻين منهنجي به تون ئي حياتي،
توکي پهچي نه ڪُو ڏک ساٿي،
ڏسان اکڙين ۾ ساپي جي ٽولي،
لوڏي پنگهو ڏيان توکي لولي.
(19)
گهونــــــــــــگهٽ لاههِ ڪـــــــــــــنوار.
سرتين کان منهن نه مٽجي.
هاڻي ٿي ويندين ڌار.
قرب ڪٿي ويٺي کٽجي.
ميندي لائي زيور پائي،
سيج سهاڳ جي سڀڪا وسائي،
پيڪن جي ڪر پچار،
دل مان ڪڏهن نه ٿي گهٽجي،
گهونگهٽ لاههِ ڪنوار.
ور توکي چاهي ور کي تون چاهين،
کٽ تان پٽ تي پير نه لاهين،
ماڻي تون وڏي ڄمار،
وقت جي بازي ئي کٽجي،
گهونگهٽ لاههِ ڪنوار.
(20)
دل ۾ دلبر تنهنجي خاطر، سِڪ جي سيج وڇايان ٿي.
ساجن توکي ساه ۾ سانڍي، نازڪ نينهن نچايان ٿي.
تنهنجي دَر جي گولي بنجي، حيلا حال وڃايان ٿي،
جهنگ جبل ۾ ٿي ديواني، جيرا جوش جَلايان ٿي،
تنهنجي قدمن جي اي جاني خاڪ اکين ۾ پايان ٿي،
دل ۾ دلبر تنهنجي خاطر، سِڪ جي سيج وڇايان ٿي.
رُخ روشن تي پروانو بنجي، پنهنجو پاڻ پَچايان ٿي،
ڪانگ ڪبوتر توڏي اُماڻي، تنهنجا پَنڌ پُڇايان ٿي،
ديس ڇَڏي پَرديس ڏي ڪاهي، دونهان درد دُکايان ٿي،
دل ۾ دلبر تنهنجي خاطر، سِڪ جي سيج وڇايان ٿي.
(21)
گيت خوشيءَ جا ڳايان ڙي ڳايان.
آئي نشاني هوت پنهل جي، آئي نشاني خان پنهل جي.
ڳهڻا پايان، سيج وڇايان عشق اُجاريان، نيهن نچايان،
ميندي لڱن کي لايان ڙي لايان، آئي نشاني هوت پنهل جي.
ساه ۽ سر سوغات اُماڻيان، تار طلب جي تن ۾ تاڻيان،
پيچ پُنهل سان پايان ڙي پايان، آئي نشاني هوت پنهل جي.
جيڏيون سرتيون ڏيو واڌايون جانب جوڙيون جيءَ ۾ جايون،
ڀاڳ ڀليرو ڀانيان ڙي ڀانيان، آئي نشاني هوت پنهل جي.
(22)
پرديسين سان ڪهڙي الله ياري.
منهنجي زاري توبهه زاري.
پرين دل جا پيارا او ڀلو، منهنجا يارا.
عجب عشق وارا او ڀلو منهنجا يارا.
اچو مهر وارا موتي وسايو،
پري کان نهاريو هٿ نه لڳايو،
دل کي ملي دلداري،
پرديسين سان ڪهڙي الله ياري.
اِهي راز دل جا مان ڪنهن کي ٻڌايان،
اُهو ڪير جنهن کي اکين ۾ وسايان،
منهنجا نيڻ شڪاري،
پرديسين سان ڪهڙي الله ياري.
سلامت هجين تون سدا منهنجا سائين،
مسافر پکي سان او متان دل لڳائين،
اهڙي پيار کان زاري.
پرديسين سان ڪهڙي الله ياري.
(23)
مان نوڪر تنهنجو آهيان ڀوتار سائين تون.
ڀوتار سائين تون او جيئين سدائين تون.
مان ٻانهي تنهنجي آهيان محبوب سائين تون،
محبوب سائين تون او جيئين سدائين تون.
او ڇوڪري ڙي تنهنجا ناز نخرا،
ناز نخرا اَسين ڏاند ٻڪرا،
مان نوڪر تنهنجو آهيان.
پنهل پنهل جهنگ ۾ مان روز پڪاريان،
تنهنجي خاطر ڪڪڙ ڪهايان،
مـــــــــــــان نـــــــــــوڪر تـــــــــــنهنجو آهـــــــــــــيان.
(24)
وَڃ نه پَري مون کان هَٿڙو ڇَڏائي.
ڪر نه جدائي مُنهنجي دِلڙي وَسائي.
دلِ جي صَدا توکي وَڃڻ نه ڏيندي،
ٿڌڙي هَوا تنهنجي واٽ جهليندي،
نازَ ڪري توکي پيار مان چَوندي،
دُور نه ٿي ڪنهن جي دلڙي رَنجائي.
دِل جو گلشن توئي سَجايو،
اُنَ ۾ پنهنجو پيار وَسايو،
توکان سَوا مُنهنجو جِيڻ اَجايو،
مِل ته سَهي پنهنجو قُرب وَڌائي.
دِل ۾ وَڄن ٿيون اَڄ شرنايون،
گيِت پِريتَ جا گڏجي ڳايون،
مُنهنجي اَکيُن ۾ تنهنجون جايون،
ٿي نه جُدا، منهنجي جِندڙي جَلائي.
(25)
محبوب مِٺا منٺار سڄڻ.
توکي گلڙن جا پايان هار سڄڻ.
بازي کٽي آئين خير سان يار سڄڻ.
تنهنجي خوشي، منهنجي من جو ماڻو،
مان تنهنجي مومل تون منهنجو راڻو،
قربان وڃان سو وار سڄڻ،
بازي کٽي آئين خير سان يار سڄڻ.
دل جي چمن جو تون گل پيارا،
تون گل ۽ مان بلبل پيارا،
اَڄ مون کي مِليو تنهنجو پيار سڄڻ
بازي کٽي آئين خير سان يار سڄڻ،
اَچ ته زمين کي باغ بنايون،
عرش تي چنڊ چڪور سَڏايون،
منهنجي پيار جو ڪر اِقرار سڄڻ،
بازي کٽي آئين خير سان يار سڄڻ،
تنهنجي خوشي، منهنجي دل جي دولت،
تنهنجون ڳالهيون روح جي راحت،
آباد ڪريون گلزار سڄڻ،
بازي کٽي آئين خير سان يار سڄڻ.
ميل ميلاپ جون آيون سدائون،
توکي مليون منهنجي دل جون دعائون،
منهنجي دل جو تون دلدار سڄڻ،
بازي کٽي آئين خير سان يار سڄڻ.
(26)
هائي ڌڪ ڌڪ ڌڪ ڌڪ دل ڪري، او دل ڪري،
او منهنجا سهڻا سائين!
سَڀ ٿا چون مون کي حسن جي راڻي،
مان بلبل مون کي هَر گل پيارو،
ڪو سَنهو ڪو مَرد مَتارو،
پيار مٿان منهنجي جندڙي وِڪاڻي،
سَڀ ٿا چَون مون کي حُسن جي راڻي.
کڻي نوٽ ناڻو، ڏِٺم لاڙڪاڻو،
سکر ۾ مِليو مون کي سُهڻل سياڻو،
حيدرآبادي، سنڌ جو راڻو،
ڪراچي جا واجا، جواني تون ماڻين،
سَڀ ٿا چون مون کي حُسن جي راڻي.
(27)
مست قلندر لال قلندر.
موليٰ عليءَ جي آل قلندر.
قلندر جي صدقي خدايا ڪرم ڪر.
زماني ۾ آهن قلندر اڍائي،
سڀن کان مٿي آهي تنهنجي وڏائي،
عليءَ کان ملي توکي مُشڪل ڪُشائي،
ڏکن کان پري تون اسان جو قدم ڪر،
مست قلندر لال قلندر.
تون ئي کير تي گل سِنڌڙيءَ جو سائين،
عباسڻ جو هردم عَلم ٿو جهلائين،
وڇڙي ويا جي انهن کي ملائين،
اُميدن جا گل ڏي، خزان کي ختم ڪر،
مست قلندر لال قلندر.
(28)
اڄ گهوٽ ٿئين تون يار پنهل.
تنهنجي در تي خوشيءَ جا دُهل وڄن.
دل خوشيءَ جا گيت ڳائي، آهي شادي يار جي،
سر ساه صدقو ڪريان دلي ٺڙي دلدار جي،
دل ناچ نچي، من موج ڪري،
مستن کي نشي جا جام ملن،
اڄ گهوٽ ٿئين تون يار پنهل.
لال بنرا سڪ منجهان اڄ توکي سنگت ٿي سڏي،
رات جي راڻي جا راجا وڃ نه يارن کي ڇڏي.
محفل جو تون مور مٺل!
تنهنجي سر تي موڙ لُڏن،
اڄ گهوٽ ٿئين تون يار پنهل.
(29)
هو ڪهڙي پار وڃان مان پنڌڙو ڪري.
دلدار اکين کان ڇو آهي پري.
مون کي پل پل تنهنجا پور پون،
اکيون هردم تنهنجي واٽ ڏسن،
دونهان درد فراق جا روز دُکن،
منهنجو تو کان سوا نٿو ساه سري.
مون کي روئڻ ڏيو بادل اڄ نه وسو،
منهنجي اکڙين ۾ طوفان ڏسو،
راهون ڀُلجي ويون مون کان پيارو ويو،
ساري جڳ ۾ خوشي، دل ۾ باه ٻري.
پَلپل پُور پون، مان پڪاريان ٿي،
تنهنجون راهون روز نهاريان ٿي،
هيڻو حال ٿيو، هنجون هاريان ٿي،
دل ٿي دانهن ڪري، اچ ڌيان ڌري.
ساڳيو چنڊ ۽ ساڳي چانڊوڪي،
ساڳيا خواب ۽ ساڳي بي تابي،
رڳو صورت ناهي تو دلبر جي،
اچ پير ڀري، منهنجو ڀاڳ وري.
قسمت قيد ڪيو مون کي پيارن کان،
جيئن ڪا وڇڙي ڪُونج قطارن کان،
گل آههِ جُدا گلزارن کان،
دل جي دانهن تي نٿو ڌيان ڌري.
اِهو صدمو ساهَ سلهاڙي ٿو،
غم باغ خوشيءَ جو اُجاڙي ٿو،
سُهڻا! سوز جو سج دل ساڙي ٿو،
موٽي اچ تون مٺا! من منهنجو ٺري.
تنهنجي روز نهاريان راه مٺا،
مجبور سان مل، غم لاه مٺا،
منهنجي تن ۾ وَسي تنهنجو ساه مٺا،
اچ پنهنجي ڀَلائيءَ جا پير ڀري.
(30)
ڪيئن پرچايان توکي ڪيئن سرچايان توکي.
منهنجا مٺا منٺار سهڻا سائين مون کان نه ٿي ناراض.
سهڻل مون کان تون نه خفا ٿي،
چنڊ تون منهنجو مان چانڊوڪي،
بگڙي مورت وارا سهڻي صورت وارا،
سونهن جو تون سرڪار.
منهنجا راڻل باغ ۾ گل کان نٿي خوشبو رُڪي،
ڇو رُٺو آهين تون پيارل پيار جي بازي کٽي،
روح ريجهائڻ وارا دل وندرائڻ وارا،
مـــــــنهنجي هـــــــــــنئين جـــــــــا هـــــــــــــــار.
(31)
آ محبوب مٺا تون آ.
اچ ته ڪريون مٺيون ڳالهڙيون.
دوست نه هڻ دونالڙيون.
عشق کي حُسن جي ذات وڻي ٿي،
بادل کي برسات وڻي ٿي،
چنڊ کي روشن رات وڻي ٿي،
دوست نه هڻ دونالڙيون.
پکي لنون ٿا مٺڙيون لاتيون،
باغ ۾ آهن بره جون باتيون،
اکڙيون آتيون جهات ۾ جهاتيون،
دوست نه هڻ دونالڙيون.
مون کي تنهنجو جلوو پيارو،
منهنجي ساه جو تون ئي سهارو،
اکڙين ۾ تون ويهڻ وارو،
دوست نه هڻ دونالڙيون.
ڏينهن کي مٺڙي رات کپي ٿي،
رات منجهان پرڀات کپي ٿي،
تن کي تنهنجي تات کپي ٿي،
دوست نه هڻ دونالڙيون.
بلبل گل کي پيار ڪري ٿي،
صورت جو سينگار ڪري ٿي،
اُلفت جو اقرار ڪري ٿي،
دوست نه هڻ دونالڙيون.
پيار ڪرڻ کان ڇو شرمايان؟
سانوڻ بنجي مينهن وسايان،
تنهنجي اکين ۾ ساه سمايان،
دوست نه هڻ دونالڙيون.
(32)
هڪ مٺڙو اَلا منهنجو منڙو،
دل کي لٽي بيمار ڪري ويو.
اَلا ظلم زور آور يار ڪري ويو.
محبوب چُمان تنهنجون راهون،
ٻڌان تنهنجي اڳيان ٻئي ٻانهون،
الا! ڪنهن کي ڏيان اِهي دانهون،
اِقرار ڪري ويو اِنڪار ڪري ويو.
توکي سُهڻل سِڪ مان ساريان،
تنهنجي پيار ۾ ڏينهن گذاريان،
سِر ساه سڄڻ تان واريان.
الا پيارل ٻيڙو پار ڪري ويو.
(33)
سُهڻي سنڌڙيءَ تان صدقي،
جنهن ۾ لال قلندر آيو.
سُهڻي سيوهڻ تان صدقي.
جنهن ۾ مرشد لالڻ آيو.
ساري دُنيا تنهنجي سُوالي،
مرشد! تون مِهراڻ جو والي،
تو تي عليءَ جو سايو،
لال قـــــــــــــــــــــــــــــلندر
آيــــــــــــــــــــــــــــــــــو.
سيد تنهنجا سِهرا پايان،
خاڪ اکين ۾، تنهنجي پايان،
سِنڌ کي تو رنگ لايو،
لال قــــــــــــــــــــــلندر آيــــــــــــــــــــــــــــو.
(34)
بره وڄائي ٿو بين
جوڳي آهيون جڳ کان نرالا
هرجا پرين جو آهه پسارو
صدقي سارو تخت هزارو
عشق چيم آمين
قرب ڪڍايا قاف ڪشالا
جانب تنهنجا جوڳي آهيون
روز ازل کان روڳي آهيون
ٻاري باه زمين
عرش اُڀا ڪيا بڙڇيون ڀالا
عشق اسان جي رنگ رچايو
ويس مٽايو، ديسي ڇڏايو
رهبر راه مبين
هرجا تنهنجا آهن اُجالا
هر هر آهن سؤر سوايا
ڌونهان دل ۾ درد دکايا
تن کي ڪٿي تسڪين؟
آندا سر تي عشق اُٿالا.
(35)
کڻ اکيون کِلي نهار،
کڻ اکيون کِلي نهار.
باغ ۾ بهار ڏس،
هَل سگهو نديءَ جي پار،
ڪر نظر پَهاڙ ڏي،
ڪيئَن نچن ٿا آبشار!
وڻ جي ڇانءُ هيٺ ويهه،
دلربا! تون دل ڌتار،
پيار مان کِلي نهار،
کڻ اکيون کِلي نهار.
ٻانهن لوڏي ڏس اچي.
رنگ ريگزار جا،
موسمِ بهار ۾،
گيت ڳايون پيار جا،
گهُم نه تون پَري پَري.
گل ٽِڙيا بَهار جا.
پيار مان پرين پُڪار،
کڻ اکيون کِلي نهار.
سال ويا لنگهي سوين،
دلربا جي ديد کي.
قرب مان ”رشيد“ کي،
شوق جي شهيد کي،
ڪين تون پَري گذار.
کڻ اکيون کِلي نهار.
(36)
منهنجو پيار سدا آباد رهي
تنهنجو وعدو مٺل توکي ياد رهي
1-
اڄ شاهد ڪر چنڊ تارن کي
هن رنگ برنگ نظارن کي
تنهنجو وعدو مٺل توکي ياد رهي
2-
دل ظاهر عشق جا راز ڪري
منهنجو چنڊ چڪور سان ناز ڪري
تنهنجو وعدو مٺل توکي ياد رهي.
(37)
ظالم زمانه ڪٿي تو مون کي رُلايو.
بگڙيو مقدر جيئڻ آ جڳ ۾ اجايو.
ڇو نه ستائي مون کي زمانو،
تنهنجي خوشي منهنجي دل جو خزانو
تنهنجي محبت مون کي ديوانو بنايو.
ڌرتي دشمن سج ٿو ساڙي،
دل جو گلشن غم ٿو اُجاڙي،
تنهنجي صدقي ۾ سمورن مون کي ستايو.
(38)
اَلله خير ڪري موليٰ ڪري.
مسڪين کي ڏي لاچار کي ڏي.
رب توکي ڏنو زر مال سخي،
ڏس هيڻن جا تون حال سخي،
بدحال کي ڏي بيمار کي ڏي،
اَلله خير ڪري موليٰ ڪري.
اڄ آيو سوالي دان وٺڻ،
تنهنجي در جا سوين احسان وٺڻ،
هن پيالي ۾ پينار کي ڏي.
اَلله خير ڪري موليٰ ڪري.
(39)
مون ته روئندي رات گذاري.
آ مِل بيوس آهيان.
بيوس دل توکي ٿي پُڪاري،
بلبل پڃري ۾ ٿي گذاري،
منهنجي توبه توبه زاري،
آمل بيوس آهيان.
موت برابر تنهنجي جدائي،
تنهنجي جدائي جان جلائي،
تنهنجي عشق جي واٽ نياري،
آ مِل بيوس آهيان.
چنڊ چڪور ٿي، عشق ڪمايون،
پيار جو گلشن ڇو نه وسايون،
دل درد فراق جي ماري،
آ مِل بيوس آهيان. |