”ڀلي جيءَ تون سُک سان، هي سچ ٿو چوان،
۽ جيئدان توکي ٿو جڳ ۾ ڏيان!
”ڪريان توکي واپس ٿو مان زندگي،
نه حاصل ڪندس اهڙي شرمندگي،
”ڪريان ڌن به واپس ٿو توکي عطا،
نصيبن جي توکي نه ڏيندس سزا،
.چوان وير توکي ٿو مان صاف سچ،
خوشيءَ سان تون جڳ ۾ ٿي نروار نچ!
”اُها پهرين تو لاءِ اُلفت اَٿم،
رکيل دل ۾ ساڳي صداقت اَٿم،
”اِنهيءَ ۾ نه آهي ڪو وهم ۽ گمان،
نه چاهيان ٿو توکي رسائڻ زيان،
”ڪڏهن گهٽ نه پنهنجي محّبت ڪندس،
سدا پيش تنهنجي صداقت ڪندس،
”اُهو ڀاءُ منهنجو تون آهين سدا،
سِڪون دل جون پُشڪر تون لاهين سدا،
”دعا آهه هردم سلامت هجين!
سوين سال دنيا ۾ زنده رهين!
”اِنهيءَ ريت نَل پارسا پاڪباز،
سخاوت جو سرتاج ۽ سرفراز،
”ڏئي ڀاءُ جي دل کي ڪيف و سُرور،
ڪري اُن کي ڀاڪر ۾ بخشي قصور،
”نگر پنهنجي ڏي اُن کي رخصت ڏني،
اُتي عيش ماڻڻ جي مُهلت ڏني!
”اِنهيءَ ريت پشڪر لڌي زندگي،
۽ حاصل ٿيس ڏاڍي شرمندگي،
”ٻڌي هٿ چيائين هي نل کي شتاب،
ته ”اي نل بهادر، سدا ڪامياب!
”سدا تنهنجي روشن سخاوت هجي!
مروّت هجي - ۽ لياقت هجي!
”رکي توکي آباد پروردگار،
هجين ورهيه زنده سڄا ڏهه هزار!
”ٿيو مو کي جيئدان توکان عطا،
جڳهه جي به مون تي ڪئي تو سخا،
”اِنهيءَ لاءِ ٿورا ٿو تنهنجا مَڃان،
۽ تنهنجي سهاري ٿو زنده رهان!
”اِنهيءَ ريت لک مهربانيون ڏسي،
سخاوت جون بيحد نشانيون ڏسي،
”گهڻو نيشڌ وٽ شاد پُشڪر ٿيو،
مهينو سڄو اُن کي گذري ويو،
”اُنهيءَ بعد پنهنجن حبيبن سميت،
رفيقن سميت ۽ عزيزن سميت،
”وٺي پاڻ سان گڏ هزارين غلام،
ڪروڙين ڪري نَل کي سڪ مان سلام،
”ٿيو شهر پنهنجي ڏي واپس شتاب،
۽ چمڪيو ٿي اِن ريت جيئن آفتاب!
”اِنهيءَ ريت پنهنجي هلائي سخا،
ڪري ڀاءُ کي مال و دولت عطا،
”نگر پنهنجي ڏي وير نَل موڪليو،
سندس ڪارنامو هي زنده رهيو!
”اُنهيءَ شهر سهڻي ۾ گهارڻ لڳو،
”اچي شهر پنهنجي ۾ نل نامدار،
رعيّت کي پرسن ڪيو بار بار،
”ٿيا شاد شهري، اَمير ۽ وزير،
ٿين ساهه کي خوب حاصل سُڌير،
”ٻَڌي هٿ سمورا چوڻ هي لڳا،
ته ”دک درد آهن اَسان جا لٿا!
”اوهان جي اَچڻ سان ٿي آهي خوشي،
سڄي ملڪ ۾ ٿا ڏسون تازگي!
”گذارن ٿا جئن سرڳ ۾ ديوتا،
۽ اِندر جي شيوا ۾ آهن سدا،
”اِنهيءَ ريت آهن اوهان جا غلام،
۽ ڪن سڪ وچان ٿا اوهان جا سلام!
نل جو دمينتيءَ کي نشڌ ۾ گهرائڻ
”سڄي شهر ۾ جئن خوشي ٿي گهڻي،
۽ نَل جي سخاوت سڀن کي وڻي،
”دمنتيءَ کي نل وير سڪ مان شتاب،
وٺي شهر ۾ آندو، ٿي ڪامياب،
”نشڌ ديش جا وڻ دمنتيءَ ڏٺا،
ڪيائين ڦِٽا وهم ۽ وسوسا،
”اُهو ڀيم پنهنجن پراون ۾ پاس،
ڪري دشمنن جي قطارن کي ناس،
”سدا صبر وارو سدا پاڪباز،
سدا سڪ جو سائين، سدا سرفراز-
”دمنتيءَ کي اُن خوش ٿي رخصت ڏني،
ڏنو مال دولت ۽ عزت ڏني.
”وٺي ڌيءُ ۽ پُٽ کي دمنتي دلير،
نشڌ جي سَفر لاءِ پاتائين پير،
”دمنتي جڏهن نَل کي پهتي اَچي،
تڏهن اُن سندي دل خوشيءَ مان نچي،
”لَٿس شهر پنهنجي ۾ اِئين غم اَلم،
”نندن وَن“ ۾ جئن آهه اِندر جو دم،
”ٿيو ديوتائن ۾ اُن جو شمار،
رَهي اُن جي گلشن ۾ هردم بهار!
”وري راڄ پشڪر وٽان هٿ ڪيو،
۽ خوش ٿي حڪومت هلائڻ لڳو1
”غريبن جي شيوا ڪيائين سدا،
ضعيفن کي سڀڪجهه ڏنائين سدا!
”سندس نام نل هو، ٿيو نامور،
سدا اُن تي راضي رهيو اِيشور!“
يڌشٽر کي آخري نصيحت
”يڌشٽر، ٻڌو تو سمورو بيان!
اهو ”نل دمنتي“ سندو داستان،
”اِنهيءَ ريت تون نامور ڌرم راڄ،
ڪندين پنهنجي حاصل وري تخت و تاج،
”ڪندين سوڀ حاصل عزيزن سميت،
رفيقن سميت ۽ حبيبن سميت،
”تون ڀارت، سڀن ۾ زبردست تون!
ڪرين دشمنن کي به ٿو پست تون!
”اِنهيءَ ريت سورهيه هو نل نامدار،
ڪيا جنهن ٿي برباد دشمن هزار،
”مصيبت سَٺي اُن جوا جي ڪري،
ٿيو ڏور ڏيهان ۽ ملڪان پري،
”بڻيو پتنيءَ سان گڏ صفا بي وطن،
ڇڏي شهر جا سُک، وسايائين، بَن،
”اڪيلو رُليو سُڃ بيبان ۾،
رکيائين قدم غم جي ميدان ۾،
”ڪٺن اُن تي گذري اِها واردات،
ڪيائين وري نيٺ حاصل نجات،
”تفاوت ٿو اُن ۾ تو ۾ ڏسان،
اِنهيءَ لاءِ توکي ٿو مان سَچ چوان،
”وري ڀائرن سان ته تون آهين گڏ،
جي توکي ڏين ٿا سدا سَڏ ۾ سَڏ!
”اوهان سان دَرُپدي به گڏ ٿي رهي،
۽ بَن ۾ اوهان جي ٿي شيوا ڪئي،
”رهيو آهين هردم تون آرام ۾،
گذاريو نه تو آهه آلام ۾،
”مها آتما ويد، ويدانگ ۾،
برهمڻ کنيا گڏ تو هر رنگ ۾،
”اِنهيءَ هوندي ٿو گهاءِ گهوڙا ڪرين!
۽ قسمت تي پنهنجي ٿو روئين رڙين!
”اُهو نانگ ”ڪرڪوٽڪ“ ۽ نل دلير!
دمنتي ۽ راجا رتوپرن شير!
”اِنهن جو ٿو جئن ياد نالو ڪجي،
ڪلي ناس اُن دم ٿو سارو ٿئي!
”ٻُڌي آهه اُن شخص جي تو ڪٿا،
جو هو پاڪدامن، سچو پارسا،
”سندس نام نروار، نَل نامور،
ڪليءَ کي ڪيو ناس، جنهن سربسر،
”دمنتيءَ اُنهيءَ جي سچي اِستري،
مصيبت ۾ هر وقت گڏ ٿي رهي،
”ٻُڌي ”نل دمنتيءَ“ سندو داستان،
سگهو صبر جو جوڙ دل ۾ مڪان،
”سدا صبر جو ڦل ٿِئي ٿو مِٺو،
نه ڪنهن آهه اُن جهڙو رهبر ڏٺو،
”اِنهيءَ ڦَل ملڻ لاءِ ويچار ڪر!
نه دل صبر کان پنهنجي بيزار ڪر!
”نه ڪر اُن جي بربادگيءَ جو خيال...
اِها ڳالهه هرگز نه آهي محال!
”وري توکي راجا ٻُڌايان ٿو سچ،
اِنهيءَ صبر کان ڪين تون باز اَچ!
”ٻُڌي نل جو قصو نه ٿي دردمند،
نه ڪر درد ۽ غم کي هرگز پسند،
”مهاراج، جي ڪا مصيبت اَچي،
اُنهيءَ لاءِ توکي نه ڪو ڏک ٿئي،
”ٿئي ڀاڳ، جي ڪنهن جي ٿو برخلاف،
مصيبت ٿي سِر تي اَچي صاف صاف،
”اُنهيءَ جو نه غم صبر وارا ٿا ڪن،
سدا مرد بنجي ٿا سختيون سَهن!
”ٻُڌي يا ٻُڌائي جو هي داستان،
اِهو ڪين ڪنگال جڳ ۾ ٿئي،
۽ هر وقت مَن جون مرادون لهي،
”زماني ۾ هردم رهي ڪامياب،
سندس هرڪو مقصد ٿئي برصواب،
”صداقت ڀريو، جو هي قصو ٻڌي،
پٽن جو ۽ پوٽن جو مالڪ ٿئي،
”رهي ڪين ماڻهن ۾ هو پست ٿي،
گذاري سدائين زبردست ٿي،
”بدن ۾ سدائين نِرويو رهي،
نه بيمار بنجي، نه هيڻو ٿئي،
”هجي دل ۾ اُن جي سدائين خوشي،
نه ڳڻتيون ڏين اُن جي من کي هُشي-
”يڌشٽر، اِها ٿو نصيحت ڪريان،
وڏيءَ سڪ منجهان ٿو هدايت ڪريان:
”جوا ۾ جڏهن ڊپ جو ڪارڻ ڏسين،
مصيبت ۾ مايوس بنجي وڃين،
”تڏهن مون کي سڏ ڪر، خبردار ٿي!
ڏسي هار پنهنجي نه بيزار ٿي!
جوا جا وڏا ڍنگ ڄاڻان ٿو مان،
ٺڳي جو ڪري تنهن کي تاڻيان ٿو مان!
”ڪندس دور تنهنجو سڄو خوف ڊپ،
مصيبت ۾ ٿيندو، جتي منهنجي کَپ!
”تون ٻڌ پُتر ”ڪنتيءَ“ سندا پاڪباز،
جوا جا ٿيا ختم سڀ مون تي راز،
”ٿيس توتي پَرسن، ۽ سچ ٿو چوان،
جوا جو ٿو اَڄ علم توکي ڏيان،
”اِهو علم حاصل ڪري وٽ سگهو،
پَلؤ سوڀ سان اَڄ ڀري وٺ سگهو!“
جڏهن بره وشو اهڙو گفتو ڪيو،
يڌشٽر تڏهن خوش ٿي اُن کي چيو:
ته ڀڳوان، ٿورا ٿو تنهنجا مڃان،
ردايه اکر مان سکڻ ٿو گهران!“
تڏهن به وشو اُن کي پرسن ڪيو،
ردايه اکر مان هو واقف ٿيو،
هئي ”اشوشر“ هڪڙي تيرٿ جي جاءِ،
ويو بره وشو اُن ۾ اِشنان لاءِ،
وڃڻ بعد اُن جي يڌشٽر ٻُڌو،
برهمڻ اچي ڪنهن اُنهيءَ کي چيو:
ته ”تيرٿ، پهاڙن ۽ بن ۾ ڏٺم،
ڪيو جن ٿي تپ ٿو هاڻي ڪري،
هوا کائي ٿو پيٽ پنهنجو ڀَري،
”وڏي سگهه جو مالڪ سو اَرجن جوان،
ڪٺن تپ ڪري ٿو، ڇڏي سڀ گمان،
”تکو تپ نه ٻيو ڪو ٿو اهڙو ڪري،
نه اُن جهڙي همت ٿو ٻيو ڪو ڌري،
”اُهو تپسوي اَرجن آهي سچار،
اَڪيلو اُصولن مٿان برقرار،
”سدا ڌرم جي آهه مورت اُهو،
رکي پاڪ پياري ٿو صورت اُهو،
”ٿيو گوڙ گهمسان، ويجهو پَري،
ته ارجن اِجهو بَن ۾ تپ ٿو ڪري!“
ٻُڌي ڳالهه اهڙي يڌشٽر دلير،
سچو پتر ڪنتيءَ جو، ماڻهن ۾ شير،
لڳو ڀاءُ اَرجن سندو غم ڪرڻ،
سندس پاڪ اُلفت سندو دم ڀرڻ،
چيائين ته ”مالڪ، نه ڪر تون اُداس!
زماني جو ڪر دُور دل مان هراس!“
{
|