سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :32

 

خاتمه ڪلياتِ گدا

 

واه وا، تنهنجو عجب شان، ڪلياتِ گدا!

قدر ڪن ڇو نه سخندا، ڪلياتِ گدا!

تو تي عالم ٿيا قربان، ڪلياتِ گدا!

تنهنجا بي علم به خواهان، ڪلياتِ گدا!

تو ۾ ڪهڙا نه فصاحت جا وهن ٿا دريا،

شعر تنهنجا ٿيا آسان، ڪلياتِ گدا!

ڪيترن هٿ ۾ کنئي پنهنجي، هُئي تيغِ سخن،

سَر ڪيو شعر جو ميدان، ڪلياتِ گدا!

شآهِ مردان جي گدا، جنهن ۾ وڌو روح جڏهن،

ڇو نه تازو ڪري اِيمان، ڪلياتِ گدا!

خاص خوبين کي ڏِسڻ شرط، طلب ڇو نه ڪندا،

هند ۽ سِنڌ ۽ اِيران، ڪلياتِ گدا!

شُڪر الله جو، پيدا ٿي چڪو تنهنجي ڪري،

اَڄ اِشاعت سَندو سامان، ڪلياتِ گدا!

آههِ مشهور ٿيو بورڊ، جو سِندي اَدبي،

اُن جو مَڃ خاص تون اِحسان، ڪلياتِ گدا!

تنهنجي اَڪار جي هن وقت، ضرورت آهي،

وجهه اَدب ۾، تون نَئين جان، ڪلياتِ گدا!

ماڻهپو ختم ٿيو آههِ، نه ماڻهن ۾ شعور،

ڪر تون حيوان کي اِنسان، ڪلياتِ گدا!

پنهنجي خوبين کي، نه هاڻي تون زماني ۾ لڪاءِ،

تنهنجو هر هنڌ ٿِئي مان، ڪلياتِ گدا!

حيدرآباد ۾ جو آههِ، اَديبن جو ”خليل“،

اُن وٽان مون کي مِليو دان، ڪلياتِ گدا!

ڪربلائي ٿا سڏن جنهن کي، سو مِرزا اَحسن،

منهنجو مُحسن رهيو هر آن، ڪلياتِ گدا!

بس لَڌو ساٿ بزرگن جو، جڏهن مون بيڪس،

تنهنجي تڪميل ٿي آسان، ڪلياتِ گدا!

عيسوي سال هو اُڻويهه سَو پنجاهه ۽ پنج،

۽ هو آگسٽ جو فرمان، ڪلياتِ گدا!

ڏينهن آچر جو ڪراچي ۾، ۽ تاريخ سَتين،

جنهن ۾ برسات جو اِمڪان، ڪلياتِ گدا!

توکي تڪميل جي منزل تي رسايو، مون ”رشيد“،

تنهنجو الله، نگهبان، ڪلياتِ گدا!

 

{

 

 

 

عدل جو زمانو

 

(1)

مون کي خود داريءَ جو جذبو ڇو نه شرمائي اڃا؟

جوشِ غيرت ڇو نه دل ۾ باه ڀڙڪائي اڃا؟

ڇو نه هي ظالم زمانو، چال بدلائي اڃا؟

ظلم جا تارا ڪڍي، مو ڏي ڇو واجهائي اڃا؟

مفلسيءَ جي قبر ۾ ڇو مون کي دفنائي اڃا؟

 

(2)

وئي ستم جي صاحبي آئي حڪومت عدل جي،

بي وسيلن، بيڪسن تي، ٿي عنايت عدل جي،

ظالمن تي ٿي چڪي غالب شجاعت عدل جي،

ٿي چڪي دنيا ۾ اڄ، تعمير جنت عدل جي،

پاڪ گلشن ۾ گذاري، ڇو دل گهٻرائي اڃا؟

 

(3)

اڄ ته مان تقدير جو سج، پاڻ ٿو لاڙي سگهان،

ڪنهن جي بيجا آسرن تي ڪين ٿو ڀاڙي سگهان،

هن خوشيءَ جي دور ۾ ڳوڙها نٿو ڳاڙي سگهان،

ظلم وارن جا مٿا، مان پاڻ ٿو ڦاڙي سگهان،

هاڻي ڏسجو، منهنجي محنت ڪير ٿو کائي اڃا!

 

(4)

اي زمانا! ڏس، قلم منهنجي جو دشتِ ڪارِ زار،

نوڪ مان ان جي ٿي نڪري، تنهنجي آڏو هي پڪار،

”شاهِ مردان“ شيرِ يزدان، قوتِ پروردگار“

”لا فتيٰ الا علي، لا سيف الا ذوالفقار“

حيدري نعرو ٿو تنهنجو ڏيل ڏهڪائي اڃا.

 

(5)

چشمِ خندان کي نه منهنجو روڄ ۽ راڙو کپي،

عشقِ ڪامل کي نه هرگز حسن جو ڌاڙو کپي،

ملڪ منهنجي ۾ سياست جو نه آکاڙو کپي،

قوم جي خدمت سان گڏ، ايمان جو لاڙو کپي،

ڇو زماني جي پرستش روح ريجهائي اڃا؟

 

(6)

مان دماغ و دل جو ڏيندس خون اي اهلِ وطن!

ڀل ٿئي آباد منهنجي ديس جو اجڙيل چمن،

دوست و دشمن ڀل ته پنهنجي رنگ ۾ رڱجي وڃن،

هي گهڻو اڳتي وڌن ۽ هو گهڻو پٺتي هٽن،

بس، اها اميد هن دل کي ٿي تڙڦائي اڃا!

 


 

(7)

ڇو رهي  اڄ خوفِ دشمن، هن دلِ بيباڪ ۾،

ڇو نه بنجان مطمئن، دنيائي وحشتناڪ ۾،

منهنجي پيدائش ٿي آهي آستانِ پاڪ ۾،

مان وجهي ڄاڻان ٿو بيشڪ ٿرٿلو افلاڪ ۾،

عرش جي دنيا به منهنجا گيت ٿي ڳائي اڃا.

 

(8)

اي ”رشيد“ آهين اجايو زندگيءَ ۾ بيقرار،

ويو خزان جو دور ۽ آيو وري فصلِ بهار،

آه اڄ سج، چنڊ، تارن کي به تنهنجو انتظار،

تون مگر ڪم همتيءَ سببان، ٿو سڏجين خاڪسار،

تنهنجي نادانيءَ کي ويهي ڪير سمجهائي اڃا!

 

{

 


 

سُڪار

 

(1)

لٿا سڀ ڏُرٿ ڏولاوا ۽ سانگين ۾ سُڪار آهي،

ڦُلاريا ڦوڳ ٿر بَر ۾، لڏڻ لائق لِيار آهي،

هوا جي هنج تي سُرهاڻ ٿي سهجؤن سُوار آهي،

چون ٿا ڪي ته چيٽ آيو، چون ٿا ڪي بهار آهي.

وري وَهين پُڄاڻا واهه، واهوندا وَريا آهن،

ڇَنن جي ڇانوَ آهي ۽ اَنن سان گهر ڀَريا آهن.

 

(2)

لَهن ٿا لک لَيون، لاڻا، ڪَڪوريا ڪِرڙ ڪانڊيرا،

کِپن، ٻوهين ۾ ٻُور آيو، ڀَريا ڀونئرن اچي ڀيرا،

وڻن جي واس تي ويٺا، ڪبوتر، ڪانگ ۽ ڳيرا،

پَٽن پهرياڻ پاتو ۽ ٿيا آباد آکيرا،

سَچن سانگين کي اُڻ سائين بنايو نيٺ سوڀارو،

جِتي تاڙي تنواريو ٿي، ٿيو اُت نيٺ وسڪارو.

 

(3)

مِٺا ماڻهو ٿا ٻنپهرن جو ويهن ڇانوَ ٿڌڙيءَ ۾،

مَزو ماکيءَ کان وڌ آهي، چڻن مَٽرن جي ڏڌڙيءَ ۾،

مِلن ٿا ٻير ٻاجهارا به چوٿائي يا اَڌڙيءَ ۾،

لکن جو لُطف ٿو ڏسجي، اِنهن لعلن جي لَڌڙيءَ ۾،

ڪِٿي ڪَڻڪن جا آنون ۽ ڪِٿي گِدرا ۽ هِنداڻا،

ڪٿي ونگيون، ڪٿي زيتون، ڪيلا، صوف ساماڻا.

 

(4)

بَهاري بيٺڪن ۾ ٿي، ٿيا آباد اوتارا،

گهَڙا گهرڙاٽ ڪن ٿا ۽ وَڄن ٿا خوب يڪتارا،

بهشتن کان به وَڌ ڏسجن ٿا اَڄ برپٽ ٻنيون ٻارا،

پياڪن کي مِلن ٿا خودبخود اڄ جام جالارا،

وري سالن پُڄاڻا سنڌڙيءَ ۾ خود سُڪار آيو،

وري اُجڙيل دلين جي بيقراريءَ کي قرار آيو.

 

 

{

 


 

عيد

 

عيد قرباني نه آهي ڪنهن رياڪاري جي عيد.

آههِ حق جي دوستي، باطل کان بيزاري جي عيد.

انفرادي روڄ، راڙو آهه لادينيءَ جو ڍونگ،

مان ته سچ چوندس نه آهي آه ۽ زاري جي عيد.

عيد تي روئندا اُهي، ماتم سُڃائيءَ جو ڪندا،

عيد کي سمجهن ٿا جيڪي بُک ۽ بيماريءَ جي عيد.

آههِ هر اِفلاس ۾ موجود لادينيءَ جو خواب،

مومنو! آهي اوهان جي لاءِ بيداري جي عيد.

وس پڄندي دل وٽان اي دوست ڪجهه قربان، ڪر،

ناهه ناداريءَ جي عيد ۽ ناههِ زرداري جي عيد.

”لن تنالوالبر حتي تنفقوا“ اِعلانِ عام،

ناههِ اڄ ڪنهن پير يا مرشد جي پڳداري جي عيد.

”اِنما اموالڪم اولاد ڪم فتنه“ تمام،

آههِ اهڙي فتنه کان اڄ مَهل موچاري جي عيد.

جيڪي اڄ اُضحيءَ جا دُنبا، سي سڀان بڻبا بُراق،

آههِ فردوسي پرين ڏي خاص تياري جي عيد.

”آههِ ڏهه دُنيا ۽ ستر آخرت“ فرمانِ حق،

در حقيقت آههِ هي وحدت جي واپاري جي عيد.

سِر وڃي، پر غير جي هٿ ۾نه ڏي هرگز تون هٿ،

آههِ هي حق جي شهادت جي طلبگاري جي عيد.

 

جو ڏنو توکي خدا سو راهِ موليٰ ۾ لٽاءِ،

آههِ هيڻن تي نوازش ۽ نگهداري جي عيد.

جيڪي اڄ توکان پُڄي قربان ڪر ظاهر ظهور،

آههِ حق جي عيد، ناهي چور بازاري جي عيد.

آههِ هي دل جي خوشي ڇا غذا ڇا جو لباس،

آههِ هڪجهڙي وڏيري ساڻ گڏ هاري جي عيد.

عيد هر مسلم جي آهي، ۽ نڪي مخصوص آههِ،

ڪنهن به سيد، ڪنهن به ميمڻ، ڪنهن به انصاري جي عيد.

هر نمازي لاِ يڪسان آههِ رب جو راضپو،

ڪين آهي ڪنهن سفارش يا طرفداري جي عيد.

ڀل وزيرن جي مُصلن سان هجي بيٺل سپاه،

آههِ ليڪن اڄ غريبن ساڻ غمخواري جي عيد.

سهج سان سيرت جو ڪن سينگار اڄ سرتيون سڀئي،

صورتن موجب نه آهي، ڪنهن اڇي ڪاري جي عيد.

آههِ اهڙي عيد ۾ خود راضپو الله جو،

مؤمنن جي عيد آهي، خالقِ باري جي عيد.

صاف دل صوفي سڳورا اڄ ٿا ڏسجن سرخرو،

سالڪن جي لاءِ آهي، سڪ جي سرداري جي عيد.

پوک تون دل جي ٻنيءَ ۾ فصل اڄ ايمان جو،

ان حقيقت لاءِ آهي هر ۽ پاڃاري جي عيد.

گوشت توڙي پوست قربانيءَ ۾ سڀ آهن مباح،

آههِ حق جي نعمتن جي لاءِ حقداري جي عيد.

 

جانور ڪسجن ٿا ظاهر، پر حقيقت آههِ ٻي،

نفس سرڪش جي مٿان ڄڻ آههِ ڪاٺاري جي عيد.

شانِ اِبراهيم ڏس صدق ذبيح الله ڏس،

آل اُن جي مٿي ملهائي بَر ۾ گلزاري جي عيد.

دشمني دل مان ڪڍي، هيڻن سان همدردي ڪريو،

دوستن جي لاءِ آئي آههِ دلداريءَ جي عيد.

ڇا اخوت آههِ عالمگير اڄ اِسلام ۾،

آههِ هڪ ڪعبي اڳيان چيني ۽ تاتاري جي عيد.

”زندگي“ منهنجي ”نئين“ ساڳي پراڻي ٿي پئي،

آههِ هي ٻي عيد منهنجي لاءِ بيڪاري جي عيد.

حق پرستيءَ ۾ کِلي خوش ٿي ڪريان ٿو ذڪرِ حق،

آههِ منهنجي لاءِ جيتوڻيڪ لاچاري جي عيد.

دم کي حاصل دمڪشي، ٻيو آههِ بيڪاريءَ جو بار،

آههِ هن حالت ۾ منهنجي لاءِ خودداريءَ جي عيد.

اجتماعي جشن جنهنجي لاءِ پنهنجو جشن آهه،

ڀَل هجي عشره محرم مثل ”لاشاري“ جي عيد.

 

 

{

 

عيد آئي

 

نه ڪا غريبن جي عيد آئي، نه ڪا فقيرن جي عيد آئي،

پُڇو اگر سچ ته در حقيقت، فقط اَميرن جي عيد آئي.

ٿئي ٿو اَڄ ذبح مرغِ غيرت، گلو ٿو اِنسانيت جو ڪٽجي،

بڻي نشانو غريب جي دل، ستم جي تيرن جي عيد آئي.

امير ٿا ڪن لکن سان رانديون، ٽڪو غريبن کي ناههِ هڙ ۾،

پُڇو اگر سچ ته در حقيقت، فقط اَميرن جي عيد آئي.

لڳل شريفن جي گهر ۾ ڏسجي ٿو، اَڄ شرافت جو خوب ماتم،

حرام خورن ۽ جيب ڪترن، لُچن شريفن جي عيد آئي.

گهڻن ئي رنگن ۾ آههِ عصمت دري جو هرجا مظاهرو اَڄ،

اَڇن، پيلن، سياه، ساون، رَتن ۽ نيرن جي عيد آئي.

چيائون مجرو ڀريون ڪٿي اَڄ روپين ۽ نوٽن جو مينهن بَرسي،

ڪجي ڇو غم مفلسيءَ جو هاڻي، جو آههِ هيرن جي عيد آئي.

چيو مريدن کي پير پوٽن ڏيو اسان کي جهڳو لُٽائي،

اوهان جي اڄ ٿيندي، دستگيري جو دستگيرن جي عيد آئي.

ڪڪڙ ڪو هڪڙو اُهو به ڏن ۾ ڏنائون، گروي ٽپڙ رکيائون،

پيو مريدن جي گهر ۾ ماتم جو آههِ پيرن جي عيد آئي.

اِها منادي ڦِري وطن ۾ مَٿو اميرن جي دَر تي ٽيڪيو،

اَچو غلاميءَ جو طوق پايو، جو اَڄ اَسيرن جي عيد آئي.

ڏسون ٿا اَڄ موٽرن جي اَچ وڃ قدم رکڻ جي جاءِ نه آهي،

ڪٿي مشيرن جي عيد آئي، ڪٿي وزيرن جي عيد آئي.

 

غريب پٺتي وڃن ٿا ڌڪبا، نماز تي ملٽري جو پَهرو،

جدا صفون ۽ جدا مصلا، جدا وزيرن جي عيد آئي.

کلون به اُضحي جون اَڄ اُڳاڙي وئي حڪومت ته پوءِ ڪهڙي،

ڏهاڳڻين ۽ يتيم ٻارن، سڃن صغيرن جي عيد آئي!

.رشيد“ جو هيءُ چتاءُ آهي، ٻڌو اي ظلم و ستم جا باني،

غضب اوهان تي خدا جو ڪرندو جڏهن حقيرن جي عيد آئي.

 

 

{

 

اُمت رسولؐ جي عيد

 

يا رسول الله! اُمت ٿي پُڪاري عيد تي،

تنهنجي رحمت ڏانهن هَر هَر ٿي نهاري عيد تي.

ساري عالم ۾ مسلمانن جو ابتر حال آهه،

توکي ساري هر مسلمان اُڀ ٿو ڏاري عيد تي.

ڇا عرب توڙي عجم، هر هنڌ مسلم تي ستم،

ڪير اهڙن بيڪسن جي دل ڌتاري عيد تي.

مسجدِ خضريٰ جو والي! مسجدن ڏي ڪر نگاه،

ڪو نه ٿو قرآن جا اَوراق واري عيد تي.

ناٽڪن، ميلن، تماشن جو مَڪو آهي مَتل،

حق پرستيءَ ۾ نه ڪو مسلم ٿو گهاري عيد تي.

فڪر جي قوت ٿي آهي سَلب مسلم قوم مان،

پنهنجي تن من کي نه ڇو ڳڻتين ۾ ڳاري عيد تي.

بُت اُگهاڙو، پيٽ ۾ بُک، هر جڳهه مسلم ذليل،

ڇو مصيبت ۾ نه تو سيد کي ساري عيد تي.

تنهنجي اُمت وٽ سيون، سِڻڀا ٽُڪر اِيندا ڪٿان؟

گيهه جي بدران جا، ٿي پنهنجو رَت پگهاري عيد تي.

فِڪر ۽ اِلاس ۽ ڳڻتين ۽ بيمارين سندا،

ڪو غريبن کان وٺي، فطرا سنڀاري عيد تي.

ظلم جي دريا ۾ دهشتناڪ مانگر مڇ هزار،

شل، انهيءَ طوفان مان ٻيڙو ڪو تاري عيد تي.

 

بيحيائي ۽ ٺڳي، رشوت، رسائي زور تي،

ڪير آهي جو انهيءَآفت کي ٽاري عيد تي؟

يا نبي! جڳ ۾ اڃا اهڙا به ڪي آهن غريب،

ٻارڙا جي ٿا ڇڏن بُک ۾ سُمهاري عيد تي.

ڪا به شيءَ سَستي نه آهي، اگهه چڙهي ويا چوٽ تي،

تاجرن آهي ڇڏي ڇو باه ٻاري عيد تي.

اڄ اميرن جا مصلا پڻ غريبن کان جدا،

ڪيئَن اخوت جو سبق ويٺا وساري عيد تي.

عيد گاهن ۾ غريبن تي سپاهين جي جلهه،

ڪو انهن نانگن تي قهري لَٺ اُلاري عيد تي.

غير قومن جي خوشي افلاڪ تي آهي رسي،

تنهنجي اُمت ڇو اڃا ڳوڙها ٿي هاري عيد تي؟

اڄ ڪٿي آهن اُهي اسلام جا داعي دلير،

جي هتي ايندا هئا ڪرها قطاري عيد تي.

صرف پاڪستان ۾ اُميد جي آهي جهلڪ،

شل هتان جو هر مسلمان خوش گذاري عيد تي.

انقلابي دور بيشڪ انقلابي دور آههِ،

جنهن وڌو آههِ گهڻن جو جيءَ جياري عيد تي.

دهريت جو دور دنيا تي نه شل غالب ٿئي،

ڪو ته مرد الله جو نعرو اُٿاري عيد تي.

پنهنجي جويائي حسد کي چند سالن ۾ ”رشيد“،

اوچتو ئي اوچتو شل موت ماري عيد تي.

{


 

مفلس اديب (سنڌي مخمس)

 

(1)

هِن ادب جي زندگيءَ کان ڇو نه مان نفرت ڪريان،

بُک ۽ بيماري سندي برداشت ڇو ذلت ڪريان،

رت ولوڙيان پر نه حاصل اُن جي ڪا اُجرت ڪريان،

جو اُنهيءَ آفت کي مان تسليم هڪ راحت ڪريان،

مفلسيءَ ۾ ڪيئَن ادب ۽ قوم جي خدمت ڪريان!

 

(2)

پيٽ ۾ بُک ۽ سر ۾ درد ۽ دل ۾ رنج و اِضطراب،

دم کي حاصل دم ڪشي، صد ولولا ۽ پيچ و تاب،

نِب ڀڳل، ڪاپي نه مس، نازل سڃائيءَ جو عذاب،

رنج مان روئندي لکان ٿو هڪڙي ناشر جو ڪتاب،

ڪجهه ته هن گوندر گڏيل گذران جي پُورت ڪريان.

 

(3)

اهڙي حالت ۾ به ڪاغذ ڪيترا ڪارا ڪيم،

ڪاميابيءَ سان ادب ۾ خوب واڌارا ڪيم،

فڪر جي افلاڪ تي وارن پٺيان وارا ڪيم،

موت کي منهن ڏيئي روشن چنڊ ۽ تارا ڪيم،

پر مقدر جي نه پنهنجي دُور ٿو ظلمت ڪريان.

 

(4)

بي ادب جيڪي هئا تن کي بنايو مون اديب،

هن قلم سڀ ڪجهه وڃايو ۽ ٿيس مفلس غريب،

هن قلم سان منهنجي قسمت جو ڦريو چرخو عجيب،

هن قلم سان مون کي اڄ پِٽڻو پيو پنهنجو نصيب،

ڇا ڀَلا حاصل اَڃا تائين نه مان عبرت ڪريان!

 

(5)

وقت تي منهنجي ئي  سڄڻن مون کي ٺڪرائي ڇڏيو،

خود مسيحا بنجي هٿ سان روڳ وچڙائي ڇڏيو،

منهنجون اُميدون ڇني، ڌارين کي ورسائي ڇڏيو،

مفلسيءَ جي قبر ۾ تن مون کي دفنائي ڇڏيو،

ڇا وري تيار پنهنجي لاءِ بي تربت ڪريان؟

 

(6)

دوست، مون کي نٿي قارون جي دولت کپي،

ڪا حڪومت ڪين گهرجي ۽ نڪا شهرت کپي،

واجبي حق ٿو گهران ۽ واجبي عزت کپي،

جا ڪريان محنت اُنهيءَ جي وقت تي اُجرت کپي،

پوءِ ڏسجو ڪيئَن ٿو پيدا نظم ۾ جدت ڪريان!

 

 

 

(7)

ڪيئَن چوان ڪنهن کي چوان پنهنجي پريشانيءَ جو حال،

ڇو جو هِن دُنيا سندو منهنجو اڳيان آهي مثال،

جن جي قدمن تي ٿو ڪِرجي، سيئي ڪن ٿا پائمال،

الغرض هن دور ۾ خود زندگي آهي وبال،

زندگيءَ سان مفلسيءَ جي ڪيئن وري شرڪت ڪريان؟

 

(8)

مفلسي علم و ادب ۾ موت جو پيغام آههِ،

مفلسي جي زندگي هر حال ۾ بدنام آههِ،

مفلسي اِنسان جي هِڪ خواهشِ ناڪام آههِ،

مفلسيءَ ۾ مقصدِ اعليٰ سراسر خام آههِ،

مفلسيءَ کي ڇو تصور راز ۽ رحمت ڪريان؟

 

(9)

مفلسي سرمايه داري لاءِ هڪ هٿيار آههِ،

مفلسي مُلن جي مذهب جي مُڏي تلوار آههِ،

مفلسي پيري مريديءَ جي ڳچيءَ جو هار آههِ،

مفلسي اِنسانيت سان برسرِ پيڪار آههِ،

مفلسي جي فخر سان ڇو دين کي غارت ڪريان؟

 

 

 

(10)

مفلسن جي مفلسي بنجي ٿي ڏاڍن لاءِ عيد،

مفلسي حرص و هوس جي پيشوائن جي مريد،

مفلسي حبِ حسينيت پٺيان بغضِ يزيد،

مفلسي آهي غلاميءَ جو پراڻو ڳٽ ”رشيد“،

مفلسيءَ کي ختم ڪرڻو آههِ، ڇو غفلت ڪريان؟

 

 

{

 

لطيف باغ جو سير

 

(1)

رات جيئن مان بستري پنهنجي تي محو خواب هوس،

تيئن هيس وقفِ اَلم ۽ تاب کان بي تاب هوس،

آتشِ غم تي مثال قطرهِ سيماب هوس،

فڪر جي عالم ۾ شهر بي ڪسي جو باب هوس،

لب تي شڪوه هو فلڪ بي پير، بي فرمان جو،

درد جو، غم جو، اَلم جو، رنج جو ارمان جو.

 

(2)

ڇا ڏسان چشمن اڳيان هڪ باغ آهي پر بهار

جنهن جي هر گوشي منجهان آهي عنا دل جي پڪار

باغ جي چوگرد هڪ ديوار آهي استوار

جنهن منجهان ڇٽيهه دروازا ٿا ڏسجن زرنگار

دل ۾ آيو، باغ اهڙي ۾ گهمڻ گهرجي ضرور

جنهن جي ڏسندي ئي ٿئي ٿو، روح کي حاصل سرور.

 

(3)

بس! هلياسين باغ ۾ ڪلياڻ1 دروازي وٽان

صحن ڏسندي ئي ٿيو، ايوان جنت جو گمان

هر شجر، هر برگ گل مان شان قدرت هو عيان

محض توحيد و رسالت جو هيو هر جا بيان

بلبلين ڳايو ٿي نغمو هر گهڙي توحيد جو

وحده جي ورڇ اِلا الله جي تمهيد جو.

 

(4)

ڪن چيو الله اول آهه ۽ اعليٰ عليم

ڪن چيو قدرت سين قائم آهي سو قادر قديم

ڪن چيو والي ۽ واحد رازق و رب الرحيم

ڪن چيو ساراهه تنهن سائين کي چئي حمدِ حڪيم

ڪن چيو آهي ڪريم ۽ لا شريڪ ۽ ڪارساز

ڪن چيو آهي اُهو الله بيشڪ بي نياز.

 

(5)

ڪن چيو ڪر وحده ۽ لا شريڪ لہ قبول

ڪن چيو مڃ صدق سان اُن جو محمدصه کي رسول

ڪن چيو سنئين راه سان هل سک شريعت جا اُصول

ڪن چيو اغيار جي آڏو نمڻ آهي فضول

ڪن چيو فائق ٿي رهه الله جي فرمان ۾

ڪن چيو ثابت قدم رهه عشق ۽ ايمان ۾.

 

(6)

وحده سان وڍجي، الا الله سان هر وقت اور

گڏ حقيقت سان هينون تنهن کي طريقت ساڻ تور

معرفت جي ماٺ سان ڇڏ ڏيهه کي پرڏيهه ڏور

سک نه سمهه ويهي نه ره، پنهنجن ڪلهن تان ماس ڪور

ڪين چئو تون اُن کي عاشق ۽ نڪي معشوق چئو

ڪين چئو تون اُن کي خالق ۽ نڪي مخلوق چئو.

 

(7)

پاڻهئي آهي جلال ۽ پاڻهئي جانِ جمال

پاڻهئي صورت پرين جي پاڻهئي حسن و ڪمال

پاڻهئي مرشد ۽ طالب پاڻهئي پنهنجو خيال

پاڻهئي ڄاڻي ٿو سڀڪجهه آهه جو اندر جو حال

پاڻ ۾ ٿو پاڻ ڏسجي پاڻهئي محبوب آهه

پاڻ خوبي کي ٿو چاهي پاڻ خاصو خوب آهه.

 

(8)

بعد ۾ آياسين دروازي يمن ڪلياڻ2 وٽ

ذات وحدت جي محبت جي متل مهراڻ وٽ

حب دنيا، حب مولا جي لڳل ڇڪتاڻ وٽ

علم وحدت ۽ تصوّف جي وڏي هڪ کاڻ وٽ

ڪي هئا جن هستي فاني تي ماتم ٿي ڪيو

ڪن ٿي ”لا مقصود في الدارين اِلا هو“ چيو.

 

(9)

ڪن چيو تون ئي حبيب ۽ تون طبيب ۽ تون دوا

ڪن چيو تون ئي مريضن کي عنايت ڪر شفا

ڪن چيو تو وٽ جي وٺا، سي اگهائي ٿيا سگها

ڪن چيو سي ڪيئن مرن، جي تنهنجي فرقت ۾ مئا

ڪن چيو تاري تڳي تنهنجي ٿو هي سارو جهان

ڪن چيو هر جا مڪان تنهنجو ۽ تون ئي لا مڪان.

 

(10)

جي ملڻ چاهين پرين سان سک وڃي چورن جي ذات

آهه جاڳڻ جشن جن کي سک سمهن ٿا ڪين رات

ڀل اچن ٿڪجي ۽ ٽٽجي، ڪا به وائي ڪن نه وات

ڇو نه سوريءَ تي چڙهن، ليڪن بيان ٿيندي نه بابت

ٻاڦ ٻاهر ڪين ڪڍندا ڪات سان توڻي ڪسن

هر گهڙي خاموش آهن، ڪين ٿا ساڳي سلن.

 

(11)

ڏس ته ڪيئن اڄ تير خورده درد مان دانهون ٿا ڪن

لعل ٿي هر وقت ٿا ميدان الفت ۾ لڇن

پنهنجي زخمن تي پٽيون پنهنجن هٿن سان ٿا ٻڌن

پاڻ ٿا جراح بنجن پاڻ ٿا واڍوڙجن

ڇو نه اهڙن عاشقن وٽ رهجي هڪڙي راتڙي

روح کي راحت ٿي بخشي جن جي هر هڪ باتڙي.

 

 

 

(12)

جي ٿو پروانو چوائين آڳ ٻرندي کي اجهاءِ

جنهن پچڻ ۾ سڀ پچن ٿا، تنهن پچڻ کي تون پچاءِ

آڳ عامي کي نه ڏي، ڪنهن کي نه هڏڏوکي بناءِ

ڄاڻ سان ڄيري ۾ پؤ، آڳاه ٿي ان کي وساءِ

پڇ پتنگن کان وڃي کامڻ جون خبرون بيخبر

نينهن جي نيزن سان جن جا ٿي چڪا زخمي جگر.

 

جي ٿو پروانو چوائين مچ ڏسي هرگز نه موٽ

نور محبوبي مٿان قربان ٿي ڪوٺاءِ گهوٽ

بي خبر کوري کان آهين ۽ اڃا آهين اروٽ

لاهه لاڳاپا سڀيئي چاڙهه پنهنجو عشق چوٽ

آگ کي اوڏو ٿي ۽ شمع محبت ڏانهن ڪاه

ڀل ڳچيءَ جو ڳچ وڃي، پر باه سان سينو نه ساه.

 

(14)

تن تپي تندور وانگر، تنهن کي ڇنڊي سان ڇماءِ

پوءِ ادب جي آڳ ٻاري جان پنهنجيءَ ۾ جلاءِ

قلب پنهنجي ۾ سموريون عشق جون بازيون پچاءِ

لوڪ ۾ هرگز نه پنهنجي بي قراري کي لڪاءِ

پاڻ تائين رک فقط محدود افڪارِ وصال

قلب ۾ کامڻ پچڻ، عشاق جو آهي ڪمال.

 

(15)

ڏسجي ٿو وٽ وٽ وٽي ۾ منڌ مٽ مٽ ۾ پيو

قدر ميخوارن کي آهي ڪيف و مستي جو پيو

سر وڍائڻ پنهنجو تن منظور اڄ آهي ڪيو

سرڪ سڪ جي ٿا چکن سيد چوي ٿو سر ڏيو

تون به کامي خاڪ ٿي وڃ اڄ خريدارن سان گڏ

وصل جانان ٿيندو حاصل توکي ميخوارن سان گڏ.

 

(16)

پڙهه الف جو هڪ اکر ۽ ٻيا ورق سارا وسار

ڪيترا پڙهندي پنا اندر کڻي پنهنجو اجار

جيئن ورائيندين ورق تيئن ڏوهه ڏسندي بي شمار

جي رهيو رهڻي نه سپرين ڇا ڪبي خالي پڪار

جيئن ملائي ٿو لکي، ڪاتب الف سان حرف لام

تيئن رهيو آهي اسان جي روح ۾ ساجن مدام.

 

(17)

تن کڏي من آهه حجرو، ڪين چاليها تون رک

رات ڏينهان صدق دل سان ڇو نه ٿو پوڄين الک

سامهون سڀڪنهن کي آهي پاڻ تون ان کي پرک

تنهنجي من ۾ ٿو وسي، تون وجهه ٻيائي کي نه ٻک

جي هلائيندي هنيين سان تون الف جي اوڙ کي

دل جي نظرن سان ڏسي سگهندين ڪتابي ڪوڙ کي.

(18)

عشق جي ميدان ۾ ڪر پنهنجي سر جو ڪين سانگ

چڙهه وڃي سوري سڄڻ وٽ، جي ٿيڻ چاهين ٿو چانگ

پڇ خبر کاڌن کان پختي، عشق آهي نحس نانگ

دوست جي در تان هميشہ بره جي ٻڌجي ٿي ٻانگ

عشق ناهي رانگ جنهن جي سڀڪو ڳڀرو سڌ ڪري

عشق نيزي پاند اڇلايل سسي ٿو اڌ ڪري.

 

(19)

عشق ۾ معشوق پنهنجي جي وٺي ويهج ڳري

دل منجهان هرگز وساري ڇڏ نه دلبر جي دري

ٻاجهه جي ڏيندو ٻڪي ويندا سمورا ٺپ ٺري

ڪين ٿي پنهنجي سري، ساجن جي ڪيئن آهي سري

عشق ۾ معشوق پنهنجي جو وٺي ويهج تون در

پاڻ ٿيندو راه ۾ رهبر ۽ لهندو سر سڀر.

 

(20)

عشق ۾ معشوق پنهنجي جو وٺي ويهج تون گهٽ

ڪين ڇڏ دل تان وساري ساقي و ساغر ۽ مٽ

پي وڃي پرتئون پياليون ڏيئي سر پنهنجي جي سٽ

مهل موٽي ڪانه ايندي وڃ سگهو ڪر سيگهه جهٽ

عشق ۾ معشوق پنهنجي جو وٺي ويهج تون رند

پاڻ ڏيندو پنهنجي هٿ سان توکي ميخاني جو مند.

(21)

پوءِ دروازو آيو سگهو کنڀات3 جو

جنهن ۾ هو منظر سمايل نفي ۽ اثبات جو

بلبلن نغمه سرائي ٿي ڪئي اڌ رات جو

تن جي هر هڪ لات ۾ هو رنگ تشبيهات جو

استعارن ۾ ٿي ڪن ڳايا شب هجران جا گيت

ڪن ٿي تمثيلات سان ظاهر ڪئي پنهنجي پريت.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org