سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :59

 

 

 

™ ضميمو (مثنوي ”سحرالبيان“ جو منظوم سنڌي ترجمو)

™ ضميمو (”فيض“ جو فڪر)

 

مير حسن مثنوي ”سحرالبيان“ جو سنڌي ترجمو

مترجم: رشيد احمد لاشاري

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

ڪريان اڳ ۾ توحيدِ يزدان رَقم،

جُهڪيو جنهن جي سجده ۾ اَول قَلم.

رَکي لوح دِل تي بياضِ جَبين،

چيائين، نه تنهنجو ڏٺم هم نشين.

خوشي مان شهادت جي آڱر کڻي،

وڏي سڏ پُڪاريائين منهنجا ڌڻي!

نه آهي نه ٿيندو ڪو تنهنجو شريڪ،

اڳيان تنهنجي هَٺ هوڏ آهي رَڪيڪ.

عبادت جي لائق تون آهين ڪريم،

چَوان ذات تنهنجي غفور الرحيم.

وَٺان پيچرو تنهنجي وحدت سَندو،

مَٿي ڀَر هلان توکي سجدا ڪَندو.

تون اَلله اَلحق ۽ معبود توون،

چَون سڀ ٿا هُو دين و اِيمان آههِ،

اگر هُو زبردست غَيوّر آههِ،

مگر پَرورش سَڀ جي منظور آههِ.

نه ٿو ڪم ٿِئي ڪنهن جي مرضي وٽان،

جي هوُ مهربان آههِ جڳ مهربان.

زماني ۾ آهن هزارين رفيق،

نه آهي مگر اُن بنا ڪو شفيق،

اَجل اُن کان ڏيندو نه رفت و گذشت،

ڪندا نيٺ اُن ڏانهن سَڀ بازگشت.

نٿا ڪم اَچن ڪنهن کي حرص و هَوس،

مَرڻ ۽ جيڻ تي اُهو آههِ بَس.

بنايائين مخلوق اَرڙهن هزار.

ڪٿي آههِ پنهان ڪِٿي آشڪار.

وَسي ٿو سڀن ۾ هُو ربّ العلا،

هميشہ کان آهي ۽ رهندو سَدا.

بَڻيو باغِ وحدت ۾ بي مثل گل،

ٿِيو ان جو مشتاق هر جز  و ڪُل.

اُنهيءَ جو ئي ڪعبو اُنهيءَ جي ڪَنشت،

اُنهيءَ جو ئي دوزخ اُنهيءَ جي بهشت.

بنائي ٿو جنت ۾ ڪنهنجو مقام،

جهنم ۾ ڪنهنکي ٿو ساڙي مُدام.

اُهو مالڪِ ملڪ دنياؤ دين،

سندس هَٿ ۾ آهي زمان و زَمين.

سدا بي نمودن جو اُن کان نمود،

اُنهيءَ کان دِل بستگان جو ڪشود.

سندس ديد کان آههِ سڀني جي ديد،

سخن اُن جي تي آههِ گفت و شُنيد.

سندس نُور هرجا ٿيو جلوه گر،

ٿِيا جنهن جا ذرا هي شمس و قمر.

هو وحدت جي هر ساغر و ميء ۾ آههِ،

هُو ڪا شيءِ نه آهي ۽ هر شيءِ ۾ آههِ،

نه گوهر ۾ آهي نه ڪنهن سنگ ۾،

سندس نُور چمڪي ٿو هر رنگ ۾.

حقيقت سندس جو ڪو ماهر نه آههِ،

هو ظاهر ۾ ظاهر تي ظاهر نه آههِ.

ڪَبو اُنجي قدرت تي جي غَور ڪُجهه.

اِنهيءَ گل جي بُو کان ٽِڙي ٿو گلاب،

ڦِريٿو وَٺي ساڻ دَريا حباب.

اَٿس جوش ليڪن وَهي ڪين ٿو،

پروڙي ٿو سَڀ ڪُجهه چوي ڪين ٿو،

قلم کي هجن ڀَل زبانون هزار،

نه لِکندو ڪڏهن حمدِ پروردگار.

جِتي اَنبيا جي به عاجز زبان،

زبانِ قلم کي هي قُدرت ڪِٿان.

نه ثاني سندس ڪو اَچيٿو نظر،

بنا عجز اُن وٽ نه ٻي ڳالهه ڪر.

هُو معبود يڪتا خدائي جهان،

بَنايائين ”ڪُن“ سان هي ڪون و مَڪان.

لَڌو عقل و اِدراڪ اُن کان بَشر،

ٿِيو خاڪ مان پاڪ اُن کان بشر،

اَسان لاءِ آيا لکين اَنبيا،

وصي ۽ امام اوليا اصفيا.

رکيائون زماني سندو اِنتظام،

ڏَسيائون بُرائي ڀَلائي تمام.

هَليا تن جا طالب سئين راه سان،

لڳو عشق هر هڪ جو اللهَ سان.

اُها راه شرحِ نبي ٿا چون،

هُلن اُن سان جيڪي سي جنت لَهن.

 

نعت حضرت رسالت پناه ﷺ

نبي ڪير يعني رسولِ ڪريم،

نبوت جي دريا جو دُرِ يَتيم.

ٿيو گرچه ظاهر ۾ اُمي خطاب،

کُليو دِل تي عِلم لدني جو باب.

لکڻ ۽ پڙهڻ کانسوا بي رقم،

هَلي حڪم اُنجي تي لوح و قلم.

ٿيو علمِ دين اُنجو جئن آشڪار،

اڳين جو ٿِيو حڪم جهونو شُمار.

ويو ڪفر اِسلام جو ٿيو ظُهور،

بُتن جي خُدائي بَڻي چُور چُور.

اَزل کان نبين جو سردار آههِ،

بلاشڪ نبوت جو حقدار آههِ

لِکي آشرف الناس خيرالانام،

نبوت ڪئي اُن تي خالق تمام.

خدائي جي خوبن منجهان خوب آههِ.

خدا پاڪ جو خاص محبوب آههِ.

ڪَجي اُنجي رُتبه جو ڪهڙو بيان،

هُجي جنهن جي پويان صفِ مُرسلان.

مَسيحء اُنجي خرگاه جو پاره دوز،

تجليءِ طور اُن جي مشعل فروز.

خليلء اُن جي گلزار جو باغبان،

سليمانء جهڙا سَندس خانمان،

خضرء اُنجي سرڪار جو آبدار.

زره ساز دائودء جهڙا هزار.

محمدؐ جي مثل آههِ جڳ ۾ نه ڪو،

ٿِيو آههِ ٿيندو نه اهڙو ٻيو.

اِها رمز ڏس اُنجو سايو نه هو،

ڪو رنگِ دوئي اُن تي آيو نه هو،

نه سايه هئڻ جو سبب آههِ صاف،

بَنيو اُن مان ڪعبه جو ڪارو غِلاف.

لطيف اُنجو سايو بڻيو سربسر،

لطافت جي سَببان نه آيو نظر.

عجب ڇا جي سايو نه هو روبرو،

هُئي اهڙي گُل ۾ حقيقت جي بُو.

نه ٿيڻو هو سايه کي هرگز جدا،

سَدا نُورِ حق جي رَهيو زيرِپا.

ڏِٺائين نه ڪنهن کي نه ڪنهن سان ٺهيو،

مُحمدؐ جي پيرن ۾ مخفي رهيو.

ٿِئي ها زمينٌ گِير ڪِئَن فرش تي،

قَدم اُن جي سايه جو هو عرش تي.

نه سايو نبيؐ جو زمينٌ سان گڏيو.

اکين ۾ جا اَڄ تائين ڪاراڻ آههِ،

محمدؐ جي سايه جو اُهڃاڻ آههِ.

هجن ها نه ورنه اکيون ضوفشان،

انهن سان ته روشن ڏسون ٿا جهان.

نظر کان جو غائب هو سايو رهيو،

مَلائڪ جي دل ۾ سَمايو رهيو.

 

منقبت حضرت امير المؤمنين عيله السلام

 

بَرابر نه اُن جو مگر هڪ عليؑ

اَخي جو اَخي ۽ وصي جو وصي.

اگر ٿي نبوت نبيؐ تي تمام

ته نعمت ٿي اُن جي وصي تي تمام.

سندن فيض کان آههِ جڳ ڪامياب

نبيؐ آفتاب ۽ عليؑ ماهتاب.

عليؑ دين و دنيا جو سردار آههِ،

جو مُختار جي گهر جو مُختار آههِ.

ديارِ اِمامت جي گلشن جو گُل

بهارِ ولايت جو باغِ سُبل.

عليؑ راز دارِ خداؤ نبيؐ

خبردار سرِ خفي و جلي.

عليؑ بندهِء خاص درگاهِ حق

عليؑ سالڪ و رهروِ راهِ حق.

عليؑ ولي اِبن عّمِ رسول،

لقب شاهِ مردان زوجِ بتول.

عليؑ آههِ اُمت جي سردار سان

عليؑ کي ملايو نه اَغيار سان.

خدا نفس پيغمبرش خوانده است

گر را فضيلت بکس مانده است.

اَڃا ڳالهه جي ٿي صفائي نه آههِ

نبيؐ ۽ عليؑ ۾ جُدائي نه آههِ

نبيؐ ۽ عليؑ هردو نسبت بَهَم

دوتا ؤيکـﻶ چون زبانِ قَلم.

عليؑ جو عدو دوزخي دوزخي

عليؑ جو محب جنّتي جنتي.

نبيؑ و عليؑ فاطمه ۽ حسنؑ

حسينؑ اِبن حيدر اِهي پنجتن.

مٿن ٻن جهانن جي خوبي تمام

اُنهن تي درود ۽ اُنهن تي سَلام.

عليؑ کانوٺي تا به مهديؑ دين

بڻيا هڪڙو نورِ خدائي برين.

ٺهيو آههِ جن سان اِمامت جو گهر

هي ٻارهن ستون ڄاڻ اِثنا عشر.

صغيره ڪبيره کان هي پاڪ چئو

حسابِ عمل کان هي بيباڪ چئو.

اِتان آههِ ظاهرِ ڪمالِ رسول

جو بهتر ٿي سَڀني کان آلِ رسول.

 

تعريف اَصحاب پاڪ رضوان الله عَليهم

 

سَلام اُن جي اَصحاب تي هر گهڙي

ڪَرم بخش اَحباب تي هر گهڙي.

خدا آههِ جن کي سڏيو مؤمنين

بَڻيا زينتِ آسمان و زمين.

خدا آههِ راضي رسول آههِ خوش.

اَسان تي سندن فرض ٿي دوستي

جو آهن اُهي جان نثارِ نبيؐ.

مناجات بدرگاه قاضي الحاجات

اِلهيٰ بحقِ رسولِؐ امين

بحق علي و با صحابِ دين

بحقِ بتول و بآلِ رسول

ڪريان عرض جيڪو ٿئي سو قبول.

خدا يا هي بَندو گنهگار ڏس

گناهن ۾ پنهنجي گرفتار ڏس.

خطا بخش ڪر مُنهنجي پَروردگار،

تون آهين ڪرم بخش آموزگار.

اِهو عرض آهي ته جيسين جِيان

سَدا تنهنجو جامِ محبت پِيان.

سوا تُنهنجي اُلفت جي سڀ ههِ هيچ

هُجي منهنجي دل ۾ فقط ان جو پيچ.

هُجي غم ته آلِ محمدؐ جو غم

سوا اِن اَلم جي نه ڏي ٻيو اَلم.

هُجي قلب منهنجي کي هر وقت چين

بحقِ حسنؑ ۽ بحقِ حسينؑ.

ڪريان ڪين ڪنهنجي اڳيان اِلتجا

هُجين تون فقط مُنهنجو حاجت رَوا

صحيه و سلامت سدا مونکي رک.

سندم آل و اولاد کي شاد رک.

نمڪ جنهن جو کاوان ٿو مان اِي ڪريم

سدا رحم ڪر اُن تي تون اَي رحيم.

جِيان آبرو سان ۽ حُرمت هجي

عزيزن ۾ هر وقت عزت هجي.

پُڄن دين و دنيا جا مطلبِ تمام

بحقِ محمد عليه السلام.

تعريفِ سخن

 

پِيان توکان ساقي شرابِ سخن

ٿئي جنهن سان مفتوح بابِ سُخن.

سخن جي لڳل دل کي بس تات آههِ

سُخن ئي ته آهي نه ٻي بات آههِ.

سخن جا ٿِيا طالبو عقل مند

سخن سان ٿيو نامِ نيڪان بُلند.

سُخن جو ٿا ڪن فڪر مَردانِ ڪار

سُخن سان اُهي ٿا رکن واسطو

رهي جن جو نيڪي سان ٿو رابطو.

سخن سان سلف جي ڀَلائي رهي

زبانِ قلم سان وڏائي رَهي

ڪٿي رستم و گيو و اَفرسياب

سخن سان رهيو آههِ هي نقلِ خواب

سخن جو صِلو يار ڏيندا رهيا

جواهر سندن مِلڪ ٿيندا رهيا.

سخن جي سَدا گرم بازار آههِ

سخن سَنج اُن جو خريدار آههِ

رهي جيستائين بَيانِ سخن

الاهي رَهن قدردانِ سُخن.

 

 

مصنف جو عجز ۽ اِنڪسار ۽ داستان جي اِبتدا

 

محمّد زمان پير شمس الها.

ٿيس مان جو قدمن کان تنهنجي جدا.

نه ڪو عقل آگي نه تدبير آههِ

رکيو مونکي محروم تقدير آههِ.

مگر عقل کوليا اٿم هاڻي گوش

ڏِنو آههِ تنهنجي مدد مونکي هوش.

بنايو اٿم هِڪڙو قِصو نَئون.

دُرِ فڪر جو آڻي حِصو نئون.

اُماڻيان ٿو خدمت ۾ با صَد نياز

هي اُميد آهي ڪندين سرفراز.

ٿئي عذر تقصير منهنجو قبول

بحق علي و بآلِ رسول.

رهن شادو آباد سڀ خيرخواه.

ٿين هِن گهراڻي جا دشمن تباه.

رهي تنهنجو هي جاه و حشمت مدام.

بحقِ محمد عليه السلام.

لکان هاڻي قصه جو ٿو داستان.

ٻُڌو گوشِ دل سان سمورو بيان.

 

آغازِ داستان

 

چون ٿا ته ڪو هڪڙو هو بادشاه.

شهنشاه خوش بخت عالم پناه.

هُيس حشمت و جاه و مال و منال.

گهڻي فوج هوندي هو فرخنده حال.

رهيا بادشاه اُنجا ٿي زيرِ باج.

خطا ۽ ختن کان مليس ٿي خراج.

ڏِٺي جنهن اَچي اُن جي جرار فوج.

چيائين ڏسو بحرِ هستي جي موج.

طويلي سندس ۾ جو اَدنيٰ هو خَر

مليو نعل بندي ۾ اُن کي به زر.

زماني ۾ جيڪي به سرڪش ها

ٿيا اُن جي قدمن ۾ يڪجا ڪَٺا.

رعيت کي ڪنهنجو نه هو سيڪ تَو

نه غم مفلسي جو نه چورن جو ڀَو.

عَجب شهرُ اُن جو هو خوبين جو گهر

جو قدرت خدا جي ٿي آئي نظر.

هو رنگين پٿرن جو هر هڪ مڪان

هئي هر گهٽي اُن جي رشڪِ جنان

زمين سبز و سيراب عالم تمام

هئي دِيد جي عيد هر صبح و شام.

هُيون چُن جون جايون اُتي پيشتر

صفائي ٿي هر هنڌ آئي نظر.

ڪٿي کوه هو ۽ ڪٿي حوض و نهر

ڪِٿي خاص آبِ لطافت جي لهر.

ڪريان اُنجي وسعت جو ڪهڙو بيان

جو هو اِصفهان مثل نصفِ جهان.

هنر مند اُت اهلِ حرفت تمام

۽ هر نوحِ خلقت جو هو اَزدهام.

وڻيو دل کي ٿي چوڪ بازار جو.

نمونو هو هر هنڌ گلزار جو.

مڪانن پڪن جا هي ديوار و در.

سُفيدي تي جن جي نه پهچي نظر.

ڏِٺي ٿي صفائي ۾ ڪاريگري

ڏسي اُن کي ويا سنگ مَرمر مري.

چوان اُنجي قلعه جو ڪهڙو شڪوه

ڪِري پيا بُلندي ڏِسي اُن جي ڪوه.

هو دولت سرا خانئه نور هو.

سدا عيش و عشرت سان معمور هو.

هميشه خوشي ۽ سدا سيرِ باغ.

نه لاله بنا ڪنهن جي دِل تي هو داغ.

سَدا عيش و عشرت سدا راڳ رنگ

نه هو زيست پنهنجي منجهان ڪوبه تنگ.

غني ٿيو اُتي جو به آيو تباه

عَجب شهر هو ۽ عجَب بادشاه.

اُتي ڪونه ڏيکاربو هو فقير

هو دولت سان هَر شخص گهر گهر اَمير.

لکان شاه جو ڪهڙو جاه و حشم

محل ۽ مڪان اُنجا رشڪِ ارم.

سدا ماهروين سان صحبت هيس

سدا جامه زيبن سان رغبت هيس.

هزارين پَري پيڪر اُنجا غلام

ڪمربسته خدمت ۾ حاضر مدام.

نه اُن کي هو دل پنهنجي ۾ ڪو به غم

رهيس محض اولاد جو ٿي اَلم.

اِنهيءَ ڳالهه جو اُنجي دل تي هو داغ

رکيائين نه ٿي پنهنجي گهر جو چراغ.

سندس وقت ۾ ڪو عجب ڦير هو

۽ قسمت ۾ اُنجي ڪو اَندير هو.

وزيرن کي هڪ ڏينهن اُن سڏ ڪيو

ٻُڌايائين اَحوال دل جو سَڄو.

ته مان ڇا ڪندس هاڻي مال و منال

فقيري جو دل کي ٿِئي ٿو خيال.

نه آهي فقيري بناڪو علاج

نه پيدا ٿيو وارثِ تخت و تاج.

جواني ته گذري وئي سربَسر

ٿيا هاڻي پيري جا ظاهر اَثر.

دريغا که عهدِ جواني گذشت.

گهڻو مُلڪ تي جان صدقي ڪيم

گهڻو فڪر دُنيا جو دل ۾ ٿيم.

زهـﻶ بـﻶ تميزي و بيجا صلي

که از فکرِ دنيا و دين غافلي.

وزيرن ڪيو عرض اي آفتاب

نه ذرو هجي توکي شل اِضطراب.

فقيري ڪرين ٿو ته دنيا سان ڪر

نه عقبيٰ ڏي خالي هَٿين وڃ مگر.

ڪجي سلطنت ليڪن اعمال نيڪ

رهي ٻن جهانن ۾ جئَن حال نيڪ.

جي غافل رهن ٿا اُهي فڪر ڪن

متان توکي ڪنهن ڏينهن سڀ اِئين چون.

تو کارِ زمين رانکو ساختي

که با آسمان نيز پَر داختي.

هي دُنيا اَٿئي مزرعِ آخرت

نه ڪر اُن کي ضايع نه ٻي ڌار مَت.

عِبادت سان ان پوک کي آب ڏي

ثمر حشر ۾ توکي ان جو مِلي.

ڪَجي ياد عدل و سَخا ڏينهن رات

جو آهي سندن فيض مان ئي نجات

مگر توکي اولاد جو آههِ غم.

مِٽايون ٿا اُن کي به رَب جو قَسم.

’خدا توکي ڏيندو سڳورو خَلف

اَجايو نه ڪر وقت پنهنجو تَلف.

نه ڪرياس و اَرمان جي گفتگو

جو قرآن ۾ آههِ لاتقنطو

اِجهو ٿا سَڏيون اهَلِ تنجيم کي،

جي پرکن اَچي تنهنجي تڪريم کي.

تسلي ڏنائون اِها شاه کي

ڏٺائون نجومين سندي راه کي.

نجومي برهمڻ ۽ رَمال ڪُجهه

پَروڙيا ٿي جن غيب جا حال ڪجهه

ٿِيا سَڀ اَچي شاه جي روبرو

ڪيائون اَچي بااَدب گفتگو.

ڏِٺائون جڏهن شاه جو تاج و تخت

چيائون هجي تنهنجو بيدار بخت.

ڪيائون اَچي قاعده سان سلام.

سَڀن کي چيو خسروِ نيڪ نام.

ڪڍو پنهنجا پنهنجا پُراڻا ڪتاب

سوال آههِ هڪڙو ڏيو سڀ جواب.

سَندم بخت شاد آههِ يا ڪين آهه

لِکيل آههِ اولاد يا ڪين آهه

اِهو ٻُڌندي رمال طالع شناس

ڪڍڻ پئجي ويا زائچا بي قياس.

کڻي ويٺو تختي ڪُڻو هي ڄڻو.

ٿين ڌيان اولاد ڏي پڻ گهڻو.

ويون تن جي ڍارن سان شڪليون مِلي

پُڳو شاهِ دوران جو مَقصد دِلي.

اِتي اِلتجا رَمل وارن ڪَئي

ته اُميد جي گهر ۾ آهي خوشي

ٻُڌايون ٿا اَي عالمن جا شفيق!

اَسان آههِ جاچي ڏٺو هر طريق.

اسان جئَن ٿا ڪوشش ڪريون رمل جي

ته هر نقطو ڏسجي ٿو فردِ خوشي.

اِنهيءَ تي ٿيو اِجتماع تمام

ته طالع ۾ ڏسجي ٿو پُٽُ تنهنجي نام.

زن و زوج جي شڪل ۾ ٿيو فرح

اُٿي پيءُ مَئي وصل جو تون قدح.

نجومين به هر هر ڏنو هي جواب

ته سچ ٿا ٻُڌائن اَسانجا ڪتاب

نحوست جي ڏينهن ۾ آئي اُٿل

عَمل پنهنجا پورا ڪيا سَڀ زُحل.

ڦِري ويو نصيبن جي تارن جو طور

خوشي جو اَچي ٿو گهڙي پَل ۾ دَور

ڪيو پَڌرو تسديس و تثليث اَثر

ڏِٺوسين ته نيڪ آههِ سَڀ جي نظر.

ڪيو پنڊتن عقل جئَن آشڪار.

ته ڪُجهه آڱرين تي ڪيائون شمار.

جَنم پتر ۾ جئَن کُليو نامِ شاه

تو لاتي ۽ بر ڇيڪ تي پين نِگاه.

چيائون ته راما جي آهي ديا

ڪندو توکي ٻالڪ چندر مان عطا.

خوشي آههِ کائون ٿا ڊوسي اَسين

جي پُٽ ڪين ڄائو ته ڏوهي اَسين.

مَهاراج جو ٿيندو مقصد شتاب

جو پنجون عَيان اههِ ٿو آفتاب.

اِجهو بخت تو سان ڪندو ياوري

جو پنجن عيان آهه ٿي مشتري.

ڄمي ڇو نه گهر تنهنجي پيارو پِسر

جو پوٿي اسان کي ڏِئي ٿي خبر.

مَگر ڪجهه مقدر ۾ ڦيرو به آههِ

ڀَلي ته بُرائي جو گهيرو به آههِ.

پسر نيٺ ڄمندو نه ڪو غم ڪريو

مگر سال ٻارهون اَٿس ڀَو بَريو.

اَچي ڪين هي شمس بالائي بام

بُلندي کان ڊپ آههِ اُن کي تمام.

نه ٻارهن ورهيه اُن کي ٻاهر ڪَڍو

رهي بُرج ۾ چنڊ چوڏهين سَندو.

چيو شاه تنهن تي ٻُڌايو اِهو

ته خطرو ته ڏسجي نه ٿو جان جو-

چيائون ته ٻيو هر طرح خير آههِ

فقط دشتِ غربت جو ڪجهه سير آههِ.

فِدا اُن جي صورت تي ٿِيندي پَري.

۽ پنهنجو ڪندي کيس ڪا اِستري.

اِهو آههِ پوٿي ۾ ظاهر پِيو.

خرابي جو ٿيندو سبب نيٺ ڪو.

ٿيو شاه ڪجهه خوش ۽ ڪجهه ٿيس اَلَم.

ته دُنيا ۾ گڏ آههِ شادي ۽ غم.

چيائين ته آهي نه ڪو اِختيار

جو چاهي ڪري منهنجو پروردگار،

هي پنهنجي محل ڏانهن آيو وري.

نجومي هليا ويا اکين کان ٽَري.

خدا تي هو اُن کي گهڻو اِعتقاد

ڪيائين طلب اُن کان پنهنجي مُراد.

رُنو ٿي خدا وٽ ۽ عاجز ٿِيو

ڪيائين ٿي مسجد ۾ روشن ڏِيو.

مِلي ويو مُرادن جو آخر سُراغ

سندس آتشِ غم جَلايو چراغ.

سحابِ ڪرم جو ٿِيو هي اَثر

جو ٿي کيت اُميد جي بار ور.

اُنهيءَ سال اندر ٻُڌو هي بيان

شهنشاه جي زال ٿي پيٽ سان.

هُيس دل ۾ جيڪي به رنج و اَلم

خوشي سان بدلجي ٿياڪ العدم.

شهرازه بي نظير جو پيدا ٿيڻ

ڏي ساقي ڀَري مونکي جامِ شراب

وڳا اَڄ سُڀان ڄاڻ چنگ ورباب.

ڪريون هاڻي نغمو خوشي جو شروع

جو هڪ نيڪ اَختر ٿئي ٿو طلوع.

جڏهن نَو مهينا ٿِيا اِيئن گذر

ٿيو شاه جي گهر تولّد پسر.

عجب صاحبِ حسن پيدا ٿيو

ڏِسي مهرومه جنهن کي شيدا ٿِيو.

نه هو ديد کي حُسن اُنجي تي تاب.

ڏِسي اُن بيتاب ٿيو آفتاب.

ٿِيو شڪل اِهڙي سان هو دلپذير

رکيو شاه نالو سندس بي نظير.

مُلازم ۽ خواجه سرا سڀ ويا

وٺي نذر و تحفا ڪيائون صدا.

مبارڪ هجي توکي اَي نيڪ بخت

جو پيدا ٿِيو وارثِ تاج تخت.

سڪندر نسب آههِ دارا حشم

فلڪ مرتبت ۽ عطارد رقم.

رَهي اُنجي اِقليم زِير نگين

غلامي ڪري اُنجي خاقانِ چين.

هي ٻُڌندي پڙهي شاه نفلي نماز

پُڪاريائين سجدي ۾ اَي بي نياز.

نه تنهنجي ڪَرم جو ڪو آهي شمار

ٿِئي ڪين مايوس اُميدوار.

ڪيا شاه لک شڪر حق جا اَدا

اِرادا ڪيا بعد ۾ جشن جا.

خواصن کي تحفا ۽ خواجن کي گهور

ٿِيو خوب انعام و خلعت جو زور.

چيائين اوهانکي جو درڪار آههِ

وڃو خانسامان تيار آهه.

نقيبن کي پنهنجي سَڏي اُن چيو

ته زورن تي نقار خانو ڪيو.

وڄي روز نوبت خوشي جي تمام

ٿين شاد جنهن کي ٻُڌي خاص و عام.

اِهو حڪم پهتو ته نقار چي

هَنيو هر جڳهه بادلو ۽ زري.

بڻيو ٺَٺَ سان نقارخانو عجب

ڪَٺا ٿِي چُڪا سازِ عيش و طرب.

غلاف اُن تي زر جو ۽ بانات جو

هو سينگار ڇا ڏينهن ڇا رات جو.

ويو زير بم سان اُمالڪ مِلي

خوشي جي صدا کي ٻُڌو هر ڳلي.

چيو زير، بَم کي سَوڻ ساٺ سان

خوشي جي خبر ڇونه توکي ڏِيان.

جتي شادمانا خوشي جا وڳا

هجوم اُن جڳهه گڏ ٿيا خلق جا.

ٿيا گڏ جو شرناءِ وارا اَچي

وئي پاڻ محفل تي محفل مَچي.

مَٿي تي هئي تن جي پيچيده پَڳ

خوشي مان ٿي ڦوڪي سندن ڳل جي رَڳ.

ڏِنائون ٿي ڦوڪون خوشي مان نيون

ڪيائون ٿي واڄن جون تارون سَنيون.

عجب ڌن هئي ۽ عجب ساز هو

پُڪاريو ٿي سُگهڙن ته ويهي ٻُڌو.

نفيرون ۽ قرناءِ ڇيڙي صَدا

ڳنڍيائون ٿي زيل ۽ کُرج کي سَدا.

ٻُڌي جهانجهه جنهن دم خوشي جي نوا

ٿڙڪندي چيائين ته تاڙيون وڄاءِ.

نئين سر ٿي عالم کي عشرت نصيب

جو ٿي شاه کي پُٽ جي نوبت نصيب.

محل کانسوا پُر هو ديوانِ عام

عجب طرح جو هو مَتل اَزدهام.

ڪيا شاد تحفن اَمير و وزير

کڻي ويا سَوين سون جا ڍڳ فقير.

ڏِنا شاه بخشش ۾ ٿي خاص ڪوٺ

مشائخ کي ۽ پِيرزادن کي ڳوٺ.

اَميرن کي جاگير لشڪر کي زَر

وَزيرن کي اِلماس لعل و گهَر.

خواصن کي، خواجن کي جوڙا مليا

پيادن کي سَنجن سان گهوڙا مِليا.

ڪيائين ٿي ايڏو خزانو نثار

جو هڪ جي عوض پئي ڏِنائين هزار.

بنايو هو ڀنڊن ۽ ڀڳتن هجوم

مبارڪ مبارڪ جي ٿي ڌام ڌوم.

ڌڪڙ دُهل باجا وڳا ٿي تمام

وٺان ڪهڙي سازن سرودن جو نام.

ڪٺا ٿيا اَچي سازگر ساز جا

ڌڻي راڳڻي راڳ آواز جا.

گويا ۽ ناچو مِڙيا بي شمار

ٿيا راڳ ۽ ناچ ۾ آشڪار.

وَڄايائون ناقوس و بين و رباب

وُڙهو هر طرف جو ٿي عشرت جو آب.

لڳي لات طبلن جي مَردنگ جي

مَٿاهين وڃي ٿي صدا چَنگ جي.

ڪماچن جي سارنگين جي وَڄت

ٿِيو ميڻ سان بَند مُنهن چنگ جو

مِليو سُر طَنبورن سان مَردنگ جو.

ستارن جا پَردا بنائي دُرست

وڄائڻ لڳا سڀ ٿي چالاڪ چُست.

فَلڪ تائين ويو راڳ جو وَلولو

پيو گنبدِ چَرخ ۾ ٿَرٿَلو.

خوشي جي هُئي هر طرف کان بِساط

ڪيو ناچ جنهن تان هي اَهلِ نشاط.

زريدار پاچن جو چمڪار هو

۽ پيرن جي گهنگهرن جو ڇمڪار هو.

ڪَنن ۾ ٿي واليون لُڏيون ناز سان

لُڏڻ نٿ جو هو خاص اَنداز سان.

گهٽڻ ۽ وَڌڻ سان اَدائن جي ڪَٿ

رکڻ هر گهڙي پنهنجي ڇاتي تي هَٿ.

ڪڏهن دل کي پيرن سان مَهٽي ڇَڏڻ

نگاهن سان هر هر ڏسڻ ۽ تَڪڻ.

ڪٿي مُرڪندي ڪَر ڀَڃڻ

ڪٿي پنهنجي چولي لِڪائي ڇَڏڻ.

ڪٿي خوب چمڪن پيا نور رَتن

ڪٿي رُخ تي نٿ جا ڪَڙا پيا گسن.

هو ڏَندن جي مِسي هو گلبرگ تَر

شفق ۾ هئا ڄَڻ ته شام و سَحر.

هئي گرميءَ رُخ، رُخ آفتاب

ڏسي جنهن کي دل کي ٿِيو اضطراب.

گُلن جي چمڪ ڪنهن صفائي سبب

ڳچي جي رَڳن ۾ قيامت غضب.

ڪڏهن ٻئي طرف مُنهن لڪائي ڇَڏڻ

ڪڏهن چوري چوري نهاري وٺڻ.

رَئي کي بنائي هَلڻ رُخ جي اوٽ

سَهڻ دل جو نخرن جي پرده ۾ چوٽ.

اِهو تان ۾ اُن کي اَرمان آههِ

ته دِل جو کسڻ تان جي جان آههِ.

ڪا سنگيت جي فن ۾ شعله فگار

بَرم جوڳ لڇمي ۾ ڪا آشڪار.

ڪا پيرن جي گت ۾ جتائي ڪمال

ڪري عاشقن جون دليون پائمال.

وَڄايو ٿي ڪنهن دائري ۾ پَرن

هئي دمدمه ۾ ڪا مست ۽ مگن.

غرض هر طرح هو سندس دل وٺڻ

نئين طرح سان داغ اُن کي ڏيڻ.

ڪِٿي هِڪڙي ٺوڪر ڪري قتلِ عام

ڪٿي بنجي هر هٿ غريبن جي سام.

ڪِٿي ڌرپت ۽ گيت جو شور و غل

ڪِٿي تول و قليانه ۽ نقش و گل

ڪٿي ناچ ڪشميرين جو نَچن.

ڪِٿي دُهل باجن دَمامن جو گوڙ

ڪِٿي ناچ وارن ۽ کَدڙن جو کوڙ.

محل ۾ به هڪ هو عجب آزدهام

مبارڪ سلامت سندي ڌوم ڌام.

پَري پيڪرن جو هو هرجا هجوم

سَڄي شهر سان عيش جو هو لُزوم.

ڇٺيءَ تائين عشرت هئي شَش جهات

جو ڄڻ ڏينهن هو عيد شب، شب برات.

وَڌيو اَبر ئي اَبر ۾ جئَن هِلال،

مَحل ۾ پَليو تئَن اُهو نونهال.

نئين کان نئون سال آيو جڏهن

مقدر کليو بيڪسن جو تڏهن.

اَچي ختم جئَن سال چوٿون ٿيو

ڇَڏايو ويو کير اُن چَنڊ جو.

خوشي هي هميشه هئي ڌام ڌوم

سَدائين ٿِيا اڳ کان اڳرا هجوم.

طوائف اُهي ۽ اُهي راڳ رنگ

هئي بلڪ ٻيڻي خوشي جي ترنگ.

جڏهن پنڌ پيرن سان اُن گل ڪَيو

تڏهن چشمِ نرگس تي جادُو ٿِيو.

جڏهن پَلجي نينگر ٿِيو نيڪ نام

ڪيا شاه آزاد صدها غلام.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org