سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :41

 

 (182)

منهنجو پيار پَکن پنهوارن سان،

پنهنجي پاڪ وطن جي پيارن سان.

منهنجو مَن ته وطن جي عظمت سان،

اُن جي شاهي شان ۽ شوڪت سان،

منهنجو شوق سدائين شهادت سان،

دِل غازين جي گفتارن سان.

منهنجي ديس کي رَب آباد ڪري،

مِٺي مارن جو وَري ڀاڳ وَري،

سِوا سانگين جي نٿو ساه سَري،

منهنجون ڳالهيون ڳُڻ ته ڳنوارن سان.

منهنجي مَن کي وڻيا، سي موچارا،

جيڪي ديس جا سورهيه سونهارا،

اهي مؤمن غازي دِل وارا،

جيڪي سمجهن راز اِشارن سان.

جيڪي جنگ ٿا ڪن، ٻَڌي سِر سان ڪفن،

سرسبز ٿا ڪن مِلت جو چمن،

جيڪي خون سان روشن ڪن ٿا وطن،

تن کي ڀيٽيان چنڊ ۽ تارن سان.

(183)

اَچ بيشڪ ريجهي راڻا!

ڪر پاڪ وطن سان ماڻا.

تون پاڪ وطن جو غازي،

تون نرمل نيڪ نمازي،

هَل ڪونتل ڪاهي تازي،

ڪر دُشمن داڻا داڻا،

اَچ بيشڪ ريجهي راڻا!

ڪر دُور وطن جي مصيبت،

رک دل ۾ شوقِ شهادت،

تون آهين قوم جي زينت،

سُڃ توکان سوا سڀ ڀاڻا،

اَچ بيشڪ ريجهي راڻا!

شل، تنهنجون دُور بلائون،

هِن ديس تان لاه جَفائون،

اَڄ توکي ڪن ٿا دعائون،

کِپَ، ٻوه، لَيون ۽ لاڻا،

اَچ بيشڪ ريجهي راڻا!

ڪِٿي غازي گهوٽ ٿو گهاري،

ڪِٿي مومل سِڪ مان ٿي ساري،

ڪِٿي ڪاڪ نديءَ جي ڪِناري،

وري دِل جا ڪَنول ڪوماڻا.

اَچ بيشڪ ريجهي راڻا!

(184)

پاڪ وطن جو شان،

آهـــــــــــــــــــــــــــــــي راز اِلاهـــــــــــــــــــــي.

پاڪ وطن اسلام جو گلشن،

ڪلـــــــــــــــمي تـــــــــــــــــــــــــــــي اِيمـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــان،

آهـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي منصـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــب شاهـــــــــــــــــــــي.

ديس جي اُلفت فَخر وڏائي،

قـــــــــــــــــــــــــــــــــــــوم تــــــــــــــــــــان ٿـــــــــــــــــــــــــــــــي قربـــــــــــــــــــان،

مؤمــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــن مــــــــــــــــــــــــــــــــرد سِپاهــــــــــــــــــــــــــــي!

اَچ تون حيدر شير بَهادر!

مشڪـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــل ڪـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــر آســــــــــــــــــــــــــــــــــــــــان،

آهيــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــن وارث واهــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي.

رَب رُسندو، مَت کسجي ويندي،

دُشمـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــن ٿــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي نـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــادان،

وِجهنـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــدو ڳل ۾ ڦاهــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي.

(185)

اُچيون پاڪ وطن جون ماڙيون، اَلا!

پنهنجي هٿ سان ڪيئَن اُجاڙيون؟ اَلا!

ٻَڪرو بڻجڻ شان نه تنهنجو

کڻ تون ڪات ڪُهاڙيون، اَلا!

پاڪ وطن جا غازي بنجي،

ساه هلون ٿا سَلهاڙيون، اَلا!

اُچيون پاڪ وطن جون ماڙيون، الا!

وِک وِک تي اَڄ سوڀ اسان جي،

خوش ٿي وَڄايون تاڙيون، اَلا!

اُچيون پاڪ وطن جون ماڙيون، اَلا!

بدر و حُنين جا غازي بَنجي،

قول پنهل سان پاڙيون، اَلا!

اُچيون پاڪ وطن جون ماڙيون، اَلا!

(186)

پاڪ وطن سان پيار ڪريان ٿو،

غازي مرد سڏايان ٿو.

مُوذي ماري ۽ رت هاري،

رنگ وطن کي لايان ٿو.

دل ۾ هِڪ آڙاه بَري ٿو،

جذبن کي جاڳايان ٿو.

ديس مٿان پَروانو بنجي،

پنهنجو پاڻ پَچايان ٿو.

مرڻ شهادت، جيئَري غازي،

نعرو اِهو لڳايان ٿو.

پُٺتي هرگز ڪين هٽان ٿو،

اڳتي قدم وڌايان ٿو.

اَزل اَبد جي ڄاڻ رکان ٿو،

روح جا راز ٻُڌايان ٿو.

موت کي هڪ ميلاپ ٿو ڀانيان،

جيئَڻ وٽان گهٻرايان ٿو.

(187)

توتان گهور وڃان، پيارا پاڪ وطن،

پيارا پاڪ وطن، تنهنجا ڳوٺ وسن!

پاڪ وطن جا پاڪ سپاهي.

سوڀ اُنهن جي رازِ اِلاهي،

جوڌا جنگ کٽن، دَرد دهل وڄن.

توتان گهور وڃان پيارا پاڪ وطن!

مُلڪ سان جيڪي ڪن بَدخواهي،

ڄاڻ جو آئي تن جي تباهي،

مُوذي شال مرن، ڏوٿي ڏک نه ڏسن،

توتان گهور وڃان پيارا پاڪ وطن!

آخر ٿيندي جِيت اَسان جي،

حَق جي حفاظت ريت اَسان جي،

نعرا حَق جا لڳن، مارُو ماڳ اچن،

تون تان گهور وڃان، پيارا پاڪ وطن!

(188)

سهڻي سنڌ جا سهڻا ماڻهو.

مٺڙا ۽ موچارا، جهڙا روشن تارا.

جن ميدان ۾ باهيون ٻاريون،

پَل ۾ آيا دشمن ماريون،

چمڪيون خوب سندن تلواريون،

چنڊ تي جن جا چارا، جهڙا روشن تارا.

عرش عظيم تي جن جا ڦيرا،

داور اڏو جن جا ديرا،

مارُو منهنجا مُور نه ميرا،

ڪوجها توڙي ڪارا، جهڙا روشن تارا.

ريت اُنهن جي پياري پياري،

هر ميدان ۾ سوڀ ۽ ساري،

ڏسون ٿا دشمن تي اَڄ جاري،

غازين جا لامارا، جهڙا روشن تارا.

غازي پنهنجو فرض ٿا ڄاڻن،

شوق منجهان ٿا اڳتي تاڻن،

اُهي شهيد، ٿا جنت ماڻن،

جام پين جالارا، جهڙا روشن تارا.

(189)

سِنڌ سائي، سَچ ڄائي، توڙؤن آهي تازي،

سنڌي سورهيه غازي، سنڌي سورهيه غازي.

ٺاه ٺاهي، لڄ لاهي، دُشمن آيا ڪاهي،

دِڪيون ڊاهي، چَڙهيا ڦاهي، رهيو باقي ڇاهي؟

نعرا هڻندا، وِکون کڻندا آيا سَندرا ساهي

ڪَري وارا، وجهي مارا، کيڏيا سِر جي بازي،

سنڌي سورهيه غازي، سنڌي سورهيه غازي.

رت روئي، هٿ ڌوئي، سَڙن ويٺا سَکڻا،

بُرا بَد، راهون رَد، دل ۾ ڪيني رَکڻا،

جيڪي جهڙا، تن کي تهڙا، مزا آهن چکڻا،

ڪندا زاري سَو سَو واري، اُهي احمق آزي،

سنڌي سورهيه غازي، سنڌي سورهيه غازي.

ڳليون ڳولي، مَڙهه رولي، وڃي لِڪا اولي،

ڀتر ڀوري، وَٽ توري، ويا ڇَپر ڇولي،

اَچو هاڻي، تندتاڻي، ’ڳجهه وجهون کولي،

ڪيسين هلندي، ڪيسين چلندي، اِها حيلي سازي؟

سِنڌي سورهيه غازي، سنڌي سورهيه غازي.

(190)

سُهڻــــــــــــــــــي سِنڌ سڳوري!

توتان جــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــان فِدا،

تون تان جـــــــــــــــــــــــان فِدا،

آهي سِـــــــــــــــــــر جي صدا-

سورهيه ڪن ٿا سنڌ لئي،

سِر کان ساه جدا، دَم اَلاهـــــــــــــــــي اَلا!

سُهڻي سنڌ سڳوري! توتان جـــــــــــــــــــان فِدا.

سِنڌ وطن جي شهيـــــــــد تي،

راضـــــــــــــــــــي آههِ خــــــــــــــدا، دَم اَلاهـــــــــــي اَلا!

سُهڻي سنـــــــــــــــــڌ سڳـــــــــــــوري! توتان جان فِدا.

مؤمـــــــــــــــــــــــــــــن آڏو بادشــــــــــــــــاه،

آهن دَر جا گــــــــــــــــــــدا، دَم اَلاهــــــــــــــــــي اَلا!

سُهڻي سنڌ سڳوري! توتان جــــــــــــــــــان فدا.

شـــــــــــــــــــان نه آهــــــــــــــــــي مَرد جو،

نخـــــــــــــــــــــــرو نازو ادا، دَم الاهي اَلا!

سُهڻي سنـــــــــــــــڌ سڳـــــــــــــــــوري! توتان جان فِدا.

رک تون سنڌ جي ســــــــــــــوز ۾،

سينو صاف ســــــــــــــــــــــدا، دَم الاهــــــــــــــــــــي اَلا!

سُهڻي سنڌ سڳوري! توتان جـــــــــــــــــــــــــان فِدا.

(191)

اسان هي مٺڙا مُلڪ وَسيسون.

مَر وَيسُون، مهراڻ نه ڏيسون.

اسين مُسلم مَنصبدار اَلا،

اسين حيدر جي تَلوار اَلا،

پنهنجو پاڪ وطن سان پيار اَلا،

اَسان هوشو نام ڌريسون،

مَر وَيسوُن، مهراڻ نه ڏيسون.

اسين کيڏون سِر جي بازي لا،

اسين ڌاريون عشق حجازي لا،

اسين ابن القاسم غازي لا،

لَک ڏاهر ڏال ڇُڙيسون،

مَر وَيسوُن، مهراڻ نه ڏيسون.

چڙهه غازي تازي تازي تي،

ڦِٺ محڪوميءَ جي جنازي تي،

هِن اسلامي دروازي تي،

آزاد عَلَم لُڏويسون،

مَر وَيسوُن، مهراڻ نه ڏيسون.

 

(192)

سِنڌ جو سورهيه يار،

ڄڻ ڪو شينهن گجي ٿو.

شينهن گجي ٿو، مِينهن وَسي ٿو.

”حيدر حيدر“ جنهن جو نعرو،

دلدل جو هسوار،

جنهن جو ساٿ ڏئي ٿو،

ساٿ ڏِئي ٿو، راه ڏَسي ٿو.

سنڌي سورهيه خون وَهائي،

ٻيڙو ٿئي ٿو پار،

هرگز ڪين ٻُڏي ٿو.

ڪين ٻُڏي ٿو، تيز تَري ٿو.

سنڌي سورهيه مؤمن، غازي.

سنڌ وطن سان پيار،

پنهنجي دل ۾ رکي ٿو،

دل ۾ رکي ٿو، گهور وڃي ٿو.


 

(193)

سنڌ جا سورهيه شير بهادر!

دُشمن تي ڪر وار وري.

مَر وَيسوُن، مهراڻ نه ڏيسون.

توکي مَدد از غيبي ڏيندو،

”دُلدل جو هَسوار“ وري،

سنڌ جا سورهيه شير بهادر!

سنڌ جي سِڪ ۾ سَندرو ساهي،

غير کان ٿي بيزار وري،

سنڌ جا سورهيه شير بهادر!

سِڪ مان رک تون سورهيه سنڌي!

سِنڌ وطن سان پيار وري.

سنڌ جا سورهيه شير بهادر!

گيدي گدڙن آڏو ڪر تون،

شِينهن بڻي گجڪار وري،

سنڌ جا سورهيه شير بهادر!

پنهنجي خون جو تُحفو ڏيئي،

سِنڌ جو ٻيڙو تار وري.

سنڌ جا سورهيه شير بهادر!

(194)

منهنجي سُهڻي سنڌ سونهاري!

توتان صدقي وڃان سَو واري.

آههِ حفاظت سِنڌ وطن جي،

ڪعبــــــــــــــــي جي اوســــــــــــــاري،

منهنجي سهڻي سنڌ سونهاري!

سورهيه سنڌين سِيس وڍائي،

سنڌ جي ٻيڙي تاري،

منهنجي سهڻي سنڌ سونهاري!

سنڌ جي سِڪ ۾ هَر سنڌيءَ کي،

جـــــــــــــــــان نه آهي پيــــــــــــــــاري،

منهنجي سهڻي سنڌ سونهاري!

”اِبن القاسم“ کي ڇا سُڃاڻن؟

”ڏاهــــــــــــــــــر“ جا پوڄــــــــــــــــاري،

منهنجي سهڻي سنڌ سونهاري!

سورهيه سنڌي سَڏ تي اِيندا،

گهوٽ نه وِجهندا گهاري.

منهنجي سهڻي سنڌ سونهاري!

(195)

آيا اَڄ ميدان مَلهائي،

سورهيه سنڌ جي واديءَ جا،

دشمن جا مَڙه رِڻ ۾ رُلائي،

سورهيه سنڌ جي واديءَ جا.

ساه ۽ سِر جو سانگو لاهي،

جوش منجهان ويا اڳتي ڪاهي،

آيا شاهي طبل وَڄائي،

سورهيه سنڌ جي واديءَ جا.

ڪونڌر ٿي هليا قربئون ڪاهي،

ڌوڪي جي ديوار کي ڊاهي،

فتح جو جهنڊو هليا جهُلائي،

سورهيه سنڌ جي واديءَ جا.

خون ۾ وهنجن غازي بنجي،

ڏِين اَذان نمازي بنجي،

ٿيا شهيد، شهادت پائي،

سورهيه سنڌ جي واديءَ جا.

آيا حق جا طالب بنجي،

هر ميدان ۾ غالب بنجي،

سيني سان قرآن لڳائي،

سورهيه سنڌ جي واديءَ جا.

(196)

سهڻي سنڌ کي رب آباد ڪري،

ڏسي مارو مٺا، منهنجو منڙو ٺري.

سهڻي سنڌ جا ماڳ مڪان وسن،

لاهور، سکر، ملتان وسن،

جتي جوڌا جُنگ جوان وسن،

جن کان دشمن جو نِت ڏيل ڏري.

ڪر سنڌ تان سِر قربان کڻي،

ڏيندو سوڀ سِگهو پرور پاڪ ڌڻي،

ڪر هِڪڙي هڪل، حَق جي هام هَڻي،

ٻَڌ سَندرو، منزل ناههِ پَري.

پنهنجي ديس ۾ شل آباد ٿيون،

نڪي غيرن کان ڪڏهن شاد ٿيون،

ڀَل ڪُسجي وڃون، بَرباد ٿيون،

سُهڻي سنڌ کان ڪيئَن ٿو ساه سَري؟

مَٿا دشمن جا هَل ڦاڙيندو،

هَل مشڪل کي تون لتاڙيندو،

اهو دشمن ڪجهه نه بگاڙيندو،

جيڪو ڳڻتين ۾ ويٺو روز ڳَري.


 

(197)

هـــــــــــــــو جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!

هو، منهنجو جمالو جهاد سان ..... هو جمالو!

منهنجو پيار ته شهري شور سان ..... هو جمالو!

اِنهيءَ پنڊي ۽ لاهور سان ..... هو جمالو!

انهيءَ سکر، حيدرآباد سان ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو جهاد سان ..... هو جمالو!

ڏِس، فوجي پاڪستان جا، ..... هو جمالو

جيڪي مالڪ شاهي شان جا..... هو جمالو!

جيڪي وِڙهن ٿا ڪفر الحاد سان ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو جهاد سان ..... هو جمالو!

ڏِس، مَرد مجاهد مير، لا ..... هو جمالو!

جيڪي فتح ڪندا ڪشمير، لا ..... هو جمالو!

جيڪي وڙهندا لاتعداد سان..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو جهاد سان ..... هو جمالو!

ڪر دشمن، ماري مات، لا ..... هو جمالو!

ڀَل ڪِرن سندس محلات، لا ..... هو جمالو!

ڀَڃ شيشي کي فولاد سان ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو جهاد سان ..... هو جمالو!

هـــــــــــــــو جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!

(198)

هـــــــــــــــو جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!

هو، منهنجو جمالو اسلام سان ..... هو جمالو!

وڃان صدقي پاڪستان تان ..... هو جمالو!

سِر گهوريان اُن جي شان تان ..... هو جمالو!

منهنجو ناتو اُن جي نام سان ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو اِسلام سان ..... هو جمالو!

اَسين حيدر، جي تلوار، لا.... هو جمالو!

اَسين ”خالد“ جي للڪار، لا  ..... هو جمالو!

پنهنجي اُلفت احمد ڄام سان ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو اِسلام سان ..... هو جمالو!

اَسين غازين ۾ محمود، لا..... هو جمالو!

اَسين بُت ٿا ڪريون نابود، لا ..... هو جمالو!

پنهنجو رستو ناهي رام سان ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو اِسلام سان ..... هو جمالو!

اَسين ”قاسم“، واري ڪاه، لا.... هو جمالو!

اَسين سِنڌوءَ جو درياه، لا ..... هو جمالو!

منهنجو پيار وطن جي عوام سان..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو اِسلام سان ..... هو جمالو!

اسين هِمت جا سالار، لا ..... هو جمالو!

اَسين راتين جو بيدار، لا ..... هو جمالو!

اَسين سمهي نه ڄاڻون شام سان ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو اِسلام سان ..... هو جمالو!

هـــــــــــــــو، جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!

(199)

هـــــــــــــــو جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!

هو، منهنجو جمالو لاهور سان ..... هو جمالو!

هن ۾ داتا جي دربار، لا .... هو جمالو!

جنهن ۾ مغلن جا آثار، لا ..... هو جمالو!

جنهن ۾ راوي شاهي شور سان ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو لاهور سان ..... هو جمالو!

جنهن ۾ ”ايبڪ قطب“ عظيم، لا .... هو جمالو!

جنهن ۾ ”شاهنشاه سليم“ لا ..... هو جمالو!

جنهن ۾ شالامار به شور سان ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو لاهور سان ..... هو جمالو!

جنهن ۾ ”ملڪہ نورجهان“، لا .... هو جمالو!

جو ”انارڪليءَ“ جو شان، لا ..... هو جمالو!

جنهن ۾ مور ٽِلن ٿا ٽور سان ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو لاهور سان ..... هو جمالو!

جنهن ۾ ”علامه اِقبال“، لا .... هو جمالو!

جيڪو شاعر لازوال، لا ..... هو جمالو!

جنهن ۾ حق جون صدائون زور سان ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو لاهور سان ..... هو جمالو!

جتي جوڌا ۽ جان باز، لا .... هو جمالو!

جيڪي جهرڪين ۾ شهباز، لا ..... هو جمالو!

جيڪي وڙهن ٿا دشمن چور سان سان ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو لاهور سان ..... هو جمالو!

هـــــــــــــــو جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!


 

(200)

(199)

هـــــــــــــــو جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

اَسين غازي پاڪستان جا .... هو جمالو!

اسين صاف سَچا ايمان جا ..... هو جمالو!

اسين واقف پنهنجي شان جا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

اَسين اُمت احمد ڄام جي .... هو جمالو!

اسين ساک ڀريون اسلام جي ..... هو جمالو!

اسين عظمت رب جي نام جي ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

رک ديس سان پاڪ پريت، لا .... هو جمالو!

سِک جوشِ جهاد جي ريت، لا ..... هو جمالو!

لِک ويهي قومي گيت، لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

ڏِس، هِند ۾ پنهنجو شان، لا .... هو جمالو!

جِتي ساماڻا سلطان، لا ..... هو جمالو!

ڏِني گنگا تي به اَذان، لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

اَسين ”لال قلعي“ جو ڏاج، لا .... هو جمالو!

اسين ”تاج محل“ جو تاج، لا ..... هو جمالو!

هو پنهنجي هٿ ”هنگلاج“ لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

(201)

هـــــــــــــــو جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!

هو، منهنجو جمالو اِسلام سان ..... هو جمالو!

اَسين هڪ تاريخي موڙ، لا .... هو جمالو!

اسين ”ڏاهر“ جا سِر ٽوڙ لا ..... هو جمالو!

اسان ٽوڙي ”ٻَنڌ اَروڙ“ لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو اِسلام سان ..... هو جمالو!

اَسان ڀَلا ”ڀٽائي گهوٽ“ سان .... هو جمالو!

اسان سچا ”سَچل اَڻ موٽ“ سان ..... هو جمالو!

اسين کرا، ڇو گڏجون کوٽ سان؟ ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو اِسلام سان ..... هو جمالو!

اَسين خود ”محمود و اياز“ لا .... هو جمالو!

اسين ”اَبداليءَ جو راز، لا ..... هو جمالو!

لک دشمن ڪن ٿا نياز، لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو اِسلام سان ..... هو جمالو!

اَسين هر هڪ دَور جا شاه، لا .... هو جمالو!

اسين دل جا ڄڻ درياه، لا ..... هو جمالو!

لک گدا گدائي خواه، لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو اِسلام سان ..... هو جمالو!

اَسين خادم احمدؐ ڄام جا .... هو جمالو!

اسين فردوسي اِسلام جا ..... هو جمالو!

اسين حافظ رَب جي نام جا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو اِسلام سان ..... هو جمالو!

هـــــــــــــــو، جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!

(202)

هـــــــــــــــو جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!

هو، منهنجو جمالو ته قوم سان ..... هو جمالو!

اَسين سنڌي، بلوچ، پٺاڻ، لا .... هو جمالو!

اَسين بنگالي به پاڻ لا ..... هو جمالو!

اسين پنجابين کي ڄاڻ لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته قوم سان ..... هو جمالو!

اَسين سچا مسلمان، لا .... هو جمالو!

رکون نبيءَ مٿان اِيمان، لا ..... هو جمالو!

اسين پڙهون ٿا سڀ قرآن، لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته قوم سان ..... هو جمالو!

اَسين ڪلمي گو اِنسان لا .... هو جمالو!

اَسين وحدت تان قربان لا ..... هو جمالو!

اسان ورتو پاڪستان، لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته قوم سان ..... هو جمالو!

پنهنجو نينهن نبي مُختار سان.... هو جمالو!

پنهنجو پيار ته پاڪ دِيار سان ..... هو جمالو!

ڇو هڪ ٿي رهون اَغيار سان؟ ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته قوم سان ..... هو جمالو!

اَسان پاڪ وطن جا غازي، لا .... هو جمالو!

اَسان هيٺان اَبلق تازي، لا ..... هو جمالو!

هر حال ۾ سَر اَفرازي، لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته قوم سان ..... هو جمالو!

(203)

هـــــــــــــــو جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

جِتي ”راوي“، اَڏڪ، چناب لا .... هو جمالو!

جتي پيارو پاڪ پنجاب لا ..... هو جمالو!

جِتي ”سنڌ“ جو رعب ۽ تاب لا..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

جِتي وادي هڪ ڪشمير جي .... هو جمالو!

مَٽ جنّت جي جاگير جي ..... هو جمالو!

جِتي گهرج ٿي اڄ شمشير جي..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

جِتي غازي مسلمان، لا .... هو جمالو!

جيڪي پڙهن ٿا نِت قرآن، لا ..... هو جمالو!

اِهي جوڌا جُنگ جوان، لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

اسين موت کي سمجهون عيد، لا....هو جمالو!

اسين ٿيڻ گهرون ٿا شهيد، لا ..... هو جمالو!

ڇا پُڄندا پِٽيا پَليد، لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

اَسين قومن جا اُستاد، لا .... هو جمالو!

اَسين رَب هڪڙي جي ياد، لا ..... هو جمالو!

اسين بُت ٿا ڪريون برباد، لا..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

هـــــــــــــــو جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!

(204)

هـــــــــــــــو جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!

هو، منهنجو جمالو ته مُلڪ سان ..... هو جمالو!

اسين جوڌا ۽ جانباز، لا .... هو جمالو!

اسين همت جا همراز، لا ..... هو جمالو!

اَسين عظمت جا شهباز لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته مُلڪ سان ..... هو جمالو!

پنهنجو پيار ته پاڪستان سان .... هو جمالو!

اِسلام ۽ دين اِيمان سان ..... هو جمالو!

اَسين قرب رکون قرآن سان ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته مُلڪ سان ..... هو جمالو!

اسين هِڪڙي قوم ۽ ذات، لا .... هو جمالو!

نٿا ڄاڻون ڇوت ۽ ڇات، لا ..... هو جمالو!

هڪ وائي سَڀ جي وات، لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته مُلڪ سان ..... هو جمالو!

اسين پاڪ نبيءَ جي پُڪار، لا.... هو جمالو!

اسين ”حيدر“ جي تلوار، لا ..... هو جمالو!

اَسين هِمّت جا هسوار، لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته مُلڪ سان ..... هو جمالو!

اسين مرد سچا اَڻ موٽ، لا .... هو جمالو!

اَسين سورهيه غازي گهوٽ، لا ..... هو جمالو!

نٿا ڌاريون دل ۾ کوٽ، لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته مُلڪ سان ..... هو جمالو!

هـــــــــــــــو، جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!

(205)

هـــــــــــــــو جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

اَسين ماڻهو پاڪ ديار جا .... هو جمالو!

اِنهيءَ اُڀي لَمي جي پار جا ..... هو جمالو!

اَسين واقف سَڀ اَسرار جا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

اَسين سورهيه ۽ سرويچ لا .... هو جمالو!

اَسين دين سان پايون پيچ لا..... هو جمالو!

اَسين غير کي ڄاڻون هيچ لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

اَسين غيرت جا رکپال لا .... هو جمالو!

اَسين ٿوري ۾ خوشحال لا ..... هو جمالو!

اَسين دين تان گهوريون مال لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

هجي قائم پاڪستان لا .... هو جمالو!

ڪجي صدقي اُن تان جان لا ..... هو جمالو!

اَسين دين مٿان قربان لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

اَسين پنهنجي وطن جا يار لا .... هو جمالو!

اَسين دين سَندا دلدار لا ..... هو جمالو!

ڀَل سَڙن پَچن اَغيار لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ديس سان ..... هو جمالو!

(206)

هـــــــــــــــو جمـــــــــــالو ..... وه وا جمــــــــــالو!

هو، منهنجو جمالو ته ملڪ سان

اَسين قاسم تان قربان لا.... هو جمالو!

اَسين سچا مسلمان لا ..... هو جمالو!

مِٺو مُلڪ ته پاڪستان لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ملڪ سان ..... هو جمالو!

اَسين بابر جي شمشير لا.... هو جمالو!

اَسين محمودي تڪبير لا ..... هو جمالو!

اَسين نُوري مير نصير لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ملڪ سان ..... هو جمالو!

اَسين ”ظفر“ سَندي گفتار لا.... هو جمالو!

اَسين ”نادر“ جي تلوار لا ..... هو جمالو!

اَسين ”هوشوءَ“ جي لَلڪار لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ملڪ سان ..... هو جمالو!

اَسين شير محمد شير لا.... هو جمالو!

اَسين دريا خان دلير لا ..... هو جمالو!

اَسين ابداليءَ جو ڀير لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ملڪ سان ..... هو جمالو!

اَسين ”دودي“ جا دلدار لا.... هو جمالو!

اَسين غازي حُر اَحرار لا ..... هو جمالو!

اسين اَيوبي اَفڪار لا ..... هو جمالو!

هو، منهنجو جمالو ته ملڪ سان ..... هو جمالو!

(207)

ڏينهــــــــــــــــــــن سَڀـــــــــــــــــــــــــــــــــاڳو ٿينـــــــــــــــــدو.

ايـــــــــــــــــندو جمالــــــــــــــــــــــــــــو جتن سان اِيندو.

ڏيــــــــــــــــــــــهه مبــــــــــــــــــــــــــارڪ ڏينــــــــــــــــــدو.

اِينــــــــــــــــــدو جـــــــــــــــــــــمالو جتن سان ايندو

پير اَڱــــــــــــــــــڻ تــــــــــــــــــــــــــي پائينـــــــــــــــــدو،

اِيندو جمالو جتن سان منهنجو،

مِهــــــــــــــــــــــــــــر جـــــــــــــــــــــــو مينهــــــــــــــــــــــــن وَسائيندو،

اِيندو جمالو جتن سان منهنجو.

خوشيءَ جـــــــــــــــا آهـــــــــــــــــن کُليا خزانا،

اِجهو جمالو جتن سان اِيندو،

نه رهنــــــــــــــــــــدا دُک درد جـــــــــــــــــــا زمانا،

اِجهو جمالو جتن سان اِيندو.

منهنــــــــــــــــــــــــجو ڪانــــــــــــــــــگل قاصد آيو،

ايندو جمالو جتن سان منهنجو.

اچــــــــــــــــــــــي پيـــــــــــــــــــــــــار جو مينـــــــــــهن وسايو،

او ايندو جمالو جتن سان منهنجو.


 

(208)

هو جمالو، وه وا جمالو.

هو منهنجو جمالو، سڄڻ سان.

منهنجو کٽي آيو خير سان، هو جمالو،

منهنجو ڇمڪي آيو ڇير سان، هو جمالو،

هو جمالو، وه وا جمالو،

هو منهنجو جمالو سَڄڻ سان.

جيئي گهوٽ، اَڻ موٽ لا، هو جمالو،

جنهن جا قربن وارا ڪوٽ لا، هو جمالو،

هو جمالو، وه وا جمالو،

هو منهنجو جمالو لطيف سان، هو جمالو،

هو منهنجو جمالو شهباز سان، هو جمالو،

هو منهنجو جمالو سچل سان، هو جمالو،

هو منهنجو جمالو لاهوت سان، هو جمالو.

 

{

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org