رباعيون
قطعا
رباعيون
(ڀٽائي (رح) جي ڍنگ تي)
(1)
گهرجي ٻڪي نه ويڄ! نه هرگز چڱي ٿيان،
اُميد آهه دل ۾ ته دلدار کي ڏسان،
مون وٽ اچي عجيب، عيادت جي لاءِ من!،
اهڙي ئي آسري تي اَگهائيءَ ۾ ٿي رهان.
(2)
سُڌ سور جي نه توکي، نه آهين طبيب تون،
ڊبڙا هي سانڍ پنهنجا وجهي کڏ ۾، کوٽ ڀون،
تن پروڙن جي تات رهي تن ۾ ٿي سدا،
هوتن بنا ڪڏهن نه حياتي گهران ٿو مون.
(3)
هئي هئي! حبيب جي ٿي رهي منهنجي من هوءِ،
جيرا جلن ٿا جوش ۾، آهي بُڪين ۾ بوءِ،
وسهو اوهين جي ڪين ٿا، ويساه منهنجي تي،
پاڻهي اچي اکين سان پسو خستہ تن جي روءِ.
(4)
دل ۾ رهي اُڪير ٿي دلدار جي گهڻي،
ورسيا وڃن ٿا ويڄ، نه ويهن ٿا ڊب کڻي،
ڏيندا ٻڪي سي ٻاجهه جي هن دردمند کي،
ايندا جڏهن عليل ڏي سورن سندا ڌڻي.
(5)
توکي سڏيان حبيب، ٿيان تو مٿان فدا،
تون ئي طبيب آهين ۽ تون درد جي دوا،
انواع درد منهنجي ئي جيءَ ۾ جڳهه ڪئي،
آهيان مريض تنهنجو اي صاحب! ڏي تون شفا.
(6)
توکي حبيب! درد جو دارون سڏيان ٿو مان،
دل جو علاج تنهنجون تنوارون سڏيان ٿو مان،
تون ئي طبيب آهين ۽ تنهنجي اٿم طلب،
بي ڪار ٻيون ٻڪيون ۽ هي ڪارون سڏيان ٿو مان،
(7)
تون ئي طبيب آهين ۽ تون ئي ڊٺن جو ڊب،
تون ئي ڏئين، تون لاهين، تون هادي حبيب، رب،
واريو گهريءَ ۾ ويڄ وهاري ڇڏين ٿو پيو،
دل ۾ اٿم عجيب! هميشہ اهو عجب.
(8)
بنجين سُتي حبيب! ٿو سُورن جي لاءِ تون،
ڏاتر! ٿِيئن طبيب ٿو ڏکندن جي لاءِ تون،
ڪن ٿيون ڦَڪيون نه فرق، سوا تنهنجي امر جي،
صاحب! شفا ٿو بنجين مريضن جي لاءِ تون.
{
قربانيءَ جو ٻڪرو
جيڻ چاهين ٿو جڳ ۾، سنڌ واسي!
زماني جو سڃاڻج گول چڪرو،
اڃا پلبا گهڻا ”اضحي جا دنبا،“
فقط ٿيندين تون ”قربانيءَ جو ٻڪرو.“
حال سان هل
آهين جي هيڻو ته سهه ڏاڍن جو ڏاڍ،
ڪن اکيون ۽ وات بلڪل بند ڪر،
حال سان هل، پنهنجو مستقبل نه سوچ.
گند کي ظاهر مگر گلقند ڪر.
ڏکيا ڏينهن
فڪر سان عرش جي تارن جي ڦڻي، هٿ ۾ کڻي،
زلف، ڌرتيءَ جي حسينن جا، سنواري وڃبا،
اي فلڪ! فڪر نه ڪر، تنهنجي ستم جي صدقي،
هن حياتيءَ جا ڏکيا ڏينهن گذاري وڃبا.
صراط المستقيم
وجود آهي اِنهيءَ انسانيت جو محض مُرسل سان،
محمد مير جو اَخلاق ۾ رُتبو عظيم آهي.
رضائي اِيزدي آهي اگر اِنسان جو مقصد،
محمد جو ئي دروازو صراط المستقيم آهي.
وحدتِ حق
وحدتِ حق قبول ٿو سمجهان،
محمد کي رسول ٿو سمجهان،
بس، نبي آخري محمدؐ آههِ،
اُن جا منڪر جهُول ٿو سمجهان.
گِدڙ ۾ ڪَم
مُنافقيءَ سان جو ليڊر ٿو اِقتدار گهُري،
نه اِعتبار ڪجي، اُن جي ڳالهه کوٽي تي،
وطن تي وقت جي آيو ته هِي ڀَڄي ويندو،
گِدڙ ۾ ڪم پَوي، هوندو جبل جي چوٽي تي.
خونِ حسين
بيوقوفن جي مڃيل آقا کي ڪيئَن دانا مڃين؟
آهه دانائن جي دنيا، خاص مرهونِ حسين،
ڀل ته ڪن رت ڇاڻ، ٻڏندا خود يزيديت پرست،
خون جو سيلاب آڻيندو وري خونِ حسين.
ٿو کٽو
کٽو ٿئي ٿو جڏهن کير، تئَن ٿو ڏڌ سڏجي،
سباڻ سان نه ڪڏهن، کير، کير ٿي رهندو،
ڪندو جي ميمبري پنهنجيءَ کي ”ٿو کٽو“ ڪو وزير،
اهوئي قوم جو ڪامل وزير ٿي رهندو.
گدڙ جي ڪوڪ
رهيا نه شير شجاعت جا، سنڌ جي اندر،
اجايو شير سڏائن ٿا بيشمار گدڙ،
هجوم آهه لکن جو، انهيءَ ۾ شڪ ڪهڙو!
گدڙ جي ڪوڪ تي گڏ ٿا ٿين هزار گدڙ.
فردوسي سنڌ
پاڻ کي سمجهين ٿو ”فردوسيءِ سنڌ“
شعر تنهنجي ۾ پڪوڙا ٿا پچن،
ڀولڙي وانگر چڙهين ٿو ڀت مٿان،
سچ چوڻ تي مرچ ٿا توکي لڳن.
نابلد شاعر
پنهنجي ثنا ٿا پاڻ ڪن، ناواقفِ عروض،
قطعات جن جا وزن ۾، هاٿيءَ جا ڪن ٿيا،
”مدّاح“ کي ”مداح“، لکن ٿا جي نابلد،
قحط الرجال ۾ اهي، استادِ فن ٿيا.
حر ۽ يزيد
جي ”هوس“ بدران لکن ٿا ”ح حقي“ جيءَ سان ”حوس“،
پاڻ س آهن غلامانِ هوس جا زر خريد،
جو حسيني حر سو تلميذِ رشيد الله جو،
فطرتاً ابليس جيڪو سو ثنا خوانِ يزيد.
تخت ۽ بخت
توتي افسوس، خود غرض ليڊر!
تون تشدد سان تخت ٿو چاهين،
بيڪسن جي ڦري لٽي قسمت،
بي حيائي جو بخت ٿو چاهين.
وطن پرست
وطن جو پيار، پکين جي به آهه فطرت ۾،
گذار ڀل ته چمن ۾، چمن پرست نه ٿي،
سڄو جهان، مسلمان جو وطن آهي،
خدا پرست سڏائي، وطن پرست نه ٿي.
اسلام جو اقبالؒ
تون ئي واقف مقامِ ڪبريا کان،
خوديءَ جي رمز جو رکوال آهين،
انهيءَ کان وڌ ملي ڇا شان توکي؟
”تون ئي اسلام جو اقبالؒ آهين“.
شارحِ قرآن
شارحِ قرآن آهي، لعل لاکيڻو لطيف،
عارفِ حق جو ٿو هر هڪ لفظ لافاني ٿئي،
سج بنا ٻيو سج نه ٿيندو، چنڊ هردم چنڊ آهه،
ڪير آهي، جو ڀٽائي گهوٽ جو ثاني ٿَئي؟
ناٽڪي نعرا
فريب و مڪر سکي، قوم جو نه ٿي ليڊر،
جي آهه صاف نظريو ته دل به صاف هجي،
خلاف ڪنهن جي نه هڻجن ڪي ”ناٽڪي نعرا“،
هزار ڪنهن جي نظريي سان اختلاف هجي!
لاکيڻو لطيف
”جو ڪري اڳ اَڳرائي سو خطا کائي ضرور“،
پاڻ فرمائي ويو، محبوب ماٺيڻو لطيف،
”شاه جو ثاني سڏائڻ“، سج کي ڏيکارڻ ڏيو“،
ڪونه ٿيندو سنڌ ۾ پيدا ڪو لاکيڻو لطيف.
غيرن جي سوغات
سنڌڙيءَ جي سڪ ۾ ايئَن ٿو گيت ڳائيندو وتان،
جيئَن تنواريندو وتي، تاڙو پکي برسات ۾،
سنڌڙيءَ تان ساه سر صدقي ڪريان سؤ وار، پر،
ٻن اهو نعرو، جو غيرن کان ملي سوغات ۾.
صبح درخشان جو اعلان
اسان جي صبح درخشان جو ٿي چڪو اعلان،
خزان جي خاتمي آندا وري بهار جا ڏينهن.
خدا جو فضل انهي ريت، جي رهيو شامل،
اسان جي قوم ۾ ايندا، نه انتشار جا ڏينهن.
اڪ جي ماکي
قوم کي آهه جنهن منجهان خطرو،
اهڙي ديوار ڊاهڻي آهي.
هٿ نه ايندو، منافقيءَ سان ملڪ،
اڪ جي ماکي نه لاهڻي آهي.
ٽيويهين مارچ
ياد ڪر تاريخ ٽيويهين مهينو مارچ جو،
ولولو ڪهڙو هو تنهنجي جذبهء ايمان جو.
”قوم مسلم ڪين ٿيندي جذب ٻي ڪنهن قوم ۾“
اڄ به گونجي ٿو اهو اعلان پاڪستان جو.
سنڌ جي غيرت
غير اسلامي تصور جا نوان نعرا غلط،
سنڌ سونهاري جي نالي کي نه تون بدنام ڪر،
جيڪڏهن آهين تون سهڻي سنڌ جو ”دودو دلير“
سنڌ جي غيرت، غيرن جي اڳيان نيلام ڪر.
هدايت جو هادي
پسند آيو الله کي حمدِ حامد،
هدايت جو هادي محمد مڪائين،
سڄي رات جاڳڻ ڏسي مصطفيٰ جو،
”قُمُ الّليل اِلاّ قليلا“ چيائين،
محمد مصطفيٰؐ
جيڪو انسانن ۽ حيوانن تي يڪسان مهربان،
اڄ اهو خير البشر، خيرالوريٰ پيدا ٿيو،
آهه ڇا انسانيت؟ ان جي اڏاوت واسطي،
محسنِ اعظم، محمد مصطفيٰؐ پيدا ٿيو.
محسنِ اعظمؐ
هر وطن آهه خدا جو ۽ سندس ٻانهن جو،
اهڙو پيغام کڻي، رحمتِ عالم آيو،
نوعِ انسان جي فطرت منجهان آواز اُٿيو،
مرحبا صلِ عليٰ محسنِ اعظمؐ آيو.
نامِ رسولؐ
نبيءَ لي باعثِ تخليقِ ڪائنات، چوان،
زمانو ڪيئَن ٿو مٽائي سگهي نظامِ رسولؐ،
نه ايندو بعدِ نبي، ڪو نبي زماني ۾،
دلين تي نقش ٿي رهندو هميشه نامِ رسولؐ.
محمد ڪريم
بظاهر ”عبد“ باطن ۾ بڻيو ”لولاڪ“ جو والي،
جتان اُڀري ”اُلوهيّت“ اُتي آقا عليم آهي،
ڪرم جي وصف ۾ آهي خدا جي ذات سان شامل،
اگر قادر ڪريم آهي، محمد پڻ ڪريم آهي.
طلبگارِ محمدؐ
انسان کي انسان، محمد ئي بنايو،
خورشيد و قمر کان مٿي پيزارِ محمدؐ.
انسان هئڻ جو نٿو حق پهچي انهيءَ کي،
آهي جو نه دنيا ۾ طلبگارِ محمدؐ.
مهانگا ٻڪرا
ماڻهپي وارا طريقا، اڄ نٿا ڏسجن ڪٿي،
قاعدا ايمان فروشيءَ جا سهانگا ٿي ويا،
گوشت ماڻهوءَ جو جڏهن، ماڻهو ٿا کائن عام جام،
ڇا ٿيو، جي عيد تي ٻڪرا مهانگا ٿي ويا.
ٽيڏائي
ڀل ڪري ڪشمير جو ڪو ٽيون ٽياڪڙ فيصلو،
ڀارتي رکپال راڻو، نيٺ ريڏائي ڪندو،
جنهن ٽياڪڙ هڪڙي اک سان، زلفِ هندو کي ڏٺو،
سو ته هڪ ڪشمير ڇا، دنيا سان ٽيڏائي ڪندو.
ٻروچڪي ڏاڙهي
تيسين نه ”هڪ هٽيءَ“ جو هي لوڙهو لتاڙبو،
جيسين جتي نه پائبي، سختي سان موچڪي،
بڻبو، جمال سان جو ”جمالي“ وطن جي لاءِ،
ڏيندو اهو ئي وقت تي، ”ڏاڙهي ٻروچڪي“.
گوهي
پاڪ مقصد کي قبوليندا ڪٿي دل جا پليد؟
ڏوه وارو پاڻ کي ثابت ٿو ڪيئَن ڏوهي ڪري!
جو ورهيه گذرن رڍن آڏو وڄائيندي رباب؟
ساڻ جي سوٽي هجي، ڪيئن ٿو گڏهه گوهي ڪري!
مجبوري جو موت
باغ ۾ گل ڪيئَن ڦٽن، ڪيئَن دائمي خوشبو رهي؟
باغبان وٽ باغبانيءَ جو به مقصد آهه فوت،
يا خدا! اهڙي هنر واري کي ڄمندي موت ڏي،
جو مري ٿو جڳ جي بيقدري ۽ مجبوري جو موت.
ست ماڙ مان جهوپڙيون
پاڻ ۽ گهر ٻار وڪڻن، ڀل ڪراچيءَ جا غريب،
ٽيڪس جي صدقي، سون جا سو وڌيا مسواڙ ۾،
بيڪسن جي آهَ، جئَن ڪڙڪي ڪٺورن جي مٿان،
تئَن اڏيندا جهوپڙيون، رهندو نه ڪو ست ماڙ ۾.
ڪڪرن جو گوڙ
نالو نه ٿيندو ختم، ڪڏهن پنهنجي قوم جو،
گل ٿو سڏائي پاڻ کي، اُڀري مٽيءَ مان ٻج،
بيشڪ وساءِ مينهن مصيبت جو اي فلڪ!
ڪڪرن جي گوڙ هوندي به، سج آهه نيٺ سج.
سنڌي مهمان نواز
جوڙ بيشڪ جيءَ ۾ جايون اي وطن جا پاسبان!
سنڌ جا سورهيه ٿا ڪن اڄ تنهنجي حق گوئي تي ناز،
”صبر ايوبي“ جو گهر دنيا ۾ آهي سنڌڙي،
تنهنجي حق گوئيءَ تان صدقي سنڌ جا مهمان نواز.
سنڌ سر سبز
اسين پاڪ دل جا، وطن پاڪ پنهنجو،
او خاڪِ وطن توتي قربان آهيون.
هجي سنڌ سرسبز، سنڌي سڏايون،
مگر سڀ کان اڳ ۾ مسلمان آهيون.
مُنڌ جو راڻو
سنڌ سودو ڪيو سياست جو،
ڪنهن کي ناڻو ته ڪنهن کي جهوراڻو.
آهه لوڏن ۾ ڪاڪ مومل جي،
ڪير بنجي ٿو منڌ جو راڻو؟
اکين جو سُرمو
ٻڌون ٿا سنڌ جي عريان قديم هڪ تهذيب،
۽ ٻي اُها جا ڏني، صاحبِ لولاڪ.
اکين جو سُرمو بنايو، ٻنهي منجهان هڪڙي،
مِٽي مُئن جي دڙي جي، مديني پاڪ جي خاڪ؟
پيامِ سحر
وري اَچي ٿو تباهي منجهان وقار جو ڏينهن،
خزان جو خاتمو آڻي ٿو خود بهار جو ڏينهن.
اَڄوڪي شام ۾ آهي لڪل پيامِ سحر.
ڏسون نه شال اکين سان ڪو اِنتظار جو ڏينهن.
ڪجهه سوچ
پاڪ ڌرتيءَ جا پاڪ دل! ڪجهه سوچ،
رات آهي ته ڏينهن ڇو نه ٿئي؟
سنڌ ۾ اڄ گدڙ ٿا اونائن،
هر مسلمان شينهن ڇونه ٿئي؟
پيشه ور شاعر
سي صحافت ۾ رُلي، ڀڳڙا وڪڻن ڀينگ جا،
شاعرن جي شهر ۾ جن جو نه آهي گهاٽ گهر.
”صاف گو شاعر“ کي سي ٿا ”ناٽڪي شاعر“ سڏين،
جن جون ڌيئَر ايڪٽريسون، پاڻ پڌرا ”پيشه ور“.
شرط
سڄي جهان ۾ بيشڪ نبي ڪريم بنا،
نه اههِ ڪو هيڻن جو هادي و همراه.
چوين ٿو ڪلمهِء توحيد ”لا اِلٰہ اِلا الله“
ته شرط آههِ محمد کي مڃ رسول الله.
ڪمالِ مصطفيٰ
جنهن کي ظلمت ٿا چون، سا عڪسِ گيسوئي رسول،
روشني جنهن کي چون ٿا سا جمالِ مصطفيٰ.
باعثِ تخليقِ عالم آههِ شاهِ انبياء،
اِرتقائي آدميت خود ڪمالِ مصطفيٰ.
ظهورِ مصطفيٰ
ظهورِ مصطفيٰ ڪائنات ۾ ”ڪُل“
نه سمجهي جزو انهيءَ کي ڪو عقل ۽ ادراڪ.
قدم رسولؐ جا روئي زمين تي يڪسان،
اُها ئي خاڪ عرب جي اُها عجم جي خاڪ.
غبي
جو فهم هوندي به سمجهي نه شانِ عشقِ رسول،
نه آهي فڪر ۾ فائق، مگر غبي آهي.
نبيءَ جي دين کي سمجهي ٿو مختصر، محدود،
نبي ڪريم ته هر قوم جو نبي آهي.
لپاٽ
قاتلانه حملو، نَو ڀيرا ٿيو، جي نينهن جو،
اهڙي ٽولي- ساٿ سان ڪيئَن عاشقن جو ڪم ٿئي.
جي رُخ عاشق سنڀاري دستِ زيبا جي لپاٽ،
عشرهِء الفت ۾ برپا خودبخود ماتم ٿئي.
اُهو سونُ گهوريو
حقيقي تراوت ته اِسلام ۾،
هي اِلحاد تن من ۽ ڌن ٿو ڇني.
تون مخدوم، خادم نه ملحد جو ٿي،
اُهو سون گهوريو جو ڪَن ٿو ڇِني.
خادمِ ملت
اسين ته خادمِ ملت، تون قوم جو مخدوم،
اسان جي ڳالهه اوهان کي ڇو ناروا ٿي لڳي؟
خلاف تنهنجي اُٿي ٿو، عوام جو آواز!
وڻن جا پن ٿا چُرن جيڪڏهن هوا ٿي لڳي!
قومي املاڪ تي قبضو
مَرو توڙي ڳرو، کَڏ ۾ ڪرو، فرصت نه سائين کي،
اَچن ٿا در تي خود سائين، پوي ٿو ڪم غريبن ۾.
ٿيو اِملاڪ قومي تي جي قبضو چئن چورن جو،
سَڄي مخلوق بک مرندي، نه هوندو ڪجهه نصيبن ۾.
تڪرار جو سبب
ذريعو اخوت جو اِسلام آهه،
سيب آههِ الحاد تڪرار جو.
غريبن جو رهبر هجي ڪو غريب،
بگهڙ کان وٺو ڪم نه ٻڪرار جو.
گناهن جي ڀَري
باه ٻاري ٿو زمانو ته وسامي ويندي،
ڪُفر و اِلحاد جي مٽي به اُڏامي ويندي.
جيڪڏهن دِل ۾ اِنهيءَ ريت رهيو جوشِ جهاد،
هيءَ گناهن جي ڀَري، پاڻ اَگهامي ويندي.
ڏينهن جا تارا
ڪن لڪائي ويهه گهر ۾، ”هو چون پر تون نه چئو“
ڪير اڄڪلهه ڏيهه جي ڏاڍن کي ڊيڄاري ڀلا؟
رات جا مينوش، سارو ڏينهن جيڪي ننڊ ڪن،
ڏينهن جا تارا انهن کي ڪير ڏيکاري ڀلا؟
هوا ٿي لڳي
هزارين سور سهون پر اکر نه هڪڙو ڪڇون،
زبان بندي زماني کي ڪيئَن روا ٿي لڳي!
ٿئي ٿو ظلم ته مجبور ٿي رڙيون ٿا ڪريون،
وڻن جا پن ٿا چرن، نيٺ ڪا هوا ٿي لڳي.
هڪڙي هڪل
ڇو نه ڏاڍن کي ڏڪائين ٿو هڪل هڪڙيءَ سان،
وڄ جي گجگوڙ تي، چيتا به جڏهن چونڪن ٿا،
اي مجاهد! نه زماني جي ملامت کان ڊڄ،
هر قلندر جي پٺيان، ڪيئي ڪتا ڀونڪن ٿا.
اپريل فول
رنگ بدلائن ٿا رهبر، صرف پنهنجي پيٽ لاءِ،
ملڪ جو قومي مفاد، آهي انهن آڏو فضول،
کوٽ آهي صدق جي، ڪن ليڊرن جي قول ۾،
قوم جو مقصد، متان بنجي پوي ”اپريل فول“.
آيو بگهڙ، آيو بگهڙ
خود ثنائي، خود نمائي جو، ٿا ايئَن پرچار ڪن،
جيئَن اُڏائن ڇوڪرا ڪوٺي تي ڪاغذ جو لغڙ،
ڪير اهڙن ليڊرن جي ڪوڙ تي باور ڪري؟
روز وڦلي ٿا چون، ”آيو بگهڙ، آيو بگهڙ.“
سنڌڙيءَ جو شير
سنڌ ۾ جوڌن جوانن جي نه آهي کوٽ، پر،
روڳ بيقدريءَ جو جانٺن جا هڏا ڳاري ويو،
هڪڙي جاٺي سان ”زبسڪو“ جي پٺي پٽ سان لڳي،
”سنڌڙيءَ جو شير“ ڏس ٻيئي ملهون ماري ويو.
ڇا جو غم؟
متاعِ لوح و قلم کَسجي ويو ته ڇا جو غم؟
ڏِسو هي آڱريون، خوُنِ دِل رَوان آهي!
زبان تي مُهر لڳي، مُون کڻي سَڄو زنجير،
ڪَڙي ڪَڙي تي رکي پنهنجي هي زبان آهي.
ديندار رهبر
اسان جو دين به اسلام، قوم ڀي مسلم
اسان جي قوم کي رهبر به ديندار کپي
مجاهدن جي مقابل جو آڻي گوريلا
اسان جي ملڪ کي اهڙو نه اِقتدار کپي.
هڪ عذاب
وطن جو امن وڃي، صرف اقتدار جي لاءِ؟
فساد و فتنه کي چئجي ته ”انقلاب“ آهي؟
نبيءَ جي دين ۾ جيڪا ڳنڍي ٿي لاديني،
وجود اهڙي جماعت جو هڪ عذاب آهي!
سنڌي مسلمان
اهو ”سنڌيت“ جو عجب ڍونگ آهي.
جو سنڌين وٽان خود پريشان سنڌي!
مزا ٿا وٺن صفر مڪار ملحد.
وڃن ڪهڙي پاسي مسلمان سنڌي؟
ادب جي آڙ
سنڌ سهڻيءَ جي سر وڍائڻ لاءِ
پنهنجي ڀارت کان ڀنگ ڀاڙ نه وٺ
ڀل تون ڏاهر پرست ٿي ليڪن
ملڪ دشمن! ادب جي آڙ نه وٺ.
شينهن ۽ ٻڪريون
ڪيئَن ٿا قرآن جو قانون هتي رائج ڪن،
سوشلسٽن کي ته اسلام سان چڪريون گهرجن،
قوم جي ڌڻ جي حفاظت نه ڪندو شير شرير،
شينهن اهڙي کي ته هر حال ۾ ٻڪريون گهرجن.
عياش ليڊر
عياش ۽ مڪار ڪٿان قوم جو قائد!
هن کي ته کپن عيش ۽ عشرت جون هوائون،
طاقت لئه کپي هُن کي ڪا معجون يا ڪُشتو،
همدرد دواخانه جون سَربند دوائون.
تلخ و شيرين
تُنهنجي شيرين ڪلامي سان حياتي ٿي وَڌي
تَلخ گوئي سان حياتي ٿي کُٽي او پياري!
تنهنجي کِٺ ڦِٺ سان ٿا برباد ٿين دل ۽ دماغ
تنهنجو غصو ٿو اُميدن کي لٽي او پياري!
قاتل جي ضرورت آ
ڏيان توکي ٿو دل، دل کي مگر دل جي ضرورت آ،
هجون باهم هميشه تنهنجي محفل جي ضرورت آ،
سَون کي ديده بازي سان ٿو مارين ۽ جيارين تون،
جو ماري ۽ جياري اهڙي قاتل جي ضرورت آ.
نوريءَ جي نوڙت
نماڻائي نٿي پيدا ٿئي شاهي گهراڻن ۾،
بڻي نوري تڏهن نوري، جڏهن ڄائي مهاڻن ۾،
لڪن انسانيت اندر ٿا ڪيئن توحيد جا باغي!
نه ٿيندو ٽوه جو داڻو مٺو، گدرن هنداڻن ۾.
ڪنڌ نه ڪاڏي ڦيرِ
طالبِ حق خالقِ ارض و سما کان منهن نه موڙ،
عزو عظمت شانِ محبوبِ خدا کان منهن نه موڙ.
جنهن جي جهنڊي هيٺ هوندا روزِ محشر انبيا،
تنهن نبي خيرالبشر خيرالوريٰ کان منهن نه موڙ.
پڙهه شجاعت جو سبق راهِ خدا ۾ ذبح ٿي،
حيدر و صفدر المرتضيٰ کان منهن نه موڙ.
بلند حوصلو
پنهنجي قسمت تي اگر ڳوڙها وهائي ٿو وڃان،
ظلم جي دنيا کي هڪ گلشن بنائي ٿو وڃان.
مون کي دُنيا ڪيئَن به سمجهي، ان سان منهنجو ڇا غرض!
مان ته پنهنجي وقت جو وارو وڄائي ٿو وڃان.
هن زمين جي وسعتن کي تنگ سمجهي اي ”رشيد!“
چنڊ تارن کان به اڳتي وک وڌائي ٿو وڃان.
چمن جو رنگُ
خون – شهيد – قوم ڪنان سرخ آ اڃا
دجله فرات سنڌ ۽ گنگ و جمن جو رنگ
دور – بهار ختم ٿئي عنقريب ٿو
اجڙي متان خزان ۾ اسان جي چمن جو رنگ
آزاد ڇڏ شتاب ”لشاري“ سندو لقب
ان رنگ ۾ گذار جو آهي زَمن جو رنگ.
دل خراب – دنيا خراب
هر فعل، منهنجي دل جو هڪ انتخاب آهي،
ڇا جو گناه آهي، ڇا جو ثواب آهي!
سج، چنڊ ۽ ستارا، دنيا ڦري ته ڇا ٿيو!
دل منهنجي ۾ نه اچڻو ڪو انقلاب آهي.
هن دل جي سونهن سان ئي دنيا لڳي ٿي سهڻي،
جي دل خراب آهي، دنيا خراب آهي.
*****
سنڌ جي واديءَ ۾ جئن کوليم اکيون، جاني لطيف!
تئن ڪنن تي پيئي، تنهنجي لات لافاني، لطيف!
هر قدم تي آڏو آيا، دهريت جا دادلا،
پر گهٽيو دل مان، نه تنهنجو فيض روحاني، لطيف!
تون ڪلامِ حق جو شارح، بيت تنهنجا آيتون،
شاعرن ۾ تنهنجو هرگز ناهه ڪو ثاني، لطيف!
{ |