(94)
پوءِ دروازو ڏٺوسين رام جي جنهن ۾ ڪلي20
جا بجا ساڌو سناسن جي حڪايت ٿي هلي
تن سان گڏ موجود هو هڪ سنڌ جو ڪامل ولي
فيض جنهن جي کان هئي ساڌن سندي صحبت ڀلي
در حقيقت بزم اهڙي ۾ اِلاهي راز هو
ٻي نڪا ٻولي هئي هڪ عشق جو آواز هو.
(95)
هي ندا آئي، ته تو وٽ رات آهن صابري
صبح جو ويندا هليا، وڃ ڏي اِنهن وٽ حاضري
ڪين ٿي غافل، سندن لنؤن لنؤن منجهان ڪر چاڪري
رهه انهن سان گڏ هميشہ ڪين وڃ تن کان ڦري
ڪاپڙي ڪابل ڏي ويندا، پوءِ پڇتائين متان
ڏينهن ۾ صد بار تون قربان ٿي تن جي مٿان.
(96)
رپ21 جي دروازي تي ۾ هر برگ و شجر چپ چاپ هو
عاشق جي لب تي هردم عشق جو آلاپ هو
يادگيري غم جي تن وٽ سراسر پاپ هو
سڀ هئا آپي کان ٻاهر، اَصل ۾ هو آپ هو
سالڪن جو روح هر حالت ۾ بي آرام هو
درد هو دل ۾ ۽ لب تي ذاتِ حق جو نام هو.
(97)
ٿي ندا اڄ منهنجي دل ۾ آهه محبوبن جي سار
جهڙ نٿو نيئڻون لهي، ڪڪرن ڀريل آهي ڪپار
مينهن من ۾ ٿا وسن تنهنجي محبت جا آپار
لهه سڄڻ ڪا سار تنهنجي هجر ۾ ٿيس بيقرار
منهنجو ڪم ڪڪرن سان ڪهڙو مون منجهيئي مينهن آهه
منهنجي چشمن مان روان برسات، سارو ڏينهن آهه.
(98)
بعد ۾ ليلان چنيسر22 جو ڏٺوسين خاص در
جنهن ۾ غيرتمند ٿي هر هنڌ ۾ آيا نظر
دنيوي لذات کان نفرت رهين ٿي سر بسر
موجزن هر دل ۾ هو وصل حقيقي جو اثر
جو به هو سو معرفت ۽ عشق جو اسرار هو
نفس ۽ شيطان کان بي خوف هو بيزار هو.
(99)
چي مڻيو مچ ۾ وجهان، هائي هڻان هيرن جو هار
ويو کسي دل مان چنيسر جو ڏمر صبر و قرار
اُف مڻيو ڏيئي، مٽايو آهه مون چشمن جو ٺار
ميريائي مان پايان، جي ڀري مون سان ڀتار.
مان هندورن ۾ هيس، مون کي نه پئي هرگز پروڙ
هن مڻئي جي مامري مان ٿيا هُيا ڪلفت ۽ ڪوڙ.
(100)
در بلاول23 جو ڏٺوسين، دلفريب و خوش نما
بزم هڪڙي ۾ هلي ٿي، ڄام جکري جي ثنا
شاعرن صد شوق مان عمدا قصيدا ٿي چيا
جاءِ دل ۾ ڪئي سمي جي لطف ۽ جود و سخا
چي: اگر ڏمري نه ڏئي، پرچي ته پاٽون ڀري
ٻئي چڱيون جکري جون ڳالهيون ڪير ٿو اهڙي ڪري؟
(101)
بزم ٻي ۾ هو علاءُ الدين جو جنگي بيان
چوٽ کاڌي جنهن سان ابڙي سنڌ جي سورهيه جوان
سومرين کي سر جي بازيءَ سان ڏياريائين امان
سر ڏيئي قائم ڪيائين قوم جو نام و نشان
.ربّ هب لي اُمتّي“ چوندو اٿيو هي شهه سوار
سام تان صدقي ٿيو ابڙو بهادر شاندار.
(102)
بزم ٽين ۾ ويٺو هو، هڪ خوش مزاج ۽ هوشمند
ڪن سڏيو ان کي ورُ ۽ ڪن سڏيو ان کي وڳنڊ
هڪڙي ڪامل ٿي ڪيا اُڻ سان ڪرڻ چرچا پسند
طبع سادي جو وروُ پر شان هو اُن جو بلند
شاه هو باطن ۾ ظاهر ۾ چريو درويش هو
عشق و اُلفت جو سندس دل ۾ اَزل کان ريش هو.
(103)
چي: وڳند آيو وري در در پني ڏينهن کان پوءِ
موچڙا محڪم لڳس ماني ڏنس هرگز نه جوءِ
پنهنجي دل ۾ اِئين چوي پيو هاڻي سحري لاءِ هوءِ
ڏوهه ڪنهن کي ڪين ڏي ۽ پاڻ کي ويٺو تون لوءِ
آسرو سحري سندو آهي ورتو توکي وڏو
کڻ کُڙا کائڻ تي توڙي جسم ۾ آهين جڏو.
(104)
در ڏهر24 جي ۾ نظر آيو نظارو شاندار
ڪن پڇيون ڪنڊي کان خبرون ڪن ڪئي مڇ کي پڪار
ڪن سڏيو ٿي هاشمي کي ڪن لڌي سسئي جي سار
ڪن ننديون ٿي ننڊ کي ڪونجن ٻڌي ڪن وٽ قطار
ڪن ٿي لاکي کي لکي گهوڙي جي ڪئي مدح و ثنا
ڪو ٻڌائي ٿو فراق و عشق واري ماجرا.
(105)
بعد ۾ ڪاپائتي25 جو در گهڻو مشهور هو
جنهن ۾ چرخي جي چلائڻ جو سڀن کي پور هو
هر جڳهه ڪاپائتين جي عشق جو مذڪور هو
دل ۾ سڀني جي ڪتڻ جو درد هو ناسور هو
ٿي چيائون رک محبت من ۾ ۽ رنڍن کي روڙ
تنهنجو اڻ توريو اَگهامي، سَنڱُ صرافن سان جوڙ.
(106)
باب پرڀاتي26 جي ۾ ٻيلي سندي ٻولي ٻڌم
هڪ سپڙ نالي سخي جا مدح خوان شاعر ڏٺم
لات لس ٻيلي جي حاڪم جي جڏهن ڪن تي پيم
شعر هڪ ڪامل سندو ٿيو دل جي دفتر تي رقم
تون سپڙ مان سيڪڙو ڏاتار تون ۽ مون ۾ ڏوهه
سون ڪر مون کي سڃي تون آهين پارس آءٌ لوه.
(107)
باب گهاتو27 ۾ ڏٺوسين مورڙئي منڊي جو رنگ
جنهن ڪلاچي ڪن ۾ ڪئي خونخوار مانگر مڇ سان جنگ
ڀائرن جي خون تي اُن جو وڍيائين انگ انگ
ٿيو مجاور بعد ۾ درويش ۽ روڏو ملنگ
ڪلهه ڪلاچي ڏي ويا گهاتو کڻي ڇتيون ڇڳير
ڪن نٿا ڀائر ڪو ڀيرو، ڪئي اَدن آهي اَوير.
(108)
سينهن ڪيڏاري28 ۾ سڀ کي ياد هو دلدار ڍول
ٿي چيائون باز بورائو ڇڏي ڳجهه کي نه ڳول
ڊوڙ جنهن جي ڍونڍ ڏي، رڻ ۾ هميشه آهه رول
ڪين ڇڏ شڪرو هٿان، جيڪو پنهون پاري ٿو ٻول
وٺ سنئون رستو هميشہ ڇڏ اڍنگي راهه کي
غير جو ڇڏ تذڪرو ۽ ياد ڪر الله کي.
(109)
باب آسا29 ۾ نر آيو تصوف جو وٿاڻ
جت هئي سڀ کي شريعت ۽ طريقت جي سڃاڻ
چي: حقيقت سان هري وڃ، معرفت جو ماڳ ماڻ
جي رهين ٻالهو پسڻ کان مل وڃي اِثبات ساڻ
جئن پسين ٿو پاڻ کي، آهي نه تئن توتي نماز
بعد ۾ تڪبير چئو سارا وڃائي، اڳ ۾ ساز.
(110)
مارئي30 جي باب کي، جنهن وقت مون جاچي ڏٺو
تئن .الست بربڪم“ ڪن منهنجي هڪدم پيو
صدقِ دل سان اُن گهڙي ”قالو بليٰ“ مون چئي ڏنو
پنهنجي ويڙهيچن سان ٿيو، منهنجو سخن پختو پڪو
ڪين هو ڪَنُ ۽ نٿي ڪنهنجي ٻڌي سون هونگ هون
پنهنجي مارو ساڻ رهاڻيون ٿي ڪيون ان وقت مون.
(111)
ڪير ڦاسي ڪوٽ ۾، پر قيد ٿيو قسمت قوي
جو لکيو هو لوح ۾ تنهن سان ڏسان ٿي هنڌ هي
ڪين پرچي ٿو پرين پنهوار ڌاران جسم جي
مارئي مارو ڏسي راجا عمر راضي تون ٿي
ڪين قيد الماءُ جهڙو بند ڪو ڏسجي ٿو پيو
پنهنجي ڳوٺاڻن بنا گهنگهر ۾ گهارڻ آهه ٿيو.
(112)
ڪونه اوٺي آئيو ۽ ڪونه آهي اير ڀير
ڀائرن مان ڪو ڀري مون وٽ نه آيو آهي پير
پنهنجي پنهوارن جون خبرون مون کي آڻي ڏيندو ڪير
ڪڍ سگهو ڪوٽن منجهان، سانگي ڏسان ساجهر سوير
ڪوٽ ۾ ڪو ڏينهن آهيان، ڏيهه ڏي وينديس وري
پنهنجي مارن سان وڃي ملنديس نه وينديس هت مري.
(113)
مارئي31 جي ڍول وارو باب ويو دل کي وڻي
ڇانگ ڇيلن جي وٺڻ، رمندا ڏٺم ڌَڻ جا ڌڻي
منهنجا مارو تو بنا ڏينديس نه وارن کي ڦڻي
مينهن وسندا موٽ تون پيارن اکئين تنهنجي پڻي
اڄ کنوڻ کنوندي وتي آيو اُتر جو ڄاڻ مينهن
ننڍپڻ وارو وساري ڇڏ نه اي ڍوليا تون نينهن.
(114)
در ڌناسر32 جو ٿيو ان بعد فوراً آشڪار
پير پيران جي مريدن جي نظر آئي قطار
صدقِ دل سان ٿي ڪيائون پنهنجي مرشد جي پچار
شاه جيلاني کي تن سڏ ٿي ڪيو ليل و نهار
ڪن بهاءُ الدين ملتاني جي ڌاري ٿي اڪير
ڪن چيو ٿي المدد يا غوث اعظم دستگير.
(115)
باب پورب33 مان نيا ڪانگن ٿي سڄڻن ڏي سلام
رات ساري ڪن ٿا رئندي چنڊ تارن سان ڪلام
ڀانئجي ٿو هجر و غم ۾ عمر ٿي ويندن تمام
جن کي سڄڻن سان ملڻ جي سڪ آ سيني ۾ مدام
چي: پرين پرڏيہ ويا، تن کي سگهو ڪانگل تون ڪوٺ
جن بنا آهي اکين کي زندگي ۾ اروٺ.
(116)
بعد ۾ ڪاموڏ34 دروازو ڏٺم سڀ کان ڀلو
جنهن ۾ ٿي قصو هليو نوري، تماچي ڄام جو
هيٺ جر لب تي مڃر، منظر عجب ڪينجهر جو هو
ڄام وٽ آڻن مڇي ڏس جل جي راڻين جو مزو
ڇا سمين جي سونهن ۽ ڇا هڪڙي نوري جو نياز
گندريءَ کي سرس سڀني کان بنايو ڪارساز.
(1179
باب ڪارايل35 سڄو هنجن ٻگهن جو هو مڪان
هنج جي عظمت جو جاري هر زبان تي هو بيان
ٻگهه جي ڪم ظرفي کان نفرت ٿي ڪئي ساري جهان
هنج هو خود دار ۽ ان ۾ خودي جو هو نشان
هنج اونهي ۾ وڃي اوڙاه سان دل ٿو ڌري
پر هي ڪانيرو سدا ڇاڇر ۾ ڇيرون ٿو ڪري.
(118)
هڪڙو36 دروازو ٿيو آخر ۾ هڪدم آشڪار
ڪن سڏيو ان کي بسنت ۽ ڪن سڏيو ان کي بهار
ڪين هو نالو خزان جو خوش هئا سڀ برگ و بار
خوشنما هو باغ سارو ۽ ٽڙيا ٿي گل هزار
باغ جي ڇيڙي جو ٿيو حاصل اتي مون کي سراغ
بوءِ گل کان پهتو فوراً عرش تي منهنجو دماغ.
(119)
بس! ”رشيد“ ات اک کلي نالو کنيم الله جو
ڇا ڏسان ڀر ۾ رکيو آهي ”رسالو شاه جو“
ٿيو بجا جنهن کي سڏڻ سينگار آهي ساه جو
بس! اهو هو باغ منهنجي خواب خستہ گاه جو
خواب اهڙي کان ٿيو مسرور ”لاشاري“ نجيف
ورد رهجي ويو زبان تي ”سيّدي عبداللطيف“.
1- غريبن جا گهر
ڪيئَن وساريان مان غريبن جا گهر؟
ياد آهن سي ڪکن جون لانڍيون،
چار ٿوڻيون، ٻه وَرا وچ ۾ ۽ پنجاه پَڃَر،
سَرَ جي ٻُوڙن سان ڍَڪيل آههِ مَنهَن مارُن جو،
چئني پاسن کان عجيبن جون اَڏايل پَترون،
يعني، مظلوم جي آهن سان اُڻايل پَترون.
- - - - - - -
دَر ڏکڻ کان، جتان اِيندا ٿا رهن ڍور ڍڳا،
ڍير ڇيڻن جا اڳيان گهرجي ۽ گهر جي اندر،
يعني، هڪ پاسي ٻَڌل ڍور ڍڳا ٿوڻين سان،
ٻئي طرف هڪڙو تڏو آههِ وِڇايل چُلهه وٽ،
ڪنڊ ۾ هڪڙي سَوَڙ، چار رلهيون، چار وَٽا،
بس! اِهو آههِ غريبن جو اَباڻو وَرثو،
بيڪسن، پيار جي پُتلن جو پُراڻو ورثو،
- - - - - - -
مُند آهڙ جي، لُڪن سان ٿي جڏهن لاٽ ڪري،
دَز اُڏامي ٿي ۽ پَترن جا ٿين ٿا پُرزا،
بُوءِ ڇيڻن جي سَڄي گهر ۾ ڪري ٿي واسو،
اهڙي حالت ۾ ڀلا ڪنهن کي ٿو آرام اچي؟
گهر ۾ آهي جي دِلن وٽ پوسل ٿوري،
اُن جڳهه نانگ به ناگاه اَچي ٿا نِڪرن،
جي سُتل لُڪ جا سَتايل، ٿا کڻن غم جا پساه،
نانگ تن کي نه ڏنگيندين، ٿا ڪڏهن ويرم ڪن،
ڪي ته ڇَت مان به ٽپي، پينگهه ٿا پَڃرن ۾ اَڏن.
- - - - - - -
ڪي کُڏين وٽ ٿا ڪُڏن، قهر جون ڦوڪون ڏيئي،
هَضم ڪُڪڙين جا ٿا ڪن ننڍڙا ٻچا ۽ آنا
يا خدا، ظلم جي نانگن کان بَچائج سانگي،
لُطف سان پنهنجي ئي لانڍين ۾ وَسائج سانگي،
رات جي وقت هَوا بند، اڱڻ ۾ ڪَچرو،
سِج لهڻ سان ئي ٿو آذار مَچي مَڇرن جو،
مال جي لاءِ دُکائن ٿا اڱڻ ۾ دُونهيون،
ڪُجهه ته مَڇرن کان بَچن پنهنجون ڀَٽاريون مينهيون،
- - - - - - -
پر ڪِٿي تاب جهلي سگهبو اِنهن دُونهين جو؟
ساه ٻوساٽجي ٿو جن جي ڪري سانگين جو،
جيت جيتامڙا گهمندا ٿا وَتن گِيهن تي،
لَٺ بنا ڪير ٿو گهر پنهنجا کان ٻاهر نڪري؟
ڊاءُ ڊپ ظلم جي نانگن جو ڀَلا ڪيئَن وِسري؟
- - - - - - -
بعض اوقات اَميرن جي سِتم جا شُعلا،
تُرت طوفان جي صورت ۾ هلن ٿا ڪاهي،
چڻنگ بنجي ٿا اُڏن، مال جي دُونهين مان،
گهر غريبن جا سَڙي، ڍير ٿا بنجن رک جو،
هاءِ! اَڄ ظلم سَندي باه ٻَري دُنيا ۾،
گهر غريبن جا اَڏي ڪير وَري دُنيا ۾؟
- - - - - - -
2- داستانِ محبّت
گهڻا عِشق جا آستانا ڏٺاسين،
ڏِٺاسين محّبت جا ظالم زمانا،
زمانا اُهي ڪيئنَ وِساري سگهون ٿا؟
- - - - - - -
زماني کان پنهنجي محّبت نِرالي،
نِرالو اسان جو شرابِ جواني،
اَسان ڀونئر وانگر نه هر گل تي ويهون،
اَسين هڪڙي گل جا بُلبل سڏايون،
ڀِريل آههِ سُورن سان پنهنجي حياتي،
مِليو عشق فطرت ۾ آهي ازل کان،
بِنا عشق جي ڪيئَن گُذاري سگهون ٿا؟
- - - - - - -
اَسين چنڊ چانڊاڻ جا ڪين طالب،
فقط دل جي داغن کي روشن رکون ٿا،
مليو مُحب جنهن هنڌ، سو باغ آهي،
سڄڻ هوندي راتين کي ٿا ڏِينهن سمجهون،
محّبت جي جذبن کي ٿا سمجهون،
سَڄڻ جو سَهارو، سَچي زندگاني،
گل و خار يڪسان، سڄڻ جي چمن۾،
اَسان وٽ عَدو جو تصوّر نه آهي،
جي ساٿي سڄڻ جا، سي پنهنجا به ساٿي،
پَراون کي پنهنجو پُڪاري سگهون ٿا.
- - - - - - -
اَسين باده نوشيءَ کان بيزار آهيون،
اَسان لاءِ خونِ جگر آههِ ڪافي،
سڄڻ ڏسجي دل جي اکين سان برابر،
تصوّر ته آهي خيال سَهارو،
اِنهيءَ عشق ۾ آههِ جذبن جي شِدّت،
محّبت جوانيءَ جي محتاج ناهي،
محّبت بنا آههِ اونده سَراسَر،
ڏسون ٿا ته ڪا روشني آههِ دل ۾،
اکين سان نه اهڙو نهاري سگهون ٿا.
- - - - - - -
3- مينڌري جو مَهري
مَن جا مَهري اُٺ! هليو هَل هِيج مان،
رَمز راڻو آههِ، قسمت ڪاڪ آههِ،
تنهنجي رڳ رڳ مان اِهو آواز ٿو دَمدم اُٿي:
ماڻ مومل مينڌرا!
- - - - - - -
لوڀ لالچ جا لَيُون، لاڻا ڇَڏي،
جَڳ جي محبوبن جا سڀ ماڻا ڇڏي،
وَلوَلا وَلڙين جا ويڳاڻا ڇڏي،
سَڀ ڇڏي ڏي، پر نه هَل راڻا ڇَڏي،
تنهنجو راڻي سان اَزل کان راز آههِ،
پنهنجي راڻي کي تون ساريندين گهڻو،
مان ته مومل کي ٿو سمجهان زندگي،
ڪُجهه نه آهي ڪاڪ ۾.
- - - - - - -
اڄ اُتر جو واءُ ٿو توکي جهَلي،
پر، ڍَرو هرگز نه ٿي رفتار ۾،
چَنڊ ڀَل تنهنجي مَٿان چَٿرون ڪري،
وِجهه وڌندي وک لُڊاڻي جي طرف،
ٿي موافق مُنهنجي دِل جي ساز سان،
هِن اُتر جي واءُ کي چيري تون هَل،
ڪنهن جي ”هُش هُش“ تي نه اَڌ رستي ۾ گوڏا کوڙ تون،
جيستائين مُنهن نه مومل جو ڏِسين!
- - - - - - -
مَنڊ مومل جو نه هلندو تو مٿان،
ڇو جو، توکي آههِ سوڍي جي سُڃاڻ،
ڪاڪ جي ڪَپرن تي چَندن چَر هَلي،
ڍَٽ ڌڻي جي ڍار تي مومل سان مِل،
اهڙو ميلو يا نصيب!
- - - - - - -
جي، مُئي مومل ته اُن جي سوز ۾،
ڪيترائي ڪَنگ رڙندا ڪاڪ تي،
زندگيءَ ۾ ماڻ مومل جو مَجاز،
پوءِ هٿ ايندءِ نه هي سوزو گداز،
اَنت اهڙو عام کي ڏيڻو نه آههِ،
عشق کي اَسرار ڄاڻ.
- - - - - - -
ڇَڏ ڪَسر ڪر ها! هليو هل يار ڏي،
وِجهه وَڌندي وِک پرين جي پار ڏي،
ڏِس تو پرڏيهين جون قبرون ڪاڪ تي،
مينڌري جو عشق، مومل جي مَزار،
تون به هِن دُنيا م اهڙي عشق جي اوتار تي،
تنهنجو هر اَنداز مومل کي وڻي،
رات جو تارا ڪَتيون ويهي ڳڻي،
ڏينهن جو روئي ڀتين سان سِر هڻي،
تو پٺيان جوڳڻ ٿئي،
ڪاڪ جي محلن ۽ ماڙين کي ڇڏي.
- - - - - - -
ڏَر نه ڏاگها! هِيج مان هل،
رات جو رَس، ڪر نه ڏِينهن،
ڇو جو نازڪ آههِ نِينهن،
سون ورنيون ڪَن روپئي رانديون جِتي مومل سان گڏ،
اڄ سَڀئي مانديون ٿيون، سوڍي کي ساري سِڪ مَنجهان،
سَڀ جي مَن ۾ مينڌرو.
- - - - - - -
جن مِٽايو منڊ مومل جو سَڄو،
تن جو قبضو آههِ، ساري ڪاڪ تي،
ڇال ڇورين جا ڇڏي، لک وار لاهوتي لَڏيا.
{
|