سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لُڙڪ ۽ مُرڪ

صفحو :45

 

 

™ ضميمو (نل دمينتي)

 

ڪاليداس جي تخليق ”نل دمينتي“ سنڌي مثنويءَ ۾

مترجم: رشيد احمد لاشاري

مترجم طرفان تمهيد

 

زور هر قُدرت کان آهي تنهنجي قُدرت، يا خدا!

ڏسجي ٿي هر شي ۾ ظاهر تنهنجي حڪمت، يا خدا!

نيڪ ۽ بد لاءِ يڪسان تنهنجي رحمت، يا خدا!

پوءِ ڇو دل ۾ نه ڌاريان تنهنجي اُلفت، يا خدا!

تون سَهارو بنجي رهه، هر وقت مون بي آس جو!

اَڄ لکڻ چاهيان ٿو مان احوال ”ڪاليداس“ جو.

 

مون گهڻي ڳولا ڪئي، حيلا هلايم سر بسر،

پَر وَرَق تاريخ جا خاموش سَڀ آيا نظر،

آهه اَڄ تائين نه ”ڪاليداس“ جي پُوري خبر،

جو به ودِوانن ڪتابن جي حوالن ۾ ڏٺم،

شوق مان اُن کي کڻي تحرير ڪاغذ تي ڪيم.

 

ائين ٻڌون ٿا ”وڪرماجيت“ اُن سمي مشهور هو،

جڳ جي نظرن ۾ عدالت جي ڪري منظور هو،

نامور راجا هو ۽ ظلم ۽ ستم کان دور هو،

اُن جي طاقت سان مٿو دشمن جو چڪناچور هو،

هن جي نالي سان رعيت جو سَدا مَن ٿي ٺريو،

شينهن ۽ ٻڪري به اُن جي وقت ۾ گڏ ٿي چريو!

 

اُن اُتر ڀارت سڄي تي حڪمراني ٿي ڪئي،

تاج پائي بخت جو بس ڪامراني ٿي ڪئي،

تا قيامت عدل جي قائم نشاني ٿي ڪئي،

آسمان خود سرنگون ٿي پاسباني ٿي ڪئي:

اُن جي ”ڪاليداس“ کان محفل ۾ ٿي زينت شروع،

اُن جي پيدائش کان هندن جو ٿيو سنبت شروع.

 

نَو رتن اُن وٽ هئا ۽ بخت ساڻس راس هو،

جن منجهان هڪڙو رتن مشهور ”ڪاليداس“ هو،

جنهن جو هر گفتگو هو موتي ۽ سڀن کي پاس هو،

اُن جي خوشبو کان سڄي دنيا کي پهتو واس هو:

آههِ دُنيا ۾ اڃا تائين سندس قائم مثال،

هاڻي کولي ٿو ٻڌايان اُن جي پيدائش جو حال.

 

شهر ڪاشيءَ ۾ برهمڻ هڪڙو ڪو درويش هو،

پنهنجي داتا جي طلب ۽ تات ۾ دلريش هو،

دُور هو دولت کان، اُن کي غم نه ڪو درپيش هو،

ڪونه هو اُن جو ڪو مائٽ ۽ نه ان جو خويش هو:

پنهنجي گهر سان ئي رهيو ٿي مَست پنهنجي حال ۾،

چاهه دنيا سان رکي، ڦاٿو نَٿي جنجال ۾.

هڪ ڏهاڙي بخت جاڳيو، رب مٿس راضي ٿيو،

خير سان فرزند ڄائو، جو هو ڏينهن جو ڏيو،

ڄائو ”ڪاليداس“، پاتو خير سان لالَن لِيو،

چنڊ شرمايو ۽ سج صورت ڏسي شيدا ٿيو!

شڪر هُو ڪهڙو ڪري داتا سندي امداد جو!

شور برپا ٿي چُڪو هرجا مبارڪباد جو!

 

آهه هن دنيا جي گردش جو به هڪ ظاهر مثال،

سج ته روشن آهه، پر اُن کي به پهچي ٿو زوال،

جو هتي آيو، اُنهيءَ کي نيٺ نيندو ساڻُ، ڪال،

آهه بي پرواه داتا، اُن اڳيان ڪنهن جي مجال!

ٿي چڪو هن ٻار کان پيءُ ماءُ جو سايو جدا،

غم جي هِندورن ۾ ڪاليداس کي لوڏيو خدا!

 

ڪونه مائٽ مٽ رهيو کاڌا غمن تي غم يتيم،

آسمان ڏي مُنهن ڪري چاهيو ٿي ڪو همدرد، يتيم،

بي زبانيءَ کان سوا ڪهڙو ڪري ها ڪم يتيم،

ڦَٽَ هئا نازڪ، ۽ نازڪ ٿي گهريو مَرهم يتيم:

نيٺ رب جي رحم اندر جوش پيدا ٿي چڪو،

هڪ خدا جو خاص بندو اُن تي شيدا ٿي چڪو،

جو يتيمن جو هو ياور، ۽ عجب انسان هو،

بيل گاڏيءَ جي هلائڻ تي سندس گذران هو،

جان دل سان پنهنجي ڪاليداس تي قربان هو،

پرورش اُن جي ۾ صبح و شام سَرگردان هو:

اُن ٿي چاهيو ”ڪانه ٺوڪر دوست دلبر کي لڳي،

ڪين ڪوسو واءُ شل هن ماه پيڪر کي لڳي!“

 

نيٺ ڪاليداس اُن جي گهر ٿيو پلجي جوان،

عِلم ۽ مردانگيءَ جو جڳ ۾ کوڙيائين نشان،

جهوپڙين جي زندگي سمجهائين پنهنجو شان مان،

بيل گاڏيءَ کي ٿي ڄاتئين زندگيءَ جو ڪاروان:

پنهنجي ڏاندن ساڻ هن قربن جون ڳالهيون ٿي ڪيون،

بي زبانن سان زباندانن جون ڳالهيون ٿي ڪيون!

 

اُن زماني، علم جو هو گهر وڻن جي ڇانو هيٺ،

علم وارا ٿي رهيا اڪثر وڻن جي ڇانو هيٺ،

جن بنايو پاڻ کي بهتر وڻن جي ڇانو هيٺ،

تن وڇائي دل سندي چادر وڻن جي ڇانو هيٺ:

ڪين هو اُن وقت ڪاغذ ۽ نه ڇاپا ۽ ڪتاب،

بس، زباني علم مان هر هڪ ڪيو ٿي اِڪتساب!

 

نيٺ ڪاليداس هر هڪ ڳلم ۾ ماهر ٿيو،

عشق جو رهبر ٿيو ۽ شوق جو شاعر ٿيو،

فڪر ۽ تخيل جي گلزار جو طائر ٿيو،

الغرض، جو ٿيڻو هو، اُن ۾ صفا ظاهر ٿيو:

نيڪناميءَ جا سريلا گيت ڳائي هر جڳهه،

پنهنجي شهرت جا ڇڏيا هن وڻ وڄائي هر جڳهه!

 

جيئن چون ٿا، آهه هر خوبي ڪشش جي رنگ ۾،

نيٺ ظاهر آهه ٿيڻي ڪنهن نرالي ڍنگ ۾،

آهه جا حساس دل، ونگبي اُها ڪنهن ونگ ۾،

عشق ايندو خودبخود عقل و خرد جي دنگ ۾:

دل جلائڻ ۾ نه هوندو آهه ٻيءَ دل جو قصور،

باه جي ٻرندي، ته پروانا به گڏ ٿيندا ضرور!

 

درد بيدردن کي دردن ۾ ڪندو آهي تباه،

ڀل هجن نواب، شهزادا ۽ حاڪم بادشاه،

سُک سُمهڻ ڏيندي نه تن کي عاشقن جي سرد آه،

خود بخود ڇڪجي اَچي ڏسندا روئڻ وارن جي راه:

عاشقن جي عشق ۾ ازخود اُٿي آهون ڪندا،

خلق روڪيندي، مگر هُو قرب مان ڪاهون ڪندا!

 

عسق آهي ڪينڪي محتاج صورت جو ڪڏهن،

ڪين طالب آهه ڪنهن دنيا جي دولت جو ڪڏهن،

بنجي ديوانو نٿو بيجا حقيقت جو ڪڏهن،

عشق ورثو ناهه ڪنهن هلڪيءَ طبيعت جو ڪڏهن:

عشق کي گهرجي محبت جو ڏيو، شاعر دماغ،

عاشقيءَ جي گهر ۾، جو روشن ڪري دل جو چراغ!

 

هاڻي ڏيکاريان اوهان کي پيار ڪاليداس جو،

عشق جي ايوان ۾ اَسرار ڪاليداس جو،

بي وفا محبوب تي ايثار ڪاليداس جو،

هڪ پَري پيڪر پٺيان آزار ڪاليداس جو

هن ته پنهنجو ساهه سر قدمن ۾ اُڇلائي ڇڏيو،

سنگدل محبوب اُن کي نيٺ ٺُڪرائي ڇڏيو!

 

اَچ ته مان توکي ٻڌايان دلربائيءَ جو مثال،

خود نمائيءَ، خود ثنائيءَ، بي وفائيءَ جو مثال،

تلخ گوئيءَ، زُود رنجيءَ ۽ جُدائيءَ جو مثال،

قرب وارن وٽ سچائيءَ ۽ ڪچائيءَ جو مثال:

حسن ۽ دولت جي هَٺ ۾ ڇا نه هڪ دلبر ڪيو،

عشق جو هيرو وڃائي، پاڻ کي بي زر ڪيو!

 

شهر ڪاشيءَ جي ڪُماري حُسن جو مظهر هئي،

دل سندي دريا هئي، ۽ علم جو گوهر هئي،

ديد جو مرڪز اُها سُندر پري پيڪر هئي،

عشق وارن لاءِ گويا درد جو دفتر هئي:

نينهن جو نواب اُن کي سونهن جو سَرور چوان،

حُسن جو حاڪم چوان ۽ عشق جو اَفسر چوان!

 

اُن جي صورت جي اڳيان بلڪل خَجل هو آفتاب،

نُور اُن جي کان منور ٿي ٿيا لک ماهتاب،

ڪيترن چاهيو ته پيئجي شوق اُن جي جو شراب،

ڪيترن اُن جي پٺيان پنهنجو ڪيو خانو خراب:

ڪيترا مشتاق، شاديءَ لاءِ ديوانا هئا،

ڪيترا هن شمع تي بيجان پَروانا هئا،

ڪيترن جي عمر جي محنت صَفا نابود ٿي،

ڪيترن ڪوشش ڪئي پر نيٺ بيسود ٿي،

دل جي آتش کان ويو پاڻي اکين جو دُود ٿي،

اَلغرض اُن وٽ نه ڪنهن جي عاقبت محمود ٿي:

اُن کي گهربو هو اُهو، جو شوق ۾ بنجي شهيد،

۽ سندس ارشاد موجب، ٿي رهي اُن جو رشيد!

 

سونهن جي بدران هجي سيرت ۾ جيڪو بي مثال،

علم جو گوهر هجي، شاعر هجي شيرين مقال،

ڀل ٿئي پيرن ۾ اُن جي ڌن ۽ دولت پائمال،

پر وڃي دل مان نه اُن جي پنهنجي پياري جو خيال:

اک نه ٻُوٽي عشق ۾، ڀل سج به اُڀرڻ تي اچي،

ياد ۾ روئندو رهي، ڀل ساهه نڪرڻ تي اچي!

 

جڳ ۾ جئن چمڪڻ لڳي تقدير ڪاليداس جي،

ٿي چڪي شُهرت به عالمگير ڪاليداس جي،

تئن ڪماري ٿي چڪي دلگير ڪاليداس جي،

ٿي ڦري اکڙين اڳيان تصوير ڪاليداس جي:

ڪين ظاهر ڪنهن اڳيان هن بيقراري ٿي ڪئي،

لب هئا خاموش، ۽ دل آه و زاري ٿي ڪئي!

 

هن چيو ٿي: ”منهنجي دل جو بس اِهو پيارو هجي،

۽ سندم اڳيان کليل شل پرت جو پارو هجي،

”چنڊ اُن جي حسن جي آڏو صفا ڪارو هجي،

”آفتاب ان جي اڳيان هڪ بي چمڪ تارو هجي:

”خواب ۾ دلبر اچي، مٺڙيون ملاقاتيون ڪريون،

”دل وڍي دل کي تکيون قربن سنديون ڪاتيون ڪريون!“

 

ٻئي طرف پڻ ڪين ڪاليداس کي آرام هو،

فڪر ۾ رهندو ٻڏل هر وقت صبح ۽ شام هو،

عشق ازخود اُن تي تڙڦڻ جو ڌريو الزام هو،

شوق هو بدنام، پر هُو وصل کان ناڪام هو،

اُن ڪماريءَ کي ٿي دل ۾، دل سنديءَ دولت سڏيو،

زندگيءَ جي مالڪياڻي، روح جي راحت سڏيو!

 

اُن چيو: ”يا رب، ڪماريءَ سان سگهو شادي ڪراءِ،

”ڪين اُن جي هجر ۾ تون منهنجي بربادي ڪراءِ،

”عشق ۾ آباد منهنجي نانءَ جي گادي ڪراءِ،

”دل جي ويراني منجهان اظِهار آبادي ڪراءِ:

”خوب ٿو جيڪو ڏسان سو شل حقيقت ٿي پوي،

”اَڻ ڏٺل محبوب کي مون سان محبت ٿي پوي!

 

”ڇا ٿيو، هوءَ ٿي ڪماري، مان ٿيس مفلس فقير،

”مان به اُن کان گهٽ نه آهيان منهنجي اُلفت ٿي اَمير،

”شاعريءَ ۾ آهه حاصل مون کي شُهرت بي نظير،

”مان سخن جو تير ڇوڙيان، هوءَ هڻي چشمن جو تير:

”آهه ڪهڙي ڳالهه جو مون سان نه هوءَ شادي ڪندي،

”ڇو نه منهنجو گهر اَڏيندي، ڇو نه آبادي ڪندي!

 

”حسن ۾ جن کي ٿا ماڻهو يوسف ثاني چون،

”ڀل اُهي دشمن ٿين، بيشڪ مخالف ٿي رهن،

”ڀل سوين اُمراءَ، راجا جا هميشه ڪن ڀَرن،

”ڀل مَٿا مُونا هڻن ۽ عرش تي پرواز ڪن،

”پر ڪماري منهنجي آهي، منهنجي ٿي رهندي ضرور،

”جي خدا چاهيو ته لائون لاڏ مان لهندي ضرور،

 

آهه سو ”يوسف“ سندو، جيڪو نه اُلفت کي ڇڏي،

راه ۾ بنجي ”زليخا“ جهوپڙي سڪ جي اَڏي،

جا اچي سر تي مصيبت، صدق مان ان کي سڏي،

اِن طرح گوندر سان ويهي هر گهڙيءَ گوڏو گڏي:

عاشقن جو آهه اهڙي حال تي دارومدار،

بيقراري، اشڪ باري، آه و زاري، انتظار!

 

اَچ ته مان توکي ٻڌايان دلربائيءَ جو مثال،

خود نمائيءَ، خود ثنائيءَ، بي وفائيءَ جو مثال،

تلخ گوئيءَ، زُود رنجيءَ ۽ جدائيءَ جو مثال،

قرب وارن وٽ سچائيءَ ۽ ڪچائيءَ جو مثال:

حسن ۽ دولت جي هَٺ ۾ ڇا نه هڪ دلبر ڪيو،

عشق جو هيرو وڃائي، پاڻ کي بي زر ڪيو!

 

شهر ڪاشيءَ جي ڪُماري حُسن جو مظهر هئي،

دل سندي دريا هئي، ۽ علم جو گوهر هئي،

ديد جو مرڪز اُها سُندر پري پيڪر هئي،

عشق وارن لاءِ گويا درد جو دفتر هئي:

نينهن جو نواب اُن کي سُونهن جو سَرور چوان،

حُسن جو حاڪم چوان ۽ عشق جو اَفسر چوان!

 

اُن جي صورت جي اڳيان بلڪل خَجل هو آفتاب،

نُور اُن جي کان منور ٿي ٿيا لک ماهتاب،

ڪيترن چاهيو ته پيئجي شوق اُن جي جو شراب،

ڪيترن اُن جي پٺيان پنهنجو ڪيو خانو خراب:

ڪيترا مشتاق، شاديءَ لاءِ ديوانا هئا،

ڪيترا هن شمع تي بيجان پروانا هئا.

 

ڪيترن جي عمر جي محنت صَفا نابود ٿي،

ڪيترن ڪوشش ڪئي پر نيٺ سا بيسود ٿي،

دل جي آتش کان ويو پاڻي اکين جو دُود ٿي،

الغرض اُن وٽ نه ڪنهن جي عاقبت محمود ٿي:

اُن کي گهربو هو اُهو، جو شوق ۾ بنجي شهيد،

۽ سندس ارشاد موجب، ٿي رهي، اُن جو رشيد!

 

سُونهن جي بدران هجي سيرت ۾ جيڪو بي مثال،

علم جو گوهر هجي، شاعر هجي شيرين مقال،

ڀل ٿئي پيرن ۾ اُن جي ڌن ۽ دولت پائمال،

پر وڃي دل مان نه اُن جي پنهنجي پياري جو خيال:

اک نه ٻُوٽي عشق ۾، ڀل سج به اُڀرڻ تي اچي،

ياد ۾ روئندو رهي، ڀل ساهه نڪرڻ تي اچي!

 

جڳ ۾ جئن چمڪڻ لڳي تقدير ڪاليداس جي،

ٿي چڪي شُهرت به عالمگير ڪاليداس جي،

تئن ڪماري ٿي چڪي دلگير ڪاليداس جي،

ٿي ڦري اکڙين اڳيان تصوير ڪاليداس جي،

ڪين ظاهر ڪنهن اڳيان هن بيقراري ٿي ڪئي،

لب هئا خاموش، ۽ دل آه و زاري ٿي ڪئي!

 

آهه رب غفار ۽ وڇڙيا ملائي ٿو ڇڏي،

ٻن دلين جو اوچتو ئي پيچ پائي ٿو ڇڏي،

دشمنن کي خود بخود رڻ ۾ رلائي ٿو ڇڏي،

جي وڌن ٿا عشق ۾، تن کي وڌائي ٿو ڇڏي:

عاشق ۽ معشوق جو هڪ ڏينهن ٿو ميلو ٿئي،

روح ڏي ٿو خودبخود ٻئي روح جو ريلو ٿئي!

 

اوچتو ئي اوچتو نِڪتي ڪماري راه ۾،

ٿي چڪو تاثير ظاهر عشق واريءَ آه ۾،

ڪيستائين دل جلائي ها چرين جان چاهه ۾،

آسرو آهي جڏهن هر شخص کي الله ۾:

خودبخود آيو فضيلت جو اُهو گوهر نظر،

جنهن کي ڳوليو ٿي اکين، آيو اُهو دلبر نظر!

 

جي اکيون ميثاق ۾ هڪٻئي تي مستانيون ٿيون،

سي ڏسڻ سان هن زماني ۾ به ديوانيون ٿيون،

جن سُڃاتو پاڻ کي، تن لاءِ قربانيون ٿيون،

قرب مان هڪدم کڙيون قربن سنديون ڪانيون ٿيون:

فيض دنيا کي مليو اُن وصل واري واس جو،

ٿي چُڪو ميلو ڪماريءَ جو ۽ ڪاليداس جو.

 

پاڻ ۾ ويهي انهن لک پيار جون ڳالهيون ڪيون،

عشق واريءَ آس ۾ اقرار جون ڳالهيون ڪيون،

ساز ڇيڙي سوز سان سُر تار جون ڳالهيون ڪيون:

عشق پنهنجي جي، چيائون هل ته آبادي ڪريون،

”هل هلي ڪاشيءَ جي مندر ۾ سگهو شادي ڪريون.

 

عاشق ۽ معشوق مندر ڏي هليا پيرا ڀري،

بس! اِهائي پڪ هئي لحظي ۾ تن من ٿو ٺري،

بس وساڻي عشق جي آتش جا دل ۾ ٿي ٻري-

پر نرالا رنگ جا، جو گهري سو ٿو ڪري،

آهه سمجهڻ کان هي ٻاهر هڪ گهڙي ۾ ڇا ٿيو!

جئن ويا مندر ۾، تيئن هڪدم ڦري چرخو ويو!

 

ڏاند جي تصوير مندر ۾ نظر آئي عيان،

جنهن کي ڪاليداس جاچيو ۽ نهاريو چاه مان،

ڏاند پنهنجا ياد آيس رَت، رُنائين زور سان،

بيل گاڏيءَ کي به ساريائين زياده سڪ منجهان:

ڪاوڙي تنهن تي ڪماري ۽ گهڻا کاڌائين خار،

چي، ”هليو وڃ، ڪين گهرجن مُون کي تو جهڙا ڳنوار:

 

”ڇا ٿيو علم و هنر ۾ تنهنجي عزت ٿي گهڻي!

”ڇا ٿيو شعر و سخن ۾ تنهنجي شهرت ٿي گهڻي!

”تنهنجي هن ڪرتوت کان اڄ مون کي نفرت ٿي گهڻي،

”تون سُڃو ڪنگال تو وٽ ڪين دولت ٿي گهڻي:

”سڀڪو ماڻهو ڪين ٿو عالم ٿئي، شاعر ٿئي،

”هيءُ ضروري ناهه هر فن ۾ بَشر ماهر ٿئي!

 

 

”ڪو چڱو ماڻو ڏسي، اُن سان وڃي شادي ڪنديس،

”ڪين تو جهڙي پٺيان مان پنهنجي بربادي ڪنديس،

”هڪڙي نالائق پٺيان ضايع نه آزادي ڪنديس،

”نيٺ پنهنجي عشق جي دنيا ۾ آبادي ڪنديس:

”دل منجهان ڪافور ٿيندو نيٺ اونو تو سندو.

 

”ڀاءُ يا والد مري، تن کي به سَهسائي ويهان،

”زندگي پنهنجيءَ تي وئي نيٺ پڇتائي ويهان،

دل وڃي پلجي، نه ساري عمر شرمائي ويهان،

”ڪنهن نه ڪنهن کان دل ڦُرائي اُن سان لنؤ لائي ويهان:

”باقي تو جهڙي جي اُلفت ڇو نه ويندي دل منجهان،

”ڏس مسافر کي ٿو مقصد جو ملي، منزل منجهان.“

 

تنهن تي ڪاليداس عاجز ٿي ڏنو اُن کي جواب:

”مان مڃان ٿو جڳ توکي پيار ڪن ٿا بيحساب،

”پر نه مون جهڙو ڪو ملندو توکي عاشق لاجواب،

”ڪر غلط پنهنجي محبت جو نه هرگز انتخاب:

”پيار سڀڪو ٿو ڪري، سهڻي ۽ دنيادار سان،

”مان ئي آهيان جو ڪريان ٿو پيار تنهنجي پيار سان!

 

”آهه مون کي تنهنجي ئي وعدن جو اَڄ سَودا ٿيو،

”جنهن کي تو اِمروز ڪوٺيو، ڪين سو فردا ٿيو،

”تو چيو هو پيار منهنجو تو تي بَس شيدا ٿيو،

”پيار جو توکي ڪندو گويا اُهو پيدا ٿيو:

”آهين تون منهنجي امانت غير جي دعويٰ نه ڪر،

”آهه ناجائز خيانت وسوسا اهڙا نه ڪر!

 

”زندگي منهنجي تون آهين، توتي مان آهيان نثار،

”صدق ۾ صديق آهيان ڄاڻي ٿو پروردگار،

”مون کي تون منظور ڪر ۽ نوڪرن ۾ ڪر شمار،

”مهر ۾ ممتاز ٿي، غصي جو ڪڍ دل مان غبار:

”آهين خودمختيار اَي محبوب منهنجا بي نظير،

”کِل، شب فرقت کي ڪر روشن تون اَي بدر منير!

 

”مون رکي تو وٽَ اَمانت آهه دل جي ڪائنات،

”ڪين گهرجي مون کي اَي دلدار تو ڌاران حيات،

”اي قمر قربن ڀريا ٻڌ دل جي روشن واردات،

”حسن ۽ دولت تي آهي ناز بلڪل بي ثبات:

”ڏوهه ٻانهن جا جڏهن بخشي ٿو خود قادر ڪريم،

”تون بشر بنجي نه ڪر، هن پنهنجي عاصيءَ کي لئيم!“

 

هن پِٽيو منهن ۽ مٿو، پر ڪين هوءَ مورت مُڙي،

عقل ۽ اِدراڪ اُن جي وئي ڏنڀجي کُڙي،

عاجزي اُن وٽ نه ڪاليداس جي هرگز پُڙي،

هن ڪڍيا گُفتا سُريلا، هن ڏني هر هر هُڙي:

نيٺ اهڙيءَ ريت هڪ پل ۾ جدائي ٿي وئي،

باوفا عاشق جي آڏو بي وفائي ٿي وئي!

 

پوءِ ڪاليداس کي رولن پٺيان رولا مليا،

چاڳلي محبوب کان فرقت سندا چولا مليا،

درد جا دل کي ڪڏهن ماسا ڪڏهن تولا مليا،

هن ٿي سوچيو: ”ڇو ڪماري ٿي ڪري هٺ بيشمار،

”پنهنجي نظرن ۾ ٿي ليکي، مون کي ڳوٺاڻو ڳنوار!

 

هن جا مائٽ ٿا چون: هُن کي سزا ڀوڳڻ ڏيو،

”هيءُ ٽڪي جوآهه ماڻهو، هن کي ڀل ڀٽڪڻ ڏيو،

”پنهنجي در تي ڪينڪي هن کي ڪڏهن بيهڻ ڏيو،

”جي چڱو ڄاڻو ته هن کي دار تي لٽڪڻ ڏيو:

”دوستي اُن سان رکو، جنهن وٽ جهجهي دولت هجي،

”دشمني اُن سان ڳنڍيو، جنهن وٽ رڳي غربت هجي!

 

”ڇا، ڀلا مان هِن جا مهڻا ڪين ٿو موکي سگهان!

”ڇا ڀلا ممڪن نه آهي، جو وڏو ماڻهو ٿيان!

”ڇو نه پنهنجي قابليت جو عَلم هٿ ۾ کڻان،

”ڇو نه مان اهڙن هَٺيلن جو مٿو ڀِت سان هڻان!

”جي نه دولت جو وسايم مينهن مون کي حيف آهه،

”جي ڪيم پڌرو نه پنهنجو نينهن، مون کي حيف آهه!“

 

پوءِ ڪاليداس، ڪاليءَ جي وڃي شيوا ڀَري،

سوز ۽ فرقت جي اُن جي دل ۾ آتش ٿي ٻري،

هر گهڙيءَ اکڙين ۾ آيس خون جا ڳوڙها تَري،

مهر ٿي ماتا جي، آيو بخت جو وارو وري:

”وڪرماجيت“ اُن کي آندو هٿ وٺي درٻار ۾

نام ”ڪاليداس“ جو چمڪي اُٿيو سنسار ۾،

 

بس اڳي کان ٿي چڪو اڳرو، سَوين جوهر کُليا،

محفلن ۽ مجلسن ۾ شعر جا دفتر کُليا،

بَند هڪڙو در ٿيو، هاڻي ڪروڙين در کُليا،

هاڻي اهڙيون سو ڪُماريون اُن اڳيان گوليون ٿيون،

پَر نه هن خوددار جون ڪنهن سان ڪڏهن ٻوليون ٿيون.

 

هِن جي دل ۾ هر گهڙي پنهنجي ڪُماري ٿي وسي،

زندگيءَ جي مالڪياڻي، سونهن واري ٿي وسي،

ڪين هن جي قرب آڏو ڪابه پياري ٿي وسي،

ساهه جي رفتار سيني ۾ اُڌاري ٿي وسي:

پر مجازي عشق مان ظاهر حقيقت ٿي شتاب،

آيو هن جي زندگانيءَ ۾ وڏو هڪ انقلاب!

 

شاعريءَ مان هن پروڙيو، معرفت جي راز کي،

هِن ڏنو اَنجام آخر عشق جي آغاز کي،

پاڻ تي شيدا ڪيائين، دلربا دمساز کي،

ويس نئڙت جو ڏنائين نازور جي ناز کي:

جن ڌڪاريو هو اڳي، سي خود ڌڪا کائڻ لڳا،

هن جي قدمن ۾ ڪري: عاجز ٿي ليلائڻ لڳا!

 

ٿي ڪُماري درد غم ۾ درد وارن کان وڌيڪ،

داغ چمڪيا اُن جي دل جا چنڊ تارن کان وڌيڪ،

اُن خزان کي اَڄ ٿي هِن سمجهيو بهارن کان وڌيڪ،

هن گلن جي سيج کي ڀانيو ٿي خارن کان وڌيڪ:

هر گهڙي پنهنجي ڪئي تي خوب پڇتائڻ لڳي،

اُن رُٺل محبوب جي موٽڻ جو غم کائڻ لڳي!

 

نيٺ اُن محبوب وٽ حاضر ٿي خدمت ۾ سگهو،

ٿي چُڪي اظهار پنهجي عشقِ الفت ۾ سگهو،

اُن سندي تبديل ٿي نفرت، محبت ۾ سگهو،

ڄَڻ وڏو ڦيرو ڪو آيو حق جي قدرت جو سگهو:

هٿ ٻڌي اُن کي چيائين: اَچ مٺا شادي ڪريون،

”لوڪ ۾ بدنام ٿي، پنهنجي نه بربادي ڪريون!“

 

تنهن تي ڪاليداس اُن کي شوق مان سجدو ڪيو،

سر نوائي هٿ ٻڌي، اُن جي اڳيان عاجز ٿيو،

صدق مان اُن کي سڏيائين روح جو روشن ڏيو،

۽ چيائين: ”اي ڪماري، وقت هُو گذري ويو:

”هاڻي پنهنجي عشق جي ايجاد ٿو تو کي سڏيان،

معرفت جي علم ۾ اُستاد ٿو توکي سڏيان!“

 

هن چيو: ”علم و ادب سان آهه مون شادي ڪئي،

”هجر ۾ برباد ٿي مون پنهنجي آبادي ڪئي،

”عاشقيءَ ۾ تنهنجي مون تسليم اُستادي ڪئي،

”شوق شاديءَ جو ڇڏي، منظور آزادي ڪئي:

”اَي مٺي! توسان هينئر شادي ڪرڻ آهي گناه،

”ڇو جو مان سمجهان ٿو توکي معرفت جو بادشاه!“

 

بس، اِهو ٻڌندي ڪُماريءَ مال و دولت کي ڇڏيو،

ٿي ڏهاڳڻ ڏيهه ۾ عيش و عشرت کي ڇڏيو،

عشق ۾ اظهار ٿي ۽ خوابِ غفلت کي ڇڏيو،

دل جي آئيني اُجارڻ سان ڪدورت کي ڇڏيو:

دوست پنهنجي کي چيائين: ”ڀل نه تون راڻي بناءِ،

”مون کي منهنجي عشق جي ناڪام آکاڻي بناءِ!

 

”تنهنجي صحبت ۾ رهي، توکان پرايان معرفت،

”ٿي خدا واري ۽ سيني ۾ سمايان معرفت،

”پنهنجي رڳ رڳ ۾ محبت سان ملايان معرفت،

”پنهنجي نالي سان گڏيل جڳ ۾ رهايان معرفت:

”هاڻي اي محبوب، مون کي پنهنجي خدمت ۾ رهاءِ،

”شل مران قدمن ۾ تنهنجي پنهنجي صحبت ۾ رهاءِ!“

 

بس، ڪئي منظور ڪاليداس اُن جي اِلتجا،

مرتبو اُن کي ڪيائين خاص روحاني عطا،

هُن سندس چيلي ٿي هستيءَ کي ڪيو پنهنجي فنا،

اِن طرح اُن جي به نالي کي ڪيو روشن خدا:

ڇا ٿيو هن سان نه اُن جي دلربا شادي ڪئي،

پر سندس اُلفت جي هُن دنيا ۾ آبادي ڪئي.

 

پوءِ باقي ڏينهن جڳ ۾ گڏ گذاريائون کڻي

پنهنجي پنهنجي عشق جون آهون اُٿاريائون کڻي،

پيار مان جڳ جي پريميءَ کي پڪاريائون کڻي،

سڪ سندو سَندرو ٻڌي قسمت سنواريائون کڻي!

ڇو نه اهڙا سڪ جا سونهارا خدا پيدا ڪري!

اَڄ به عاشق جيئڙن کي ياد ٿي دنيا ڪري!

 

اُن ڪماريءَ لاءِ ”ڪاليداس“ جوڙيا ٽي ڪتاب،

جن منجهان ”سنڀو ڪمار“ اُلفت جو آهي انتخاب،

”ميگهه دوت“ آهي محبت جو متل ڳاڙهو شراب،

۽ ”رگهو ونش“ آهه اهڙيءَ عاشقيءَ جو خاص باب:

عشق پنهنجي کي ٻين نالن ۾ هن ظاهر ڪيو،

ڪير اهڙو ڪم ڪندو، جو ڪم انهيءَ شاعر ڪيو!

 

”نل دمنتي“ آهه ”ڪاليداس“ جو پڻ شاهڪار،

جنهن تي آهي ان جي ساري عشق جو دارومدار،

شعر ۾ ناهي سندس نازڪ خياليءَ جو شمار،

هَنج کي محبوب جو قاصد سڏي ٿو بار بار:

الغرض کولي پڙهو، اُن جو اُهو نادر ڪتاب،

عاشقيءَ جي فلسفي ۾ آهه جيڪو لاجواب.

 

شهر ”ڪاليداس“ جو پوئين سَمي ۾ هو اُجين،

سرڳ ٿي، هن جي نگاهن ۾، جتان جي سر زمين،

بادلن کي ٿو چوي: ”برسو اوهين بنجي حسين،

ڇو جو سارن ٿا اوهان کي اُن جڳهه جا مہ جبين!“

هن جڳهه جا شعر ۾ ظاهر نظارا ٿو ڪري،

”وڪرمادتيه“ ڏي پڻ ڏاڍا اشارا ٿو ڪري.

 

آهه ”ڪاليداس“ ڀارت جو ڪيو سارو سفر،

ثابتيءَ ۾ ڪر تون هڪڙي شعر اُن جي تي نظر،

”رام گر ٽڪري“ وٽان راهي ڪري ٿو هڪ ڪڪر،

جو ”هماليه“ جي اُچين چوٽين سان کائي ٿو ٽڪر:

رنگ ”رامائڻ جو هن جي شعر تي آهي وڌيڪ،

ڇو جو هن جي روح جو اُستاد آهي ”والميڪ“.

 

اِن طرح هن جا لکيل آهن ٻيا بيحد ڪتاب،

پيش هن ۾ ٿو ڪري قدرت جا منظر بيحساب،

فطرتي شاعر ٿي فطرت جا چٽي ٿو رنگ و آب،

زندگيءَ جي دور ۾ آڻي ٿو هڪدم اِنقلاب:

”شيڪسپيئر“ ۽ ”ڀٽائي“ وارو هن جو رنگ آهه،

اِن طرح هن جو ادب ۾ هڪ نرالو ڍنگ آهه.

سال گذريا ويهه سو، پر هن جو زنده نام آهه،

هن جو هر هڪ شعر ڏيندو روح کي آرام آهه،

شعر هن جو آهه سادو، جوش ان ۾ جام آهه،

ڪين اَصليت جي خوبيءَ ۾ رهيو ناڪام آهه:

جيستائين آهه ڪم ڌرتيءَ جو ۽ آڪاس جو،

تيستائين نام روشن رهندو ”ڪاليداس“ جو!

سنڌ ۾ جو آهه ”اَدبي بورڊ“ سنڌيءَ جو سڄڻ،

اُن جو ڪم آهه اَملهه ماڻڪ ادب جا هٿ ڪرڻ،

ٻين زبانن جي ادب کي ويس سنڌيءَ جو ڏيڻ،

سلسلي اِن ۾ ٿو چاهيان ”نل دمنتي“ اڄ لکڻ:

يا خدا، ڪر شعر جي قدرت عطا، بي آس کي!

جئن ڪريان سنڌيءَ ۾ تُحفو پيش ”ڪاليداس“ کي!

اَڄ سڀن کان موڪلائي، گيت ٿو ڳائي وڃان،

دوستن کي دوستيءَ جا پيچ ٿو پائي وڃان،

جي هئا مون کان رٺل، تن کي ٿو پرچائي وڃان،

شعر جا موتي عجيبن وٽ ٿو اُڇلائي وڃان:

شاعريءَ جي تو جڏهن آهي ڪئي حڪمت خريد،

ڇو رهي تنهنجو نه زنده نام لاشاري ”رشيد“!

{

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org