انگريزن جو دور:
1843ع ۾ سنڌ جي آزادي ختم ٿي، مياڻي ۽ دوآبي (ڌٻي)
جي جنگين کان پوءِ نيپئر سنڌ تي قبضو ڪيو. اعلان
ڪيو ويو ته سنڌ کي برطانوي راڄ ۾ شامل ڪيو ويو هو.
هندستان جي گورنر جنرل جي اجازت سان 1843ع ۾ نيپئر
سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ٿيو. سنڌ جي سڀني کاتن
جو اڳواڻ به نيپئر کي مقرر ڪيو ويو ۽ کيس روينيو ۽
فوجي اختيار به ڏنا ويا. سنڌ جي گادي جو هنڌ
حيدرآباد کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو. سنڌ صوبي کي ٽن
ڪليڪٽرن (ضلعن) ۾ ورهائي انهن تي ڪليڪٽر مقرر ڪيا
ويا.
1.
ڪراچي ڪليڪٽري تي ميجر هينري پريڊي.
2.
حيدرآباد ڪليڪٽري تي ڪئپٽن راٿبورن.
3.
شڪارپور ڪليڪٽري تي ڪئپٽن گولڊني ڪيلڪٽر مقرر ٿيا.
ضلعي جي هڪ جدا انتظامي ايڪي
Unit
هجڻ وارو هاڻوڪو طريقو، انگريز سرڪار جو وجود ۾
آندل آهي. انگريزن کان اڳ ڪراچي ضلعي جو انتظامي
معنيٰ ۾ ڪو به وجود ڪونه هو. چارلس نيپئر، سنڌ جي
پهرئين گورنر جي وقت کان وٺي ڪراچي ضلعي جي ٺهڻ جي
وقت کان وٺي ان جي حدن ۾ ڪيئن ڦيريون ڦاريون ٿي
چڪيون آهن.
14
آگسٽ 1847ع ۾ برطانوي حڪومت فوجين جي بجاءِ سويلين
ماڻهن جي وسيلي سنڌ جي ڪاروهنوار هلائڻ جو فيصلو
ڪيو. نيپئر کي استعيفيٰ ڏياري هن کي هٽايو ويو.
اصل ۾ نيپئر کي رقم جي هير ڦير جي ڏوهه ۾ ڊسچارج
ڪيو ويو هو. نيپئر هڪ ضدي ۽ ظالم فوجي حڪمران هو.
چارلس نيپئر جيڪو سنڌ صوبي جو پهريون فوجي گورنر
هو. هن کي گورنري تان هٽائڻ کان پوءِ آڪٽوبر 1847ع
۾ سنڌ جي صوبي جي حيثيت ختم ڪري، هن کي بمبئيءَ
پريزيڊنسي ۾ شامل ڪيو ويو ۽ سنڌ جي انتظام هلائڻ
لاءِ ڪمشنر مقرر ٿيڻ لڳا. مسٽر رابرٽ ڪيٿ پرنگل کي
15 سيپٽمبر 1847ع تي هڪ حڪم نامي وسيلي ڪراچي پهچڻ
۽ 23 سيپٽمبر تي نيپئر کان چارج وٺڻ لاءِ چيو ويو.
21 سيپٽمبر 1847ع تي سمنڊ رستي هو بمبئي کان
ڪراچيءَ لاءِ روانو ٿيو ۽ 23 سيپٽمبر 1847ع تي
ڪراچي پهتو ۽ پهرئين آڪٽوبر 1847ع تي جڏهن نيپئر
مصر لاءِ روانو ٿيو ته مسٽر پرنگل، سنڌ جي پهرئين
ڪمشنر جو عهدو سنڀاليو. سنڌ جا ڪمشنر سنڌ جي سڀني
امور کي هلائڻ جا ذميوار هوندا هئا.
ڪراچي ڪليڪٽوريٽ جو نقشو
پرنگل نيپئر جي زماني ۾ قائم ٿيل سڀني فوجي ڪميشنن
کي ٽوڙي ڇڏيو. پرنگل انتظامي امور ۽ عدالتي
ڪاروائي لاءِ باخبر رهڻ لاءِ پنهنجو هڪ مشير به
مقرر ڪيو. پرنگل ڪراچي پوليس جي تعداد ۾ واڌارو
ڪيو. ڪراچي ۾ رستا تعمير ڪرايا ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ
لاءِ کوهه کوٽايا. پرنگل جي دور ۾ 1848ع ۾ ٽپال
کاتي کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪراچي ۽ ٺٽي وچ ۾ اٺ سوار
هر ڪارن وسيلي هڪ آزمائشي نظام شروع ڪيو ويو پر
اهو نظام فقط هڪ مهينو هلي سگهيو. پرنگل جي دور ۾
بلوچ رجمينٽ وجود ۾ آيو. حڪومت جي هر شعبي لاءِ
مختلف کاتا جوڙيا ويا. هر کاتي لاءِ الڳ سرواڻ
مقرر ڪيو ويو. جيڪو پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو ذميدار
هوندو هو. پرنگل جو اسسٽنٽ مسٽر آءِ. ايف ليسٽر
انصاف، تعليم ۽ رجسٽريشن کاتي جو سرواڻ هو.
سنڌ تي مقرر ٿيندڙ ڪمشنر:
آڪٽوبر 1847ع کان اپريل 1935ع تائين سنڌ جي مقرر
ڪيل ڪمشنرن جا نالا هيٺين ريت آهن. جنهن ۾ وقتي
طور جيڪي ڪمشنر مقرر ڪيا ويا هئا انهن جا به نالا
ڏنا ويا آهن.
1. مسٽر رابرٽ ڪيٿ پرنگل |
|
آڪٽوبر 1847ع کان ڊسمبر 1850ع |
2. ڪرنل ميونئل (وقتي) |
|
ڊسمبر 1850ع کان 1851 |
3. سربارٽل فريئر |
|
جنوري 1851ع کان 1856ع |
4.
مسٽر بلاس جيڪو اسسٽنٽ ڪمشنر هو. 1852ع ۾ ٽي مهينا
سربارٽل فريئر جي غير حاضري ۾ وقتي ڪمشنر رهيو.
5.
جان جيڪب (وقتي) 1856ع کان 1857ع
6.
مسٽر ايلس- سربارٽل فريئر موڪل تي انگلينڊ ويو ته
جان جيڪب کي وقتي ڪمشنر سنڌ مقرر ڪيو ويو. 1857ع ۾
ايران جي شهر ”بو“ ۾ هنگامن کي منهن ڏيڻ لاءِ جان
جيڪب کي هن جي اسسٽنٽ سرليوئس اسمٿ کي اوڏانهن
موڪليو ويو ته سنڌ جي ڪمشنري جي ذميواري مسٽر
ايلس جي حوالي ڪئي ويئي جيڪو فقط چاليهه ڏينهن
ڪمشنر رهيو. 1857ع ۾ ئي سربارٽل فريئر ٻيهر اچي
پنهنجي عهدي جو چارج سنڀاليو ۽ 17 آڪٽوبر 1859ع
تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو.
7.
مسٽر انويريئرٽي
Mr.
Inverarity
آڪٽوبر 1859ع کان مارچ 1862ع.
8.
ميجر هنري گريس جيڪو بلوچستان جو پوليٽيڪل ايجنٽ
جي عهدي تي فائز هو. مارچ 1862ع کان جون 1862ع
تائين ٽي مهينا وقتي ڪمشنر رهيو.
9.
مسٽر سيموئيل ميئنسفيلڊ: جون 1862ع کان 1867ع
10. 1866ع ۾ ميئنسفيلڊ ڇهن مهينن لاءِ جڏهن موڪل
تي ويو ته مسٽر اي ڊي رابرٽس کي وقتي ڪمشنر سنڌ
مقرر ڪيو ويو. انهيءَ جي ڪمشنري دوران سيٺ نائون
مل کي سي آءِ. اي جي لقب جو ٻلو فريئر هال ۾ هڪ
گڏجاڻيءَ ۾ ڏنو ويو. اها گڏجاڻي 29 آڪٽوبر 1866ع ۾
ٿي هئي. موڪل کان ٻيهر اچي ميئنسفيل پنهنجي عهدي
جو چارج سنڀاليو. 1867ع ۾ ان کي ترقي ڏيئي بمبئيءَ
موڪليو ويو.
11. مسٽر هيولاڪ
Mr. H.
Have lock(وقتي):
1867ع کان 1868ع. 1867ع ۾ ميئنسفيلڊ کي جڏهن ترقي
ڏيئي بمبئي موڪليو ويو ته مسٽر هيولاڪ کي وقتي
ڪمشنر سنڌ مقرر ڪيو ويو. 1868ع تي هن کي به بمبئي
گهرايو ويو.
12. مسٽر وليم ميري ويدر: 1868ع کان 1877ع
13. مسٽر ايف ڊي ميلول (وقتي): 1877ع کان جون
1879ع
14. مسٽر هينري نيپئر بروس ارسڪن: جون 1879ع کان
13 اپريل 1883ع
15. مسٽر ارسڪن ڊگهي عرصي تائين سنڌ جو ڪمشنر
رهيو. ڊملوٽي ملير جي علائقي مان کوهن وسيلي ڪراچي
کي پاڻي ڏيڻ جو منصوبو به هن جي دور ۾ جوڙيو ويو.
1880ع ۾ مسٽر ارسڪن جي غير حاضري دوران جيڪو
ڪاٺياواڙ جو پوليٽيڪل ايجنٽ هو ٽي مهينا وقتي
ڪمشنر رهيو.
16.سر چارلس پيل کانپوءِ ڪراچي جو ڪليڪٽر مسٽر
لامبرٽ ٽي مهينا وقتي ڪمشنر رهيو.
17. مسٽر ٽريور: اپريل 1887ع کان 1888ع
18. مسٽر چارلس رچرڊ: 1888ع کان 1889ع.
19. مسٽر ايڇ اي. ايم جيمس: 1889ع کان 1895ع
20. 1890ع ۾ ڪرنل ٽريور جيڪو حيدرآباد جو ڪليڪٽر
هو. مسٽر جيمس جي غير حاضري دوران چار مهينا ڪمشنر
سنڌ رهيو.
21. 1891ع ۾ ڪرنل ڪرافورڊ جيڪو ڪراچي جو ڪليڪٽر
هو، پنج مهينا سنڌ جو ڪمشنر رهيو.
22. 1895ع ۾ جيمس کي ڪمشنري تان هٽايو ويو ته
چارلس اوليونٽ کي وقتي ڪمشنر سنڌ مقرر ڪيو ويو.
1896ع ۾ هن کي بمبئيءَ حڪومت جو وزيراعظم ۽ بعد ۾
هن کي ترقي ڏيئي ڪائونسلر بنايو ويو.
23. 1895ع ۾ 50 ڏينهن لاءِ ڪليڪٽر حيدرآباد مسٽر
ووڊ برن لي وقتي ڪمشنر سنڌ مقرر ڪيو ويو.
24. مسٽر ايڇ اي ايم جيمس (ٻيهر): 1896ع کان 1897ع
25. مسٽر ويلنگٽ (وقتي): 1897ع کان 1898ع
26. مسٽر آر- جائلس: 1898ع کان 1899ع
27. مسٽر ايڇ. اي. ايم جيمس (ٽيون ڀيرو): 1899ع
کان 1900ع
28. مسٽرينگ هسبينڊ: 1900ع کان 1914ع
29. مسٽر وليم هينري لوڪس: 1914ع کان 1919ع
30. مسٽر پي. آر ڪيڊل: 1919ع کان 1924ع
31. مسٽر لي. اي ٿامس: 1924ع کان 1928ع
32. مسٽر والٽر هڊسن: 1928ع کان 1931ع
33. مسٽر هينري ائينلي لارنس: 1931ع کان 1933ع
34. آر. بي گبس: 1933ع کان اپريل 1936
35. آر. بي گبس جي غير حاضري دوران ڪراچي جي ضلعي
جو مئجسٽريٽ مسٽر ڪالنز ڪجهه وقت تائين سنڌ جو
ڪمشنر رهيو.
سنڌ جي گورنرن جو احوال:
هڪ
ڊگهي سياسي جدوجهد کانپوءِ اپريل 1936ع ۾ سنڌ کي
بمبئيءَ پريزيڊنسي کان الڳ ڪري هن کي صوبي جو درجو
ڏنو ويو. سياسي سرگرميون بحال ڪيون ويون. سنڌ
اسيمبلي جو بنياد پيو. ڪراچي جي گادي واري حيثيت
ٻيهر بحال ڪئي ويئي ۽ ڪراچي سنڌ جي انتظامي يونٽن
جو مرڪز بڻيو. سنڌ جي قبضي وقت چارلس نيپئر کي سنڌ
جو گورنر بنايو ويو هو. چارلس نيپئر فيبروري 1843ع
کان آڪٽوبر 1847ع تائين سنڌ جو فوجي گورنر ۽ مارشل
لا ايڊمنسٽريٽر رهيو. آڪٽوبر 1847ع ۾ سنڌ کي
بمبئيءَ سان ڳنڍيو ويو. اپريل 1936ع ۾ سنڌ کي ٻيهر
صوبي جو درجو ڏيئي ڪمشنرن جي جاءِ تي گورنر مقرر
ڪيا ويا، جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
1. سر لينسي لارڊ گراهم |
پهرئين اپريل کان 31 مارچ 1941ع |
2. سر هوچ ڊائو |
پهرئين اپريل 1941ع کان 14 جنوري 1947ع |
3. سر فرانسس مودي |
15 جنوري 1947ع کان 14 آگسٽ 1947ع |
ورهاڱي کانپوءِ سر فرانسس مودي کي پنجاب جو گورنر
بنايو ويو. ورهاڱي کانپوءِ پهرئين مسلمان ۽ سنڌي
گورنر جو اعزاز سر غلام حسين هدايت کي حاصل ٿيو.
4. مسٽر غلام حسين هدايت الله |
14 آگسٽ 1947ع کان 4 آڪٽوبر 1948ع |
5. مسٽر دين محمد شيخ |
7 آڪٽوبر 1948ع کان 8 نومبر 1952ع |
6. ميان امين الدين |
19 نومبر 1952ع کان 1 مئي 1953ع |
7. جارج بيڪسن ڊال |
2 مئي 1953ع کان 11 آگسٽ 1953ع |
8. مسٽر حبيب ابراهيم رحمت الله |
12 آگسٽ 1953ع کان 23 جون 1954ع |
9. نواب افتخار حسين ممدوٽ |
24 جون 1954ع کان 14 آڪٽوبر 1955ع |
نواب افتخاري حسين ممدوٽ جو تعلق پنجاب سان هو ۽
ائين هي سنڌ جو پهريون پنجابي گورنر مقرر ٿيو. هن
کانپوءِ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو. سنڌ، پنجاب،
بلوچستان ۽ سرحد صوبي کي ملائي هڪ صوبو اولهه
پاڪستان ٺاهيو ويو. ون يونٽ جي ڪهاڻي 1970ع ۾ ختم
ٿي. يحيٰ خان ون يونٽ ختم ڪري ٻيهر صوبا بحال ڪيا.
10. ليفٽيننٽ جنرل رحمان گل (فوجي گورنر؟) |
پهرئين جولاءِ 1970ع کان 22 ڊسمبر 1971ع |
11. ممتاز علي ڀٽو |
22 ڊسمبر 1971ع کان 29 اپريل 1972ع |
ممتاز ڀٽي جي گورنري دوران اسيمبلي ۾ ٻولي واري بل
تي جهيڙا ٿيا جنهن تي ممتاز ڀٽي کي هٽايو ويو. 30
اپريل 1972ع کان 31 مئي 1972ع تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ
جو چيف جسٽس سنڌ جو وقتي گورنر رهيو.
12. مير رسول بخش ٽالپر |
پهرئين جون 1972ع کان 14 فيبروري 1973ع |
13. بيگم رعنا لياقت علي خان |
15 فيبروري 1973ع کان 28 فيبروري 1976ع |
14. نواب دلاور خان جي |
پهرئين مارچ 1976ع کان 5 جولاءِ 1977ع |
5
جولاءِ 1977ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو ويو. جمهوري
حڪومت جو خاتمو آندو ويو ۽ مسٽر دلاور خان جي کي
به گورنري تان هٽايو ويو. مسٽر نواب دلاور خان جي
جهونا ڳڙهه جي نواب مهابت علي خان جو پٽ هو. بيگم
رعنا لياقت علي خان سنڌ جي پهرئين عورت گورنر هئي.
هن کانپوءِ ڪا به عورت هن عهدي تي فائز نه ٿي آهي.
15. جسٽس عبدالقادر شيخ |
6 جولاءِ 1977ع کان 17 سيپٽمبر 1978ع |
16. ليفٽيننٽ جنرل ايس. ايم عباسي |
18 سيپٽمبر 1978ع کان 6 اپريل 1984ع |
17. ليفٽيننٽ جنرل جهانداد خان |
7 اپريل 1984ع کان 4 جنوري 1987ع |
31
ڊسمبر 1986ع تي مارشل لا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو
ويو. مٿان ٻئي فوجي گورنر سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر
به هئا. جن کي گورنر جو عهدو ڏنو ويو هو.
18. اشرف ولي محمد تاباڻي |
5 جنوري 1987ع کان 23 جون 1988ع |
19. ريٽائرڊ جنرل رحيم الدين خان |
24 جون 1988ع کان 11 سيپٽمبر 1988ع |
20. جسٽس قدير الدين |
12 سيپٽمبر 1988ع کان 18 اپريل 1989ع |
1988ع ۾ عام چونڊون ٿيون مرڪز ۽ سنڌ ۾ پي پي پي جي
حڪومت قائم ٿي.
21. ريٽائرڊ جسٽس فخرالدين جي ابراهيم |
19 اپريل 1989ع کان 6 آگسٽ 1990ع |
22. محمود اي هارون |
6 آگسٽ 1990ع کان 18 جولاءِ 1993ع |
23. حڪيم محمد سعيد |
19 جولاءِ 1993ع کان 23 جنوري 1994ع |
24. محمود اي هارون |
23 جنوري 1994ع کان 21 مئي 1999ع |
25. ڪمال اظفر |
22 مئي 1999ع کان 16 مارچ 1997ع |
26. ليفٽيننٽ جنرل (ريٽائرڊ) معين الدين
حيدر |
17 مارچ 1997ع کان 17 جون 1999ع |
27. ممنون حسين |
19 جون 1999ع کان 12 آڪٽوبر 1999ع |
28. ايئر مارشل عظيم دائود پوٽو |
25 آڪٽوبر 1999ع کان 24 مئي 2000ع |
29. محمد ميان سومرو |
25 مئي 2000ع کان 26 ڊسمبر 2002ع |
30. ڊاڪٽر عشرت العباد |
27 ڊسمبر 2002ع کان تاحال |
سنڌ جي وڏي وزيرن ۽ اسپيڪرن جو احوال:
سنڌ جي بمبئيءَ پريزيڊنسي جي الڳ ٿيڻ کان اڳ سنڌ
جا مسئلا بمبئيءَ ليجسليٽو ڪائونسل ۾ بحث هيٺ
ايندا هئا. پهرئين اپريل 1936ع تي سنڌ کي صوبي جو
درجو ڏنو ويو. صوبي بنجڻ کان پوءِ سنڌ ۾ 1935ع ۾
پارليماني نظام قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سياسي
سرگرميون شروع ٿيون. ڪراچي سياست جو مرڪز بڻجي
ويئي.
سنڌ حڪومت لاءِ پهرئين چونڊ 7 فيبروري 1937ع ٿي.
جنهن ۾ پوري سنڌ مان 60 ميمبر چونڊيا ويا. ڪراچي
ضلعي لاءِ 13 سيٽون هيون. ڪنهن پارٽي واضع اڪثريت
حاصل نه ڪئي. سنڌ اتحاد پارٽي سڀ کان وڌيڪ 18
سيٽون حاصل ڪيون. حڪومت چار سيٽون حاصل ڪندڙ پارٽي
مسلم پوليٽيڪل پارٽي جي اڳواڻ سر غلام حسين هدايت
الله کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني. انهيءَ ڏينهن
کانپوءِ اڄ تائين سنڌ ۾ جوڙ توڙ جي سياست شروع ٿي.
انهيءَ جوڙ توڙ جي نتيجي ۾ سر غلام حسين هدايت
الله سنڌ جو پهريون وڏو وزير چونڊجي آيو. 1937ع
کان 2006ع تائين چونڊيل ۽ ٿاڦيل وزير هيٺين ريت
آهن.
1. سر غلام حسين هدايت الله (مسلم پوليٽيڪل
پارٽي) |
28 اپريل 1937ع کان 23 مارچ 1938ع |
2. خان بهادر الله بخش سومرو (سنڌ اتحاد
پارٽي) |
23 مارچ 1938ع کان 18 مارچ 1940ع |
3. مير بندي علي خان ٽالپر |
18 مارچ 1940ع کان 7 مارچ 1941ع |
4. خان بهادر الله بخش سومرو |
7 مارچ 1941ع کان 14 آڪٽوبر 1942ع |
5. سر غلام حسين هدايت الله |
14 آڪٽوبر 1942ع کان 14 آگسٽ 1947ع |
6. خان بهادر محمد ايوب کهڙو |
16 آگسٽ 1947ع کان 28 اپريل 1940ع |
7. پير الاهي بخش |
3 مئي 1948ع کان 4 فيبروري 1949ع |
8. محمد يوسف هارون |
18 فيبروري 1949ع کان 7 مئي 1950ع |
9. قاضي فضل الله |
8 مئي 1950ع کان 24 مارچ 1951ع |
10. خان بهادر محمد ايوب کهڙو |
9 نومبر 1954ع کان 13 آڪٽوبر 1955ع |
11. عبدالستار پيرزادو |
23 مئي 1953ع 8 نومبر 1954ع |
12. خان بهادر محمد ايوب کهڙو |
9 نومبر 1954ع کان 13 آڪٽوبر 1955ع |
13. ممتاز علي ڀٽو |
1 مئي 1972ع کان 20 ڊسمبر 1973ع |
14. غلام مصطفيٰ جتوئي |
25 ڊسمبر 1973ع کان 5 جولاءِ 1977ع |
15. سيد غوث علي شاهه |
6 اپريل 1985ع کان 6 اپريل 1988ع |
16. اختر علي جي قاضي (نگران) |
11 اپريل 1988ع کان 2 ڊسمبر 1988ع |
17. سيد قائم علي شاهه |
2 ڊسمبر 1988ع کان 25 فيبروري 1990ع |
18. آفتاب شعبان ميراڻي |
26 فيبروري 1990ع کان 6 آگسٽ 1990ع |
19. ڄام صادق علي |
6 آگسٽ 1990ع کان 5 مارچ 1992ع |
20. سيد مظفر علي شاهه |
6 مارچ 1992ع کان 18 جولاءِ 1993ع |
21. علي مدد شاهه (نگران) |
19 جولاءِ 1993ع کان 21 آڪٽوبر 1993ع |
22. سيد عبدالله شاهه |
21 آڪٽوبر 1993ع کان 6 نومبر 1996ع. |
23. ممتاز علي ڀٽو (نگران) |
6 نومبر 1996ع کان 1997ع |
24. لياقت علي خان جتوئي |
22 فيبروري 1997ع کان 12 آڪٽوبر 1999ع |
25. سردار علي محمد مهر |
2003ع کان 8 جون 2004ع |
26. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم |
9 جون 2004ع کان تاحال |
مختلف دورن ۾ سنڌ اسيمبلي جا اسپيڪر هيٺين ريت
رهيا.
1. ديوان ڀوڄ سنگهه |
28 اپريل 1937ع کان 1938ع |
2. سيد ميران محمد شاهه |
1939ع کان 1948ع |
3. آغا بدرالدين دراني |
1948ع کان 1953ع |
4. مير غلام علي ٽالپر |
1954ع کان 1955ع |
5. غلام رسول ڪيهر |
2 مئي 1972ع کان 30 مارچ 1977ع |
6. آغا صدرالدين دراني |
31 مارچ 1977ع کان 5 جولاءِ 1977ع |
7. حسين هارون |
6 اپريل 1986ع کان 31 مارچ 1986ع |
8. سيد مظفر حسين شاهه |
6 اپريل 1986ع کان پهرئين ڊسمبر 1988ع |
9. سيد عبدالله شاهه |
پهرئين ڊسمبر 1988ع کان 5 نومبر 1990ع |
10. عبدالرزاق خان |
5 نومبر 1990ع کان 19 آڪٽوبر 1993ع |
11. غوث بخش مهر |
19 آڪٽوبر 1993ع کان 22 فيبروري 1997ع |
12. نواب مرزا |
22 فيبروري 1997ع کان 26 آڪٽوبر 1999ع |
13. سيد جلال محمود شاهه |
جيڪو ڊپٽي اسپيڪر نواب مرزا جي استعفيٰ ڏيڻ
کانپوءِ 26 آڪٽوبر 1999ع کان وقتي اسپيڪر
ٿيو. |
14 سيد مظفر حسين شاهه |
2003ع کان تاحال |
سنڌ اسيمبلي پنهنجي تاريخ جي حوالي سان غير معمولي
اهميت رکندڙ آهي. اڱارو 27 اپريل 1937ع تي سنڌ ۾
پارلياماني تاريخ جي شروعات ٿي. جڏهن هن جو پهريون
اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. جنهن جي صدارت ديوان
بهادر هيرانند کيم سنگهه ڪئي. هن کي ان وقت جي
گورنر سنڌ لينس لارڊ گراهم چيئرمين مقرر ڪيو. شروع
۾ ايوان ۾ ميمبرن جو تعداد 60 هو.
سنڌ اسيمبلي جي پهرئين ايوان ۾ ٻه عورتون به
چونڊجي آيون. جن مان هڪ جينو ٻائي غلام علي الانا
۽ ڪماري ڄيٺي تليداس سپاهي ملاڻي جيڪا 1938ع کان 6
سيپٽمبر 1942ع تائين سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر
به رهي ۽ اهڙي طرح پهرئين عورت ڊپٽي اسپيڪر جو
اعزاز حاصل ڪيائين. اڳتي هلي 1972ع ۾ سائنڻ فردوس
جوڻيجو ۽ سائنڻ تاج بي بي بلوچ جنهن جو تعلق لياري
ڪراچي سان هو اسيمبلي جون مميمبر رهيون. ضياءُ
الحق جي اڻ جماعتي چونڊن جي نتيجي ۾ پنج عورتون
سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊجي آيون.
غلام حسين هدايت الله ۽ گوبند رام پريتم داس کي
اهو اعزاز حاصل آهي ته سنڌ اسيمبلي جي تاريخ ۾ سڀ
کان پهرئين هن حلف کنيو. سنڌ اسيمبلي جي تاريخ ۾
پهريون تحريڪ التوا اجلاس جي پهرئين ڏينهن ڊاڪٽر
پوپٽ لال پيش ڪيو. پهريون سرڪاري بل وزيرن جي
پگهارن جي باري ۾ پيش ڪيو ويو.
28
اپريل 1937ع تي سنڌ قانون ساز اسيمبلي جي پهرئين
اسپيڪر جي چونڊ تي اهو پهرئين اجلاس جو ٻيو ڏينهن
هو.
اسپيڪر لاءِ ٽن اميدوارن پير الاهي بخش، ديوان ڀوڄ
سنگهه ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي وچ ۾ مقابلو ٿيو.
ديوان ڀوڄ سنگهه کي 60 مان 40 ووٽ ۽ شيخ عبدالمجيد
سنڌي کي 18 ووٽ مليا.
3
مارچ 1943ع ۾ سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي ۾ جي ايم
سيد پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءَ پيش ڪيو. جنهن تي
اسيمبلي جي هندو ميمبرن نيچل داس وزيراڻي جي
اڳواڻي ۾ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. پهريون ڀيرو
16 آگسٽ 1937ع ۾ 24 ميمبرن واڪ ڪيو. ظهور الحسن
ڀوپالي اسيمبلي جو پهريون ميمبر هو. جنهن کي ايوان
مان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ويو. پر هو پاڻ ئي ٻاهر
هليو ويو ۽ انهيءَ ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي
اسپيڪر اختر علي جي قاضي جي حڪم تي اسيمبلي جي هڪ
ميمبر ظفر علي راجپوت کي سارجنٽ ايٽ آرمز ايوان
مان کڻي ٻاهر ڦٽو ڪيو. سنڌ اسيمبلي جي تاريخ ۾ مير
غلام علي ٽالپر اڪيلو اسپيڪر آهي جنهن کي هن دور ۾
گرفتار ڪيو ويو، جڏهن هو اسيمبلي جو اسپيڪر هو.
ياد رهي ته هن کي ون يونٽ واري مسئلي تي مخالفت جي
پيش نظر گرفتار ڪيو ويو.
سنڌ اسيمبلي جي جاءِ تي پيڙهه جو پٿر 11 مارچ
1940ع ۾ گورنر سر لينس لارڊ گراهم رکيو. جڏهن ته
افتتاح سر هوچ ڊائو 4 مارچ 1942ع تي ڪيو. سنڌ
اسيمبلي جي انهيءَ جاءِ ۾ قائداعظم محمد علي جناح
گورنر جنرل جو حلف کنيو. پاڪستان جو پهريون آئين
به انهيءَ عمارت ۾ منظور ڪيو ويو. هن کان اڳ سنڌ
اسيمبلي جا اجلاس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جاءِ، پير
الاهي بخش بلڊنگ ۽ اين جي وي هاءِ اسڪول بلڊنگ ۾
ٿيندا هئا. اين جي وي هاءِ اسڪول بلڊنگ روڊ تي
پراڻي اسيمبلي بلڊنگ جي نالي سان مشهور آهي. سنڌ
اسيمبلي جو هڪ اجلاس حيدرآباد جي درٻار هال ۾ به
منعقد ٿيو آهي. هتي ئي 18 فيبروري 1949ع ۾ سنڌ جي
شهري علائقي ڪراچي سان تعلق رکندڙ ميمڻ برادري جي
مشهور سياسي اڳواڻ يوسف هارون سنڌ جي وڏي وزير جو
حلف کنيو. جڏهن پير الاهي بخش وڏو وزير هو ته جي
ايم سيد جي اليڪشن پٽيشن ۾ ٽربيونل جي فيصلي موجب
جڏهن پير صاحب کي ميمبريءَ کان خارج ڪيو ويو ته
سندس جاءِ تي يوسف هارون کي وڏي وزير جي چارج ڏني
وئي. يوسف هارون سنڌ اسيمبلي جو ميمبر نه هو. يوسف
هارون، حاجي عبدالله هارون جو پٽ ۽ 1986ع ۾ سنڌ
اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجندڙ حسين هارون جو والد
هو. هن کان اڳ چونڊجندڙ سڀئي جاگيرداراڻي پس منظر
سان تعلق رکندڙ هئا، ۽ هي پهريون سرمائيدار هو
جيڪو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي آيو.
ورهاڱي کانپوءِ ڪجهه عرصي تائين صوبي جي وڏي وزير
کي صوبائي وزيراعظم
Pre
Mier
به چيو ويندو هو. 1951ع ۾ پروڊا جي قانون تحت ايوب
کهڙي کي سياست مان ڪرپشن ۽ نااهلي جا الزام هڻي
خارج ڪيو ويو. پر جڏهن 1954ع ۾ ون يونٽ ٺاهڻ ۾ هن
جي مدد جي ضرورت پئي ته ان کي ٽيون ڀيرو سنڌ جو
وڏو وزير بڻائي، آڪٽوبر 1955ع ۾ ون يونٽ جي حق ۾
ٺهراءُ منظور ڪرايو ويو. 1958ع کان 1971ع تائين
فوجي راڄ ڪري اسيمبلي کي معطل ڪيو ويو. 1988ع کان
1999ع تائين حڪومتون بي-2 (85) جي زد ۾ اچي ختم
ڪيون ويون.
20
جون 1995ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ پهريون ڀيرو تاريخ جو
هڪ واقعو پيش آيو، جڏهن مسلم ليگ فنڪشنل جي ميمبر
ڄام مدد علي کي مسلسل چاليهه ڏينهن غير حاضر رهڻ
ڪري اسيمبلي جي ميمبري کان محروم ڪيو ويو. انهي
سلسلي ۾ ايوان ۾ پيش ٿيندڙ ٺهراءُ کي گڏيل طور تي
منظور ڪيو ويو. 2002ع کان عمل ۾ ايندڙ اها پهرئين
اسيمبلي هوندي جو پنهنجو مدو پورو ڪري رهي آهي. هن
جو وڏو سبب اهو آهي حڪومت کي ڊاهڻ وارا ادارا خود
حڪومت ۾ آهن ۽ اڄ اهي اسيمبليون انهن جي ضرورت
آهن، نه ته ايڏين وڏين تحريڪن، مخالفتن، ڪرپشن،
اقراپروري اندروني جهيڙن، اسيمبلي ميمبرن جي قتل
جي باوجود انهن اسيمبلين کي ختم نه ڪيو ويو آهي.
ان جو سبب هر ماڻهو سمجهي ٿو.
انگريزن جي دور ۾ انتظامي ورهاست:
انگريزن جي قبضي کانپوءِ جڏهن سنڌ کي ٽن ڪليڪٽرن ۾
ورهايو ويو. حيدرآباد ۽ شڪارپور سميت ڪراچي کي به
ڪليڪٽريٽ جو درجو ڏنو ويو. ڪراچي ڪليڪٽوريٽ (ضلعي)
۾ هاڻوڪي ڪراچي ڊويزن، هاڻوڪو ضلعو ٺٽو، بدين جو
جاتي تعلقو، ڄام شورو ضلعو ۽ دادو ضلعو شامل هئا.
ڪراچي ڪليڪٽريٽ لاءِ ميجر هينري پريڊي کي ڪليڪٽر ۽
ضلعي مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. جنهن جي فرضن ۾ ڪراچي
ڪليڪٽريٽ ۾ امن ۽ امان قائم ڪرڻ، روينيو وصول ڪرڻ
۽ ڪراچي ڪليڪٽريٽ جي تمام انتظامي امور جي نگراني
ڪرڻ شامل هو.
انگريزن ميرن وارو انتظامي نظام ختم ڪري ڇڏيو. هر
ڪليڪٽر جي ماتحت اسسٽنٽ ڪليڪٽر ۽ سراول ڪار مقرر
ڪيا ويا. پوري سنڌ لاءِ پوليس جو آفيسر ڪمانڊنگ
پوليس نالي سان مقرر ڪيو ويو. جنهن جو دفتر ڪراچي
۾ هوندو هو. ٽنهي ضلعن تي ٽي ڪپتان مقرر ڪيا ويا
جيڪي ڪمانڊنگ پوليس آفيسرن جي ماتحت هوندا هئا.
ڪمشنر پرنگل جي دور ۾ ٽي انتظامي ڪاميٽيون بنايون
ويون. انهن سڀني ڪاميٽين جو اڳواڻ ڪليڪٽر ۽ هن جي
هيٺيان ڊپٽي ڪليڪٽر هوندا هئا.
1.
شهري انتظام لاءِ ڪميٽي جي ميمبرن ۾ مختيارڪار (2)
ڪاردار (3) نمبردار هوندا هئا.
2.
روينيو ڪاميٽي لاءِ ميمبرن ۾ (1) مختيارڪار (2)
سرڪل انسپيڪٽر (3) تپيدار.
3.
عدالتي نظام لاءِ ڪاميٽي ۾ ڪليڪٽر فرسٽ ڪلاس
مئجسٽريٽ هوندا هئا.
ضلعي مئجسٽريٽ جي حيثيت سان ڪليڪٽر ۽ نائب تحصيل
دار ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ هوندا هئا.
ضلعي مئجسٽريٽ جي حيثيت سان ڪليڪٽر ڪراچي ڪليڪٽريٽ
جي تمام عدالتن جو اڳواڻ هوندو هو. ديواني ۽ فوج
داري مقدمن جي اڪلائڻ لاءِ هن جي هيٺ ڪيترائي
جوڊيشنل ضلعي مئجسٽريٽ هوندا هئا. ڪليڪٽر انهن
ٽنهي ڪاميٽين جو اڳواڻ ۽ سندس مدد لاءِ ڊپٽي
ڪليڪٽر هوندو هو. ڪراچي ڪليڪٽريٽ جو پهريون ڊپٽي
ڪليڪٽر سيٺ نائون مل هوتچند هو. ڪئپٽن پريڊي 1847ع
کان 1857ع تائين ٻنهي عهدن تي هڪ ئي وقت فائز هو.
سنڌ جي ٽنهي ڪليڪٽرن کي 1200 سئو رپيا ۽ ڊپٽي
ڪليڪٽرن کي 700 رپيا ماهوار پگهار ڏنو ويندو هو.
مڪمل عدالتي اختيار انهن جي حوالي هوندا هئا.
ڪراچي ڪليڪٽريٽ انهن ڏينهن ۾ 9 تعلقن ۽ ٽن محالن
تي ٻڌل هو.
تعلقا:
(1) ڪراچي (2) ڪوٽڙي (3)ٺٽو (4) گهوڙاٻاري (5)
سجاول (6) شاهه بندر (7) جاتي (8) ميرپور بٺورو
(9) ميرپور ساڪرو
محال:
(1) ڪيٽي بندر (2) مانجهند (3) ڪوهستان
ڪراچي ضلعي تي ٽي سب ڊويزن بنايا ويا هر سب ڊويزن
لاءِ هڪ اسسٽنٽ ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو.
ٺٽي سب ڊويزن ۾ ڪراچي، ميرپور ساڪرو، گهوڙاٻاري ۽
ٺٽو تعلقا شامل هئا.
شاهه بندر سب ڊويزن ۾ شاهه بندر، جاتي، سجاول ۽
ميرپور بٺورو تعلقا شامل هئا.
ڪوٽڙي سب ڊويزن ۾ ڪوٽڙي تعلقو، مانجهند ۽ محال
ڪوهستان شامل هئا.
1843ع کان 1861ع تائين ڪراچي جون جيڪي حدون هيون
سواءِ اتر جي هر پاسي قدرتي طرح ٺهيل هيون ڏکڻ ۾
سمنڊ، اوڀر ۾ سنڌو ندي، اولهه ۾ حب ندي ۽ پهاڙي
سلسلو اترين حد سيوهڻ کان اتر پاسي اٽڪل چاليهه
ميلن تي شڪارپور ڪليڪٽري جي دادو ۽ ڪاڇي پرڳڻن جي
وچ ۾ هڪ خيالي لڪ جي صورت ۾ قائم هئي. هن سموري
ايراضيءَ جي پکيڙ ڊيگهه ۾ 240 ميل ۽ ويڪر ۾ 70 ميل
هو.
1861ع کان 1901ع تائين: 1861ع حيدرآباد ڪليڪٽري جي
شاهبندر ڊويزن کي ڇني ڪراچي ڪليڪٽري سان ملايو
ويو. انهيءَ واڌاري سان ڪراچي ڪليڪٽري جي پکيڙ
هيوز جي گزيٽئر موجب 16 هزار چورس ميل ٿي ويئي.
سال 1876ع جي
Police
Report of Sind for the year 1876
۾ اها ايراضي 14092 چورس ميل ڄاڻايل آهي.
1901ع کان 1936ع تائين: آگسٽ 1901ع ۾ دادو، جوهي ۽
سيوهڻ جا تعلقا ڪراچي ڪليڪٽري کان ڇني، لاڙڪاڻي
نالي ٺهندڙ نئين ضلعي ۾ شامل ڪيا ويا.
1948ع ۾ ڪراچي ضلعي جا سڀ تعلقا سواءِ ڪراچي تعلقي
جي ڪراچي ضلعي کان ڌار ڪري ٺٽو ضلعو جوڙيو ويو.
ڪراچي جي 37 ديهن کي ٺٽي ۾ 55 ديهن کي ڪراچي ۾
شامل ڪيو ويو. ڪراچي تعلقو 55 ديهن ۽ ميونسپلٽي
سميت مرڪز جي حوالي ڪيو ويو ۽ جنهن کي ”فيڊرل
ڪيپٽل ايريا“ جو نالو ڏنو ويو. جنهن لاءِ
ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. هن فيڊرل ايريا کي ضلعي
جو درجو ڏنو ويو. سرڪار ڪراچي کي پاڪستان جي مرڪزي
گادي جوڙڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو ۽ ان کي سنڌ کان
به ڌار ڪيو ويو. جنهن جي ايراضي 1357 چورس ميل
هئي. پر بعد ۾ گادي جوڙڻ جو منصوبو ختم ڪيو ويو. |