سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 30

مرنداسين ته مٽي مان پنهنجي ڦٽندا سرخ گلاب

 

ڇنڇر 13 سيپٽمبر 1857ع رات جو ساڍي ڏهين وڳي هڪ مقامي فوجي صوبيدار ۽ سندس جمعدار رات جي گهگهه اونداهه ۾ پنهنجين بيرڪن مان نڪري هيڏانهن هوڏانهن اک رکندو احتياط سان برگيڊيئر جي بنگلي تي پهچن ٿا. صوبيدار برگيڊيئر جي بنگلي جي در تي بيٺل گارڊ کي چوي ٿو، مون کي برگيڊيئر سان ملاقات ڪرڻي آهي. گارڊ جواب ڏيس ٿو. ”صاحب ننڊ ۾ آهي، ان کي اٿارڻ مناسب نه ٿيندو“. پر صوبيدار ضد تي قائم رهندي چوي ٿو، مون کي صاحب سان هر حال ۾ ملڻو آهي. مجبور ٿي گارڊ نوڪر کي اندر صاحب کي اطلاع لاءِ چوي ٿو. برگيڊيئر کيس چوائي موڪلي ٿو هن کي چئو ته صبح جو اچي. اها ڳالهه ٻڌي صوبيدار ملڻ لاءِ ويتر وڌيڪ زور ڀري ٿو ۽ چوي ٿو. وقت گذري ويو ته وڏو نقصان ٿيندو.

تنهن تي برگيڊيئر ڊريسنگ گائون سان ٻاهر اچي ٿو ته ماجرا ڇا آهي.

صوبيدار سلوٽ هڻي کيس چوي ٿو، اوهان سان اڪيلائي ۾ ڪجهه ڳالهائڻو آهي، صاحب گارڊ ۽ نوڪر کي پري وڃڻ جو اشارو ڪري ٿو. تڏهن صوبيدار عاجزيءَ سان پنهنجي اچڻ جو مقصد بيان ڪري ٿو. ”سر اوهان ڪيترائي ڀيرا مون تي مهرباني ڪئي آهي. اڄ انهن احسانن لاهڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ آئون اهو ٻڌائڻ آيو آهيان ته 21هين بمبئي انفنٽري رجمنٽ رات جو ٻين وڳي بغاوت ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي. ڇانوڻي جو نقشو وٽن موجود آهي. ماڻهن جون جايون مقرر ڪيون ويون آهن، جيڪي هڪ يورپي کي قتل ڪندا، بنگلا ڦريندا ۽ پوءِ هتان دهليءَ طرف روانا ٿيندا ۽ هڪ سپاهي کي شهر ڏانهن موڪليو ويو آهي ته جيئن مقامي شهرين کان مدد حاصل ڪري سگهجي ۽ هڪ سپاهي کي 14 هين انفنٽري رجمنٽ کان مدد حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ موڪليو ويو آهي، جيڪو هن بغاوت ۾ ساڻن شامل نه آهي.“ هن وڌيڪ ٻڌايو ته ”هڪ حوالدار رام دين پانڊي هنن وٽ آيو ۽ اهو ٻڌائين ته، ”ڪيستائين ان ڳالهه جا منتظر هوندؤ جو انگريز توهان کي توبن سان اڏائن جيئن هندستان ۾ ٿي چڪو آهي.“ هن کين ٻڌايو ته، ”اڄ رات جو ٻين وڳي پوري رجمنٽ بغاوت ڪندي.“ صوبيدار وڌيڪ چيو ته، ”هن ڳالهه جي تصديق بعد ۾ هڪ حوالدار سورج بالي تيوري به ڪئي، جيڪو به رام دين پانڊي جو ساٿاري آهي“. برگيڊيئر سان ملاقات ڪندڙ صوبيدار جو نالو رام بني ۽ جمعدار جو نالو لڪشمڻ گداري هو.

11 لڳي 5 منٽ ٿي چڪا هئا، برگيڊيئر لائوٿ جي ننڊ اڏامي ويئي. هن ڊريس پائي ڪمانڊنگ آفيسر ميجر ميڪگريگر (Macgrigor) سان رابطو ڪيو. جنهن هڪ گهوڙي سوار باب جانسن کي ڪلفٽن ڏانهن سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر ڏانهن موڪليو، ڇاڪاڻ ته شام جو ئي ڪمشنر بارٽل فريئر، جان آرٿر ۽ ڪيپٽن گولڊ اسمٿ آچر گذارڻ لاءِ پنج ميل پري ڪلفٽن ۾ پنهنجن پنهنجن بنگلن ۾ ويل هئا ۽ ڇانوڻيءَ جو فوجي انتظام برگيڊيئر لائوٿ ۽ ميجر ميڪگريگر جي حوالي هو.

ڇانوڻي، ڪراچي ڪينٽ جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي. جيڪا ڪراچي شهر جي اوڀر ۾ ٿوري پنڌ تي هڪ وسيع علائقي ۾ قائم هئي. فريئر اسٽريٽ تي فوجي آفيسرن جا بنگلا هئا. جيڪي ملٽري بيرڪن جي اڳيان پهرئين قطار ۾ هئا. ان جي پويان رجمينٽ جا ڪوارٽر اتر پاسي هئا. جتي هينئر ايمپريس مارڪيٽ آهي. اتي هڪ وسيع خالي ميدان هو، ان جي ڏکڻ پاسي صدر بازار هئي.

برگيڊيئر لائوٿ ۽ ميجر ميڪگريگر يورپين رجمنٽ جي ٻنهي ڪمپنين کي بنا بگل ۽ ڊرم وڄائڻ جي هڪدم هٿيار بند ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ اهڙوئي حڪم چوڏهين رجمنٽ ڏانهن پڻ موڪليو ويو جنهن لاءِ صوبيدار چيو هو ته اهي 21هين رجمنٽ جي سازش ۾ شريڪ نه آهن، پر انهن کان ۽ شهر وارن کان مدد لاءِ هڪ هڪ ماڻهو موڪليو ويو آهي. انهن سڀني کي حڪم ڏنو ويو ته هو 21هين رجمنٽ جي بيرڪن سامهون مختلف جاين تي پوزيشن سنڀالين.

ٻئي پاسي هلڪي توب خاني جي ڪمانڊنگ آفيسر، ڪرنل اسٽائلز سڀ کان پهرئين سرڪاري خزاني جي حفاظت لاءِ وڌيڪ سپاهي مقرر ڪيا ۽ انهن علائقن جي حفاظت خاطر جتي انگريزن کي پناهه وٺڻي هئي اتي فوج جي تعداد کي وڌايو. رات جو ٻارهين وڳي ڪرفيو لاءِ گهنڊ وڄايو ويو. ڇانوڻي جي علائقي ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. رات جي اونداهه ۾ ڏهين ۽ چوڏهين انفنسٽري جو آفيسر ڪيپٽن ليٿ پنهنجيون ڪمپنيون ساڻ ڪري اچي پهتو. ميجر بليڪ پنهنجي گهوڙي سوار آرٽلري کي به وٺي اچي پريڊ گرائونڊ کي گهيري ۾ ورتو ۽ پنهنجيون پوزيشنون سنڀاليون، جيڪي راڪيٽ فائر ڪرڻ جي اشاري جا منتظر هئا. انهن ۾ ڇهه پونڊ جا گولا فائر ڪرڻ واريون ٻه توبون هيون. اهو سڄو ڪم ڏاڍي ڦڙتي ۽ رازداريءَ سان پورو ڪيو ويو.

خبر ٻڌڻ شرط فريئر، ميجر گولڊ اسمٿ ۽ جان آرٿر سان هڪ بگي ۾ روانو ٿيو ۽ پنهنجي سرڪاري بنگلي تي پهتو. يورپي عورتن ۽ ٻارن جي حفاظت ليڊي ميري ويدر جي ذمي ڪئي، جيڪا هڪ ميجر ميري ويدر جي گهرواري هئي. (کارودر ۽ ڪياماڙي جي سنگم تي ٽاور انهيءَ ميري ويدر جي نالي سان ٺهيل آهي.) جنهن کي هدايت ڏني ويئي ته جيڪڏهن جان جو خطرو هجي ته سمنڊ ۾ لنگر انداز ٿيل ٻيڙيءَ وسيلي منهوڙي جي ٻيٽ ۾ وڃي پناهه وٺن. اها ٻيڙي ان مقصد لاءِ هر وقت تيار بيٺل هوندي هئي.

21هين رجمنٽ ۾ جيڪي نوجوان ديسي پيادا سپاهي هئا. تن مان گهڻائي جو لاڳاپو اوڌ، لکنو، دهلي ۽ بنگال سان هو ۽ بغاوت جي اڳواڻي حوالدار رام دين پانڊي ڪري رهيو هو. ان ڇانوڻيءَ ۾ فوجين جي غير معمولي چرپر ڏٺي ته هن بغاوت ۾ حصو وٺندڙ 25 ڄڻن کي ڀڄي وڃڻ جو چيو.

برگيڊيئر فوج جي ڪمان ڪندي ايڪويهين رجمينٽ جي سپاهين کي ٻاهر اچڻ جو حڪم ڏنو، جن حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو، يورپي آفيسر انهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. برگيڊيئر کيسي مان گهڙي ڪڍي خبردار ڪري ٿو. ڏهن تائين انگ ڳڻڻ کان پهرئين حاضر نه ٿيڻ جي صورت ۾ حملو ڪيو ويندو.

توبون تيار ٿين ٿيون، سپاهين پنهنجيون پوزيشنون سنڀالي ورتيون کڙڪي واري آواز سان فضا ۾ ”ون“ جو آواز اڀري ٿو.

ڪجهه مهينا اڳ 29 جون 1857ع ۾ جنرل لائبريري هال (فريئر هال) ۾ يورپي رهاڪو جيڪي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هئا تن جي سنڌ جي اعليٰ حڪام سان هڪ ميٽنگ ٿي هئي. هندستاني فوجين جي تاج برطانيا سان بغاوت واري خبر جيئن ڪراچي پهتي ته ڪراچي ۾ موجود يورپي ماڻهو سخت مونجهاري جو شڪار ٿيا ۽ انهن کي پنهنجي سلامتي جو فڪر ٿي پيو ۽ اها ميٽينگ انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي هئي. سنڌ جو ڪمشنر بارٽل فريئر به ان  ميٽنگ ۾ موجود هو. عام ماڻهن جي اها گهر هئي ته کين پنهنجي حفاظت لاءِ هٿيار ڏنا وڃن. فريئر حالتن جي رخ کي سمجهندي ائين ڪرڻ کان پاسو ڪيو. پر يورپي ماڻهن جي حفاظت لاءِ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ۽ يورپين جي امداد لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ جو اعلان ٿيو. ان ميٽنگ ۾ هڪ ٺهراءُ وسيلي ننڍي کنڊ ۾ جنگ آزادي ۾ متاثر ٿيندڙ يورپي باشندن ۽ انهن جي ڪٽنبن سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو. ميٽنگ ۾ شريڪ انگريز اڻڄاتل وسوسا کڻي پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن موٽيا.

1857ع  جي جنگ آزادي جي شروعات اتر هندستان جي شهر ميرٺ مان ٿي ۽ پوري هندستان ۾ پکڙجي وئي ۽ ان وقت سنڌ به ان هلچل ۾ پٺتي نه رهي ڪراچي جي ان بغاوت کان اڳ حيدرآباد ۾ بغاوت جا واقعا ٿيا. جنهن لاءِ ڪراچيءَ ۾ سخت احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون ويون.

ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ اخبار سنڌ قاصد Sind Kosid جنهن ڀرپور انداز ۾ جنگ آزادي جون خبرون شايع ڪيون ان سميت ٻين اخبارن تي جنگ آزادي بابت خبرون شايع ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي. سنڌ قاصد پنهنجي 7 جولاءِ 1857ع واري شماري ۾ سنسرشپ خلاف هڪ سخت ايڊيٽوريل لکيو، جنهن انگريز سرڪار کي ناراض ڪري ڇڏيو.

پهرين جولاءِ 1857ع تي ڪمشنر سنڌ هڪ حڪم ذريعي سنڌ ۾ هر قسم جو هٿيار کڻي هلڻ، بارود، گندرف ۽ قلمي شوري جي وٺڻ ۽ وڪڻڻ تي پابندي هڻي ڇڏي.

21 هين رجمنٽ جي سپاهين جي بغاوت به ان سلسلي جي هڪ ڪري هئي.

هر طرف خاموشي هئي. فور، جي آواز جيئن فضا جي خاموشيءَ کي چيريو ته 21هين رجمنٽ جا سپاهي مجبور ٿي ٻاهر نڪتا ۽ بيرڪن سامهون قطار ٺا هي بيهي رهيا. کين هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ جهٽ ۾ سيڪنڊ يورپين رجمنٽ جي سپاهي انهن هٿيارن تي قبضو ڪيو. پوءِ ريٽائر ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو هٿيارن جي جاچ دوران اها ڳالهه کلي ٿي ته 13 سپاهين جا هٿيار  لوڊ هئا انهن کي يڪدم گرفتار ڪيو ويو. هٿيار گاڏين ۾ ڀري اسلحا خاني موڪليا ويا. حاضري ڀرڻ تي خبر پئي ته 25 سپاهي غير حاضر هئا. انهيءَ دوران سر بارٽل فريئر، گولڊ اسمٿ، جنرل آرٿر هتي پهچن ٿا. گولڊ اسمٿ سپاهين سامهون تقرير ڪئي جنهن ۾ تاج برطانيا سان وفادار رهڻ جي تلقين ڪري سڀني کي بيرڪن ۾  وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو.

گم ٿيل سپاهين جي ڳولا شروع ڪئي وئي. پوليس جي ڪپتان ميجر مارسٽن انهي وقت سڀني ٿاڻن تي سپاهين جي مهانڊن بابت ضروري معلومات لاءِ اطلاع موڪلي ڏنا. ڪجهه سپاهي ان ئي رات گرفتار ڪيا ويا. ٻئي ڏينهن پڳي (پيرا واڍن) جي مدد سان سپاهين جي ڳولا شروع ڪئي وئي. ڳوٺاڻن ۽ شهرين کي به سهڪار جي هدايت ڪئي ويئي.

مٺا در واري علائقي ۾ لياري نديءَ جي ڪناري باغن ۾ ٽي سپاهي لڪل هئا. اهي ڪنهن به طرح اتان نڪري وڃڻ لاءِ ڏاڍا اتاولا هئا. پوليس ۽ فوج جي گهوڙي سوار سپاهين پگين جي مدد سان انهن کي گرفتار ڪرڻ چاهيو ته انهن پنهنجين زندگين بچائڻ جي آخري ڪوشش ڪئي پر ناڪام ويا. کين گولين سان پروڻ ڪري انهن جي لاشن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري سمنڊ ۾ اڇلايو ويو. جيئري ته هو پنهنجي وطن سونهار بنگال نه وڃي سگهيا. شايد انهن جي ڳريل ماس وطن جي ڪناري وڃي اهو سنديس ڏنو هوندو ته اسان مادر وطن خاطر جانين جا نذرانا ڏيئي چڪا آهيون ۽ سندن انتظار ۾ ويٺل سانورين نارين بنگال جي هوائن ۾ انهن جي رت جي خوشبو کي محسوس ڪيو هوندو ۽ انهن جي سپنن کي پنهنجي نيڻن ۾ سانڍي حياتي جا باقي ڏينهن گذاري ڇڏيا هوندا. گرفتاري کانپوءِ 16 ۽ 17 سيپٽمبر تي باغين کي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 17 تاريخ شام جو ساڍي چئين وڳي پوسٽ آفيس لڳ خالي ميدان تي ڪراچي جي سموري پوليس، 14 ۽ 21 نمبر پلٽن ۽ سموري يورپي فوجي ڪٺا ٿيا هئا. پورو ميدان عام ماڻهن سان ڀرجي ويو هو. يورپي گارڊن جي پهري هيٺ پهرئين چوڏهن انقلابين کي ڦاسي جي پليٽ فارم تائين آندو ويو. ڪئپٽن ليڪي  ( Cap: Leckie) هنن جي الزامن ۽ سزائن کي کولي ٻڌايو. جنهن کي ميجر گولڊ اسمٿ ترجمو ڪري ٻڌايو. انهن تي الزام هو ته، 13 تاريخ رات جو پنهنجي ريجمنٽ مان هٿيارن سوڌو ڀڄي وڃڻ ۽ پوليس هٿان پڪڙجي اچڻ تائين واپس نه ورڻ هٿيارن سوڌو پڪڙجڻ ۽ پوليس جو مقابلو ڪرڻ.

جنهن موجب يارنهن ڄڻن کي ڦاسي جي سزا ۽ ٽن ڄڻن کي توبن سان اڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

ايمپريس مارڪيٽ جي هڪ پراڻي تصوير جنهن ۾ هر پاسي وڻڪاري ۽ خوبصورت گل نظر اچي رهيا آهن

حڪم ملڻ شرط يورپي سپاهين انقلابين کي ڏاڪڻ تي چاڙهي سندن هٿ پويان ٻڌي تختن تي بيهاريو ويو. اکيون بند ڪرڻ يا منهن تي ڪارو ڪپڙو پائڻ بنا سندن ڳچين ۾ ڦاهي جو رسو وجهي تختا ڪڍيا ويا. بنا ڪنهن گهٻراهٽ جي انهن انقلابن موت کي سيني سان لڳايو. جلادن هتي بس نه ڪئي موت کانپوءِ سندن لاشن کي ترارن سان ڳترا ڳترا ڪري هڪ وهندڙ نالي ۾ ڦٽو ڪيو. باقي بچيل ٽن انقلابين پنهنجين ساٿين کي وطن تان قربان ٿيندي ڏٺو انهن کي توبن جي اڳيان آندو ويو هو مرڪي رهيا هئا. ڪئپٽن ليڪي جي اشاري سان توبچين توبن جي منهن کي تيلي ڏني ۽ انقلابين جي رت سان سنڌ جي ڌرتي رڱجي ويئي.

گرفتاري کانپوءِ ڪجهه سپاهين کي انڊيمان ڏانهن ڪاري پاڻيءَ جي سزا هيٺ موڪليو ويو. حوالدار رام دين پانڊي کي جيڪو هن بغاوت جو سرواڻ هو، 23 سيپٽمبر تي توب اڳيان بيهاري اڏايو ويو. ڪجهه سپاهين کي ڪورٽ مارشل کانپوءِ فوج مان ڪڍيو ويو. 21 هين رجمنٽ کي هميشه هميشه لاءِ ختم ڪيو ويو ۽ مقامي ماڻهن جي فوج ۾ ڀرتيءَ تي پابندي لڳائي ويئي ۽ انهيءَ پابندي سنڌ جي ماڻهن کي فوج کان پري ڪري ڇڏيو ۽ جنهن جي ڪري سنڌي ماڻهو اڃا تائين فوج کان پري آهن. ان بغاوت بابت ڪراچي ۾ دستاويزن کي ”ڳجها دستاويز نمبر 223 سال 1857ع مڪمه راز 14 سيپٽمبر 1857ع“. جو نالو ڏنو ويو آهي.

ايمپريس مارڪيٽ اڄ جتي آهي، اتي انگريزن جي اچڻ کان وٺي 1870ع تائين وڏو ميدان هو. 1849ع تائين ان جي آسپاس ملٽري ڪئمپ قائم هئي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ صدر بازار جنهن کي انتظامي طور صدر ڪوارٽرز چيو ويندو هو، برٽش ڪنٽونمينٽ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو. 1848ع تائين ڪميونٽي هال. ڪتاب گهر، جيم خانا، چرچ، پارسين جا ڪميونٽي ادارا، شراب خانا ۽ بليئر ڊروم هئا.

سر جيمز فرگوسن 1884ع ۾ ايمپريس مارڪيٽ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ ان جو نقشو انجنيئر اسٽريچن ٺاهيو. جيڪو وينسي گاٿي طرز تي ٺهيل آهي. هن عمارت ۾ 64 فٽ ويڪريون چار گيلريون آهن. هڪ وسيع 130 x 100 فٽ رقبي جو اڱڻ آهي. هن عمارت جي سامهون 140 فٽ اوچو مينار آهي، جنهن تي چئني پاسن کان گهڙيال لڳل آهن. هن بازار ۾ گوشت، سبزي ۽ فروٽ جا 280 اسٽال آهن. جتي اهو ٽاور آهي ان  رستي جو نالو ڪرم علي ٽالپرن روڊ آهي. اهو ٽاور ڪنٽونمينٽ ريلوي اسٽيشن جي مٿئين مرڪزي حصي جي سڌ ۾ رکيو ويو. 1859ع ۾ ڪياماڙي کان ڪراچي ڪينٽ تائين ريلوي لائين بارٽل فريئر جي دور ۾ وڇائي ويئي. ان اسٽيشن جو پهريان نالو فريئر اسٽريٽ اسٽيشن هو.

ڪنهن دور ۾ ايمپريس مارڪيٽ جي هر پاسي خوبصورت گلن جي گلڪاري هئي ۽ ان جي ٽنهي دروازن جي سامهون جانورن جي پيئڻ جي پاڻيءَ جا حوض ۽ چئني پاسن کان خوبصورت وڻڪار هئي. صدر ۽ ڪنٽونمينٽ ۾ رهڻ وارا هتي خريداري ڪندا هئا.

پر هي سڀ ڪجهه ماضيءَ جي ڳالهه آهي. هاڻي ايمپريس مارڪيٽ جي خوبصورتي ته ختم ٿي ويئي آهي. سواءِ جهانگير پارڪ جي، سڀئي پارڪ دوڪانن ۽ رهائشي ڪالونين ۾ بدلجي ويا آهن. هر پاسي گاڏين جو شور ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ، پاور هارنن جو لڙ، هر پاسي دونهين جا ڪڪر ۽ گندگي جا ڍير آهن. پيئڻ جي پاڻي جا خوبصورت رومي طرز جي پٿرن جا حوض به هاڻي ختم ٿي چڪا آهن.

ايمپريس مارڪيٽ انهيءَ جاءِ تي اڏيل آهي، جتي 13 ۽ 14  سيپٽمبر 1857ع واري رات 21 هين رجمنٽ جي بغاوت ڪندڙ باغي سپاهين کي توبن جي منهن ۾ ٻڌي اڏايو ويو ۽ هتي ڦاهي گهاٽ ٺاهي گهڻن سپاهي کي ڦاهي چاڙهيو ويو ۽ جيتي شهيدن جو رت لارون ڪري وهيو هو.

هتي ايمپريس مارڪيٽ ان ڪري ٺاهيو ويو ته جيئن هتي شهيدن جو ڪو يادگار نه ٺاهيو وڃي. ايمپريس مارڪيٽ ٺهڻ کان اڳ ۽ 1857ع جي ان واقعي کانپوءِ سوين ماڻهو هتي انهيءَ هنڌ کي ڏسڻ ايندا هئا. جتي شهيدن کي سوريءَ جو سينگار بڻايو ويو هو. چوندا آهن ته ايمپريس مارڪيٽ ٺهڻ کانپوءِ ان جي چوطرف ڳاڙها گل هوا ۾ جهومندا هئا. انگريز سرڪار شهيدن جي وهندڙ رت کي لڪائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر شهيدن جي رت جي لالاڻ انهن گلن ۾ شامل ٿي اسان کي ياد ڏيارڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. پر اسان بي حس قوم جا فرد آهيون، انهن شهيدن جي يادگار ٺاهڻ ته پري پر اسان انهن کي سري کان وساري ڇڏيو جن سامراجين خلاف جدوجهد ڪئي. اچو ته ڪڏهن ايمپريس مارڪيٽ هلي ان جي ڪنڊ ڪنڊ تي ڳاڙهن گلن جو گلدستو رکي انهن شهيدن کي ياد ڪريون. جيڪي تاريخ آهن، جن تاريخ جو رخ موڙيو، جيڪي اڻ ڄاتل راهن ۽ اڻ ڏٺل منزل جي ڳولا ۾ ماريا ويا ۽ جن جي قرباني جي نتيجي ۾ انگريزن مقامي ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ اڻ ڳڻيا ڪم ڪرايا ته جيئن ماڻهو بغاوت لاءِ نه اٿي پون پر ڪيستائين......؟

 

ڪراچيءَ ۾ پورهيو ڪندڙ عورتون

قديم پٿر واري دور ۾ عورتن ۽ مردن جي وچ ۾ ڪو فرق نه هو. ٻئي گڏجي شڪار ڪندا هئا. پٿرن جا اوزار گڏجي ٺاهيندا هئا. عورت مردن سان گڏجي محنت به ڪندي هئي، کاڌي لاءِ جيڪو جتي مليو گڏجي کائيندا هئا. انساني تاريخ جي شروعاتي دور  ۾ مرد ۽ عورت ۾ فرق نه هو. قديم مصري تهذيب ۾ عورتون مندر ۾ اهم عهدن تي مقرر هيون اهو فرق پوءِ ڪنجي واري دور ۾ مختلف تهذيبن ۾ پيدا ٿيڻ سان شروع ٿيو. يونان ۾ 750 کان 500 ق.م عورتن جي مقام ۾ گهٽتائي ايندي ويئي ۽ ڇوڪريءَ جو ڄمڻ شرم جو باعث بڻجڻ لڳو.

رومي تهذيب ۾ گهر جي ڪم ڪار جو ذمو عورت جي حوالي هو. سماج ۾ عورت جي باري ۾ اهو تصور عام ٿيندو ويو ته ان کي هڪ حڪم مڃڻ واري ۽ محبت ڪرڻ واري گهرواري ٿيڻ گهرجي.

اسان وٽ نياڻي نماڻيءَ کي ستن قرآنن جو خطاب ڏنو وڃي ٿو. اسان قرآن کي ته ستن پوشن ۾ ويڙهي احترام سان رکندا آهيون پر جنهن نياڻيءَ کي ستن قرآنن جو خطاب ڏنو وڃي ٿو ان سان جيڪو ڪجهه هن معاشري ۾ ڪريون ٿا ان تي اکيون شرم کان  جهڪيو وڃن. اسان ايڪويهين صديءَ ڏانهن وڌي رهيا آهيون، پر عورت سان اسان جو سلوڪ وحشي دور کان به بدتر آهي. هن کي پنهنجي برابري جي لائق ته ڇا پر پير جي جتي سمجهيو آهي. عورت کي ڄمندي ئي سماجي ريتن ۽ رسمن جي شڪار گاهه تي قربان ڪري ڇڏيندا آهيون. هن جديد دور ۾ به پيرن جي حويلين، وڏيرن جي ڪوٽن ۽ جاگيردارن جي خانگي جيلن ۾ عورت سان جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو اهو اسان جي قوم تي بدنما داغ آهي

تعليم ته پري جي ڳالهه آهي. اسان هن معاشري ۾ عورت کي صحيح جاءِ ڏيئي نه سگهيا آهيون اسان هن سان ڍورن وارو سلوڪ رکندا آهيون. ناول Good Earth جي ان همراهه وانگر جيڪو ڏڪار وقت جڏهن ڍڳي وڪڻڻ مهل دل هڻندو آهي ته ڇا ڪري ۽ ڇا نه ڪري، پر جڏهن ٻارن کي بک وگهي مرندو ڏسي ٿو ته ان وقت فيصلو ڪري ٿو ته ڍڳي وڪڻڻ بدران ڇو نه زال کي وڪڻي اچي، ڇو ته ڍڳي پوءِ به کير ڏئي ٿي. اهو حشر هتي سنڌ ۾ به اسان عورت سان روا رکندا اچون.

ويدن جي شروعاتي دور ۾ آريا سماج ۾ عورت کي ڪنهن حد تائين آزادي هئي. بعد ۾ آهستي آهستي آريا سماج ۾ به عورتن جي معاملي ۾ تبديلي آئي ۽ ان جو رتبو گهٽجي جانورن جي برابر ٿيو. اها گناهه گار ۽ ناپاڪ بنائي ويئي ۽ اهڙي طرح ستي جو رواج پيو. ستي جو رواج خيال آهي ته 316 ق.م ۾ پيو، جنهن ۾ مڙس جي مرڻ جي صورت ۾ عورت کي به ان سان گڏ باهه ۾ جيئري سڙڻو پوندو هو. مرد لاءِ اهو رواج نه هو. انگريز دور ۾ ان رسم تي پابندي لڳائي ويئي، پر هندستان، جي گهڻن پٺتي پيل علائقن ۾ اها رسم اڄ به موجود آهي.

1857ع ۾ ملير ۾ مالوند ماڻهن جو هڪ منظر عورتون مردن سان گڏ محنت ڪندي

 

مرد جي مقابلي ۾ عورت جو فطرت سان گهرو رشتو آهي ڇاڪاڻ ته عورت Resource واري فطرت جي نظام سان لاڳاپيل آهي. ٻار کي جنم ڏيڻ، انهيءَ کي کير پيارڻ ۽ ٻار جي پالنا ڪرڻ فطرت جي نظام جا حصا آهن. انهن جو وسيلو Resource عورت آهي. پراڻين تهذيبن جي اڀياس مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته زراعت جي شروعات عورت کان ٿي آهي. اهو عمل به فطرت جي ويجهو آهي. اسان جي سماج ۾ ٻار پيدا ڪرڻ واري عمل کي ائين ڏٺو وڃي ٿو ته عورت ٻار کي جنم ڏيئي فقط گهراڻي ۾ هڪ فرد جو واڌارو ڪري ٿي پر ائين ڪونهي فقط هڪ گهراڻي ۾ هڪ فرد جو واڌارو نٿو ٿئي پر انهيءَ سان انساني وسيلن ۾ واڌارو به ٿئي ٿو. جنهن تي پوري نظام جي ترقيءَ جو دارومدار آهي. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انساني وسيلن کي Main Power جو نالو ڏيئي انهيءَ مان هڪ ته عورت جو حصو ڪڍيو وڃي ٿو ٻئي پاسي انساني وسيلن کي وڌائڻ واري انهيءَ رشتي کي اها اهميت نٿي ڏني وڃي، جيڏي انهيءَ جي پيدا ڪيل وسيلي کي ڏني ٿي وڃي. انهن سڀني ڳالهين ان سماج کي Male Dominate سماج بڻائي ڇڏيو آهي.

عمرانيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته زراعت عورتن جي ايجاد آهي. زرعي معاشري ۾ زمين جي اهميت هئي، جيئن عورت ٻار پيدا ڪري فطرت جي نظام ۾ واڌارو ڪري ٿي، ائين زمين به پوک ڏيئي انساني جياپي جو سبب بڻجي ٿي ۽ ان لاءِ زمين کي ڌرتي ماءُ جو نالو ڏنو ويو. پراڻن زمانن ۾ عورتن کي خوش ڪرڻ لاءِ دعائون گهريون وينديون هيون، پراڻن غارن ۾ عورتن جون مورتيون مليون آهن. انهن مورتين ۾ عورت زمين جي ديوي جي اهڃاڻ طور ڏيکاريو ويو آهي. مال مويشي پالڻ جو فن به عورتن جي ايجاد ۾ شامل آهي. فن جي انهن ايجادن سفري زندگي طئه ڪرڻ وارن قبيلن جي پيرن ۾ زنجير وڌا ۽ خانه بدوشي جي زندگي کي الله واهي چئي پنهنجي کيٽن ويجهو رهڻ تي مجبور ٿيا ۽ ائين ڳوٺ جو بنياد پيو. قديم عهد جا جيڪي به ڳوٺ ظاهر ٿيا آهن انهن ۾ عراق جا ڳوٺ سڀ کان پراڻا آهن. عورت بني نوع انسان تي ايڏو وڏو ٿورو ڪيو جو مردن کي وحشي زندگي مان ترقي واري زندگي ڏانهن وٺي اچڻ جو ٿورو به عورت جو ئي آهي. عراق جي علائقي ۾ انساني ارتقاءَ جي ٽين منزل جرمو ڳوٺ نالي کوٽائي ۾ ظاهر ٿيو آهي ان ۾ ٻين شين کانسواءِ ڳوهاري عورت جون مورتيون به مليون آهن. جنهن کي ڌرتي ماتا ڪري پوڄيو ويندو هو ڇو ته انهن جي خيال ۾ عورت بنو نوع انسان جي واڌاري جو وسيلو آهي. هي قديم دور جي انسانن جي ڳالهه آهي پر ان ترقي واري دور جو مرد عورت سان وحشي دور کان به بدتر سلوڪ روا رکيو اچي ٿو. ڪاروڪاري، ستي ۽ قرآن سان حق بخشرائڻ جهڙيون واهيات رسمون به هن دور ۾ موجود آهن.

تاريخ ۾ به عورت کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. تاريخ ۾ اسان کي فقط مردن جو ذڪر ملي ٿو. هي حقيقت آهي ته تاريخ جي عمل ۾ عورتون وڌيڪ حصو وٺن ٿيون. ان کي تاريخ مان ان ڪري غائب ڪيو ويو جو هن جي ڪم کي ڪا اهميت نه ڏني ويئي، اُها جيڪا لڳاتار ڪم ڪري ٿي، کيٽن ۾، ملن ۾ مزدوري ڪري ٿي، گهر جو ڪم ۽ گهر ۾ ٻارن کي پالڻ انهن جي نپائڻ جو ڪم به عورت ڪري ٿي ۽ جيڪڏهن عورت اهي سڀ ڪم نه ڪري ته پوءِ هي معاشري ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي وڃي ۽ انساني تاريخ ڪڏهن به نه جڙي سگهي ها. تنهن ڪري تاريخ مردن جي نه آهي ۽ ان ۾ به عورتون شامل آهن جنهن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي.

جيئن ته منهنجي موضوع جو تعلق ڪراچي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ عورتن جي پورهئي سان آهي. ان ڪري هتي هن وقت هن ڏيهان ڏيهي شهر ڪراچي ۾ عورت جي حيثيت تي ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. شهرن ۾ عورت جي حيثيت اسان وٽ اها ئي آهي جيڪا سنڌ جي ڪنهن پٺتي پيل علائقي جي عورت سان آهي. ڳوٺن ۽ ڪچين آبادين ۾ رهندڙ اڌ آبادي (عورت) 16 ڪلاڪ مسلسل ڪم ڪرڻ جي باوجود غلاماڻي زندگي گذاري رهي آهي. تعليم سميت زندگيءَ جي هر نعمت کان خالي، جيڪڏهن خوشي ڏسندي آهي ته فقط ڳوٺ ۾ ڪنهن شادي جي موقعي تي ۽ بس.

ساحلي علائقي ريڙهي مياڻ ۾ پورهيو ڪندڙ عورتون

 

دنيا جي هڪ ارب کان وڌيڪ غريب ماڻهن ۾ گهڻائي عورتن جي آهي. ڳوٺاڻيون عورتون غربت جو شڪار وڌيڪ آهن. اهي پنهنجي مرضي جي زندگي نٿيون گذاري سگهن انهن کي فيصلي ڪرڻ واري عمل کان پري رکيو وڃي ٿو. عورتون صنفي متڀيد جون شڪار آهن انهن کي گهٽ اجورو ڏنو وڃي ٿو، جنهن ڪري به انهن لاءِ ترقي جا موقعا گهٽ آهن.

ڪراچي ۾ پورهيو ڪندڙ عورتن کي اسان چئن حصن ۾ ورهائينداسين. پهرين اهي جيڪي شهرن ۾ رهن ٿيون. انهن مان اڪثر مزدوري ڪنديون آهن. هتي انهن کي مردن جي مقابلي ۾ اڌ کان به گهٽ اجورو ملي ٿو. ڪم جيترا ڪلاڪ مرد ڪري ٿو اوترائي ڪلاڪ هڪ عورت ڪري ٿي. ان کانسواءِ وڏن بنگلن ۾ ٿانوَ صاف ڪرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ صفائي ڪرڻ لاءِ به شهر ۾ رهندڙ ڳوٺن ۽ ڪچين آبادين جون عورتون وينديون آهن. جتي گهر جي ڀاتيءَ جي حساب سان 15 کان 20 روپيا روز مزدوري ڏني ويندي آهي. بيمار ٿيڻ، شادي غمي تي وڃڻ، مڙس يا ٻار جي بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ نه اچڻ ڪري ڏيهاڙي نه ملندي آهي. هاڻي بنگالي عورتن جي اچڻ ڪري روزگار جو اهو وسيلو به ختم ٿي رهيو آهي.

ٻئي حصي ۾ سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ عورتون اچي وڃن ٿيون جتي گهڻو ڪم سانا (جهينگا) صاف ڪرڻ، گند جي چونڊائيءَ جهڙو ڏکيو پورهيو عورت جي حوالي آهي. هتي هڪ ٽوڪري جي صفائيءَ تي 35 روپيا مزدوري ڏني وڃي ٿي. هڪ ٽوڪريءَ جي صفائيءَ ۾ ٻه کان ٽي ڪلاڪ لڳي ويندا آهن. هڪ ٽوڪريءَ ۾ ٽي ڪلو سانا صاف ٿي ويندا آهن. هي ڪم ايترو ڏکيو آهي جو ڏهن ٽوڪرين جي مسلسل صفائي ڪرڻ سان عورت جي هٿن جون آڱريون سن ٿي وينديون آهن. سانن جي گرمائش ڪري مسلسل صفائي سان آڱرين جي ننهن ۾ بيماريون پيدا ٿي وينديون آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن مسلسل ڪم ڪرڻ ڪري ننهن نڪري به ويندا آهن. اهو ڪم مردن جي وس کان ٻاهر آهي. اهڙي ڏکئي ڪم جو اسان عورت کي ڪو به مناسب اجورو نه ڏيندا آهيون.

ڪراچي ۾ ٽئين حصي ۾ اهي عورتون اچن ٿيون جيڪي ٻنيءَ تي ڪم ڪن ٿيون. عورتون ٻني تي مردن سان گڏ اوترائي ڪلاڪ ڪم ڪنديون آهن پر هنن کي مزدوري گهٽ ملندي آهي. مردن کي 150 کان 200 روپيا روز ڏنا ويندا آهن جڏهن ته هن جي ڀيٽ ۾ هڪ عورت کي فقط 50 کان 70 روپيا ملندا آهن. جن جون پنهنجيون ٻنيون آهن يا انهن جا مرد ڪٿي هارپو ڪندا آهن ته انهن گهرن جون عورتون اهو ڪم مفت ۾ بنا ڪنهن اجوري جي ڪنديون آهن. مزدوريءَ کانپوءِ پنهنجي گهر جي ٻڪري يا ڍڳي لاءِ گاهه ڪرڻ جو ذمو به انهيءَ عورت تي هوندو آهي.

پر مسلسل بارشن جي گهٽتائي، ٻهراڙين جي ندين مان ريتي بجري کڻڻ ۽ شهر جي وڌڻ ڪري هتان زراعت ختم ٿي رهي آهي هاڻي فقط 25% سيڪڙو زمين آباد ٿئي ٿي، جنهن جي ڪري مردن ته شهرن جو رخ ڪيو پر عورتون جيڪي ٻني ٻارو ڪنديون هيون، ٻني ۾ مزدوري ڪري پيٽ پالينديون هيون، ٻنين ۾ چارو ڪري پنهنجي مال کي ڏينديون هيون اهو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. جنهن جي ڪري هتان جي عورت سخت ذهني مونجهاري جو شڪار آهي جنهن جا اثر اسان جي معاشري تي پئجي رهيا آهن.

چوٿين حصي ۾ ڪراچيءَ جي ڪوهستان واري علائقي جون عورتون اچي وڃن ٿيون. جيڪي زندگيءَ جي هر نعمت، هر خوشيءَ کان محروم آهن. ڪوهستان ۾ معاش جو وسيلو مال ڌارڻ تي آهي ان ڪري هتان جون عورتون پنهنجي گهر جو مال چارينديون آهن. برسات جي موسم ۾ جڏهن کيٽ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندا آهن ته انهن جي سڪڻ کانپوءِ آڏ (وٽ) تي ٻني ٻارو ڪيو ويندو آهي. عورت مرد سان گڏوگڏ انهيءَ ڪم ۾ رڌل هوندي آهي. ڪوهستان ۾ گهڻو ڪري مال پنهنجو هوندو آهي ۽ ٻني به پنهنجي هوندي آهي انهيءَ ڪري هتان جي عورت بنا ڪنهن اجوري جي اهو ڪم سرانجام ڏيندي آهي پئسو ڏسڻ شايد ئي انهن کي نصيب ٿئي. ڪراچي ۾ رهندڙ انهن چئني حصن جون عورتون مسلسل 16 ڪلاڪ ڪم ڪنديون آهن. صبح جو پنجين وڳي اُٿي، کير هوندو آهي ته ان جو ولوڙي، رڌ پچاءُ ڪري ٻارن ۽ مڙس کي کارائڻ کانپوءِ ٻارن کي اسڪول لاءِ تيار ڪري موڪلڻ، ٿانون جي صفائي، گهر جي صفائي، ان کانپوءِ پاڻي ڀرڻ، شهرن ۾ انهن کي ويجهو قائم ڳوٺن ۾ نل ته لڳل هوندا آهن پر پوءِ پاڻي اچڻ جي انتظار ۾ قطار ۾ بيهڻو پوي ٿو پاڻي اچي يا نه اچي اهو اوسيئڙو قيامت کان گهٽ نه آهي. جتي روز جا عورتن جا جهيڙا معمول جو حصو بڻجي ويا آهن. زرعي علائقي جي عورت پهرئين کوهه تان پاڻي ڀرڻ ويندي آهي، ڪوهستان جي عورت هڪ کان ٽن ڪلوميٽرن تائين پاڻي ڀرڻ ويندي آهي. جيڪڏهن کوهه آهي ته رسو ڇڪي پاڻي ڪڍڻ جو ڪم به عورت کي ئي ڪرڻو پوندو آهي. انهن سڀني ڪمن کان واندي ٿي غريب عورت کي مزدوريءَ لاءِ به وڃڻو پوندو آهي. 12 وڳي کان 2 وڳي تائين ٻنيءَ ۾ وقفو ٿيندو آهي ته مرد اچي کٽ تي آرامي ٿيندو آهي.

ڪوهستان ڪراچي ۾ گڏهه تي پاڻي ڀريندي محنت ڪش عورتون

 

پر اها عورت جيڪا هن سان گڏ ٻنيءَ ۾ ڪم تي به هوندي آهي ماني پچائڻ ۾ لڳي ويندي آهي. شام جو ڇهين يا ستين وڳي ڪم تان لهڻ کانپوءِ مرد هوٽلن جو رخ ڪندا آهن جتي تاش راند ۾ مشغول ٿي ويندا آهن. پر ويچاري عورت گهر ۾ ٻڌل ٻڪريءَ يا ڍڳي لاءِ گاهه ڪرڻ کانپوءِ پاڻي ڀرڻ ۽ رات جي ماني پچائڻ ۾ مصروف ٿي ويندي آهي. ٻارن کي سمهارڻ کانپوءِ رات جو 9 وڳي مس وڃي بستري تي آرامي ٿيندي آهي. جيڪڏهن گهر ۾ ڪو بيمار آهي ته پوءِ آرام وري  ڪٿي، هن جي تيمارداريءَ ۾ لڳي ويندي آهي. رات جي انهن ڪلاڪن ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي ڪپڙن سبڻ جو ڪم به هن کي ڪرڻو پوندو آهي.

ان کانسواءِ ٻارن جي بيماريءَ جي صورت ۾ انهن کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃڻ به عورت جي ذمي آهي. ڪوهستان واري علائقي ۾ ڊسپينسري يا ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري بيمار ٻار کي يا ڪمپائونڊر تائين پهچائڻو پوندو آهي. جيڪڏهن ڪمپائونڊر تائين نه پهچي سگهبو ته اهو پنڌ وري ٻئي ڏينهن به هن کي عورت ئي ڪرڻو آهي. اهو پنڌ ڪنهن به طرح پنجن کان ڏهن ڪلوميٽرن کان گهٽ نه آهي نه ته پير جي پڙهيل پاڻي يا ڦڪيءَ تي گذارو ڪرڻو پوي ٿو.

ڪراچي جي ساحلي علائقن جي ڳوٺن ۾ زرعي علائقي ۽ ڪوهستان جي عورتن جو ڪجهه حصو سئيءَ جو پورهيو به ڪري پنهنجو گذر بسر ڪري ٿو. جنهن ۾ ٻين گهرن جي ڪپڙن جي سلائيءَ کان سواءِ بهترين رليون ٺاهڻ، گج ڀرڻ، ڪپڙن تي ستارن ۽ زريءَ جو ڪم، موتين جو پوچ، وهاڻن تي ڀرت، اڳٺ ٺاهڻ ۽ ان کان سواءِ ٻهارا، ٽوڪرا ۽ ڇٿر به ٺاهين ٿيون. ايترو سارو ڪم ڪرڻ جي باوجود انهن کي ان جو ايترو اجورو نٿو ملي جيڪو انهن کي ملڻ گهرجي، هن ڪم جي حوصله افزائي نه هئڻ ڪري اهو فقط هاڻي ڳوٺن تائين محدود ٿي ويو آهي. ٻهراڙيءَ ۾ لاتعداد انڊسٽريل هوم مختلف ادارن پاران قائم ڪيا ويا آهن پر انهن مان اڪثر بند آهن. ڪوهستان واري علائقن ۾ بهترين گج تيار ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح ملير ۽ درساڻي ڇني واري علائقي ۾ بلوچي لباس تي خوبصورت ڀرت جو ڪم ڪيو ويندو آهي. ڀرت کانسواءِ زريءَ جو ڪم ۽ ڪاوا لڳايا ويندا آهن. هن لباس تي چئن کان پنج سئو خرچ ايندو آهي ۽ اهي شهر ۾ پنجويهين سون کان پنجن هزارن تائين وڪرو ٿئي ٿو پر سرپرستي نه هئڻ ڪري اهو هنر به صرف ڳوٺن تائين محدود آهي. ڳوٺاڻيون عورتون شهرن کان اڻ واقف آهن تنهنڪري اهي شيون فقط پاڙي يا ڀر وارن ڳوٺن لاءِ آرڊر تي تيار ڪيون وينديون آهن. ان تي 15 ڏينهن کان پورو مهينو به لڳي ويندو آهي ۽ مشڪل سان ٻن سئون کان ٽي سئو روپيا ٺاهڻ واريءَ کي نصيب ٿيندا آهن.

رليون سبڻ:

سنڌ جي رلي مشهور آهي، پوري سنڌ وانگر ڪراچيءَ جي ٻهراڙيءَ ۾ به عورتون رليون سبنديون آهن جيڪي پنهنجي خوبصورتيءَ جي ڪري مشهور آهن. رلي جا ٽي ڀاڱا ٿين. هڪڙو تر هيٺيون حصو، ٻيو ليهه وچون حصو، ٽيون مٿيون حصو. جنهن ۾ رنگارنگي ڪپڙن ۽ ٽڪرن جا نقش نگار هوندا آهن. اهڙي طرح هر ڊزائن جو پنهنجو الڳ نالو هوندو آهي جهڙوڪ چنڊ تارو، ٻاري، اُٺ لهر، هندورو، چانڊوڪي، ڏينهن رات، نٿ، کجي، ڪانُ پيرو وغيره نالا ڏنا ويندا آهن. انهن رلين تي 100 کان 2500 سئو روپيا خرچ ايندو آهي. ٻين هنرن وانگر هي هنر به مارڪيٽ نه هئڻ ڪري فقط ٻهراڙيءَ تائين محدود آهي ۽ عورتون رلي سبڻ کانپوءِ مٿي تي کڻي پنڌ ڪري ڳوٺ ڳوٺ وڪڻڻ لاءِ وينديون آهن جتي خود گهرن ۾ رليون وغيره ٺاهڻ ڪري صحيح اجورو نه ملندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن شهر مان آيل عورتون اهي رليون فيشن طور تي وٺي وينديون آهن پر اُهي به محنت جو قدر نه ڪنديون آهن.

موتيءَ جو ڪم:

 هتي عام طور هن کي مڻئي جو ڪم به چون ٿا. ڪراچيءَ جي ڳوٺن ۾ موتين (مڻين) جي پوچ جو ڪم ٿئي ٿو جنهن مان موتين جا هار، جن ۾ لونگ، سوپاريون، رنگ برنگي موتين سان پوئي ٺاهينديون آهن. ان جو هتي مخصوص نالو ”ڪنڊلو“ آهي. خاص طور تي شادين تي ڪنوار يا هن جي ساهيڙين کي سوکڙي طور پيش ڪيو ويندو آهي. هنن موتين مان منڊيون، ڇلا، اڳٺ جي ڇيڙن ۽ سڳين تي به مڻين جو ڪم ڪري تن جي خوبصورتي ۾ واڌارو ڪيو ويندو آهي. موتين (مڻين) جا رنگا رنگ لاڪيٽ به تيار ڪيا ويندا آهن. ان کانسواءِ ٻارن جي رانديڪن تي به موتين جو ڪم ٿئي ٿو.

ڪوهستان واري حصي ۾ کجيءَ جهڙو ٻوٽو ٿيندو آهي جنهن کي هتي فيش چيو ويندو آهي. هن جو قد تمام ننڍو هوندو آهي. هي پاڻهي قدرتي طور تي جبلن ۾ ٿئي ٿو. هن جي پنن کي سڄي رات پاڻيءَ ۾ رکيو ويندو آهي. نرم ٿيڻ کانپوءِ انهن کي ڪٽي سٽي ان مان ڇٿر، تڏا، ٻهارا، رسا جوڙيا ويندا آهن. ٻهراڙيءَ ۾ عورتون کاريون، ڇليون ۽ نکون به ٺاهن ٿيون. ٻڪرين ۽ رڍن جي ڏاس مان به رسا جوڙين. رسن کانسواءِ ان مان بهترين قالين ۽ ڪمبل به تيار ڪيا وڃن ٿا. اهي عورتون سڄو سڄو ڏينهن محنت ڪري اهي خوبصورت شيون جوڙين ٿيون، مارڪيٽ نه هئڻ ڪري اهي عورتون اهي شيون مٿي تي رکي ڳوٺ ڳوٺ پنڌ ڪري وڪري لاءِ وينديون آهن ۽ پوءِ جيڪو ٿورو گهڻو پئسو ملي ان مان پيٽ گذران ڪن ٿيون.

اسان جي ٻهراڙيءَ ۾ ٿيندڙ هٿ جو پورهيو اسان جي زندگيءَ جو حصو آهي. اسان جي هن تهذيب ۽ ثقافت جون جڙون جيتريون مضبوط هونديون اسان جي زندگي ۽ جياپو به اوترو سگهارو رهندو. اسان تاريخ جي جنهن پلصراط تان گذري رهيا آهيون ان کان اک پورڻ يا ڪن لاٽار ڪرڻ ٿي نٿو سگهي. حڪومتي ادارن جون ٽيڏيون اکيون اسان جي ثقافتي ۽ تهذيبي اهڃاڻن کي جنهن نموني گهوري رهيون آهن انهن کي اسان چڱي طرح پرکيو آهي. اهي سڀ مسئلا سنڌ جي هڪ اڱڻ کان ٻئي تائين ڦهليل آهن، هي اسان سڀني سماجي ادارن، سنڌ جي گهڻ گهرن، تاريخ جي هن پلصراط تان گذرندڙ ڌرين مان ڪي اميدون رکن ٿيون. هاڻ اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته ڪيئن اسان پنهنجي اُڊڙيل من کي ٽوپو ڏيئي پنهنجي پوکيل پيرن کي مضبوط ڪريون ٿا. جيئن پنهنجي ڌرتي، ڌرتيءَ ۾ پوريل ڌن، ڌرتيءَ تي نسرندڙ کيٽن ۽ پنهنجي سلن جو تحفظ ڪري پنهنجي ثقافتي قدرن کي اجاگر ڪري دنيا آڏو پاڻ ڳڻائي سگهون. اچو ته عورتن تي ٿيندڙ هن ظلم خلاف هڪ ٿيون. هن کي هن جي پورهئي جو حق ڏياريون، هن جي هٿ هنر لاءِ مارڪيٽ ٺاهيون ۽ هن ثقافت کي تباهه ٿيڻ کان بچايون. جيڪڏهن اسان عورتن جي انهيءَ هٿ جي هنر جي حوصله افزائي ڪئي ۽ هن کي صحيح اجورو مليو ته هن کي ڪجهه آٿت ملندي. سڀ کان اهم ڳالهه تعليم آهي. اڳين زماني جي هن چوڻي کي ته ”عورت کي پڙهائڻ ائين آهي جيئن نانگ کي وڌيڪ زهريلو بنائڻ“. اها چوڻي اسان کي غلط ثابت ڪرڻي آهي. اهو سڀ ڪجهه تعليم نه هئڻ ڪري آهي. تعليم هئڻ ڪري هو پنهنجي صحيح ۽ غلط کي پاڻ سمجهي سگهي ٿي. رسم ۽ رواج جي ٻڌڻن، ننڍپڻ جون شاديون، اسڪولن جي گهٽتائي، نظام تعليم واري سرشتي ۾ عورتن جي روايتي ڪردار جهڙيون رڪاوٽون به عورتن جي تعليم جي رستي ۾ رنڊڪ آهن. هڪ عورت کي تعليم ڏيڻ معنيٰ هڪ خاندان کي تعليم ڏيڻ جي برابر آهي.

 

آڻي اُتر واءُ موکيءَ مَٽَ اُپٽيا

 

هن وقت آئون نارا ٿر جبل جي الهندي چوٽيءَ تي هڪ وڏي پٿر تي ويٺو آهيان. هيٺ اُتر پاسي غلام محمد جوکيو ۽ ٻيا ڳوٺ نظر اچي رهيا آهن. اوڀر پاسي ناراٿر جي هڪ چوٽي جي اوٽ ۾ گاجان بلوچ ڳوٺ، نارا ٿر لڳ سهراب فقير ڳوٺ ۽ خميسي ڳوٺ ۾ زندگي روان دوان آهي. ڏور ٽڪريءَ تي عثمان شاهه جي درگاهه تي ڳاڙها، پيلا جهنڊا ڦڙڪي رهيا آهن. ان سان لڳ گڏاپ روڊ تي وقفي وقفي سان ڪا ٽريفڪ نظر اچي رهي آهي. برسات ڪري کوهن ۾ پاڻي اچڻ سان ساوڪ ٿي آهي. آئون جنهن پٿر تي ويٺو آهيان. ان تاريخ جا ڪيئي دور ڏٺا هوندا. نارا ٿر جي ڪنهن ڪناري سيوهاڻي ۽ گهاري واري واٽ تان هزارين قافلا گذريا هوندا. انهن رستن جا نشان هاڻي هتي نه آهن. پڪي رستي جي ڪري هن پراڻي رستن جا نشان مٽجي ويا آهن پر هتان ڪجهه ڪلوميٽر پري اتر پاسي ڪوهستان ويندڙ پيچري کي اڄ به سيوهاڻي رستو ۽ گهاري واري رستي کي سسئيءَ جي واٽ چيو وڃي ٿو.

جنهن پٿر تي آئون ويٺو آهيان، اڄ کان ساڍا پنج سئو سال اڳ ڪنهن اهڙي شام جو، ان تي ڪو اداس ماڻهو ڪنڌ جهڪائي ويٺو هوندو ۽ ان جي سامهون هڪ نه پر ڇهه جنازا رکيل هوندا. انهيءَ دل ڏاريندڙ لمحي، هن الائي ڇا سوچيو هوندو؟ ڪاش اهو اڳ سمجهڻ منهنجي وس ۾ هجي. اهي ڇهه لاش ڪنهن جا هئا؟ اهي ماڻهو ڪير هئا؟  تاريخ جا ورق خاموش آهن. سوين ماڻهن اتر جي سرد ۽ خشڪ هوائن ۾ انهن کي دفن ڪيو هوندو. ماڻهو اڄ انهن کي متارن جي نالي سان ياد ٿا ڪن، جيڪي موکيءَ جي مڌ جا پياسي هئا. تاريخ جي هن ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ سفر کانپوءِ مون اکيون کوليون، هن وقت منهنجي سامهون ڇهه قبرون آهن جيڪي چوکنڊي/چوڪنڊي طرز اڏاوت جي اوائلي دور جي نموني تي ٺهيل آهن. انهن تي ڪا چٽسالي نه آهي صرف ڪجهه نشان ٺاهيا ويا آهن. اهڙي اڏاوت کي گهاڙي به چون ٿا، جنهن مان مراد آهي گهڙيل.هن طرز جون قبرون مڪران جي ساحل کان وٺي ميرپور ساڪري تائين موجود آهن. ڪٿي انهن کي روميو به چون، گهڻو ڪري اهي جوکين، ڪلمتين ۽ برفت قبيلن جي ماڻهن جون قبرون آهن. متارن جون قبرون به گهاڙي آهن.

ڪجهه سال اڳ متارن جي قبرن جي چار ديواري موجود هئي، جنهن جي چار ديواريءَ لاءِ وڏن وڏن پٿرن کي گهڙي هڪ ٻئي سان ائين ملايو ويو جو انهن کي پلستر جي ضرورت نه هئي. صدين گذرڻ کانپوءِ به اهي ائين سلامت هئا. انهن پٿرن جو وزن ايترو آهي جو هن وقت چار نوجوان مشڪل سان انهن کي کڻي سگهندا. هتي هڪ پٿر کي پيالي جي شڪل وانگر ڪوري پيالو ٺاهيو ويو آهي. جيڪي مرد جنگ ۾ ختم ٿيا انهن جي قبرن تي تلوار ۽ جنگي اوزن جا نشان آهن. عورتن جي قبرن تي مختلف زيور اڪريل آهن. شايد انهن مڌ جي پياسين جي قبرن تي ٻين نشانن جي بجاءِ پيالو ٺاهيو ويو آهي پر هاڻي اهو پيالو ٽٽي چڪو آهي، چوديواريءَ جا پٿر به هر پاسي ٽڙيل پکڙيل هئا. ڪجهه وقت اڳ موالين هتي پنهنجو آستانو جوڙيو هو، ان چار ديواري جا پٿر جيڪي هڪ ٻئي سان مضبوطيءَ سان جڪڙيل هئا، ٽوڙي هيٺ ڪيرائي ڇڏيا هئا. اهڙي طرح چوديواري کي ختم ڪيو ويو. چوديواري اندر ڇهه قبرون آهن  جن تي نالا لکيل آهن اُهي هن ريت آهن.

نارا ٿر جي چوٽي تي گهاڙي قبرون جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي متارن جون آهن. ننڍي تصوير ۾ اڪريل نالو ”حالار حاجي“ جيڪو هڪ قبر تي لکيل آهي


 هڪ لائين ۾ پنج قبرون آهن جن ۾ اولهه کان پهرين قبر تي گول دائرو آهي. ان کانپوءِ سڌي لائين ۾ چوڪڙين جا نشان آهن. ۽ آخر ۾ سورنهن گول سوراخ، جيڪي اٺن اٺن جي لائينن ۾ آهن، وچ ۾ اڀريل نالو آهي حالار حاجي، اولهه کان ٻئي نمبر قبر تي اسحاق حاجي، ٽئين نمبر تي اسحاق اسماعيل، ان تي اسحاق صاف ظاهر نه آهي. اهو اسحاق يا  اسحبق اسماعيل آهي، چوٿين قبر ٽٽل آهي جنهن تي نالو نظر نٿو اچي. انهيءَ لائين ۾ پنجين قبر تي آدم روستم لکيل آهي. ان کانسواءِ چوديواري کان ٻاهر اولهه پاسي هڪ قبر، اتر پاسي هڪ قبر ۽ اوڀر پاسي ٽي قبرون آهن، اهڙي طرح چوڪنڊي طرز تي ٺهيل چوديواري اندر ڇهه قبرون ۽ ٻاهر پنج گهاڙي قبرون آهن، جيڪي ٽوٽل يارنهن آهن. چوديواري کان ٻاهر جيڪي قبرون آهن، انهن تي ڪو نالو لکيل ڪونهي. ان کانسواءِ انهن قبرن جي آس پاس انهيءَ ٽڪريءَ تي 20 ٻيون قبرون آهن، انهن تي صرف ننڍا ننڍا پٿر رکيل آهن، جيئن عام قبرون هونديون آهن. ان ٽڪريءَ کان هيٺ اڌ فرلانگ اولهه پاسي عام قسم جون 35 قبرون آهن انهن سڀني تي ڪو نشان ڪونهي.

نارا ٿر جبل جي چوٽي جتي متارن جون قبرون آهن اولهه پاسي کان نارا ٿر جي پهرئين چوٽي آهي ان چوٽي کان نارا ٿر جي مٿئين سطح تي چڙهڻ لاءِ اڃا به مٿي وڃبو ته اتي 12 فٽ ڊگهي هڪ قبر آهي. اها قبر ڪنهن جي آهي ان جي ڪا خبر ڪانهي. هيءَ قبر به عام قبرن وانگر آهي. البت هن تي عقيدت مندن پاران پڙ به چڙهيل هئا.

متارن جي قبرن تي لکيل نالن مان خبر پئي ٿي ته اهي يا ته هڪ ئي خاندان جون قبرون آهن ۽ انهن مان ٽي ڀائر آهن. جيڪي حاجي جا پٽ آهن يا حاجي انهن جو تخلص آهي يا اهي ذات جا حاجي آهن. انهن مان هڪ قبر تي حالار حاجي اڀريل لکڻي آهي. باقي نالا پٿر کي کوٽي تراشي لکيا ويا آهن. جيڪي لڳي ٿو گهڻو پوءِ لکيا ويا آهن، تحقيق مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته اڀريل لکڻي واري لکت اصلي آهي ۽ کوٽي نالي لکڻ جو رواج گهڻو پوءِ پيو. متارن واري قبرستان ۾ اها تحقيق طلب آهي ته فقط هڪ قبر تي اڀريل لکت سان نالو لکيل آهي ۽ ٻين پنجن قبرن تي کوٽي نالي لکڻ واري لکت آهي. جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي پنجئي قبرون بعد جون هجن.

متارن جي قبرن تي اچڻ لاءِ سپر هاءِ وي ڪراچي ٽول پلازه کان بقائي اسپتال لڳ اتر پاسي گڏاپ ڏانهن رستو نڪري ٿو. انهيءَ رستي تي الهندي پاسي ڳوٺ چنيسر جوکيو کان پوءِ اڌ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي برساتي خشڪ نئين ڪونڪر کان اڳ ۾ کاٻي هٿ تي هڪ ڪچو رستو اتر پاسي نڪري ٿو. هتان چئن ڪلوميٽرن تي نارا ٿر جبل تي پهچبو، هن جي الهندي ڇيڙي تي بٺيءَ تي متارن جون قبرون آهن. مٿي چڙهڻ لاءِ هڪ پيچرو آهي. جبل تي چڙهڻ کان اڳ هيٺ هڪ پراڻو قبرستان آهي جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو آهي. هتي درگاهه پڻ آهي ڪڏهن ڪڏهن هن تي ميلو به لڳندو آهي. نارا ٿر جي انهيءَ چوٽي تي قبرن کي ڏسي شاهه صاحب چيو آهي.

موکيءَ مٺو نه گهريا، وهه نه وهاٽيا،

سرڪيءَ ڪاڻ، سيد چئي، اُتي ٿي آٽيا،

جي ڳالهين ڳنڱاٽيا، تن جون بٺن پاسي بٺيون.

نارا ٿر پاسي جوکين جو قديمي قبرستان آهي. انهيءَ نارا ٿر جي ڪنهن ڇيڙي تي برفتن ۽ جاکرن جي جنگ لڳي، هتان جي جوکين، ڪلمتين ۽ نومڙين جاکرن جو پاسو کنيو. هن جنگ ۾ جاکرن کي شڪست ٿي.

شام ٿي رهي هئي مون کي موکي جي قبر تائين وڃڻو هو. نارا ٿر جي هن چوٽي تي متارن جي قبرن وانگر اڪيلائي ۽ اداسي هئي. آءٌ هيٺ پهتس، موکيءَ جي قبر تائين وڃڻ لاءِ هتان ڪو به سڌو رستو نه آهي. هن پيچري جا نشان به ختم ٿي چڪا هئا جنهن تان ڪڏهن متارا ۽ ٻيا مسافر گهوڙن ۽ اٺن تي چڙهي هتي ايندا هئا. هتي موکيءَ جي مئخاني ۾ ترسڻ ۽ ساهي پٽڻ کانپوءِ پنهنجي پنهنجي ماڳ هليا ويندا هئا. زماني جي تيز هوائن ۽ برساتن جي وهڪرن اهي تمام نشان مٽائي ڇڏيا آهن. تنهن ڪري هن خطي جي تاريخ محفوظ رهي نه سگهي آهي. هتي جي تاريخ مري چڪي آهي. موکيءَ جي قبر تائين وڃڻ لاءِ هتان گڏاپ کان اڱاري خاصخيلي ڳوٺ کان ڦري وڃڻو پوندو آهي. نارا ٿر جي اتر پاسي غلام محمد جوکيو ڳوٺ لڳ گڏاپ گرڊ اسٽيشن تائين 3 ڪلوميٽر رستو طئه ڪري ٻيهر گڏاپ ويندڙ رستي سان گڏاپ ڏانهن وڃڻو پوندو. غلام محمد ڳوٺ کان هڪ رستو ڊگاري کان موکي تائين ٺهي رهيو آهي. هن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ موکي جي قبر تي پهچڻ ۾ آساني ٿيندي. ديهه موکيءَ کان ڪراچي شهر ڏانهن وڃي ٿو. انهيءَ رستي تي گڏاپ کان وڃبو ته ڪراچي 13 ڪلوميٽرن جي ميل پٿر کان ٿورو پهرين اولهه پاسي هڪ بورڊ نظر ايندو جنهن تي ”درگاهه شاهه مريد“ لکيل هوندو. پڪو رستو ڏکڻ اولهه پاسي نڪري ٿو. هتان اڍائي ڪلوميٽرن تي موکيءَ جي قبر آهي. ٻيو رستو بابو پاتڻي ڳوٺ وچان موکيءَ جي قبر تائين وڃي ٿو.

موکيءَ جي قبر ڏانهن ڪراچي کان اچڻ لاءِ سهراب ڳوٺ کان حيدرآباد ايندي نئين سبزي منڊي کان اڳ 8 ڪلوميٽرن تي موکي موڙ (چاڪر هوٽل) تي هڪ رستو اتر پاسي نڪري ٿو جيڪو حسين بروهي ڳوٺ، افغان مهاجرن جي ڪئمپ نئين ٺهندڙ تائيسر ٽائون کان ٿيندو گڏاپ ۽ کار ڏانهن وڃي ٿو. انهي رستي تي سپر هاءِ وي کان ڏهن ڪلوميٽرن تي درگاهه شاهه مريد وارو بورڊ نظر ايندو. هن بورڊ جي سامهون اوڀر پاسي پڪنڪ پوائنٽ ڪوزي واٽر ٺاهي وئي آهي. هتان اولهه پاسي ڪچي رستي تان موکيءَ جي قبر تائين پهچبو. اهڙي طرح موکي جي قبر سهراب ڳوٺ کان 18 ڪلوميٽرن ۽ متارن جي قبرن کان 20 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.

ديهه موکي ۾ موکيءَ جي قبر

 

موکيءَ جي قبر کان اڳ شاهه مريد جي درگاهه آهي. درگاهه جي ڏکڻ پاسي ڪجهه مفاصلي تي موکيءَ جي قبر مٽيءَ جي دڙي تي ٻين کان ٿورو مٿي آهي. موکيءَ جي قبر سان گڏ قبرستان به آهي. جنهن نموني متارن جون قبرون گهاڙي آهن، پر هن جي ابتڙ موکي جي قبر بلڪل سادي ۽ عام قبرن وانگر بنا ڪنهن ڪتبي جي آهي. مجاور ابراهيم خاصخيلي مرحوم هن کي سيمنٽ سان پڪو ڪيو آهي. پهرئين هن کي چار ديواري ڏنل هئي، هتي فيبروري 2007ع تي جڏهن پهتس ته چار ديواري جو ڪم هلندڙ هو جيڪو هيبت خاصخيلي ڳوٺ جو حاجي خاصخيلي ڪرائي رهيو هو. حاجي چيو ته هو هن جو مجاور آهي. اها هڪ سٺي ڪوشش هئي. اسان سڀني کي حاجي جي مدد ڪرڻ گهرجي. موکيءَ جي قبر تپي سونگل ديهه موکي ڪراچي جي گڏاپ ٽائون ۾ آهي. هاڻوڪي سيٽ اپ کان اڳ اهو علائقو ڪراچي اولڊ ضلعي ۾ هو. سونگل يونين ڪائونسل پڻ آهي. ڪنهن وقت موکيءَ جي قبر جي ڀر ۾ گهاٽا وڻ هوندا هئا جن جي ڪري ماحول پراسرار هوندو هو. هتي سڪون، خاموشي ۽ اڪيلائي هوندي هئي. گهڻو ڳوليم پر نه مئي هئي ۽ نه مئخانو. آئون جڏهن به موکيءَ جي قبر تي ايندو آهيان ته لڳندو آهي ته جنم کان وٺي هتي ايندو هجان. ڪنهن دور  ۾ هتي جي خاموشيءَ ۾ ماڻهو پاڻ کي وساري ڇڏيندو. هاڻي هتي گهاٽا وڻ ختم ٿي چڪا آهن هر پاسي تائيسر ٽائون اسڪيم لاءِ ڪم ڪندڙ بلڊوزر هلي رهيا آهن. تائيسر ٽائون اسڪيم ۾ اڳ ۾ فقط ديهه تائيسر جا علائقا شامل هئا پر هاڻوڪي حڪومت ديهه موکي کي به ان اسڪيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ٻه ڀيرا سٽي گورنمينٽ جي ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي ونگ جا بلڊوزر موکي جي قبر ۽ هتي موجود پراڻي قبرستان کي ڊاهڻ لاءِ پهتا پر آس پاس جي ڳوٺاڻن همت ڪري انهن کي ڀڄايو. پر ڪنهن وقت ۽ رات جي اوندهه ۾ مورڙي جي ڀائر جي قبرن وانگر موکي جي قبر کي به ڊاهيو ويندو ۽ پوءِ هن تاريخي داستان جا اهڃاڻ هميشه لاءِ ختم ٿي ويندا. موکي جي قبر لڳ ڳوٺ بابو پاتڻي کي به نوٽيس ڏنا ويا آهن. ڪوزي پارڪ کان وٺي موکيءَ جي قبر ۽ بابو پاتڻي ڳوٺ تائين مختلف هائوسنگ اسڪيمن جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. پر اسراريت، اڪيلائي ۽ خاموشي هاڻي موکي جي قبر وٽان موڪلائي ويئي آهي.

موکيءَ جي قبر جي سامهون اسڪيم تائيسر جو بورڊ لڳل آهي. اسڪيم لاءِ مرڪزي رستو انهيءَ قبرستان لڳ ٺهي رهيو آهي. انهيءَ رستي جي اڏاوت ڪري موکيءَ جي قبر سميت قبرستان کي ڊاهڻ جو پروگرام هو. ماڻهن جي احتجاج کانپوءِ نقشي ۾ تبديلي آندي ويئي ۽ رستي کي ٿورو پاسيرو ڪري قبرستان کي في الحال بچايو ويو آهي. ديهه موکي، ديهه تائيسر، ديهه بجار بُٺي ۽ ٻيون ديهون انهيءَ اسڪيم ۾ شامل ڪيون ويون آهن. هاڻي اهي اسڪيمون شهري حڪومت جي ملير ترقياتي اداري جي حوالي آهن. موکي جي قبر به هاڻي انهي اسڪيم ۾ آهي. وقت تيزي سان اسان جي هٿن مان نڪرندو ٿو وڃي. ڌارين جون وڏيون وڏيون پلازائون ۽ اسڪيمون اسان جو ماضي، حال ۽ مستقبل ڳڙڪائي رهيون آهن ۽ اسان خاموش آهيون.

موکي ۽ متارن جو تعلق سنڌ جي گمنام گوشي ۾ هئڻ ڪري مقبوليت حاصل ڪري نه سگهيو آهي ۽ هن خطي ۾ سگهڙن ۽ داستان گوئن جي گهٽ هئڻ ڪري، هن قصي جا گهڻا پهلو منظر تي اچي نه سگهيا آهن. شاهه لطيف هن داستان کي سر ڪلياڻ جي ٻئي ۽ يمن ڪلياڻ جي چوٿين باب ۾ اهڃاڻ طور ڏيئي هن کي زندهه ڪيو آهي. شاهه کانسواءِ ڪجهه ٻين سنڌ جي سگهڙن، ڀٽ فقيرن ۽ چارڻن به هن داستان کي مختصر طور ڳائي امر ڪيو آهي ۽ جيڪي هتان جي جهونن جي دلين ۾ محفوظ آهن. انهن مطابق هن قصي جو تعلق سومرن جي آخري يا سمن جي شروعاتي دور سان آهي.

ناتر راجا نند جي ڌيءَ مومل جي خاص ٻانهي هئي. جڏهن راجا جو خزانو مومل جي معصوميت جي ڪري ڪو رمندو فقير ڦٻائي ويو ته مومل ۽ سندس ڀيڻ سومل اهو خزانو واپس آڻڻ جو وچن ڏيئي، ماٿيلي جي محل مان موڪلائي پنهنجي خاص ٻانهي ناتر کي ساڻ ڪري، جيسلمير ويجهو لڊاڻي ۾ ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي طلسمي رنگ محل رچايو. مومل کي حاصل ڪرڻ لاءِ سوين شهزادن پنهنجي ملڪيتن سميت جانين جو نذرانو ڏنو ۽ آخر ۾ سومرن جي آخري حڪمران همير سومري جي سالي، راڻي مينڌري جيڪو همير جو وزير به هو مومل کي ماڻيو. همير سومري ۽ راڻي مينڌري جي رقابت ڪري مومل، راڻي جي فراق ۾ پاڻ پرچائڻ لاءِ جيڪي حيلا ڪيا، تن سان راڻو رسي ويو، مومل راڻي جي ملڻ لاءِ ڪاڪ ڪنارو ڇڏي ڍٽ پهتي. راڻو راضي ٿيڻو نه هو، سو نه ٿيو ۽ پوءِ مومل پاڻ کي جلايو، راڻو به پرواني جيان انهيءَ آڳ ۾ گهڙي پيو. هي واقعو سومرن جي آخري حڪمران همير سومري جي دور ۾ ٿيو. ناتر اهي سڀ لاهيون ۽ چاڙهيون پنهنجي اکين سان ڏٺيون. ان ڪري مومل کانپوءِ ناتر هتي رهڻ مناسب نه سمجهيو. هوءَ سنڌ جي گمنام علائقي ۾ رهڻ لاءِ نڪري پئي، ناتر ان وقت جي مشهور بندر لاهري پهتي. ديبل بندر جو آخري احوال سومرن جي ڏينهن ۾ چنيسر جي زماني ۾ ملي ٿو. ديبل جي ختم ٿيڻ کانپوءِ لاهري بندر وڏي شهرت حاصل ڪئي. ناتر لاهري کان دڙٻو (ڪراچي واري جاءِ جو پراڻو نالو) پهتي. انهن ڏينهن ۾ ڪوهستان ۽ ڀرپاسي جا ماڻهو سيوهاڻي رستي وسيلي واپار ۽ پرڏيهه لاءِ انهن بندرن تي ايندا هئا. اهو رستو اڄ به پيچري جي شڪل ۾ موجود آهي جيڪو گڏاپ، مول، سري، ٿاڻي بولا خان کان جهانگارا باجار کان سيوهڻ تائين وڃي ٿو. ناتر انهيءَ رستي تي نارا ٿر جبل وٽ رهائش اختيار ڪئي. اهو علائقو سون مياڻي، دڙٻو ۽ لاهري بندر ويندڙ رستن جي سنگم تي هو. ناتر جيڪا اڪيلي هئي. روايتن موجب هن اتان جي هڪ شخص هيبت گڊي سان شادي ڪئي.

روايتن ۾ آهي هيبت ناتر سان نه پر موکيءَ سان شادي ڪئي هئي. هيبت خاصخيليءَ نالي ڳوٺ اڄ به ديهه موکيءَ ۾ موجود آهي. هي هيبت خاصخيلي گهڻو پوءِ جو آهي بهرحال اها روايت آهي ته ناتر هتي اچي شادي ڪئي. ناتر کي ڇهه نياڻيون ۽ هڪ پٽ ٿيو. ڌيئن جا نالا هن ريت آهن. موکي، سونگل، صفوران، مٺان، تائيسر، الله ڦيائي ۽ پٽ جو نالو مادل هو. ناتر ۽ هيبت (جيئن ته گهڻين روايتن ۾ انهن جي شاديءَ جو ذڪر ملي ٿو) پنهنجي هٿ هيٺ علائقا پنهنجي اولاد ۾ جيئري ورهائي ڇڏيا. اهي علائقا اڄ به روينيو رڪارڊ ۾ انهن نالن سان ديهه موکي، ديهه سونگل، ديهه صفوران، ديهه مٺان گهر، ديهه تائيسر، ديهه الله ڦيائي موجود آهن. جيڪي گڏاپ ٽائون جي يونين ڪائونسلن سونگل ۽ تپي سونگل جا علائقا آهن جن ۾ نارا ٿر جبل به اچي وڃي ٿو. ديهه سونگل ۽ ديهه صفوران هن وقت گلشن اقبال ٽائون ۾ شامل آهن. پٽ جي نالي سهراب ڳوٺ، ال آصف اسڪوائر وارو علائقو هو جتي مادل ڳوٺ به هو ۽ ان کانسواءِ انهن علائقن پويان مادل جو ڍورو اڄ به مشهور آهي جيڪو لياري نئين ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هتي جنهن مادل ڳوٺ جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو اهو مادل خاصخيلي جو ڳوٺ هو جيڪو ورهاڱي کان پوءِ به آباد هو. هن مادل جي وفات به ورهاڱي کانپوءِ ٿي. موکيءَ جو ڀاءُ مادل گهڻو اڳ وفات ڪري چڪو هو. موکي ۽ شاهه مريد درگاهه ۽ هن وقت موکي جي قبر کي اڏيندڙ مجاور حاجي خاصخيلي جنهن جو تعلق هيبت خاصخيلي ڳوٺ سان ٻڌايو ته، ”موکي اسان مان هئي.“ اهو پهريون شخص هو جنهن موکيءَ کي پنهنجو ڪيو. هن تاريخي سچ تي هن شخص کي سلام هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org