سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 33

مولانا عبدالڪريم درس ڪجهه وقت لاءِ ڪراچي شهر جو وقتي قاضي به رهيو ۽ خان آف قلات سندس ڪمن کان متاثر ٿي مفتي اعظم بلوچستان مقرر ڪيو. پاڻ سنڌي، فارسي ۽ اردو ۾ شاعري به ڪندا هئا. ڪربلا جي واقع تي چيل / لکيل مرثين کي سندس پٽ علامه ظهور الحسن درس هڪ رسالي جي شڪل ۾ شايع ڪرايو. 1333هه ۾ مولانا عبدالڪريم درس جي غزلن جو مجموعو  ”بياسِ درس“ شايع ٿيو. سندس مشن کي بعد ۾ سندس پٽ علامه ظهور الحسن درس اڳتي وڌايو. مولانا عبدالڪريم درس مارچ 1926ع ۾ ۽ علامه ظهورالحسن درس 1392هه ۾ وفات ڪيو ۽ ٻنهي جا مزار مولانا عبدالله درس جي ڀر ۾ پراڻي ڌوٻي گهاٽ جي قبرستان ۾ آهن.

مدرسو جامعه اسلاميا:

چوٿون مدرسو 1927ع ۾ کڏي ۾ قائم ڪيل حاجي عبدالله هارون جو ”مدرسو جامعه اسلاميا“ آهي. جنهن به تعليم جي سلسلي ۾ اهو ڪردار ادا ڪيو. عبدالله هارون جو اسڪول اڳتي هلي عبدالله هارون ڪاليج ۾ تبديل ٿيو، پر مدرسو، پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول اڃا به کڏي ۾ قائم آهن. هن سان گڏ عبدالله هارون 1927ع ۾ هتي غريب ۽ يتيم ٻارن لاءِ يتيم خانو قائم ڪيو. جتي ٻارن کي مفت رهڻ کانسواءِ کاڌو خوراڪ، ڪپڙا ۽ ڪتاب ڏنا ويندا هئا ۽ اهي ٻار مدرسي ۾ تعليم به حاصل ڪندا هئا. اهو مدرسو ۽ يتيم خانو اڄ به قائم آهن. عبدالله هارون کڏي سميت پوري لياري ڪراچي ۾ سماجي خدمتن وسيلي ڪراچي واسين خاص ڪري لياري جي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو. مالي مدد به ڪئي. ڪاليج ۽ مدرسن کانسواءِ شاگردن لاءِ هاسٽل به ٺهرايو ۽ لياري ۾ مسجدون ٺهرايون.

لياري ۽ کڏي جي غريب وسندين ۾ جڏهن به سماجي ڪمن، تعليمي شعور جو ذڪر ٿيندو ته حاجي عبدالله هارون جو نالو سڀني کان اڳڀرو هوندو. عبدالله هارون 27 اپريل 1942ع ۾ وفات ڪري ويو. جنهن جو خاندان اڄ به پنهنجي وڏن جي روايتن کي سنڀاليندو اچي. لياري ۽ هارون فيملي لازم ملزوم آهن.

لياري کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته ڪلهوڙن جي دور کان انگريزن جي دور تائين ڪراچي جي قاضي ٿيڻ جو شرف لياري کي حاصل رهيو. ڪراچي جو آخري قاضي، قاضي عبدالعزيز هو ان کان اڳ سندس پيءُ نور محمد ڪراچي جو قاضي هو. آڪٽوبر 1939ع قاضي عبدالعزيز کي جسٽس آف پيس ۽ مجسٽريٽ اول مقرر ڪيو ويو.“ ”سي“ بئنچ جي انهيءَ عدالت جا ڪل ڇهه ميمبر هئا. جنهن مان هڪ فقير محمد درا خان جو تعلق به لياري سان هو. ٻين ميمبرن ۾ مردان جي بمبوٽ والا، هشارام چيلا رام، خان بهادر ايم ڪلب والا ۽ مسز مينوئل مسيڪويڊ هئا. عبدالعزيز قاضي جنوري 1942ع ۾ وفات ڪئي. سندس اباڻي قبرستان عيدگاهه چاڪيواڙي ۾ جيڪو سندس بزرگن ٺاهيو هو هتي دفن ڪيو ويو. ورهاڱي کان اڳ نئين ڪنڀار واڙي ۾ قائم ملان اسڪول جيڪو هاڻي اسلاميا گورنمينٽ لوئر سيڪينڊري اسڪول نئون ڪنڀار واڙو آهي. پرائمري اسڪول ڪياماڙي، ايس ايم اسڪول لياري، تعليم ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. انهن مسجدن، مدرسن ۽ پرائيويٽ مڪتبن ۾ ٻارن کي پڙهائڻ جو رواج شروع ٿيو ته لياري ۾ پڙهيل لکيل طبقو اڀري سامهون آيو. ميرن جي وقت ۾ سرڪاري ٻولي فارسي هئي جنهن جي ڪري پڙهيل لکيل طبقي سنڌي، بلوچي، اردو گجراتي سان گڏ فارسي پاسي گهڻو ڌيان ڏنو. سنڌي، بلوچي، گجراتي سان گڏ فارسي ۾ شاعري ڪئي ۽ اخبارون شايع ڪيون. برادرين ۾ انجمن سازي جي شروعات ٿي انهن انجمنن جي پليٽ فارم تان سياسي، سماجي ڪمن سان گڏ ادب ۽ صحافت پاسي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو.

ان دور ۾ ديني عالم، اديب ۽ صحافي، سياست ۽ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺندا هئا. هر شخص پنهنجي اندر ۾ انجمن هو ائين کڻي چئجي ته اهي تاريخ ساز ماڻهو هر فن مولا هئا. انهيءَ ڪري ان دور جي سياست، ادب، صحافت، ديني تعليم، سماجي انجمن سازي کي يا انهن شخصيتن کي ڪنهن هڪ فريم ۾ فٽ ڪري نٿو سگهجي. انهيءَ ڪري ورهاڱي کان اڳ لياري ۾ به صحافت، ادب، سياست، سماجيات ۽ ديني تعليم کي ڌار ڌار نٿو ڪري سگهجي. جنهن جي ڪري ورهاڱي تائين انهن جو ذڪر گڏيل هوندو. هتي فقط انهن اديبن، شاعرن، سياست دانن، سماجي ڪارڪنن ۽ ديني عالمن جو ذڪر ڪندس جن جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان لياري سان هو. 27-1926ع ۾ لياري جي علائقي گل محمد بازار (هاڻي گل محمد لين) ۾ هڪ سوشل تنظيم ”انجمن اصلاح قوم“ جو بنياد وڌو ويو. جيڪا لياري ۾ رهندڙ بلوچن جي پهرئين سماجي تنظيم هئي. گل محمد لين ۽ ريڪسرلين، کڏو لياري ۾ علم، ادب، سياست، صحافت، ديني علم ۽ فنون لطيفه جا مرڪز هئا.

غوث بخش بزنجو چوڪ

 

انهيءَ سلسلي ۾ مون ريڪسر جي پراڻي سياسي ڪارڪن غوث بخش بزنجو جي ساٿي لالا گل محمد هوت، گل محمد لين ۾ رهندڙ جهوني بلوچ دانشور محمد يوسف نسقندي ۽ لال بخش رند سان ڪچهريون ڪيون. انهن کانسواءِ لياري جي هر وسندي ۾ رهندڙ سماجي، سياسي ڪارڪنن، شاعرن، اديبن ۽ صحافين کانسواءِ جهونن سان ڪچهريون ڪيون هن مضمون ۾ اهي ڳالهيون نظر اينديون جن جو ذڪر هن کان اڳ ڪٿي به نه ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته هميشه لياري جو ذڪر مٿاڇري طور ڪيو ويو آهي.

گل محمد لين ۾ 1929ع ۾ غلام محمد نور دين جنهن جو تعلق ايراني بلوچستان جي ضلعي ”ايران شهر“ سان هو. ”بلوچ ليگ“ جو بنياد رکيو. مير غوث بزنجو پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ”بلوچ ليگ“ کي پهرئين بلوچ سياسي پارٽي هجڻ جو اعزاز حاصل آهي ۽ اهو سهرو به لياري جي سر آهي جو انهن پاران پهرئين بلوچي سياسي پارٽي جو بنياد وڌو ويو.

بلوچستان جي تاريخ ۾ مير عبدالعزيز ڪرد جي اڳواڻي ۾ 1930ع ۾ مستونگ ۾ ”انجمن اتحاد بلوچان“ نالي هڪ ڳجهي سياسي تنظيم ٺهڻ جو ذڪر ملي ٿو. گل خان نصير پنهنجي ڪتاب ”بلوچستان قديم اور جديد ڪي روشني مين“ ”انجمن اتحاد بلوچان“ کي بلوچستان جي پهرئين سياسي تنظيم لکيو آهي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي.

مير يوسف عزيز مگسي بلوچستان ۽ بلوچ سياسي تاريخ ۾ هڪ اهم انقلابي اڳواڻ رهيو آهي. ان جي ذڪر کانسواءِ لياري جي سياسي تاريخ اڌوري آهي. يوسف مگسي نواب قيصر خان مگسي جو پٽ هو. 1923ع کان 1929ع تائين پنهنجي پيءُ سان گڏ ملتان ۾ جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو هو. هتان جي انقلابي تحريڪن خاص ڪري انڊين نيشنل ڪانگريس کان متاثر ٿي هن سياست ۾ پير پاتو. 17 نومبر 1929ع ۾ لاهور جي هڪ هفتيوار اخبار ۾ ”فرياد بلوچستان“ جي نالي سان يوسف مگسي جو مضمون ڇپيو. مضمون حڪومتي ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. وزيراعظم قلات سر شمس شاهه هن جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. يوسف مگسي کي ملتان مان گرفتار ڪري مستونگ آني اسپيشل جرڳي جي سامهون پيش ڪيو ويو. جرڳي يوسف مگسي کي ملتان مان گرفتار ڪري ”گٽ زهري“ ۾ سردار رسول بخش زرڪزئي جي نگراني ۾ هڪ سال لاءِ نظربندي جا حڪم جاري ڪيا ۽ يوسف مگسي کي ٻارنهن هزار نو سئو رپين جي ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي ويئي. اهو جرڳو 30 جولاءِ 1930ع ۾ قلات ۾ منعقد ٿيو هو.

بلوچستان ۾ يوسف مگسي کي ڪا سياسي سپورٽ نه ملي ته سنڌ جي شهر ڪراچي جي علائقي لياري ۾ بلوچ ليگ متحرڪ سياسي تنظيم هئي، جنهن يوسف عزيز مگسي جي گرفتاري ۽ سزا خلاف لياري ۾ مظاهرو ڪيو ۽ واجا عمر جي اڳواڻي ۾ ٻن ڏينهن جي ڪانفرنس ڪوٺائي، بلوچستان مان لطيف مگسي جي اڳواڻي ۾ پڻ چئن ڄڻن واري وفد به شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي پڄاڻي ۾ هڪ ٺهراءُ وسيلي حڪومت کان گهر ڪئي ويئي ته جيڪڏهن يوسف مگسي کي هڪ هفتي اندر آزاد نه ڪيو ويو ته ڪراچي جا 60 هزار بلوچ مستونگ ڏانهن لانگ مارچ ڪندا. ان موقعي تي مير عبدالعزيز ڪرد جي ”انجمن اتحاد بلوچان“ جو تاريخ ۾ ذڪر نٿو ملي. لڳي ٿو يوسف عزيز جي گرفتاري ۽ سزا کانپوءِ اها تنظيم ٺاهي ويئي هئي. پوري بلوچستان ۾ ڪٿي به هن گرفتاري ۽ سزا خلاف ڪا تحريڪ نظر نٿي اچي سواءِ لياري جي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. لياري سياسي طور متحرڪ هيو.

جولاءِ 1931ع ۾ يوسف مگسي آزادي کانپوءِ ڪوئيٽا ويو ۽ انجمن اتحاد بلوچان جو ميمبر ٿي بلوچستان ۾ سياسي تحريڪن ۾ سرگرم ٿيو. لياري ۾ منعقد ٿيندڙ ڪانفرنس کانپوءِ بلوچستان جي سياسي ماڻهن جا ڪراچي ۾ رهندڙ بلوچن سان رابطا ٿيڻ ٿا.

1932ع ۾ جيڪب آباد ۾ آل انڊيا بلوچ ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو. جنهن جي صدارت خيرپور جي هزهائينس مير علي نواز کي ڪرڻي هئي پر بيماري جي ڪري شريڪ نه ٿي سگهيو ۽ ڪانفرنس جي صدارت عبدالصمد اچڪزئي ڪئي. اها ڪانفرنس 28،27 ۽ 29 ڊسمبر 1932ع تائين جاري رهي.

ڪراچي مان بلوچ ليگ جا چار اڳواڻ عبدالصمد سربازي جي اڳواڻي هيٺ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ لياري جي عبدالصمد سربازي کي قلات جو قاضي ۽ مولوي محمد عثمان بلوچ کي مفتي ۽ خزاني جو وزير مقرر ڪيو ويو. لياري لاءِ اهي ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته لياري ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو هئا بلوچستان ۾ جنهن جي گهٽتائي هئي.

پوري لياري ۾ جنهن ۾ گل محمد لين، ريڪسر لين، شاهه بيگ لين، ڪلري، کڏي، بغدادي، ڪلاڪوٽ، چاڪيواڙو، ڍارو لين، نوان لين ۽ ٻين علائقن ۾ بلوچ ليگ کي منظم ڪيو ويو. ان کان علاوه غلام محمد نور دين، پير بخش شهداد، ماسٽر يوسف ذڪري ۽ ٻيا سرگرم هئا.

بلوچستان ۾ ڇپائي جو ڪو سلسلو نه هو اها ذميداري به لياري نڀائي، پهرئين يوسف مگسي لاهور مان روزاني اخبار ”آزاد“ جاري ڪئي. مير عبدالعزيز ڪرد اخبار جو نائب ايڊيٽر هو. هن کان اڳ عبدالعزيز ڪرد ۽ لياري واسي نسيم تلوي جنهن جو اصل نالو پير بخش بلوچ هو. 1927ع ۾ دهلي مان ”بلوچستان“ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪئي. پر ٻن اشاعتن کانپوءِ ان تي بندش وڌي ويئي. بعد ۾ نسيم تلوي (پير بخش بلوچ) ”بلوچستان جديد“ جي نالي هڪ اخبار لياري مان جاري ڪئي. لاهور جي آزاد اخبار ۾ بلوچستان جي سياسي مسئلن، سرداري نظام، انگريزن خلاف مضمون ۽ خبرون ڇپجنديون هيون، انهن مضمونن جي ڪري مير عبدالعزيز ڪرد کي گرفتار ڪري جنوري 1933ع ۾ سبي ۾ شاهي جرڳي جي سامهون پيش ڪيو ويو. گرفتاري جا حڪم قلات جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جاري ڪيا هئا. جرڳي ان کي ٽن سالن جي سزا ٻڌائي ۽ مڇ جيل موڪليو.

انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر لياري ۾ سياسي سرگرميون نظر اچن ٿيون. ان واقعي خلاف لياري ۾ هڪ جلسو منعقد ڪيو ويو. جلسي ۾ خطاب ڪرڻ جي جرم ۾ عبدالصمد اچڪزئي (جيڪو هاڻوڪي پشتون ليڊر ۽ پشتون خواهه ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي جو والد هو. ڀٽي جي حڪومت واري دور ۾ ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويو) کي گرفتار ڪري پنجن سالن جي سزا ٻڌائي، مڇ جيل ۾ موڪليو. لياري سميت پوري بلوچستان ۾ سياسي ڪارڪنن خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي ته نسيم تلوي (صحافي)، محمد حسن نظامي، محمد اسلم اچڪزئي جيڪي سياست ۾ سرگرم هئا، بچي نه سگهيا.

انهيءَ دور ۾ لياري سياسي طور تي مڪمل سرگرم هو هڪ پاسي بلوچ قوم پرست جنهن ۾ بلوچ ليگ ۽ آل انڊيا بلوچ ڪانفرنس، ٻئي پاسي ترقي پسند مذهبي اڳواڻ جن ۾ محمد صادق کڏي وارو ۽ مولوي محمد عثمان بلوچ ريڪسر وارو ۽ مسلم نظرئي جا پرچارڪ سياست دان حاجي عبدالله هارون، بهادر الله بخش گبول سرگرم هئا. لياري جا ماڻهو ورهاڱي کان اڳ غربت، مفلسي، بي روزگاري جهڙن مسئلن سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. يوسف مگسي سياست ۾ مثبت سوچ کي هٿي ڏني. لياري جا قومي ڪارڪن بلوچ ليگ جي پليٽ فارم تان ۽ اخبارن وسيلي سياسي تحريڪن ۽ ڪارڪنن جي حوصله افزائي ڪري رهيا هئا. اپريل 1934ع ۾ خان آف قلات جي سازش جو شڪار ٿي يوسف مگسي لنڊن هليو ويو. يوسف مگسي جي ڊرامائي انداز ۾ بلوچستان ڇڏڻ ڪرڻ ڪارڪنن ۾ ڪجهه عرصي لاءِ مايوسي ڦهلجي ويئي. مير عبدالعزيز ڪرد ۽ عبدالصمد اچڪزئي جيل ۾ هئا. محمد حسين عنقا (صفائي)،نسيم تلوي (صحافي) ۽ محمد اسلم اچڪزئي لياري ۾ تحريڪ کي اڳتي وڌايو. بلوچستان سرداري، قبيلائي  نظام ڪري قوم پرست، سوشلسٽ ۽ ترقي پسند تحريڪن لاءِ رستو هموار نه هو جنهن جي ڪري انڌ ۾ رهندڙ بلوچن انهيءَ تحريڪ کي اڳتي وڌايو.

ڏهن مهينن کانپوءِ 31 جنوري 1935ع تي يوسف عزيز مگسي لنڊن مان ڪراچي پهتو. لياري ۾ ڪارڪنن سان ملاقات کانپوءِ ڪوئيٽا روانو ٿيو. جتي 31 مئي 1935ع واري زلزلي ۾ شهيد ٿيو. شهادت وقت سندس عمر فقط 27 سال هئي. يوسف مگسي ٿوري عرصي ۾ بلوچستان جي سياست تي ڇانئجي ويو. اهو سڀ ڪجهه هن ڪري ممڪن ٿيو جو هن کي لياري مان مڪمل حمايت حاصل هئي.

جون 1936ع ۾ ڏيڍ سال قيد ڪاٽڻ کانپوءِ مير عبدالعزيز ڪرد جي باقي  سزا معاف ڪري ان کي آزاد ڪيو ويو. عبدالصمد اچڪزئي اڃا جيل ۾ هو. عبدالعزيز ڪرد آزاد ٿيڻ کانپوءِ مستونگ ۾ مير محمد فاضل خان محمد حسني جي صدارت ۾ بلوچستان جي نوجوانن جي هڪ اجلاس ۾ اعلان ڪيو ته، ”بلوچستان اينڊ آل انڊيا بلوچ ڪانگريس جيڪا هڪ مڪمل سياسي تنظيم آهي. انگريز سرڪار هن کي برداشت نٿي ڪري جنهن لاءِ اسان اڄ هڪ غير سياسي جماعت ”انجمن اسلاميا رياست قلات“ ٺاهڻ جو اعلان ڪريون ٿا.“

عبدالصمد اچڪزئي به 1936ع ۾ آزاد ٿيو. آزادي کانپوءِ پنهنجن ساٿين محمد امين کوسي، محمد حسين عنقا، محمد حسن نظامي ۽ ٻين سان گڏجي ”انجمن وطن“ جو بنياد رکيو. جنهن لاءِ مشهور هو ته انجمن وطن بلوچستان ۽ سنڌ ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي شاخ آهي. جنهن جي ڪري عبدالصمد اچڪزئي کي بلوچستان جو گانڌي به سڏيو ويندو هو.

يوسف عزيز مگسي جي شهادت کانپوءِ مير غوث بخش بزنجو عليڳڙهه وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هليو ويو. هتان واپس اچڻ کانپوءِ لياري ۾ غلام محمد نور دين جي اڳواڻي ۾ سياست ۾ داخل ٿيو ۽ بلوچ ليگ جي پليٽ فارم تان سياست جي شروعات ڪيائين. لياري کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن بلوچستان سميت پوري ملڪ کي مير غوث بخش بزنجو جهڙو سياستدان ڏنو جنهن پنهنجي پوري زندگي اصولن جي سياست ۾ گذاري.

5 فيبروري 1937ع ۾ مير عبدالعزيز ڪرد جي اڳواڻي ۾ سياسي ڪارڪنن گڏجي قلات اسٽيٽ نيشنل پارٽي جو بنياد وڌو. جيڪا قوم پرست سياسي جماعت هئي. مير عبدالعزيز ڪرد صدر، مير گل خان نصير نائب صدر چونڊيا ويا. ان تنظيم کي 1939ع ۾ ٺهيل انجمن اتحاد بلوچان جو ٻيو وجود قرار ڏنو ويو. اها پهرئين قوم پرست پارٽي هئي جنهن بلوچستان لاءِ الڳ وطن جو تصور پيش ڪيو.

لياري ۾ يوسف مگسي، عبدالعزيز ڪرد ۽ عبدالصد اچڪزئي ۽ ٻين ليڊرن جي وڃڻ کانپوءِ هڪ خال پيدا ٿيو.

غوث بخش بزنجو سياست ۾ نئون هو. ٻئي پاسي حاجي عبدالله هارون ۽ الله بخش گبول وٽ پئسو جام هو. سنڌ جي بمبئي کان ڌار ڪرڻ واري تحريڪ ۾ مسلمان ليڊرن اهم رول ادا ڪيو. جنهن جا اثر لياري جي سياست تي به پيا. ٻئي پاسي قلات ۽ ڪوئيٽا ۾ قوم پرست سياست لاءِ حالتون سازگار هيون. انهن سڀني ڳالهين ڪري لياري ۽ قوم پرست سياست کي ڌچڪو لڳو

5 ۽ 6 جولاءِ 1939ع ۾ مستونگ ۾ انجمن اتحاد بلوچان جي سالياني ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ لياري مان بلوچ ليگ جي وفد مير غوث بخش بزنجي جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي. حڪومتي ماڻهن هنگامو ڪيو ۽ ڪانفرنس کي سبوتاز ڪيو. حڪومت پاران ڪانفرنس کان پوءِ گهڻن ليڊرن کي رياست بدر ڪيو ويو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گهڻن ليڊرن لياري جو رخ ڪيو ۽ جتان سياسي سرگرميون جاري رکيون ۽ واقعي کانپوءِ مير غوث بخش بزنجو قلات نيشنل پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ بعد ۾ بلوچ ليگ جو سياست ۾ ڪو رول نه رهيو. ورهاڱي کان اڳ لياري ۾ سياست، ادب ۽ صحافت ۾ ٽي مڪتبه فڪر ڇانيل هئا. هڪ قوم پرست، ٻيا جمعيت علماءُ هند جا ترقي پسند مذهبي اڳواڻ جيڪي ڪانگريس جا حمائتي هئا ۽ ٽيان مسلم مذهب پرستي جا پرچارڪ جن اڳتي هلي مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ريشمي رومال تحريڪ ۽ خلافت تحريڪ جو ڳڙهه لياري جو علائقو رهيو. ان کانسواءِ سنڌ جي بمبئي کان علحيدگي جي تحريڪ ۾ ريڪسر ۽ کڏ واهر مرڪز رهيا آهن. سنڌ جي الڳ صوبي بنجڻ کان پوءِ سنڌ ۾ 1935ع جي ايڪٽ تحت پارلياماني نظام قائم ٿيو ۽ صوبي ۾ سياسي سرگرمين جي اجازت ڏني ويئي سڀ کان پهرئين سنڌ سطح تي 1936ع ۾ سرشاهنواز ڀٽي جي اڳواڻي ۾ سنڌ اتحاد پارٽي (سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي) وجود ۾ آئي. مسلم پوليٽيڪل پارٽي جنهن جو اڳواڻ سر غلام حسين هدايت الله هو جيڪا هڪ فرقيواريت پارٽي هئي اڳتي هلي ان کي مسلم ليگ ۾ ضم ڪيو ويو. الله بخش گبول جي ڪري اها پارٽي لياري ۾ سرگرم هئي. سنڌ آزاد پارٽي جو ليڊر شيخ عبدالمجيد سنڌي هو. ٻين پارٽين ۾ آزاد هند پارٽي، سنڌ پيپلز پارٽي، جمعيت علماءُ هند، آل انڊيا نيشنل ڪانگريس انهن پارٽين جا دفتر ڪراچي ۾ اڳ ۾ ئي قائم ٿي چڪا هئا. بعد ۾ آل انڊيا مسلم ليگ، خاڪسار پارٽي، سنڌ مسلم جماعت جا دفتر به 1936ع کانپوءِ ڪراچي ۾ قائم ٿيا.

7 فيبروري 1937ع ۾ پوري سنڌ ۾ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون ٿيون. اپريل 1935ع ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان علحيدگي کانپوءِ هي پهريون چونڊون هيون. ڪراچي جي 13 سيٽن ۾ هڪ سيٽ لياري تڪ نمبر 5 ڪراچي اتر به هو. هن سيٽ تي سنڌ اتحاد پارٽي جي حاجي عبدالله هارون جو مقابلو غلام حسين هدايت الله جي مسلم پوليٽيڪل پارٽي جيڪا اصل ۾ مسلم ليگ جي شاخ هئي. مسلم ليگ جيئن ته غيرفعال هئي جنهن لاءِ ان پليٽ فارم کي استعمال ڪيو ويو. خان بهادر الله بخش گبول مسلم پوليٽيڪل پارٽي جي ٽڪيٽ تان حاجي عبدالله هارون جو مقابلو ڪيو. حاجي عبدالله هارون کي شڪست ٿي پر ان جي پارٽي کي پوري سنڌ ۾ وڌيڪ سيٽون مليون. الله بخش گبول گجهڙو ڪراچي ٻهراڙي ۾ رهندو هو. الله بخش گبول جي والد جي زمين لياري ۾ هجڻ ڪري هن اهو تڪ چونڊ لاءِ منتخب ڪيو.

لياري ۾ ترقي پسند، قوم پرست ۽ جمعيت علماءَ هند ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ وڌيڪ سرگرم هئا اهي سڀ وچولي ۽ هيٺين طبقي سان تعلق رکندا هئا. چونڊن واري سياست ۾ نظريو گهٽ پئسو وڌيڪ هلندو آهي. جيڪا هتان جي غريب ڪارڪن جي وس جي ڳالهه نه هئي. بلوچ قوم پرستن ۽ کڏي جي مدرسي جي عالمن جو جهڪاءُ انڊين نيشنل ڪانگريس ڏانهن هو.

سنڌ اسيمبلي جي ان پهرئين چونڊ ۾ لياري واري تڪ ۾ ٻين عنصرن سان گڏ هڪ عنصر بلوچ ۽ سنڌي جو به شامل هو. کڏي ۾ اڪثريت ميمڻن جي ۽ باقي لياري ۾ بلوچ گهڻائي ۾ هئا ۽ انهن جا روٽ گهڻا هئا. اليڪشن ۾ بلوچن جا ووٽ الله بخش گبول کي ۽ ميمڻن ۽ ماهيگيرن جا ووٽ حاجي عبدالله هارون کي مليا. ٻين ذاتين جا ووٽ به اڪثر الله بخش گبول کي مليا.

ڪراچي جي مڪمل سياسي جدوجهد، پارٽين، سياسي ڪارڪنن، صحافت ۽ ادب لاءِ ڪتاب ۾ الڳ باب طور شامل ڪيو ويو آهي. هن مضمون ۾ فقط لياري سان واسطو رکندڙ سياسي پارٽين، ڪارڪنن، اديبن، سماجي ڪارڪنن، صحافين ۽ ميونسپلٽي تي چونڊيل ميمبرن جو ذڪر ٿيل آهي.

1937ع وارين چونڊن ۾ سنڌ سميت پوري هندستان ۾ مسلم ليگ کي شڪست ٿي. عبدالله هارون، جي.ايم سيد جي سنڌ اتحاد پارٽي کي ڇڏي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. بعد ۾ سائين جي ايم سيد به مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. ڪراچي ۾ مسلم ليگ کي فعال ڪيائون. عبدالله هارون مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو. سنڌ ۾ مذهبي جهيڙا ڪرائي مسلم ليگ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ڪراچي ۾ به هڪ اهڙو واقعو ٿيو جنهن جو مرڪز لياري رهيو.

1933ع ۾ آريا سماج جي سيڪريٽري نٿو رام حضور اڪرمﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪندي هڪ ڪتاب ”تاريخ اسلام“ جي نالي شايع ڪيو. مسلمانن هن تي سخت رد عمل ڏيکاريو. عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين مسلم اڳواڻن ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو. حيدرآباد جي عدالت چوپڙي جون ڪاپيون ضبط ڪري نٿو رام کي هڪ سال سخت پورهئي جي سزا ٻڌائي. نٿو رام ڪراچي جي جوڊيشنل ڪورٽ ۾ سزا خلاف اپيل دائر ڪئي. مارچ 1934ع ۾ ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي جا حڪم جاري ڪيا.

ٻڌڻي دوران هندوئن ۽ مسلمانن جو وڏو انگ ان وقت ڪورٽ ۾ موجود هو. عدالت شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه وقت هو ته عبدالقيوم نالي هڪ شخص ڀريل عدالت ۾ خنجر جا وار ڪري نٿو رام جو قتل ڪيو. عبدالقيوم کي گرفتار ڪيو ويو. عبدالقيوم اصل هزاري جو رهندڙ هو. روزگار جي ڳولا ۾ ڪراچي آيو هو ۽ رامسوامي واري علائقي ۾ ٽانگو هلائي روزگار ڪندو ۽ هتي ئي رهندو هو.

گرفتاري کانپوءِ عبدالقيوم کي جيل موڪليو ويو. ڪراچي جي مشهور بيريسٽر محمد اسلم ان جي وڪيل طور ڪيس وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. ڪراچي جي جوڊيشنل ڪمشنري جا ٻئي جج مسٽر اوسالون ۽ مسٽر فيرسن قتل جا اکين ڏٺا شاهد هئا. جنهن تي بيرسٽر محمد اسلم اعتراض ڪيو. ٽن ڏينهن کانپوءِ مقدمو سيشن جج ڪراچي جي عدالت ۾ آندو ويو جتي نو ڄڻن تي ٻڌل جيوري قائم ڪئي ويئي. اکين ڏٺا شاهد ٻه جج هئا ۽ عبدالقيوم خود پنهنجي بيان ۾ اقرار ڪري چڪو هو ته، ”هڪ ڏينهن جونا مسجد ۾ جمعي نماز پڙهڻ ويو ته مولوي صاحب جي زباني نٿو رام جي چوپڙي ۽ عدالتي ڪارروائي بابت معلومات ملي. مولوي صاحب تمام مسلمانن کي غيرت ڏياري تنهن تي بازار مان خنجر وٺي عدالت ۾ اچي مون نٿو رام کي قتل ڪيو.“

عدالت عبدالقيوم کي موت جي سزا ٻڌائي. بيرسٽر محمد اسلم، عبدالقيوم کي بچائڻ جي پوري ڪشش ڪئي ته موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو وڃي. بيرسٽر هڪ وفد علامه اقبال ڏانهن به موڪليو. گورنر ڏانهن رحم جي اپيل به موڪلي ويئي. هتان جواب اچڻ کان اڳ سزا جي ٽئين ڏينهن عبدالقيوم کي ڪراچي جيل ۾ ڦاهي ڏني ويئي. مولانا غلام رسول قادري جيل ۾ جنازي نماز پڙهائي. جنازي نماز کانپوءِ جڏهن پوليس گاڏي ميت کي لياري واري علائقي ۾ قائم قبرستان ميوا شاهه آندو ويو ته اها خبر شهر ۾ جهنگ جي باهه جيان پکڙجي ويئي. هزارين ماڻهو قبرستان پهچي لاش کڻائي شهر ڏانهن روانا ٿيا. ڪڪري ميدان کان جلوس ٻيهر ميوا شاهه قبرستان ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن رجب علي ڪمپائونڊ جي ويجهو جنگيان هوٽل جي سامهون لياري جي ريڪسر واري علائقي ۾ پهتو ته جلوس تي فائرنگ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 64 ماڻهو مارجي ويا. شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين اڳواڻن مارجي ويلن جو انگ 120 کان مٿي ٻڌايو هو. عبدالقيوم کي ”غازي“ جو لقب ڏنو ويو. جي ايم سيد پنهنجي ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ هن واقعي جي باري ۾لکي ٿو ته:

”1933ع غازي عبدالقيوم پٺاڻ کي چيف ڪورٽ ۾ هڪ هندو نٿورام جي قتل ڪرڻ جي سبب ڦاسيءَ جي سزا ملي ۽ سرڪار ان کي ميوا شاهه قبرستان ۾ دفن ڪرايو . جيئن ته ان هندوءَ، رسول مقبول صه جي خلاف ڪتاب لکي گستاخانه الفاظ ڪتب آندا هئا. تنهن ڪري مسلمانن ان جي قاتل کي شهيد سمجهيو جنازو ڪڍي شهر ۾ گشت ڪرڻ شروع ڪيو. هندو مسلم فساد جي ڊپ کان حڪومت سرگس کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن تي ماڻهن جي نه روڪجڻ ڪري گوليبازي ٿي. جنهن لاءِ چوٻول هليو ته جن مجسٽريٽن ۽ ٻين طرفان پوليس کي گوليبازي ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو هو. انهن مان هڪ خان بهادر الله بخش گبول به هڪ هو. ان گوليبازي ۾ 64 ماڻهو شهيد ٿيا ان وقت سندس (گبول) خلاف لياري ڪوارٽر جي مسلمانن ۾ ايترو اشتعال ڦهليل هو جو کيس لڏي شهر جي ٻين ڪوارٽرن ۾ رهڻو پيو. ليڪن هن جو بخت ايترو زور هو. جو انهيءَ ساڳئي ڪوارٽر (لياري) طرفان مسلمانن ووٽرن ٿورو ئي پوءِ حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي مقابلي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو کيس ميمبر چونڊيو. ان مان پتو پئجي سگهي ٿو ته عوام جو حافظو ڪمزور به آهي ۽ منجهن عام طور سياسي شعور جي به ڪمي رهي آهي.“

ان واقعي ڪري ڪراچي ۾ ڪشيدگي پيدا ٿي پر عام ماڻهن جنهن ۾ هندو ۽ مسلمان هئا. متحد ٿي هندو مسلم جهيڙي کي ٽاريو. شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ محمد هاشم گذدر ان واقعي جي ڪري بمبئي ليجسليٽو اسيمبلي تان استيعفائون ڏنيون. اهو واقعو 19 مارچ 1935ع آچر ڏينهن پيش آيو جيئن ته فائرنگ جو واقعو لياري جي علائقي ۾ ٿيو پر پوءِ به لياري هندو مسلم جهيڙن کي هٿي نه ملي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتي قومپرست ۽ سيڪيولر مذهبي اڳواڻن جي اثر موجود هو. انهي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ جلوس لاءِ لياري کي منتخب ڪيو ويو هو. عبدالقيوم جي قبر ميوا شاهه قبرستان ۾، ميوا شاهه جتي دفن ٿيل آهي. انهيءَ چوديواريءَ ۾ ٻين قبرن جي قطار ۾ ميوا شاهه جي پيرانديءَ ۾ آهي.

1884ع ۾ حڪومت اهو فيصلو ڪيو ته ڪراچي ميونسپلٽي لاءِ اڌ ميمبر سڌو عوام جي ووٽن وسيلي چونڊيا ويندا جنهن لاءِ ميونسپلٽي جي قانون ۾ ترميم ڪئي ويئي. ميمبرن جو انگ 32 مقرر ڪيو ويو. جنهن مان سورنهن ٿاڦيل جنهن مان اٺ يورپين هوندا ۽ سورنهن ميمبر سڌي عوام جي ووٽ وسيلي چونڊيا ويندا. انهن لاءِ اهو شرط هو ته بيهڻ وارا اميدوار ۽ ووٽ ڏيڻ وارا ٽيڪس ڏيندڙ، راءِ بهادر، خانبهادر يا 15 سئو رپيا ماهوار پينشن حاصل ڪندڙ ريٽائرڊ سرڪاري ملازم هوندا. لياري جيئن ته غريب ماڻهن جي وسندي هئي. هتي ڪو به راءِ بهادر، خان بهادر، ٽيڪس ڏيندڙ (واپاري) يا ريٽائرڊ ملازم نه هئا. جنهن جي ڪري 1884ع کان 1933ع تائين ميونسپلٽي لاءِ لياري مان عوام جي سڌي ووٽن وسيلي لياري جو ڪوبه اصلي رهاڪو ميمبر نه ٿي سگهيو. سياست خاص ڪري چونڊن واري سياست ۾ دولت جو هجڻ لازمي آهي ۽ لياري وارن وٽ خلوص، پيار، محبت، قومي ڪارڪن، جدوجهد سڀ ڪجهه هو پر پئسو نه هو.

1935ع ۾ ميونسپل ايڪٽ جي ترميم کانپوءِ 1936ع ۾ ميونسپلٽي ۾ جيڪو پهريون لياري جو ماڻهو چونڊجي آيو اهو محراب خان عيسيٰ خان بلوچ هو. ان کان اڳ واري ٽرم ۽ مولوي محمد عثمان بلوچ ٿاڦيل ميمبر رهيو.

لياري ۾ گبول ۽ هارون فيملي جو سياست ۾ وڏو رول رهيو آهي. الله بخش ولد خداداد گبول جيڪو گبولن جي آکواڻي قبيلي مان هو. الله بخش گبول پهرئين ضلعي ڪائونسل ڪراچي جو ميمبر ۽ 1935ع ۾ ضلعي ڪائونسل جو صدر رهيو. بعد ۾ هن لياريءَ کي سياست جو مرڪز بنايو ۽ هارون فيملي جي حاجي عبدالله هارون به لياري کڏي مان سماجي ڪمن جي شروعات ڪئي. پوءِ سياست ۾ حصو ورتو. عبدالله هارون کڏي ۾ هڪ يتيم خانو، مدرسو ۽ ڪاليج قائم ڪيو.

حاجي عبدالله هارون جيڪو نيپئر روڊ واري علائقي ۾ رهندو هو. پر کڏي ۾ رهندڙ ميمڻ برادريءَ ۾ سماجي ڪمن جي حوالي سان مقبول هو. هو کڏي ۽ باقي لياري ۾ سياست سان گڏ سماجي ڪم به سرانجام ڏيندو هو. 1 مئي 1913ع کان 1916ع ۽ 1921ع کان 1934ع تائين ڪراچي ميونسپلٽي جو ميمبر رهيو. هن جي سياست جو محور کڏو رهيو. سندس ڪوششن سان سنڌ ۾ مسلم ليگ جي پهرئين شاخ 1918ع ۾ ڪراچي ۾ قائم ٿي پر اها سرگرم نه هئي. عبدالله هارون کي وفات کانپوءِ پنهنجي جوڙايل يتيم خاني جي چوديواري ۾ دفن ڪيو ويو. سماجي ڪمن جي حوالي سان حاجي عبدالله هارون لياري ۾ هڪ ڌار سڃاڻپ آهي. عبدالله هارون سياست کان وڌ سماجي ڪمن جي حوالي سان مقبول رهيو آهي.

ميونسپلٽي جي ميمبر طور کاري در جي رهواسي ڊاڪٽر حاجي ولد غلام حسين خواجو لياري جي وڏي خدمت ڪئي. جيڪو اديب ۽ شاعر به هو. 1918ع کانپوءِ چار ڀيرا ڪراچي ميونسپلٽيءَ جي وارڊ نمبر 5 لياري مان ميمبر چونڊجي آيو. ڊاڪٽر حاجي، مسٽر هوشنگ ڊنشا جي مدد سان لياري ڪوارٽر لاءِ ميونسپلٽي طرفان هڪ پلاٽ الاٽ ڪرايو جتي غريبن کي گهر ٺاهڻ لاءِ عارضي پلاٽ ڏنا، جڏهن ڊاڪٽر حاجي ميونسپلٽي جي صحت ڪاميٽي جو ميمبر هو ته نئين ڪنڀار واڙي جي علائقي ۾ هڪ اسپتال ۽ ان ۾ ميٽرنٽي هوم ٺهرايو. بغدادي اسپتال ۾ اکين جو شعبو قائم ڪيائين. 1927ع کانپوءِ ٻيهر لياري وارڊ 5 تان ڪراچي ميونسپلٽي تي ميمبر چونڊجي آيو. ورهاڱي تائين ميمبر رهيو. 1933ع کانپوءِ ميونسپل ڪارپوريشن جي علائقي کي اٺن وارڊن ۾ ورهايو ويو. لياري جو ڪجهه حصو وارڊ نمبر هڪ ۾ ڪجهه حصو وارڊ نمبر پنج ۾ شامل هو.

ورهاڱي کان اڳ 40 واري ڏهاڪي ۾ پوري سنڌ وانگر لياري ۾ به مسلم ليگ زورن تي هئي. غريب آباد ڪلاڪوٽ مسلم ليگ شاخ جو صدر خان بهادر الله بخش گبول ۽ جنرل سيڪريٽري محراب خان عيسيٰ خان هو.

اها هئي مختصر ڪٿا ورهاڱي کان اڳ سياست ۽ تعليم جي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته لياري سياست جو مرڪز رهيو پر گهڻو ڪري بلوچ قوم پرستي جو محور رهيو. مڇي مياڻ ۽ کڏو سنڌ جي سياست جو مرڪز رهيو ۽ ڪهڙي طرح ٻاهر جا ماڻهو هتي آيا ۽ لياري جي سياست ۾ ڇائنجي ويا ۽ پوءِ هو هميشه لياري جا ٿي ويا.

ورهاڱي کان اڳ لياري ۾ ادب ۽ صحافت:

1843ع ۾ جڏهن انگريزن ڪراچي تي قبضو ڪري هتي فوجي ڇانوڻي ٺاهي. ان دور ۾ به لياري ۾ علمي، ادبي ۽ ثقافتي ترقي جا دستاويز موجود آهن. ماضي ۾ لياري واسين ادب ۽ صحافت ۾ بي مثال خدمتون انجام ڏنيون. هتي فارسي، بلوچي وانگر سنڌي ادب بي مثال ترقي ڪئي. ڪلاچي جي ڪن ۾ مورڙي ميربحر جي ڀائرن کي جنهن شارڪ مڇي ڳڙڪايو هو اها جاءِ لياري ۾ آهي ۽ لوڪ شاعرن ان ڪهاڻي کي شاعري ۾ پيش ڪيو. سسئي پنهون جي داستان جيڪو ڪراچي ويجهو ڀنڀور ۾ جنم ورتو ته ڪهاڻي بلوچي ۽ سنڌي لوڪ ادب شاعري تي محبت ۽ وڇوڙي جا بي مثال اثر ڇڏيا ۽ ان داستان کي سنڌي ۽ بلوچي ادب ۾ اهم مقام حاصل رهيو آهي ۽ لياري جي لوڪ شاعرن به هن داستان کي پنهنجي شاعري ۾ جاءِ ڏني.

ڪالهه جي لياري برطانوي  دور  جي پوري ڪراچي هئي. هن دور ۾ صحافت، ادب ۽ سياست کي الڳ الڳ ڪري نٿو سگهجي جيڪي ماڻهو سياست ۾ مقبول هئا اهي صحافت ۽ ادب ۾ به سرگرم هئا. سنڌي ۽ بلوچي ادب ۽ صحافت ۾ وڏا نالا سياست ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هئا. اهي سچا ۽ کرا ماڻهو هئا. اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪيائون. پر هن دور ۾ به ڪجهه اهڙا ماڻهو هئا جن سياست ۽ صحافت کي پيشي طور اختيار ڪيو ۽ پئسي جي زور تي سياست، صحافت ۽ ادب کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ دور ۾ پارٽي ترجمان اخبار به مشهور ٿيا.

حڪيم عبدالخالق خليق مورائي جي ايڊيٽري ۾ 1925ع ۾ سنڌي زبان ۾ ماهوار رسالو ”ترقي“ جاري ٿيو. شروع ۾ ان جو دفتر  لياري جي علائقي رانگي واڙي ۾ هو. بعد ۾ مٺي در لياري ۽ آخر ۾ بمبئي بازار منتقل ٿيو. ٺارولين مان صحافي پير بخش شهداد ۽ ماسٽر يوسف ذڪري سياست سان گڏ صحافت ۾ به سرگرم هئا. پير بخش شهداد بلوچ لياري ۾ ”ينگ بلوچ“ اخبار جاري ڪئي پهرئين بلوچي اخبار هجڻ جو شرف ”اخبار البلوچ“ کي حاصل آهي. جنهن جو پبلشر ۽ ايڊيٽر خليفو اسماعيل دهاني بلوچ هو. عبدالصمد سربازي به ڪجهه وقت لاءِ ان جو ايڊيٽر هو. جيڪو نج بلوچي مسئلن جو ترجمان هو. اخبار ۾ فارسي ۽ بلوچي زبانن ۾ مضمون ۽ خبرون شايع ٿينديون هيون. ”البلوچ“ بعد ۾ مولوي محمد عثمان جي نگراني ۾ شايع ٿيڻ لڳي. اخبار البلوچ جي شروعات 1930ع ۾ ٿي انهيءَ سال لياري مان ”نظام“ ۽ ”ڪاروان“ به شايع ٿيڻ لڳيون. 1933ع ۾ صحافي ۽ تجزيه نگار، سياسي ڪارڪن، پير بخش بلوچ عرف نسيم تلوي اخبار ”بلوچستان جديد“ لياري مان جاري ڪئي. جيڪا 1955ع تائين جاري رهي. نسيم تلوي جي باري ۾ پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اُهي شينهن“ ۾ لکي ٿو ته:

”سدا ملوڪ، سدا ڳڀرو، پڇاڙي تائين منهن مان عمر ڪانه لکايائين. سياست جي سَپ جو سُنگهيل هو. صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين، پر پيشي طور استعمال نه ڪيائين. اخبار جو نالو هوس ”بلوچستان جديد“ آزادي جو عاشق هو عزت نفس بنا جيئڻ جنجال ڀائيندو هو. غريب هو پر غيرت وارو. سنڌ ۽ بلوچستان جي آزادي ۽ سربلندي جي رستي ۾ جو روڙو ڏٺائين ان کي ڀڄي ڀورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.“

ورهاڱي کان اڳ لياري بلوچي سان گڏ سنڌي، اردو ۽ فارسي صحافت ۽ ادب جو مرڪز رهيو. مٿي ذڪر هيٺ آيلن کانسواءِ بلوچي دانشورن ۽ صحافين ۾ غلام محمد نور دين، عبدالخالق، غلام محمد هيت (هيت سرباز ايران ۾ هڪ جاءِ جو نالو آهي). قاضي عبدالرحيم بلوچ مختلف اخبارن ۾ لکندا هئا. انهن جي مضمون ۽ تجزين جو محور بلوچ قومپرستي، بلوچن جا سماجي ۽ سياسي مسئلا ۽ لياري جا مسئلا هئا. انهن مان ڪجهه سنڌي ۾ به لکندا هئا.

1937ع ۾ لياري مان هڪ ٻئي پويان ”ينگ بلوچستان“، ”ڪلمه حق“، ”آفتاب“، ”نجات“، ”حقيقت“،”بلوچستان“ ۽ ”بولان“ نالي اخبارون ۽ رسالا جاري ٿيا. جنهن جي ڪري لياري ۾ هڪ وڏو حلقو صحافين، اديبن ۽ قومي ڪارڪنن جو پيدا ٿيو. انهن قومي ڪارڪنن جي تربيت انهن اخبارن وسيلي ٿي. ادب ۾ نوان موضوع شامل ٿيڻ لڳا. اڳتي هلي انهن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن جي نتيجي ۾ بلوچي ادب اسريو. لياري ۾ بلوچي ادب ۽ صحافت جا مرڪز ريڪسرلين، گل محمد لين ۽ ٺارو لين هئا. گل محمد لين اهم مرڪز هوندو هو.

انهن رسالن ۽ اخبارن بلوچ مسئلن سان گڏ، ملڪي، سياسي تحريڪن، ريشمي رومال تحريڪ، خلافت تحريڪ، سنڌ جي بمبئي کان ڌار ڪرڻ وارين تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. 95 سيڪڙو اخبارن ۽ صحافين ۽ قومي ڪارڪنن جو جهڪائو نيشنلزم، انڊين نيشنل ڪانگريس، جمعيت علماءِ هند ڏانهن هو. لياري ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ ۾ خان بهادر الله بخش گبول پيش پيش هو. بعد ۾ عبدالله هارون به مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ ۾ مصروف رهيو.

1938ع ۾ لياري مان اردو هفتيوار اخبار ”استقلال“ عزيز پريس مان جاري ٿي. اهو ليٿو پريس يوسف عزيز مگسي 1934ع ۾ خريد ڪيو هو. ان پريس مان مختلف اخبارون چپجنديون هيون. استقلال ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي مسئلن، اقتصادي مسئلن ۽ ثقافتي مسئلن تي تبصرا ڇپجندا هئا. 17 آگسٽ 1950ع ۾ اها اخبار بند ٿي ويئي.

ورهاڱي کان اڳ لياري جنهن ۾ کڏو به شامل آهي. بلوچي، فارسي، اردو سان گڏ سنڌي ادب ۽ صحافت جو مرڪز پڻ رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته مدرسو مظهرالعلوم هڪ اهم مرڪز هو. پوري سنڌ مان ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کڏي جو رخ ڪيو.

مولانا خير محمد نظاماڻي جيڪو اصل حيدرآباد جو هو کڏي جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪيائين. 1930ع ۾ هتان ماهوار ”طالب العلم“ ۽ هفتيوار ”بيداري“ جاري ڪيائين. هي ڪجهه وقت مهراڻ جو به ايڊيٽر رهيو. شيخ عبدالله عبد 1910ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ۽ 1973ع م وفات ڪيائين. انجمن روح ادب ۽ سنڌ سڌار سوسائٽي قائم ڪيائين. کڏي ۾ مشاعري جو رواج به شيخ عبدالله وڌو هو.

محمد دائود ڪڇي (مسڪين سرشاري) 1915ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. محفل ادب جو خزانچي ۽ بزم سرشار جو صدر هو. سٺو شاعر هو. مولانا عبدالغفور کڏي جي مدرسي ۾ معلم هو. قرآن مجيد جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين. بعد ۾ هتي معلم ٿيو. سنڌي ۽ اردو ۾ مقالا لکندو هو.

سيد بچل شاهه راز ٺٽي کان لڏي لياري جي چاڪيواڙي واري علائقي ۾ رهيو ۽ وفات تائين هتي ئي رهيو. اردو، سنڌي ۽ فارسي جو شاعر هو. ڌرم داس سڊاڻي چاڪيواڙي هاءِ اسڪول ۾ استاد هو. 1898ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مرڻ کانپوءِ 1911ع ۾ سندس شاعري جو مجموعو ”آتم داس“ شايع ٿيو. ڪراچي جي قديم سنڌي شاعرن مان هڪ هو.

حافظ نياز احمد اوڀر پنجاب مان لڏي ڪراچي آيو. بانگي لين مسجد ۾ پيش امام هو. رنڇوڙ لين ميونسپل اسڪول ۾ استاد هو. اردو ۽ فارسي ۾ شاعري ڪندو هو. انهن کانسواءِ سيٺ عبدالرحيم ميمڻ، منشي عبدالستار ڪليم، علامه ظهور الحسن درس، علامه عبدالڪريم درس، مولانا عبدالڪريم چشتي، احمد غلام علي چاڳلا، محمد صادق کڏي وارو، الله بخش راز، وفا آڏواڻي، محمد هارون مير، شيخ مراد علي ڪاظم، حاجي محمود خادم، غلام احمد نظامي، سليمان سوالي، روچيرام گنگا رام، ڊاڪٽر حاجي غلام حسين خواجو، مولوي هدايت الله، محمد خان سارنگ، غلام احمد بيدم، امير بخش قريشي، مسرور ڪيفي (صالح محمد)، نور محمد شيخ ۽ علي محمد مجروع جيڪي سنڌي اردو ۽ فارسي جا شاعر ۽ اديب هئا انهن جو تعلق لياري سان هو.

1932ع ۾ ارشاد حسين صابري پنهنجي ڪتاب ”دريا سخن“ ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ پنجاهه شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي. ڪراچي ۾ قائم ادبي سوسائيٽين، علمي ادبي ثقافتي تنظيمن، ڪلبن جو تعلق گهڻو ڪري صدر بازار، نيپئر، سرائي ڪوارٽرز، ريلوي ڪواٽرز، رام باغ پريڊي، ڪوئينس روڊ سان هو. انهن سوسائيٽين ۾ به لياري جا اديب ۽ شاعر حصو وٺندا هئا. پر انهن جو محور پنهنجو علائقو لياري هو. انهن اخبارن ۽ رسالن جو سياسي بيداري ۾ وڏو هٿ رهيو..

 

لياري ريلوي اسٽيشن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org