سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 49

ڪراچي ۾ اڃان تائين 360 ايڪڙ زمين سمنڊ مان حاصل ڪري هتي رهائشي اسڪيمون بنايون ويون آهن. باٿ آءِ لينڊ، ڊيفنس هائوسنگ جو فيز 8 به سمنڊ مان حاصل ڪيل زمين تي بنايا ويا آهن. ڪريڪ سٽي ۽ ٻيا، منصوبا به انهيءَ سلسلي جون ڪڙيون آهن. جنهن جي ڪري ڪورنگي ڪريڪ جي علائقي ۾ فطري حياتيات جو خاتمو ٿي ويندو.

ڪياماڙي کان بوٽ بيسن ۽ گسري کان ملير نئين جي ڇوڙ تائين تمر جا گهاٽا ٻيلا هئا جيڪي آهسته آهسته مختلف رهائشي ۽ ترقياتي اسڪيمن جي زد ۾ اچي ختم ٿي ويا آهن. سمنڊ جي بيٺل پاڻي ۾ مٽي ڀرائي زمين حاصل ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي. جنهن سان هڪ نئون خطرو پيدا ٿي رهيو آهي. مولوي تميزالدين روڊ جتان مائي ڪلاچي باءِ پاس شروع ٿئي ٿو، 22 ايڪڙ زمين آمريڪي قونصل خاني جي اڏاوت لاءِ ڏني وئي آهي جيڪڏهن اهو منصوبو شروع ڪيو ويو ته حفاظتي انتظام جي پيش نظر هتي موجود تمر جا وڻ ختم ڪيا ويندا.

هاڻوڪي برساتن ۾ ڪلفٽن، باٿ آئي لينڊ، صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ٻوڏ واري صورتحال ٿي ويئي هئي جنهن جو وڏو ڪارڻ چينا ڪريڪ کي بند ڪرڻ، هتي رهائش لاءِ زمين حاصل ڪرڻ آهي. ڇاڪاڻ ته جيل وٽان هڪ برساتي ڍورو جيڪو سولجر بازار، بلديا جي پراڻي دفتر، حبيب اسڪول، شاهين ڪمپليڪس، ڪچي آبادي اٿارٽي آفيس، سلطان آباد ۽ هجرت ڪالوني کان ٿي چينا ڪريڪ کان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ۽ واڌو پاڻي پاسي ۾ بيٺل تمر جي ٻيلي ۾ وڃي ٿو. رهائشي اسڪيمن لاءِ زمين حاصل ڪرڻ وقت انهيءَ ۽ ڍوري جو منهن سوڙهو ڪيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ پاڻيءَ جو نيڪال بند ٿي ويو ۽ پورو علائقو ٻوڏ جي نظر ٿي ويو. تمر جي وڻن واري انهيءَ تلاءُ ۾ سٽي اسٽيشن کان ايندڙ گٽر نالو به ڪري ٿو. جيڪڏهن اهو ختم ڪيو ويو ته سٽي اسٽيشن کارو در، نيو چالي وارو علائقو برساتن ۾ ٻڏي ويندو. ڪلفٽن ۾ بوٽ بيسن جي علائقي ۾ خيابان فردوس ۽ خيابان غالب به اهڙي نموني زمين حاصل ڪري بنگلا اڏيا ويا آهن.

تازو ٻن ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀُنڊار تي به نون شهرن اڏڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. جنهن سان وڏي ماحولياتي تباهي ايندي. آس پاس تمر جا ٻيلا ختم ڪيا ويندا ۽ هتي رهندڙ ماهي گير بيروزگار ٿيندا ۽ ٻنهي شهرن جو گند سمنڊ ۾ ڇڏي ويندو. جنهن سان هتان جو ماحولياتي نظام Eco System وڌيڪ تباهه ٿي ويندو.

International Convention For Lievlihood جي تحت اها پابندي آهي ته سمنڊ مان زمين حاصل ڪرڻ کان اڳ ڏٺو وڃي ته هن عمل جي نتيجي ۾ ماڻهن جي روزگار تي ڪو اثر ته نٿو پوي. Bio Diversity جو عالمي ڪنوينشن ۾ ڪنهن ٻوٽي يا حيوان جي قدرتي جاءِ پيدائش ۽ جاءِ متعلق عالمي ڪنوينشن International Habitat Convention به اهو ئي چوي ٿو. پاڪستان ان سڀني ڪنوينشنن تي صحيحون ڪيون آهن. تنهنڪري اسان تي به اهي پابنديون لاڳو ٿين ٿيون. پر پاڪستان ۾ انهن قانونن، خود پنهنجي ٺاهيل قانونن جو ڪو احترام ڪونهي. هڪ حيوان ۽ ٻوٽي جي پيدائش واري جاءِ متاثر ٿيڻ تي پنهنجي جاءِ تي هتي ته ڳوٺن جا ڳوٺ لڏايا ويا ۽ ختم ڪيا ويا آهن. ٻيلن کي پنهنجي مفاد لاءِ ختم ڪيو وڃي ٿو.

Law Of The Ocean Coastal Nations جو معاهدو موجود آهي، پر هن تي عمل ڪير ڪرائي؟ ساحلي علائقن ۾ زمينون گهڻو اڳ مقامي ماڻهن کان ڦري حڪومت پنهنجي حوالي ڪيون آهن. ملڪي ۽ بين الاقوامي قانون جي پاسداري لاءِ ته عوام کي چيو وڃي ٿو پر خود حڪومتي ادارا هن ڏوهه جا ڏوهاري آهن. انهن سڀني ماحولياتي گدلاڻ وارن مسئلن سان گڏوگڏ هڪ مسئلو ڊيپ سي فشنگ پاليسي به آهي. جنهن جي ڪري به خطرناڪ رڇن ۽ معمولي فيس جي ڪري وڏن ٽرالرن کي اجازت ڏيڻ سان سامونڊي کاڌو جنهن ۾ مڇي ۽ سانا شامل آهن وڏي تعداد ۾ مارڻ سان اسان جا وسيلا بي رحمي سان تباهه ٿي رهيا آهن ۽ اسان جو ماهيگير تيزي سان بيروزگار ٿي رهيو آهي.

پاڪستان ۾ فشنگ ٽرالرز جي اچڻ جي شروعات 80 واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿي. هن کان اڳ اهي لڪي اسان جي سامونڊي حدن مان شڪار ڪري ويندا هئا. انهن جي مڇي مارڻ جو طريقو اهو آهي ته ٽنن جي حساب سان ننڍي وڏي مڇي ماري، ايڪسپورٽ ڪوالٽي کڻي باقي سڀئي مئل مڇيون جيڪو 90% سيڪڙو هوندو آهي، سمنڊ ۾ اڇلايو ويندو آهي هن حرڪت ڪري مڇي جي نسل ڪشي سان گڏوگڏ سامونڊي گدلاڻ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. باٽم ٽرالر سمنڊ جي اونهائي ۾ وڃي سڀني پاڻي جي جيوت کي مٿي کڻي ٿو اچي جنهن ۾ مڇي ۽ ٻين پاڻي جي جيوت جي نسل ڪشي  ٿي رهي آهي. 14 ٽرالرن کي ٽيونالانگ لائينس ڏنا ويا آن. ربن فش جيڪي جاپاني ٽرالر 45 سينٽ في ڪلوگرام جي حساب سان وڪرو ڪري پئسو ڪمائي رهيا آهن ۽ اسانجو ماهيگير حسرت سان فقط اهي ڳالهيون ٻڌي ٿو. جنهن حساب سان ربن فش جو شڪار ٿي رهيو آهي ايندڙ ڪجهه سالن م هي بلڪل ختم ٿي ويندو.

چين، ڪوريا، جاپان، تائيوان جا ٽرالر پاڪستاني ڪمپنين کي پاڻ سان شامل ڪري ڪاغذن ۾ جوائنٽ وينچر جي شڪل اختيار ڪري رهيا آهن. انهيءَ جوائنٽ وينچر جي نالي تي اسان جي قدرتي دولت کي تباهه ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن حڪومت هن پاسي ڌيان نه ڏنو ته سمنڊ خالي ٿي ويندو.

بولو، ڳجو ۽ قطرو رڇ وارو مسئلو تمام پراڻو آهي. 2.5 سينٽي ميٽر سوراخ واري رڇ ۾ مڇيءَ جو ٻچو به مري وڃي ٿو. جيڪو آبي حيات لاءِ خطرناڪ آهي جنهن سان به مڇي جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي. ڪراچي جي سامونڊي پٽي ۾ بنگالين ۽ پٺاڻن جي اچڻ ڪري انهن رڇن جو استعمال وڌي ويو آهي. انهن کي ڏسي هتان جو مقامي ماهيگير به وڌ کان وڌ مڇي مارڻ جي لالچ ۾ انهن رڇن کي استعمال ڪري رهيو آهي. هاڻي ته واٽرنيٽ جو استعمال وڌي رهيو آهي جيڪو سڀني رڇن کان خطرناڪ آهي. هي هڪ سنهي ڄاري آهي جنهن مان فقط پاڻي گذري سگهي ٿو. چاندي وانگر چمڪندڙ هي ڄاري به آبي حيات لاءِ وڏو خطرو آهي.

خوبصورت فائلين ۾ بند قانون ۽ آرڊيننس:

انهن سڀني غير قانوني طريقن کي روڪڻ لاءِ قانون موجود آهن. ماحولياتي گدلاڻ کي ڪنٽرول لاءِ هتي پاڪستان ۾ صوبائي ۽ وفاقي سطح تي ماحوليات جو ادارو ۽ هن جا هيٺيان ادارا موجود آهن. سنڌ انوائر مينٽل پروٽيڪٽ ايجنسي (SEPA) جيڪو حڪومت سنڌ جي هائوسنگ ٽائون پلاننگ ۽ ماحوليات کاتي سان ڳنڍيل هڪ ذيلي ادارو آهي. هي ادارو 1989ع ۾ قائم ڪيو ويو. هيءَ هڪ مانيٽرنگ ايجنسي آهي. 1993ع ۾ نوٽيفڪيشن ۾ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان صنعتن لاءِ جيڪو معيار مقرر ڪيو ويو آهي، SEPA ان جي نگراني ڪندو آهي. هن آرڊينينس موجب پهرئين جولاءِ 1994ع کان لڳندڙ سڀني ڪارخانن لاءِ اهو لازم هوندو ته هو ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائن ۽ قانون جي پاسداري ڪن. پهرين جولاءِ کان اڳ ۾ قائم سڀني ڪارخانن لاءِ اهو لازمي قرار ڏنو ويو هو ته اهي جولاءِ 1996ع تائين ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائن. هن قانون تحت جيڪڏهن ڪو يونٽ قانون جي خلاف ورزي ڪندو ته ان تي هڪ لک رپيا ڏنڊ وڌو ويندو ۽ مالڪ کي ٻن سالن تائين قيد جي سزا ڏني ويندي ۽ جيڪڏهن ڪو مسلسل خلاف ورزي ڪري ٿو ته 10 هزار رپيا روزاني جي حساب سان وڌيڪ ڏنڊ ورتوويندو.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هن قانون تي ڪيتري حد تائين عمل ڪيو ويو آهي. قانون تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ هن قانون جي ڀڃڪڙي سرڪاري شعبي پاران قائم ڪارخانا وڌيڪ ٿا ڪن. ڪراچي ۾ مڇي مارڻ لاءِ سمنڊ ۾ قانون جي پاسداري ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ادارا ۽ قانون موجود آهن.


 

Laws And Regulations

Exclusive Fishery Zone (Regulation of Fishing) Act 1975, Government of Pakistan.

Exclusive fishery zone (Regulation Fishing Rules, 1990, Government of Pakistan.

Territorial Waters and Maritime zones Act 1976, Government of Pakistan.

Ordinance to amend the karachi port Turst Act 1886, 13 july 1994, Government of Pakistan.

Environment protection Act 1997, Government of Pakistan.

Coastal Development Authority Act 1994, Government of Sindh.

Korangi Fisheries Harbour Authority Ordinance 1982, Government of Pakistan.

Karachi Fisheries Harbour Authority Ordinance 1984, Government of Sindh.

Deep Sea Fishing Policy 1995, Government of Pakistan.

Sindh Fisheries Ordinance 1980, Government of Sindh.

Sindh Fisheries Rules 1983, Government of Sindh.


 

ادارا:

(1) سنڌ انوائر مينٽل پروٽيڪٽ ايجنسي SEPA

(2) ميرين پولوشن بورڊ MPB

(3) ڪوسٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي سنڌ

(4) فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي

(5) زراعت، لائيو اسٽاڪ، فشريز کاتو حڪومت سنڌ

ايترن ادارن، قانون، آرڊيننسن جي موجودگي جي باوجود قانون جون ڌڄيون اڏايون وڃن ٿيون. انهن ادارن تي روزانو لکين روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا. پر انهن مان ڪو کڙ تيل نه نڪتو آهي. هن سلسلي ۾ غير سرڪاري تنظيمن جنهن ۾ ڊبليو ڊبليو ايف W.W.F آءِ يو. سي. اين I.U.C.N اسڪوپ scope، شرڪت گاهه Shirkat gah، پاڪستان فشر فوڪ فورم ۽ PNRDP ڪنهن حد تائين مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. عوام ۾ انهيءَ متعلق شعور جي ڄاڻ به مهيا ڪئي آهي. انهيءَ تمام ادارن سان ملي ڪري هڪ مضبوط بورڊ جوڙي اسان پنهنجي سمنڊ هن جي جيوت ۽ ڪراچي شهر کي ماحولياتي گدلاڻ کان بچائي سگهون ٿا. پر هن ۾ خلوص ۽ نيتن جو عمل دخل نهايت ضروري آهي.

انسان کي پنهنجي سموري گند ڪچري جي ڍيرن، زهريلي پاڻي تي ڳري لاڳت ڪرڻي پوندي. جيڪا ڌرتيءَ جي مٽي، فضا، زمين جي مٿاڇري، سمنڊ ۽ زمين جي هيٺ پاڻي جي گدلاڻ جو سرگرم وسيلو بڻيل آهي. ماحوليات جي تحفظ لاءِ پوري دنيا ۾ انقلابي ۽ اثرائتا اپاءُ نه ورتا ويا ته پوءِ زمين ۽ سمنڊ تان حياتيءَ جومڪمل تباهي جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويندو. جنهن کي ڪير به روڪي نه سگهندو. پاڪستان ۾ اهو خطرو ٻين اُسريل ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. جنهن ۾ سنڌ جو سامونڊي ڪنارو ڪراچي کان بدين تائين وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي. خاص ڪري ڪراچي ماحولياتي گدلاڻ جي هر قسم واري گدلاڻ جي شديد لپيٽ ۾ آهي.

اسان جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهيون اهو ايندڙ نسل جي تباهي جو ڪارڻ هوندو ايندڙ نسل فقط پري کان ماسڪ پائي گدلي سمنڊ جو نظارو ڪندو. هو سامونڊي جيوت ۽ تمر جي وڻ جا فقط فوٽو ڪمپيوٽر ۽ ڪتابن ۾ ڏسي سگهندا. هو بارش ۾ وهنجڻ جو تصور به نه ڪري سگهندا. زهريلين بارشن کان بچاءُ لاءِ هو گهرن ۾ بند رهندا ۽ انهن بارشن کان بچاءُ لاءِ هو ڌڻي در دعائون گهرندا. ڪيڏو فرق هوندو اسان ۾، ۽ انهن ۾. اسان بارشن لاءِ دعائون ٿا گهرون پر اسانجو ايندڙ نسل بارش نه ٿيڻ لاءِ دعائون گهرندو.

 

ٻاڪراڻ کان ٻلهيجي تائين تاريخي اهڃاڻن جي تباهي جو داستان

 

پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس، گرمين جي موڪلن ڪري اسڪول بند هيو، سو پنهنجي ماروٽ سان گڏ ملير ۾ انهن جي ڳوٺ بلباس موڪلون گذارڻ ويس. اهو ڳوٺ ملير سٽي ريلوي اسٽيشن ڀرسان هو. ڳوٺاڻن جو گذر سفر زراعت تي هو. اسٽيشن وارو پاسو گرانڊ هوٽل ۽ جامعه مليه ڪاليج تائين آباد هو. گرانڊ هوٽل انگريز دور ۾ هڪ پارسي ٺهرائي هئي جيڪا ڪراچي جي مشهور هوٽلن مان هڪ هئي. هوٽل کي ختم ڪري رهائشي جاين ۾ تبديل ڪيو ويو. 2007ع تائين هوٽل جي ديوار اڃا بچيل هئي. ڳوٺ ۾ منهنجي مامي کانسواءِ ٻه ماسيون به رهنديون هيون. ڳوٺ جي آس پاس ٻيرن ۽ بادامن جا وڏا وڻ هئا. ريلوي لائين لڳ ٽيوب ويل لڳل هو، سڄو ڏينهن انهن وڻن تي چڙهڻ، ٽيوب ويل جي ڪنڊي (حوض) ۾ وهنجڻ ۽ شام جو ريلوي لائين پار ڪري ملير سٽيءَ ۾ پڪوڙا کائڻ ۾ وقت گذري ويندو هو. مون زندگي ۾ پهريون ڀيرو ريل ڏٺي هئي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ايندڙ ريل گاڏين کي ڏسندو هوس. بلباس ڳوٺ جي اولهه طرف قديم ڳوٺ ۽ نور الدين ڳوٺ هئا (اڄ به اهي ڳوٺ موجود آهن) ڏکڻ طرف جامعه ملير ڪاليج، داد رحيم ڳوٺ، غلام محمد ڳوٺ ۽ جمعا ڳوٺ هئا جيڪي اڄ به آهن. انهن کانسواءِ ٻي ڪا به آبادي نه هئي. ريلوي لائين کان ملير نئين تائين پورو علائقو زراعت ڪري سرسبز ۽ دل کي وڻندڙ هو. ملير نئين تائين پورو علائقو آباد هو. نئين جي پاسي کجين جا ڊگها وڻ ۽ انهن هيٺيان وهندڙ ٽيوب ويل جو پاڻي ڪنهن نخلستان جو ڏيک ڏيندا هئا. انهن گهاٽن وڻن ۾ نواب آف بهاولپور جو ”القمر هائوس“ ۽ خان آف قلات جو ”قلات هائوس“ جنهن جو نالو هاڻي ڀوپال هائوس آهي. موجود هئا. جيڪي اڄ به آهن.

موڪلن جي آخري ڏينهن، رات جي ماني کائي مائٽن کان اجازت وٺي شاهين سينيما (هاڻي سنگيت سينيما) تي آيا هياسين، ڇت نه هئڻ ڪري ٻه شو ٿيندا هئا. اسان آخري شو تي آيا هئاسين. وحيد مراد جي فلم ”هيرا اور پٿر“ لڳل هئي. فلم جي شوٽنگ ملير جي خوبصورت باغن ۾ ٿي هئي. ان ڪري شو شروع ٿيڻ کان پهرين ٽڪيٽون ختم ٿي ويون. گهڻي منٿ ڪئيسين، پر ناڪام ٿياسين. فلم جي ٽڪيٽ نه ملڻ ڪري مون روئي ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته ڳوٺ ۾ رهڻ ڪري ۽ شهر کان پري هئڻ ڪري وري خبر ناهي ڪڏهن فلم نصيب ٿئي ۽ پوءِ ٿيو به ائين. جو مون پهرين فلم مئٽرڪ ۾ ڏٺي. اها پهرين فلم لانڍي جي گلستان سينيما ۾ پنجابي فلم ”ڌي راڻي“ هئي جنهن جو هيرو اقبال حسن ۽ هيروئن عاليه هئي.

موڪلون ختم ٿي ويون آئون ڳوٺ هليو آيس. ڪجهه سالن کانپوءِ مامون ۽ ماسيون هتان لڏي گڏاپ آيا. پوءِ بلباس ڳوٺ وڃڻ نه ٿيو. ڏهن ٻارهن سالن کانپوءِ جڏهن اتي وڃڻ ٿيو ته نه هتي بلباس ڳوٺ هو ۽ نه ئي اهو سر سبز  علائقو، نه ٻيرن جا وڻ ۽ نه ئي ٽيوب ويل. ڪنهن کان پڇيم، ته بلباس ڳوٺ ڪيڏانهن ويو؟ جواب مليو، ته زمين جي مالڪ زمين ڌارين کي وڪڻي ڇڏي، جتي سوسائٽيون ٺهي ويون. انهن ڳوٺاڻن جو گذارو انهي زمين تي هو، اهو ئي نه رهيو ته هو لڏي ويا، ڪجهه گهر آهن پر ڌارين هن جو نالو تبديل ڪري هاڻي ”مدينا ڪالوني“ رکيو آهي ۽ جيڪا مسجد بلباس ڳوٺ وارن ٺاهي هئي هاڻي اتي بيت القرآن پبلڪ اسڪول قائم ٿي چڪو آهي ۽ ان پراڻي کوهه جا نشان اڄ به موجود آهن.

بلباس، جيڪو منهنجو پڙنانو هو، الائجي ڪهڙي دور ۾ اچي هي ڳوٺ آباد ڪيو هئائين ۽ پوءِ زماني جي گردش اهڙو ڦيرو کاڌو جو بلباس ڳوٺ کي مسلمان ڪري مدينا ڪالونيءَ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت پوري تاريخ ختم ٿي ويئي. اها تاريخ چند پوڙهن جي دلين ۾ محفوظ آهي، اهي به زماني جي گردش ڪري ڪنهن خزان جي ڇڻيل پن وانگر هڪ ٻئي کان وڇڙي ويا آهن. خبر ناهي ته اهي ڪٿي هوندا؟ مون کي اهو سڀ ڪجهه خواب لڳو ۽ ملير سٽي ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي هن ڳوٺ جي انهن مزدور ماڻهن جي ياد ۾ ڪجهه لڙڪن جو نذرانو ڏيئي آئون اٿان ٿو ۽ سوچيان ٿو، هي هڪڙي بلباس ڳوٺ جو الميو نه آهي. هي ڪراچيءَ سميت پوري سنڌ جو الميو آهي. ترقيءَ جي نالي تي انسان نه مڃڻ جي الميي کي به سمجهڻ گهرجي. سنڌ جي تهذيب کي گڏهه چارڻ ۽ اٺ هڪلڻ وارن جي تهذيب چئي، هن کان هميشه نفرت ڪئي وئي، اهي ماڻهو ڪيئن اسانجي ، تاريخي جاين ۽ ماڳن مڪانن جي وجود کي برداشت ڪندا؟ ڪنهن قوم جي وجود لاءِ اهو ضروري آهي ته ملڪ جي منڊيءَ تي انهيءَ ٻولي جو ڪنٽرول هجي. جيڪڏهن منڊيءَ تان ڪنٽرول ختم ٿي ويو، ته پوءِ ان قوم جو وجود بچائڻ به ڏکيو ٿي پوندو آهي. ڪراچيءَ جيڪا سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ بين الاقوامي منڊي آهي، اتي هر شيءِ جي خريداري ۽ ڏي وٺ جي لاءِ اسان کي به مجبورن اردو ڳالهائڻي پوي ٿي ۽ ٻاهران ايندڙ ماڻهن لاءِ اهو تاثر قائم ٿي ويو آهي ته هتي سنڌين جو وجود ئي ڪونهي، جڏهن آئون رولاڪي لاءِ پنجاب، اترئين علائقن ۽ سرحد ويندو آهيان ته اهي ماڻهو اعتبار نه پيا ڪن ته ڪو ڪراچي ۾ به سنڌي وڏي تعداد ۾ رهن ٿا.

ڪراچي ۾ موجود قديم جاين ۽ تاريخي ماڳن مڪانن کي لاوارث سمجهي انهن جي وجود کان انڪار ڪري گهڻن عمارتن جا نالا تبديل ڪيا ويا. ڳوٺن ۽ علائقن جا نالا تبديل ڪري اوپرا نالا رکيا ويا ته جيئن ڪراچيءَ تي مقامي ماڻهن جي مالڪي کي مڪمل طور ختم ڪري سگهجي.

مشهور تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي هڪ هنڌ چيو هو ته، ”تاريخي ماڳ مڪان ۽ جايون اسان جا تاريخي ورثا آهن. هڪ ته آهي لکيل تاريخ ۽ ٻي آهي عمارتن ۽ جاين جي تاريخ، جايون جيڪي تاريخ بيان ڪنديون آهن، اهي وڌيڪ سچيون ۽ موثر هونديون آهن، ان لاءِ جو جايون ڪوڙ نه ڳالهائينديون آهن.“

ڪراچي جا اهي علائقا، جايون، نديون، ڍوريون، جبل ۽ ڳوٺ هن علائقي جا تاريخي اهڃاڻ آهن، انهن جا نالا تبديل ڪري تاريخي سچائي ۽ اهڃاڻن کي به مٽايو پيو وڃي.

هن مضمون ۾ به آئون ڪجهه اهڙن علائقن ۽ ڳوٺن جو ذڪر ڪندس، جن جا نالا تبديل ڪري انهن کي مسلمان ڪيو ويو آهي. اهڙا کوڙ سارا علائقا آهن. جن تي تحقيق ۽ جاکوڙ جي ضرورت آهي. ان لاءِ هن مضمون کي ابتدائي مضمون سمجهي پڙهڻ گهرجي انگريزن جي دور ۾ اهڙين تبديلين جو رڪارڊ رکڻ جو رواج هو. وقفي وقفي سان هڪ گزيٽيئر شايع ڪري شهرن بابت ڄاڻ محفوظ ڪئي ويندي هئي پر هاڻي اهو رواج ڪونهي، ان ڪري هي مضمون جهونن سان ٿيل ڪچهرين مان مليل معلومات جي بنياد تي ڏئي رهيو آهيان.

سڀ کان پهرين لالو کيٽ جو نالو تبديل ڪري لياقت آباد رکيو ويو جيڪو علائقو لالو جي کيٽن جي ڪري مشهور هو. ڪنهن زماني ۾ لياري ندي جا ٻئي پاسا ٽي هٽي جنهن کي هاڻي تين هٽي ڪيو ويو آهي کان هاڻوڪي گارڊن تائين آباد هئا ۽ کوهن جي پاڻيءَ وسيلي هتي زراعت ڪئي ويندي هئي. لال محمد عرف لالو خوجي جي کيٽن وارو علائقو لالو کيٽ هضم نه ٿي سگهيو ان کي لياقت آباد ڪيو ويو، کنڊو ڳوٺ، موسو ڳوٺ، خواستي بروهي ڳوٺ ۽ ٻيا ڳوٺ جيڪي ديهه کاري لڪي ۾ هئا. کاري لڪي ديهه کي نارٿ ڪراچي ۽ ناظم آباد ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ کنڊو ڳوٺ، خواستي بروهي ڳوٺ ۽ موسيٰ ڳوٺ اڄ سوڙها ٿي چند گهرن تائين رهجي ويا آهن ۽ اهي نارٿ ناظم آباد جي بنگلن جي وچ ۾ قائم آهن. جن تي وڳوڙن دوران دهشتگردن پاران زبردست فائرنگ ڪري ڳوٺاڻن کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. کنڊ ڳوٺ وارن جو چوڻ آهي ته ورهاڱي وقت لياري جو هي پاسو خالي هو، چار پنج ڳوٺ هئا ۽ هنن جو گذر سفر زراعت ۽ مال چارڻ تي هوندو هو. پوءِ انهن زمينن تي ڏسندي ئي بلڊنگون ٺهي ويون. روزگار ختم ٿيڻ ڪري مالوند ماڻهو ۽ هاري لڏپلاڻ تي مجبور ٿي پيا. اهڙي طرح هاڻي اهي چند گهر بچيا آهن، جن کي به اهي ماڻهو برداشت نه ٿا ڪن اهو ئي حشر ڀانگريا ڳوٺ سان ڪيو ويو، جتي عزيزآباد جوڙيو ويو. هاڻي ڳوٺ الله داد ڀانگريا ۽ ڀانگرين جي هڪ ٻئي ڳوٺ کي سوڙهو ڪيو ويو آهي ۽ ڌاريا ماڻهو ان حصي کي به عزيزآباد سڏين ٿا. ڳوٺ پهچڻ لاءِ عزيزآباد جا ماڻهو ڏس ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. پير الهيٰ بخش (PIB) ڪالوني واري جاءِ تي اڳ ۾ سليمان ڳوٺ ۽ ٻيا ڳوٺ هئا اهو زرعي علائقو جتي اڄ به هڪ حصي تي باغ موجود آهي. سليمان ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن کي پي. آءِ. بي ڪالوني ۾ تبديل ڪيو ويو. جتي اڄ به هڪ حصي تي باغ موجود آهن. هتي لياقت علي خان ورهاڱي کانپوءِ لياقت بستي ٺاهي مقامي ماڻهن جي زرعي زمينن تي مهاجرن کي ويهاريو هو، پر 1960ع ۾ مقامي ماڻهن انهن کي هتان اٿاريو ۽ لياقت بستي ختم ٿي.

يونيورسٽي روڊ تي مڌو ڳوٺ لڳ شاهي هوٽل جو اسٽاپ مشهور هو. شاهي گبول جو هي هوٽل آس پاس گبولن، جوکين، پالارين ۽ بلوچن جي ڳوٺن جي مزدورن ۽ مالوند ماڻهن جي بيٺڪ هو، جتي هو ويهي ڪچهريون ڪندا هئا.

مطلب ته شاهي هوٽل سگهڙن لاءِ هڪ ادارو هو. ان کانسواءِ ميمڻ ڳوٺ، درساڻي ڇني ۽ گڏاپ کان ايندڙ بسون ۽ شهر ڏانهن سبزي آڻيندڙ اٺ گاڏين جو به هي اسٽاپ هو جتي مسافر چانهه پي ڪجهه دير آرام ڪري پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿيندا هئا. شاهي هوٽل لڳ مولڙي ٽڪري، جيڪا اڄ به روينيو جي نقشي ۾ موجود آهي جي ڪڇ ۾ هو، شاهي هوٽل کي ڊاهي پٽ ڪري فليٽ ٺاهيا ويا ۽ شاهي هوٽل اسٽاپ جو نالو بدلائي سوئي گيس اسٽاپ ۽ گلستان جوهر سفاري پارڪ جي گيٽ ويجهو (يونيورسٽي روڊ تي ڪريسنٽ اپارٽمينٽ کانپوءِ جو اسٽاپ) ٿي ويو ۽ مولڙي، سفاري پارڪ ۾ تبديل ٿي ويو. جهونا ماڻهو اڄ به هن علائي کي مولڙي چون ٿا. (گهڻن لکندڙن ان کي مرلي لکيو آهي پر صحيح لفظ مولڙي آهي.)

سپر هاءِ وي زيرو پوائنٽ تي سهراب ڳوٺ جي سامهون عبدالله پالاري ۽ بکر ڳوٺ پهرين شهر جي اندر هئا، جتان ترقي جي نالي تي انهن کي لڏائي هتي آباد ڪيو ويو. جڏهن ڳوٺ ليز ڪيو پئي ويو ته ان ڳوٺ جو اڌ هتان جي بااثر چونڊيل نمائندي ڌارين کي وڪڻي ڇڏيو. ليز وارن ڪاغذن ۾ ته اهو بکر ڳوٺ آهي پر بکر ڳوٺ انهن ڌارين کان هضم نه ٿيو ۽ پنهنجي اڌ جو نالو عباس ٽائون رکيائون. عباس ٽائون هوندي جڏهن ماضي ۾ هي علائقو ٻهراڙي ۾ هو ته ٻهراڙيءَ جي ڪوٽا تي نوڪريون وٺڻ، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ڊوميسائل ۾ بکر ڳوٺ لکرائيندا هئا.

سهراب خان گبول ڳوٺ جي پويان وارو علائقو موکيءَ جي ڀاءُ مادل جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. هتي هڪ ڍورو به مادل جي نالي سان آهي. هن جو نالو تبديل ڪري حسن آباد رکيو ويو. 1985ع ۾ جڏهن هتان پٺاڻن کي لڏايو ويو ته ان وقت جي وڏي وزير غوث علي شاهه هڪ جلسي ۾ سهراب ڳوٺ جو نالو ”اسلام ڳوٺ“ رکڻ جو اعلان ڪيو هو پر اهو نالو هلي نه سگهيو. ان سلسلي ۾ ڪي. ڊي. اي سڀ کان اڳتي هئي. هڪ پاسي هن ڳوٺن کي ڊاهي ڪري نيون آباديون جوڙيون ته ٻئي طرف انهن اسڪيمن تي انهن علائقن جي پراڻن نالن رکڻ بجاءِ اوپرا نالا رکيا ويا. سپر هاءِ وي تي جتي خوبصورت بنگلن وارو علائقو گلشن معمار ٺاهيو ويو آهي. اتي تائيسر ۽ ٿومينگ وارا علائقا آهن. ديهه صفوران کي گلزار هجري ۽ ديهه اوڪيواڙي ۽ ديهه ڳجهڙو کي گلشن اقبال، عائشه منزل، انچولي ۽ مختلف علائقن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جڏهن ماڻهن ڪي. ڊي. اي خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ۽ ڪي.ڊي.اي ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيو ته انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ نين اسڪيمن تي مقامي نالا رکيا ويا. جن ۾ سورجاڻي اسڪيم، تائيسر ۽ هلڪاڻي آهن. تائيسر ٽائون جو نالو غلط تيسر لکيو پيو وڃي اهو اصل ۾ تائيسر آهي ۽ سورجاڻي کي سرجاڻي لکيو ۽ چيو پيو وڃي جيڪو پڻ سراسر غلط آهي.

اسلاميا ڪاليج جي سامهون دائود انجنيئرنگ ڪاليج جو پوين علائقو خدا داد جي نالي سان مشهور هو ۽ اڄ به بئنڪن جي برانچن تي اهو نالو لکيل آهي پر هن جو نالو بدلائي مسلم آباد رکيو ويو. (ياد رهي ته اها پوري زمين نبيل گبول جي ڏاڏي خان بهادر الله بخش گبول جي والد خداداد گبول هندستان کان آيل مهاجرن کي مفت ڏني هئي) گرومندر کي بابري چوڪ ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. جنهن لاءِ بورڊ به لڳايا ويا آهن ۽ بسن ۽ ويگنن ۾ ان جي پروپئگنڊا لاءِ اسٽيڪر پڻ لڳايا ويا آهن.

ابراهيم حيدري ڏانهن ويندڙ ملير نديءَ لڳ جيڪي ڪچيون آباديون قيوم آباد ۽ اختر ڪالوني قائم ڪيون ويون آهن اهو علائقو اڄ به مقامي ماڻهن وٽ ڊگڙي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ابراهيم حيدري لڳ چڪرا ڳوٺ ۽ ڀنڀا خان ڪلمتي ڳوٺ آهن. ڳوٺ وارو علائقو اڄ ناصر ڪالوني ۾ بدلايو ويو آهي جتي گهڻي تعداد ۾ غير قانوني طور آيل بنگالي رهن ٿا ۽ ڪجهه حصو ڪورنگي نمبر هڪ ۽ ٻه تي ٻڌل آهي. ڀنڀا جو نالو ختم ٿي چڪو آهي.

چکرا ۽ ڀنڀا ڳوٺ جي سامهون وارو علائقو جنهن کي راڻڪيون چيو وڃي ٿو. اهو راڻي کُنيو جي بگڙيل صورت آهي. هتي راڻي نالي ڪنهن شخص پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کوهه کُنيا (کوٽيا) هئا انڪري اهو علائقو راڻي کُنيو جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ بعد ۾ بگڙي راڻڪيون ٿي ويو پر هاڻي هن کي ڪورنگي جي مختلف نمبرن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ هتي آئل ريفائنري پڻ آهي.

اڄ جتي پي.اي.سي.ايڇ.ايس، محمد علي سوسائٽي، اسٽيڊيم ۽ طارق روڊ جا علائقا آهن انهن علائقن کي اڪين واري يا اڪن واري جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هتي هڪ برساتي ڍورو وهندو هو، ان پوري علائقي ۾ اڪ جام هئا ۽ اهڙي طرح اهو پورو علائقو اڪين وارو مشهور ٿيو. مقامي جهونن وٽ اڄ به اهو علائقو انهيءَ نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن سوسائٽي جو نالو اڪن واري سوسائٽي رکيو وڃي ها ته ڪهڙي قيامت اچي ها. تبديل جي ان جبري عمل راجا جي ٽڪريءَ کي به متاثر ڪيو ۽ راجا جي ٽڪري تبديل ٿي محمد علي سوسائٽي ۽ آغا خان اسپتال ٿي ويئي. راجا وانگر، راجا جي ٽڪري به ماڻهن کان وسري وئي. جيڪو هتي راڄ ڪندو هو. هي ڪنهن ملڪ جو راجا نه، پر هتي قائم مالوند ماڻهن جي چند ڪچن گهرن ۽ جهوپڙين جو راجا هو.

نيشنل هاءِ وي تي ملير هالٽ اسٽاپ تي حبيب بئنڪ جي بورڊ تي مهراڻ برانچ لکيل نظر ايندو. ملير ڪئينٽ ڊيهه مهراڻ تي ٺهيل آهي ماڊل ڪالوني جو ڪجهه حصو به هن ديهه ۾ اچي ٿو. ديهه مهراڻ هاڻي فقط روينيو رڪارڊ ۾ آهي. هالٽ جي ڏکڻ وارو علائقو ديهه ڊگهه ۽ ڊرگ ڪالوني کي بدلائي شاهه فيصل ڪالوني ڪيو ويو آهي. ملير سٽي جي اولهندي حصي جو نالو دولت رام نگر هو، جيڪو دولترام بلڊنگ جي ڪري مشهور ٿي ويو، اهو هاڻ مسلم آباد ٿي ويو آهي ۽ ملير مندر جو علائقو مسرت ڪالوني ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جتي نيشنل هاءِ وي تي اڄ به هن مندر جا نشان آهن ۽ اهو علائقو اڄ به ملير مندر جي نالي سان مشهور آهي.

ملير مندر سان آسو ڳوٺ آهي جتي آسومل جا باغ هئا. هن جي سامهون سيٺ مولرام جو ڪمپائونڊ هو. جنهن کي جعفر طيار ۾ بدلايو ويو آهي. مقامي ماڻهو هن کي اڄ به مولرام ڪمپائونڊ چوندا آهن. سوامي مولرام جيڪو گلابداسي پنٿ جا هئا مرڻ کانپوءِ هن وصيت ڪئي ته هن کي ساڙڻ بجاءِ انهيءَ ڪمپائونڊ ۾ دفنايو وڃي. تنهنڪري وصيت موجب سوامي مولرام ۽ آسومل کي دفن ڪيو ويو. هنن جون قبرون اڄ به (2007ع) ۾ انهيءَ ڪمپائونڊ ۾ موجود آهن. جاءِ جو نالو هاڻي مهاجر آهي. بس دعا ڪريو اهي نشانيون بچن. قبرن جا فوٽو مون وٽ محفوظ آهن.

ملير کان لانڍي ويندي ملير پل کانپوءِ کاٻي پاسي وارو علائقو جنهن کي ونگي چيو ويندو هو ان کي بدلائي خلد آباد رکيو ويو ۽ ونگي صرف پراڻن ماڻهن جي دلين ۾ وڃي بچيو آهي. ملير نئين مان رئيس بچل خان جي زراعت لاءِ نڪتل (ڪسي) ونگي هاڻي گٽر نالي ۾ بدلجي وئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کان جمعي حمايتي ڳوٺ جو ڏس پڇيو وڃي ته هو منجهي ويندو، پر جيڪڏهن کانئس پڇيو وڃي ته ڀينس ڪالوني ڪٿي آهي؟ ته ان جو يڪدم ڏس ڏيندو. ان ڪري جمعي حمايتي ڳوٺ کي ڀينس ڪالوني ۾ مشهور ڪيو ويو. جمع نالي ريلوي اسٽيشن به آهي.

انگريزن جي دور ۾ هڪ فوجي آفيسر مسٽر هاڪس جي گهر واري بيمار ٿي پئي ته هو ان کي ٻلهيجي جي سامونڊي علائقي ڏانهن هوا خوري لاءِ کڻائي ويو. ٻلهيجي جو علائقو مسٽر هاڪس کي اهڙو وڻي ويو جو ٻلهيجي کي هاڪس بي ۾ تبديل ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين هاڪس بي آهي.

هاڪس بي جي اڳيان سمنڊ ڪناري ٽڪريءَ ۾ اک وانگر هڪ سوراخ هوندو هو. جيڪو اک ڦاٽو هو، پر اهو اک ڦاٽو مان ڦري پيرا ڊائيز پوائنٽ ٿي ويو آهي. اک وانگر سوراخ سمنڊ جي تيز ڇولين ۾ ختم ٿي ويو آهي.

لسٻيلي چوڪ تي ٻارڻ ڳوٺ جي سامهون اڄ به بسن وارا هن اسٽاپ کي ٻيلا اسٽاپ چون ۽ انهيءَ ٻيلا هائوس جي ڪري اهو علائقو لسٻيلو ٿيو. ٻيلا هائوس لسٻيلي جي ڄام محمد ايوب جو گهر هوندو هو. هاڻي ان کي ڊاهي ۽ مارڪيٽ ٺاهي ان تي بابر مارڪيٽ نالو رکيو ويو آهي. لي مارڪيٽ جي آءِ اسپينسر هاسپيٽل کي نئين واري هاسپيٽل (بلوچ ڪور والا اسپتال چون ٿا. ڪور نئين کي چيو وڃي ٿو.) ڇو ته ڪنهن زماني ۾ هتان لياري ندي جي اصلي ڇاڙ وهي ويندي هئي. نئين وارو علائقو جناح آباد ٿي ويو.

گهڻن علائقن جا نالا جيڪي سنڌيءَ ۾ آهن. اردو ڳالهائڻ وارن کان صحيح نه اچارڻ ڪري انهن نالن جي شڪل ئي بدلجي وئي آهي. خالق ڏنو هال هاڻي خالق دينا هال، مٺودر، ميٺادر، ڀانگريا کي ڀنگوريا، ڪياماڙي کي ڪماڙي، سورجاڻي کي سرجاڻي، ديهه ٽوڙ کي تور ۽ ڳجهڙي کي گجرو چيو پيو وڃي ۽ سرڪار جي ڪاغذن ۾ اهي غلط اچار وارا لفظ شامل ڪيا ويا آهن. محمد علي جناح جي ماءُ مٺي ٻائي جو نالو بدلائي شيرين رکيو ويو جنهن جي نالي سان ڪياماڙي ۾ شيرين جناح ڪالوني ڪچي آبادي موجود آهي.

هن مضمون کي وڌيڪ لاڀائتو بنائڻ لاءِ فيبروري 2007ع ۾ پياري فقراءُ دوست، شاعر ۽ صحافي سائين سلطان شاهه ”ساقي“، جنهن جي شاعريءَ جو ڪتاب ”ڏونگر مون مَ ڏکيوءَ“ تن ڏينهن ۾ ڇپائي هيٺ هو، سان ڱانڱياري کان وٽيجي گهگهر تائين تاريخي ماڳن مڪانن ڏسڻ جو پروگرام جوڙيو. انهن مان گهڻا تاريخي ماڳ پورٽ قاسم ۽ اسٽيل مل جي ترقي جي نظر ٿي ويا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهن کي بچائي سگهيا پئي پر اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ڪيو ويو. هزارين ايڪڙ زمين خالي هوندي به فيڪٽرين ۽ ٻين ڪمن لاءِ زمينون تاريخي ماڳن، قبرستانن ۽ ڳوٺن جون الاٽ ڪيون وڃن ٿيون.

ديهه ڱانڱيارو، ديهه ٻاڪراڻ، ديهه پپري، ديهه گهگهر، وٽيجي، گهارو ۽ ڪراچي پراڻي گس واري هنڌ اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم جتي ٺهيل آهن. جنهن سان قديمي ۽ تاريخي ماڳن کي تباهه ڪيو ويو هو انهن کي ڏسڻ ۽ قلمبند ڪرڻ لاءِ سائين سلطان شاهه ”ساقي“ رزاق آباد وارو ”سونهو“ هو. سائين سلطان شاهه به اسٽيل مل جي متاثرن ۾ شامل آهي.

پپري جي علائقي ۾ نئون بندر ٺاهيو ويو. جنهن جو نالو ”پورٽ بن قاسم“ رکيو ويو آهي. ٿيڻ ائين کپي ها جو ان جو نالو ديبل بندر يا پپري بندر رکيو وڃي ها. ائين ڪرڻ سان شايد اسان جي مسلماني کي خطرو ٿئي ها. پوري ديهه ٻاڪراڻ کي اسٽيل مل ۾ تبديل ڪيو ويو. بن قاسم ۽ اسٽيل مل واري علائقي مان 50 ڳوٺن کي لڏايو ويو جنهن جا تفصيل ڪتاب جي باب ”ڪجهه رهجي ويل منظر“ ۾ ڏنل آهن. اسان ترقي تي ارها نه آهيون. پر ترقي جي بدلي ملندڙ ذلت، بيروزگاري، بک، تاريخي اهڃاڻن ۽ قديمي قبرستانن کي ختم ڪرڻ جا مخالف آهيون. نيشنل هاءِ وي کان هڪ رستو پورٽ قاسم ڏانهن وڃي ٿو. انهيءَ رستي تي ريلوي لائين تي ٺهندڙ پل جي کاٻي هٿ ڏانهن هڪ ديوار پاسي اشارو ڪندي سلطان شاهه ٻڌايو ته هي اسٽيل يارڊ آهي. ديوار اندر ”آدم واري روهي“ آهي. جيڪو هتان جي ڀووي قبيلي جي ماڻهن لاءِ مقدس پٿر آهي. پير آدم سونمياڻي واري سان لاڳاپيل هن پٿر تي پير آدم جي نالي نذراني طور خيرات ڪيل ٻڪري يا ٻيئي ڍور جو رت لڳايو ويندو آهي. آدم پير جا خليفا ميرپور ساڪري جا بگهياڙ ڪلمتي آهن. آدم پير تي هر سال ميلو لڳندو آهي. زمانن کان هي پٿر هتي موجود آهي. روهي اڃا موجود آهي. پر ديوار اندر هئڻ ڪري مقدس مذهبي رسمون ادا نٿيون ڪيون وڃن. اهو علائقو ديهه ڱانڱياري ۾ آهي. ڱانڱيارو ڍورو به هاڻي قبضا مافيا جي ور چڙهي تباهه ٿي رهيو آهي.

 

تباهه ٿيندڙ تاريخي ڱانڱيارو ڍورو

صفحي 576 واري تصوير

 

اسٽيل يارڊ سان لڳ اوڀر پاسي ٽيهر وارو ڍورو، ٻاڪراڻ ۽ ڱانڱياري جي دنگ تي آهي. ٽيهر ۽ ٻاڪراڻ ڍورا جوريجي جي جبلن مان وهي، اسٽيل مل پار ڪري پورٽ قاسم لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. ڇوڙ واري هنڌ، سمنڊ ۾ تمر جا وڻ ۽ گهڻي علائقي تي تمر کانسواءِ جهنگ موجود آهي. سلطان شاهه ٻڌايو ته ”ڪنهن دور ۾ هتي سوئر جام هوندا هئا. جن کي ماريو ويو ۽ اڃا به ايڪڙ ٻيڪڙ جهنگ ۾ موجود آهن.“

اسٽيل مل جي مرڪزي دروازي کان هڪ رستو گهگهر ڏانهن وڃي ٿو. انهيءَ رستي جي شروع ۾ هڪ بُٺي اڃا به بچيل آهي جنهن جو نالو ”مٺي واري ڀٽ“ آهي. رستي جي ساڄي پاسي جتي هيڊ آفيس ۽ پاڻي جي ٽنڪي ٺاهي وئي آهي. هتي ٻه جاڙيون ڀٽون هيون. جنهن کي ”ڪتي ڏار واري ڀٽ“ چيو ويندو هو. گهاري، ڀنڀور کان ڪراچي ويندڙ پراڻو رستو به هتان هوندو هو. ڪنهن زماني ۾ انهيءَ ڀٽ تي رهندڙ ڪتي گهڻن مسافرن کي ڏاڙهي وڌو. جنهن کانپوءِ ان ڀٽ جو نالو ”ڪتي ڏار“ رکيو ويو.

جتي اسٽيل مل جو ٿرمل پاور آهي. هن کي ”ڪنڊورائي وارو ڀٽ، ۽ ميدان کي جتي ڪنڊي جو وڻ جهجهي تعداد ۾ هوندو هو. ”ڪنڊورائي پٽ“ چيو ويندو هو. جتي بقول سلطان شاهه جي هو ٻڪريون چاريندو هو. هاڻي نه ڀٽ آهي نه پٽ. نه ئي ڪنڊي جا وڻ ۽ نه ئي سلطان شاهه جون ٻڪريون. رهجي ويون آهن فقط يادون. گهگهر ڏانهن ويندي پپري ڍوري لڳ جيڪو ديهه ٻاڪراڻ ۽ ديهه پپري جي دنگ تي آهي. جي لڳ محمود شاهه جو ڳوٺ هو جيڪو لڏايو ويو. هتي پراڻو قبرستان موجود آهي. پپري ڍوري جي ڇوڙ لڳ سمنڊ ڪناري ”کاري ڊهي وارو پٽ“ آهي. جتي هتان جي ماڻهن جي هوڙن بيهارڻ جي جاءِ ۽ مڇي مياڻ هوندو هو. پپري ڍوري جي پار وڃبو ته پرائيويت فيڪٽرين جو علائقو شروع ٿيندو. رستي جي کاٻي هٿ تي ڪرنڊ واري ڍوري جي ڪپ تي پي.وي.سي فيڪٽري آهي. هن جي مرڪزي دروازي لڳ جيڪو سيڪيورٽي لاءِ ڪمرو ٺهيل آهي. انهيءَ ڀٽ تي ملهوغ جي ٻه ماڙ قبر به هئي. ملهوغ ڪلمتي نالي قبرستان هو جتي ڇهه کن گهاڙي قبرون خوبصورت چٽسالي سان هيون. جن مان هڪ ملهوغ جوکين ۽ ڪلميتن جي وچ ۾ لڳندڙ ”سڪڻ واري جنگ“ ۾ ڪلمتين جي جنهن اڳواڻي ڪئي هئي. مقامي ماڻهن جي احتجاج جي باوجود قبرستان کي ڊاهي ختم ڪري هتي سيڪيورٽي لاءِ ڪمرو ٺاهيو ويو. ايڏي وڏي فيڪٽري ۾ سيڪيورٽي لاءِ جاءِ ڪٿي به ٺاهي سگهيا ٿي قبرستان فيڪٽري جي ڪناري سان هو. جنهن کي چاهين ته بچائي به سگهيا ٿي پر ائين نه ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org