سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 14

سياسي تاريخ تي هڪ نظر

ننڍي کنڊ ۾ چونڊن وسيلي حڪومتون جوڙڻ جو جمهوري سرشتو انگريزن متعارف ڪرايو. سنڌ ۾ انگريزن جي دور کان اڳ بادشاهه، راجائي، سرداري نظام ۽ نوابي سرشتي تحت حڪومت جو وهنوار هلندو هو. هر قبيلي جون سماجي سرگرميون ڌار ڌار هيون. ڪوهستان ۾ رهندڙ قبيلن جا پنهنجا معاشي ۽ معاشرتي طور طريقا هوندا هئا جيڪي اڄ به آهن. اهي گهڻو ڪري حڪومتي پابندين کان پاڻ کي آزاد سمجهندا هئا. اهي مالوند ماڻهو هئا. مختلف چراگاهن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا هئا. قبيلن جا پاڻ ۾ چراگاهن ۽ پهاڙن تي قبضي لاءِ جهيڙا ٿيندا رهندا هئا. هر قبيلي کي پنهنجو سردار هوندو آهي جيڪو سڀئي فيصلا ڪندو آهي. ڳوٺ جي حد تائين وڏيرا هوندا آهن جيڪي سردارن جا نمائندا آهن.

ان کانسواءِ سنڌ ۾ ندين، دريائن جي ڪناري زرعي زمينون ۽ بندري شهر، واپاري مرڪزن جو معاشرتي نظام الڳ الڳ هوندو هو. درياءَ جي ڪناري آباد ڳوٺن ۽ شهرن جي حيثيت بند واري هئي. هتي گهڻو ڪري حڪمران طبقن جي ملازمن ۽ واپاري طبقي جي هڪ هٽي هوندي هئي.

سنڌ جو گهڻو حصو زراعت تي ٻڌل هوندو هو/ آهي. انهن زمينن تي زراعت سان گڏوگڏ اهي ماڻهو مالوند به هئا/ آهن. اهي ڳوٺن جي شڪل ۾ پنهنجي ٻنين جي آس پاس رهندا آهن. انهن ٻنين جي حفاظت گڏيل طور تي منظم ٿي ڪندا هئا/ آهن. جنهن فوج جي تصور کي جنم ڏنو.

باعاعده منظم طريقي سان فوج رکڻ جو رواج نه هو. راجا ڏاهر جي دور ۾ ملڪ جو انتظام هلائڻ وارن عهدن، لقبن جو احوال ملي ٿو. عربن انهن نالن ۾ تبديلي آندي. ميرن جي دور ۾ ٿوري ڦير ڦار سان ساڳيو سرشتو جاري رهيو. آڳاٽي دور ۾ ڳوٺ جا چڱا مڙس، پنجائت جا سرپنج پنهنجي علائقي جي سياسي، سماجي ۽ معاشي وهنوار هلائڻ جا ذميدار هوندا هئا. ٻهراڙين ۾ اهو سرشتو اڄ به قائم آهي. مخصوص ڪيل علائقن جو سمورو سياسي، سماجي ۽ معاشي نظام انهن جي حوالي هوندو هو/ آهي. اهو سماجي طرح پنهنجي قبيلي جا سردار يا نواب هوندا هئا/ آهن. پنهنجي مخصوص علائقي/ پنهنجي ذات برادري اندر ايندڙ ڳوٺن بازارن ۽ شهرن ۾ ڍل، بين ٽيڪسن جي اوڳاڙي ڪري سرڪار کي پهچائيندا هئا. جنهن جي نتيجي ۾ ٻاهرين حملو ڪندڙن جي صورت ۾ حڪومت انهن جي ڳوٺن ۽ فصلن جي حفاظت جي ذميداري هوندي هئي. انهن ڪمن ڪري قبيلن جي چڱن مڙسن جي جاگيرن ۾ واڌارو ٿيندو ويو. اهي ماڻهو پنهنجي قبيلي/ علائقي ۽ سرڪار وچ ۾ سياسي ڪاروهنوار هلائڻ جا اهم ماڻهو هوندا هئا. انهن کي نوازڻ جو اصل مقصد اهو هو ته سنڌ اندر ڪو قبيلو حڪومت خلاف بغاوت نه ڪري جيڪڏهن بغاوت ٿيندي هئي ته ان کي ڪچلڻ جي ذميداري به انهن وڏيرن ۽ سردارن جي هوندي  هئي. ناڪامي جي صورت ۾ انهن کي پنهنجي مراعاتن ۽ جاگيردارن مان هٿ ڌوئڻو پوندو هوندو. اٽي ۾ لوڻ برابر وڏيرا ۽ سردار جيڪي ڌرتيءَ سان محبت رکندا هئا انهن حڪمرانن خلاف بغاوتون ڪيون  ۽ حڪمرانن جون ننڊون ڦٽايون.

جنگ جي صورت ۾ پنهنجي علائقي/ قبيلي مان فوج گڏ ڪري مرڪزي حڪومت ڏانهن موڪلڻ جي ذميداري به انهن سرڪاري نوابن، خانن، جاگيردارن ۽ سردارن تي عائد هوندي ۽ ائين انهن جي طاقت ۾ واڌارو ٿيندو ويو.

انگريزن جڏهن 1843ع تي سنڌ تي قبضو ڪيو ته هن به پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جاگيرداري نظام کي جيئن جو تيئن برقرار رکيو انهن جي وسيلي هڪ وفادار حلقو به پيدا ڪيو. جنهن اڳتي هلي سنڌ جي سياست ۾ اهم رول ادا ڪيو. ڇاڪاڻ ته شروع ۾ ميونسپالٽين، لوڪل بورڊن ۽ بمبئي ليجسليٽيو ڪائونسل لاءِ ووٽ جو حق ۽ بيهڻ جو حق فقط انهن کي کي حاصل هو. انهن جاگيردارن، مزدورن ۽ هارين جو استحصال ڪيو ۽ برطانوي ايجنٽ طور پنهنجا فرض به پورا ڪيا. 1935ع تائين سياسي نظام بحال ٿيڻ کان اڳ سنڌ ۾ پارٽي جو ڪو مضبوط تصور به نه هو. ڇاڪاڻ ته خود انگريز متحد ۽ منظم ماڻهن کان ڊنل هئا.

انگريزن قبضي کانپوءِ مغلن جي دور جي سڀني جاگيرن جيڪي ميرن تائين به قائم هئا انهن کي نه فقط بحال ڪيو پر انهن جي قانوني حيثيت کي به تسليم ڪيو ويو ۽ اهو ان شرط تي ته هو تاج برطانيا جا وفادار رهندا. جاگير بچائڻ ۽ مراعاتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جاگيردارن جي قطار لڳي ويئي. جنهن جي نتيجي م انگريزن خلاف هڪ وڏي عرصي تائين ڪا وڏي تحريڪ شروع نه ٿي سگهي. انهن جاگيردارن کي ٽيڪسن ۾ ڇوٽ، وڌيڪ زرعي زمينون ان شرط تي ڏنيون ويون ته وفادار سان گڏوگڏ هي انگريزن خلاف ٿيندڙ بغاوتن/ سرگرمين کي ڪچلڻ ۾ مدد ڪندا. انگريزن روڪ ۾ لگان جو نطام لاڳو ڪيو. انگريزن کان اڳ زمين جو تصور ائين هو ته اهي زمينون وقت جي حاڪم جي ملڪيت ۾ هونديون هيون. زمين ڪنهن اڪيلي ماڻهو جي ملڪيت نه هئي ۽ بادشاهه جنهن کي چاهي زمين ڏيئي نوازي ۽ جنهن کان چاهي کسي پنهنجي حوالي ڪري. انگريزن ذاتي ملڪيت جو نظام لاڳو ڪيو. گورنر جنرل وارن هيٽنگر 1872ع ۾ ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن وانگر سنڌ ۾ روڪ لگان جي بدلي زرعي زمين کي نيڪالي لاءِ ٻولي جو رواج قائم ڪيو. وڌ کان وڌ ٻولي ڏيندڙ کي پنجن سالن تائين زمين جو مالڪ قرار ڏيئي زمين هن جي حوالي ڪئي ويندي هئي. جنهن سان خوشحال زميندار جو هڪ طبقو پيدا ٿيو ۽ واپاري ماڻهن به زراعت ڏانهن لاڙو ڪيو. جنهن جي ڪري زمين حاصل ڪرڻ ڪنهن غريب مزدور ۽ هاري جي وس جي ڳالهه نه هئي. هن طبقي سياست ۾ به حصو وٺڻ شروع ڪيو.

1893ع ۾ ان نظام ۾ تبديلي ڪري هميشه لاءِ مالڪاڻي حقن تي زمين وڌ کان وڌ ٻولي ڏيندڙ جي حوالي ڪرڻ جو نظام لاڳو ڪيو ويو. جنهن سان هارين جو هڪ غلام طبقو پيدا ٿيو. وڏن وڏن جاگيردارن جي قانوني پوزيشن مضبوط ٿي ۽ اهو نظام ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اڄج به قائم آهي.

1843ع کان اڳ ڪو به هندو وڏو جاگيردار نه هو. ڇاڪاڻ ته ميرن جي وقت کان عام هندوئن کي زرعي زمين رکڻ جي اجازت نه هئي. انگريزن هن پابندي کي ختم ڪيو. اهڙي طرح نو آبادياتي دور حڪومت ۾ سنڌ جي هندوئن جي گهڻائي کي به وفاداري جي عيوض زمينون ملڻ لڳيون. هن کان اڳ هندوئن جو واپار تي مڪمل ڪنٽرول هو سنڌ کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ به انهن جون واپاري ڪوٺيون قائم هيون. هندوئن جو وڏو طبقو پڙهيل لکيل هئڻ ڪري سرڪاري ملازمت ۾ به هو.

اهڙي طرح اهو جاگيردار طبقو وقت سان گڏوگڏ نه فقط سماجي، معاشي پر سياسي لحاظ کان به بااثر ٿيندا ويا. پر تڪلف دعوتن، ناچ گاني جي محفلن، شڪار جي انتظام ڪرڻ تي انگريز سرڪار انهن کي آفرين نامن، سر، خان بهادر، راءِ بهادر ۽ نوابن جي لقبن سان نوازيو ۽ انهن کي ئي سياست ۾ اڳتي آندو.

ڪراچي جيئن ته هڪ واپاري مرڪز ۽ اهم بندرگاهه هو ان جي پسگردائي زرعي زمينون ۽ جابلو سلسلو به هو انهن جو واسطو ڪراچي سان گهٽ ٺٽي سان گهڻو هو. ٺٽي، ڪراچي ۽ مڪران ڏانهن ويندڙ رستا هتان گذري ويندا هئا. هتان جا قبيلا جيڪي  مغلن خلاف ويڙهه ۾ اڳتي هئا. تنهن ڪري مغلن ۽ بعد ۾ ڪلهوڙن هتان جي قبيلن جنهن ۾ جوکيا، برفت ۽ ڪلمتي اهم قبيلا هوندا هئا. سردارن کي جاگيرون ڏيئي رستن جي حفاظت جي ذميداري انهن جي حوالي ڪئي. ائين حڪومت خلاف اٿندڙ بغاوتن کي ختم ڪيو ويو. قبيلن کي پاڻ ۾ وڙهائي انهن جو ڌيان حڪومت جي ظلمن کان هٽايو ويو.

انگريزن به وفاداري جي بدلي ۾ ملير ۽ ڀرپاسي ۾ جاگيرن کي جيئن جو تيئن برقرار رکيو. ڪراچي شهر ۾ ميرن جي وقت کان ئي هندو واپارين جو مڪمل ڪنٽرول هو. جيڪو سيٺ نائون مل ۽ ان جي ڪٽنب جي هٿ هيٺ هو. ميرن جي صرف نالي ماتر حڪمراني هئي. ڪراچي شهر جي سياسي، سماجي ۽ معاشي نطام تي مڪمل ڪنٽرول هتان جي واپارين جي هٿ ۾ هو. ڪراچي جي انتظام سنڀالڻ لاءِ ميرن پاران ٻه گورنر مقرر هوندا هئا. هڪ فوجي گورنر يا نواب هن جي فرض ۾ شهري انتظام سان گڏ انتظامي امور ۽ فوجي امور شامل هوندا هئا. ٻيو گورنر سول ڪم ڪار لاءِ هوندو هو. سول گورنر جي فرض ۾ شهر ۾ امن امان قائم ڪرڻ، حڪومت جي قانونن تي عمل ڪرائڻ، شهرين کان ٽيڪس وٺڻ مختلف ڪيسن جا فيصلا ڪرڻ ۽ سزائون تجويز ڪرڻ جا اختيار شامل هوندا هئا. ڪراچي جي سامونڊي ڪنارن تي مختلف ڪيسن جا فيصلا ڪرڻ ۽ سزائون تجويز ڪرڻ جا اختيار شامل هوندا هئا. ڪراچي جي سامونڊي ڪنارن تي جتي ماهيگيرن جا ڳوٺ ۽ مڇي مياڻ هئا هتي به ٻين علائقن وانگر ڳوٺ جا چڱا مڙس هوندا هئا جيڪي انهن وسندين جا فيصلا ڪندا هئا. ماهيگيري طبقو هميشه حڪمرانن جي ڏاڍ جو شڪار رهيو آهي. جنهن جي ڪري معاشرتي ۽ سياسي طورج هي طبقو هميشه پٺتي رهيو آهي.

انگريزن جي قبضي وقت ڪراچي جي سول گورنر حسن بن بچو ۽ فوجي گورنر خير محمد نظاماڻي هو. سياسي حوالي سان گهڻي عرصي تائين ڪراچي جي واپار سان گڏوگڏ سياست تي به سيٺ نائون مل ۽ ان جو ڪٽنب ڇانيل رهيو. مضبوط معاشي پوزيڊن، بندر ۽ شهر هي واپار سان گڏوگڏ سياست تي به سيٺ نائون مل ۽ ان جو ڪٽنب ڇانيل رهيو. مضبوط معاشي پوزيشن، بندر ۽ شهر جي واپار تي مڪمل ڪنٽرول ڪري ميرن جي سياسي فيصلن تي به اهي اثر انداز ٿيندا هئا. ميرن کي فقط پنهنجي ٽيڪس جي اوڳاڙي سان دلچسپي هئي. ڪراچي جي سياسي ۽ سماجي معاملن ۾ انهن جي ڪا به دلچسپي نه هئي. جنهن جي ڪري انگريزن آساني سان 1839ع ۾ ڪراچي تي قبضو ڪيو. ميرن جي حڪومت هوندي به ڪراچي تي سيٺ نائون مل ۽ انگريزن جو ڪنٽرول هو. ان دوران سواءِ هڪ ٻن واقعن جي، ڪابه سياسي تحريڪ يا مزاحمتي تحريڪ اڀري نه سگهي. ڇاڪاڻ ته شروع کان وٺي ڪراچي تي ميرن جو ڪو به سياسي گرفت نه هو. ڪراچي جي حيثيت اندروني طرح هڪ آزاد رياست جي هئي. جنهن تي حڪمراني ميرن جي هئي پر سياسي ڪنٽرول هتان جي واپارين جي هٿ ۾ هو. انهن سڀني ڳالهين ڪري هتان جي سياست به سنڌ جي سياست وانگر عدم استحڪام جو شڪار رهي.

چارلس نيپئر جڏهن پوري سنڌ تي قبضو ڪيو ته هن سيپٽمبر 1843ع ۾ سنڌ جي گادي جو هنڌ حيدرآباد کان ڪراچي منتقل ڪيو ۽ ائين ڪراچي جي قسمت جاڳي پئي. اڳتي هلي ڪراچي سنڌ سميت پوري ننڍي کنڊ جي سياست جو مرڪز رهي ۽ گهڻيون سياسي تحريڪون هتان اڀريون ۽ سياسي پارٽين جو مرڪز ڪراچي رهيو ۽ سنڌ جا گهنن سياسي ماڻهن، ورڪرن ۽ سياسي جاگيردارن ڪراچي جو رخ ڪيو ۽ گهڻا هميشه لاءِ ڪراچي جا ٿي ويا. سياسي هلچل ڪري هتي سنڌي ادب ۽ صحافت خوب ترقي ڪئي. سماجي تنظيمن ۽ تعليمي ادارن جو هڪ پورو ڄاڙ هتي وڇائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي سنڌ ۾ وچولو طبقو اڀريو. جنهن سياست سان گڏ صحافت ۾ پاڻ مڃرايو.

فيبروري 1843ع کان آڪٽوبر 1847ع تائين چارلس نيپئر سنڌ جو گورنر رهيو. گورنري دوران نيپئر سياسي تحريڪن کي اسرڻ نه ڏنو ۽ هن 1844ع ۾ هڪ تنظيم ”سنڌ ايسوسيئيشن“ ٺاهي. جنهن جو مقصد پنهنجي هم خيال سماجي ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ هو ۽ ماڻهن جو رجحان سياست کان سماجي ڪمن ڏانهن هو. نيپئر انتظامي طور تي سنڌ کي ٽن ڪليڪٽوريٽ (1) ڪراچي (2) حيدرآباد ۽ (3) شڪارپور ۾ ورهايو. هر ڪليڪٽوريٽ جي انتظام هلائڻ لاءِ هڪ ڪليڪٽر مقرر ڪيو. ڪليڪٽوريٽ جي انتظامي امورن کانسواءِ مختلف ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ ۽ سرڪاري ٽيڪسن جي اوڳاڙي جو ذميوار به ڪليڪٽر هوندو هو. ڪليڪٽر ضلعي مئجسٽريٽ به هوندا هئا. انگريزن جي اچڻ کانپوءِ هتي جيڪا آزاديءَ جي تحريڪ هلي. هن کي انگريزن طاقت سان دٻايو. پوري ننڍي کنڊ ۾ انگريزن خلاف 1857ع ۾ جنگ آزاديءَ جي شروعات ٿي. هن جي شروعات اتر هندستان جي شهر ميرٽ مان ٿي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي پوري هندستان ۾ ڦهلجي ويئي. سنڌ به ان هلچل ۾ پٺتي نه رهي. حيدرآباد کانپوءِ ڪراچي ۾ 13 سيپٽمبر 1857ع جي رات 21هين بمبئي انفنٽري رجمينٽ جي مقامي سپاهين بغاوت ڪئي. بغاوت جو منصوبو ۽ ان جي اڳواڻي رام دين پانڊي ڪري رهيو هو. راز فاش ٿيڻ جي صورت انگيز سرڪار وقت کان اڳ ڪارروائي ڪري بغاوت کي ناڪام بنايو.

ڪراچي جيڪو سنڌ جي گادي جو هنڌ هو. جتي بلدياتي نظام کي فروغ ڏيڻ سان سياست جي شروعات ٿي ۽ ڪراچي سياست جو ڳڙهه بڻجي ويو. هندستان ڏانهن اچڻ وڃڻ جي ڪري هتان جي ماڻهن جا هندستان جي سياستدانن سان رابطا ٿيا. خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پوري سنڌ مان سياسي ماڻهن ڪراچي جو رخ ڪيو،  تنهن کانسواءِ ڏيهان ڏيهي حالتن ۽ خاص ڪري ننڍي کنڊ ۾ آيل انقلاب ۽ مختلف تحريڪن جو اثر ڪراچي ۾ رهيو جنهن جو اثر عام ماڻهوءَ جي ذهن ۽ معاشري تي پيو.

سنڌ تي انگريزن جو قبضو، ميرن جي سنڌ مان جلا وطني، سنڌ کي بمبئيءَ سان ڳنڍڻ، ريشمي رومال تحريڪ، خلافت تحريڪ ۽ 1857ع واري جنگ آزادي جي ناڪامي واري واقعي کانپوءِ هتي سياسي شعور وڌيو ۽ هتان جي ماڻهن ۾ تنظيم سازي ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. غير سياسي بلدياتي نظام ۾ ماڻهن حصو وٺڻ شروع ڪيو. مدرسا ۽ اسڪول قائم ڪيا ته جيئن ماڻهن ۾ سياسي شعور جو واڌارو ٿئي. ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون، سماجي تنظيمون، طبقاتي ۽ مذهبي گروهه پيدا ٿيا. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي ماڻهن جا هندستان جي سياسي  ماڻهن سان رابطا ٿيا. هندستان ۾ سياسي پارٽيون وجود ۾ آيون جن جو اثر سنڌ تي پيو ۽ ڪراچي انهن جو مرڪز رهيو. آل انڊيا ڪانگريس پارٽي ۽ جمعيت علماءِ هند پوري هندستان ۽ سنڌ ۾ مقبول سياسي پارٽيون هيون. سنڌ ۾ انهن ٻنهي جماعتن جون شاخون کوليون ويون.

سن 1913ع ۾ سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ ڪانگريس جو ميڙ نواب سيد محمد جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن کي ڪامياب ڪرڻ ۾ ايسداس، هر چند راءِ وشنداس، داڪٽر چوئٿرام، جمشيد مهتا، جيرام داس دولترام، پروفيسر گهنشام جيٺانند، ڪسيومل ٽيڪمچند، ڪلورام، مسٽر عبدالجبار، غلام علي چاڳلا، ڄيٺمل پرسرام، گوپال داس جيٺمل، ساکي ڄيٺانند، لالچند امر ڏنو، پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻي ۽ چتريج تيجومل شامل هئا.

ڪراچي ۾ جيڪا پهرئين پارٽي وجود ۾ آئي اها ”سنڌ سڀا“ هئي جيڪا فرقيواراڻي متڀيد کان آجي جماعت هئي. اها جماعت 1882ع ۾ وجود ۾ آئي.. اها هڪ اهم ۽ تاريخي جماعت هئي، جنهن ۾ هندو، مسلمان، عيسائي، پارسي سڀ شامل هئا. هن جماعت سنڌ ۽ سنڌين جي سياسي مسئلن، زرعي مسئلن، زرعي مسئلن ۽ سماجي مسئلن لاءِ ڀرپور جاکوڙ ڪئي. سنڌ سڀا پاران ٻه اخبارون ”سنڌ ٽائمس“ ۽ ”سنڌ سڌار“ جاري ڪيون ويون. آگسٽ 1887ع ۾ سنڌ سڀا جي اڳواڻ ديوان ڏيارام ڄيٺمل جي ديهانت کانپوءِ جماعت جون واڳون اڌارام مولچند جي هٿ ۾ آيون. ڪراچي ۾ ٿيندڙ ميونسپل ۽ لوڪل بورڊ جي چونڊن ۾ هن جماعت ڀرپور حصو ورتو ۽ ان جا نمائندا اڪثريت سان ڪامياب ٿيا. حسن علي آفندي جماعت جو سرگرم ڪارڪن هو. بعد ۾ اختلافن ڪري هن استعفيٰ ڏني ۽ 1884ع ۾ حسن علي آفندي ڪراچي ۾ سنڌ جي پهرين مذهبي جماعت ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جو بنياد وڌو. هندستان ۾ هن جماعت جو بنياد 1880ع ۾ سيد امير علي وڌو هو.

شهيد الله بخش سومرو        سائين جي ايم سيد   محمد علي جناح

سر عبدالله هارون      ميران محمد شاهه            سر غلام حسين هدايت الله

سر شاهنواز ڀٽو        شيخ عبدالمجيد سنڌي       ڄيٺي سپاهيملاڻي

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي       خان بهادر محمد ايوب کهڙو      ڊاڪٽر چوٿيرام

 

انهن مذهبي اختلافن ڪري سنڌ سڀا اختلافن جو شڪار ٿي ويئي. سنڌ محمدن ايسوسيئيشن تعليمي مدرسو بورڊ قائم ڪيو ۽ انهيءَ جماعت سن 1886ع ۾ سنڌ مدرسته السلام جو بنياد وڌو جنهن سنڌ جي تعليمي ميدان ۾ انقلاب برپا ڪيو. سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ واري تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اها ايسوسيئيشن سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ تائين قائم رهي. بعد ۾ هن کي آل انڊيا مسلم ليگ ۾ ضم ڪيو ويو.

سنڌ سڀا جيڪا هڪ غير فرقيوار راڻي جماعت هئي. اختلافن کانپوءِ هن تي مذهبي رنگ چڙهندو ويو. هن کي ”سنڌ هندو سڀا“ جو نالو ڏنو ويو جنهن جو روح روان ويرو مل بيگراج هو. ڪراچيءَ ۾ مرڪزي آفيس کانسواءِ پوري سنڌ ۾ هن جون شاخون کوليون ويون. 1937ع واري اليڪشن ۾ هن پارٽي هندن جي جماعت جي حيثيت سان حصو ورتو.

ريشمي رومال تحريڪ:

هن تحريڪ جو مقصد انگريزن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ هو ۽ خاص مقصد 1857ع واري شڪست جي خال کي ڀرڻ هو. جنهن لاءِ ”جماعت الانصار“ نالي هڪ جماعت ٺاهي ويئي. جنهن جو مقصد تحريڪ کي مرڪزي سطح تي هلائڻ لاءِ ديوبند علمائن کي گڏ ڪري ملڪ ۾ هڪ اهڙو انقلاب آڻڻ هو، جنهن موجب هندستان ۾ ماڻهن ۾ هلچل پيدا ڪري بعاوت ڪرائي انگريزن کي هندستان مان ڪڍڻ هو. ملڪ کان ٻاهر به رابطا ڪيا ويا. اتر اولهه سرحد تي قبائلين کان افغانستان جي نگراني هيٺ حملي ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو. حملي لاءِ 19 فيبروري 1917ع جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو هو.

ان تحريڪ جا سرواڻ مولانا محمود الحسن ديوبند ۽ ان جو شاگرد مولانا عبيدالله سنڌي هئا. ان تحريڪ جا اڳواڻ مولانا محمد صادق کڏي وارو. سندس ڀائيٽو محمد ابراهيم سنڌي، حاجي عبدالله هارون ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي هئا. انهن مان محمد ابراهيم سنڌي 1917ع ۾ روس جي انقلاب کانپوءِ بدخشان ويندي رستي ۾ وفات ڪري ويو.

هن تحريڪ جي شروعات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته بنا هٿياربنه ويڙهه جي هندستان مان انگريزن کي ڪڍڻ کانسواءِ وطن آزاد ڪرائڻ ڏکو آهي. جنهن لاءِ منصوبا بندي ڪئي ويئي.

1914ع ۾ پوري دنيا کي مهاڀاري لڙائي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي چڪو هو. ڪراچي شهر هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ٿي چڪو هو، برطانيا ۽ هن جا حامي اعلان جنگ ڪري چڪا هئا. سنڌ سميت پوري هندستان ۾ هر سياسي، سماجي شخصيتن کي گرفتارين جو هڪ اڻکٽ سلسلو شروع ڪيو ويو.

مولانا عبيدالله سنڌي جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد جنهن م مولوي عبدالله لغاري، فتح محمد شيخ ۽ نور محمد افغاني شامل هئا، 15 آڪٽوبر 1915ع (1333هه) تي ڪابل پهتو. ڪابل پهچي مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي انقلاب پروگرامن جي تياري ۾ لڳي ويو. جتي هن افغانستان جي بادشاهه امير حبيب الله سان ملاقات ڪئي. مولانا ان کي انقلابي پروگرام سمجهايو. امير حبيب الله سڀني کان اها بيعت ورتي ته جيستائين هو جنگ شروع نه ڪري، انقلابي ڪجهه به نه ڪندا ۽ هو فقط جنگ جي تياري ڪندا. اهڙو واعدو حضرت ابو السراج، غلام محمد دين پوري، مولانا تاج محمد امروٽي کان به ورتو ويو. سڀ ماڻهو امير حبيب الله کان جنگ جي اعلان جا منتظر هئا. امير حبيب الله جيئن ته انگريزن سان ٻڌل هو. احري بيعت جو مقصد به اهو هو. جنهن تي جنوري 1916ع ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جنود الله جو قيام عمل ۾ آندو. مولانا عبيدالله ڪابل ۾ ويهي هندستان جي هڪ عارضي جلا وطن حڪومت قائم ڪئي. ان جو صدر راجا مهندر پرتاب، وزيراعظم برڪت الله ۽ مولانا پاڻ وزير داخلا هو. ان قوت روس ۾ ڪميونسٽ انقلاب شروع ٿي چڪو هو.

ان تحريڪ کي ريشمي رومال تحريڪ ان ڪري چيو وڃي ٿو، جو انگريزن کان لڪ ۾ مولانا عبيدالله سنڌي مختلف سياسي شخصيتن ۽ تحريڪ جي ڪارڪنن ڏانهن هدايتون ۽ تجويزون ريشمي ڪپڙي جي هڪ گز ڊگهي ۽ هڪ گز ويڪري ٽڪري تي لکي موڪليندو هو. آخري ٽي خط جيڪي عبدالحق نالي ڪارڪن جي هٿان موڪليا ويا، جن ۾ هڪ خط شيخ الحديث مولانا محمود الحسن جي نالي هو. اهي خط انگريزن جي هڪ الچي خان بهادر حق نواز جي هٿ لڳي ويا اهڙي طرح انگريزن کي هن ڳجهي تحريڪ جي ڄاڻ ملي ويئي. انگريزن وٺ پڪڙ شروع ڪئي. ۽ ائين اها تحريڪ پنهنجي منزل تي پهچڻ کان اڳ ناڪام ٿي ويئي.

سنڌ ۾ هن تحريڪ جو مرڪز ڪراچي جو علائقو کڏو رهيو. جتي مولانا محمد صادق جو مدرسو هيڊ ڪواٽر هو. سنڌ ۾ ننڍي ڪارڪن کان وٺي مرڪزي اڳواڻن تائين خدائي فوج ۾ قائم مقام سالار کان وٺي ليفٽيننٽ تائين سنڌي اهم عهدن تي فائز هئا. راز ظاهر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ مان مولانا تاج محمد امروٽي، مولانا مهمد صادق کڏي وارو، پير اسد الله شاهه، مولوي عبدالله، حڪيم قاضي عبدالقيوم، شيخ عبدالمجيد سنڌي، شاهه بخش لاشاري، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي کي گرفتار ڪيو ويو. مولانا محمد صادق کڏي وارو (ڪراچي)اهم اڳواڻ هو جنهن کي گرفتار ڪري ٽي سال جي سزا ٻڌائي ويئي.

شيخ عبدالرحيم سنڌي تحريڪ جو هڪ اهم ڪارڪن هو. تحريڪ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ هن جي گرفتاري جا آرڊر جاري ڪيا ويا پر سرڪار کي هٿ نه لڳو. رپورش سرهند شريف هليو ويو. هتي مزدوري ڪندو هو ۽ اتي ئي گذاري ويو. حضرت شيخ الهند ۽ سندس ساٿين مولانا حسين احمد مدني ۽ ٻين کي مديني شريف مان گرفتار ڪري انگريزن جي حوالي ڪيو ويو. انهن کي مالٽا ٻيٽ ۾ قيد ڪيو ويو.

سنڌ ۾ هن تحريڪ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ مولانا عبيدالله سنڌي افغانستان م رهي پيو. مئي 1919ع ۾ جنگ کانپوءِ افغانستان برطانيا جي چنبي مان مڪمل آزاد ٿي ويو. افغانستان جو بادشاهه امير امان الله پنهنجي پيءُ حبيب الله ۽ ڏاڏي عبدالرحمان وانگر انگريزن جو ساٿاري نه هو. امير امان الله مولانا جي جلا وطن حڪومت کي تسليم ڪيو. مولانا عبيدالله سنڌي 15 آڪٽوبر 1922ع تي ڪابل کان ماسڪو پهتو. هتان کان جولاءِ 1933ع ۾ ترڪي پهتو. مختلف ملڪن مان ٿيندو مديني شريف پهتو. جتي جنوري 1938ع ۾ مولانا کي انڊين پاسپورٽ جاري ڪيو ويو. مارچ 1939ع ۾ هو ڪراچي بندر تي پهتو جتي بندرگاه تي سنڌ جي وڏي وزير الله بخش سومري ان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. سنڌ ۾ ان 1844ع ۾ هڪ سياسي جماعت سنڌ ۽ هند پارٽي جو بنياد وڌو. اها جماعت اڄ به سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙ پئي ڪري. افغانستان جي حڪمرانن ۽ سنڌ ۽ هند جي ڪجهه سياستدانن پنهنجي ذاتي فائدن خاطر هن تحريڪ ۾ انقلابين جو ساٿ ڏنو. اها تحريڪ ناڪام ٿي.

خلافت تحريڪ:

1857ع جي جنگ آزادي ۾ ترڪي جي حڪومت ننڍي کنڊ جي آزادي جي علمبردارن جي مدد لاءِ پنهنجي فوج کي دهلي موڪليو ۽ مالي مدد به ڪئي. جنهن جي ڪري پهرئين مهاڀاري لڙائي ۾ برطانيا حڪومت ترڪي خلاف جنگ شروع ڪئي، ته ننڍي کنڊ جي ماڻهن هن اڳرائي خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ رضاڪار ڀرتي ڪري ترڪي موڪليا. پوري هندستان وانگر سنڌ جي ماڻهن به عثماني خليفي جي رتبي کي قائم رکڻ واسطي پڻ هن تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.

ترڪي جي عثماني حڪومت سن 1281ع کان 1512ع تائين يونان، سربيان، بلغاريا، قسطنطنيا، يورپ، ايشيا، ڪريميا، انا طوليا، بلستان، مصر، مڪي ۽ مديني جي علائقن تائين قائم ٿي چڪي هئي. پهرئين مهاڀاري لڙائي ۾ سنڌ سميت هندستان جي ماڻهن جون همدرديون ترڪي سان هيون.

سنڌ مان تاج محمد امروٽي، تراب علي شاهه، رئيس جان محمد جوڻيجو، شيخ عبدالعزيز ۽ حاجي عبدالله هارون اهم ڪردار ادا ڪيو. هندوئن ۽ مسلمان ايڪي جو مظاهرو ڪيو. تحريڪ جي جلسن ۽ ميٽنگن ۾ مهاتما گانڌي، پنڊت موتي لال نهرو، پنڊت مدن موهن مالوي شرڪت ڪندا هئا. گانڌي ان موقعي تي اعلان ڪيو هو ته ”قومي مسئلي وقت هندو ۽ مسلمان هڪ آهن.“

اتحادين ترڪي جي قسمت جو فيصلو ”سيورز عهد نامي“ وسيلي ڪيو ويو ۽ ترڪي جي سلطنت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو. هن معاهدي خلاف سنڌ سميت پوري هندستان ۾ جلسا جلوس ڪڍيا ويا. مئي 1920ع ۾ خلافت ڪانفرنس ۾ اڻ سهڪاري تحريڪ جي شروعات ڪئي ويئي. جيڪو مهاتما گانڌي جو فيصلو هو. هن کان اڳ 17 آڪٽوبر 1919ع ۾ پوري هندستان م خلافت ڏينهن ملهايو ويو. مجلس خلافت نالي هڪ انجمن قائم ڪئي وئي. بعد ۾ انهيءَ کي آل انڊيا خلافت ڪاميٽي جو نالو ڏنو ويو. خلافت تحريڪ جو پهريون اجلاس 24 نومبر 1919ع ۾ دهلي  ۾ مولوي فضل حق جي صدارت ۾ منعقد ڪيو ويو. هن اجلاس ۾ مهاتما گانڌي ۽ پنڊت موتي لال نهرو سميت گهڻا هندو اڳواڻ به شريڪ ٿيا. 1919ع ۾ سنڌ ۾ خلافت ڪاميٽي جي شاخ ڪراچي ۾ قائم ڪئي ويئي. ان جو پهريون اجلاس 4 جنوري 1920ع ۾ حيدرآباد ۾ ۽ ٻيو اجلاس اپريل 1920ع ۾ سيوهڻ ۾ ٿيو، ڪراچي جي مذهبي سياسي اڳواڻ مولانا عبدالڪريم درس صدارت ڪئي. ڪراچي ۾ حاجي عبدالله هارون سرگرم هو. جنهن اپريل 1920ع ۾ ترڪي جي خليفي وحيدالدين جي نالي سان ڪراچي مان هڪ سنڌي روزنامو ”الوحيد“ جي نالي سان جاري ڪيو. انهن ڏينهن ۾ الوحيد جو ايڊيٽر شيخ عبدالمجيد سنڌي هو. اخبار تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. اخبار الوحيد سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. پوري هندستان وانگر سنڌ سميت ڪراچي ۾ به هندوئن ۽ مسلمانن ڀرپور حصو ورتو. رئيس جان محمد جوڻيجي ان موقعي تي انگريز سرڪار پاران مليل سمورا خطاب واپس ڪيا ويا. پهرئين آگسٽ 1920ع تي اڻ سهڪاري تحريڪ جي ڏينهن هندستان ۾ هڙتال ڪئي ويئي.

انهيءَ وچ ۾ لڏپلاڻ تحريڪ (هجرت تحريڪ) به شروع ڪئي ويئي. جنهن لاءِ افغانستان ڏانهن لڏپلاڻ جو فيصلو ڪيو ويو. رئيس جان محمد جوڻيجي پنهنجي لاڙڪاڻي واري بنگلي کي لڏپلاڻ ڪاميٽي جو دفتر بنايو. جولاءِ 1920ع ۾ هڪ قافلو اسپيشل ريل وسيلي جان محمد جوڻيجي جي اڳوڻي ۾ 750 ماڻهو افغانستان ڏانهن لڏپلاڻ لاءِ روانو ٿيو. جيڪي سڀئي هڪ خاص يونيفارم ۾ هئا.

الوحيد کانسواءِ 1924ع ۾ محمد هاشم مخلص اخبار ”مسلمان“ جاري ڪئي. جنهن به خلافت تحريڪ جي حق ۾ زبردست رستو هموار ڪيو. ڪراچي ۾ 8- 9- 10 جولاءِ 1921ع ۾ خلافت ڪانفرنس پاران ڪراچي ۾ وڏو جلسو ڪيو ويو. جنهن ۾ مولانا مهمد علي جوهر. مولانا شوڪت علي، هسين احمد مدني، نثار احمد ڪانپوري، پير غلام مجدد سرهندي سنڌي مٽياري وارو، بي ڪي تيرٿ، عبدالله هارون، مولانا افتخار ڪانپوري، ڊاڪٽر سيف الدين ڪاڇيلو،جگت گرو شري شنڪر آچاريا شرڪت ڪئي. اجلاس جو صدارتي خطبو مولانا محمد صادق کڏي واري پيش ڪيو. ڪانفرنس ۾ 500 عالمن انگريزن جي نوڪري کي ڪفر قرار ڏنو ۽ فتويٰ جاري ڪئي.

جنهن کانپوءِ حڪومت پاران اجلاس ۾ تقرير ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، مولانا افتخار ڪانپوري، ڊاڪٽر سيف الدين ڪاڇيلو، مولانا حسين احمد مدني، مولانا پير غلام مجدد سرهندي سنڌي ۽ جگت گرو شري شنڪر آچاريا کي مختلف علائقن مان گرفتار ڪري ڪراچي آندو ويو. انهن تي 26 سيپٽمبر 1921ع ۾ ڪراچي جي خالق ڏني هال ۾ بغاوت جو مقدمو هلايو ويو. انهن اکي ٻن سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي ويئي. سوامي شنڪر آچاريا کي بري ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته مذهبي فتويٰ سان هن جو ڪو واسطو نه هو. ڪراچي جي ماڻهن ۽ هتان ميونسپلٽي تي چونڊيل ميمبرن به هن تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ڪراچي مان مولانا محمد صادق کڏي واري، مولانا عبدالڪريم درس کي به گرفتار ڪيو ويو. ڪراچي مان بابا مير محمد بلوچ جيڪو گجرات جو سلاوٽي بلوچ هو. جيڪو ميونسپلٽي جو ميمبر ۽ ڪراچي ۾ اعزازي مئجسٽريٽ هو پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏني. سيٺ عبدالله هارون جو گهر نيپئر روڊ ڪراچي ۾ تحريڪ جو مرڪز هو. ڪراچي مان انهن اڳواڻن کانسواءِ مولوي محمد عثمان بلوچ، سيٺ طيب علي، ڊاڪٽر حاجي ولد غلام حسين قاسم، سيٺ هرچند راءِ وشنداس، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڄام مير محمد ايوب خان، بيگم نصرت هارون، قاضي عبدالعزيز، حڪيم فتح مهمد سيوهاڻي، حڪيم شمس الدين بلبل ۽ جي ايم سيد تحريڪ ۾ پيش پيش هئا.

انگريز سرڪار خلافت تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪئي حيلا هلايا. جن ۾ ”امن سڀا تحريڪ“ پڻ قابل ذڪر آهي. خلافت تحريڪ، بمبئي کان سنڌ جي ڪجهه عالمن، پيرن، گادي نشينن جي سهڪار سان ”امن تحريڪ“ جو بنياد وڌو. ان امن سڀا جو پهريون نقطو اهو هو ته ”برطانيا جي تاج ۽ تخت سان وفادار رهڻ.“

4 جولاءِ 1930ع تي هالن جي مخدوم غلام حيدر جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي پيرن ۽ فقيرن جي گڏجاڻي انگريز سرڪار جي سهڪار سان ٿي. جنهن ۾ 33 وڏن پيرن، گادي نشينن شرڪت ڪئي. سنڌ مان مولوي فيض الڪريم، محمد عبدالغني ۽ مولوي عبدالعزيز امن سڀا جا اهم اڳواڻ هئا. ان موقعي تي مولوي فيض الڪريم تحقيق الخلافت ڪتاب ۾ سنڌ جي گادي نشينن کان انگريزن جي حمايت ۽ تحريڪ جي خلافت صحيحون وٺرايون.

ٻئي پاسي هندوئن ۾ به اهڙيون جماعتون سرڪار پاران جوڙيون ويون ۽ ائين هندو مسلم ايڪي کي ٽوڙيو ويو ۽ جنهن جا اثر سنڌ تي اڳتي هلي پيا ۽ سنڌ کي جيڪو نقصان ٿيو ان جو ازالو اڄ تائين به ممڪن نه ٿيو آهي. 1924ع ۾ خلافت ڪاميٽي جو خاتمو ٿي ويو. خلافت تحريڪ دوران رولٽ ايڪٽ جهڙو قانون پاس ڪيو ويو. رولٽ ايڪٽ خلافت هندستان ۾ زبردست احتجاجي سلسلو شروع ٿيو. مظاهرن تي گوليون هلايون ويون. رولٽ ايڪٽ جو مقصد  پهرئين مهاڀاري لڙائي کانپوءِ انگريز حڪومت پنهنجي قبضي کي مضبوط ڪرڻ ۽ آزادي لاءِ هلندڙ تحريڪ کي ڪچلڻ هو. جنهن ڪري عوام تي آزار وڌي ويو. سنڌ جي سياستدانن اپريل 1919ع ۾ ڪراچي ۾ ستياگرهه سڀا قائم ڪئي. انگريزن خلاف سنڌ ۾ جيڪا ستياگرهه هلچل هلي، هن سڀا ڀرپور حصو ورتو.

اڻ سهڪاري تحريڪ جي نتيجي ۾ سڄي ننڍي کنڊ ۾ سوديشي تحريڪ زور ورتو. ڪانگريس جماعت هڪ ڪروڙ رپين جو چندو گڏ ڪيو. هزارين ماڻهن گرفتاريون پيش ڪيون. اها تحريڪ پهرين آگسٽ 1920ع کان 12 فيبروري 1922ع تائين هلائي وئي. سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ ٻين ڪيترن شهرن م هن تحريڪ کي روڪڻ لاءِ حڪومت ڪئي ڀيرا لٺبازي ڪئي. 16 اپريل 1930ع تي ڪراچي ۽ عوام تي گوليون هلايون ويون. جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڪانگريسي والنٽيئر مينگهراج ديپچند ۽ دتامرهٽي مارجي پيا. ڪراچي سميت پوري سنڌ مان 724 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا. جنهن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي شامل هئا. سنڌ مان پهرين عورتن گنگا ديوي شڪارپور مان گرفتار ٿي. ان کانسواءِ گهڻيون عورتون گرفتار ٿيون، انهن کي جيل موڪليو ويو. پوري هلچل دوران 90 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻه هزار عورتون به شامل هيون.

رولٽ ايڪٽ خلاف 1919ع امرتسر جي جليانوالا باغ ۾ ماڻهن جو ميڙ ٿيو. ميڙ جنرل ڊائر گوليون هلايون ٽي سئو ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. 100 سئو زخمي ٿيا. واقعي خلاف ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ شڪارپور ۾ ڪانگريس جي هٿ هيٺ احتجاجي مظاهرا ٿيا. جلوس ڪڍيا ويا. ڪراچي ۾ مڪمل هڙتال ٿي شام جو پهرئين اگهاڙو جلوس ڪڍيو ويو. جنهن جي اڳواڻي هرچند راءِ وشنداس ۽ غلام محمد ڀرڳڙي ڪري رهيا هئا. رات جو ڪراچي ۾ وڏو جلسو ٿيو. 1931ع ۾ انگريز سرڪار مجبور ٿي گانڌي سان ڳالهيون ڪري. ”گانڌي ارون ٺاهه“ ڪيو ته 4 مارچ 1931ع تي ستيا گرهه هلچل ختم ڪئي ويئي. جنهن جي گهنا انقلابي جيڪي انگريزن سان ويڙهه وسيلي آزادي حاصل ڪرڻ جي ڳالهه ڪندڙ هئا. گانڌيءَ جي انهيءَ عمل خلاف هئا. انهن گانڌيءَ خلاف مطاهرا ڪيا جنهن ۾ انقلابي اڳواڻ ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿي اڳڀرو هئا.

سوديشي تحريڪ ۾ انگريز سرڪار بين علائقن وانگر ڪراچي ۾ به پريس ۽ اخبارون ضبط ڪيون ويون. ڪيترن ڪانگريسي اڳواڻن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. جن ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام، ڊاڪٽر هرچند راءِ وشنداس، وشنو شرما ۽ ٻيا شامل هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org