سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 29

1922ع ۾ ڪراچي ۾ پهرئين اردو صوبائي ڪانفرنس لاهور مان نڪرندڙ ”پيسا“ اخبار جي ايڊيٽر مولوي محبوب عالم جي صدارت ۾ ٿي. 1923ع ڪراچي ۾ ريڊ ڪراس جي پهرئين شاخ قائم ٿي. جنهن جو پهريون صدر ڄام محمد ايوب عالياڻي مقرر ٿيو ۽ سيٺ عبدالله هارون سيڪريٽري ۽ خزانچي مقرر ٿيو. 1928ع ۾ ڪراچي ۾ هائوسنگ سوسائٽيون وجود ۾ آيون. انهيءَ دور ۾ بندر روڊ جي ڪيپري سينيما کان گرو مندر تائين مختلف رهائشي اسڪيمون شروع ڪيون ويون. جن ۾ عامل ڪالوني ۽ فارسي ڪالوني مشهور آهن. 1933ع ۾ ٿياسوفيڪل هال ۾ ”ڪراچي جي ترقي“ جي موضوع تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو. جنهن جي صدارت چاليهه سالن کان ڪراچي ۾ رهندڙ هڪ يورپين Miniting webs ڪئي. جيڪو ڪراچي کي بجلي پهچائيندڙ ڪمپني فاربس. فاريس ڪارپوريشن جو مينيجر ۽ اخبار ”دي ڊيلي گرانٽ“ جو ايڊيٽر هو. 1933ع کانپوءِ ڪراچي هڪ صنعتي شهر طور اڀري سامهون آيو. 1943ع ۾ انڊس واٽر اسڪيم مڪمل ٿي جنهن مان سنڌو دريا مان ڪراچي کي پاڻي فراهم ٿيڻ لڳو. 1945ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي ختم ٿي. پهرئين مهاڀاري لڙائي وانگر ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ ڪراچي کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪيو ويو.

هوائي اڏا:

1918ع ۾ ماڙيپور ۾ پهريون هوائي اڏو جوڙيو ويو. جيڪو ايئر فورس لاءِ هو. 10 ڊسمبر 1918ع ۾ پهريون مسافر جهاز Handely Paige يورپ کان آسٽريليا ويندي ڪراچي ۾ لٿو. هن جهاز جو ڪپتان راس اسمٿ (Ross Smith) هو. هن کانپوءِ بين الاقوامي اڏامن لاءِ هي ايئرپورٽ باقاعده استعمال ٿيڻ لڳو. 1921ع ۾ ڊرگ روڊ لڳ هڪ ايئرپورٽ جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو. جيڪو 1928ع ۾ مڪمل ٿيو. جيڪو ڪاري ڇپري طور مشهور هو. هتي هڪ وڏو ڊيپو هو جنهن تي وڏي ٽين جو ڪارو ڇپرو هو جيڪو پري کان نظر ايندو هو ۽ ائين اهو اسٽاپ به ڪاري ڇپري نالي مشهور ٿيو. هي رائل ايئر فورس جي جهازن لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. هتي زمين اندر گدام ۽ هينگرز به اڏيا ويا. ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ هي هندستان جي رائل ايئر فورس جي اهم يونٽس ۾ شمار ٿيڻ لڳو ۽ ايلواڊي هن جو پهريون بيس ڪمانڊر هو. هي ايئر بيس اڄ به موجود آهي. 1923ع ۾ ڪراچي ايئرپورٽ جي اڏاوت مڪمل ٿي. ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ هن کي آمريڪن ايئرفورس جي حوالي ڪيو ويو. هن کانسواءِ ڪراچي جا جيڪي ٻيا به ايئر بيس هئا اهي آمريڪن ايئرفورس جي حوالي هئا. 1945ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ايئرپورٽ کي سول ايوي ايشن جي حوالي ڪيو ويو.

1930ع ۾ ويسٽ وهارف ويجهو ڊاڪيارڊ تي هڪ هوائي اڏو اڏيو ويو. پر هن کي گهٽ استعمال ڪيو ويو. جنگ جي دوران ڪورنگي ڪريڪ ابراهيم حيدري لڳ هڪ فوجي هوائي اڏو اڏيو ويو. جيڪو ڪورنگي ايئربيس جي نالي اڄ به فوجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ دوران صفوران ويجهو ڳوٺ يار محمد جوکيو لڳ هڪ ايمرجنسي ايئربيس اڏيو ويو پر هن کي گهٽ استعمال ڪيو ويو. جنگ دوران ڊرگ روڊ تي هڪ ٻيو وڌيڪ ايئربيس اڏيو ويو. سواءِ صفوران ڳوٺ واري جي باقي سڀئي ايئرپورٽ جنهن ۾ ماڙيپور، ڪورنگي ڪريڪ، ويسٽ وهارف، ڊرگ روڊ اڄ به فوجي مقصدن لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن. هاڻي اهي تمام ايئربيس طور ڪم ڪري رهيا آهن.

1928ع ۾ برطانيا جو ”امپرئل ايئروير“ ڪمپني جنهن جو نالو بعد ۾ بدلائي برٽش اوورسيز ايئر لائينز ڪارپوريشن BOAC رکيو ويو. ڪراچي لاءِ پنهنجي سروس شروع ڪئي. 1932ع کانپوءِ BOAC جا جهاز هر هفتي ڪراچي کان ايران، عراق، فلسطين، مصر، يونان، اٽلي، فرانس ۽ انگلينڊ تائين اڏامون ڪندا هئا. ننڍي انجڻ ڪري سفر ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي ويندا هئا. جنهن جا ڪجهه تفصيل هيٺ ڏجن ٿا.

ڪراچي کان لنڊن – وقت ساڍا ڇهه ڏينهن – ڀاڙو 95 پونڊ

ڪراچي کان پيرس – وقت 6 ڏينهن – ڀاڙو 95 پونڊ

ڪراچي کان قاهرو – وقت 3 ڏينهن – ڀاڙو 58 پونڊ.

هاڻي هي مفاصلو ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ٿو. هن وقت ڪراچي ۾ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ هڪ بين الاقوامي ايئرپورٽ آهي. پراڻي ايئرپورٽ جيڪو هن سان لڳ آهي. هاڻي فقط حاجين جي اچ وڃ ۽ بار ڍوئيندڙ جهازن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

ورهاڱي وقت BOAC کانسواءِ ڪي. ايل.ايم، ايئر فرانس، ايئر انڊيا، ايئر سروس آف انڊيا، فلپائن ايئرلائينز، انڊين نيشنل سروس ۽ پان آمريڪن جهازن جي اچ وڃ هئي.

ڪراچي ۾ ٽرام وي نظام:

جديد مشيني نظام کان اڳ ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ لاءِ بندر تان مال ڍوئڻ ۽ اچ وڃ لاءِ 1885ع تائين جانورن سان ڇڪيندڙ گاڏين خاص ڪري ٽانگا، وڪٽوريا ٽانگا، اٺ گاڏيون، ڍڳي گاڏيون ۽ گڏهه گاڏيون هونديون هيون. شهر ايترو ڦهليل نه هو. ماڻهو آساني سان هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچندو هو. شهر کان ٻاهر وڃڻ لاءِ گهوڙن، اٺن ۽ گڏهن جو استعمال هوندو هو. بي پهچ ماڻهو اهو تمام سفر پنڌ ڪندو هو ۽ گهڻائي پنڌ وارن ماڻهن جي هوندي هئي. 1881ع ۾ ڪراچي ميونسپلٽي جي انجنيئر جيڪو ڪائونسل جو سيڪريٽري به هو. جنهن جو نالو مسٽر جيمس اسٽريچن هو. ڪراچي ۾ ٽرام هلائڻ جي تجويز منظوري لاءِ لنڊن موڪلي. 1883ع ۾ بمبئي حڪومت پاران هن جي منظوري ملي وئي. انهيءَ سال ٽرام وي ايڪٽ منظور ڪيو ويو. اهو ايڪٽ باقاعده ختم نه ڪيو ويو آهي ۽ اهو اڃا تائين موجود آهي. ڪراچي ۾ ٽرام وي نظام لاءِ ٽينڊر گهرايا ويا ۽ لنڊن جي ايڊورڊ ميٿو (Mr. Edward Mitho) جو ٽينڊر گهٽ ريٽ هئڻ ڪري منظور ڪيو ويو. جنهن 20 آڪٽوبر 1884ع ۾ شهر ۾ ٽرام جي پٽڙين وڇائڻ جو ڪم شروع ڪيو. 20 اپريل 1885ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر مسٽر هينري ارسڪن ڪراچي ۾ ٽرام وي نظام جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب کان پوءِ هينري ارسڪن ۽ ٻين مهمانن جنهن ۾ سنڌ جو ڪمانڊنگ آفيسر برگيڊيئر جنرل جي. لڪ، اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ ڊاڪٽر جي. پولن ۽ ڪمشنر جو خاص مهمان قنڌار جو اڳوڻو والي شير علي خان ۽ ٻيا موجود هئا. انهن سڀني ڪياماڙي تائين ٽرام ۾ سفر ڪيو. بعد ۾ هن نظام کي ايسٽ انڊيا ڪمپني خريد ڪري پنهنجي حوالي ڪيو. شروع ۾ ڪوئلي جي انجڻن سان ٽرام کي هلايو ويندو هو. هن دور ۾ هي پرسڪون شهر هو. ڪوئلي جي انجڻ جو لڙ برداشت کان ٻاهر هو. تنهن تي شهرين سخت احتجاج ڪيو. مجبور ٿي حڪومت کي اهي انجڻيون هٽائڻيون پيون ۽ ٽرامن کي گهوڙن وسيلي ڇڪڻ جو سلسلو شروع ٿيو. سعيد منزل (اين جي وي هاءِ اسڪول لڳ) ٽرام ڇڪيندڙ گهوڙن جو طبيلو هوندو هو جنهن ۾ 210 گهوڙا موجود هوندا هئا. رمپا پلازا لڳ جتي هاڻي گل شاپنگ سينٽر آهي هتي ٽرامن لاءِ ورڪشاپ ۽ گهوڙن جو طبيلو به هوندو هو. هن دور ۾ هڪ منزل ۽ ٻه منزلن وارا ٽرام هوندا هئا. هڪ منزل ٽرام کي ڇڪڻ لاءِ هڪ گهوڙو، ٻن منزلن واري ٽرام کي ڇڪڻ لاءِ ٻه گهوڙا هوندا هئا. سولجر بازار کان ڪياماڙي تائين هر ٻن ميلن کان پوءِ گهوڙو بدلايو ويندو هو. سعيد منزل کانسواءِ هاڻوڪي لائيٽ هائوس شاپنگ سينٽر (پراڻي لائيٽ هائوس سينيما) جي سامهون گاڏي کاتو به انهن لاءِ ساهي وارو هوندو هو. سولجر بازار کان ڪياماڙي تائين فاصلو پنج ميل هوندو هو. گرمي کان بچائڻ لاءِ گهوڙن مٿان وڏي ڇٽي هوندي هئي.

1909ع ۾ گهوڙن جي بجاءِ پيٽرول جي انجڻن جو استعمال شروع ڪيو ويو. لنڊن جي موٽر ريل ۽ ٽرام ڪمپني لميٽيڊ سڀ کان پهرئين پيٽرول جون انجڻيون تيار ڪيون ۽ اهي هڪ لک پونڊ جي قيمت سان ڪراچي گهرايون ويون. تيز رفتاري ڪري گهوڙن واريون ٽرامن جون پٽڙيون تبديل ڪيون ويون. تيز رفتاري ڪري ۽ ٻي ڪا سواري نه هئڻ ڪري اهي عوام ۾ مقبول ٿيون ۽ پهرئين سال ڪراچي ۾ 5 ملين ماڻهن انهن ۾ سفر ڪيو. 1913ع ۾ ڪراچي ۾ انهن ٽرامن جو انگ 37 هو. هر ٽرام ۾ 46 مسافرن جي ويهڻ جي گنجائش هئي. هي ٻارنهن کان ارڙهن ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلنديون هيون.

ٻي مهاڀاري لڙائي وقت انهن جو ڀاڙو ٽي پئسا هو. هي ڀاڙو شروع کان وٺي آخر واري منزل تائين هوندو هو. چاهي توهان ڪٿي به لهو ۽ ڪٿان به چڙهو ڀاڙو ٽي پئسا هوندو هو.

ٽرام وي ائڪٽ تحت ڪمپني کي اڻ ڳڻيون رعايتون حاصل هيون. ايڪٽ جي شق پهرئين موجب ٽرام جي لائينن جي ليز ۾ رستي جا اهي حصا ٽرام ڪمپني جي ملڪيت ۾ هوندا هئا، جنهن جي ڪري انهن رستن جي مرمت ۽ اڏاوت ڪمپني جي ذميواري هوندي هئي. ڪمپني جي ملڪيت هئڻ ڪري مالڪ کي اهو اختيار حاصل هوندو هو ته هو ٻين گاڏين کي انهن لائينن تان گذرڻ ڏئي يا نه. بعد ۾ ميونسپلٽي ڪمپني کان اها رعايت حاصل ڪئي ته ٽرام لائينن تان گذرندڙ رستن تان ٽرئفڪ ۽ ماڻهن کي نه روڪيو ويندو. شروع ۾ ٽرام جا چار روٽ هوندا هئا. بولٽن مارڪيٽ جنڪشن هوندو هو. هڪ روٽ گانڌي گارڊن کان بندر روڊ، بولٽن مارڪيٽ تائين. ٻيو روٽ سولجر بازار کان ڪياماڙي. ٽيون روٽ چاڪيواڙي کان لي مارڪيٽ، بولٽ مارڪيٽ کان ڪياماڙي تائين هوندو هو. چوٿون روٽ ڪينٽ اسٽيشن کان صدر بولٽن مارڪيٽ تائين هوندو هو. ورهاڱي کان پوءِ ايمپريس مارڪيٽ کان ڪينٽ، ايمپريس مارڪيٽ کان سولجر بازار (ڪي ايم سي مارڪيٽ تائين)، بولٽن مارڪيٽ کان ڪياماڙي، جونا مارڪيٽ کان لي مارڪيٽ ۽ چاڪيواڙي تائين، بولٽن مارڪيٽ کان لارنس روڊ (هاڻوڪو نشر روڊ) کان گانڌي گارڊن تائين روٽس وڌايا ويا. اهو پورو مفاصلو 40 ميل هوندو هو.

ورهاڱي کانپوءِ ايسٽ انڊيا ٽرام وي ڪمپني، اداري کي وڪڻڻ لاءِ ٽينڊر گهرايا. گهڻن ماڻهن هن ۾ حصو ورتو، پر ڪاميابي محمد علي نالي هڪ شخص کي ٿي. جنهن اهو پورو نظام 32 لکن ۾ خريد ڪيو ۽ ڪمپني جو نالو بدلائي محمد علي ٽرام وي ڪمپني رکيو ويو. فيبروري 1948ع ۾ محمد علي ۽ سندس چئن ڀائرن ٽرام وي جي نظام جو انتظام پنهنجي حوالي ڪيو. هن وقت ٽوٽل 65 ٽرام ۽ 65 بسون ڪمپني جي ملڪيت ۾ آيون ۽ يارنهن سئو ملازم هوندا هئا. ياد رهي ته ٽرام سان گڏ ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪراچي جتي ٽرام جو نظام نه هوندو هو. انهن علائقن ۾ بسون به هلائيندي هئي. جنهن لاءِ هن وقت ٻه روٽس هئا. جيڪي مختلف ٻن روٽس کان ڪياماڙي تائين هلنديون هيون. هن وقت گائز (Guys) ۽ مين ٽن (Manton) ماڊل جون بسون هونديون هيون. محمد علي انتظام سنڀالڻ کان پوءِ چاليهه وڌيڪ بسون انگلينڊ مان گهرائي ورتيون. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ محمد علي ڪمپني جي هڪ هٽي ختم ٿي ۽ ٻين ڪمپنين جون بسون به هلڻ لڳيون ته محمد علي ڪمپني پنهنجون بسون بند ڪري ڇڏيون.

ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ پيٽرول جي جاءِ تي ڊيزل جون انجڻيون اچي ويون ۽ مسافرن جي گنجائش 46 مان وڌائي 60 ڪئي وئي. ملازمن جنهن ۾ ڊرائيور، ڪنڊيڪٽر، سپروائيزر ۽ انسپيڪٽر هوندا هئا. انهن جي ٽريننگ لاءِ ٽرام گودي ۾ هڪ ٽريننگ اسڪول به هوندو هو. انهن سڀني لاءِ الڳ الڳ مخصوص وردي، ٽوپي ۽ جوتا هوندا هئا. ڊرائيورن ۽ ڪنڊيڪٽرن جون پگهارون 50 واري ڏهاڪي ۾ هڪ سئو ويهه رپيا ماهوار هوندا هئا. پهرئين ٽرام صبح جو ساڍي چئن وڳي ۽ آخري ٽرام رات جو يارنهن وڳي هلندي هئي. باقاعدي اسٽاپ مقرر هوندو هو. هر ٻن اسٽاپ جي وچ Request اسٽاپ به هوندو هو. جتي مسافرن جي گذارش تي فقط لهڻ وارن لاءِ ٽرام جي اسپيڊ گهٽ ڪيو ويندو هو ته جيئن مسافر لهي سگهن.  اسٽاپ تي بيهه آواز ڏيڻ جو رواج نه هوندو هو. فقط اسپيڊ گهٽ ڪئي ويندي هئي ۽ مسافر هلندي چڙهي ويندا هئا. ٽرام جي چالان جو موقعو تمام گهٽ بلڪه نه هئڻ جي برابر هوندو هو. ٽرام جون باڊيون ڪراچي ۾ ٺهنديون هيون ۽ انجڻيون ٻاهر کان گهرايون وينديون هيون. جنهن لاءِ هاڻوڪي گل پلازه بندر روڊ تي ورڪشاپ هوندو هو. گهٽ پگهار کڻندڙ سرڪاري  ملازمن لاءِ رعايتي پاس جاري  ڪيا ويندا هئا. شاگردن لاءِ ڀاڙو اڌ هوندو هو. ٽرام جا ٻارنهن دروازا هوندا هئا. ٻنهي پاسي ويڪرا پائيدان هوندا هئا جنهن تي لٽڪجي سفر ڪرڻ جو پنهنجو مزو هوندو هو. ٽرام جي ٻارنهن دروازن ڪري هر پاسي (ٻنهي پاسن کان) کان ماڻهو لهي چڙهي سگهندو هو. هن کي هلائڻ لاءِ ٻن پاسن وارو ڪنٽرول سسٽم هوندو هو. ٽرن جي گنجائش نه هئي. واپسي جي صورت ۾ ڊرائيور ٻئي پاسي ڪنٽرول سنڀاليندو هو. ٽرام ۾ اسٽرينگ نه هوندو هو. پر گهمائڻ وارو ليور هوندو هو. ڊرائيور کي ويهڻ لاءِ سيٽ نه هوندي هئي. هو بيهي ٽرام کي هلائيندو هو. هارن جي بجاءِ هڪ پيتل جي گهنٽي هوندي هئي جنهن جو ڪنٽرول هڪ ڏوري وسيلي ڊرائيور جي هٿ ۾ هوندو هو. ٽرام جي باڊين تي اشتهاري ڪمپنين جا اشتهار به لڳل هوندا هئا. روٽ نمبر نه هوندو هو. فرنٽ کان مٿي آخري اسٽاپ جو نالو وڏن اکرن ۾ انگريزي ۾ لکيل هوندو هو. مسافر سمجهي ويندا هئا ته اها ڪهڙي روٽ کان هلندي.

1974ع ۾ اي. ايم. ڪاليج ۾ پڙهندي دوستن سان اڪثر ٽرام ۾ سفر ڪرڻ جو موقعو ملندو هو. دعا ڪندا هئاسين ته ٽرام ۾ رش ٿئي ڇاڪاڻ ته رش ۾ ڀاڙي ڏيڻ کان بچي ويندا هئاسين. ٽرام ۾ جيئن ته ٻنهي پاسي ويڪرا پائيدان هوندا هئا ڪنڊيڪٽر کي ايندو ڏسي انهن پائيدانن تان هلي ٻئي پاسي پهچندا هئاسين. ائين ڪنڊيڪٽر جي نظرن ۾ نه ايندا هئاسين. اهي حسين لمحا اڄ به ياد آهن. پر اهي يادگار اڄ نه آهن. 30 اپريل 1975ع جو ڏينهن ڪراچي جي تاريخ جو هڪ ڏکوئيندڙ ڏينهن هو. جڏهن آخري ٽرام پنهنجو سفر بندر روڊ کان بولٽن مارڪيٽ تائين پورو ڪيو ۽ ائين ڪراچي واسين جو ٽرامن سالن 9 سالن جو پراڻو رشتو ٽٽي ويو. 1974ع ۾ ئي حڪومت ٽرامن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. حڪومت جو موقف هو ته بندر روڊ تي ٽرئفڪ وڌڻ ڪري وچ ۾ ٽرامن جي هلڻ سان ٽرئفڪ ۾ رڪاوٽ ٿئي ٿي. تنهن ڪري بندر روڊ تان ٽرام سسٽم ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٽرام جو پورو نظام بندر روڊ سان واڳيل هو جنهن جي ڪري ڪمپني جي مالڪ پوري نظام کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ائين 65 ٽرامن ۽ پٽڙين کي اسڪريپ ڪري هڪ پوري تاريخ کي هميشه لاءِ ختم ڪيو ويو. پوري دنيا ۾ قومون پنهنجي تاريخ کي محفوظ ڪنديون آهن ۽ انهن مان سبق حاصل ڪنديون آهن. تاريخ جو حصو بڻجي ويندڙ يادگارن کي محفوظ ڪيو ويندو آهي ته جيئن ايندڙ نسل انهن کي ڏسي محسوس ڪري، پر هن ملڪ ۾ تاريخي شئي کي ختم ڪرڻ ڄڻ ته حڪومت جي پهرئين ذميداري آهي. ٽرام جي هڪ گاڏي کي پٽڙين سميت ڪنهن پارڪ ۾ محفوظ ڪيو وڃي ها ۽ نمائشي طور ماڻهن کي ڪجهه فاصلي تائين سفر جي سهولت هتي هجڻ گهرجي ها پر ائين نه ڪيو ويو. محمد علي جي پٽ انور محمد علي جيڪو هن وقت ڪمپني جو نگران هو حڪومت کي اهڙي آفر ڪئي هئي پر حڪومت پاران ڪا دلچسپي نه ڏيکاري ويئي. پهرئين مئي 1975ع ۾ ٽرانسپورٽ جي تاريخ جو هڪ اهم باب بند ٿي ويو. جڏهن ڪراچي جي رستن تي ڪوبه ٽرام نه هليو. ٽرامن جي هلڻ جو مخصوص گرگر جو آواز ۽ پتل جي گهنٽي جي ٽن ٽن جو آواز جيڪو ڪن کي سريلو لڳندو هو. اهي آواز به هميشه لاءِ بند ٿي ويا.

ڪراچي ۾ موٽرڪارن جو رواج 1914ع ۾ پيو. محمد عثمان دموهي پنهنجي ڪتاب ”کراچي تاريخ کـﻶ آئيني مين“ لکي ٿو ته، مقامي ماڻهن پهرئين ڪار شهر جي قاضي عبدالعزيز  1920ع ۾ 2135 رپين 14 آنن ۾ خريد ڪئي. ڪار جي قيمت ته 1997 رپيا 14 آنا هئي باقي ويمو ۽ رجسٽريشن فيس جا پئسا شامل هئا. پر پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ لکي ٿو ته، پهرئين ڪار سيٺ عبدالرحيم صالح ڊوسل خريد ڪئي هئي.

بندرگاهه جي ترقي:

ڪراچي هڪ قدرتي بندرگاهه هجڻ ڪري پراڻي زمانن کان يورپ، آفريقا، مصر، سريلنڪا، ايران، انڊيا، خليج جي ملڪن سان هتان واپار هلندڙ هو. ڪراچي بندر جي انهيءَ خوبي جي ڪري هن جي فوجي اهميت به پنهنجي جاءِ تي اهم آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سڪندر اعظم کان وٺي انگريزن تائين سڀني حملي ڪندڙن هن بندر جي اهميت کي ڏسندي هن بندر کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکيو. عربي هندي سمنڊ جي ساحل جو هي واحد بندرگاهه آهي. جيڪو سامونڊي طوفاني لهرن کان محفوظ آهي. هتي حفاظت لاءِ ميرن هڪ پهاڙي تي قلعو به اڏيو هو. انگريزن قبضي کانپوءِ هن قلعي کي ڊاهي پٽ ڪيو.

قبضي وقت سڀ کان وڏو مسئلو هي هو ته بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ واري رستي تي پاڻي جي اندر هڪ جابلو سلسلو هو جنهن سان ٽڪرجڻ جي ڊپ کان وڏا جهاز بندرگاهه ۾ داخل نه ٿيندا هئا. 1851ع ۾ ”جوليا“ نالي هڪ برطانيا جو جهاز پاڻي اندر موجود هن جبل سان ٽڪرائجي ٻڏي ويو ۽ هن ۾ سوار سڀئي مسافر اجل جو شڪار ٿيا. سامان به تباهه ٿي ويو. ٻيو مسئلو هي هو ته هي بندر لياري ندي جي ڊيلٽا جي علائقي ۾ هجڻ ڪري پاڻي سان ايندڙ مٽي جي ڪري به بندر گاهه جي اونهائي گهٽجندي رهندي هئي. اهي ٻه اهم مسئلا ڪراچي بندر جي ترقي جي آڏو رڪاوٽ هئا. نيپئر قبضي کانپوءِ بندرگاهه جي ترقي لاءِ هڪ چار نقطن وارو پروگرام پيش ڪيو. جن ۾ ٻن تي جلدي عمل شروع ڪيو ويو. هڪ ڪياماڙي کان شهر تائين رستي جي اڏاوت ۽ ڪياماڙي ۾ ٻيڙين جي بيهارڻ لاءِ جيٽي جي اڏاوت. نيپئر جي دور ۾ اهي ٻئي ڪم مڪمل ڪيا ويا. بارٽل فريئر دور ۾ بندرگاهه جي ترقي لاءِ ڪراچي جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر ميجر ٽرنر جنهن کي بندرگاهه جي ترقي جو وڏو تجربو حاصل هو. فريئر هن کي بندرگاهه لاءِ هڪ سروي رپورٽ ٺاهڻ جي هدايت ڪئي.

منهوڙو واٽر بريڪ جنهن جي اڏاوت 1874ع ۾ مڪمل ٿي

 

 رپورٽ ٺاهي بمبئي حڪومت ڏانهن موڪلي ويئي. هن رپورٽ جي روشني ۾ حڪومت بمبئي هرگس اينڊ ڪو پر ڪمپني انگلينڊ جي صدر مسٽر جيمز واڪر کي ڪراچي بندرگاهه جي سروي جو ڪم ڏنو. مسٽر واڪر 8 سيپٽمبر 1856ع ۾ هڪ رپورٽ پيش ڪئي. هن رپورٽ کي وڌيڪ موثر بنائڻ لاءِ مسٽر وليم پارڪس ڪراچي پهتو. مسٽر وليم پارڪس ٻن سالن تائين سروي کانپوءِ 8 سيپٽمبر 1858ع ڪراچي بندر جي ترقي، اڏاوت ۽ خرچ جا تفصيل حڪومت کي موڪليا. مسٽر وليم پارڪس جيڪا رپورٽ پيش ڪئي هئي. هن جي هيٺين اڏاوتي ڪمن جي سفارش ڪئي ويئي هئي.

نيپئر مول ۾ پاڻي جي اچڻ جو رستو ٺاهڻ، ڪياماڙي کي شهر سان ملائڻ لاءِ هڪ لوهي پل جي اڏاوت.

چينا ڪريڪ ۾ سامونڊي پاڻي کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ.

ڪياماڙي گروين (Groyne) جي اڏاوت.

منهوڙي تي هڪ بريڪ واٽر جي اڏاوت.

نيٽي جيٽي جي اڏاوت.

رپورٽ کي سخت مخالفت جو منهن ڏسڻو پيو. تنهن کانپوءِ هن کي هڪ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو. جنهن هن رپورٽ کي عمل لائق قرار ڏنو ۽ ائين مسٽر پارڪس جي نظرداري ۾ ڪراچي بندر جي اڏاوتي ڪمن جي شروعات ٿي. سڀ کان پهرئين ڪياماڙي گروين جي اڏاوت جو ڪم 1861ع ۾ شروع ڪيو ويو ۽ مارچ 1863ع ۾ پورو ڪيو ويو ۽ جنهن سان ڪراچي بندر کي سامونڊي لهرن کان محفوظ بنايو ويو.

ڪياماڙي کي شهر سان ملائڻ لاءِ رستو انتهائي ڏکيو هو تنهن ڪري 17 فيبروري 1861ع تي ڪميٽي جي سفارش واري رپورٽ مطابق ڪياماڙي کي شهر سان ملائڻ لاءِ لوهي پل جي اڏاوت شروع ٿي ۽ 1865ع ۾ هن جو ڪم مڪمل ٿيو. هن پل جي اڏاوت تي ڇهه لک 43 هزار 4 سئو رپيا خرچ آيو. اڳتي هلي هن پل تي ريلوي لائين وڇائي بندرگاهه کي ريل وسيلي ملڪ سان ڳنڍيو ويو.

بندرگاهه اندر جبل جو مسئلو پنهنجي جاءِ تي اڃا موجود هو. Groyne جي اڏاوت سان پاڻي 25 کان 30 فٽ هن جبل کان مٿي آيو ته جهاز آساني سان بندرگاهه ۾ داخل ٿيندا هئا پر خطرو موجود هو. بعد ۾  هن جبل کي ڪٽي برابر ڪيو ويو. پهرين نومبر 1870ع ۾ بريڪ واٽر جي اڏاوت جي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر سنڌ جي ڪمشنر ميري ويدر  رکيو. اهو ڪم 1874ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. هن جي پشتي جي ڊيگهه 1500 فٽ آهي. هن جي اڏاوت تي 10 لک 90 هزار رپيا خرچ آيو. هن جو مقصد خراب موسم ۾ سامونڊي لهرن کان جهازن کي محفوظ ڪرڻ هو. جيڪو انتهائي ڪامياب ثابت ٿيو.

1870ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر ميري ويدر ڪراچي جي بندرگاهه جي ترقي ۽ انتظام هلائڻ لاءِ ”ڪراچي هاربر ورڪس (Karachi Harbour Works) جو ادارو قائم ڪيو. جنهن جو اڳواڻ ڪراچي بندرگاهه جو چيف انجنيئر هو. 10 مارچ 1880ع ۾ هڪ نوٽيفڪيشن وسيلي هاربر ورڪس کي ڪراچي ۾ تبديل ڪيو ويو. هن بورڊ جو اڳواڻ ڪراچي جو ڪليڪٽر هوندو هو. ٻين ميمبرن ۾، ڪليڪٽر ڪسٽم، ايگزيڪيوٽو انجنيئر سنڌ، پورٽ انجنيئر ۽ پورٽ ماسٽر اٽينڊينٽ هئا. هن بورڊ جو پهريون صدر مسٽر بولٽن ڪليڪٽر ڪراچي هو. 1880ع کان 1887ع تائين ڪراچي جا ڪليڪٽر بورڊ جا صدر رهيا.

24 سيپٽمبر 1880ع ۾ وائسراءِ هند لارڊ ڪياماڙي ۾ پهرئين گودي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. 1882ع ۾ ان جي اڏاوت مڪمل ٿي، ته بندرگاهه تي سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ ۾ آساني ٿي. هن پهرئين گودي جو نالو سنڌ جي ان وقت جي ڪمشنر ميري ويدر جي نالي ”ميري ويدر برٿ“ رکيو ويو. بمبئي ليجسليٽيو ڪائونسل 1886ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ايڪٽ نمبر 6 مجريا 1886ع پاس ڪيو. هن ايڪٽ تحت هاربر بورڊ کي ختم ڪري ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو قيام عمل ۾ آندو ويو. جنهن سان مقامي ماڻهن ۽ واپارين جو بندرگاهه جي انتظامن ۽ ٽيڪسن سان سڌو سنئون تعلق جڙيو. شروع ۾ ٽرسٽ جي ميمبرن جو انگ 9 هو. جنهن مان پنج حڪومت پاران نامزد ڪيا ويندا هئا. جڏهن ته هن جو اڳواڻ ڪليڪٽر ڪراچي هوندو هو. جيڪو حڪومت جي نامزدگي وارن ميمبرن ۾ شامل هو. ميمبرن کي ٽرسٽيز چيو ويندو هو. عهدن جي مدت ٻه سال مقرر ڪيل هئي. باقي چئن ميمبرن جو تعلق ڪراچي چيمبرس آف ڪامرس ۽ ڪراچي ميونسپلٽي سان هوندو هو.

هن وقت بندرگاهه جي آمدني جو دارومدار ڏيهي ۽ پرڏيهي جهازن کان حاصل ٿيندڙ ٽيڪس ۽ امپورٽ ايڪسپورٽ مان حاصل ٿيندڙ چنگي تي هو. آمدني ۽ خرچ جا تفصيل سال ۾ ٻه ڀيرا حڪومت کي پيش ڪيا ويندا هئا. بورڊ آف ٽرسٽيز کي بندرگاهه تي اڏاوت، ان جي زمين کي ليز ۾ ڏيڻ، ٽيڪس ۽ چنگي جي وصولي جا اختيار حاصل هئا. پورٽ ٽرسٽ کي بندرگاهه جي ترقي لاءِ حڪومت پاران ساڍا چار في سيڪڙو ساليانو سود ٽن سالن جي واپسي جي بنياد تي قرض به ڏنو ويندو هو. عوام پاران به قرض سود تي حاصل ڪيا ويندا هئا. جنهن سان بندرگاهه جي مالي ڏکيائين کي منهن ڏنو ويندو هو. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ 1885ع کان 1895ع تائين ٻن وڌيڪ برٿن جي اڏاوت جو ڪم مڪمل ڪيو ۽ اهڙي طرح 1895ع تائين برٿن جو انگ ٽي ٿي ويو. ٽرسٽ پاران واپاري اهميت سان گڏ هن جي فوجي اهميت کان واقف هئا ۽ ڪنهن به فوجي حملي کان بچڻ لاءِ به قدم کنيا ويا. پورٽ ٽرست نيپئر واري دور کان قائم لائيٽ هائوس کي پهرئين اپريل 1889ع ۾ جديد لائيٽن سان مڪمل ڪيو. جنهن سان جهازن کي بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ ۾ آساني ٿي.

1900ع ۾ ڪراچي بندر اوڀر جي سڀ کان وڌيڪ ڪڻڪ گهرائڻ واري، هڪ جديد ۽ مصروف بندرگاهه بڻجي چڪي هئي. هن جي ترقي سان بندرگاهه جي فو جي اهميت ۾ واڌارو ٿيو. هن کي فوجي لحاظ سان به ترقي ڏني ويئي جنهن جي ڪري 1914ع ۾ پهرئين مهاڀاري لڙائي ۾ اتحادي فوجين ۽ فوجي سامان کي ٻين جنگي محاذن تائين پهچائڻ لاءِ هڪ انتهائي اهم بندرگاهه جو ڪم ڏنو. اتحادي فوجين کي جنگ کٽرائڻ ۾ هن بندرگاهه اهم ڪردار ادا ڪيو.

1901ع ۾ سمنڊ جي تري مان مٽي صاف ڪرڻ لاءِ صفائي وارا جهاز گهرايا ويا. جهازن جي مرمت لاءِ هڪ گودي جي به اڏاوت مڪمل ڪئي ويئي. 1907ع ۾ جائلز نالي وهارف مڪمل ٿي، هن وهارف ۾ ٽي برٿ هئا. 1908ع ۾ سنڌ جي ڪمشنرينگ هسبنڊ نالي وهارب جو منصوبو شروع ڪيو ويو ۽ 1910ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. هن وهارف ۾ برٿن جو تعداد چار هو. 1908ع ۾ ميري ويدر ۽ ارسڪن وهارف جي نئين سر اڏاوت ٿي ۽ ميري ويدر برٿ کي ميري ويدر وهارف جو نالو ڏنو ويو. جتي برٿن جو انگ چار هو. اهڙي طرح 1910ع تائين ڪراچي بندرگاهه تي برٿن جو انگ 17 تائين پهچي ويو. جن  جي ڪل ڊيگهه 3600 فٽ هئي. انهن برٿن تي ريلوي لائينن ۽ جديد ڪرينن جي سهولت به حاصل هئي. ان وقت بندر گاهه تي ڪل 90 ڪرينون هونديون هيون. انهن برٿن سان گڏ سمنڊ ۾ مٽي ۽ گپ  جيڪا گڏ ٿي ويندي هئي ان کي صاف ڪرڻ لاءِ پورو سال هلندڙ هو.  ڇاڪاڻ ته برٿن کان سمنڊ جي تهه تائين اونهائي 27 فٽ هجڻ لازمي هئي.

1909ع ۾ Bulk Oil Pier جي اڏاوت جو ڪم مڪمل ٿيو. هن کي هڪ پائيپ وسيلي برما شيل آئل ڪمپني ۽ اسٽينڊر آئل ڪمپني جي آئل ٽئنڪرن سان ملايو ويو. 1909ع ۾ بندرگاهه لاءِ وڌيڪ 177 ايڪڙ حاصل ڪئي ويئي. لائيٽ هائوس لاءِ نهايت طاقتور De Opric روشني جو انتظام ڪيو ويو. جنهن سان سمنڊ ۾ 80 ميلن تائين سڀ ڪجهه صاف نظر اچڻ لڳو.

بندرگاهه ۾ ماڪ ڪوئيڙي جي وقت ڏس ڏيڻ لاءِ 1914ع ۾ Light Ship به خريد ڪئي وئي، جنهن کي بندرگاهه کان 5 ميل پري بيهاريو ويو. چينا ڪريڪ ريلوي پل جي اڏاوت 1910ع ۾ شروع ٿي ۽ 1914ع ۾ مڪمل ٿي. ٻن ٽريڪن واري هن پل جي ڪري بندرگاهه کان سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ ۽ ملڪ جي ٻين حصن خاص ڪري پنجاب ۽ سرحد ڏانهن مال نيڻ جي سهولت پيدا ٿي. 1911ع ۾ ڪياماڙي ۽ منهوڙي جي وچ ۾ اچ وڃ جي سهولت لاءِ بوٽ بيسن ٺاهيو ويو.

ٻي مهاڀاري لڙائي دوران هن بندرگاهه کي انگريزن فوجي اهميت لاءِ استعمال ڪيو. سيپٽمبر 1920ع ۾ بندرگاهه کي واڌاري لاءِ ۽ هن کي وڌيڪ لاڀائتو بنائڻ لاءِ هڪ منصوبو  پيش ڪيو ويو. جنهن مطابق بندرگاهه جي اولهه واري پاسي کي صاف ڪري گودين جي اڏاوت جو ڪم شامل هو. پهرئين هن علائقي کي صاف ڪري هتي مٽي ڀرائي ڪري ريلوي لائين ۽ رستن جو ڪم مڪمل ڪيو ويو. هن منصوبي تحت 1927ع ۾ ويسٽ وهارف جو ڪم مڪمل ٿيو. 1929ع تائين هتي چار برٿ اڏيا ويا. ويڪرا ڇپرا بنايا ويا ۽ ٻن ٽن گنجائش واريون ڪرينون لڳايون ويون. هن اسڪيم تي 88 لک رپيا خرچ ٿيا. 1936ع تائين وڌيڪ  200 ايڪڙ زمين کي صاف ڪيو ويو.

 1941ع م بندرگاهه جي سڀني پراڻن شين کي جديد بنايو ويو. 1936ع ۾ ايسٽ وهارف واري علائقي ۾ لڳل سڀني ٻاف سان هلندڙ ڪرينن جي جاءِ تي بجلي سان هلڻ واريون جديد ڪرينون لڳايون ويون. ڪرينن جي گهٽتائي کي ڏسندي 1942ع ۾ 30 ٽن وزن کڻندڙ، سمنڊ جي پاڻي تي ترندڙ ڪرين حاصل ڪئي ويئي. جنهن کي پهلوان- 2 جو نالو ڏنو ويو. 1944ع ۾ 60 ٽن وزن کڻندڙ هڪ ٻي ترندڙ ڪرين آمريڪا مان گهرائي ويئي. جنهن کي ڪنگ ڪانگ جو نالو ڏنو ويو. برٿن جي انگ گهٽ هئڻ ڪري جهاز ڪيترا ڏينهن واري جي انتظار ۾ سمنڊ ۾ بيٺا رهندا هئا. تنهن ڪري هن سلسلي ۾ هڪ 900 فٽ ڊگهو برٿ اڏيو ويو. 1943ع ۾ هن کي مڪمل ڪيو ويو ۽ وڌيڪ نوان برٿ اڏيا ويا. 1944ع ۾ ڪراچي بندرگاهه ۾ جهازن کي تيل پهچائڻ لاءِ يارنهن برٿ اڏجي چڪا هئا. 1942ع ۾ پوري ايسٽ وهارف کي هڪ پڪي رستي سان ملايو ويو. جنهن سان ٽرڪون آساني سان برٿن تائين اچڻ لڳيون.

ڪراچي بندرگاهه تي 1942ع ۾ جهازن جي مرمت لاءِ ڌار برٿن جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو. انهن برٿن کي ويلڊنگ لاءِ بجلي جون لائينون به مهيا ڪيون ويون. سڀ ان پهرئين جرمن فوجين هٿان نهر سوئيز ۾ تباهه ٿيندڙ 28000 هزار ٽن وزن واري جهاز ايم. وي جيورجڪ (M.V Georgic) کي آندو ويو. 11 ڊسمبر 1942ع ۾ اهو جهاز ٺهي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيو. 1942ع تائين ڪل 1106 جهازن جي مرمت ڪئي ويئي.

ورهاڱي وقت ڪراچي بندرگاهه ۾ 28 ملين ٽن سامان سنڀالڻ جي گنجائش موجود هئي. ان وقت ڪياماڙي ۾ چار وهارف ۽ 25 برٿ هئا. جنهن ۾ تيل لاهڻ ۽ ڀرڻ لاءِ 11 برٿ ۽ مرمت وارا ڇهه برٿ الڳ هئا. جنهن جو نالو اسٽيمر وهارف آهي. گهڻن جهازن جي اچڻ جي صورت ۾ هن کي استعمال ڪيو ويندو آهي. ورهاڱي وقت هن جون 18 گوديون هيون. مقامي ماهيگيرن جي جهازن ۽ ٻيڙين لاءِ بندرگاهه جي اتر اوڀر  پاسي هڪ ويڪرو وهارف پراڻي بندر (جونا بندر) نالي موجود آهي. جنهن جي پليٽ فارم جي لمبائي 2000 فٽ آهي. ڪياماڙي تي لهندڙ سڀئي سامان امپورٽ يارڊ ۾ رکيو ويندو آهي. هن يارڊ جا 12 ڇپرا (Sheeds) آهن. بندرگاهه ۾ هن وقت 20 کان مٿي گشتي ڪرينون به موجود آهن. ڪراچي بندرگاهه هاڻي هڪ ڏيهان ڏيهي بندرگاهه بنجي چڪو آهي. ماهيگيرن جي چند سئون ٻيڙين وارو هي بندرگاهه هاڻي انهن جو نه رهيو آهي. 70ع واري ڏهاڪي تي بندرگاهه تي ڪم ڪندڙن گهڻائي سنڌين ۽ بلوچن جي هئي. جنهن ۾ 60 سيڪڙو لياري جا بلوچ هوندا هئا ۽ هن وقت بندرگاهه تي 75 سيڪڙو پٺاڻ ۽ پنجابي مزدور آهن.

70ع واري ڏهاڪي ۾ اسٽيل مل جي ڪري هن کي ويجهو ڪراچي ۾ هڪ ٻيو بندر ”بن قاسم“ نالي پپري واري علائقي ۾ جوڙيو ويو. جيڪو جديد پورٽ آهي. جهازن کي بندرگاهه تائين پهچڻ ۾ ڦٽي ڪريڪ ۾ کليل سمنڊ کان بندرگاهه تائين هڪ چئنل ٺاهيو ويو ته جيئن جهاز سولائي سان بندرگاهه تائين پهچي سگهي. اسٽيل مل جي ٻاهران گهرائڻ ۽ ٻاهر موڪلڻ واري سامان جو گهڻو وسيلو بن قاسم بندر تي آهي. بندرگاهه کان اسٽيل مل تائين ريل سروس کانسواءِ هڪ خود ڪار چين لڳل آهي جنهن سان اسٽيل مل کان بندرگاهه ۽ بندرگاهه کان اسٽيل مل تائين سامان آساني سان پهچي سگهي ٿو.

فليگ اسٽاف هائوس:

هي فوجي رهڻ واري جاءِ هجڻ ڪري هن جو نالو فليگ اسٽاف هائوس رکيو ويو هو. شروع ۾ هن ۾ جنرل ڊگلس گريسي جيڪو سنڌ جو ڪمانڊنگ آفيسر هو رهندو هو. هي خوبصورت پٿر واري جاءِ 1865ع ۾ اڏي ويئي هئي. جنهن جو ڊيزائين هڪ يورپي انجنيئر ”مون ڪيرف“ تيار ڪيو هو. ورهاڱي کان اڳ اها جاءِ ڪراچي جي مشهور شخصيت سهراب ڪڙڪ جيڪو ڪراچي ميونسپلٽي جو ميئر به رهي چڪو آهي، خريد ڪئي هئي. ورهاڱي کانپوءِ محمد علي جناح به ان ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. هي اڄ به ڪراچي جي خوبصورت جاين مان هڪ آهي.

سنڌ ڪلب بلڊنگ:

جوڌپور جنگشاهي جي پٿرن سان ٺهيل هن جاءِ جي پيڙهه جو پٿر 1845ع ۾ چارلس نيپئر رکيو هو. هي ٻه ماڙ جاءِ يورپي اڏاوت جي طرز جي خوبصورت جاءِ آهي. ورهاڱي کانپوءِ 1960ع تائين فقط انگريز هن ڪلب جا ميمبر ٿي سگهندا هئا. اها جاءِ هوٽل ميٽروپول ۽ فريئر هال جي وچ ۾ اڃا انهيءَ حالت ۾ موجود آهي.


 

هندو جيم خانو:

انگريزن جي دور ۾ ٺهندڙ هي جاءِ 1925ع ۾ ڪراچي شهر جي هڪ شخص رام گوپالداس گورڌن داس موهٽا جوڙائي هئي. اها ڪراچي جي پهرئين جاءِ آهي جيڪا هندستاني اڏاوت جي فن سان تعلق رکندڙ آهي. هن جي اڏاوت ۾ جوڌپور جو پٿر استعمال ڪيو ويو آهي.

سنڌ ڪلب جنهن جي پيڙهه جو پٿر 1845ع ۾ سرچارلس نيپئر رکيو

 

وڪٽوريا ميوزيم بلڊنگ:

يورپي طرز اڏاوت جي هن شاهڪار جي اڏاوت 1887ع ۾ شروع ٿي ۽ 1892ع ۾ مڪمل ٿي، هن جي پيڙهه جو پٿر ڊيوڪ آف ڪناٽ رکيو هو. هن جو افتتاح 21 مئي 1892ع ۾ ٿيو. هي هاڻوڪي پاڪستان وارن علائقن ۾ تعمير ٿيندڙ پهريون ميوزيم آهي. ورهاڱي کانپوءِ هن کي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي حوالي ڪيو ويو.

 

ڪاٽن ايڪسچينج بلڊنگ:

اها هڪ گنبذ واري خوبصورت ۽ وڏي جاءِ آءِ. آءِ چندريگر روڊ (ميڪلوڊ روڊ) سٽي ريلوي اسٽيشن جي سامهون آهي. هن جاءِ جي پيڙهه جو پٿر ڪاٽن ايڪسچينج جي ان وقت جي صدر ليلا رام تلوڪ چند 14 ڊسمبر 1938ع تي رکيو هو ۽ افتتاح  13 مئي 1940ع ۾ نريجن پرساد ڪيو هو. جيڪو ان وقت ڪاٽن ايڪسچينج جو صدر هو.

 

هوپ لاج:

انگريزن جي دور ۾ يورپي اڏاوت واري طرز تي ٺهيل اها ٻي جاءِ هئي. هن جاءِ جي پيڙهه جو پٿر 6 سيپٽمبر 1845ع تي چارلس نيپئر رکيو ۽ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 24 مئي 1846ع ۾ چارلس نيپئر ئي ان جو افتتاح ڪيو. هي ڏيهان ڏيهي تحريڪ فري مسين جي سرگرمين جي جاءِ هئي. جتي ثقافتي پروگرام ٿيندا هئا. ڪراچي جا ان وقت جا مسلمان، هندو، عيسائي ۽ يهودي هن تحريڪ جا ميمبر هئا. اها دل کي وڻندڙ عمارت اڄ به ڪراچي پريس ڪلب جي سامهون گذرندڙ گهٽي جيڪا مولانا دين محمد وفائي روڊ سان ملي ٿي سامهون موجود آهي. هن وقت هتي سنڌ حڪومت جي وائلڊ لائيف کاتي جا دفتر آهن.

 

گورنر هائوس:

انگريزن جي دور ۾ ٺهندڙ ڪراچي ۾ اها پهرئين وڏي جاءِ هئي، جيڪا 1845ع ۾ ٺهي راس ٿي ۽ هن وقت اها جاءِ سنڌ جي پهرئين گورنر سرچارلس نيپئر پنهنجي رهڻ لاءِ ٺاهي هئي. 1847ع ۾ انگريز حڪومت اها خوبصورت جاءِ جنهن جي چوديواري هن وقت به خوبصورت باغ، لان ۽ گلڪاري هوندي هئي. چارلس نيپئر کان 48000 هزار رپين ۾ خريد ڪئي. سرڪار هن کي سنڌ جي گورنر جي سرڪاري رهڻ واري جاءِ طور مخصوص ڪري ڇڏيو. جڏهن سنڌ کي بمبئيءَ سان ملايو ويو ۽ سنڌ تي ڪمشنر مقرر ڪيا ويا ته سنڌ جي سڀني ڪمشنرن هتي رهائش اختيار ڪئي هئي. ورهاڱي کانپوءِ قائداعظم به پاڪستان جي گورنر جنرل جي حيثيت سان هتي رهائش اختيار ڪئي هئي. اها دل کي وڻندڙ جاءِ انهيءَ حالت ۾ اڄ به موجود آهي.

 

ميري ويدر ٽاور:

انهيءَ ٽاور جي ڪري بندر روڊ ۽ ميڪلو روڊ ۽ آءِ. آءِ چندريگر روڊ جي ڪياماڙي ڏانهن ميلاپ واري جاءِ ٽاور جي نالي سان مشهور آهي. هاڻي هن ٽاور کانپوءِ مائي ڪلاچي باءِ پاس شروع ٿئي ٿي. هن جي ساڄي هٿ تي کاري در وارو علائقو آهي. هي ٽاور سنڌ جي ماڻهن پاران سنڌ جي ڪمشنر ميري ويدر جي بدلي کانپوءِ هن جي ياد ۾ ٺهرايو هو جنهن جي پيڙهه جو پٿر 1884ع ۾ بمبئيءَ جي گورنر جيمز فرگوسن رکيو هو. 1892ع ۾ ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر مسٽر ايوان جيمز هن جو افتتاح ڪيو. هن جي اڏاوت تي 37178 رپيا خرچ آيو. اها پوري رقم ان وقت عوام چندو ڪري گڏ ڪيو هو. هن جي چئني ڪنارن تي راڻي وڪٽوريا جي مورتي اُڪريل آهي ۽ چئني پاسن کان گهڙي لڳل آهن. هن جي ڊيگهه زمين کان 102 فٽ مٿي آهي. ٽاور تي ميري ويدر جو نالو ۽ چئني پاسن کان يهودين جي اهڃاڻ وارو اٺ ڪنڊن وارو تارو به اُڪريل آهي. جاءِ تي هيٺان لفظ به لکيل آهن.

“Erected by the people of Sind province in the memory of Ex-Commissioner of Sind Mr. William Mereweather”

سنڌ هاءِ ڪورٽ بلڊنگ:

هن جاءِ جي اڏاوت 1923ع ۾ شروع ٿي ۽ 22 نومبر 1929ع ۾ بمبئي جي گورنر سر فريڊريڪ هن جو افتتاح ڪيو. رومن طرز تي ٺهيل هن جاءِ تي 30 لک رپيا خرچ آيو. هن جاءِ ۾ سنڌ اسيمبلي جي جاءِ ٺهڻ تائين اسيمبلي جا اجلاس هتي ٿيندا هئا. هي اڏاوت جي فن جو هڪ بهترين شاهڪار آهي.

 

ڪراچي جي ڳڻپ جي تاريخ تي هڪ نظر

 

جڏهن سن 1794ع ۾ ميرن ڪراچي کي حاصل ڪيو. ٽالپرن پهرئين فرصت ۾ ڪراچي جي حفاظت لاءِ منهوڙي تي قلعو اڏيو. جيڪو مڪمل فوجي قلعو هو. قلعي جي اڏاوت 1797ع تي مڪمل ٿي. ميرن ٻيو ڪم اهو ڪيو جو پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ ڳڻپ ڪرائي. جيڪا 1809ع ۾ ڪرائي ويئي هئي. هنري پوٽنجر مطابق پهرين ڳڻپ مطابق ڪراچي جي ڪل آبادي 6500 ماڻهن تي ٻڌل هئي. جنهن موجب ڪراچي جي آبادي 3000 هزار هئي ۽ ڪوٽ اندر 250 کن گهر هئا. ياد رهي ڪراچي جي پسگردائي ۾ قائم منگهو پير، پپري، گهگهر، ابراهيم حيدري، ريڙهي، لانڍي، گڏاپ، ملير ۽ ٻيا علائقا ڪراچي شهر ۾ شامل نه هئا  انهن علائقن جي الڳ سڃاڻپ هئي.

1839ع ۾ ڪيپٽن هارٽ موجب ڪراچي جي آبادي13850 هئي. هارٽ موجب 9000 هزار هندو ۽ 4850 مسلمان ڪراچي ۾ رهن ٿا. هارٽ جي رپورٽ موجب مٺي در کان ٻاهر رهڻ وارن جو انگ 2500 آهي ۽ کاري در کان ٻاهر رهندڙ مهانن جو انگ 1500 آهي.

انگريزن جي قبضي وقت ڪراچي شهر جي آبادي 14 هزار هئي. جنهن ۾ ڪراچي ڪوٽ کان ٻاهر رهندڙ شامل نه ڪيا ويا هئا. انگريزن قبضي کان پوءِ 1851ع ۾ پوري سنڌ ۾ سرڪاري طور ڳڻپ ڪرائي هئي. جنهن موجب سنڌ جي ڪل آبادي ڏهه لک ستاسي هزار ست سئو ٻاهٺ 1087762 هئي. ڪراچي جي آبادي 12391 هئي. اها آبادي فقط ڪوٽ جي اندر رهندڙ ماڻهن جي هئي. ڳڻپ ۾ عارضي طور رهائش ڪندڙن کي شامل نه ڪيو ويو هو. ڪراچي ضلعي جي آبادي 1851ع جي ڳڻپ موجب 1،85،550 هئي ۽ ڳوٺن جو تعداد 1144 هو. 1851ع جي ڳڻپ موجب پوري سنڌ ۾ 7531 ڳوٺ هئا. ياد رهي تنهن زماني ۾ سنڌ جا ٽي ضلعا (ڪلڪٽوريٽ) ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور هئا. هاڻوڪو ٺٽو ضلعو، بدين ضلعي جو جاتي تعلقو، ڄامشورو ضلعو ۽ دادو ضلعو ڪراچي ضلعي ۾ شامل هئا. سنڌ ۾ انگريزن ٻي ڳڻپ 1856ع ۾ ڪرائي. جنهن مطابق سنڌ جي آبادي ۾ پنجن سالن ۾ 8 سيڪڙو واڌارو ٿيو. 1856ع جي ڳڻپ موجب سنڌ جي آبادي 17،72،367 هئي ۽ ڪراچي شهر جي آبادي 48،421 هئي جنهن ۾ پهريون ڀيرو ڪوٽ کان ٻاهر واري علائقي کي ڪراچي شهر جي ڳڻپ ۾ شامل ڪيو ويو هو. ڪراچي شهر جي آبادي جي وڌڻ جو هڪ ڪارڻ پورٽ تي ۽ شهر ۾ اڏاوتن جي ڪم لاءِ ايندڙ ٻاهر جي مزدورن اچڻ جو هو. واپاري شهر هئڻ ڪري ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کان خوجن، مارواڙين، پارسين، ميمڻن ۽ ايران کان بلوچن ڪراچي شهر جو رخ ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ انگريزن جي قبضي وقت 33 ايڪڙن تي ڦهليل شهر 1861ع ۾ 14 ميلن جي رقبي ۾ ڦهلجي ويو. پوري ننڍ کنڊ ۽ خاص ڪري ايران کان بلوچن جي وڏي انگ مزدوري لاءِ ڪراچي جو رخ ڪيو جيڪي لياري ۾ رهائش پذير ٿيا.

1861ع ۾ انگريزن پوري هندستان ۾ ڳڻپ جو پروگرام رٿيو هو. پر جنگ آزادي ڪري اهو ممڪن نه ٿي سگهيو . 1872ع ۾ باقاعده ڳڻپ ڪرائي ويئي جنهن مطابق ڪراچي شهر جي آبادي 56،753 هئي. جنهن ۾ 3227 ڪراچي ڇانوڻي جي آبادي به شامل هئي. انهيءَ دوران آبادي نه وڌڻ جا ڪارڻ جنگ آزادي جي تحريڪ هئي. جنگ جي ڪري ماڻهن ڪراچي شهر ڏانهن رخ گهٽ ڪيو. 1881ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي جي آبادي ڇانوڻي سميت 73،560 هئي. جنهن ۾ مسلمان 38،946، هندو 24617، عيسائي 4161، پارسي 937 ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو 4899 هئا.

1891ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي شهر جي آبادي 10،5199 هئي. جنهن ۾ هندو 44503، مسلمان 52957، عيسائي 5986، پارسي 1375 ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو فقط 378 هئا. 1881ع جي ڳڻپ موجب ٻين مذهبن جا ماڻهو 4899 هئا ۽ ڏهن سالن ۾ انهيءَ گهٽتائي جو سبب نه ڄاڻايو ويو آهي.

لڳي ائين ٿو ته بهائي مذهب جا ماڻهو جيڪي انگريزن جي قبضي کانپوءِ وڏي تعداد ۾ ڪراچي ۾ رهندا هئا. اهي واپار ۽ پنهنجي مذهبي اڪثريت ڏانهن هندستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا. ان ڳڻپ ۾ ڪراچي جا جيڪي علائقا شامل هئا، انهن ۾ بندرگاهه، مڇي مياڻ، مارڪيٽ، کڏو، پريڊي، گاڏي کاتو، رامسوامي، لياري، رنڇوڙ لائين، فريئر ٽائون، گسري، ڪلفٽن، بندرگاهه، سول لائنز، ريلوي ڪوارٽرز، بابا ڀٽ ۽ شمس پير جا ٻيٽ، سرائي، گارڊن، سولجر بازار، جيل وارو علائقو، منهوڙو، ڪياماڙي، رام باغ، پراڻو شهر، نيپئر ڪوارٽرز، صدر ۽ بهشتي واڙو شامل هئا. ياد رهي ان ڳڻپ ۾ ڪراچي ضلعي جا علائقا جنهن ۾ هاڻوڪي ڪراچي ٻهراڙيءَ وارا علائقا شامل هئا ڳڻپ ۾ شامل نه هئا انهن جي آبادي ڪراچي ضلعي ۾ شامل ڪئي ويئي هئي.

1901ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي شهر جي آبادي 1،36،297 هئي. جنهن ۾ ڪراچي جي هاڻوڪي ٻهراڙي وارو علائقو، شامل نه هو. 1911ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي شهر جي آبادي هڪ لک 86 هزار 7 سئو 71 هئي ۽ ڪراچي ضلعي جي آبادي جنهن ۾ ڪراچي جي هاڻوڪي ٻهراڙيءَ وارو علائقو، هاڻوڪي ضلعي ٺٽي- ڪوٽڙي تعلقو، جاتي تعلقو ۽ محال ڪوهستان وارا علائقا شامل هئا. جنهن جي آبادي ٻه لک 18 هزار 7 سئو 93 هئي.

1921ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي شهر جي آبادي ٻه لک 44 هزار هڪ سئو ٻيانوي ۽ ڪراچي ضلعي جي آبادي ٻه لک 46 هزار 8 سئو 31 هئي. 1911ع کان 1921ع تائين ڪراچي شهر جي آباديءَ ۾ 30 سيڪڙو واڌ ٿي.

1931ع  جي ڳڻپ موجب ڪراچي شهر جي آبادي ٽي لک 7 سئو 79 هئي ۽ ڪراچي ضلعي جي آبادي ٻه لک 80 هزار 8 سئو هئي. جڏهن ڪراچي ضلعي جو ذڪر اچي ته ان ۾ هاڻوڪو ڪراچي ٻهراڙيءَ وارو علائقو گابو پٽ، ماڙي پور، منگهو پير، اورنگي، جيل کان مٿيون حصو گلشن اقبال، لالو کيٽ، ملير ڪئنٽ، ملير، ابراهيم حيدري، ريڙهي، پپري، لانڍي، شرافي، گڏاپ، سونگل، گهگهر، ايئرپورٽ، ملير شهري علائقي کانسواءِ هاڻوڪو ٺٽو ضلعو، ڄامشوري ضلعي جا محال ڪوهستان، جاتي تعلقو ۽ ڪوٽڙي تعلقي وارا علائقا سمجهڻ گهرجن.

1941ع واري سرڪاري ڳڻپ موجب ڪراچي شهر جي آبادي 3،86،655 هئي. 1931ع کان 1941ع واري ڏهاڪي دوران ڪراچي جي آبادي ۾ 44.9 سيڪڙو واڌ ٿي. ڪراچي جي آبادي 1941ع واري ڳڻپ موجب مذهبن جو سيڪڙو ڪجهه هن ريت هو. هندو 49.8 سيڪڙو، مسلمان 40.2 سيڪڙو عيسائي 4.5 سيڪڙو، پارسي 1.0 سيڪڙو، سک 1.5 سيڪڙو، يهودي 0.3 سيڪڙو، جين 0.8 سيڪڙو، بهائي ۽ ٻيا 1.9 سيڪڙو هئا. ڏٺو وڃي ته سک جن جو تعلق به هندو مذهب سان آهي اهڙي طرح 1941ع جي ڳڻپ ۾ ڪراچي شهر ۾ هندوئن جو تناسب 51.3 سيڪڙو هو. 1911ع کان 1941ع تائين ڳڻپ جي انگن اکرن تي مذهبن جي تناسب سان نظر وجهنداسين ته سک ۽ جين مذهب جو ڪو به ماڻهو ڪراچي ۾ نه هو. ڳڻپ ۾ عارضي رهندڙن کي شامل نه ڪيو ويندو هو. انهن کي ڌار ڳڻپ ڪري ريڪارڊ ۾ رکيو ويندو هو.

ورهاڱي وقت ڪراچي جي آبادي 4 لک 36 هزار 8 سئو 87 هئي ۽ شهر جي پکيڙ 233 چورس ڪلو ميٽر هئي. ورهاڱي وقت 20 هزار عيسائي ڪراچي ۾ هئا. جيڪي صدر، گارڊن ۽ سولجر بازار جي علائقن ۾ آباد هئا. ورهاڱي وقت سنڌي ڳالهائڻ وارن جو ريشو 61.2 سيڪڙو، ڇاڪاڻ ته هندو جيڪي سنڌي ڳالهائيندا هئا. ورهاڱي وقت هي شهر ڇڏي چڪا هئا. اردو ۽ هندي ڳالهائڻ وارن جو ريشو 6.3 هو.

1930ع کان اڳ ۾ ڪو به ملباري ڪراچي ۾ نه هو. سڀ کان اڳ جيڪو ملباري ڪراچي ۾ آيو. تنهن جو نالو حاجي عبدالرحمان هو.

ڪراچي جي سرزمين تي قدم رکڻ واري پهرئين پارسي جو نالو مانڪ جي هو، جيڪو ٺيڪيدار هو. انگريزن سان گڏ ممبئيءَ کان ڪراچي آيو هو ۽ ڪراچي ۾ قتل ٿيو. بعد ۾ واپار جي سلسلي ۾ گهڻا پارسي ممبئيءَ ۽ سورت کان ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا ۽ ڪراچي جي ترقي ۾ خوب حصو ورتائون. 1951ع ۾ ورهاڱي کانپوءِ ڪراچي جي آبادي 4 لک 36 هزار 8 سئو مان وڌي، 10 لک 86 هزار 590 تائين پهچي ويئي. ياد رهي ورهاڱي وقت ڪراچي جي اڌ آبادي هندوئن تي ٻڌل هئي جن مان 2 لک هندو لڏي هندستان ويا. اهڙي طرح 2 لک 36 هزار جي آبادي ۾ 1951ع ۾ فقط چئن سالن ۾ اٺن لکن جو واڌارو ٿيو. جنهن جو ڪارڻ وڏي تعداد ۾ هندستان مان مسلمان لڏي هتي آيا. هندستان مان آيل پناهه گيرن جي ڪٽڪن ڪري آباديءَ ۾ تيزي سان واڌارو ٿيندو ويو.

مذهبن جو نالو

سال 1911ع

سال 1921ع

سال 1931ع

سال 1941ع

هندو

%43.0

46.4 %

45.7 %

49.8 %

مسلمان

49%

46.3%

46.6%

40.2%

عيسائي

2.5%

4.4%

4.9%

4.5%

پارسي

0.2%

1.3%

1.3%

1.0%

سک

-

0.7%

0.8%

1.5%

جين

-

0.5%

0.3%

0.8%

يهودي

0.3%

0.3%

0.3%

0.3%

بهائي ۽ ٻيا

5.%

0.1%

0.1%

1.9%

ورهاڱي وقت 233 چورس ڪلوميٽرن جو هي شهر 1959ع ۾ 3000 هزار چورس ڪلوميٽرن تي پکڙجي ويو. ننڍي کنڊ جو سڀ کان صاف سٿرو شهر هوندو هو. ورهاڱي کانپوءِ لڏپلاڻ جي غير فطري واڌ ڪري هي شهر ننڍي کنڊ جي گندن شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. رهائشي مسئلي سنگين صورت اختيار ڪئي هر پاسي بي ترتيب ڪچيون آباديون قائم ٿينديون ويون. پناهه گيرن جي آباد ڪاري لاءِ باقاعدي هڪ ادارو 1950ع ۾ ڪراچي امپرومينٽ ٽرسٽ نالي قائم ڪيو ويو جنهن کي بعد ۾ 1957ع ۾ ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي (KDA) ۾ ضم ڪيو ويو. ان اداري ڪراچي جي ترقي ۾ گهٽ پر مقامي ماڻهن جي ڳوٺن، زرعي زمينن ۽ چراهه گاهن کي تباهي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو سلسلو 1950ع کان اڄ 2007ع تائين جاري آهي. مختلف اسڪيمن جي نالي ڪراچي جي اصلي ماڻهن جي زمينن تي لکين غير مقامي ۽ پرڏيهي ماڻهن کي آباد ڪرڻ ۾ هن اداري مالڪن جي منشا مطابق پنهنجو ڪردار خوب ادا ڪيو. جنهن جي هڪ الڳ تاريخ آهي.

1961ع ۾ ڪراچي جي آبادي 20 لک 44 هزار ٿي ۽ فقط ڏهن سالن ۾ آبادي ۾ 50 سيڪڙو واڌارو ٿيو. اهو سڀ ڪجهه هندستان کان آيل پناهه گيرن جن کي عرف عام ۾ مهاجر چيو ويندو آهي جي لڏپلاڻ ڪري ٿيو ۽ لڏپلاڻ جي اها غير فطري واڌ مختلف صورتن ۾ اڄ به جاري آهي.

1972ع ۾ ڪراچي جي آبادي ۾ 15 لکن جو واڌارو ٿيو. ان جي آبادي 35 لک 89 هزار 933 سئو ٿي. هن واڌ جا ٻه سبب هئا، هڪ بنگلاديش مان آيل بهارين جي لوڌ، جن جي ڪري ايشيا جي سڀ کان وڏي ڪچي آبادي هتي ٺهي ويئي. ٻيو سبب ون يونٽ جي دوران سرحد ۽ پنجاب مان آيل ماڻهن جي ڪري ڪراچي جي آبادي ۾ واڌارو ٿيو. خاص ڪري سرحد مان پٺاڻ، ايوب خان جي دور ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اچي آباد ٿيا. 1951ع ۽ 1972ع جي وچ ۾ ڪراچي جي آبادي ۾ 217 سيڪڙو واڌارو ٿيو.

1981ع واري ڳڻپ موجب ڪراچي جي آبادي 53 لک 35 هزار ٿي. 1991ع ۾ ٿيل ڳڻپ کي رد ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته سنڌ جي اها حقيقي ڳڻپ حڪمرانن جي منشا موجب نه هئي. 1998ع ۾ فوج جي نگراني ۾ پوري ملڪ ۾ ڳڻپ ڪرائي وئي ۽ حڪمرانن پنهنجي مطلب جا انگ  اکر حاصل ڪري ورتا. 1998ع ۾ جيڪا ڳڻپ ڪرائي ويئي ان مطابق ڪراچي ڊويزن جي آبادي 98،02،134 آهي. هن وقت ڪراچي ڊويزن جا پنج ضلعا هئا. جن جي آبادي هيٺين ريت رهي.

ضلعو ڏکڻ 17،24،915

ضلعو سينٽرل 2239098

ضلعو اوڀر 27،16،789

ضلعو اولهه 20،80،303

ضلعو ملير 10،41،412

(سرڪاري آدمشماري جي هڪ ڪتاب ۾ ملير ضلعي جي آبادي 981412 ڏنل آهي.)

ڪراچي  جي ٻهراڙي جيڪا ضلعي ڪائونسل تي ٻڌل هئي. جنهن ۾ ضلعي ملير ۽ ضلعي ڪراچي اولهه جي ٻهراڙيءَ جا علائقا شامل هئا. آبادي 5،32،869 هئي. 1998ع واري ڳڻپ ۾ حڪومت جي انگن اکرن مطابق ڪراچي ۾ 35 لک غير ملڪي رهن ٿا. جيڪي ڳڻپ ۾ شامل نه ڪيا ويا آهن. جن ۾ گهڻو ڪري هندستاني، افغاني ۽ بنگالي آهن. غير سرڪاري اندازي موجب ڪراچي ۾ پرڏيهين جو تعداد 50 لکن کان مٿي آهي.

اسي واري ڏهاڪي ۾ افغانستان جي جنگ وقت لکن جي تعداد ۾ افعانين ڪراچي جو رخ ڪيو. هڪ اندازي مطابق هڪ لک کان مٿي افغاني شناختي ڪارڊ ٺاهي هميشه لاءِ ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪري چڪا آهن ۽ ڪراچي جي لوڪل گورنمينٽ جي چونڊن ۾ مختلف ٽائونن ۾ 12 کان مٿي افغاني ميمبر طپر چونڊجي آيا آهن.

سيپٽمبر 2004ع ۾ سنڌ اسيمبلي پنهنجي هڪ اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ جيڪو متحده قومي موومينٽ پيش ڪيو. متحده مجلس عمل ۽ مسلم ليگ (ق) جي سنڌي ميمبرن پاران هن رٿ جي حمايت ڪئي هئي. جنهن موجب ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. پيپلز پارٽي جو ڪوبه ميمبر ايوان ۾ موجود نه هو. ڇاڪاڻ ته اهي اليڪشن ورڪ ۾ مصروف هئا. ٻئي ڏينهن ٿر ۾ اليڪشن ٿيڻي هئي. جنهن ۾ هاڻوڪي وزيراعظم شوڪت عزيز جو مقابلو جڳديش ملاڻي سان هو.

هن رٿ جي پاس ٿيڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن مختلف بنگالي ۽ بهاري وسندين ۾ انهن غير قانوني ماڻهن جي مدد لاءِ ڪئمپون قائم ڪيون. انهن ڪئمپن ۾ چونڊيل اسيمبلي ميمبرن وڏي تعداد ۾ شناختي ڪارڊ فارم ورهائي ڏنا.

تاريخ 04-09-20 جي اخباري رپورٽن موجب وانا ۾ ٿيندڙ آپريشن جي نتيجي ۾ 700 خاندان لڏي ڪراچي آيا آهن. ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ڪري ڊيرا بگٽي ۽ ڪوهلو مان ماڻهن جي لڏپلاڻ جاري آهي. هو سنڌ ۾ مختلف شهرن سان گڏ ڪراچي ۾ به اچي آباد ٿي رهيا آهن.

جڏهن کوکرو پار موڻا بائو ريل سروس شروع ٿي ته سنڌ جي سڀني ساڃهه وند ماڻهن اعتراض ڪيو ته هن سان هندستان کان ايندڙ غير قانوني ماڻهو ايندا. پر انهن جي هڪ به نه ٻڌي ويئي. 2006ع ۾ حڪومت جي رپورٽن موجب انهيءَ ريل سروس وسيلي هندستان کان ڪراچي ايندڙ 400 ماڻهو ڪراچي ۾ رهي پيا آهن ۽ اُهي واپس نه ويا آهن. ورهاڱي وقت جنهن شهر جي آبادي 4 لک 36 هزار هئي. فقط 59 سالن ۾ انهيءَ شهر جي آبادي ۾ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جو واڌار ٿيو آهي.

12 آڪٽوبر 1999ع تي جڏهن نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري جمهوريت تي ڌاڙو هنيو ويو ۽ نظريه ضرورت تحت جنرل پرويز مشرف ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته ملڪ ۾ نئين ٽن سطحن واري لوڪل گورنمينٽ نظام جو اعلان ڪيو ويو. 1- يونين ڪائونسل 2- ٽائون- تحصيل- تعلقا ڪائونسل 3 ضلعي حڪومت. جنهن لاءِ چيئرمين ۽ نائب چيئرمين جي بجاءِ ناظم جو لفظ متعارف ڪرائي نواڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. ان نظام تحت سواءِ ڇانوڻين وارن علائقن جي پوري ملڪ ۾ جولاءِ 2001ع تي يونين ڪائونسلن ۽ آگسٽ 2001ع تي ضلعن ۾ چونڊون ڪرايون ويون.

نئين نظام ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪراچي واسين کي ٿيو. جتي پنجن ضلعن کي ختم ڪري ڪراچي کي هڪ ضلعي جو درجو ڏنو ويو. ڪراچي کي 178 يونين ڪائونسلن ۽ 18 ٽائونن ۾ ورهايو ويو. پوري ملڪ ۾ آبادي وڌڻ ڪري نوان ضلعا ٺاهيا پيا وڃن. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ قائم ضلعن کي ختم ڪري پوري ڪراچي جي ڏيڍ ڪروڙ آبادي تي هڪ ضلعو قائم ڪيو ويو آهي.

نئين لوڪل گورنمنيٽ آرڊيننس 2001ع تحت ڪراچي کي 18 ٽائونن ۾ ورهايو ويو جن جا نالا ۽ آبادي هيٺين ريت آهن. ياد رهي ته اهي انگ 1998ع جي ڳڻپ مطابق آهن هن وقت ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک آهي. جنهن ۾ غير ملڪي به شامل آهن.

ٽائون جو نالو

آبادي

يونين ڪائونسل جو تعداد

ڪياماڙي ٽائون

3،83،378

08

سائيٽ ٽائون

4،67،560

09

بلديا ٽائون

4،06،165

08

اورنگي ٽائون

7،23،694

13

لياري ٽائون

6،07،992

11

صدر ٽائون

6،16،151

11

جمشيد ٽائون

7،33،821

13

گلشن اقبال ٽائون

6،25،230

13

شاهه فيصل ٽائون

3،35،823

07

لانڍي ٽائون

6،66،748

12

ڪورنگي ٽائون

5،46،504

09

نارٿ ناظم آباد ٽائون

4،96،194

10

نيو ڪراچي ٽائون

6،84،183

13

گلبرگ ٽائون

4،53،490

08

لياقت آباد ٽائون

6،49،019

11

ملير ٽائون

3،98،291

07

بن قاسم ٽائون

3،18،083

07

گڏاپ ٽائون

2،89،564

08

هن ۾ ڪلفٽن ڪئنٽ، مهوڙا ڪئنٽ، ڪورنگي ڪئنٽ، مسرور بيس، سي او ڊي وارا علائقا شامل نه آهن ۽ نه ئي 2001ع کان 2006ع تائين ڇانوڻين وارن علائقن ۾ بلدياتي چونڊون ڪرايون ويون آهن. ڪراچي ۾ قائم ڇانوڻين ۾ 1998ع جي ڳڻپ موجب چار لک 244 ماڻهو رهن ٿا. اهو تعداد حاضر سروس فوجين کانسواءِ آهي.

1981ع جي ڳڻپ مطابق ڪراچي جي آبادي 54 لک 37 هزار هئي. جيڪا وڌي 1998ع جي سرڪاري انگن اکرن موجب 98 لک ٻه هزار ٿي آهي. ڪراچي جي ٻهراڙيءَ جو تناسب هن ۾ 5.25 سيڪڙو آهي.

1998ع ۾ ڪراچي ۾ عورتن جو سيڪڙو 47.17 آهي.

1981ع کان 1998ع جي ڳڻپ جي وچ ۾ ڪراچي جي آبادي ۾ 81.24 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي.

ڳڻپ جي انگ اکرن موجب ڪراچي ۾ پڙهيل جو تناسب هن ريت آهي.

1981ع                1998ع

ٽوٽل آبادي ۾ پڙهندڙن جو ريشو

55.04 سيڪڙو

67.42 سيڪڙو

مردن ۾ پڙهندڙن جو ريشو

60.01 سيڪڙو

71.17 سيڪڙو

عورتن ۾ پڙهندڙن جو ريشو

48.84 سيڪڙو

62.88 سيڪڙو

رهائشي يونٽن جو ڳاڻيٽو 1981ع جي ڳڻپ ۾ 8 لک 58 هزار هو. جيڪو 1998ع ۾ وڌي 14 لک 57 هزار ٿي آهي.

ڪراچي ۾ رهندڙ مختلف ٻولين ڳالهائيندڙن جو ريشو 1998ع جي ڳڻپ موجب هيٺين ريت آهي.

اردو ڳالهائڻ وارن جو ريشو

54.00 سيڪڙو

پنجابي ڳالهائڻ وارن جو ريشو

13.64 سيڪڙو

سنڌي ڳالهائڻ وارن جو ريشو

6.29 سيڪڙو

پشتو ڳالهائڻ وارن جو ريشو

8.71 سيڪڙو

بلوچي ڳالهائڻ وارن جو ريشو

4.40 سيڪڙو

سرائيڪي ڳالهائڻ وارن جو ريشو

0.36 سيڪڙو

ٻين ٻولين ڳالهائڻ وارا

12.30 سيڪڙو

ياد رهي شهر ۾ رهندڙ ميمڻن، گجراتين ۽ ڪاٺياواڙين کي اردو ڳالهائڻ واري خاني ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

بي ترتيب ۽ غير فطري وڌندڙ آبادي جي ڪري ڪراچي مسئلن جو شهر بڻجي چڪو آهي. ٽرانسپورٽ، گندي پاڻيءَ جي نيڪالي، روڊ، پاڻي، بجلي، صحت، صفائي مطلب ته ڪو به مسئلو حل ٿيندي نظر نٿو اچي. پلاننگ نه هئڻ ڪري هي شهر ماڻهن جو جهنگ نظر ٿو اچي. هڪ اندازي موجب ڪراچي شهر ۾ ٽي هزار ماڻهو في چورس ڪلو ميٽرن ۾ رهي ٿو.

ڪراچي ۾ 6 هزار ايڪڙن تي موجود 500 ڪچيون آباديون آهن. وڏي ڪچي آبادي اورنگي ۾ آهي. جتي 1972ع کانپوءِ آيل بهارين کي وسايو ويو آهي. جنهن ۾ هڪ اندازي موجب 96 هزار گهر اڏيل آهن. جتي 13 لک ماڻهو رهن ٿا. ڪراچي جي 46 سيڪڙو آبادي ڪچي آبادين ۾ رهائش پذير آهي. انهن بي ترتيب ۽ مسئلن جي شڪار بڻيل ڪچين آبادين ۾ گهڻو ڪري بنگالي، افغاني، پنجابي، پٺاڻ ۽ ڪجهه ڪچي آباديون اندورن سنڌ کان روزگار سانگي لڏي آيل سنڌين جون به آهن. هڪ اندازي موجب ڪراچي ضلعي ۾ ٽن هزارن کان مٿي قديم ڳوٺ آهن. جيڪي هر بنيادي سهولت کان وانجهيل آهن. ڪچين آبادين ۽ ڳوٺن ۾ ملير، لياري ۽ ساحلي علائقن ۾ هڪ منظم سازش تحت چرس، هيروئن، آفيم جي وبا پکيڙي وئي آهي. بيروزگاري، گندگي ۽ منشيات جي ڪري اهي ماڻهو انيڪ بيمارين ۾ ورتل آهن. سماجي ڌارا کان اهي ماڻهو ڪٽجي ڏوهن جي دنيا ڏانهن وڌي رهيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ هن شهر تي امن امان جي صورت تي حڪومت جو ڪنٽرول نظر نٿو اچي. هي دنيا جو واحد شهر آهي. جتي پرڏيهي جي اچڻ تي ڪا بندش نه آهي. دنيا جي سڀني ملڪن جا هزارين پرڏيهي غير قانوني طور تي رهائش پذير آهن. دنيا جي هر دهشتگرد تنظيم ۽ ڳجهي ايجنسين جو نيٽ ورڪ ڪراچي شهر ۾ موجود آهي، جنهن تي ڪا به جهل پل نه آهي. اهي کلي عام پنهنجي ڌنڌي ۾ مصروف آهن. حڪومتي ادارن کي پنهنجي منٿلي سان ڪم آهي. هڪ اندازي مطابق انهيءَ غير قانوني ڪمن کانسواءِ مختلف سياسي، سماجي ۽ لساني گروپ ڪراچي شهر مان پنج ارب رپين کان مٿي ماهوار ڀتو وصول ڪري رهيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ هر غير قانوني ڪم هتي ٿي رهيو آهي.

سنڌ جي سڀني ساڃهه وند سياسي، ادبي ۽ سماجي حلقن کي ڪراچي شهر جي وڌندڙ آبادي ۽ ڪراچي ۾ قائم ادارن پاران سنڌ ۾ اصلوڪن رهندڙن خلاف جيڪي سازشون تيار ڪيون پيون وڃن هن پاسي سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سڀ کان پهرئين سياسي بنيادن تي تقسيم کي ختم ڪري ڪراچي بچائڻ واري هڪ نقطي تي گڏ ٿيڻ ۽ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي.

 

ڪو جو قهر ڪلاچ ۾

1636ع ۾ قرطبه (اندلس) کي ٻيهر عيسائين هٿ ڪيو ته ڪجهه سالن کانپوءِ عيسائين جي پادرين ڪارلوس پنجين کي چيو، ”ڪيٿولڪ اسپانيا وچ ۾ مسجد قرطبه توهين کان گهٽ نه آهي ان کي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو وڃي.“ ڪارلوس مسجد قرطبه ڏسڻ بنا اهڙي اجازت ڏيئي ڇڏي. مسجد کي ڊاهي هتي ڪليسا اڏيو ويو ۽ مسجد جو اهو حصو بچي ويو جيڪو ڪليسا جي نقشي ۾ نه هو. ڪارلوس جڏهن ان جي افتتاح لاءِ آيو ته مسجد جي اڏاوت ڏسي ڪليسا جي افتتاح کان انڪار ڪيو ۽ چيو، ”جيڪڏهن مونکي معلوم هجي ها ته توهان ڇا ڪرڻ وارا آهيو ته ان ڳالهه جي بنهه اجازت نه ڏيان ها. ڇاڪاڻ ته جيڪو ڪجهه اوهان ٺاهيو آهي اهو ڪٿي به ٺاهي سگهجي ٿو ۽ جو ڪجهه اوهان ڊاهيو آهي اهو پوري ڌرتيءَ تي ڪٿي به ڏسي نٿو سگهجي.“ اڏاوت جو اهڙو عظيم ڪارنامو پادرين جي مذهبي ڪٽرپڻي جي ور چڙهي ويو. اهو ڪم مسلمانن به اندلس جي فتح وقت ڪيو هو. جتي گهڻين قديم عبادتگاهن کي ڊاهي انهن کي مسجدن ۾ تبديل ڪيو.

اهو ئي سڀ ڪجهه ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ جاري آهي. خوبصورت جاين، مندرن، تاريخي جاين ۽ قديم آثارن کي ميسارڻ جو عمل هڪ ڊگهو داستان آهي، پر سال 2006ع ۾ ڪراچيءَ ۾ اهڙا ئي ٽي واقعا رونما ٿيا آهن جن هتان جي مقامي ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي. هتان جي قديم ڳوٺن کي ڊاهڻ جو سلسلو ته گهڻي وقت کان جاري آهي پر هاڻي سنڌ جي تاريخي ورثن کي به ختم ڪري ڪراچي تان سنڌين جي مالڪي جون شاهديون ختم ڪرڻ جي هڪ عظيم سازش تي عمل ٿي رهيو آهي.

سال 2006ع جي شروع ۾ سونگل يونين ڪائونسل جي ديهه موکيءَ ۾ قائم موکيءَ متارا داستان جي اهم ڪردار موکيءَ جي قبر بلڊوز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. پر آس پاس جا ڳوٺاڻا سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ۽ ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي بلڊوزرن اڳيان ديوار بڻجي بيهي رهيا. تڏهن وڃي ڪجهه وقت لاءِ اهو مسئلو ٽريو آهي. پر ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن اهو ڪڌو ڪم ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته تائيسر ٽائون، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ جي رٿا آهي جنهن ۾ پنجن ڳوٺن ۽ موکيءَ جي تاريخي قبرستان کي ڊاهڻ جو پروگرام آهي.

ٻيو واقعو مئي 2006ع ۾ پيش آيو جنهن ۾ ميمڻ ڳوٺ لڳ تاريخي چوڪنڊي طرز اڏاوت واري قبرستان جنهن کي ”بلوچ ٽومبس“ چيو وڃي ٿو. تاريخ ۾ اهو راڌن ملڪن جي قبرستان طور مشهور آهي. گهڻي عرصي کان چٽسالي ٿيل قيمتي پٿرن جي چوري جو ڪم جاري آهي. ان تاريخي ماڳ جي بچاءَ لاءِ ثقافت کاتي پاران ڪوبه چوڪيدار مقرر نه آهي. اڳوڻو چوڪيدار ڪجهه سال اڳ ريٽائر ٿي گذاري به ويو. جنهن کانپوءِ ڪو به چوڪيدار نه رکيو ويو آهي. هي تاريخي قبرستان جنهن ۾ 150 کان مٿي قبرون آهن، لاوارث آهن، مئي 2006ع ۾ قبرستان جي هڪ حصي تي جيڪو مرڪز قبرستان کان هڪ فرلانگ پري پولٽري اسٽيٽ 2 ۾ آهي. جتي 12 کن قبرون هيون. هتان جي هڪ بااثر ماڻهو ان حصي تي قبضو ڪري 6 کن قبرون ڇڏي باقي ٻين قبرن ۽ قبرستان جي زمين تي پڪنڪ پوائنٽ ٺاهي رهيو آهي. سوئمنگ پول ٺهڻ وقت ان مان هڏا به ظاهر ٿيا هئا. اخبارن ۾ گهوڙا گهوڙا ٿي. وزيراعظم، وڏي وزير، گورنر، سٽي ناظم کي خط اماڻيا ويا پر ڪجهه به نه ٿيو. فارم هائوس تي ڪم جاري آهي باقي قبرون به آهستي آهستي ڊاهيون پيون وڃن.

11 ۽ 12 جون 2006ع جي وچ واري رات گل ٻائي لڳ مورڙي جي ڀيڻ ڀائرن جي قبرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. هن واقعي کان پوءِ ماهيگيرن، گل ٻائي ۽ ڀرپاسي جي رهواسين، سماجي تنظيمن ۽ ميڊيا وقت سر سخت احتجاج ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي وڏي وزير نوٽيس ورتو آهي. ڪجهه وقت لاءِ تاريخي ورثو في الحال بچي ويو آهي.

انهن ڇهن گهاتوئن ۽ سندن ڀيڻ ”سيرئين“ جون قبرون ست سئو سال پراڻيون آهن. مورڙي جو واقعو سومرن واري دور جو آهي.

سنڌ جي تاريخ ۾ هيڻائي جي باوجود ڏاهپ ۽ سورهيائي جي علامت بڻجي جيئرو رهندڙ ڪردار مورڙي مير بحر جي ڀيڻ ۽ ڇهن ڀائرن جي قبرن کي بلڊوز ڪري ڊاهڻ هڪ سازش جي ڪڙي آهي. سنڌ جا ثقافتي ورثا ڪن ڌرين کي اکين ۾ ڪنڊي جيئن چڀي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته سنڌي ڏهه هزار سال پراڻي تهذيب ۽ ثقافت جا مالڪ آهن ۽ هي ورثا سنڌين جي مالڪيءَ جون شاهديون آهن. انهن شاهدين کي مٽائڻ معنيٰ ڪراچي تان سنڌين جي تاريخي حق مالڪي کي ختم ڪرڻ آهي ۽ سنڌين کي اهو به ٻڌائڻ چاهين ٿا ته ست سئو سال اڳ جنهن شاهي مڇ انهن گهاتوئن کي ڳڙڪايو هو. مورڙي پنهنجي ڏاهپ ۽ سورهيائي سان ان مڇ جي وجود کي ختم ڪري هڪ مثال قائم ڪيو هو ۽ اڄ ڪجهه ڌريون انهيءَ مڇ جا وارث بڻجي نروار ٿيا آهن ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي پوري وجود کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڳڙڪائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن ۽ مڇ مارڻ جو بدلو سنڌين کان وٺي رهيا آهن.

ورهاڱي کانپوءِ هر انهيءَ شيءِ، ماڳ ۽ تاريخي جاءِ کي تباهه ڪيو ويو جيڪي سنڌ جا تاريخي ورثا هئا. جن سان سنڌي پنهنجي تاريخي ۽ علائقي جي قدامت جو اندازو لڳائي پئي سگهيا. انهن جي سار سنڀال ته ٺهيو پر انهن کي ميساري ختم ڪيو پيو وڃي. انهن ماڳن، عمارتن ۽ تاريخ نشانن کي سنڀالڻ وارن ادارن جا اڳواڻ اهي ماڻهو آهن، جن جي اسان جي تاريخ ۽ ثقافت سان نه ربيع، نه خريف.

مورڙو اڄ به علامت آهي استحصالي قوتن جي خلاف مهاڏي اٽڪائڻ جو ۽ اهي استحصالي قوتون سنڌ جي تباهيءَ لاءِ اڄ به سرگرم آهن. اسان کي مورڙي واري واٽ تي هلي ڏاهپ سان انهن جو مقابلو ڪرڻو آهي. جيئن مورڙي سون مياڻي کان رتو ڪوٽ تائين سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري مڇ خلاف جدوجهد ڪري هن کي ختم ڪيو. اهڙي ٻڌي جي اڄ سخت ضرورت آهي.

مورڙي واري قصي جي تاريخ بابت ڪنهن تصديق ٿيل دور جو ذڪر ڪونهي، هن قصي جو دور به راجا دلو راءِ جو دور ڄاڻايو ويو آهي. قياس آهي ته راجا دلو راءِ، عربن جي آخري ۽ سومرن جي شروع واري دور ۾ سنڌ جي لاڙ واري حصي جو حڪمران هو. راجا دلوراءِ جي گادي واري هنڌ لاءِ ٻه رايا آهن. هڪ رايو اهو آهي ته، ڦٽي ڪريڪ وٽ رتوڪوٽ وارو هنڌ دلوراءِ جي گادي جو هنڌ هو. ٻيو رايو اهو آهي ته هاڻوڪي باٿ آئي لينڊ وارو علائقو جيڪو گسري بندر کي ويجهو هو ان جاءِ تي هو. 1859ع تائين هتي هڪ پراڻي شهر جا آثار موجود هئا جيڪي پڻ حڪمرانن جي بي حسي جو شڪار ٿي ختم ٿي ويا.

 سنڌ تي غزنوي 1026ع تي اقتدار ۾ آيا. اهي عربن جي هٿ هيٺ هئا، سومرن سنڌ تي 1053ع تي حڪمراني حاصل ڪئي. انهيءَ حساب سان جيڪڏهن دلو راءِ سومرن جي شروعاتي دور ۾ لاڙ جي حصي ۾ حڪمران هو ته پوءِ اهو واقعو 1053ع کانپوءِ جو آهي.

سومرن واري دور ۾ سگهڙن جي بيتن ۾ مورڙي ميربحر جي قصي جو ذڪر ملي ٿو. چوڏهين ۽ پندرهين صدي عيسويءَ ۾ ان واقعي بابت تمام گهڻا بيت ملن ٿا. ارڙهين صدي هجري ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرگهاتو ۾ ان داستان کي بيان ڪري امر ڪري ڇڏيو.

ڪالهه ڪلاچيءَ ويا ڇَتيُون کڻي ڇُڳير،

ڀائرن ڀيرو نه ڪيو، ادن ڪئي اوير،

اهڙي خاصي کير، ڪن ورائي جهليي،

ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، جو گهڙي سونئي،

خبر ڪون ڏئي، ته رڇ ڪُڄاڙي رنڊيا؟

ان قصي جي باري ۾ جلال کٽي جي ڀاءُ امين کٽي جيڪو ڪلهوڙن جي دور جو مشهور سگهڙ هو ان جا وڌيڪ بيت ملن ٿا.

قصو مختصر ائين آهي ته ٻاچو ۽ ٻاراچ جيڪي ٻئي ڀائر هئا. رتو ڪوٽ واري علائقي کان حب تائين سامونڊي علائقي ۾ مزدوري ڪندا هئا ۽ وجهه ملڻ تي چوريون به ڪري وٺندا هئا. اهي لاڏائو ماڻهو هڪ هنڌ ويهي نه سگهندا هئا. جڏهن انهن جي شادي ٿي ته انهن پنهنجو ڌيان مزدوريءَ ڏانهن ڪيو. هڪ بي روايت آهي جيڪا علي ملاح مرحوم ابراهيم حيدري واري سان منسوب آهي. اها به احمد ناکئي ٻڌائي هئي. جيڪا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ڪتاب ”مورڙو ۽ مانگر مڇ“ ۾ به ڏنل آهر ته، ٻاچو ۽ ٻاراچ اصل ڪڇ واري علائقي ”گنڊا سنگ“ جا، رهواسي هئا. جواني ۾ اهي سنڌ ۾ آيا ۽ حب نديءَ جي لڳ سوناريءَ جي جبل وٽ اچي رهيا. گنڊا سنگ جو شهر ۽ ڪوٽ جا ڪڇ ۾ سيارڙيءَ جي کاريءَ لڳ آثار موجود آهن.

ٻاراچ سون نالي عورت سان شادي ڪئي تنهن مان اوڀايو پيدا ٿيو. ٻاچو کي ڪو اولاد نه ٿيو.

چيو وڃي ته سون مياڻي به اوڀائي جي ماءُ ۽ ٻاراچ جي گهرواريءَ ”سون“ جي ڪري سون مياڻي بڻي. ٻي روايت هي آهي ٻاراچ گنڊا سنگ ۾ ئي شادي ڪئي. جنهن جو نالو ”سوناري“ هو شادي کانپوءِ اهي اچي حب جي ڪپ تي هڪ جبل تي رهڻ لڳا ۽ انهيءَ جبل جو نالو ”ٻاراچ“ پنهنجي گهرواري پويان ”سوناري“ رکيو. جيڪو اڄ به انهيءَ نالي سان آهي. اوڀائي ٻه شاديون ڪيون، پهرئين گهر واريءَ مان ڇهه پٽ ٿيس. ٻي گهرواريءَ مان هڪ ڌيءَ ”سيرئين“ ۽ هڪ پٽ ”مورڙو“ پيدا ٿيو. مورڙو پيدائشي منڊو هو. هيٺ مير ٻگهئي جو ليکل بيت ڏجي ٿو.

وير ويهاريائون وچ ۾، ٿيو سهاڳي سو

ڇهه پٽ پهرئينءَ مان، ٻي جا پرڻيو پوءِ

تنهن مان مانجهي مورڙو، پر ڏر ڄائو پوءِ

لوڪ مڙيو ٿي چوءِ ته اٺين ڀيڻ ”سيرهين.“

اولادن کي پرڻائڻ کانپوءِ اوڀائي سمنڊ تي ڳوٺ جو نالو پنهنجي ماءُ جي نالي پٺيان سون مياڻي رکيائين. اوڀايو مهاڻن جو چڱو مڙس بڻجي ويو. ڇاڪاڻ ته اوڀائي مهانن تي ڳرن محصولن خلاف جدوجهد ڪئي ۽ مهاڻن جي ايڪتا سان راجا دلو راءِ جي ڪوٽار (محصول وصول ڪرڻ وارو) خلاف جنگ جوٽي. مجبور ٿي راجا دلوراءِ کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻي پئي.

مورڙي جي ڀائرن مڇي جي ڪاروبار کي معمول موجب ڪري ورتو. مورڙو معذور هئڻ ڪري گهر ۾ رهندو هو. هو مهمانن جو خيال رکندو هو. جنهن جي ڪري هو سخي مورڙو مشهور ٿيو. سمنڊ کان هميشه پري رهندو هو.

”پاڻي سندي پر، مور نه سکيو مورڙو.“

مورڙي جي ڀائرن جي نالن تي اختلاف آهن. مختلف سگهڙن ڇهن ڀائرن جا نالا ڄاڻايا آهن. جن مان ڪجهه نالا مختلف آهن ڀيڻ جو نالو گهڻن سگهڙن ”سيرئين“  ۽ ڪجهه سگهڙن ”جمڙي“ ڄاڻايو آهي.

امين کٽي پنهنجن بيتن ۾ ڇهن ڀائرن جا جيڪي نالا ڏنا آهن سي هن طرح آهن، 1. پنيهر 2. اڱارو 3. مانجهاندو 4. لالو 5. سانئل 6. هنجهه ڪراڙو

مير ٻگهئي جي بيت ۾ هيٺيان نالا اچن ٿا.

”پڙهيار“، ”اڱارو“ ٻه، ڄڻا ٽيو ”مانجهاندو“ ساڻ،

چوٿون ”للو“ لاڏلو، پنجون سانئر ڄاڻ

ڇهون هنجهه ڪراڙو هٺ جو ستون ”مور“ سڃاڻ.

پوءِ سوجهي سون مياڻ، راڄ ٻڌائون پانهنجو.

مير ٻگهئي ۽ امين کٽي جي نالن ۾ فقط پنيهر ۽ پڙهيار جو نالو ڪجهه مختلف آهي باقي سڀ ساڳيا نالا آهن ۽ ڀيڻ جو نالو به مير ٻگهئي ”سيرئين“ ڄاڻايو آهي.

محمود سگهڙ موجب، پنهير، اڱارو، مانجهادو، لال بهار، هنجهه ڪراڙو جو نالو جمڙي آهي.

علي ملاح ابراهيم حيدري واري اڱاري، کانسواءِ سمورا نالا جن ۾ سينهڙو، محمود، صالح، عيسب، يعقوب سڀ ٻيا نالا ڄاڻايا آهن، ان پڻ ڀيڻ جو نالو ”سيرئين“ ئي ڄاڻايو آهي.

فقير امين چارڻ پنهنجن بيتن ۾، پڙهيل، اڱارو، مانجهاندو، لالو، سائنر، هنجهه ڪراڙو ۽ ڀيڻ جو نالو جمڙي ڄاڻايو آهي. انهن سگهڙن ۽ روايتن ۾ جيڪي نالا گهڻو ڪري ڏنا ويا آهن. ان مطابق مورڙي ميربحر جي ڀائرن جا نالا هيٺيان ٿي سگهن ٿا. 1. اڱارو 2. هنجهه ڪراڙو 3. لکو يا للو 4. پنيهر/پنهيار 5. سانئر/سائنل 6. مانجهاندو ۽ ڀيڻ جو نالو سيرئين اهي نالا وڌ سگهڙن جي بيتن ۾ ملن ٿا. مورڙي جو نالو سڀني سگهڙن اهو ئي ڏنو آهي.

مورڙي جي ڀائرن کي ڪلاچي جي ڪن ۾ جنهن جانور ڳڙڪايو هو ان تي به اختلاف آهي. مشهور اها ڳالهه ٿي اهو واڳون هيو. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته واڳونءَ جي پيٽ ۾ ڇهن انسانن جا لاش ڪيئن ٿا سمائجي سگهن؟ جنهن جي ڪري اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ڪلاچي جي ڪن ۾ مورڙي جي ڀائرن کي واڳون ڳڙڪايو هوندو.

مڇ جي ذڪر ڪري گهڻن لکندڙن جو ڌيان مگر مڇ ڏانهن ويو. مڇ معنيٰ شاهي مڇي جيڪا اصل ۾ وهيل مڇي (شارڪ) هئي جنهن مورڙي جي ڇهن ڀائرن کي ڳڙڪايو. مرحوم احمد ناکئي ابراهيم حيدري واري سان جڏهن مون ڪچهري ڪئي ته هن ڄاڻايو ته اهو شاهي ڪڇئون هو. امين کٽي سگهڙ به پنهنجي بيت ۾ ڪڇئون جو ذڪر ڪيو آهي.

ڪڇئون مارين ڪن ۾ رات مٿان پيئي

اوليون اجهڻ لڳيون ته ويئڙن واجهه وهي

ڪلاچيئون ڪهي، ماري مڇ نه موٽيا.

ڪلاچي جي ڪن ۾ رهندڙ وهيل مڇي جو ڏهڪاءُ دڙٻي، سون مياڻي ۽ سامونڊي علائقن تائين ڦهليل هو، جنهن جي ڪري مهاڻا مڇي مارڻ لاءِ اوڏانهن نه ويندا هئا. ڪلاچي جو ڪن لياري نئين جي ڇوڙ واري علائقي ۾ هو.

ڏهڪاءُ جي باوجود هڪ ڏينهن مورڙي جي ڀائرن مڇي مارڻ لاءِ وڃي ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ رڇ وڌو. جيڪو مڇ ورائي کڻي پنهنجي وات ۾ ڪيو. واري واري سان ڇهه ئي ڀائر لٿا ۽ شارڪ جو شڪار ٿي ويا.

گل ٻائي شير شاهه مورڙي جي ڀيڻ ”سيرئين“ ۽ ڀائرن جون قبرون

رات ٿي ويئي صبح ٿيو مورڙي جا ڀائر نه موٽيا ته اوڀايو پريشان ٿيو. سيرئين کي ڀائرن جي نه موٽڻ جي ڪري پوري رات ننڊ نه آئي ۽ ٻئي ڏينهن ڳولا شروع ڪئي ويئي ته انهن جا هوڙا ڪلاچي واري ڪن جي ڪناري تي مليا. جڏهن اها خبر سون مياڻي پهتي ته ماتم مچي ويو. سوين مهاڻا ٻيڙيون ڪاهي اچي ڪلاچي ڪن ڀيڙا ٿيا. مورڙو ان وقت راجا دلوراءِ جي درٻار ۾ هو، ڇاڪاڻ ته مورڙو پنهنجي ڀاڄاين جي مهڻن کان بيزار ٿي راجا دلو راءِ جي درٻار ۾ اچي رهڻ لڳو هو.

ڏيريائين جي ڏينهاڻي ٿي ڪاڻ به ڪڍيائين.

طعنا مهڻا تن جا، ٿي سوين سٺائين.

(سگهڙ ولي محمد)

اوڀائي مورڙي ڏانهن ماڻهو موڪليو ۽ مورڙو به ڪلاچي جي ڪن پهچي ويو.

ملاحين ڪيا منهن رتڙا، ڪٽي ڪانڌن لاءِ

مهاڻيون رهيون ماتام ۾ سوڙهي هي هڪ به جاءِ

ماڻهو منجهه مورڙي ڏي وڃي سڏ سائيس ساءِ

ڀڙا تنهنجا ڀاءِ، ڪچئون ماريا ڪن ۾.

(امين کٽي)

راجا دلوراءِ به ڪلاچي جي ڪن پهچي ويو. اوڀائي مورڙي کي وير وٺڻ لاءِ چيو. مورڙو هڪ ته منڊو ٻيو پاڻي جو گهيڙو نه هو، پر ڏاهپ ۾ ڀڙ هو. مورڙي وير وٺڻ جو فيصلو ڪيو. سانوڻي مند ۾ سمنڊ ۾ طوفان هو. مورڙي دلو راءِ کان مدد گهُري. راجا هر طرح جي مدد جو وعدو ڪيو.

تجربيڪار ۽ ڀڙ لوهار مورڙي جي هدايتن تي لوهي نوڪدار پڃرو ٺاهڻ ۾ جنبي ويا. پڃري جي چوڌاري تيز ڌار وارا ڪات لڳايا ويا. ڪم نهايت تيزي سان جاري هو. مورڙو عهد ڪري چڪو هو ته، هو مڇ کي ماري ڀائرن جو وير وٺندو ۽ ڪلاچي جي آس پاس مهاڻن تي مڇ جو جيڪو ڏهڪاءُ ويٺل آهي اهو ختم ڪندو. مورڙي پنچ سئو تازيون ويائل گهوڙيون، ڦرن سميت آنديون. ڪتن جي لوڌ به گهرايائين. لوهي پڃرو کڻي مورڙو ڪن ڏانهن روانو ٿيو. مضبوط رسن ۽ زنجيرن سان لو هي پڃري کي ٻڌائين. انهن رسن جو ٻيو ڇيڙو سانن ۽ گهوڙين جي ڳچين ۾ ٻڌائين اهو سڀ بندوبست ڪري ماڻهن کي چيائين، ”آئون اندر ويندس جڏهن زنجيرن ۽ رسن کي لوڏو اچي ته گهوڙين جي ڦرن پٺيان ڪتن جي بڇ ڪجو ۽ سانن جي پٺيءَ تي تيل هارائي اماڙيون انهن تي اڇلائجو.“

لوهي پڃري ۾ ويهڻ کانپوءِ ماڻهن ان کي ڪن ۾ لاٿو. مڇ لوهي پڃرو ڏسي وات ڦاڙيو جنهن جي ڪري لوهي پڃري سان جڙيل ڪاتن ان کي زخمي ڪيو ۽ رهيل ڪسر مورڙي جي هٿيارن پوري ڪئي. مورڙي مسلسل ان تي خنجر جا وار ڪيا. پڃري اندر هئڻ ڪري مورڙو محفوظ هو. پڃري جا لوهي ڪات جيئن مڇ جي وات ۾ ڦاسي پيا ته مورڙي زنجيرن کي لوڏو ڏنو. ٻاهر بيٺل سوين ماڻهو تيار هئا. اشارو ملندي ئي انهن مورڙي جي هدايتن تي عمل ڪيو. سانن جي پٺي تي هاريل تيل تي اماڙيون اڇلايون ۽ ٻين وري گهوڙين جي ڦرن جي ڪڍ ڪتا لاٿا. ڦرن جي ڀڄڻ سان گهوڙيون انهن جي ڪڍ لڳيون. ائين لوهي پڃرو مڇ ۽ مورڙي سميت ٻاهر اچي ويو. واهه واهه ٿي ويئي. مڇ جو پيٽ چيري مورڙي جي ڇهن ڀائرن جا لاش ڪڍيا ويا ۽ انهن کي ڪن جي ويجهو دفن ڪيو ويو. پوءِ مورڙو موٽي سون مياڻي ويو.

مورڙي جي دل هتي نه لڳي. مورڙو موٽي دڙٻي ۽ ڪلاچي ڪن لڳ اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ باقي ڏينهن ڪلاچي جي ڪن لڳ پنهنجي ڀائرن جي قبرن وٽ گذاريائين. سيرئين کي به وفات کانپوءِ ڀائرن لڳ دفن ڪيو ويو. مورڙي جي قبر ٿورو پري مسرور بيس ڪئمپ ۾ هڪ ننڍي ٽڪري تي آهي. جتي وڃڻ جي اجازت آهي پر فوٽو ڪڍڻ سان پاڪستان جي سالميت کي خطرو پئجي سگهي ٿو جنهن جي ڪري ان جي منع ٿيل آهي. گل ٻائي ۽ شير شاهه لڳ، پراڻو قبرستان اڄ به ”مورڙي جو قبرستان“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪو ڪراچيءَ جو قديم ترين قبرستان آهي. شير شاهه جو پراڻو نالو به مورڙو مير بحر ڳوٺ هو. شير شاهه جي دفن کانپوءِ اهو پورو علائقو شير شاهه ڪري مشهور ٿيو. بدين ۾ هڪ ديهه جو نالو مورڙو جاگير آهي. مورڙو سنڌي لغات موجب نئون ۽ تازو پن يا سلو جيڪو ندي جي ڪناري ڦٽي ٿو. هن کي چيو ويندو آهي.

نه ڪا بوءِ بازار ۾، نه ڪا ڇِلرَ ڇَٽَ

جتي ڏنڀَرينَ جي، اڳي هئي اُگهٽَ

سي پِڙَ پسيو پَٽَ، ماڙهو وڃن موٽِيا.

 

ملڪ مڙوئي منصور ......

برطانوي فوجيءَ جو قاتل ۽ مارشل لا:

”اسان هاڻي ڪراچي کان اتر پار اُسهنداسين. هيءَ جوءَ جابلو آهي. چوڌاري ننڍيون ٽڪريون ڏسبيون علائقو برپٽ آهي جتي ڌوڙ ۽ دوڦان جا رستا نڪتل آهن. جيڪي ڇيڪ ۽ ڇڙواڳ جيڏانهن آيو تيڏانهن پيا وڙڪندا آهن. هن سفر دوران اسان اخلاقي طور گمراهه ٿيڻ لاءِ بلڪل ٻڌل آهيون، ڇو ته هن برپٽ جوءِ جي چوڌاري چارا آهن. جن مان ڪي ماڻهن جاگس آهن ۽ ڪن تي وري چوپائي مال جي کرن جا نشان جيڪڏهن صحيح گس نه وٺبو ته هلي اوجهڙ ۾ پئبو. واٽون ويهه ٿيون. پوءِ ته پنڌ هڪ مان وڌي ٻيڻ ٿي پوندو. پريان ڏسو ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي هڪ ڊگهو لڪڙ کتل آهي اهو هڪ سنڌي ماڻهوءَ جي قبر جو نشان آهي سندس اصلوڪو نالو ته فقير هو، پر انگريز هن کي ”وائيلڊ فائر ڊڪ“ جي نالي سان سڏيندا آهن. هن هڪ انگريز عملدار کي قتل ڪيو هو. کيس ان ڏوهه جي پاداش ۾ هن جاءِ تي ماريو ويو هو. ان جي ڀرسان چراغ جانور هيڏي هوڏي پيو ڦري. هتان جا ماڻهو کيس غيبي طاقت وارو انسان ڪري سمجهندا هئا. هن جي اثر ڪري ڪجهه ماڻهو ڌاڙيل ٿي پيا هئا.“ هي ٽڪرو رچرڊ جي ڪتاب (Scinde, or The Unhappy valley (1851) مان کنيل آهي. جنهن جو ترجمو عطا محمد ڀنڀري ”سنڌ ڏکويل ماٿري“ جي نالي سان ڪيو آهي. ان ننڍڙي ٽڪري مان 1843ع واري ڪراچيءَ جي هاڻوڪي جيل ۽ گلشن اقبال واري علائقي جي ڄاڻ ملي ٿي ته اهي مقامي ماڻهن جي مال جا چراگاهه هئا ۽ هتي ٽڪرين جو هڪ سلسلو هو جيڪو منگهي پير تائين ويندو هو. رچرڊ برٽن اهو سفر 1843ع کانپوءِ ڪيو هو ۽ جنهن علائقي جو ذڪر ڪيو آهي اهو هاڻوڪي جيل، گلشن اقبال، نيشنل اسٽيڊيم ۽ ڊالميا وارو علائقو آهي. اهو علائقو هن وقت اڪيواري/ اڪيواڙي سڏبو هو. جيڪو هن وقت ڪراچي جي ديهه به آهي. شهر ۾ اچڻ ڪري ان جي ديهه واري حيثيت ختم ٿي وئي آهي. پر روينيو ريڪارڊ تي اڄ به هي علائقو اڪيواڙي آهي. 1913ع واري ديهه واري نقشي ۾ اهي سڀئي ڪچا رستا ۽ ٽڪريون موجود آهن جيل کانپوءِ پراڻي سبزي منڊي ختم ٿيڻ کانپوءِ انهيءَ ديهه جو علائقو شروع ٿئي ٿو. هتان کانپوءِ ڪراچي جي ٻهراڙي وارو علائقو شروع ٿيندو هو. جيل ۽ پراڻي سبزي منڊي وارا علائقا ڪراچي شهر/ ميونسپلٽي جي حدن ۾ هوندا هئا. هتان جن ڪچن رستن ۽ گسن جو ذڪر رچرڊ برٽن ڪيو آهي. اهي گس ملير، ابراهيم حيدري، منگهي پير ۽ گهاري ڏانهن ويندا هئا. ملير وارو گس اڳتي ٺٽي تائين اڄ به وڃي ٿو.

رچرڊ برٽن جنهن چوٽي تي ۽ قبر جي نشان جو ذڪر ڪيو آهي اهو 1913ع واري سروي ڪيل نقشي ۾ ”جبل چاڪر ڦاهي“ آهي. اها ٽڪري اڄ به مقامي ماڻهن وٽ ”چاڪر ڦاهي“ نالي مشهور آهي. انهيءَ ٽڪري تان هڪ برساتي ڍورو وهي ڏکڻ پاسي ملير نئين ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. جنهن جو نالو ”چاڪر ڦاهي ڍورو“ آهي ۽ نقشي ۾ به ان جو اهو ئي نالو آهي. اهو ڍورو اڄ به موجود آهي. انهيءَ ٽڪريءَ کان وٺي ملير نئين جي ڇوڙ تائين علائقو اڄ به فوجي علائقو آهي. اهو ڍورو ڪارساز وٽان ڏسڻ ۾ ايندو. ڊرگ  روڊ (شاهراهه فيصل) تان ايندي ڪار ساز وٽ اسٽيڊيم ڏانهن وڃڻ لاءِ  جيڪو فلائي اور ٺاهيو آهي، هن لڳ اوڀر پاسي اهو ڍورو موجود آهي. جڏهن اوهان نيشنل اسٽيڊيم کان شانتي نگر ۽ ڊالميا ڏانهن ويندا ته ساڄي هٿ تي شانتي نگر جي سامهون اها چوٽي نظر ايندي جيڪا فوج جي حوالي آهي.

انهيءَ چوٽي تي رچرڊ برٽن جنهن کتل لڪڙي جي ڳالهه ڪئي آهي اصل ۾ هتي پٿرن جو ڍير ٺاهي جنهن ۾ اهو لڪڙو لڳايو ويو هو. چاڪر خان جي پاهي جي ياد ۾ مقامي ماڻهن اها ”ڦاهي“ ٺاهي هئي. هي اها جاءِ آهي جتي  1839ع ۾ هڪ انگريز عملدار جي قتل جي ڏوهه ۾ مير چاڪر خان ڪلمتيءَ کي ڦاهي ڏني وئي هئي.

1839ع ۾ ڪراچي تي قبضي کانپوءِ هتي انگريزن هڪ فوجي ڇانوڻي ٺاهي ۽ هتي انگريز فوج جي سپهه سالار ڪرنل اسپلر کي ڇانوڻي جو نگران مقرر ڪيو ويو هو. سيٺ نائون مل تن ڏينهن ۾ شڪارپور ۾ انگريز فوج سان گڏ هو. جڏهن انگريزن ڪراچي بندر تي قبضو ڪيو هو ته هتي موجود نائون مل جي ڀائرن مائٽن نائون مل جي چوڻ تي انگريزن جي مدد ڪئي هئي. هتان جا گهڻا ماڻهو ۽ ڪراچي جي آس پاس رهندڙ قبيلا جن ۾ ڪلمتي، جوکيا، برفت، گبول، ماهيگير ۽ ٻيا قبيلا هئا جن ۾ ڪلمتي، جوکيا ۽ برفت طاقتور قبيلا هئا. انهن قبيلن جي سردار جڏهن ڏٺو ته خود مير ڪراچي جي معاملي ۾ دلچسپي نٿا وٺن ته اهي سردار به مصلحتن خاموش ٿي ويا هئا. پر عام ماڻهو انگريزن جي خلاف هئا. هو ڪو به موقعو هٿان نه وڃائيندا هئا تنهن ڪري هن وقت ايڪڙ ٻيڪڙ عوامي مزاحمت ٿي جنهن جو مثال مير چاڪر خان ڪلمتي ۽ سندس ساٿين جي مزاحمت به آهي. پر تاريخ جي دز ۾ اها اهم مزاحمت اسان جي نظرن کان اوجهل رهي آهي ۽ نه ئي اسان شعوري طور ڪوشش ڪئي آهي ته اهڙن بهادرن جن تاريخ ۾ پنهنجي وطن تان سر گهوري پنهنجو ۽ پنهنجي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي انهن کي به پنهنجي تاريخ ۾ ڪا جاءِ ڏيون.

ڪراچي ۾ ڇانوڻي ٺاهڻ کانپوءِ انگريز عملدار آس پاس جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ منگهي پير، ملير ۽ حب وارن علائقن ڏانهن تفريح ۽ شڪار جي بهاني نڪرندا هئا. هتان جا ڳوٺاڻا ۽ مالوند انهن جي هر چرپر کان واقف هئا پر ميرن ۽ سندن سردارن ڪري عام ماڻهو خاموش هو. مير چاڪر خان ڪلمتي جيڪو منگهي پير واري علائقي ۾ رهندو هو تنهن کي اها ڳالهه پسند نه آئي. هن پنهنجن ڪجهه ساٿين جنهن ۾ ڪلمتي، ڇٽا ۽ بنديچا قبيلي جا ماڻهو هئا گڏ ڪيا.

هڪ ڏينهن شام جو پنجين وڳي سيڪنڊ رجمينٽ جو ڪئپٽن هينڊ/ هائونڊ پنهنجي گهرواري ۽ ٻن مقامي سپاهين سان منگهي پير جي جبلن ڏانهن نڪري ويو. ستين وڳي جڏهن هو واپس نه پهتو ته ڪرنل اسپلر سميت ڪئپٽن هينڊ سان گڏ ويندڙ مقامي سپاهي به مليا. اهي به پريشان هئا انهن  ٻڌايو ته ڪئپٽن اسان کي هڪ هنڌ بيهڻ جو چئي، گهرواري سميت اڳتي نڪري ويو. پر اڃان تائين اُهي نه پهتا، ته اسان ڪئمپ ڏانهن روانا ٿياسين. پوءِ سڀني گڏجي ڪئپٽن هينڊ جي ڳولا شروع ڪئي.

لالٽين جي روشني ۾ 9:30 منٽن تي اهي سپاهي ڇانوڻي واپس پهتا. ڪيپٽن هينڊ جو لاش هڪ گهوڙي تي ڏسي ڪرنل اسپلر، سيٺ نائون مل سميت سڀ پريشان ٿيا. سپاهين ٻڌايو ته ڪئپٽن جو لاش جابلو کڏ ۾ پيل هو جنهن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي ۽ هن جي گهوڙي ۽ گهرواريءَ جو ڪو پتو پئجي نه سگهيو. رات جو ڏهين وڳي ڪراچي ڇانوڻيءَ ۾ هڪ اهم ميٽنگ گهرائي ويئي. ڪرنل اسپلر، سيٺ نائون مل ۽ ٻين اهم عملدارن شرڪت ڪئي. اها پوري رات ڊپ ۾ گذري ويئي. ٻئي ڏينهن صبح جو سيٺ نائون مل آس پاس جي قبيلن جي سردارن ڏانهن پنهنجا ماڻهو موڪليا. انهن سان رابطو ڪيو ويو. پيرين (پگهين) کي گهرايو ويو. پيرن جي نشانن جي ڳولا ۾ اها خبر پئي ته هن واردات ۾ 10 کن ماڻهو شريڪ هئا.

اها ڳالهه پوري ڪراچي ۽ آس پاس ۾ باهه وانگر پکڙجي ويئي ته مير چاڪر خان ڪلمتي پنهنجن ساٿين سميت ڪئپٽن هينڊ کي قتل ڪري سندس گهرواريءَ  کي يرغمال بنايو آهي. مير چاڪر خان جو ڪٽنب بلاول شاهه نورانيءَ جو خليفو هو. انهيءَ نسبت سان مير چاڪر خان بلاول شاهه نوراني جي خليفي جي ڪٽنب مان هو، تنهن ڪري انهن کي ”فقير“ به چيو وڃي ٿو. بلاول شاهه نوراني جا اڄ به خليفا ڪلمتي آهن ۽ اهي مير چاڪر خان جي اولاد مان آهن. پيري (پيرا ونڊن) اهي خبرون ڇانوڻيءَ ۾ پهچايون ته اهي ماڻهو حب اڪري لس ڏانهن نڪري آيا آهن. پوري انگريز انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو. سڀئي سپاهين ۽ انهن جي ٻارن ٻچن کي ڇانوڻي مان بنا ڪنهن اجازت جي نڪرڻ جي پابندي لڳائي وئي. رستن جي ناڪا بندي ڪئي وئي. شهر کان ٻاهر ويندڙ تمام رستن، گس ۽ لڪن جي نگراني سخت ڪئي ويئي.

ڪرنل اسپلر، ڪرنل پاٽنجر جي نائب ليفٽيننٽ ليڪي کي خط لکيو، جنهن ۾ لکيو ويو ته ميرن کان سختي سان اها گهر ڪئي وڃي فوري طور تي مير چاڪر خان کي انگريزن جي حوالي ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ڪراچي جي آس پاس قبيلن ۽ لس  تي حملو ڪيو ويندو. سنڌ تي ميرن جي حڪومت هوندي به هو بي وس هئا. انگريز سڀني معاهدن کي پاسيرو رکي ڪراچي تي قبضو ڪري هتي پنهنجي فوجي ڇانوڻي ٺاهڻ کانسواءِ پوري سنڌ لتاڙي ٺٽي، جهرڪ، حيدرآباد، سيوهڻ ۽ شڪارپور کان ٿيندا افغانستان تي حملي لاءِ روانا ٿي چڪا هئا.

شڪ جي بنياد تي ڪراچي جي پسگردائيءَ ۾ ڪلمتين، جوکين، برفتن، بنديچن، ڇٽن ۽ ٻين قبيلن جي 50 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. ٻئي  پاسي چاڪر خان لسٻيلي جي ڄام کي ڪجهه ٻڌائڻ کان سواءِ خان آف قلات وٽ پهتو. هن کي سربستو احوال ٻڌائي هينڊ جي گهرواريءَ کي ”سام“ طور قلات جي خان جي حوالي ڪري پاڻ حب ڏانهن هليو آيو. حيدرآباد جا مير، لسٻيلي جو ڄام ۽ قلات جو خان انگريزن  جي طاقت ۽ اثر رسوخ کان ڊنل هئا. ڇاڪاڻ ته انگريز ميرن جي وسيلي لسٻيلي جي ڄام ۽ قلات جو خان کي اهو پيغام موڪليو ته جيڪڏهن مير چاڪر خان کي انگريزن جي حوالي نه ڪيو ويو ته قلات ۽ لس تي حملو ڪيو ويندو. ٻئي پاسي هن وقت جي ڪلمتين جي سردار ملڪ ابراهيم (وفات 1845)، جوکين جي سردار ڄام مهر علي جوکئي ۽ برفتن جي سردار ملڪ احمد خان سان به رابطو ڪيو ويو. ملڪ ابراهيم ڪلمتي، خان آف قلات سان رابطو ڪيو ته انگريزن اهو واعدو ڪيو آهي ته جيڪڏهن چاڪر خان گرفتاري ڏني ته هو چاڪر خان کي نه ماريندا ۽ جيئندان ڏيندا. خان آف قلات جي وچ ۾ پوڻ تي چاڪر خان هينڊ جي گهرواريءَ کي عزت سان واپس ڪراچي موڪلي انگريزن جي حوالي ڪرڻ جو چيو ۽ اهو جواب به موڪليائين ته جيستائين انگريز ڪراچي خالي نه ڪندا هو ۽ سندس ساٿي پيش نه پوندا ۽ انگريزن تي وڌيڪ حملا ڪندا. شاهه نورانيءَ جي علائقي ۾ رهندڙ ڇٽي قبيلي جي سردار صاحب خان کي نائون مل ڪراچي گهرائي ورتو، هن کي مدد لاءِ چيو ويو، ڇانوڻيءَ ۾ هن جي خدمت ڪئي ويئي. ڪراچي جي آس پاس جاگير ڏيڻ تي صاحب خان نائون مل کي ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو. ٻئي پاسي خان آف قلات پنهنجا جاسوس چاڪر خان جي پويان لڳائي ڇڏيا.

ائين چاڪر خان پنهنجن ۽ پراون جي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي پيو ۽ پنجن مهينن کانپوءِ جاسوسن چاڪر خان جو حب جي پار چيڄڙي جي علائقي ۾ موجود هجڻ جو اطلاع ڏنو. گهيرو تنگ ڪيو ويو چاڪر خان پنهنجن ساٿين کي نڪرڻ لاءِ چئي پاڻ مقابلي لاءِ تيار ٿيو ته خان آف قلات ۽ ٻين سردارن جا ماڻهو ڳالهين لاءِ وچ ۾ ڪاهي پيا ائين ڳالهين ۾ منجهائي هن بهادر کي گرفتار ڪري سخت حفاظت ۾ ڪراچي جي فوجي ڇانوڻي ۾ آندو ويو. اکين تي پٽي ٻڌي هن کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو ويو.

فوجي عدالت ۾ مقدمو هلايو ويو. فوجي عدالت ڪرنل اسپلر، ميجر ڊونوهي ۽ سيٺ نائون مل تي ٻڌل هو. ياد رهي ته ان وقت ڪراچي ميرن جي عملداري ۾ هو ۽ ميرن جو پنهنجو عدالتي نظام موجود هئو. انگريزن جي هتي فوجي ڇانوڻي هئي. پر پوءِ به مير چاڪر خان کي ميرن جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي بجاءِ هڪ فوجي عدالت جوڙي ڪيس هلايو ويو. اها سنڌ ۾ جڙندڙ پهرئين فوجي عدالت هئي. انهيءَ فوجي عدالت جو ذڪر ۽ ڪئپٽن هينڊ جي قتل جو ذڪر سيٺ نائون مل پنهنجي يادگيرين ۾ به ڪيو آهي. نائون مل هن واقعي ۾ ڪٿي به ڪئپٽن هينڊ  جي گهرواريءَ جي يرغمال بنائڻ ۽ کڻي وڃڻ جو ذڪر نه ڪيو آهي.

جنرل هينڊ جي گهرواريءَ کان بيان ورتو ويو جنهن ٻڌايو ته ڪجهه وقت چاڪر خان جي دوستن جي پناهه ۾ ڪجهه وقت خان آف قلات جي پناهه ۾ رهيس پر هن غيرتمند بهادر ڪڏهن به مون ڏانهن بري اک سان نه نهاريو ۽ نه ئي مون کي هٿ لاٿو ۽ حفاظت سان سلامت پهتي آهيان. فوجي عدالت ۾ هر طرح مير چاڪر کان سندس ساٿين، قبيلن جي سردارن بابت پڇيو ويو. مير چاڪر خان چيو ته اهو منهنجي اڪيلي جو مشن هو ۽ مون ڪراچي کي انگريزن کان خالي ڪرائڻ لاءِ ڪئپٽن هينڊ کي قتل ڪيو ۽ ٻيا جيڪي به حملا ڪيا آهن اهي سڀ انهيءَ سلسلي ۾ آهن.

اسٽيڊيم روڊ شانتي نگر جي سامهون جبل ”چاڪر ڦاهي“ جتي 1839ع ۾ مير چاڪر خان ڪلمتي کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو

 

ٻئي پاسي هتان جي قبيلن جي سردارن خان آف قلات ۽ ميرن تي دٻاءُ وڌو ته قول مطابق چاڪر خان کي آزاد ڪيو وڃي پر انگريز پاران اهو جواب مليو ته مير چاڪر خان پاڻ پيش نه ٿيو آهي هن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري هن کي آزاد نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن هن کي آزاد ڪيو ويو ته ٻين مزاحمت ڪندڙن جو حوصلو وڌي ويندو ۽ اهي دليريءَ سان ڇاپامار ڪارروايون جاري رکندا.

عدالت مير چاڪر خان کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي هن کان آخري خواهش پڇي وئي ته هن ٻڌايو ته مونکي ڪراچي جي ڪنهن اوچي ٽڪري تي ڦاهي ڏني وڃي ڇو جو مرڻ کان اڳ آئون پنهنجي ڌرتي جا وڻ، ٽڻ، مارو ماڻهو، جبل ۽ وسنديون ڏسڻ ٿو چاهيان. انگريز سندس آخري خواهش جي پوياري لاءِ اڪيوڙيءَ جي انهيءَ ٽڪري تي ملير ۽ ٺٽي جي گس ويجهو جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري چڪو آهيان تي رستو ٺاهي ٽڪري تي ڦاهي گهاٽ تيار ڪيو ويو. ڦاهي واري ڏينهن ڇانوڻي کان وٺي ٽڪري تائين مير چاڪر ڪلمتي کي سخت پهري ۾ آندو ويو. ڪراچي ڏانهن ايندڙ سڀ ئي رستا بند ڪيا ويا. ڦاهي واري جاءِ پهچڻ تي مير چاڪر جي اکين تي ٻڌل پٽي کولي وئي چاڪر خان هيٺ کان وٺي چوٽي تائين ٺهيل پيچري جي هر وک تي رکيل پٿرن کي چميون ڏيندو مٿي چڙهيو. ڦاهي واري هنڌ هر پاسي نظر ڦيرائي ڌرتيءَ کي سيس نوائي ڦاهي لاءِ تيار ٿيو. منهن تي ڪارو ڪپڙو ڏيڻ لاءِ جڏهن علمدار وڌيو ته هن کي چاڪر خان منع ڪئي. هٿراڌو ٺاهيل ڦاهي گهاٽ جو ڦند پاڻ پنڌ ۾ وجهي پاڻ ئي جلاد کي پنهنجي پيرن هيٺان رکيل تختو هٽائڻ لاءِ چيو.

ڦاهي کانپوءِ چاڪر خان جي لاش کي منگهي پير جي خليفي جي حوالي ڪيو ويو. چاڪر خان کي منگهي پير جي خليفي غسل ڏيئي هن کي شاهه نوراني واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. جڏهن اسماعيل بلوچ ۽ علي اڪبر ڪاڇيلي سان گڏ منگهي پير واري قبرستان ۾ چاڪر خان جي قبر ڳولڻ لاءِ ويا هئاسين ته هتي علي اڪبر ڪاڇيلي جي توسط سان شاهه نوراني جي هاڻوڪي خليفي نواز علي ڪلمتي ۽ منگهي پير جي خليفي مير محمد برفت سان ڪچهري ٿي. انهيءَ ڪچهري چاڪر جي قبر جي ڳولا واري سفر جو انت آندو. نواز علي ٻڌايو ته ”ڦاهي کانپوءِ منگهي پير جي خليفي جڏهن شهيد کي غسل ڏنو ۽ پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته چاڪر خان کي منگهي پير واري قبرستان بجاءِ سندس اباڻي قبرستان شاهه نوراني ۾ دفن ڪيو وڃي تنهنڪري چاڪر خان کي هتي دفن ڪيو ويو سندس قبر موجود آهي. پاسي ۾ سندس ڀاءُ صاق علي جيڪو ”فقير صدقي“ طور مشهور هو، جي قبر آهي ٻئي پاسي منهنجي والد (نواز علي جي والد) جان محمد جي قبر آهي.“

جان محمد نواز علي کان اڳ نوراني جو خليفو هو. چاڪر جو ڀاءُ صدقي پهتل بزرگ هو. چون ٿا ته جڏهن چاڪر خان کي انگريزن گرفتار ڪيو ته صدقي ٽي ڏينهن بنا ڪجهه کائڻ پيئڻ جي نوراني جي درگاهه تي سوالي بڻيو ته نوراني سرڪار صدقي کي چاڪر جي شهيد ٿيڻ جي بشارت ڏني. تنهن کانپوءِ صدقي جي زبان بند ٿي ويئي ۽ هو ڳالهائڻ جهڙو نه رهيو.

چاڪر خان جو تعلق ڪلمتين جي ”رجيري“ شاخ سان آهي. شاهه نوراني کانسواءِ ”رجيرا“ ڪراچي، ٺٽي، بدين، حيدرآباد، ڄامشوري، لس ۽ حب ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا.

حمزي خان ٻاهوٽ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ ڪلمتي بلوچ“ ۾ چاڪر خان کي ڪلمتين جي ڀوئون واري شاخ مان ڄاڻايو آهي ۽ شجرو به ڏنو ويو آهي اها ڳالهه درست نه آهي ۽ ڏنل شجرو ”رجيرن“ جو نه ”ڀوئون“ واري شاخ جو آهي. چاڪر خان رجيرو ڪلمتي هو. جنهن جي خاندان وارا اڄ به شاهه نواراني جا خليفا آهن ۽ چاڪر خان جي قبر به هتي آهي. هن ٽڪري کي اڄ به چاڪر ڦاهي جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو اڳ اها ٽڪري انگريز فوجين جي حوالي هئي ۽ هاڻي پاڪستاني فوج جي حوالي آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته هن ٽڪري کي چاڪر خان جي يادگار طور محفوظ ڪيو وڃي ۽ يادگار جوڙايو وڃي ۽ چاڪر خان شهيد جي قبر کي پڪو ڪري هن جو ڏينهن ملهائڻ گهرجي. چاڪر خان کي ڏنل ڦاهي انگريزن جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ قبضي کانپوءِ پهرئين ”ڦاهي“ آهي.

ڪجهه ڪتابن ۾ جنهن ۾ نائون مل جي ”يادگيريون“ ۽ ٻين ۾ ته چاڪر خان کي انهيءَ جاءِ تي ڦا هي ڏني وئي جتي هن ڪئپٽن هينڊ کي قتل ڪيو هو. ڪئپٽن کي چاڪر خان منگهي پير جي جابلو سلسلي ۾ هڪ هنڌ قتل ڪيو. اهو جابلو سلسلو به منگهي پير جي جابلو سلسلي ۾ آهي ۽ هن کي ڦاهي هاڻوڪي نيشنل اسٽيڊيم لڳ ڏني وئي. اهو پهاڙي سلسلو منگهي پير جي جابلو سلسلي جي نالي سان مشهور آهي.

ڪئپٽن هينڊ جي قبر بندر روڊ تي واقع عيسائي قبرستان ۾ آهي. هي سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ پهريون عيسائي قبرستان آهي. هن ۾ شروع ۾ انهن انگريز فوجين کي دفن ڪيو ويو جيڪي ڪراچي جي سخت موسم جي ڪري هلاڪ ٿيا هئا. 1843ع ۾ گورا قبرستان جنهن جو نالو  ڪراچي مسيحي قبرستان آهي، جي ٺهڻ کان اڳ جيڪي انگريز مرندا هئا انهن کي بندر روڊ واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويندو هو.

چاڪر خان جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ اها تحريڪ ڪجهه وقت لاءِ خاموش ٿي. سنڌ جا حاڪم به خاموش هئا. البت سنڌ جا غير تمند ماڻهو ۽ قبيلا مختلف وقتن ۾ انگريزن سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا. مياڻي جي جنگ کانپوءِ هتان جي ٽن قبيلن جي سردارن جنهن ۾ جوکين جي سردار ڄام مهر علي، ڪلمتين جي سردار ملڪ ابراهيم خان ۽ برفتن جي سردار ملڪ احمد خان نومڙيي ڪراچي تي حملي جي تياري ڪئي پر هو ڪراچي کان فقط پنج ميل پري هئا ته انگريز فوج ۽ هن جي ساٿين کي خبر پئجي وئي جيڪي حملي لاءِ روانا ٿيا. ڇٽن جي سردار صاحب خان جنهن چاڪر خان جي گرفتاري ۾ نائون مل جي چوڻ تي انگريزن جو ساٿ ڏنو هو اهو به وڏو لشڪر وٺي انگريزن جي حفاظت لاءِ پهچي ويو. انهيءَ صورتحال ۽ انگريزن پاران هلايل افواهن جي ڪري ٽنهي سردارن حملي جو ارادو ترڪ ڪيو. اڳتي هلي انهن سردارن جاگيرن جي ضبط ٿيڻ جي ڊپ ۾ انگريزن جو ساٿ ڏنو. پر ڇڙوڇڙ نوجوانن سردارن جي ڳالهه نه مڃي ۽ پنهنجي مشن کي جاري رکيو. پنهنجي ديسن لاءِ وڙهندا ۽ پنهنجيون جانيون قربان ڪندا رهيا.

دوآبي (دٻي) واري جنگ کانپوءِ چارلس نيپئر جي درخواست تي گهرايل هڪ فوجي تربيت ورتل دستو جڏهن ڪراچي کان حيدرآباد وڃي رهيو هو ته انهيءَ جي سڌ هتان جي مزاحمت ڪندڙن کي پئي ته چاڪر خان جوکئي جي اڳواڻي ۾ هڪ جٿي ڳجي وٽ انگريزن جي قافلي تي حملو ڪيو. جنهن ۾ ڪجهه انگريزن سميت گهڻا ماڻهو مارجي ويا. فقط ڏهه ڄڻا جان بچائي ڪراچي پهتا. نائون مل پنهنجي ڪتاب ”يادگيريون“ ۾ هن واقعي جو ذڪر ائين ڪيو آهي ته، ”فوج جو هڪ دستو بمبئيءَ کان حيدرآباد چارلس نيپئر جي مدد لاءِ ڪراچي پهتو هنن جي سواري لاءِ ملير جي ميمڻن جا اٺ ڀاڙي تي ڏنا ويا. هو ڪراچي کان ٺٽي ڏانهن روانا ٿيا ته ڳجي وٽ انهن تي چاڪر خان جوکئي جيڪو ملير جي ڄام مهر علي جو ڀائيٽو هو. اوچتو ٻن ٽن سون جوکين سان حملو ڪيو انگريزن جي ڌر وارا ماڻهو ٿورا هئا ۽ هنن جو مقابلو نه ڪري سگهيا. هنن جو سمورو مال لٽيو ويو ۽ گهڻا ماڻهو مارجي ويا فقط ڏهه ٻارهن ڄڻا جان بچائي ڪراچي پهتا ۽ پنهنجي ڏک ڀري ڪهاڻي اچي ٻڌايائون.“

هڪ ٻئي حملي ۾ چاڪر خان ڪلمتي جي ساٿي سائينداد ڪلمتي ۽ سندس ساٿين مئي 1843ع ۾ ملير نئين جي ڪپ تي انگريزن تي حملو ڪيو. سائين داد سان فقط پنج ماڻهو هئا. جن مان هڪ جوکيو، هڪ ڇٽو ۽ ٽي ڪلمتي هئا. هن حملي ۾ ٻه انگريز مارجي ويا. سائين داد ۽ سندس ساٿي مقابلي ۾ مارجي ويا. اهڙي ريت هي سڀئي ساٿي انگريزن سان وڙهندي ڌرتيءَ تان قربان ٿيا. انهيءَ لڙائي بابت انور قاضي جو هڪ بيت ملي ٿو جيڪو هتي ڏجي ٿو.

 

پنج ئي پاڻ هئا جوڌا جنگ جوان

جوکيو، ڇٽو، ٽي ڪلمتي مڙس مهان

اوچا ڳاٽ انهن جا، ماڻهو سي مستان

هشمت ساڻ هليا، پڌرا سي پهلوان

ويهي وچن ڪيائون ساري کي سبحان

مور نه مڃينداسين فرنگين جو فرمان

گورن جي غلامي کان، مرڻ وڏو مان

پٽڪي ور نه ڏبو، جيسين ڌارين دامان

وڙهندي وطن تان ڪيا سر قربان

ملهائبا ميدان، راڱا ڏئي رت جا.

هي بيت ان وقت چيو ويو جڏهن سردارن جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري فيصلي کي نه مڃيندي سائين داد ۽ ٻين انگريزن سان وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چاڪر خان ڪلمتيءَ جي شروع ڪيل تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ جو عزم ڪيو. ڇاڪاڻ ته مصلحت جي بجاءِ انهن جوڌن وٽ وطن مان قربان ٿيڻ واري ڳالهه سڀني کان مٿانهين هئي. پر انهن ارڏن جي رت ڀري ڪهاڻي ۽ تحريڪ اسان جي تاريخ جي ورقن تان غائب آهي. پر اهي واقعا اڄ به اسان جي جهونن جي سينن ۾ سانڍيل آهن. انهن سينن کي کولڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سنڌي ماڻهن جي سيني ۾ سانڍيل اهي ڪهاڻيون تاريخ جي ورقن تي مضبوط ٿين. انهن واقعن لاءِ انگريز سرڪار جا ريڪارڊ به شاهد آهن. انهن واقعن کانپوءِ انگريزن پنهنجي پاليسين ۾ سختي ڪئي انگريزن جي سخت گير پاليسيءَ جو انهن ڏينهن ۾ بنيادي مقصد اهو ئي هو ته هتان جي ماڻهن کي هيڻو ۽ بدحال بنائي هيسايو وڃي جو انهن منجهان مزاحمت جي سگهه ختم ٿئي ۽ هو سياسي طور منظم نه ٿين جنهن ۾ هو ڪامياب ويا. پنهنجن جي اقتدار ۽ لالچ جي حوس به گڏجڻ جي سگهه کي ختم ڪيو. پر ڇڙوڇڙ ڪجهه نوجوانن مزاحمت جاري رکي ۽ ڌرتي تان قربان ٿي هميشه لاءِ امر ٿي ويا. سنڌ ڌرتي جي انهن بيباڪ بهادر ڪردارن تي هن عظيم ڌرتيءَ جي رکوالن جو ڳاٽ هميشه اوچو رهندو.

ملڪ مڙوئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا.

 


 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org