ڀٽي جي ڦاهي ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ ڪراچي جي
لياري ۽ ملير جا علائقا اڳتي رهيا ۽ انهن علائقن ۾
لڳاتار هنگاما ٿيندا رهيا. باقي ڪراچي خاموش رهي.
لياري جي اياز سمون ۽ ملير جي ناصر بلوچ کي ڦاهي
تي چاڙهيو ويو. لياري جي ماڻهن انهن تحريڪن ۾ حصو
وٺي بين الاقوامي ميڊيا ۾ نالو پپيدا ڪيو. لياري
مسلسل جدوجهد ۾ رهي جنهن جي سزا طور انهن کي جنرل
ضياءُ جي دور ۾ بک، بدحالي ۽ زندگي جي هر سهولت
کان مهروم رکيو ويو.
ايم آر ڊي جي تحريڪ 14 آگسٽ 1983ع ۾ شروع ٿي جنهن
جو مرڪز فقط سنڌ رهي. سنڌين کي ڄڻ ڀٽي جي قتل جي
پلاند وٺڻ جو موقعو مليو. هن تحريڪ سان ايشيا ۾
مزاحمتي هٿياربند تحريڪ جي هڪ اهڙي انوکي تاريخ
لکي ويئي. جنهن جو مثال ويجهي ماضي ۾ حر تحريڪ
کانسواءِ نه ٿو ملي. ڪراچي ۾ سنڌي ۽ بلوچ آبادين
وارا علائقا هن مزاحمت جا مرڪز رهيا.
جنرل ضياءُ الحق 1979ع ۾ پشتون ۽ بلوچ اڳواڻن کي
آزاد ڪيو. بلوچستان ۾ عام معافي جو اعلانج ڪيو.
بلوچ پهاڙن تان لهي آيا ۽ جنگ جو خاتمو ٿيو. سردار
عطاءُ الله مينگل ۽ نواب خير بخش مري لنڊن هليا
ويا ۽ اتان نواب خير بخش مري افعانستان هليو ويو.
بعد ۾ عطاءُ الله مينگل ۽ نواب خير بخش مري لنڊن
هليا ويا ۽ اتان نواب خير بخش مري افغانستان هليو
ويو. بعد ۾ عطاءُ الله مينگل، ممتاز ڀٽو ۽ حفيظ
پيرزادي سنڌي، بلوچ ۽ پشتون فرنٽ ٺاهيو جيڪو هلي
نه سگهيو. ان دور ۾ ڪراچي ۾ سنڌي ۾ سنڌي، بلوچ ۽
پشتون فرنٽ کي منظم ڪيو ويو. جڪسا ڪيا ويا. پر
جلدي مينگل ۽ حفيظ پيرزادو فرنٽ مان الڳ ٿي ويا ۽
ممتاز ڀٽي بعد ۾ هن جو نالو سنڌ نيشنل فرنٽ رکيو
جنهن جو هو اڄ تائين اڳواڻ آهي.
ضياءُ الحق جي دور ۾ سنڌ جي قوم پرستن پاڻ کي منظم
ڪيو. ڇاڪاڻ ته ضياءُ جو رويو انهن ڏانهن سخت نه هو
۽ انهيءَ دور ۾ ڪراچي ۾ قومپرست تنظيمن جن ۾ جيئي
سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جا ڪيترائي يونٽ کوليا
ويا، جلسا ٿيا ۽ جلوس ڪڍيا ويا. ضياءُ الحق جي دور
۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جو واقعو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي
سميت پوري سنڌ ۾ هڙتالون ۽ مظاهرا ٿيا. ڪراچي پريس
ڪلب تي وڏو احتجاجي جلسو ٿيو. پنجاب خلاف نفرت جي
هڪ لهر اڀري آئي. انهيءَ دور ۾ اسٽڊي سرڪلن جو
رواج پيو. جنهن ۾ قوم پرست سياست ۾ هڪ مثبت پهلو
شامل ٿيو. قوم پرست اندروني اختلافن جي باوجود جي
ايم سيد جي قيادت ۾ هڪ جهنڊي هيٺ گڏ هئا. اڳتي هلي
انهن اندروني اختلافن جي نتيجي ۾ قومپرستن ۾
ڪيترائي ڌڙا پيدا ٿيا. اسي واري پوري ڏهاڪي ۾
ڪراچي ۾ قومپرست تنظيمن لاءِ سنهري دور رهيو ڪراچي
جي هر ڳوٺ ۽ پاڙي م قومپرستن جون گڏجاڻيون ٿينديون
هيون. ريگل کان پريس ڪلب وارا مطاهرا اڄ به گهڻن
کي ياد هوندا. ڪراچي م حيدر منزل ۽ ليمو گبول ڳوٺ
سنڌ هائوس تي هر وقت قومپرستن جا ميڙاڪا هوندا
هئا. جي ايم سيد جڏهن جناح اسپتال ۾ داخل هو ته
صبح کان وٺي رات تائين سوين نوجوان سيد سان ملڻ
ايندا هئا. اجرڪ 7 سنڌي ٽوپي پائي ڪراچي ۾ گهمندڙ
سنڌي نوجوانن کي ڏسي هي شهر پنهنجو لڳندو هو.
ضياءُ الحق روس جي خلاف ويڙهه ۾ مجاهدن جو ساٿ
ڏنو. پاڪستاني فوجي کي افغانستان مجاهدن جي ويس ۾
موڪليو ويو، جڏهن نور محمد تره ڪي جي اڳواڻي ۾
افغانستان ۾ ثور برپا ٿيو ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هڪ
خوشي جي لهر ۽ هڪ اميد جو ڪرڻو نطر آيو. بلوچستان
۽ سنڌ ۾ج افغان جي بچاءَ ۾ مظاهرا ٿيا. هڙتالون
ڪيون ويون. پاڪستان پروگريسو اسٽوڊنٽس الائنس
ٺاهيو ويو. ڪراچي يونيورسٽي هن دور ۾ کاٻي ڌر جون
۽ قومپرست تنظيمون هڪ پليٽ فارم تان جدوجهد ڪرڻ
لڳيون. پاڪستان جي ترقي پسند ۽ سوشلسٽ تحريڪن ۾ هن
انقلاب هڪ نئون روح ڦوڪيو. هتان مظلوم قومن ۽
مظلوم طبقن هن انقلاب کي پنهنجو انقلاب سمجهيو.
بلوچستان کانپوءِ سنڌ جو شهر ڪراچي هن انقلاب جي
بچاءُ جو وڏو مرڪز رهيو جنهن جي ڪري ڪراچي ۾ بم
ڌماڪا ڪرايا ويا. ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.
مزدورن ۽ عام ماڻهن کي جيل موڪليو ويو.
ڀٽي جي ڦاسي وقت هن جا ٻئي پٽ، بينظير ڀٽو ۽
ڪيترائي اڳواڻ ملڪ کان ٻاهر هئا. نصرت ڀٽو کي
گرفتار ڪيو ويو. پيپلز پارٽي جي قيادت پنهنجي
ڪارڪنن کي ضياءُ الحق جي ظلمن خلاف اڪيلو ڇڏي ملڪ
کان ٻاهر هلي ويئي. ايم آر ڊي جي پوري تحريڪ فقط
ڪارڪنن جي حوالي هئي. هن تحريڪ کانپوءِ هڪ سازش
تحت پوري سنڌ ۾ ڌاڙيل پيدا ڪيا ويا. جن سنڌي ماڻهن
جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. ايم آر ڊي تحريڪ کانپوءِ
سنڌ ۾ فوج خلاف جيڪا نفرت هئي. جڏهن فوج ڌاڙيلن
خلاف آپريشن شروع ڪيو ته سنڌي ماڻهن مجبورن انهن
کي ڀليڪار چيو جنهن مان ڌاڙيل فيڪٽر پيدا ڪرڻ جي
پيرن جي نشاندهي ٿئي ٿي.
افغانستان جي ثور انقلاب کانپوءِ لکين افغان
ڀاڄوڪڙن ملڪ جي ٻينج حصن وانگر ڪراچي جو به رخ ڪيو
جتي 1990ع تائينب 35 لک افغاني اچي چڪا هئا. جيڪي
گهڻو ڪري سهراب ڳوٺ واري علائقي ۾ ويهاريا ويا.
سهراب ڳوٺ جي فليٽن تي انهن قبضو ڪيڳ. سهراب خان
گبول جو ڳوٺ ڪنهن افغان شهر جو ڏيک ڏيڻ لڳو. سهران
ڳوٺ ۾ 20 کان مٿي جهادي تنظيمن جون آفيسون ٺهي
ويون. انهن افغانن ڪري ڪراچي ۾ ڪلاشنڪوف ۽ هيروئن
متعارف ٿيو. آمريڪي امداد وسيلي مليل هٿيارن جي
منڊين ۾ پشاور ڪوئيٽا ۽ ڪراچي مشهور هئا. ڪراچي جي
آبادي جو توازن اڳ ۾ بگڙجي چڪو هو. افغانين جي اچڻ
ڪري حالتون وڌيڪ گنڀير ٿيون. ٻين لڏپلاڻ وانگر هن
لڏپلاڻ به ڪراچي تي خطرناڪ اثر ڇڏيا. رهيل ڪاروبار
۽ روزگار تي افغانين جو قبضو ٿيو ته مقامي ماڻهو
سخت مونجهاري جو شڪار ٿيا. انهن روزگار جا دروازا
بند ٿيا هن وقت به افعانستان ۾ حالتون صحيه آهن پر
ڪراچي ۾ اڃان به 15 لک افغاني رهندڙ آهن. هتي انهن
کي سڀ سهوليون ميسر آهن ۽ هو لوڪل سياست ۾ حصو وٺي
رهيا آهن.
ڪراچي جي سياسي جدوجهد ۾ کاٻي ڌر جي ڪردار جو ذڪر
نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. 1951ع ۾ن ڪراچي جي هڪ
نوجوان حسن ناصر جنهن جو تعلق ڪميونسٽ پارٽي سان
هو هن کي راولپنڊي سازش ڪيس ۾ گرفتار ڪري ڪراچي
جيل ۾ رکيو ويو. آزادي کانپوءِ هڪ ٻئي ڪيس ۾ جڏهن
هو لڪل هو ته هن کي گرفتار ڪري بدنام زمانه ٽارچر
سيل بادشاهي قلعي لاهور ۾ رکيو ويو. جتي 1960ع ۾
33 سالن جي هن نوجوان کي کولي نمبر 13 ۾ تشدد ڪري
ماريو ويو ۽ ڪٿي دفن ڪيو ويو. جنهن جي ڄاڻ هڪ خدا
کي ٻي مارن وارن کي هوندي. پاڪستان سميت ڪراچي ۾
ورهاڱي وقت به کاٻي ڌر موجود هئي. ڪامريڊ سوڀو
گيانچنداڻي، ڊاڪتر روچيرام، ڪامريد عبدالقادر ۽
هارين جو حقدار ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ٻيا سرگرم
هئا. ورهاڱي جي نتيجي ۾ ڪراچي م اردو ڳالهائيندڙن
جو ترقي پسندن ۽ ڪميونسٽن جو وڏو لڏو هتي آيو پر
اهي هتان جي مقامي سياست، هتان جي ماڻهن ۾ فٽ نه
ٿي سگهيا. انهن ڪميونسٽ تحريڪن کي فقط پنهنجي گهر
جي لونڊي سمجهي ٻين کان پري رکيو. پر پوءِ به سنڌ
۾ هڪ وڏو حلقو ترقي پسندن جو ۽ مزدورن ۽ هاري
اڳواڻن جو پيدا ٿيو.
اڳ
۾ ذڪر ڪري آيو آهيان ته ون يونٽ خلاف ڇهن پارٽين
جي ضم ٿين کانپوءِ عوامي نيشنل پارٽي ٺاهي ويئي.
هن ۾ ڪميونسٽن جي ٻن نظرين جا ماڻهو گڏ هئا جنهن
مان هڪ پرو چائنا جنهن جي اڳواڻي مولانا ڀاشاني
ڪري رهيو هو. ٻيا روس جي ڪميونسٽ انقلاب جا حامي
هئا جن جي اڳواڻي خان ولي خان ڪري رهيو هو. اهي
ٻئي مخالف نظريا صرف ون يونٽ جي ڪري گڏ ٿيا هئا.
ڀاشاني هاري جدوجهد ۽ مسلح جدوجهد جو حامي هو.
ڀاشاني جا خيال هندستان ۾ هلندڙ ترقي پسند تحريڪ
Nixatire
جنهن جو اڳواڻ پروفيسر شاهرو مجمدار هو، ملندڙ
هئا. جيڪو هڪ هٿياربند جدوجهد ۾ مارجي ويو. بعد ۾
بنگال ۾ ڪامريڊ متين ۽ علاءُ الدين هن جدوجهد کي
اڳتي وڌايو ۽ اهي به وڙهندي هارين کي هق نه ملندا.
انهن جا گهڻا ڪارڪن پوءِ ڀاشاني سان گڏ ٿيا ۽
ڀاشاني به انهي نظرئي جو هامي هو.
1970ع ۾ پنجاب جي شهر ٽوباٽيڪ سنگهه ۾ ”ڪسان
ڪانفرنس“ منعقد ٿي. جنهن جي صدارت مولانا ڀاشاني
ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ پوري پاڪستان جي کاٻي ڌر جي
سڀني ڌڙن شرڪت ڪئي. ميجر اسحاق گروپ، سي. آر اسلم
گروپ، سردار شوڪت گروپ، پاڪستان پيپلز پارٽي ۾
موجود کاٻي ڌر جي ماڻهن جو گروپ جنهن ۾ج هاڻوڪي
مسلم ليگ (ق) جو ايم اين اي ۽ نيلام گهر ۾
ڪمپيئرنگ من مشهوري ماڻيندڙ طارق عزيز به پاڪستان
پيپلز پارٽي پاران شريڪ ٿيو هو. ڪراچي مان الله
الدين عباسي، سردار شوڪت، ڪنيز فاطمه، راڻا شڪور ۽
نذير چنا، باقي سنڌ مان رسول بخش پليجو، ڪامريڊ
مير محمد ٽالپر، عبدالله شهبازي، شاهه محمد شاهه ۽
ٻين شرڪت ڪئي.
سردار شوڪت جي اڳواڻي ۾ هڪ سبجيڪٽ ڪاميٽي ٺاهي
ويئي جنهن ۾ نذير چنا، مير محمد ٽالپر به شامل
هئا. انهن جو ڪم هو ته اهي ٺهراءُ تيار ڪن. هن
ڪانفرنس ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ 18 نقطا پيش ڪيا
ويا. جنهن ۾ سنڌ جي اڳواڻن سنڌ جو قومي مسئلو
ڪاميابي سان پيش ڪيو. هارين ۽ مزدورن جو مسئلو،
پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ڪامريڊن کي سمجهه ۾ آيو
۽ جيڪڏهن سمجهه ۾ نه آيو ته فقط ٻن ماڻهن کي آخر
تائين انهن کي سنڌ جو قومي مسئلو ۽ مزدور ۽ هارين
جو مسئلو سمجهه ۾ نه آيو اهي هئا ڪراچي جا ڪامريڊ
سردار شوڪت ۽ راڻا شڪور.
ڪانفرنس جي ٽئين ڏينهن صدارتي تقرير ڪندي مولانا
عبدالحميد ڀاشاني چيو ته، ”جمهوري نموني حق نه
مليا ته پوري پاڪستان م باهه ٻري ويندي.“
مولانا ڀاشاني پوءِ ڪراچي آيو ته هن سان گڏ ڪنيز
فاطمه، الله الدين عباسي، مشتاق ميمڻ ۽ نذير چنا
گڏج هئا. انهن ڏينهن ۾ هندستان جي مشهور ڪميونسٽ
اڳواڻ ڪامريڊ طوها ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ بخارا هوٽل
۾ رهيو هو.
ڪراچي ۾ کاٻي ڌر جا گهڻا ڌڙا سرگرمب هئا، جنهن ۾
ٽراسٽڪي، اصلاح پسند ڪميونسٽ، مائوس ۽ ٻيا. ورهاڱي
کان 1970ع تائين ٽراسٽڪي مضبوط پوزيشن ۾ هئا ۽
جدوجهد ۾ به هئا. انهن جو ليڊر ڪراچي ۾ ڪامريڊ
محمد بابا هو، جيڪي ڪڇي ميمڻ هو. هن جو آفريڪا ۾
ڪاروبار هلندڙ هو. هتي هن موزمبيق ۾ گوريلا تحريڪن
کي ويجهي کان ڏٺو هو. شاهين ڪمپليڪس چورنگي کان هڪ
رستو امن اخبار جي دفتر ڏانهن نڪري ٿو. هن جي کاٻي
هٿ تي جتي حريت اخبار جو دفتر هوندو هو انهيءَ
بلڊنگ جي هيٺ ٽري ڪانٽينٽل موٽرز جو مالڪ به
ڪامريڊ محمد بابا هو هتي ۽ سندس گهر ڪلفٽن ۾ انهن
جون ميٽنگون ٿينديون هيون. هن وقت طارق علي جيڪو
هن وقت لنڊن ۾ رهي انهن جو اڳواڻ هو. هن به انهن
ڏينهن ۾ ڪراچي جو دورو ڪيو. هن جو ڪم مزدورن ۾
گهڻو هو. 2006ع ۾ ورلڊ سوشل فورم ڪراچي ۾ ٿيو ته
طارق علي هن ۾ به شرڪت ڪئي هئي. جتي نئين دنيا جي
ڳالهه ڪئي ويئي هئي. ڪراچي ۾ مشتاق ميمڻ به سرگرم
اڳواڻ هو جيڪو ڪنهن دور ۾ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن
جو سينيئر نائب صدر هو. هڪ نظرياتي مزدور ليڊر هو.
2006ع ۾ ڪامريڊ اسان کان موڪلائي ويو. ڪامريڊ
مشتاق ميمڻ ڪراچي ۾ مزدورن ۾ وڏو ڪم ڪيو.
ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪامريڊ مشتاق ميمڻ، اشفاق بخاري
۽ نذير چنا ڪراچي کان حيدرآباد پهچي هيرآباد ۾
رسول بخش پليجو سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي تحريڪ جي
حمايت لاءِ پليجو کي چيو ۽ پليجي انهن کي سٺي موٽ
ڏني ۽ انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ اڳتي هلي عوامي
تحريڪ جو بنياد وڌو ويو.
عوامي تحريڪ ڪراچي ۾ سنڌ جي حقن، هارين ۽ مزدورن ۾
وڏو ڪم ڪيو. ڪراچي جي ڳوٺن ۽ آبادين ۾ پارٽي کي
منظم ڪيو ويو، ۽ ڪراچي ۾ ڪالا باغ ڊيم ۽ ٻين مسئلن
تي عوامي تحريڪ پاران تاريخي ريليون ڪڍيون ويون ۽
عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تي پهريون ڀيرو هزارين
سنڌي عورتن انهن لانگ مارچن ۽ ريلين م شرڪت ڪئي
جيڪي تاريخ آهن.
ڪراچي ۾ مزدورن جا مرڪز سائيٽ انڊسٽريل ايريا ۽
لانڍي هئا. انهن فيڪٽرين ۾ سنڌي مزدور اڄ به نه
هجڻ جي برابر آهن. ذوالفقار علي ڀٽي، ايوب خلاف
جدوجهد ۾ سوشلزم ۽ مزدورن جي ڳالهه ڪئي ته کاٻي ڌر
جا اڳواڻ ۽ متحده محمد خان، جي اي رحيم ۽ ڊاڪٽر
مبشر پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيا.
ڪراچي ۾ 1972ع ۾ جڏهن ممتاز ڀٽو سنڌ جو گورنر هو
ته ڪراچي جي مزدورن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ
هڙتال ڪئي. ورڪز ايڪشن ڪاميٽي جي پليٽ فارم تي
مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪئي ويئي.
مزدور ليڊرن ۾ عثمان بلوچ، ڪرامت علي، ڪامريڊ رياض
الحسن، واجد بشير، ڪنيز فاطمه، مشتاق ميمڻ، ناياب
نقوي، نبي احمد ۽ يوسف مستي خان هئا. مطالبن جي
مڃتا لاءِ سائيٽ جا ڪارخانا بند ڪيا ويا. 52 ڏينهن
اهي ڪارخانا بند رهيا. طاقت وسيلي جدوجهد کي دٻائڻ
جي ڪوشش ڪئي ويئي. مزدورن تي فائرنگ جي نتيجي ۾
پنج مزدور شهيد ٿيا، گهڻا زخمي ٿيا. سوين ڪارڪن
گرفتار ڪيا ويا جنهن جي ڪري کاٻي ڌر تي ڀٽي جي
سوشلزم جو نقاب لهي پيو.
ڪراچي پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو ويو. مخدور
اڳواڻن ۾ ڪنيز فاطمه، ناياب نقوي ۽ نبي احمد وارن
جو موقف هو تهج ڳالهين وسيلي معاملا نبيريا وڃن ۽
معاملو ايترو اڳتي نه وڌائجي. انهيءَ موقف جا گهڻا
ليڊر پوءِ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيا. ظاهر ۾ اها
تحريڪ طاقت وسيلي ناڪام ڪئي ويئي، پر هن جدوجهد جي
نتيجي ۾ ٽريڊ يونين جو رواج پيو. گهڻا مزدور ليڊر
اڳتي آيا انهن ملڪ جي جمهوري ۽ ترقي پسند تحريڪن ۾
حصو ورتو. ملن کانسواءِ هر فيلڊ ۾ مزدور تنظيمون
ٺاهيون. جنهن جي ڪري مزدور تحريڪن کي نقصان پهتو.
گهڻا مزدور ليڊر اڳتي هلي مراعات وٺڻ واري طبقي ۾
شامل ٿيا. گهڻن
NGO,S
۾ پناهه ورتي. هن وقت پوري پاڪستان ۾ مزدورن جي ڪا
مضبوط تنظيم نه آهي جنهن جي ڪري اسٽيل مل سميت
گهنا ادارا پرائيويٽ سيڪٽر م ڏيڻ جون تياريون ٿي
رهيون. سرمائيدارن کي بي لغام ڪيو ويو آهي.
ورهاڱي کان وٺي 1990ع تائين پوري ملڪ وانگر ڪراچي
۾ روس نواز ڪميونسٽ پاپولر فيڪٽر طور موجود هو.
انهن کي اصلاح پسند يا پرامن بقاءِ باهمي جهڙن
لفظن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. انهن جو خواب سوشلسٽ
انقلاب هو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي
گهڻن نوجوانن پنهنجون جوانيون هن تحريڪ جي نظر
ڪيون. اعزاز نذير، عزيز اسلام بخاري، ڄام ساقي،
مير ٿيٻو، ڊاڪٽر گهنشام، شبير شر، محمد خان
سولنگي، تاج مري، نذير عباسي، ارباب کهاوڙ ۽ ٻيا
اهم اڳواڻن ۾ هئا. ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن
وسيلي شاگرد تنظيم به وڏو رول ادا ڪيو. اسي واري
ڏهاڪي جي آخر ۾ شرافي ڳوٺ ۾ ڪائونسل ۾ ليڊرن ۾
اختلاف پيدا ٿيا. اهي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويا ته
ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن به علي حسن چانڊيو
گروپ ۽ امداد چانڊيو ۾ ورهائجي ويئي. روس ۾ جڏهن
گروبا چوف پرائستريڪا وسيلي روس کي ٽڪرن ۾ ورهايو
ته پوري دنيا هتي به سوشلٽ تحريڪ کي نقصان پهتو ۽
سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. انهن مان گهنن ليڊرن ٻينج
پارٽين ۾ حصو وٺي سياست شروع ڪئي ۽ گهڻن پرنٽ ۽
اليڪٽرنڪ ميڊيا جو رخ ڪيو جنهن سان خاص ڪري سنڌي
ميڊيا کي هڪ مثبت رستو مليو. پر اڄ به ڪجهه کاهوڙي
آهن جيڪي به سمجهن ٿا ته سوشلسٽ انقلاب جي وسيلي
تبديلي آڻي سماج کي تبديل ڪري سگهجيج ٿو. اڄ به هو
جدوجهد ۾ آهن. ٻين تحريڪن وانگر ڪراچي به سوشلسٽن
جو مرڪز رهيو. سوشلسٽ تحريڪن هتي زور ورتو.
مائوسٽ گروپ به هتي مقبول هو. هن وقت
PIA
۾ مضبوط مزدور يونين هو. جنهن جو اڳواڻج ڪامريڊ
طفيل عباسي هو. جنرل سيڪريٽري صغير احمد هو ٻين ۾
ذڪي عباس اينڊ ڪمپني، شبير نقوي، اشرف رضوي ۽ ضيا
ملير وارو اهي سڀ مائوس تحريڪ جا ڪراچي ۾ اڳواڻ
هئا. رسول بخش پليجو به انهيءَ سوچ کي ويجهو آهي.
اهي مزدورن سان گڏ هاري حقن جي ڳالهه ڪن ٿٿا.
انهن اڳواڻن جو موقف هو ته مائوزي تنگ جي نظرياتي
تيڪم ڪيو وڃي. انهن پاران صوبي سرحد ۾ افضل بنگش
جي اڳواڻي ۾ هاري تحريڪ جي حمايت به ڪئي هئي. هي
ماڻهو چين جهڙو انقلاب هتي آڻڻ چاهين ٿا. هن گروپ
جو هڪ ليڊر رشيد الحسن خان آهي. هي نيشنل اسٽوڊنٽ
فيڊريشن
NSF
جو صدر هو ته امير حيدر ڪاظمي اختلاف ڪري
NSF ۾ الڳ ڪاظمي گروپ
جو بنياد وڌو. پر
NSF
رشيد گروپ طاقتور گروپ هو. امير حيدر ڪاظمي بعد ۾
پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. رشيد الحسن اڄ به مائوس
گروپ سان لاڳاپيل آهي ۽ هن وقت ڪراچي جي فرنٽيئر
ڪالوني مان رسالو ”جدوجهد“ ڪڍي رهيو آهي جيڪو
مزدورن جو ترجمان آهي. انهن سڀني کاٻي ڌر جي ڌڙن
ضياءُ آمريت جي مخالفت ڪئي
MRD
تحريڪ جي حمايت ڪئي ۽ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.
بلوچستان ۾ ڀٽي دور ۾ ٿيندڙ فوج ڪشي جي مذمت ڪندي
هن ويڙهه ۾ بلوچن سان گڏ حصو ورتو ۽ هن دور ۾
ارڙنهن ڪراچي ۽ لاهور جا نوجوان مزاحمت ڪندڙن سان
ڪوهلو ۾ خير بخش مري سان گڏ فوج سان مهاڏو اٽڪايو.
1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ٻيهر کاٻي ڌر سان رابطا
ڪيا. پر کاٻي ڌر ڀٽو تي اعتبار نه ڪيو. انهن جو
موقف هو تهج ڀٽي اقتدار ۾ سوشلزم لاءِ سنجيده
ڪردار ادا نه ڪيو. مزدورن تي حملا ڪيا انهن کي
شهيد ڪيو ويو. بلوچستان ۽ سرحد جي قانوني حڪومتن
کي ختم ڪيو ۽ بلوچستان تي فوجي جي ڪشي ڪري هزارين
بلوچن کي شهيد ڪيو.
PNA
تحريڪ ۾ کاٻي ڌر جا ماڻهو خاموش رهيا. ڇاڪاڻ ته
اها رجعت پسند تحريڪ هئي هن کي آمريڪا جي آشرواد
حاصل هئي. پر جڏهن اڳتي هلي آمريڪا جي سازش سان
ڀٽي جي حڪومت ختم ڪري هن کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو ته
کاٻي ڌر ضياءَ مخالف تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. ضيا
دور ۾ن پمفلٽ ڪيس مشهور ٿيو. جنهن ۾ج گهڻن کاٻي ڌر
جي اڳواڻن کي قيد ڪيو ويو جن ۾ ڄام ساقي، شوڪت
صديقي، جمالي نقوي، نذير عباسي، ڊاڪٽر گهنشام، مير
ٿيٻو، علي حسن چانڊيو، بدر ابڙو، شبير شر ۽ ٻيا
شامل هئا. انهيءَ دوران 9 آگسٽ 1984ع ۾ هڪ دل
ڏاريندڙ واقعو ٿئي ٿو. جنهن ڀٽي جي شهادت کانپوءِ
پوري ملڪ کي ڏکارو ڪيو. هن ڏينهن کاٻي ڌر جي
جاکوڙي ڪارڪن نذير عباسي کي ڪراچي ۾ قيد دوران
تشدد ڪري شهيد ڪيو ويو. نذير عباسي کي ڪراچي جي
ميوا شاهه قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
ضياءُ الحق جي ظلمن خلاف انهن تنظيمن کانسواءِ
ڪراچي ۾ صحافين ۽ وڪيلن به ڀرپور حصوج ورتو.
اخبارن تي سنسرشپ نافذ ڪيو ويو. صحافين کي قيد
ڪيو. ٽن صحافين کي ڪوڙا هنيا ويا. اخبارن ۽ رسالن
تي پابندي لڳائي ويئي. مهناج برنا هن دور ۾ وڏو
رول ادا ڪيو. ڪراچي، سنڌ سميت پوري ملڪ خاص ڪري
بلوچستان جي سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن لاءِ هڪ مضبوط
پناهه گاهه هو. ڪراچي جي ماڻهن انهن جي هر طرح سان
مدد ڪئي. ڪراچي 1977ع کان وٺي 1990ع تائين ترقي
پسند ۽ جمهوري پسند سياسي تحريڪن جو مرڪز رهيو.
اڳتي هلي جمهوري ۽ ترقي پسند ۽ سوشلسٽ تحريڪن جي
ڳڙهه ڪراچي کي سازش وسيلي لساني شهر بنائي هن کي
رجعت پسند ۽ دهشتگردن جي حوالي ڪيو ويو ۽ اهو سڀ
ڪجهه ضياءُ الحق جي دور ۾ ٿيو. ڪلاشنڪوف، هيروئن،
افغانين کانپوءِ لسانيت جو تحفو به ضياءُ الحق جي
مهربانين جو نتيجو آهي.
مارچ 1985ع ۾ ضياءُ الحق غير جماعتي بنيادن تي
چونڊ جو اعلان ڪيو. اهو سڀ ڪجهه آمريت خلاف هلندڙ
سڀني ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند قوتن جي جدوجهد ۽
قربانين جو نجتيجو هو، جو ضيا انهن جي سامهون
مجبور ٿي پيو. پاڪستان پيپلز پارٽي چونڊن جي
بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو. اها پيپلز پارٽي جي وڏي
سياسي غلطي هئي ۽ ضياءُ الحق به اهو پئي چاهيو ۽
پيپلز پارٽي جي قيادت ضياءُ الحق جي ٺاهيل پچ تي
کيڏڻ تي مجبور ٿي. انهن چونڊن کانپوءِ پيپلز پارٽي
۽ عوام جي وچ ۾ هڪ ويڇو. پيدا ٿيو. هن ويڇي ڪري
غير معروف ماڻهو، پئسي ۽ برادرين جي طاقت تي
سامهون آيا. جنهن جي ڪري اڳتي هلي هن جا سياست تي
منفي اثر پيا. انهن چونڊن جي نتيجي ۾ سنڌ جي احساس
محرومي ڏور ڪرڻ لاءِ سنڌڙي جي محمد خان جوڻيجي کي
ملڪ جو وزيراعظم بنايو ويو ۽ 16 اپريل 1985ع تي
سيد غوث علي شاهه سنڌ جي وڏي وزير جو حلف کنيو. هن
ووقت ڪراچي ۾ صوبائي اسيمبلي جون 25 سيٽون هيون جن
مان 22 تي اردو ڳالهائيندڙ ڪامياب ٿيا. قومي
اسيمبلي جي يارنهن سيٽن سان 9 اردو ڳالهائيندڙن
حاصل ڪيون. هڪ تي پٺاڻ ۽ هڪ هڪ تي بلوچ ڪامياب
ٿيو. اڳتي هلي غير جماعتي چونڊن ۾ ڪامياب انهن
سڀني صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي مسلم ليگ
جي پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ويو ۽ ائين مسلم ليگ جي
مئل گهوڙي کي ٻيهر جيئاريو ويو.
1981ع ۾ پاڪستان جي هڪ مسافر جهاز کي اغوا ڪري
افعانساتن نيو ويو. الذوالفقار نالي تنظيم ذميداري
قبول ڪئي. هن تنظيم جو اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي جو
پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو هو. اغوا دوران هڪ ميجر کي جيڪو
جهاز ۾ سفر ڪري رهيو هو ماريو ويو. اغوا ڪندڙن جو
اڳواڻ ٽيپو نالي نوجوان هو جيڪو ڪراچي يونيورسٽي
جو شاگرد هو. انهن جي اها گهر هئي ته پاڪستان جي
جيلن ۾ قيد 54 قيدين کي آزاد ڪري افغانستان موڪليو
وڃي. اهي سڀ قيدي جن ۾ شاگرد، ترقي پسند تنظيمن جا
ڪارڪن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪارڪن شامل هئا.
انهن کي آزاد ڪري افغانستان موڪليو ويو. انهن آزاد
ٿيندڙ ۾ هڪ منهنجو ڪلاس فيلو اڪرم قائمخاني به هو.
جنهن تي يونيورسٽي ۾ فوجي گاڏي ساڙڻ جو ڪيس هو.
ٽيپو به انهن ڏينهن ۾ يونيورسٽي ۾ سنڌ پيپلز
اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اڳواڻ هو.
1981ع ۾ هنڊا ففٽي تي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي
فارميسي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندڙ نوجوان الطاف حسين
پهرئين آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن
(APMSO)
جو بنياد رکيو ته ماڻهن ان جي چريائپ تي کلڻ لڳا.
اسلامي جمعيت طلبا، يونيورسٽي ۾ الطاف سميت سڀني
ساٿين کي نيڪالي ڏني ته انهن ڪراچي جي پيڙهيل اردو
ڳالهائڻ وارن علائقن جو رخ ڪيو. انهن وسندين ۾
ضوررت جي ڪابهب سهولت نه هئڻ ڪري اتان جي رهواسين
ان گروپ جي ڳالهين جو اثر وٺڻج شروع ڪيو. شروع م
انهن ظلم جو ذميوار پنجاب کي قرار ڏنو. خود سنڌ ۾
رهندڙ به انهن کي مڪڙ ۽ ٻين لقبن سان نوازيو. لوڪل
۽ اردو اسپيڪنگ لفظ هڪ نئين نسلي جهيڙي جي شروعات
ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪج ٻيو لفظ ”مهاجر“ وجود ۾
آيو. شروع ٿيندڙ انهن جهيڙن رت جي راند ۽ بربريت
جو هڪ نه ختم ٿيڻ وارو سلسلو پڻ شروع ڪيو. 1982ع
جي ڪراچي يونيورسٽي جي شاگرد تنظيمن جي اليڪشن ۾
جڏهن
APMSO
حصو ورتو ته هن جي صدر کي صرف ست ووٽ مليا. اڳئن
سالن ۾ پوري يونيورسٽي جي سياست تي اهي ڇانيل
رهيا. 1985ع ۾ ضياءُ الحق ريفرينڊم جو ڍونگ رچايو.
1985ع ۾ ڪراچي ۾ مني بس جي هڪ روڊ حادثي ۾ بشريٰ
زيدي نالي هڪ شاگردياڻي مارجي وئي ته پوري ڪراچي م
اردو ڳالهائيندڙ علائقن ۾ زبردست جهيڙا شروع ٿيا.
پٺاڻن جي گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون. شهر مهاجر
پٺاڻن جي جهيڙي جي لپيٽ ۾ رهيو. ڪراچي جون حالتون
سخت ڪشيدگي جو شڪار رهيون.
6
جون 1982ع ۾
APMSO
جو بنياد رکيو ويو هو. جنهن جو پهريون ليڊر سيد
محفوظ الحسن هو. هن جي ٺاهڻ ۾ رئيس امروهوي ڀرپور
ڪردار ادا ڪيو. 11 جون 1982ع ۾ نارٿ ناظم ۾ مدينا
هال ۾
APMSO
جي پهرئين ميٽنگ ٿي جنهن ۾ تنظيم جو باقاعده اعلان
ڪيو ويو.ب جنهن ۾ رئيس امروهي جي ڪوششن سان ڀارتي
قونصلر ايس ڪي ڀاٽيا
S.K.Bhatia
جنهن جو تعلق انٽيليجينس سان هو شرڪت ڪئي ۽ الطاف
حسين سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ الطاف حسين
APMSO
جي قيادت سنڀالي. رئيس امروهوي کانسوا3 سندس ڀاءُ
سيد محمد تقي، پروفيسر ڪرار حسين ۽ سبط حسن هن
تحريڪ جي ڍاهيندڙ ۾ شامل آهن. اهي سڀ شيعا هئا.
انهن جو مقصد هو ته شهر کي جماعت اسلامي کان آجو
ڪرڻ ۽ مهاجرن کي سنڌين جي ويجهو آڻڻ هو. بعد ۾
الطاف حسين، آغا حسن، آغا حسن عابدي ۽ مصطفيٰ گوڪل
جيڪي امير ترين شيعا هئا سا ملاقات ڪئي. امداد جي
اپيل ڪئي. 1983ع م الطاف حسين آمريڪا هليو ويو.
واپس اچڻ کانپوءِ 5 جون 1985ع ۾ ايم ڪيو ايم
(مهاجر قومي موومينٽ) جو بنياد رکيو. قابل اعتماد
پراڻي سياستدان ۽ صحافين جو هڪ گروپ تشڪيل ڏنو
ويو. جيڪي ايم ڪيو ايم جي ٿنڪ ٽينڪ جا ميمبر هئا
انهن ۾ رئيس امروهوي، ايم بي نقوي، اختر رضوي،
پروفيسر ڪرار حسين، داڪٽر عاليه امام، ايس واجس
شمس الحسن (ڊيلي نيوز) ۽ نفيس احمد صديقي مشهور
هئا. اخبارن وسيلي الطاف جي شخصيت کي اڀاريو ويو.
8 آگست 1986ع ۾ مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم)
ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ پهريون جلسو ڪيو. جيڪو ڪراچي
۾ ٿيندڙ وڏن جلسن مان هڪ هو. ڪراچي جي اردو
ڳالهائيندڙن جي وڏي انگ هن جلسي ۾ شرڪت ڪئي. هن
عام جلسي ۾ پنجابي ۽ پٺاڻن خلاف زهريليون تقريرون
ڪيون ويون. ”سنڌي مهاجر ڀائي ڀائي حقا نسوار کهان
سي آئي“، جو سلو گن هن جلسي کان پوءِ پوري سنڌ ۾
مشهور ٿيو. هٿيارن جي نمائش ڪئي ويئي. جلسي ۾
الطاف حسين جي تقرير هلندي جڏهن
PIA
جو جهاز جلسي مٿان گذريو ته الطاف جهاز ڏانهن
اشارو ڪندي چيو ته اها پنجابي انٽرنيشنل ايئر
لائينز آهي. 1986ع ۾ 14 آگسٽ تي جڏهن ايم آر ڊي
لاهور ۾ جلسي جو اعلان ڪيو ته پنجاب جي ان وقت جي
وزير اعليٰ نواز شريف جلسي جي اجازت نه ڏني.
حڪمرانن جي اها ٻٽي پاليسي سمجهه ۾ نه آئي. هن کان
اڳ اپريل 1986ع ۾ بي نظير ڀٽو جلا وطني ختم ڪري،
جڏهن لاهور پهتي ته هن جي تاريزي استقبال کان
حڪمران بوکلائجي ويا.
ايم ڪيو ايم ٺاهڻ ۾ سيد غوثب شاهه جو به هٿ هو.
جنهن جو سبب ته سنڌ کي ٻولي بنيادن تي تقسيم ڪرڻ
هو. پيپلز پارٽي جي دشمني ۾ انهن ليڊرن ايترو به
نه سوچيو ته انهن جي هنج حرڪت ڪري سنڌ کي ڪهڙا سور
سهڻا پوندا.
14
آگسٽ 1986ع کان اڳ پوري ملڪ ۾ ايم آر ڊي
(MRD)
جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. 14 آگسٽ
1986ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو 70 ڪلفٽن کان جلوس جي
اڳواڻي ڪندي ڪڪري گرائونڊ لياري ڏانهن رواني ٿي
ته، ڪلفٽن ٽي تلوار وٽ جلوس کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي
ويئي ڪارڪنن تي لٺبازي ڪئي ويئي ۽ پوليس پاران
ڳوڙها گيس استعمال ڪيو ويو. تمام رنڊڪن جي باوجود
بينظير ڀٽو مختلف رستن تي پوليس پاران رڪاوٽون
ٽوڙي ڪڪري گرائونڊ پهچي ويئي. جلسي کي خطاب ڪيو.
جلسي کانپوءِ بينظير کي گرفتار ڪري لانڍي جيل ۾
نظر بند ڪيو ويو. رد عمل ۾ ٻئي ڏينهن ڪراچي سميت
پوري سنڌ ۾ جهيڙا شروع ٿيا. ڪراچي جي اردو ڳالهائڻ
وارا علائقا پرسڪون رهيا. هنگامن جو مرڪز ڪراچي ۾
فقط لياري، مواڇ، ابراهيم حيدري، لانڍي ۽ ملير
رهيا.
31
آڪٽوبر 1986ع ۾ ايم ڪيو ايم حيدرآباد ۾ ٻئي جلسي
جو اعلان ڪيو. 12:30 منٽن تي سهراب ڳوٺ لڳ جلوس تي
حملو ڪيو ته ڪراچي ۾ ٻيهر پٺاڻن ۽ مهاجرن جهيڙا
شروع ٿيا. فقط هڪ ڏينهن ۾ 100 ماڻهو مارجي ويا.
حيدرآباد جي جلسي کانپوءِ الطاف حسين کي گهگهر
ڦاٽڪ وٽ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. ڪراچي جي
متاثر ٿيل علائقن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. نفرت جا الا
اڃا ٻري رهيا هئا ته، 16 ڊسمبر 1986ع ۾ عليڳڙهه
ڪالوني اورنگي واري علائقي ۾ مهاجر آبادي تي حملو
ڪيو ويو فقط چند منٽن ۾ 156 ماڻهو مارجي ويا. پوري
شهر ۾ ٻيهر هنگاما شروع ٿيا. ٻيهر ڪرفيو لڳايو
ويو. انهيءَ دوران پنجابي پختون اتحاد پاران
هٿياربند تنظيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو. جنوري
1987ع ۾ الطاف حسين کي آزاد ڪيو ويو.
ٽي
جنوري 1987ع ۾ الطاف حسين ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ
پريس ڪانفرنس ۾ 20 مطالبا پيش ڪيا. ٻئي ڏينهن
ڪراچي جي گهٽين ۾ هينڊ بل ورهايا ويا ته ”مهاجرو
ٽي وي ۽ وي سي آر وڪڻو ۽ ڪلاشنڪوف خريد ڪيو.“
جولاءِ 1987ع ۾ شهر ايم ڪيو ايم ۽ پي پي آءِ جي
دهشتگردن جي ور چڙهيل رهيو ٻنهي پاسي هٿيار وٺڻ جي
ڊوڙ ۾ هٿيار ۽ بارود جا ذخيرا گڏ ڪيا ويا. نوجوانن
جي هٿن ۾ ڪتابن بجاءِ ڪلاشنڪوف آيو ته ڏوهن ۾
واڌارو ٿيو. ڀتاخوري، اغوا براءِ تاوان، ڪارليفٽنگ
۽ چورين ۾ واڌارو ٿيو.
انهيءَ ماحول ۾ 1987ع ۾ بلدياتي چونڊون ڪرايون
ويون. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم وڏي اڪثريت
سان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻنهي شهرن جا ميئر ۽ ڊپٽي
ميئر ايم ڪيو ايم جا حمائتي چونڊجي آيا.
29
مئي 1988ع ۾ ضياءُ الحق پاران محمد خان جوڻيجي جي
حڪومت ختم ڪري قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙيون
ويون. ٻيهر غير جماعتي چونڊن جو اعلان ڪيو ويو. 5
جولاءِ 1988ع تي جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي جي وچ
۾ 70 ڪلفٽن ۾ رابطو ٿيو. ان کان اڳ جماعت اسلامي
جو پروفيسر غفور احمد ۽ بينظير ڀٽو ملاقات ڪري چڪا
هئا. 7 آگسٽ 1988ع ۾ ايم ڪيو ايم جي چيئرمين عظيم
طارق ۽ الطاف حسين به 70 ڪلفٽن وڃي بينظير سان
ملاقات ڪئي. ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ اهو پهريون
باقاعده رابطو هو. ٻئي ڏينهن جنرل ضياءُ الحق
نواءِ وقت ۽ دي نيشن ۾ انٽرويو ڏيندي پهريون ڀيرو
اهو چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ جيئي سنڌ وارن جا رابطا
ڀارت سان آهن. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت هڪ ڳجهي رپورٽ
به شايع ڪئي هئي.
17
آگسٽ 1988ع سي- 130 جهاز جي حادثي ۾ ضياءُ الهق
پنهنجي ساٿين سميت حادثي ۾ مري ويو. انهيءَ ڏينهن
شام جو چيئرمين سينيٽ غلام اسحاق خان وقتي صدر جو
عهدو سنڀاليو ۽ جنرل اسلم بيگ چيف آرمي اسٽاف مقرر
ٿيو. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي ۾ رابطو به جنرل
اسلم بيگ جي ڪري ممڪن ٿيو هو. مقرر ٿيل تاريخن تي
چونڊن جو اعلان ڪيو ويو ۽ اهو اعلان ڪيو ويو ته
اهي چونڊون غير جماعٿي بنيادن تي نه پر جماعتي
بنيادن تي ڪيون وينديون. هن اعلان کانپوءِ 70
ڪلفٽن ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ناراض سياسي
ڪارڪنن، جوڻيجو ليگ ۽ مجلس شوريٰ جي ميمبر ۽ ٻين
جو ميلو متل رهي ٿو.
انهيءَ وچ ۾ 30 سيپٽمبر 1988ع ۾ حيدرآباد ۾ هڪ
هٿياربند واقعي ۾ 350 ماڻهو مارجي ويا جنهن ۾
گهنائي اردو ڳالهائڻ وارن جي هئي. ٻئي ڏينهن
پهرئين آڪٽوبر 1988ع تي رد عمل جو نالو ڏيئي ڪراچي
۾ سنڌين تي ح،لا شروع ڪيا وڃن ٿا. شهر جو حالتون
خراب ٿي ويون. اردو گهنائي وارن علائقن مان سنڌي ۽
سنڌي گهنائي وارن علائقن مان مهاجرن لڏپلان ڪئي.
شهر ٻولي جي بنياد تي ورهائجي ويو.
فوج پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ حالتن جي خراب هئڻ
جي باوجود 16 ۽ 19 نومبر 1988ع تي چونڊون هر حالت
۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. پي پي آءِ (پنجابي پختون
اتحاد) اليڪشن ڪميشن وٽ سياسي پارٽي طور رجسٽريڊ
ٿي، پر مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پنهنجا
اميدوار آزاد حيثيت سان بيهاريا پر حيرت جهڙي
ڳالهه اها هئي جو قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جا
اميدوار جيڪي سڀ آزاد حيثيت سان بيهاريا پر حيرت
جهڙي ڳالهه اها هئي جو قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم
جا اميدوار جيڪي سڀ آزاد حيثيت سان چونڊن ۾ حصو
وٺي رهيا هئا، سڀني کي هڪ نشان ”لغڙ“ الاٽ ڪيو ويو
۽ صوبائي اسيمبلي جي تمام اميدوارن کي ”تالو“ نشان
الاٽ ڪيو ويو. 16 نومبر تي قومي ۽ 19 نومبر تي
صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٿيون.
قومي اسيمبلي م پاڪستان پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ
سيٽون 93، ايم ڪيو ايم کي 13 سيٽون مليون، جڏهن ته
سنڌ اسيمبلي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي 68 سيٽون ۽
ايم ڪيو ايم 26 سيٽون حاصل ڪيون. پنج آزاد اميدوار
ڪامياب ٿيا. پي پي آءِ هڪ سيٽ حاصل ڪئي جنهن تي
عرفان الله مروت جيڪو صدر غلام اسحاق جو نياڻو
ڪامياب ٿيو. سنڌ قومي اتحاد جو هڪ ميمبر امداد
محمد شاهه ڪامياب ٿيو. پنجاب اسيمبلي ۾ نواز شريف
جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي کي 13 ووٽن جي ضرورت
هئي، جيڪي آزاد حيثيت سان انهن کي ملي ويا. تنهن
ڪري انهن کي ايم ڪيو ايم جي ووٽن جي ضرورت هئي،
جيڪي آزاد حيثيت سان انهن کي ملي ويا. تنهن ڪري
انهن کي ايم ڪيو ايم جي ووٽن جي ضرورت نه هئي پر
پوءِ به 21 نومبر 1988ع تي بينظير ڀٽو 90 عزيزآباد
پهچي. الطاف حسين سان ملاقات ڪئي. الطاف حسين 13
سيٽن جو ڀرپور فائدو حاصل ڪيو. 29 نومبر 1988ع تي
59 نقاطي فارمولو طئي ڪيو ويو. جنهن مطابق مهاجر
قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) کي سنڌ اسيمبلي جي
ڊپٽي اسپيڪر ۽ ٽي وزارتون ڏنيون ويو. سنڌ اسيمبلي
بلڊنگ ۾ پهرئين ڊسمبر تا قائم علي شاهه ۽ عظيم
احمد طارق معاهدي تي صحيحون ڪيون. 2 ڊسمبر 1988ع
تي بينظير ڀٽو دنيا جي پهرئين مسلمان خاتون جي
حيثيت سان وزيراعظم جو حلف کنيو. سنڌ ۾ قائم علي
شاهه ۽ پنجاب ۾ نواز شريف وڏي وزير طور چونڊجي
آيا. سنڌ اسيمبلي لاءِ عبدالله شاهه اسپيڪر ۽ ايم
ڪيو ايم جو عبدالرزاق خان ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي آيا.
ڪراچي جي 28 صوبائي جي سيٽن مان ايم ڪيو ايم 20
سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي. ايم ڪيو ايم کي پوري
سنڌ مان 26 سيٽون مليون پي پي پي کي 07 سيٽون
مليون. هڪ سيٽ پي پي آءِ کي ملي.
ايم ڪيو ايم پهرئين حيدرآباد ڪراچي ۾ بلدياتي
چونڊن ۾ پوءِ 1988ع ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي
چونڊن ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ سنڌ ۾ ٻئي نمبر
وڏي سياسي پارٽي طور اڀري سامهون آئي. هن ڪاميابي
تي تجزئي ڪندڙ کي حيران ڪري ڇڏيو. اها ڳالهه انهن
جي سمجهه ۾ نه آئي ته فقط ڪجهه سالن اندر ۾ اهڙو
ڪهڙو معجزو ٿيو جو مهاجر قومي موومينٽ ڪراچي ۽
حيدرآباد ۾ سالن کان سياست ڪندڙ مسلم ليگ، جماعت
اسلامي ۽ جمعيت علماءَ اسلام جهڙن تنظيمن کي اهڙي
عبرتناڪ شڪست ڏني جو انهن جو هڪ ميمبر به ڪامياب
نه ٿيو.
هن
جو اصل ڪارڻ هي هو ته سنڌ اندر اردو ڳالهائيندڙن ۾
هڪ عرصي کان سياسي بي چيني موجود هئي. نواب مظفر
حسين، محمود الحق عثمان کان وٺي اردو صوبي جي
زبردست حامي مرزا جواد بيگ تائين اڳواڻن مهاجرن کي
هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن کي ڪا
خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي ڇاڪاڻ ته انهن جو محور هڪ
پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن کي ڪا
خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي ڇاڪاڻ ته انهن جو محور سنڌ
دشمني تي ٻڌل هو ۽ اهي رجعت پسند پارٽين جا مهرا
هئا ۽ گڏوگڏ انهن جي سياست ۾ شيعا ۽ سني جو عنصر
به شامل هو. تنهنڪري
APMSO
کان مهاجر قومي موومينٽ جي ٺهڻ تائين مهاجر
دانشورن ان جو حل اهو ڳولي ورتو ته مهاجرن کي
پاڪستان جي نظرئي ۽ اسلامي جذبي جي پليٽ فارم تي
گڏ ڪرڻ جي بجاءِ ٻولي ۽ مهاجر شناخت جي پليٽ فارم
تي گڏ ڪجي ۽ رجعت پسند پارٽين کان اردو ڳالهائيندڙ
جي جان آجي ڪئي وڃي. اسلامي پارٽين ۾ گهڻو ڪري سني
فيڪٽر موجود هو تنهن لاءِ شيعا دانشورن جو لاڙو
ايم ڪيو ايم ڏانهن هو ۽ گڏوگڏ سنڌ جي قومپرست ڌرين
ڏانهن نرم لاڙو رکڻ تي زور ڏنو ويو.
ٻئي پاسي حڪومت اندر ويٺل اسٽبلشمينٽ ۽ فوجي حڪومت
کي پاڪستان پيپلز پارٽي مان خطرو هو ڇاڪاڻ ته
1984ع ۾ هلندڙ ايم. آر. ڊي تحريڪ کي هو ڏسي چڪا
هئا. جماعت اسلامي حڪومت جي حمائتي هوندي به فوجي
حڪومت کي بليڪ ميل ڪندا رهن. جنهن جو مثال، هو
بلدياتي نظام ۾ عبدالستار افغاني جي اڳواڻي ۾ ڏسي
چڪا هئا. ٽئين پاسي قوم پرست هئا. قومپرست پنجابي
بيورو ڪريسي ۽ فوجي حڪومت جي خلاف آهن. رسولب بخش
پليجي جي عوامي تحريڪ به موجود هئي. جنهن جي پليٽ
فارم تان سنڌين جي مسئلن کي سائنسي انداز ۾ کڻڻ
وارو عمل ۽ سنڌ ۾ ڪنفيڊريشن جي هامين جي موجودگي
به فوجي حڪومت ۽ ايجنسين لاءِ خطري جون گهنٽيون
هيون. انهن اندازو لڳايو ته ڪنهن به وقت اهي سڀئي
گڏ ٿيا ته انهن لاءِ خطرو پيدا ڪري سگهن ٿا ۽
اسٽبلشمينٽ لاءِ مٿي جو سور بڻجي سگهن ٿا. ايم آر
ڊي تحريڪ کانپوءِ 17 آڪٽوبر 1984ع تي ٽوڙهي ڦاٽڪ
جي واقعي جنهن ۾ چار شاگرد ۽ هڪ يونيورسٽي جو
ملازم شهيد ٿيا ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ زبردست
احتجاج ٿيو. انهيءَ واقعي خلاف سڀئي سنڌي گڏ هئا.
تنهن ڪري انهن کي سڀني ڌرين کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت
عمليون جوڙيون ويون. قوم پرست پارٽين ۾ پنهنجا
ايجنٽ موڪلڻ سان گڏ اهو به سوچيو ويو ته هڪ اهڙي
قوت تيار ڪئي وڃي جنهن کي اوقت اچڻ لاءِ سنڌ جي
قومي ۽ جمهوري عملي خلاف استعمال ڪيو وڃي. جڏهن
مهاجر دانشورن مهاجر قومي موومينٽ لاءِ رستو هموار
ڪري رهيا هئا ته هن وقت جي سنڌ جي وڏي وزير سيد
غوث علي شاهه ۽ جنرل ضياءُ الحق جي آشيرواد سان هن
لاءِ نرم رويو رکيو ويو ۽ هنن کي حڪومت جي مڪمل
سرپرستي حاصل هئي. ان باري ۾ ڪجهه ڌرين جي دعويٰ
آهي ته ضياءُ الحق جي آشيرواد سان هن لاءِ نرم
رويو رکيو ويو ۽ءٌ هنن کي حڪومت جي مڪمل سرپرستي
حاصل هئي. ان باري ۾ ڪجهه ڌرين جي دعويٰ آهي ته
ضياءُ الحق، سيد غوث علي شاهه کي اهو ٽاسڪ سونپيو
هو. جنهن ۾ ”جذباتي“ مسئلن جي بنيادن تي مختلف
لساني، فرقيوار جماعتون جوڙڻ جي حڪومت عملي شامل
هئي.
افيئر رسالي جي جولاءِ 2005ع جي شماري ۾ سنڌ
اسيمبلي جي ان وقت (1985) جي اسپيڪر حسين هارون هڪ
انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته، ”سنڌ ڪلب ۾ هڪ دعوت ۾
غوث علي شاهه جنهن سان مشاهد حسين سيد به گڏ هو
اهو اعتراف ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي ٺاهڻ ۾ هن جو هٿ
آهي.“ جڏهن سنڌ ۾ هڪ ٻئي قوم جي ڳالهه ڪئي ويئي ته
سنڌي عوام پاران شديد رد عمل ظاهر ٿيو جنهن لاءِ
الطاف حسين اهو موقف اختيار ڪيو ته پهرئين ڪنهن
نالي تي گڏ ٿيڻ ڏنو وڃي ته پوءِ اسان ۽ سنڌي گڏجي
سنڌ ڪاز لاءِ جدوجهد ڪنداسين ۽ مهاجرن کي سنڌي قوم
جي ذيلي شاخ سمجهيو وڃي. قوم پرستن کي الطاف جي
ويجهي آڻڻ ۾ جي ايم سيد جي پراڻي دوست ۽ ايم ڪيو
ايم جي باني ميمبرن مانج اختر رضوي اهم ڪردار ادا
ڪيو. الطاف حسين جڏهن لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ خطاب
ڪرڻ ويو ته قومپرستن ان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ۽
اجرڪون اوڍايون.
ڊسمبر 1986ع ۾ الطاف جي امڙ جي وفات جي موقعي تي
جيج ايم سيد هڪ تعزيتي پيغام الطاف حسين ڏانهن
موڪليو جنهن ۾ سائين اتحاد جي ڳالهه به ڪئي. پوءِ
جڏهن جي. ايم سيد علاج لاءِ جناح اسپتال ۾ داخل هو
ته الطاف حسين جي. ايم سيد جي عيادت لاءِ هن سان
ملڻ ويو ۽ اهڙي طرح قوم پرستن ۽ مهاجر قومي مووميٽ
۾ دوستي وڌي ٿي. جيڪا تمام سٺي ڪوشش هئي. هر سنڌي
۽ اردو ڳالهائڻ واروج هن دوستي ۾ خوش هو. الطاف
حسين پنهنجن ڪيترن بيانن ۾ جي ايم سيد جي باري ۾
چيو ته، ”سيد کي ديوار سان لڳائڻ سان مسئلا حل نه
ٿيندا انهن ناانصافين ڪري اڄ جي. ايم سيد سنڌو ديش
جو نعرو هڻي ٿو جنهن جو ازالو ضروري آهي. جي. ايم
سيد جي جائز شڪايتن کي ٻڌڻ کانسواءِ هن کي غدار
چوڻ دانشمندي نه آهي.“ جنگ اخبار ۾ هڪ انٽرويو ۾
الطاف حسين چيو هو ته، ”مهاجر جيئن ته سنڌ جي سر
زمين تي نوان آهن پر انهن پنهنجون سڀئي وابستگيون
سنڌ سان جوري ڇڏيون آهن.“
بهرحال ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ايم ڪيو ايم جي
قيادت ان دور ۾ مهاجر ڪاز لاءِ جذباتي تقريرون به
ڪيون ۽ سنڌ جي قومپرستن سان سهڪار ڪري سڄي سنڌ ۾ن
مقبوليت به ماڻي ته ساڳي وقت مهاجرن جي منظم جماعت
جي جاءِ به والاري پنجابين خلاف سخت موقف رکڻ ۽
انهن تي تنقيد ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ پنجابي
اتحاد وجود ۾ آيو.
سهراب ڳوٺ واري واقعي کانپوءِ الطاف جيل ۾ هو ته
مهاجرن جي سخت احتجاج تي حڪومت پاران 13 ڊسمبر
1986ع ۾ سهراب ڳوٺ ۾ آپريشن ڪلين اپب شروع ڪيو ته
پٺاڻن اهو آپريشن پنهنجي خلاف سمجهيو آپريشن
کانپوءِ حڪومت پاران سهراب ڳوٺ جو نالو مٽائي
اسلام آباد رکيو ويو جيڪو هلي نهب سگهيو. انهيءَ
رد عمل ۾ 14 ڊسمبر 1986ع ۾ن علي ڳڙهه ڪالوني ۾
پٺاڻن ۽ مهاجرن جو جهيڙو ٿيو. جنهن پوري ڪراچي کي
پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو. متاثر علائقن ۾ ڪرفيو لڳايو
ويو. ڪراچي ۾ پٺاڻن کانپوءِ مهاجر ۽ پنجابي جا
جهيڙا ٿين ٿا. انهن سڀني جهيڙن ۾ مهاجر قوميج
موومينٽ ملوث رهي ٿي ۽ هن جا ڪارڪن هن جهيڙي ۾
ڀرپور حصو وٺندا هئا. پنجابين سان جهيڙو مهاجرن کي
مهانگو پيو ڇاڪاڻ ته پنجابين جو تعلق فوج ۽
اسٽبلشمينٽ سان هو. تنهن ڪري انهن ايم ڪيو ايم کي
پنهنجي اصلي پچ جيڪو ايجنسين ۽ اسٽبلشمينٽ جو
ٺاهيل هو تي کيڏڻ جي هدايت ڪئي. تنهنڪري ايم ڪيو
ايم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اتحاد پائيدار ثابت
نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته پردي پويان ايم ڪيو ايم جا ارادا
ٻيا هئا. حڪومت جي ٺهڻ جي فقط هڪ مهيني کانپوءِ
عظيم احمد طارق جو اختلافي بيان شايع ٿيو. جنهن
کانپوءِ ٻنهي پارٽين جي شاگرد تنظيمن
APMSO
۽
PSF
وچ ۾ خوني جهيڙو شروع ٿيو. 7 جولاءِ 1989ع ۾ ڪراچي
يونيورسٽي ۾ آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس
آرگنائيزيشن
(APMSO)
هتان پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن
(PSF)
جا چار شاگرد قتل ڪيا وڃن ٿا. حالتون خراب ٿين
ٿيون. پوري ڪراچي ۾ جهيڙا شروع ٿين ٿا. اهو جهيڙو
ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اردو
ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ ٿئي ٿو. هن جهيڙي ۾
PFS
هڳ بهادر اڳواڻ نجيب مارجي وڃي ٿو.
13
آڪٽوبر 1989ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ پاران جي ايم سيد
جي گرفتاري خلاف يوم احتجاج ملهايو ويو ڪراچي ۾
سنڌي آبادي وارا علائقا بند رهيا. ڪراچي ۾ بم
ڌماڪي ۾ هڪ ماڻهو مارجي ويو. هڙتال ڪامياب رهي.
ايم ڪيو ايم 18 آڪٽوبر 1989ع ۾ ڪراچي ۾ اعلان ڪيو
ته هن پاڪستان پيپلز پارٽي سان اتحاد ختم ڪري،
اسلامي جمهوري اتحاد
(IJI)
سان اتحاد ڪري ڇڏيو آهي. انهن اهو به انڪشاف ڪيو
ته اهو معاهدو 18 سيپٽمبر 1989ع تي ختم ڪيو ويو هو
پر ظاهر هڪ مهيني کانپوءِ ڪيو ويو آهي. اهڙو اعلان
ايم ڪيو ايم جي ان وقت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪتر
عمران فاروق ڪيو. جيڪڏهن ائين آهي ته هن کان وڌيڪ
بدديانتي، دوکو ۽ سازش ٻي ڪهڙي هوندي جو هڪ مهينو
اڳ معاهدو اسلامي جمهوري اتحاد سان ڪري انهن سنڌ
حڪومت ۾ زا به ماڻيا. سيپٽمبر ۾ حڪومت ۾ هوندي به
ڪراچي ۾ ايم ڪيو پاران ڪفن پوش جلوس ڪڍيو ويو،
جنهن جو مقصد ڪارڪن کي ايندڙ حالتن لاءِ تيار ڪرڻ
هو.
معاهدي ختم ڪرڻ کان فقط چار ڏينهن اڳ 14 آڪٽوبر
1989ع تي الطاف حسين اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ صدر غلام
اسحاق سان بند ڪمري ۾ اڪيلائي ۾ 45 منٽ ملاقات
ڪئي. ايم ڪيو ايم ۽ اسلامي جمهوريت اتحاد جي وچ ۾
معاهدي ۾ هن وقت فوج جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل
مرزا اسلم بيگ اهم ڪردار ادا ڪيو. نومبر 1989ع تي
بينظير ڀٽو خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ جي ڪوشش
ڪئي ويئي پر اها ناڪام ٿي. انهيءَ ناڪامي جو بدلو
ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ سنڌين کي اقليتي علائقن مان
لڏائڻ جي صورت ۾ ورتو ويو. ڪراچي ۽ حيدرآباد جون
حالتون خراب ٿين ٿيون. 20 جنوري 1990ع تي گڏيل
مخالف ڌر پاران ڪراچي ۾ جلسو ڪيو ويو. جنهن جي
پوري ذميداري ايم ڪيو ايم سنڀالي. هن جلسي لاءِ
پوري شهر مان زبردستي ڀتو وصول چندي جي نالي تي
وصول ڪيو ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. هاڻي ان
۾ سرڪاري ادارا خاص ڪري بلدياتي ادارا شامل آهن
جتان هڪ اندازي موجب صرف مهيني ۾ 2 ارب رپين جو
پتو ۽ ڪميشن وصول ڪئي وڃي. ٿي. 26 جنوري 1990ع تي
پوري شهر ۾ ڏيئا ٻاريا ويا. انهن ڏيئن ۾ تيل جي
بجاءِ پي پي پي ڪارڪنن جو رت شامل هو. ياد رهي ته
26 جنوري جو ڏينهن ڀارت جي ”جمهوريت جو ڏينهن“ به
آهي. 28 جنوري 1990ع ۾ حيدرآباد ۾ هنگاما شروعب
ٿين ٿا. سنڌين کي ڳولي ڳولي ماريو وڇي ٿو. ڇاڪاڻ
ته انهن جي نظر ۾ سڀ سنڌي پيپلز پارٽي سان آهن. 3
فيبروري 1990ع تي ڪراچي ۾ جهيڙا شروع ٿيا. 7
فيبروري تي ايم ڪيو ايم پاران هڙتال جو سڏ ڏنو وي.
پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پاران هڪ ٻئي جي ڪارڪنن
کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ جا واقعا ٿين ٿا. پورو شهر
مقتل گاهه بڻجي وڃي ٿو. 4 فيبروري تي اورنگي مان
پي پي پي جي پنجن ڪارڪنن کي اغوا ڪيو ويو. 9
فيبروري 1990ع تي انهن جا سڙيل جسم هڪ وين مان ملن
ٿا.
25
فيبروري 1990ع تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي
شاهه کي هٽائي هن جي جاءِ تي آفتاب شعبان ميراڻي
کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. جنهن 26 فيبروري
تي پنهنجي عهدي جو هلف کنيو. ان جي باوجود ڪراچي ۽
حيدرآباد ۾ خون وهندو رهيو. ٻورين مان چيچريل ۽
ڊرل ٿيل لاش ملندا رهيا. لانڍي ۾ قائم مهاجر خيل
کي اذيت گهر ۾ تبديل ڪيو ويو. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾
قتل عام جي ڪري سنڌين ۽ مهاجرن پنهنجي ٿورائي وارن
علائقن کان گهنائي وارن علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪيو.
حيدرآباد جو مرڪز سنڌين کان خالي ٿي ويو. ايم ڪيو
ايم ۽ پي پي پي جي هن جهيڙي ۾ نقصان سنڌين کي ٿيو.
6
آگسٽ 1990ع تي غلام اسحاق خان بينطير ڀٽو جي
چونڊيل حڪومت کي ختم ڪيو. صوبائي ۽ قومي اسيمبلين
کي ٽوڙي مرڪز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڇڏيندڙ
علام مصطفيٰ جتوئي کي نگران وزيراعظم ۽ سنڌ ۾
پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڇڏيندڙ ۽ پي پي پي جي ڪٽر
دشمن ڄام صادق علي نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو ۽
آڪٽوبر ۾ چونڊن جو اعلان ڪيو ويو.
1990ع وارن چونڊن واري مهم دوران اها ڳالهه صاف
نظر پئي آئي ته پي پي پي ٻيهر حڪومت ۾ ايندي.
پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ٻين پارٽين پاڪستان
ڊيموڪريٽڪ الائنس جي پليٽ فارم تان ۽ ميان نواز
شريف جي مسلم ليگ ۽ جماعت اسلامي، اسلامي جمهوري
اتحاد
IJI
جي پليٽ فارم تان چونڊن وڙهڻ جو اعلان ڪيو. انهن
چونڊن ۾ج قومي اسيمبلي جي 207 سيٽن مان پاڪستان
پيپلز پارٽي 44، اسلامي جمهوري اتحاد 106، ايم ڪيو
ايم 15، آزاد پارٽي 22، جمعيت علماءَ اسلام فضل
الرحمان 6، جمعيت علماءَ اسلام نوراني 3، عوامي
نشنل پارٽي 6، پاڪستان نيشنل پارٽي 2، جمهوري وطن
پارٽي 2 ۽ پختون خواه ملي عوامي پارٽي هڪ سيٽ حاصل
ڪئي.
اهڙي طرح 1990ع ۾ مرڪز ۾ نواز شريف جي حڪومت قائم
ٿي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي وڏي اڪثريت هوندي به
حڪومت کان پري رکيو ويو. فقط هڪ سيٽ حاصل ڪندڙ ڄام
صادق علي جيڪو نگران وڏو وزير هو، ايم ڪيو ايم،
آزاد ميمبرن ۽ پي پي پي جي ڪمزور ميمبرن کي پاڻ
سان ملائي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ٿيو. جامج اقتدار
بچائڻ لاءِ سڀ حربا استعمال ڪيا. ڄام جي حڪومت جي
دوران ايم ڪيو ايم ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويئي. ڇاڪاڻ
ته اقتدار ۾ اچڻ سان انهن جي ميمبرنج ۾ ڪرپشن جاج
رڪارڊ قائم ڪيا ۽ پوءِ مال جي ورهاست تان اهي ٻن
ڌڙن ۾ ورهائجي ويا.
فوج جو عمل دخل سياست ۾ وڌي چڪو هو. پاڪستاني فوج
جو ادارو هڪ عرصي کان سول حڪومتن جي بنائڻ ۽ ڊاهڻ
۾ اهم رول ادا ڪندو اچي. ايجنسين، پيپلز پارٽي
مخالف سياسي پارٽين کي اسلامي جمهوري اتحاد جي
پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو.
سال 1991ع م ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ٻنهي ڌڙن وچ ۾
خوني چڪريون ٿيون. ملير ۾ ايم ڪيو ايم کان بعاوت
ڪندڙ آفاق احمد، عامر خان ۽ بدر اقبال جي گهرن کي
باهيون ڏنيون ويون. باغي ڌڙي آمريڪا، پنجاب ۽
بلوچستان ۾ وڃي پناهه ورتي.
پهرئين آڪٽوبر 1991ع هڪ تاريخ ساز ڏينهن، جڏهن
پهريون ڀيرو نشتر پارڪ ۾ سنڌين جو وڏو جلسو ٿيو
جيڪو نج سنڌين جو جلسو هو. اهو جلسو جيئي سنڌ سنڌ
ترقي پسند پاران منعقد ڪيو ويو. هن ڏينهن ڪراچي جا
سڀئي سنڌي چاهي انهن جو تعلق ڪهڙي پارٽي سان هو
انهن جو رخ نشتر پارڪ ڏانهن هو. اهو جلسو ڀٽي جي
1977ع ۽ ايم ڪيو ايم 1988ع واري جلسي کان ڪنهن طرح
گهٽ نه هو. پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ادر مگسي
پنهنجي 41 ساٿين سميت جيل ۾ هو. هن جلسي ڪراچي جي
سنڌي ماڻهن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ انهن سمجهي ورتو
ته ڪراچي مان انهن کي هاڻي ڪير به تڙي ٻاهر نه
ڪندو. هن جلسي ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين ماڻهن کي نئون
حوصلو ڏنو. هن جلسي کي حيدر شاهاڻي، ڊاڪٽر دودو
مهيري، حسن بخش ٿيٻو ۽ ٻين خطاب ڪيو. واپسي ۾ ملير
وٽ دڙي ضلعي ٺٽي جي ڪارڪنن تي حملو ڪيو ويو جنهن ۾
پنج ڪارڪن زخمي ٿي پيا، پر پوءِ به ڪارڪنن صبر کان
ڪم ورتو جنهن جي ڪري ڪو وڏو حادثو پيش نه آيو جنهن
۾ پنج ڪارڪن زخمي ٿيا پيا، پر پوءِ به ڪارڪنن صبر
کان ڪم ورتو، جنهن جي ڪري ڪو وڏو حادثو پيش نه
آيو. پهرئين نومبر 1991ع ۾ سنڌ ۾ وقتي مهاجر وڏي
وزير مقرر ڪرڻ خلاف ٽن ڏينهن جي هڙتال جو سڏ جيئي
سنڌ سنڌ ترقي پسند پارٽي ڏنو ويو. ڪراچي سميت پوري
سنڌ ۾ هڙتال ڪامياب رهي. 3 هزار ڪارڪن گرفتار ڪيا
ويا. ڪراچي مڪمل طور بند رهي.
الطاف حسين پارٽي جي اندروني جهيڙي ۽ ڳجهن ادارن
پاران ڪنهن به وقت ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن جي خبر
ان کي ڏني ويئي تنهن ڪري ڄام صادق علي، الطاف حسين
تي ٿورو ڪري هن کي دبئي رستي لنڊن موڪليو اهو
ڏينهن اڄوڪو ڏينهن الطاف هسين لنڊن ۾ رهيل آهي ۽
ايم ڪيو ايم جو مرڪزي سيڪريٽريٽ به لنڊن ۾ آهي.
پهرئين آڪٽوبر 1991ع ۾ جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي
پاران نشتر پارڪ ۾ ٿيل جلسو |