ڪراچي جا ڪليڪٽر:
ڪراچي ۾ برطانوي دور جو آخري ڪليڪٽر مسٽر ايڪٽن
هو. جنهن کان 14 آگسٽ 1947ع تي سيد هاشم رضا
ڪليڪٽر ۽ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي حيثيت سان چارج ورتو.
هاشم رضا 22 جولاءِ 1948ع تائين انهي عهدي تي
رهيو. 23 جولاءِ 1948ع تي حڪومت پاڪستان جي هڪ حڪم
نامي تحت ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪري هن کي
پاڪستان جي گادي جو هنڌ ڪيو ويو ۽ انتظامي امور جي
لاءِ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا ويندا هئا. سيد هاشم
رضا کي ئي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو ۽
اهو ئي هاشم رضا هو جنهن مسرور بيس ايئرپورٽ تي
بيمار قائداعظم لاءِ کٽارا ايمبولنس موڪلي هئي
جنهن جو تيل شير شاهه وٽ ختم ٿي ويو هو.
برطانوي دور ۾ ڪراچي جي ڪليڪٽر آفيس هاڻوڪي ڪمشنر
ڪراچي جو دفتر واري جاءِ تي هو ۽ ڪليڪٽر جي رهائش
وارو هنڌ هاڻوڪو اسٽيٽ گيسٽ هائوس هو. هن بلڊنگ کي
1886ع ۾ مڪمل ڪيو ويو.
1847ع کان 1947ع تائين مقرر ٿيندڙ ڪراچي جي
ڪليڪٽرن جا نالا هن ريت آهن.
(1) ڪئپٽن ايڇ. ڊبليو پريڊي |
Caption H.W. Preedy |
1847ع کان اپريل 1857ع |
(2) مسٽر. اي ايف بيلاسس |
A.
F Bellasis |
1857ع کان 1858ع |
(3) ليفٽيننٽ ڊنسٽوويل |
Let. Dun Stovville |
1858ع کان 1868ع |
(4) ڪرنل ڊبليو. آر لمبرٽ |
Colonel W.R. Lambarit |
1868ع کان 1878ع |
(5) هينري نپيئر برائس ارسڪن |
Hanery Napier Brice Erisken |
1878ع کان 1880ع |
(6) مسٽر آر. آر ويلس |
R.R. Wallace |
1880ع کان 1881ع |
(7) مسٽر سي. ايف بولٽن |
C.F. Boultan |
1881ع کان 1884ع |
(8) ڪرنل آر. ڊبليو ويلس |
Colonel R.W. Wallace |
1884ع کان 1885ع |
(9) ليفٽيننٽ ڪرنل آر. آءِ ڪرافورڊ |
Let. Colonel R.I Crawford |
1885ع کان 1895ع |
(10) مسٽر. آر جائلس |
R.
Giles |
1895ع کان 1898ع |
(11) مسٽر آر. آرڪيڊل |
R.R. Cadell |
1898ع کان 1899ع |
(12) مسٽر جي. سلاڊين |
J.
Saladen |
1899ع کان 1900ع |
(13) مسٽر آر. پي بيرو |
R.P. Barrow |
1900ع کان 1905ع |
(14) مسٽر ايڇ. سي مولز |
H.C. Mules |
1905ع کان 1909ع |
(15) مسٽر ايڇ. سي لارنس |
H.C
Lawrence |
1909ع کان 1910ع |
(16) مسٽر سي. اي بائيٽس |
C.A. Beyts |
1910ع کان 1912ع |
(17) مسٽر ايڇ. سي لارنس |
H.C
Lawrence |
1912ع کان 1913ع |
(18) مسٽر اي. سي ويسٽروپ |
A.C.A Westropp |
1913ع کان 1916ع |
(19) مسٽر جي. ايل ريو |
J.L. Riew |
1916ع کان 1917ع |
(20) مسٽر جي. آر مارٽن |
J.L. Martin |
1917ع کان 1920ع |
(21) مسٽر ڊبليو. ڊبليو اسمارٽ |
W.W. Smart |
1920ع کان 1922ع |
(22) مسٽر ڊبليو. وي ڪووي |
W.V. Cowie |
1922ع کان 1924ع |
(23) مسٽر ڊبليو. ايف هڊسن |
W.F
Hudson |
1924ع کان 1925ع |
(24) مسٽر ايس. ايڇ ڪوورنٽن |
S.H. Covernton |
1925ع کان 1926ع |
(25) مسٽر ڊبليو. ايڇ هڊسن |
W.H. Hudsion |
1926ع کان 1927ع |
(26) مسٽر آر. اي گبسن |
R.E. Gibson |
1927ع کان 1929ع |
(27) مسٽر جي. آر هوڊ |
J.R. Hood |
1929ع کان 1930ع |
(28) مسٽر جي. مائونٽيٿ |
J.
Monteath |
1930ع کان 1931ع |
(29) مسٽر ايف. ايف ڪمنگ |
F.F. Coming |
1931ع کان 1932ع |
(30) مسٽر جي. ايف. ايس ڪولنز |
G.F.S. Collins |
1932ع کان 1934ع |
(31) مسٽر ايڇ. ايم. ويلس |
H.M
Wills |
1934ع کان اپريل 1935ع |
(32) مسٽر اي. گرائون ٽيلر |
E.
Grawin Tayler |
اپريل 1935ع کان جولاءِ 1935ع |
(33) مسٽر ٽروٽ مين |
Trotman |
جولاءِ 1935ع کان 1938ع |
(34) مسٽر هال فورڊ |
Hal
ford |
1938ع کان 1939ع |
(35) مسٽر ميڪ. ايل هني |
Mac
L-Hiny |
1939ع کان 1940ع |
(36) مسٽر ريڊلي |
Red
Ley |
1940ع کان 1945ع |
(37) مسٽر ايڪٽن |
Acton |
1945ع کان 14 آگسٽ 1947ع |
پوليس جو کاتو:
سنڌ ۾ برطانيا جي قبضي کانپوءِ 1847ع تي يورپي طرز
تي پوليس جو کاتو جوڙيو ويو. جنهن جو هيڊ ڪواٽر
ڪراچي ۾ هو. سنڌ پوليس جو پهريون اڳواڻ ڪمانڊنگ آف
پوليس ڪئپٽن براون هو. هن جي هٿ هيٺ هر ضلعي تي
ليفٽيننٽ آف پوليس مقرر هوندا هئا. نيپئر جي وقت ۾
سنڌ پوليس جو ٽوٽل عملو 2210 اهلڪارن تي ٻڌل هو.
جنهن ۾ 838 گهوڙي سوار سپاهي هئا. ان دور ۾ اٺ
سوار پوليس دستا به هوندا هئا. سنڌو درياهه ۾
ٻيڙين تي الڳ گشتي پوليس مقرر ڪيا ويا هئا. ڪراچي
شهر ۾ پوليس جو کاتو ڪراچي ميونسپلٽي جو حوالي هو.
جنهن ۾ هڪ انسپيڪٽر ٻه سب انسپيڪٽر ۽ ڪجهه سپاهي
هوندا هئا. ڪراچي ۾ پهريون ٿاڻو بولٽن مارڪيٽ ٿاڻي
نالي قائم ڪيو ويو جيڪو هاڻوڪي اسٽيٽ بئنڪ جي
پراڻي عمارت جي جاءِ تي هوندو هو. ڪراچي پوليس جو
پهريون انسپيڪٽر ليفٽيننٽ مارسٽن هو. جنهن جو
واسطو فوج جي 21 وين رجمنٽ سان هو. جنهن مياڻي جي
جنگ ۾ نيپئر جي جان بچائي هئي. ڪراچي جو پهريون
چيف ڪانسٽيبل هڪ سنڌي شيخ غلام حسين هو. اهي سڀ
ڪراچي جي ڪليڪٽر ۽ ضلعي مئجسٽريٽ جي هٿ هيٺ هئا.
اڳتي هلي مارسٽن کي ترقي ڏيئي سنڌ پوليس جو اڳواڻ
مقرر ڪيو ويو.
1867ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر مسٽر هيو لاڪ ٽالپر دور ۾
جيڪي پوليس ۾ صوبيدار، رسالدار، حوالدار، جمعدار،
نائڪ، سپاهي ۽ سوار جي نالن سان هئا. اهي نالا
تبديل ڪري ڇڏيا. نئين نظام تحت پوليس ۾
انسپيڪٽر،سب انسپيڪٽر، چيف ڪانسٽيبل، هيڊ ڪانسٽيبل
جا نالا رکيا ويا. جيڪي اڄ تائين رائج آهن.
اليگزينڊر ايف. بيلي پنهنجي ڪتاب
Kurrachee Past Present and Future
۾ لکي ٿو ته، ”88-1887ع ۾ ڪراچي پوليس ۾ ڪل 298
ماڻهو هئا. جنهن ۾ هڪ انسپيڪٽر ۽ 9 ڪانسٽيبل
يورپين ۽ باقي مقامي ماڻهو هئا.“ هو وڌيڪ لکي ٿو
ته، ”ڪراچي پوليس جي سپرينٽنڊنٽ جي 88-1887ع رپورٽ
مطابق هن سال شهر ۾ 345 وارداتون ٿيون جنهن ۾ 115
چوري، 30 نقب زني، 5 قتل، 6 آپگهات جا واردات ٿيا
جڏهن ته 34 ماڻهو حادثاتي طور مري ويا.“
برطانوي عدالتي نظام:
قبضي کانپوءِ چارلس نيپئر ٽالپرن جي عدالتي نظام
جي جاءِ تي برطانيا جو عدالتي نظام لاڳو ڪيو. جج
مقرر ڪيا ويا. شروع ۾ انهن جا اختيار محدود هئا.
هو ڪنهن به مقدمي ۾ 6 مهينا قيد ۽ 50 ڦٽڪن هڻڻ جا
مجاز هئا ۽ 100 رپئي تائين ڏنڊ هڻي سگهندا هئا.
گورنر کي به ست سالن کان مٿي سزا ڏيڻ جو اختيار نه
هو. شروع ۾ سنڌ مڪمل طور تي هڪ فوجي ڪئمپ هئي. ڇهن
مهينن کان مٿي قيد ۽ سزا وارا مقدما فوجي ڪميشن جي
حوالي هئا.
اڳتي هلي نيپئر هر ڪاردار جي علائقي ۾ هڪ قاضي
مقرر ڪيو. قاضين کي گهڻن ديواني مقدمن جي فيصلي جو
به اختيار ڏنو ويو. 1855ع ۾ انهن جي اختيارن ۾
واڌارو ڪيو ويو. نئين قانون تحت ڪاردار 50 رپين
ماليت تائين ۽ قاضي کي هڪ هزار رپين تائين واري
مقدمي جي فيصلي جو اختيار ملي ويو.
پوليس ڏوهارين کي پڪڙي ڪاردار جي حوالي ڪندو هو.
ڪاردار پاڻ مقدمو هلائيندو هو يا ته انهن کي ڊپٽي
مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪندو هو. ڪاردار جيڪي
مقدما هلائي سگهندو هو، انهن ۾ مال، سامان، ۽
جانورن جي چوري، لڙائي جهيڙي جا واقع، سرڪاري
آفيسرن پاران ڪم ۾ ڪوتاهي، ماپ تور ۾ چوري، سرڪاري
ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ. دوکي بازي، ٺڳي، مالڪ ۽
نوڪر جي وچ ۾ جهيڙي جا مقدما، بدنظمي ۽ زهريلي شين
جو وڪري جا مقدما شامل هوندا هئا. انهن تي هو 4
مهينا سخت پورهئي سان قيد، 100 رپيا ڏنڊ يا 25
ڦٽڪن جي سزا ڏيئي سگهندو هو.
عدالتن جا نالا:
(1) ڪاردار ڪورٽ (2) منصفين ڪورٽ (3) ڊپٽي
مئجسٽريٽ ڪورٽ (4) جوڊيشنل مئجسٽريٽ ڪورٽ (5)
ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ڪورٽ (6) پنجائت ڪورٽ (7) قاضي
ڪورٽ
چارلس نيپئر جي دور ۾ گهڻي عرصي تائين مقدمن جي
هلائڻ لاءِ وڪيلن جو رواج نه هو. پر ڏوهاري پاڻ
پنهنجو مقدمو وڙهندا هئا. عورتن ۽ معزز ماڻهن کي
اها رعايت هئي ته انهن پاران انهن جو ڪو مائٽ
نمائندي طور مقدمي جي پيروي ڪري سگهندو هو.
ڪمشنر بارٽل فريئر جي دور ۾ باقاعده عدالتي قانون
لاڳو ڪيا ويا. 1867ع ۾ ڪراچي ۾ ننڍن مقدمن لاءِ
Small causes Court
قائم ڪيو ويو. انهيءَ سال
ڪراچيءَ ۾ بمبئي هاءِ ڪورٽ جي هڪ برانچ قائم ڪئي
وئي ۽ انهيءَ سال يعني 1867ع تي منصفن کي جج جي
نائب طور مقرر ڪيو ويو.
اليگزينڊر ايف. بيلي پنهنجي ڪتاب
Kurrachee Past Present and Future
1890ع ۾ لکي ٿو ته، ”ڪراچي جي عدالتن ۾ فوجي ۽
شهري ٻنهي قسمن جا ماڻهو مقرر ٿيل آهن. ڊسٽرڪٽ
مئجسٽريٽ، سيشن جج ۽ ڇانوڻي جو جج جو واسطو فوج
سان هوندو هو. جڏهن ته سيڪنڊ اسسٽنٽ مئجسٽريٽ،
سمال ڪازيز ڪورٽ
Small
Causes court
جو جج، سٽي مئجسٽريٽ، پبلڪ پرا سيڪيوٽر ۽ رجسٽرار
سويلين آهن. هن وقت ڪراچي ۾ ٻه بئريسٽر، چار
مصالحت ڪار
(Solicexor)
۽ ڪيترائي وڪيل آهن جن ۾ مقامي ماڻهو به آهن.“
سنڌ گزيٽيئر 1927ع موجب ڪراچي فوجداري ۽ ديواني
مقدمن لاءِ هيٺيون عدالتون قائم ٿي چڪيون هيون.
ڪورٽ آف ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ. هن عدالت جو دائرو پوري
ضلعي ڪراچي جي اندر هو.
ڪورٽ آف پورٽ آفيسر، هن جو دائرو ڪياماڙي ۽ منهوڙي
يعني بندر واري علائقي تائين هو.
ڪورٽ آف سٽي مئجسٽريٽ، هن جو دائرو ڪراچي شهر يعني
ميونسپلٽي جي حدن تائين هو.
ڪورٽ آف ايڊيشنل ڊپٽي ڪليڪٽر، هن عدالت جو دائرو
به ڪراچي شهر يعني ميونسپلٽي جي حدن تائين هو.
ڪورٽ آف سٽي ڊپٽي ڪليڪٽر، هن عدالت جو دائرو به
فقط ڪراچي ميونسپلٽي جي حد تائين هو.
ڪورٽ آف ڪنٽونمينٽ مئجسٽريٽ ۽ ڪنٽونمينٽ ڪورٽ آف
سمال ڪازيز
(Causes)،
هن جو اختيار ڪراچي ڇانوڻي ۽ منهوڙي فوجي ڪئمپ
تائين هو.
ڪورٽ آف سمال ڪازيز
(Causes)،
هن جو دائرو پوري ضلعي ڪراچي جي حدن اندر هو.
1929ع ۾ ڪراچي ۾ هاءِ ڪورٽ جي جاءِ مڪمل ٿي. سنڌ
هن وقت بمبئي سان ڳنڍيل هئي، تنهنڪري هن عمارت ۾
بمبئي هاءِ ڪورٽ جي برانچ قائم ڪئي وئي. اپريل
1936ع کان پوءِ سنڌ کي جڏهن صوبي جو درجو ڏنو ويو
ته سنڌ لاءِ الڳ هاءِ ڪورٽ قائم ڪيو ويو.
ورهاڱي تائين ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ
به هوندو هو. پر 1948ع ۾ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جو عهدو
ڪليڪٽر کان ڌار ڪيو ويو.
ون
يونٽ دوران مرڪزي اسيمبليءَ جي چونڊن وقت ڪراچي جي
ٻهراڙيءَ وارو علائقو لسٻيلي سان ملائي هڪ تڪ
ٺاهيو ويو. 1962ع ۾ 38 ديهون ٺٽي کان الڳ ڪري ٻيهر
ڪراچي ۾ شامل ڪيون ويون.
1975ع تائين ڪراچي هڪ ضلعو ۽ هڪ تعلقو هو. انتظامي
طور ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ/ ڊپٽي ڪمشنر هر اڇي ڪاري جو
مالڪ هوندو هو. 1976ع ۾ ڪراچي کي ٻن ضلعن ۾ ڪراچي
اوڀر ۽ ڪراچي ڏکڻ جي نالي سان ورهايو ويو.
لاڪورٽ بلڊنگ (1870ع)
اڳتي هلي ضلعو ڪراچي اولهه، ڪراچي سينٽرل ۽ 1993ع
تي ملير ضلعو ٺاهيو ويو. ملير ضلعو هتان جي ماڻهن
جو پراڻو مطالبو ۽ خواب هو. ملير ضلعو گهڻن جي اک
۾ ڪنڊو بڻيل هو، تنهنڪري 2001ع جي نئين بلدياتي
چونڊن ۾ ان کي ختم ڪيو ويو. فقط ملير نه پر ڪراچي
جا پنج ئي ضلعا ختم ڪري هڪ ضلعو ڪراچي بنايو ويو.
ڪراچي جون ٻهراڙيون جيڪي ضلعي ڪائونسل تي ٻڌل هيون
جتي 11 يونين ڪائونسلون هيون هن کي ختم ڪيو ويو ۽
ڪراچي کي 18 ٽائونن ۽ 178 يونين ڪائونسلن ۾ ورهايو
ويو. پر ڪراچي ۾ پنجن ئي ڊسٽرڪٽ ڪورٽن کي انهن
ضلعن جي نالي سان بحال رکيو ويو آهي. قومي ۽
صوبائي چونڊن ۾ ضلعن واريون حدبنديون برقرار آهن.
2001ع ۾ انتظاميا کي عدليا کان الڳ ڪري انگريزن جي
دور کان قائم ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ/ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس
ڊي ايم
SDM
جا عهدا ختم ڪيا ويا آهن. اهي ننڍن مقدمن کي
اڪلائڻ لاءِ هئا. هاڻي تمام مقدما ڪورٽن وسيلي
نبيريا وڃن ٿا. جيڪي اڳ ۾ ئي ججن ۽ ملازمن جي
گهٽتائي ڪري سست روي جا شڪار آهن. ماڻهو وڌيڪ
پريشانيءَ جو شڪار ٿي پيا آهن. جيڪڏهن هن نظام کي
ئي برقرار رکڻو آهي ته پوءِ ٽائون سطح تي به ڪيسن
جي نبيري لاءِ مئجسٽريٽ مقرر ڪرڻ گهرجن ته جيئن
عام ۽ غريب ماڻهو کي سولائي سان انصاف ملي سگهي ۽
هن جو وقت ۽ خرچ به بچي پوي.
پوليس کاتي ۾ اڃا تائين انگريزن جي دور وارو قانون
هلي رهيو آهي. تفتيش جا به اهي پراڻا طريقا
استعمال ڪيا پيا وڃن. نئين بلدياتي نظام کان پوءِ
2001ع کان ڪراچي لاءِ الڳ پوليس اڳواڻ سٽي ڪيپيٽل
پوليس آفيسر ڪراچي (سي سي پي او) رکيو ويو آهي. 18
ٽائون تي 19 ٽائون پوليس آفيسر رکيا ويا آهن. جنهن
جي هٿ هيٺ ٽائون ۾ ايندڙ تمام ٿاڻا هوندا آهن.
ڪيپيٽل سٽي پوليس ڪراچي جي هٿ هيٺ سي. سي. پي. او
(C.C.P.O)
ڪراچي، ڊي. آءِ. آءِ ايڊمن، ڊي. آءِ. جي
انويسٽگيشن، ڊي. آءِ. جي ٽرئفڪ، ايس. ايس. پي
سيڪيورٽي ڪراچي ۽ 19 ٽائون پوليس آفيسر آهن.
انويسٽيگيشن ۽ آپريشن کي الڳ الڳ ڪيو ويو آهي. صدر
ٽائون تي ٻه ٽي. پي او
(T.P.O)
صدر ۽ ڪلفٽن ڌار ڌار آهن. هن وقت ڪراچيءَ ۾ 98
ٿاڻا آهن. پهرئين سنڌ لاءِ الڳ
1.G
۽ ڪراچي لاءِ الڳ
1.G رکڻ جي ڳالهه ڪئي
وئي ته پوري سنڌ ۾ سخت رد عمل ظاهر ڪيو ويو. ڇاڪاڻ
هن جو مقصد ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ هو. هن وقت
به شهري حڪومت جو ٺاهڻ ۽ شهري حڪومت پاران پوليس،
ٽريفڪ پوليس پنهنجي هٿ ڪرڻ هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي
تحت ڪراچي کي مڪمل ڌار ڪرڻ جو منصوبو آهي. ٽريفڪ
پوليس کي به شهري حڪومت حوالي ڪيو ويو آهي.
2005ع ۾ پوليس آرڊيننس جاري ڪيو ويو. جنهن مطابق
Investigation ۽
Operations
کي
ٽائون کان وٺي ٿاڻي جي سطح تائين الڳ ڪيو ويو آهي
۽ ٻنهي جو ڪم الڳ الڳ ڪيو ويو آهي. نئين پوليس
ريفارم ۾ پوليس کي وڌيڪ طاقتور ڪيو ويو آهي. جنهن
جي ڪري هن ملڪ کي مڪمل طور تي پوليس اسٽيٽ بڻايو
ويو آهي.
منرل ڊيپارٽمينٽ پاران هڪ الڳ پوليس فورس موجود
آهي. جيڪو سڌو سنئون پنهنجي کاتي جي هٿ هيٺ آهي.
جنهن جو مقصد منرل ۽ ٻين قدرتي وسيلن جي چوري جنهن
۾ پٿر، ريتي بجري روڪڻ شامل آهي.
ڪراچي ۾ سچل ۽ ڀٽائي رينجرز جا هيڊ ڪواٽرز موجود
آهن. ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي جو سچل ۽ ڀٽائي صوفي
ازم جا پرچارڪ هئا، اهنسا جا پيروڪار هئا. پر
رينجرز ۾ انهن جو نالو تشدد جي اهڃاڻ طور استعمال
ڪيو پيو وڃي. رينجرز سنڌ حڪومت جي گهر تي گذريل
ويهن سالن کان ڪراچي ۾ امن ۽ امان قائم ڪرڻ لاءِ
موجود آهن. جن جون پگهارون سنڌ حڪومت پنهنجي بجيٽ
مان ڏيئي رهي آهي. ڪراچي ۾ ترسيل رينجرز فوج جي
پنجين ڪور جي نگراني ۾ آهي.
ڪراچيءَ ۾ جيل جي شروعات:
ڪراچي ۾ چارلس نيپئر جي دور ۾ 1847ع ۾ شهر ۽ فوجي
ڪئمپ جي وچ ۾ انهيءَ جاءِ تي جتي اڄ سٽي ڪورٽ جي
بلڊنگ آهي، جيل قائم ڪيو ويو . ياد رهي ته هاڻوڪي
سول اسپتال واري جاءِ تي انگريزن جي قبضي وقت خالي
ميدان هو. ڪراچي تي قبضي جي ٻئي ڏينهن منهوڙي کان
ايندڙ انگريز فوجي انهيءَ خالي ميدان ۾ ڪئمپ لڳائي
رهڻ لڳا هئا ۽ هي علائقو فوجي ڪئمپ ۾ تبديل ٿيو.
ڪراچي جيل (1989ع)
50
سالن تائين ڪراچي ڊسٽرڪٽ جيل جي جاءِ هتي ئي رهي.
پهرئين هي هڪ سادي جاءِ ۾ هئي، بعد ۾ 1858ع ۾ پبلڪ
ورڪس ڊپارٽمينٽ ساڍن ڏهن ايڪڙن تي 112412 رپين جي
خرچ سان نئين بلڊنگ تيار ڪئي. 1868ع ۾ هن کي وڌايو
ويو. قيدين کي رکڻ جي گنجائش 800 تائين هئي جنهن ۾
قيدين لاءِ کوليون، ورڪشاپ به ٺهيل هئا.
شهر جي وچ ۾ اچڻ ڪري جيل کي هاڻوڪي ڪراچي سينٽرل
جيل واري جاءِ تي منتقل ڪيو ويو. جيل واري جاءِ تي
چراهه گاهه هوندو هو. سبزي منڊيءَ واري جاءِ ۽
لياري ندي ڪناري ڳوٺ هئا. پنهورن جو ڳوٺ اڄ به جيل
پويان موجود آهي. 8 اپريل 1899ع ۾ جيل جي عمارت کي
مڪمل ڪيو ويو. جيڪو 11000 چورس گز تي ٻڌل آهي.
شروع ۾ هڪ هزار قيدين جي رکڻ جي گنجائش هئي. هن
وقت جيل ۾ قيدين جي رکڻ جي گنجائش 3000 هزار آهي.
پر قيدي 4000 کان مٿي آهن. پهريون جيل سپرنٽينڊينٽ
مسٽر ڊي سولومن هو. جيل ۾ قيدين کي مصروف رکڻ لاءِ
1928ع ۾ هڪ فيڪٽري به اڏي وئي. هن کانسواءِ جيل
جي ڪجهه حصي تي زراعت به ڪئي ويندي هئي. جتي
قيدين لاءِ سبزي وغيره پوکيو ويندو هو. هاڻي اها
فيڪٽري تباهه ٿي چڪي آهي ۽ زرعي ايراضي جي ڪجهه
ڀاڱي تي نوان وارڊ اڏيا ويا آهن. جيل ۾ هڪ اسڪول
به آهي. جتي قيدين جا ٻار تعليم حاصل ڪندا آهن.
جيل ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ لاءِ دفتر، رهڻ جي جاءِ ۽
ٻين سپاهين لاءِ به رهڻ جون جايون موجود آهن.
1899ع ۾ هن جي اڏاوت تي 3،57000 رپيا خرچ ٿيا هئا.
ورهاڱي کان پوءِ 1974ع ۾ نيشنل هاءِ وي تي لانڍي
واري علائقي ۾ لانڍي جيل اڏيو ويو. جتي ٻارن جو
جيل به آهي. جڏهن ملير ضلعو ٺهيو ته هن جو نالو
ڊسٽرڪٽ جيل ملير ايٽ لانڍي رکيو ويو. هن ۾ قيدين
کي رکڻ جي گنجائش 893 آهي پر هن وقت جيل ۾ 3000
قيدي آهن. عورتن جي جيل ۾ قيدين جي گنجائش 102 آهي
پر قيدي 126 آهن ۽ ٻارن واري جيل ۾ قيدي جي گنجائش
350 آهي ۽ قيدي 589 آهن. (سرڪاري رپورٽ ڊسمبر
2006ع)
ڪراچي جي هاڻوڪي انتظام تي نظر:
جيڪڏهن ڪراچي جي انتظامي معاملي تي نظر وجهبي ته
هي هڪ انتهائي منجهائيندڙ ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ 36
کان مٿي خودمختيار، نيم خودمختيار، صوبائي، وفاقي،
شهري حڪومت، اٿارٽيز ۾ ورهايل آهي. جنهن جي ڪري
خود حڪومتي ادارن ۽ عام ماڻهن لاءِ پريشاني جو
باعث بڻيل آهي. هڪ ئي شهر ۾ مختلف قانون لاڳو آهن.
هر ادارو فقط پنهنجي ٺاهيل قانون مطابق هلڻ جي
ڪوشش ڪري رهيو آهي. سنڌ حڪومت ۽ هن جي اڳواڻ وڏو
وزير جيڪو صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي، ڪراچي جي
ادارن تي هن جو ڪو ڪنٽرول ڪونهي. جنهن جي نتيجي ۾
ترقياتي ڪمن کان وٺي امن ۽ امان جي مسئلي تائين سڀ
شيون متاثر ٿي رهيون آهن. هڪ قانون ۽ هڪ اداري جي
ڪنٽرول ۾ نه هئڻ ڪري شهر مختلف مافيائن جي حوالي
آهي. ماڻهن جي حالت ادارن جي چڪرن ۾ ڪرشن چندر جي
ڪتاب ”ايک گدهي کي سرگزشت“ واري گڏهه وانگر آهي.
اچو ته انهن کاتن تي مختصر نظر وجهون. ڪراچي جي
هاڻوڪي بلدياتي نظام جنهن کي جنرل پرويز مشرف جو
نظام چيو وڃي ٿو. سخت مونجهاري وارو نظام آهي جيڪو
خود ٺاهڻ وارن جي سمجهه ۾ اڃا تائين نه آيو آهي
عام ماڻهو جي ۽ چونڊيل نمائندن جي سمجهه کان هونءَ
به ٻاهر آهي.
هن
نظام هيٺ شهري ضلعي حڪومت، ٽائون ميونسپل
ايڊمنسٽريشن، يونين ميونسپل ايڊمنسٽريشن، سنڌ لوڪل
گورنمينٽ بورڊ ۽ سنڌ لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽريٽ جهڙا
هڪٻئي جي متبادل نظام هلي رهيا آهن. سيڪريٽري لوڪل
گورنمنيٽ منسٽر لوڪل گورنمينٽ، سيڪريٽري لوڪل
گورنمينٽ بورڊ، ڊي سي او ۽ ٽائون ميونسپل آفيسرن
جي وچ ۾ اختيارن جي هڪ نه کٽندڙ جنگ ڪري ترقياتي
ڪم متاثر ٿي رهيا آهن.
سنڌ حڪومت جي کاتن وانگر شهري حڪومت ۾ به ٻارنهن
کاتا آهن جن تي ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر
(EDO)
مقرر ڪيا ويا آهن. اهي ساڳيا کاتا سنڌ حڪومت ۾
موجود آهن جن کي سيڪريٽري ۽ وزير هلائي رهيا آهن ۽
اهڙي طرح هڪ صوبي ۾ هڪ شهر ۾ ٻه متبادل نظام هلي
رهيا آهن. جنهن جي ڪري انهن ادارن خاص ڪري تعليم،
صحت، زراعت، پلاننگ، ڪچي آبادي وغيره جا آفيسر ۽
گڏوگڏ عوام پريشان آهي ته هو پنهنجي ڪم لاءِ ڪنهن
سان رابطو ڪن.
ڪچي آباديءَ وارو کاتو الڳ آهي جنهن جو شهري حڪومت
سان ڪو به واسطو ڪونهي. ڪچي آبادين کي ڪنٽرول ڪرڻ
حڪومت سنڌ جي حوالي آهي ۽ هتي ترقياتي ڪمن جي
ذميداري شهري حڪومت تي آهي. اهڙي طرح ڇانوڻين وارو
پراڻو نظام اڄ به موجود آهي. جنهن ۾ ڪراچي
ڪنٽونمينٽ بورڊ، ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ، ملير
ڪنٽونمينٽ بورڊ، ڪورنگي ڪنٽونمينٽ بورڊ، ڊرگ روڊ
ڪنٽونمينٽ بورڊ، منهوڙو ڪنٽونمينٽ بورڊ، مسرور بيس
وغيره وارا علائقا ڪراچي ۾ هوندي به انهن تي نه
ڪراچي شهري حڪومت جو ۽ نه ئي سنڌ حڪومت جو اختيار
آهي. اهي سڀ وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهن. انهن
ڇانوڻين واري علائقي ۾ بلدياتي چونڊون به نه
ڪرايون ويون آهن. اهي اڃا تائين ايڊمنسٽريٽو آفيسر
يا ان سروس برگيڊيئر جي حوالي آهن. اهي بلدياتي
ادارا هوندي به هن جي زمري ۾ نٿا اچن. مزي جهڙي
ڳالهه اها ته انهن ڇانوڻين واري علائقن ۾ قائم
پوليس ٿاڻا مختلف ٽائون پوليس آفيسرن جي هٿ هيٺ
آهن. جڏهن ڪراچي ۾ پاڻي يا سيوريج جي لائينن وڇائڻ
جو مسئلو درپيش اچي ٿو ته اهي ادارا جيئن ته نه
شهري حڪومت ۾ آهن ۽ نه صوبائي حڪومت جي ڪنٽرول ۾
آهن. جنهن جي ڪري اهي پنهنجي علائقي ۾ اهڙن لائين
کي گذارڻ به نه ڏيندا آهن. ٻن علائقن کي ڳنڍڻ لاءِ
رستي جي وچ ۾ جيڪڏهن انهن ڇانوڻين جو ڪو به علائقو
اچي وڃي ٿو ته هتي ٻين علائقن کي ڳنڍڻ لاءِ رستو
نه ٿو ڏنو وڃي. ڪراچي شهر ۾ 75 فيصد علائقو انهن
ڇانوڻين ۽ وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ايندڙ ادارن ۽
اٿارٽيز وٽ آهي. جتي فقط انهن جو قانون هلي ٿو.
شهر اندر انگريزن جي دور جي انهن ڇانوڻين جي هاڻي
ڪا به ضرورت نه آهي. هونءَ به هتي رهائشي اسڪيمون
ٺاهي زمينون ختم ڪيون ويون آهن. تنهنڪري ڪراچي جي
انتظامي نظام کي بهتر بنائڻ لاءِ شهر اندر قائم
تمام ڇانوڻين وارا علائقا ختم ڪيا وڃن. اهي
ترقياتي ڪمن ۾ رڪاوٽ آهن. هن جو هڪ مثال هن ريت
ڏيان ٿو ته سنڌ جي هڪ وڏي وزير جي دور ۾ ڊگهين
پلازائن جي اڏڻ تي پابندي لڳائي وئي پر صدر جي
علائقي ۽ ڊالميا واري علائقي ۾ اهو ڪم جاري رهيو.
جڏهن بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اهلڪارن ڇاپو هنيو ته
بلڊرز ڪينٽونمينٽ بورڊ جو اجازت نامو ڏيکاريو ۽
چيو ته، ”ڪنٽونمينٽ بورڊ تي سنڌ جي وڏي وزير جو
حڪم لاڳو نٿو ٿئي“ ۽ ڪم جاري رهيو. اهڙو مثال نئين
سبزي منڊي جي سامهون هڪ ٻي پرائيويٽ سبزي منڊي
ٺاهڻ تي سنڌ حڪومت اعتراض ڪري ڪم بند ڪيو ته،
پرائيويٽ سبزي منڊي جي مالڪ ڪنٽونمينٽ بورڊ ملير
جو اجازت نامو ڏيکاري ڪم جاري رکيو ۽ وڏو وزير جي
آرڊر جي سامهون هڪ آفيسر جي آرڊر کي وڌيڪ اهميت
آهي.
انهن کانسواءِ ڪراچي ۾ ٻيا به ڪيترائي وفاقي ۽
خودمختيار ادارا ڪم ڪري رهيا آهن جن تي شهري حڪومت
۽ صوبائي حڪومت جي حڪم نامن جو اطلاق نٿو ٿئي.
سوئي سدرن گيس ڪمپني، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن
ڪارپوريشن، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، سول ايوي ايشن
اٿارٽي، ڪراچي ايڪسپورٽ پروسينگ زون، پاڪستان
نيوي، پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان ريلوي، سائٽ
ليمٽيڊ، ڪراچي يونيورسٽي، ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي،
ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن، پورٽ بن قاسم،
اسٽيل مل، نيشل هاءِ وي اٿارٽي، ڪراچي ملٽري اسٽيٽ
سرڪل، موٽر وي پوليس، پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ
۽ ٻيا ادارا به هتي ڪم ڪري رهيا آهن. ڪراچي جي
زمين تي قبضو ڪري ويٺا آهن پر انهن تي سنڌ حڪومت
يا شهري حڪومت جو ڪو به قانون لاڳو نٿو ٿئي. جنهن
جي ڪري ڪراچي ۾ سخت انتظامي ڏکيائون پيدا ٿي رهيون
آهن. هتي هڪ ئي وقت چار قانون هلي رهيا آهن. جنهن
جو هڪ ٻئي سان ڪو سهڪار ڪونهي. انهن ۾ گهڻا پبلڪ
لميٽيڊ ڪمپنيون آهن. جن تي ڪمپنيز آر ڊيننس 1984ع
لاڳو ٿئي ٿو. اهي واپاري ادارا آهن. تنهنڪري انهن
تي بيورو ڪريسي جو ڪنٽرول آهي. اهي صوبائي ۽ شهري
حڪومت کان وڌيڪ پنهنجي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي حڪمن
جا مڃيندڙ آهن. انهن ادارن جي وچ ۾ ڪنهن طرح جو
ڪوبه رابطو ڪونهي. رابطي جي کوٽ ڪري ڪراچي جي پوري
زندگي مفلوج ٿي ويئي آهي. انهن ادارن کانسواءِ
ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي، لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي،
سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽي، واٽر اينڊ سيوريج بورڊ
اٿارٽي، ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ريجنل
ٽرانسپورٽ اٿارٽي ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سميت
ڪراچي ۾ 36 کان مٿي انتظامي يونٽ موجود آهن. جن جو
پنهنجو پاڻ ۾ ڪو رابطو ڪونهي. هڪ ادارو رستو بنائي
پورو ٿو ڪري ته ٻيو ادارو پنهنجي لائين وڇائڻ لاءِ
رستي جي کوٽائي شروع ڪري ڇڏي ٿو. ڪم بند ڪرڻ جي
صورت ۾ هر ادارو پنهنجي ادارن پاران شاهي حڪم نامو
ڏيکاري پنهنجو ڪم جاري رکن ٿا. ڪراچي جي لکين ايڪڙ
زمين انهن ادارن جي حوالي ڪري هتان جي اصلي ماڻهن
کي ويڳاڻو ڪيو ويو آهي. هڪ شهر ۾ مختلف انتظامي
دائرن جا 36 کان مٿي ادارا هڪ ٻئي جي متوازي
لائينن تي مختلف خدمتون سرانجام ڏيڻ خود هڪ وڏو
مسئلو آهي. مسئلو ان وقت ڳنڀير صورتحال اختيار ڪري
ويندو آهي جڏهن اسان ڏسندا آهيون ته انهن ۾ ڪو به
رابطو نه هوندو آهي. متوازي اختيارن ڪري انهن
ادارن جي وچ ۾ چپقلش ۽ محاذ آرائي ۽ متضاد پاليسين
جي ڪري هڪ پاسي وسيلن جو زيان پيو ٿئي، ٻئي پاسي
اها تڪليف عوام کي ئي ڀوڳڻي پوي ٿي. هر هڪ اداري
جا پنهنجا جوڙيل الڳ الڳ قانون آهن هڪ اداري جو
قانون ٻئي اداري جي حدن ۾ لاڳو نٿو ٿئي. جنهن جي
ڪري ڪراچي ۾ جهنگ جو قانون لاڳو آهي. هتي جيڪو
ڏاڍو سو گابو وارو قانون لاڳو آهي. هن جو هڪ تازو
مثال ڏنگي ۽ ڀُنڊار ٻيٽين جي مسئلي تي سامهون آيو
ته اهي ٻيٽ ڪنهن جي ملڪيت آهن. سنڌ حڪومت، شهري
حڪومت يا پورٽ قاسم جي جنهن جو فيصلو اڃا نه ٿي
سگهيو آهي ۽ پورٽ قاسم ٻيٽن تي ڪم به شروع ڪيو
آهي. جيڪڏهن ڪراچي شهر کي يا ته مڪمل طور تي شهري
حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ڏنو وڃي پر ان جي ڪري هتي فقط
هڪ ئي لساني گروپڪومح جي ڪنٽرول ۾ هئڻ ڪري هتي
رهندڙ ٻين قومن ۾ احساس محرومي جنم وٺي رهيو آهي ۽
هن وقت به ذري گهٽ اها صورتحال آهي. هتي رهندڙ
سنڌي، بلوچ، پشتون ۽ پنجابي شهري حڪومت ۾ نمائندگي
نه هئڻ ڪري مسئلن جو شڪار آهن. هن جو اڪيلو حل اهو
آهي ته ڪراچي شهر جي پنجن ضلعن کي بحال ڪيو وڃي.
انهن ضلعن جي اندر ۾ ايندڙ تمام ادارا ضلعن جي هٿ
هيٺ هجڻ گهرجن. زمين جي الاٽ مينٽ جو قانون صوبائي
حڪومت جي انتظام ۾ هجڻ گهرجي. جن به ادارن خاص ڪري
سٽي حڪومت، اسٽيل مل، پورٽ قاسم اٿارٽي، ڊفينس
هائوسنگ اٿارٽي جون بچيل زمينون جيڪي مقامي ماڻهن
جون هيون انهن کي الاٽ ڪيون وڃن. ڇاڪاڻ ته اهي
ادارا قومي ترقي جي نالي سان انهن زمينن کي حاصل
ڪري پوءِ انهن زمينن کي سرمائيدارن، ملٽي نيشنل
ڪمپنين ۽ هائوسنگ اسڪيمن جي بلڊرن کي وڪرو ڪري
اربين رپيا ڪمائين ٿا. تنهنڪري اهو سلسلو بند ڪري
الاٽ ٿيل اهي زمينون ضبط ڪيون وڃن ۽ اصل مالڪن کي
واپس ڏنيون وڃن.
بلدياتي نظام جو پراڻو نظام جيڪو بهتر هو ان کي
ٻيهر بحال ڪري، مونجهاري واري صورتحال ختم ڪرڻ سان
ماڻهن ۾ اعتماد بحال ٿي سگهندو. ملير ڊيولپمينٽ
اٿارٽي ۽ لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي جا ادارا ختم ڪيا
وڃن، ڇاڪاڻ ته انهن ادارن جي بندر بانٽ ڪري گهڻو
نقصان ڪراچي جي اصلوڪن رهندڙن کي ٿيندو رهندو آهي.
تنهنڪري هاڻي انهن ادارن جي ضرورت نه آهي. |