ورهاڱي کانپوءِ سماجي تنظيمن ۽ سياست جو ذڪر:
لياري واري علائقي ۾ سڀ کان پهرئين انجمن ٺاهڻ جو
رواج هندوئن پاران شروع ڪيو ويو. جنهن جي پليٽ
فارم تي هو مختلف سماجي ڪم ڪندا هئا. انگريزن جي
دور ۾ گهڻي تعداد ۾ ميمڻ، ڪڇين، سلاوٽي، گجراتين ۽
مارواڙين جي اچڻ ڪري به مختلف سماجي تنظيمون
جوڙيون ويون. جنهن جي پليٽ فارم تي سماجي ڪمن
کانسواءِ سياست ۾ به انهن اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن
۾ سلاوٽا جماعت جيسليمري جيڪا جيسليمري بلوچن جي
جماعت هئي ۽ بابا مير محمد بلوچ جونا مارڪيٽ جي
بلوچ لنگي هائوس وارو انهن مان هو جيڪو ميونسپلٽي
۽ بمبئي ليجسليٽيو ڪائونسل جو ميمبر رهي چڪو هو.
مسلم مارواڙي جماعت، مسلم ترڪ ڪڇي جماعت، هالاري
ميمڻ جماعت، اوکائي ميمڻ جماعت، خوجا سنت جماعت،
سنڌي مسلم جماعت ۽ ٻيا سرگرم هئا انهن جماعتن مان
گهڻن جو بنياد 1840ع کان 1850ع ۾ وڌو ويو.
هندوئن پاران لياري واري علائقي ۾ نصرپوري پنجائت،
شڪارپوري هندو ٽرسٽ ۽ پنجائت، ڪراچي پنجرا پور
ايسوسيئيشن، کتري پنجائت، ڪراچي ڀاٽيا ڪميونٽي،
گجرات هندو ايجوڪيشن سوسائٽي، راج ڪوٽ ڪڇي
ڪميونٽي، پنجائت گئو شالا سوسائٽي، پنجابي دڪني
ڪميونٽي ٽرسٽ – آسو مل ٽرسٽ، برهما کتريا ٽرسٽ،
ڪاٺياواڙي هرجن جماعت لياري ۽ ٻيون تنظيمون سرگرم
هيون. ڌرم شالائن جو لياري ۾ وڏو نيٽ ورڪ هوندو
هو.
هتان رهندڙن بلوچن جي پهرئين سوشل تنظيم ”انجمن
اصلاع قوم“ آهي. جيڪا 1927ع ۾ گل محمد لين ۾ وجود
۾ آئي.
ورهاڱي کانپوءِ به اها تنظيم قائم هئي. ڪلري کڏي ۾
1950ع ۾ آل پاڪستان مسلم ذڪري انجمن قئم ٿي جنهن
پاران تعليم جي سلسلي ۾ اسڪول قائم ڪيو ويو. جيڪو
پرائمري کان شروع ٿي سيڪنڊري تائين هليو بعد ۾
حڪومت اسڪول کي پنهنجي هٿ هيٺ ڪيو. جنهن جو نالو
ذڪري گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول آهي. ڪلري ۾ 1953ع ۾
بلوچ سوشل ويلفيئر قائم ڪئي ويئي. هن وقت لياري ۾
رجسٽرڊ سماجي تنظيمن جو انگ 200 کان مٿي آهي. انهن
سماجي تنظيمن لياري ۾ سياست، ادب ۽ تعليم جي سلسلي
۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي. خاص ڪري تعليم جي سلسلي ۾
ڪيترائي پرائيويٽ اسڪول قائم ڪيا. جن مان گهڻا اڄ
به هلي رهيا آهن.
ورهاڱي کانپوءِ پوري لياري ۾ سياست سان گڏ انهن
سماجي ۽ برادرين جي انجمنن هتان جي ماڻهن کي گڏ
ڪرڻ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ جدجهد ڪرڻ ۾ وڏو
ڪردار ادا ڪيو. لياري جي ماڻهن کي پنهنجي مدد پاڻ
تحت ڪم لاءِ شعوري آگاهي ڏيڻ ۾ انهن سماجي تنظيمن
پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪيو.
ورهاڱي کان 1970ع تائين لياري ۾ قوم پرست ۽ ترقي
پسند سياست جو رجحان گهڻو هو. نعپ ۽ ٻيون قوم پرست
ڌريون هتي مقبول هيون. کڏي، کاري در ۽ ٻين علائقن
۾ رهندڙ ميمڻن جو تعلق حاجي عبدالله هارون ۽ يوسف
هارون ڪري مسلم ليگ ڏانهن هو. ورهاڱي کانپوءِ مسلم
ليگ جي سياست اختلافن ۽ فرقيواريت جي ور چڙهي ويئي
ته هتان جي ميمڻن، ڪڇين ۽ گجراتين پنهنجي ڪاروبار
پاسي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. کڏي ۾ مولانا محمد صادق
جي مدرسي جي ڪري جمعيت علماءُ سنڌ مقبول هئي. پر
هتان جي سياست ۾ ڪو مضبوط ڪردار ادا نه ڪرڻ جي ڪري
هتان جي ماهيگيرن ۽ ٻين قبيلن به سياست کان
لاتعلقي ڏيکاري.
بلوچ اڪثريتي علائقن ۾ غوث بخش برنجو ڪري نعپ
مقبول پارٽي هئي. نعپ ۾ لال بخش رند، حيدر قوم،
يار محمد يار ۽ لالا گل محمد هوت لياري ۾ گهڻو ڪم
ڪيو. 1962ع ۾ جڏهن ايوب خان سرمائيدارن کي لياري
جي زمين گودامن ۽ فيڪٽرين لاءِ الاٽ ڪئي ۽ لياري
وارن کي هتان اٿاري نارٿ ناظم وسائڻ جو پروگرام
جوڙيو. جنهن کي اسڪيم نمبر 17 جو نالو ڏنو ويو.
جنهن جي نتيجي لياري جي ماڻهن ”لياري ايڪشن ڪاميٽي
برائي آبادگاري“ جوڙي ۽ هن جي پليٽ فارم تي جدوجهد
جي شروعات ڪئي. جلسا ڪيا، جلوس ڪڍيا ويا. هن
ڪاميٽي جو اڳواڻ قادر بخش مطائر هو. سڀني سماجي،
ادبي ۽ سياسي جماعتن جا ماڻهو هن پليٽ فارم تي گڏ
هئا. جنهن جي نتيجي ۾ ايوب خان کي پنهنجو فيصلو
واپس وٺڻو پيو. انهيءَ جدوجهد جي نتيجي ۾ لياري کي
ليز ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو ويو ۽ ترقياتي ڪمن جي
شروعات ٿي. هن کان اڳ لياري وارن لاءِ پڪا گهر اڏڻ
تي پابندي هئي. ورهاڱي کانپوءِ اها پهرئين منظم
جدوجهد هئي.
هن
کان اڳ جڏهن ايراني بلوچستان ۾ آزادي لاءِ جدوجهد
ڪندڙ داد شاهه بلوچ پنهنجي 24 ساٿين سان چاهه
بهادر ۾ هڪ حملي ۾ پنجن آمريڪي فوجي آفيسرن کي قتل
ڪيو ته ايران جي شاهه ايراني بلوچستان ۾ تشدد جو
بازار گرم ڪيو. داد شاهه کي ڪميونسٽن جو ايجنٽ
قرار ڏيئي هن جي موت جا وارنٽ جاري ڪيا ۽ ان واقعي
۾ ڏهن مهينن کانپوءِ داد شاهه ايراني فوج هٿان
بندر عباس ۽ چاهه بهادر جي وچ ۾ هڪ مقابلي ۾ شهيد
ٿيو ته داد شاهه جو ڪٽنب سندس ڀاءُ احمد شاه جي
اڳواڻي ۾ لياري ۾ اچي رهيو ۽ ڪورٽ ۾ سياسي پناهه
جي درخواست ڪئي. جيڪا منظور نه ڪئي ويئي. پاڪستان
حڪومت سينٽو معاهدي جو بهانو بنائي احمد شاهه ۽
سندس ڪٽنب کي نڪرڻ جو حڪم ڏنو. پاڪستان حڪومت احمد
شاهه ۽ سندس ڪٽنب کي بارڊر تي ايراني فوج جي حوالي
ڪيو. هتي ايراني فوج احمد شاهه سميت ٻارن، عورتن ۽
پوڙهن کي گولين سان پروڻ ڪيو ويو. خاندان مان فقط
داد شاهه جو پٽ ڪمال جيڪو دبئي ۾ هو بچي ويو.
انهيءَ واقعي خلاف لياري ۾ زبردست مظاهرا ٿيا.
جلسا ڪيا ويا ۽ جلوس ڪڍيا ويا.
1970ع کانپوءِ لياري پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڳڙهه
بنجي ويو. ۽ اڄ تائين هن قلعي کي ٻي ڪا جماعت سر
نه ڪري سگهي. نعپ تي پابندي کانپوءِ هتان وڏي
پئماني تي ترقي پسند ۽ قوم پرستن کي گرفتار ڪيو
ويو. گهڻا وڃي بلوچستان ۾ روپوش ٿيا. پاڪستان
پيپلز پارٽي جي ڳڙهه هوندي به هتي بلوچ اسٽوڊنٽس
آرگنائيزيشن، عوامي تحريڪ ۽ ٻين قومپرستن پنهنجو
وجود برقرار رکيو. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هلندڙ هر
جمهوري ۽ قوم پرست تحريڪ کي لياري مان مڪمل سپورٽ
ملندي رهي آهي.
ايراني بلوچستان ۾ ماڻهن تي ظلم هجي يا پاڪستاني
بلوچستان تي فوجي ڪارروائي هجي. افغانستان جي ثور
انقلاب جي حمايت هجي يا 1972ع ۾ هاري بغاوت هجي،
نعپ جي خاتمي خلاف اٿندڙ تحريڪ هجي يا ڀٽي جي ڦاهي
خلاف احتجاج هجي، ڪالا باغ ڊيم خلاف هلندڙ تحريڪ
هجي يا ايم آر ڊي جي تحريڪ هجي. حميد بلوچ، نذير
عباسي، ٽوڙهي ڦاٽڪ، مرتضيٰ ڀٽو، عبدالله مراد يا
اڪبر بگٽي جي شهادت جي تحريڪ هجي. لياري جي ماڻهن
هر تحريڪ، هر جدوجهد ۾ سرواڻي جو ڪردار ادا ڪيو.
گوليون، ڦٽڪا، ڦاهيون کاڌيون پر وقت جي حڪمرانن جي
ڏاڍ خلاف ڪڏهن به نه جهڪيا. جنهن جي ڪري هر مخالف
حڪومت لياري سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو.
جمهوري تحريڪن ۽ قومپرست تحريڪن جي سرواڻ وسندي کي
بدلي ۾ فقط بک، بيروزگاري، ذلت، هيروئن، چرس ۽
گينگ وار جو تحفو ڏنو ويو. انهن سڀني ڏکن ۽ تڪليفن
جي باوجود لياري اڄ به جدوجهد ۾ مصروف آهي. بدلي ۾
ڪجهه فائدي ملڻ جي پرواهه انهن کي ڪونهي. هو فقط
پنهنجو فرض پورو ڪري رهيا آهن. هن فرض جو قرض اسان
سڀني کي لاهڻو آهي.
ورهاڱي کانپوءِ ادب ۽ صحافت:
ورهاڱي کان اڳ لياري سان گهڻن سنڌي اديبن ۽ صحافين
جو واسطو هو. هتان ئي بلوچي صحافت جي شروعات ٿي.
ورهاڱي کانپوءِ هندوئن جي وڃڻ کانپوءِ ته سنڌي ادب
۽ صحافت ۾ خال پيدا ٿيو. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري
وفاق سان ڳنڍيو ويو ته سنڌي ادب ۽ صحافت جو مرڪز
ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿيو. کڏي مان سنڌي فارسي
۽ عربي ڪورس جي ٻين اسلامي ڪتابن جي اشاعت جو
سلسلو جاري رهيو. هتان 1984ع ۾ ”الصادق“ سنڌي
رسالو جاري ڪيو ويو جيڪو اڄ تائين شايع ٿي رهيو
آهي. لياري کي اهو به اعزاز حاصل آهي. سنڌي جي
پهرئين ڪمپيوٽر تي نڪرندڙ مڪمل اخبار ”عوامي آواز“
لياري مان جاري ٿي. ان کانسواءِ ڪجهه پبليڪيشنون
سنڌي ۾ جاري ٿيون پر اهي هلي نه سگهيون. 90 واري
ڏهاڪي ۾ حسن لشڪري ڳوٺ وارن اردو ۾ هفتيوار ”لشڪر“
شروع ڪيو پر اهو به هلي نه سگهيو.
بلوچي ٻولي جي پهرئين اخبار ”البلوچ“ جاري ٿي ته
لياري بلوچي ادب ۽ صحافت جو اڳتي هلي مرڪز بڻيو.
هتي ورهاڱي کانپوءِ ڪيتريون ئي ادبي سوسائٽيون
وجود ۾ آيون جن پاران ڪتابن جي ڇپائي ۽ رسالن جي
جاري ڪرڻ سان لياري مان ناليوار بلوچي اديب پيدا
ٿيا اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. پوري بلوچستان کان
وڌ بلوچي ٻولي جي خدمت لياري ۾ ٿي رهي آهي. بي سرو
ساماني، حڪومت جي امداد ۽ مدد کانسواءِ پنهنجي مدد
پاڻ تحت لياري جي اديبن، صحافين ۽ فنڪارن بلوچي
ادب جي خدمت ۾ مشغول آهن. هتي مختصر انهن جو ذڪر
ڪندس.
عبدالصمد سربازي پهريون ڀيرو قرآن شريف جو بلوچي ۾
ترجمو ڪيو ۽ ائين اهو اعزاز به لياري کي مليو.
ورهاڱي کانپوءِ 1948ع ۾ مولانا خير محمد ندوي
”بلوچ ايجوڪيشنل سوسائٽي“ جو بنياد وڌو جنهن جو
سرپرست حسن لشڪري هو. تنظيم پاران حڪومت جي اجازت
سان لياري ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪري بلوچي پروگرامن
جي شروعات ڪئي ويئي. جنهن کي بعد ۾ ريڊيو پاڪستان
سان ڳنڍيو ويو. سوسائٽي پاران ڌوٻي گهاٽ،
چاڪيواڙي، نوان لين ۽ گوليمار ۾ پرائمري اسڪول
قائم ڪيا ويا. انهيءَ سوسائٽي جي هٿ هيٺ فيبروري
1951ع ۾ بلوچي رسالو ”اومان“ لياري مان جاري ڪيو
ويو. اڳتي هلي مولانا صاحب سيپٽمبر 1978ع ۾ بلوچي
رسالو ”سوغات“ به جاري ڪيو. مولانا خير محمد مڪتبه
سوغات قائم ڪيو جنهن جي هٿ هيٺ ڪيترائي ڪتاب شايع
ڪيا.
لياري ۾ آزادي جمالديني اڪيڊمي کي سڀ کان وڌيڪ
بلوچي ڪتاب شايع ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي. لال بخش
رند ۽ ٻين پاران قائم ڪيل ”عوامي ادبي انجمن“
بلوچي ادب جي ترقي ۾ سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو
اڄ به موجود آهي.
”بلوچي ادبي اڪيڊمي“ جنهن جو هاڻي نالو بدلائي
”عباس علي زيمي اڪيڊمي“ رکيو ويو آهي جنهن جا
سرواڻ قيوم فنا، ڪريم رضا، ع. رگمنام، واجا جبار
دلپاڪ، منظور دلجم، حيدر ناز، غلام رسول مگسي،
اصغر علي آزاگ ۽ غني نقش آهن. جيڪي اڄ به سرگرم
آهن.
ظفر ڪريم، حسن علي حسن، بابو بدر ۽ الله بخش ڪردار
گوليمار ادبي مجلس جي پليٽ فارم تان ادب جي خدمت ۾
مصروف آهن.
بلوچي ڪلچرل ليٽريري فورم کي هلائڻ وارا علي
عيسيٰ، مجيد بارڪزئي ۽ زاهد بارڪزئي آهن.
انهن کانسواءِ بلوچي ادبي ديوان، بلوچي ادبي بورڊ،
بلوچي لبزانڪي ديوان، بلوچي ادبي سوسائٽي، سيد
هاشمي اڪيڊمي ۽ دو در بيدگي پٽءُ پولي انجمن به
بلوچي ادب جي خدمت ۾ مصروف آهن. گهڻن انجمنن ۽
سوسائٽين پاران رسالا به جاري ڪيا وڃن ٿا. ادبي
مشاعره ۽ ڪتابن جي ڇپائي جو ڪم به جاري آهي. سيد
ظهور شاهه هاشمي جيڪو بلوچي جو ناليوارو شاعر اديب
۽ تاريخ دان آهي. جنهن لياري مان ئي بلوچي ڊڪشنري
”سيد گنج“ شايع ڪري بلوچي ٻولي تي هڪ احسان ڪيو.
مولوي محمد حسين عاجز، حڪيم احمد دلوش، مولوي محمد
عمر، محمد اسحاق، عبدالحڪيم حق گو، عبدالڪريم سورش
امن ۽ ماسٽر عيسيٰ مشهور بلوچي شاعر ۽ اديب هئا.
انهن کانسواءِ بلوچي شاعري جو نالو مراد ساحر جنهن
جا ”پاهار“ سميت ٽي شاعري جا مجموعا شايع ٿي چڪا
آهن. بانل دشتياري (جيڪا صحافي نادر شاهه عادل ۽
زينت بلوچ جي ماءُ هئي)، مرحوم احمد جگر جيڪو
بلوچي عشقيه شاعري ڪري مشهور هو. مرحوم احمد ظهير
مراد آواراني بلوچي جا سٺا شاعر ۽ اديب ٿي گذريا
آهن. انهن سڀني جو تعلق لياري سان هو.
هن
وقت جيڪي شاعر ۽ اديب لياري مان بلوچي ادب جي خدمت
۾ مصروف آهن. انهن مان پروفيسر صبا دشتياري جنهن
جا چار شاعري جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. صدارتي
ايوارڊ يافته آهي. پر 2006ع ۾ بلوچستان تي فوجي
ڪارروائي ۽ نواب اڪبر بگٽي جي شهادت کانپوءِ اهو
ايوارڊ واپس ڪيائين. صبا دشتياري جي ڪوششن سان
ملير ۾ دهقان گارڊن ۾ هڪ ريسرچ لائبريري ”سيد
هاشمي ريفرنس ڪتاب جاهه“ قائم ڪيو ويو آهي. جيڪو
علمن جي اڃ اجهائيندڙن لاءِ هڪ بهترين پناهه گاهه
آهي.
جي. آر ملا، عابد آسڪاني، غني نقش (گوليمار)،
ڪامريڊ عبدالواحد، مير احمد دهياني (مزاحيه شاعر)،
قيوم سربازي، ظفر علي ظفر اديب، نور محمد شيخ، علي
محمد طاهر ميار، نادر شاهه عادل، بيگ محمد بيگل،
رحيم بخش آزاد، يار محمد يار، تاج محمد طاهر، ايوب
بلوچ، امان الله بلوچ، غلام فاروق بلوچ، عبدالحميد
جمشيد زئي، زينت بلوچ (جيڪا سٽي گورنمينٽ ۾ ميڊيا
منجمينٽ آفيسر آهي) ۽ ٻيا سرگرم آهن.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته بلوچي ادب جي ترقي جو جيترو ڪم
لياري ۾ ٿي رهيو آهي شايد ڪٿي ٿيندو هجي. ورهاڱي
کانپوءِ لياري مان نڪرندڙ ڪجهه مشهور رسالن جو
وچور هيٺ ڏجي ٿو.
نمبر |
رسالي جو نالو |
شايع ڪندڙ جو نالو ۽ ادارو |
سال |
1 |
اومان |
مولانا خير محمد ندوي- بلوچ ايجوڪيشنل
سوسائٽي |
1951ع |
2 |
سرچمگ |
آزاد جمالديني ۽ ظهور شاهه هاشمي |
1956ع |
3 |
گچين |
بلوچي ادبي ديوان |
1965ع |
4 |
صدائي بلوچ |
قاضي عبدالرحيم صابر- بلوچي ادبي بورڊ |
1971ع |
5 |
لبزانڪ |
بلوچي لبزانڪي ديوان (بلد) |
1976ع |
6 |
سوغات |
مولانا خير محمد ندوي- مڪتبه سوغات |
1978ع |
7 |
ساچان |
چلتن پبليڪيشنز |
1979ع |
8 |
مئي بلوچستان |
مولوي محمد حسين عاجز- عبدالحميد جمشيد زئي |
1980ع |
9 |
برمش |
سيد هاشمي اڪيڊمي- احمد زهير |
1983ع |
10 |
سنج |
سيد هاشمي اڪيڊمي |
1985ع |
11 |
برانز |
ايلم پبليڪيشن- يار محمد يار |
1986ع |
12 |
بنديگ |
يار محمد يار |
1986ع |
13 |
بامسار |
بلوچي ادبي سوسائٽي- طائر ميار ۽ تاج محمد
طائر |
1988ع |
14 |
ميتاپ |
اصغر علي آزاگ |
1988ع |
15 |
تپتان |
ڪامريڊ عبدالواحد-قيوم سربازي |
1989ع |
16 |
چاگرد |
ايوب بلوچ- امان الله بلوچ |
1989ع |
17 |
رُرﱞن |
يار محمد يار |
1989ع |
18 |
بلوچي |
لبزانڪ (ٻيهر) غلام فاروق بلوچ ۽ ڪامريڊ
عبدالواحد |
1990ع |
19 |
مستاگ (روتاڪ) |
بلوچي لبزانڪي- ديوان ڪامريڊ عبدالواحد |
1993ع |
جن
مان هاڻي گهڻا بند ٿي چڪا آهن ۽ ڪجهه اڃا به شايع
ٿي رهيا آهن. اهي سڀ هفتيوار ۽ ماهوار رسالا آهن.
لياري جا مشهور ڳائڻا:
لياري کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته سنڌي ۽ بلوچي
جي مشهور ڳائڻن ۽ موسيقارن جو تعلق به لياري سان
رهيو آهي. بلوچي ٻولي جي مشهور ڳائڻن ۾ فيض محمد
بلوچ، استاد بلوچ، استاد شفيع محمد بلوچ، جاڙڪ،
قادر بخش قادڪ، عبدالعزيز بلوچ (سنڌي ۽ بلوچي-
صدارتي ايوارڊ حاصل ڪندڙ)، ولي محمد بلوچ (بلوچي،
سنڌي ۽ بنگالي) غلام جان، نور محمد نورل، قاسم
اَمين، ساجد ولي، مسلمان ولي، اسماعيل بلوچ، غلام
محمد بلوچ، حفيظ بلوچ، حسن سربازي، باسط بلوچ،
استاد رشيد بلوچ، شوڪت مراد، غلام حسين، قادر لاسي
(سنڌي- بلوچي)، امام بخش مستانه، ماسٽر اياز
(بلوچي، سنڌي ۽ اردو) رحمت الله، ابراهيم ڏاڏا،
اختر بلوچ، طفيل سنجراڻي (بلوچي، سنڌي ۽ اردو)
آمنا طوطي، نسيما شاهين ۽ ثمينا ڪنول (بلوچي-
سنڌي)
لياري ۾ ڪيترائي ميوزيڪل ڪلب به آهن. سنڌ جي مشهور
فنڪار سليمان شاهه پاران به شاهه بيگ لين ۾ هڪ
ميوزيڪل ڪلب قائم ڪيو ويو هو. سنڌي فنڪارن ۾ محمد
ابراهيم، استاد عبدالله پنهور عبدالله ڪڇي، موسيٰ
حسين سمون، سيد سليمان شاهه، احمد ابراهيم، ڪارو
شيخ، مولا بخش لاسي، غلام علي ڪڇي ۽ موسيقار بلاول
بيلجم جو تعلق به لياري سان هو. مصورن ۾ گل محمد
کتري، نظر محمد ڪلمتي، سلطان بلوچ ۽ شگرالله جو
تعلق لياري سان آهي. گل محمد کتري وفات ڪري چڪو
آهي. جنهن ڀٽائي جي شاعري کي، پهريون ڀيرو مصوري ۾
پيش ڪيو هو.
لياري ۾ بلوچي کانسواءِ کڏي ۽ کاري در ۾ گجراتي ۽
ميمڻي ڊراما اسٽيج ڪيا وڃن ٿا. اسٽيج ڊرامن ڪري
لياري پوري ڪراچي ۾ مشهور آهي. لياري ۾ پهريون
اسٽيج ڊرامو بلوچي ۾ ”شهناز“ نالي سان 1930ع ۾ ڪيو
ويو. جيڪو آغا حشر جي ڊرامي نيڪ پروين جو ترجمو
هو.
لياري ۾ هن وقت جيڪي اسٽيج جا فنڪار مشهور آهن
انهن ۾ وقار بلوچ، دانش بلوچ، زبير ٺاڪر ۽ باسط
بلوچ آهن. باسط بلوچ پاران لياري ۾ ريڪارڊنگ، فلم
ميڪنگ جو هڪ بهترين اسٽوڊيو پڻ آهن.
لياري سان تعلق رکندڙ مختلف صحافي جن ۾ نادر شاهه
عادل، رفيق بلوچ، اسلم جنگيان، لطيف بلوچ، صديق
بلوچ، اسحاق بلوچ، سعيد سربازي، عزيز سنگهور ۽ ٻيا
مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.
فٽ
بال ۽ لياري:
لياري ۽ فٽبال لازم ملزوم آهن فٽبال کانسواءِ
لياري جو ذڪر اڻ پورو آهي. ورهاڱي کان اڳ 1975ع
تائين لياري ۾ فٽبال پنهنجي عروج تي هو.لياري مان
نڪرندڙ فٽبالرن پوري دنيا ۾ نالو ڪمايو. ورهاڱي
کان اڳ ننڍي کنڊ ۾ لياري جي فٽبالرن پنهنجو پاڻ کي
مڃايو ۽ اهي فٽبال جا ديو مالائي ڪردار بڻجي ويا.
انگريزن جي دور ۾ هتي بجلي فٽبال ڪلب، لسٻيلو
فٽبال ڪلب،
YMCA
فٽبال ڪلب، رائل ايئر فورس فٽبال ڪلب، رائل اسڪاچ
فٽبال ڪلب، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ فٽبال ڪلب ۽ پوليس
فٽبال ڪلب مشهور هئا. انهن ڪلبن جي رانديگرن ۾
گهڻن جو تعلق لياري سان هو. شروع وارن ڏينهن ۾
واجا صديق، رمضان لاسي، نبي بخش، رحيم بلوچ،
سارجنٽ مرفي ۽ يوچانگ مشهور فٽبال هئا. اڳتي هلي
محمد عمر بلوچ ۽ حسين ڪلر ننڍي کنڊ جي فٽبال تي
ڇائنجي ويا. انهن رانديگرن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ
ماڻهن جا هجوم گڏ ٿيندا هئا. حسين ڪلر موهن ڀاڳت
فٽبال ڪلب ۽ محمد عمر بلوچ محمدن اسپورٽس ڪلب جو
ڪپتان هو. ان وقت جو ڀارتي صدر راجن انهن جو مداح
هو ۽ اڪثر انهن سان ملندو به هو.
اهي به ڏينهن هئا جڏهن ڇوڪريون پرس ۾ انهن فٽبالرن
جا فوٽو رکڻ ۾ فخر محسوس ڪنديون هيون. هندستان ۾
هڪ اسٽوڊيو ۾ ڪنهن فلم جي شوٽنگ ڏسڻ لاءِ اهي ٻئي
فٽبالر پهتا ته شوٽنگ روڪي ويئي. دليپ ڪمار جيڪو
محمد اسپورٽس ڪلب جو لائيو ميمبر هو، پرٿوي راج ۽
مڌو بالا انهن سان ملڻ آيا. مڌو بالا ڊائريڪٽر کي
چئي ڏنو ته انهن وڏن ماڻهن جي اچڻ ڪري آئون هاڻي
گاني تي ناچ نٿي ڪري سگهان.
ورهاڱي کانپوءِ به لياري جي ٻنهي فٽبالرن، فٽبال ۾
نالو ڪمايو. پر انهن جو قدر نه ڪيو ويو. انهن جي
صلاحيتن مان فائدو حاصل نه ڪيو ويو. پرائڊ آف
پرفارمينس صدارتي ايوارڊ حاصل ڪندڙ رانديگر محمد
عمر جڏهن چيلهه جي هڏي ٽٽڻ ڪري اسپتال ۾ داخل ٿيو
ته هن وٽ علاج لاءِ پئسو نه هو ۽ ڪنهن اداري ان
قومي فٽبالر جي سار نه لڌي ۽ هو بنا ڪنهن سرڪاري
سار سنڀال جي گذاري ويو.
1975ع کانپوءِ پاڪستان ۾ فٽبال جي زوال جي ڪهاڻي
شروع ٿئي ٿي پر پوءِ ڪجهه وقت لاءِ محڪمن پاران
رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪري هن راند کي جيئرو
رکيو. جنهن ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پي. آئي. اي
(PIA)
وڏو ڪردار ادا ڪيو. رانديگرن جي روزگار جو مسئلو
حل ڪيو هو ته انهن راند پاسي وڌيڪ ڌيان ڏنو.
پاڪستان ۾ 32 محڪمن پاران فٽبال جون ٽيمون هيون
جنهن ۾ اڌ يعني 16 جو تعلق ڪراچي سان هو جنهن ۾
98%
سيڪڙو رانديگر لياري جا هوندا هئا، ۽ جڏهن محڪمن
پاران فٽبال ڪلبن کي بند ڪيو ويو ته رانديگر بي
روزگار ٿيندا ويا ۽ فٽبال جون نرسريون بند ٿيون ته
وڌيڪ رانديگر به سامهون اچي نه سگهيا. ڇاڪاڻ ته هي
غريب رانديگر روزگار جي ڪن يا فٽبال کي وقت ڏين.
ورهاڱي کانپوءِ 1975ع تائين ڪراچي لياري جي ڪري
فٽبال جو مرڪز هو. اڄ عالمي ڪپ کيڏندڙ ٽيمون جن ۾
ترڪي، سعودي عرب، ايران، جاپان، ڪوريا، چين، روس ۽
ٻين ملڪن جون ٽيمون جڏهن ڪراچي ۾ کيڏڻ اينديون
هيون ته ڪراچي ڊويزن فٽبال ٽيم انهن ٽيمن کي 12،12
گولن تان شڪست ڏيندي هئي. حيرت جي ڳالهه اها هئي
ته انهن مان گهڻن ملڪن جي ٽيمن قومي فٽبال ٽيم کي
شڪست ڏيندا هئا پر ڪراچي ڊويزن ٽيم جي سامهون انهن
جي هڪ به نه هلندي هئي. انهيءَ اقرا پروري فٽبال
کي تباهه ڪيو. ڪراچي ڊويزن ٽيم ۾ مڪمل طور رانديگر
لياري جا هوندا هئا.
جڏهن اڃا تعصب ۽ ڪوٽا جو ٻج قومي فٽبال ٽيم ۾ داخل
نه ٿيو هو ته اوڀر ۽ اولهه پاڪستان تي ٻڌل قومي
ٽيم جي 16 رانديگرن مان 12 کان 13 رانديگر لياري
مان سليڪٽ ٿيندا هئا. اوڀر پاڪستان جڏهن بنگلاديش
نه هو ته فٽبال جي ترقي ۾ اوڀر پاڪستان سٺو ڪردار
ادا ڪيو هو. لياري جا گهڻا فٽبالر اوڀر پاڪستان جي
ڪلبن ۾ پيشاوراڻي رانديگر طور کيڏندا هئا. جنهن
کانپوءِ لياري جي فٽبالرن جي ترقي ۽ روزگار جو
وسيلو ختم ٿي ويو.
ماضي ۾ محمد عمر، حسين ڪلر کانسواءِ جن رانديگرن
فٽبال ۾ نالو ڪمايو ۽ دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن
ڪيو. انهن ۾ احمد جان، حسن بلوچ، عباس بلوچ، علي
نواز، مجيد، غلام حسين، محمد قاسم، غلام حسين پٽو،
حسين بخش بلوچ مولا بخش گوٽائو، عبدالجبار، ڪلري
جو قاسم سومار جيڪو هن وقت به
KPT
۾ ڪوچ آهي.
عباس بلوچ ۽ احمد جان انٽرنيشنل فيفا ريفري رهي
چڪا آهن. مٿيان سڀئي رانديگر جن جو واسطو لياري
سان رهي چڪو آهي. انهن مان ڪيترن فٽبالرن بين
القوامي طور پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.
علي نواز بلوچ جيڪو بهترين فٽبالر آهي. هن ڪوچنگ
لاءِ تربيت انگلينڊ مان حاصل ڪئي. پاڪستان جو هي
انٽرنيشنل رانديگر
PIA
پاران کيڏندو هو. پر اسان اڄ تائين ان جي صلاحيتن
مان فائدو حاصل نه ڪيو آهي. ڪوچنگ لاءِ اهڙن کي
اڳيان آندو وڃي ته بهتر نتيجا نڪري سگهن ٿا.
فٽبال جي تباهي ۾ ٻين سببن کانسواءِ راند جي تباهي
۾ پاڪستان فيڊريشن وڏو ڪردار ادا ڪيو. فيڊريشن جا
عهديدار اهڙا آهن. جيڪي فٽبال جي ابجد کان به واقف
نه آهن. ڪرڪيٽ، هاڪي ۽ ٻين راندين ۾ ته ڪوٽا جي
ڳالهه نٿي ٿئي ۽ جڏهن فٽبال جي ڳالهه ٿئي ٿي ته
ڪوٽا جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن صلاحيتن جي آڌار
تي رانديگر چونڊيا ويا ته
60%
سيڪڙو رانديگر لياري مان چونڊجي ايندا. جيڪا ڳالهه
فٽبال جي نالي تي سهولتون حاصل ڪندڙن کي نٿي وڻي.
گذريل پنجن سالن ۾ ”فيفا“ غريب ملڪن ۾ فٽبال جي
ترقي لاءِ خاص ڪري ايشيا ريجن جي مدد لاءِ ”گول
پراجيڪٽ“ نالي فٽبال جي ترقي لاءِ هڪ اسڪيم شروع
ڪئي آهي. پهرئين قسط طور ڏهه لک ڊالر جي امداد به
ڏني ويئي، پئسن اچڻ سان فٽبال فيڊريشن ۾ گروپنگ
شروع ٿي. انهن پئسن مان چئني صوبن ۾ فٽبال هائوس
اڏڻ جو پروگرام هو. پر فٽبال جي اهم مرڪز سنڌ جي
شهر ڪراچي کي نظر انداز ڪري پهريون فٽبال هائوس
لاهور ۾ ٺاهيو ويو ۽ اڃا تائين ڪراچي ۾ اهڙو ڪو به
اسٽيڊيم نه جوڙيو ويو آهي ۽ نه ئي اهڙا ڪي امڪان
نظر اچن ٿا.
ڪراچي ۾ فٽبال جا فقط ٻه اسٽيڊيم آهن جن مان هڪ
ڪي. ايم. سي اسٽيڊيم ۽ ٻيو پيپلز فٽبال اسٽيڊيم
آهن. 2006ع تائين پيپلز فٽبال اسٽيڊيم رينجرز جي
حوالي هو. اهي ٻئي اسٽيڊيم فٽبال اسٽيڊيم آهن.
ڪراچي جي فٽبال زون لياري جي مرڪز کان به پري آهن.
”فيفا“ گراس روٽ ليول تي فٽبال جي ترقي لاءِ يوٿ
ڊيولپمينٽ پروگرام تحت پنج ڪروڙ روپيا جاري ڪيا
ويا. پر هن کي پنجاب تائين محدود ڪيو ويو. جڏهن
ٻين علائقن مان فٽبالرن ۽ ڪلبن احتجاج ڪيو ته
محدود پيماني تي ٻين صوبن ۾ اهو پروگرام شروع ڪيو
ويو. پر ڪوچ اهڙا رکيا ويا جن جو فٽبال سان اهڙو
ڪو گهرو تعلق نه آهي. مشهور فٽبالرن کي هن پروگرام
کان پري رکيو ويو آهي.
فٽبال جي ترقي لاءِ ضروري ته لياري جيڪو پاڪستان
جي فٽبال جو اهم مرڪز آهي. هتان ئي گراس روٽ تي
فٽبال جي ترقي لاءِ ڪوششون وٺڻيون پونديون. ڪوٽا
کانسواءِ صلاحيتن جي آڌار تي رانديگرن جي چونڊ ڪئي
وڃي. پاڪستان فٽبال فيڊريشن کي ٽوڙي هن جي آئين ۾
تبديليون ڪيون وڃن ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي
فيڊريشن کي منظم ڪيو وڃي. فيڊريشن کي مليل پئسن،
گهوٻين ۽ اقربا پرورين جي جاچ ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾
محڪمن کي ٻيهر فٽبال پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ
ته سڀ کان اهم مسئلو رانديگرن جي روزگار جو آهي.
فٽبال جا رانديگر غريب ۽ مزدور پيشي سان تعلق رکن
ٿا.
لياري کانسواءِ ملير به فٽبال جو اهم مرڪز آهي.
جتان به گهڻن رانديگرن ملڪي سطح تي نالو پيدا ڪيو.
فٽبال کانسواءِ باڪسنگ لياري ۾ گهڻو مقبول آهي.
لياري جي حسين شاهه ۽ ٻين بين الاقوامي مقابلن ۾
مڃتا حاصل ڪئي آهي. پر فٽبال وانگر هن راند کي به
حڪومت جي ڪا سرپرستي لياري ۾ حاصل نه آهي، جتي
باڪسر پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪلب جوڙي محنت ڪري رهيا
آهن جنهن لاءِ ضروري آهي ته لياري ۾ باڪسنگ ڪلبن
کي ترقي ڏياري رانديگرن کي مختلف ادارن ۾ نوڪريون
ڏنيون وڃن ته جيئن هو مڪمل توجهه راند پاسي ڏين.
لياري جي پراڻين وسندين جو احوال:
هاڻوڪي لياري ٽائون ۾ يارنهن يونين ڪائونسلون آهن.
جن ۾ (1) آگرا تاج ڪالوني (2) دريا آباد (3) نئون
آباد (4) کڏو ميمڻ سوسائٽي (5) بغدادي (6) شاهه
بيگ لين (لائين) (7) بهار ڪالوني (8) رانگي واڙو
(9) سنگولين (10) چاڪيواڙو (11) علامه اقبال
ڪالوني آهن. هاڻوڪي بلدياتي نظام کان اڳ لياري
زونل ميونسپل ڪاميٽي ڏکڻ جو حصو هو. لياري جا گهڻا
ٽيڪسن ڏيڻ وارا علائقا ڪٽي صدر ٽائون ۾ شامل ڪيا
ويا آهن. ٽرانس لياري کي به سائيٽ ۾ ۽ ڪجهه حصي کي
ڪياماڙي ٽائون ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
هاڻوڪي بلدياتي نظام کان اڳ جيڪو لياري جو حصو هو
اهو 1800 ايڪڙ ايريا تي ٻڌل هو. جنهن جي آبادي
سورنهن لک ڏهه هزار ست هئي،
8,712,600
اسڪوائر والن تي ٻڌل هن علائقي ۾ 70 سيڪڙو علائقو
رهائشي، 20 سيڪڙو انڊسٽريل ۽ واپاري علائقو، 10
سيڪڙو هيلٿ، تعليم، قبرستان ۽ رستن تي ٻڌل هو.
انهيءَ علائقن ۾ سرڪاري ۽ پرائيويٽ 28 لائبرريون،
12 پارڪ ۽ يارنهن راندين جا ننڍا ميدان هئا. چار
پوليس اسٽيشن، 28 ڪميونٽي سينٽر، هڪ جنرل پوسٽ
آفيس، هڪ ٽيليفون ايڪسچينج ۽ هڪ ڪراچي اليڪٽرڪ
سپلائي جي آفيس، ٽي ڊگري ڪاليج، هڪ ڇوڪرين لاءِ ۽
ٻه ڇوڪرن لاءِ هئا. هڪ هائير سيڪنڊري اسڪول
(انٽرميڊيٽ) ڇوڪرين لاءِ هو.
هڪ
جنرل اسپتال ۽ چار ميٽرنٽي هوم ڪي.ايم.سي پاران
هئا. هاڻوڪي لياري ٽائون ۾ لياري ڊگري ڪاليج سميت
گهڻا ترقياتي ۽ تعليمي ادارا ٻين ٽائونن ۾ شامل
ڪيا ويا آهن.
لياري ۾ ٻه قومي اسيمبلي جا تڪ اين. اي 189 ۽ اين.
اي 190 آهن. ٽي صوبائي اسيمبلي جا تڪ پي.ايس 85
پي. ايس 86 ۽ پي.ايس 88 آهن. ٽائون ٺهڻ کان اڳ
ڪي.ايم.سي جا 20 وارڊ لياري ۾ هوندا هئا.
ڪلري:
هي
لياري جي پراڻي آبادي آهي. لياري نئين جي ڇوڙ جي
ساڄي هٿ کان مڇي مياڻ تائين هي علائقو ٻئي پاسي
سرڪلر ريلوي لائين سان لڳي ٿو. جنهن جي پار سمنڊ
لڳ ڪياماڙي ٽائون جو حصو آهي. لياري ندي جي پراڻي
ڇاڙ کڏي ۾ جمع ٿيڻ کانپوءِ ڪلري واري علائقي مان
گذري سمنڊ ڇوڙ ڪندي هئي. ڪلراٺي زمين ڪري هن کي
ڪلري چيو ويو. کڏي کان اڳتي سمنڊ تائين جهنگ هوندو
هو. ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ جو پاڻي چڙهي ايندو هو. ڪلري
جي هڪ حصي کي هاڻي علي محمد محلو به چون ٿا.
انگريزن جي اچڻ وقت هي علائقو ڪراچي کان ٻاهر هو
جتي ڪچيون جهوپڙيون هونديون هيون.
هتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪلري کي آباد ڪرڻ
وارو شمبو محمد دوست محمد حسني آهي جيڪو جڏهن
پنهنجي ڪٽنب سميت ڪولانچ کان لڏي هتي آيو ته هن
وسندي ترقي شروع ڪئي. هتي ماهيگير رهندا هئا ۽
محمد دوست جو ڪٽنب به بلوچستان جي ساحل تي انهيءَ
ڌنڌي سان واڳيل هو ۽ هتي اچي انهن به اهو ڌنڌو
اختيار ڪيو.
نيو ڪلري بعد ۾ آباد ٿيو. جتي ڪڇي ۽ ميانوالي رهن
ٿا. ميانوالين به فشري تي ڪم شروع ڪيو. هن وقت
لياري ٽائون جو ناظم به ميانوالي آهي. هتان جي
ماڻهن جو چوڻ آهي ته مورڙو قبرستان، پراڻو قبرستان
آهي. جتي هو پنهنجا مردا دفن ڪندا هئا ۽ هاڻي به
هتي دفن ڪندا آهن. هتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته
لياري نئين جي ڪناري جتي هاڻي بهار ڪالوني ۽ آگرا
تاج ڪالوني آهن هتي هندوئن جو مساڻ، ڳئو شالا ۽
پراڻو مندر هوندو هو. گهڻي تعداد ۾ هندو رهندا
هئا. انهن ٻڌايو ته اسين پنهنجن وڏن کان ٻڌندا ٿا
اچون ته هتي گدامڙي ۽ کجين جي وڻن جي جهڳٽي ۾ تيرٿ
آستان به هوندو هو.
هتي ڇٽن شاهه ۽ سيد علي شاهه جون درگاهون آهن. هتي
جيڪي بلوچ آباد آهن اُهي ذڪري فرقي سان تعلق رکن
ٿا. جيڪي ڪولانچ، ڪولوه، ڪيچ، پسني ۽ اورماڙا کان
هتي اچي آباد ٿيا آهن. ڪڇي ۽ ميمڻ بعد ۾ آيا پر هن
وقت انهن جي آبادي گهڻي آهي. بلوچن جي اچڻ کان اڳ
هتي ماهيگير (ڍورائي ماهيگير) ۽ هندو رهندا هئا.
عيدولين:
عيدولين جيڪا به پراڻي آبادي آهي ۽ جمعدار عيدو
(عيد محمد) جڏهن ايران کان پنهنجي ڪٽنب سان هتي
اچي آباد ٿيو ته ڪلري جي هن حصي کي عيدو بازار ۽
بعد ۾ انگريزن لائين قرار ڏنو ۽ اهي سڀئي لائين
هاڻي ”لين“ مشهور آهن. عيدو پورٽ تي جمعدار هوندو
هو. جنهن ڪري هن کي جمعدار عيدو چيو ويندو هو.
کڏو:
لياري جي پراڻي آبادي آهي. هتي وڏو کڏو هوندو هو.
تنهن ڪري هن علائقي کي کڏو چيو ويندو هو ۽ اڄ
تائين کڏو مشهور آهي. ڪنهن دور ۾ مسلماني جذبي ۾
اچي هن جو نالو ”اسلام آباد“ رکيو ويو. جيڪو هلي
نه سگهيو. لياري جي پراڻي وهڪري جو پاڻي انهيءَ کڏ
۾ جمع ٿيڻ کانپوءِ سمنڊ ڏانهن ويندو هو. گهڻن
پراڻن رهندڙن جو چوڻ آهي ته ”ڪلاچي جو ڪن“ هتي هو
۽ اهو کڏو به انهيءَ ڪن جو هو. جڏهن لياري جي
پراڻي وهڪري کي بند ڪيو ويو ته هتي پاڻي سڪي ويو ۽
آبادي ڪري سمنڊ به پٺتي هٽي ويو.
شيدي وليج:
لي
مارڪيٽ جي اولهه پاسي وارو علائقو شيدي وليج آهي.
جيڪا لياري جي پراڻي آبادي آهي. مسقط کان ميرن جي
دور ۾ جيڪي شيدي سڌو سنئون ڪراچي بندر تي آيا اهي
انهيءَ علائقي ۾ اچي آباد ٿيا ۽ انهن شيدين جي ڪري
اهو شيدي ڳوٺ بعد ۾ شيدي وليج مشهور هو. هتان جي
ماڻهن جو چوڻ آهي ته هوشو شيدي به انهن مان ئي هو
جنهن جا وڏا پوءِ ميرن جي ڪري حيدرآباد لڏي آيا.
گل
محمد لين:
اٺ
(هشت) چوڪ لڳ ناگمان مسجد کانپوءِ وارو علائقو گل
محمد لين ڪري مشهور آهي. جيڪو به پورٽ تي جمعدار
هو. ميرن جي قبضي کانپوءِ گل محمد ملازئي ايران جي
علائقي نسقند کان هتي اچي ويٺو ۽ هي گل محمد بازار
وارو علائقو مشهور ٿيو. نسقند ايراني بلوچستان جي
ايران شهر جو مشهور علائقو آهي. پورٽ تي جمعدار
هئڻ ڪري گل محمد به جمعدار گل محمد مشهور ٿيو. گل
محمد لين لياري جي ادب، صحافت، سياست ۽ ثقافت جو
اهم مرڪز آهي. بلوچي دانشور، اديب، تاريخ جو ڄاڻو
۽ سياستدان يوسف نسقندي هتان جو هو. جيڪو سياسي
طور رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ کي ويجهو هو.
جنهن لياري ۾ سنڌي ماڻهن کي منظم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار
ادا ڪيو.
بغدادي:
چاڪيواڙو ۽ ڪلاڪوٽ به لياري جون پراڻيون آباديون
آهن. بغدادي وارن جو چوڻ آهي ته ميرن جي قبضي
کانپوءِ بغداد کان جيڪي ماڻهو واپار جي سلسلي ۾
هتي بندر تي آيا ۽ پوءِ هميشه هتي رهي پيا ۽ بغداد
کان ايندڙ انهن ماڻهن ڪري هي علائقو بغدادي مشهور
ٿيو.
ڪلاڪوٽ:
ڪلاڪوٽ واري علائقي ۾ چيو وڃي ٿو ته پراڻو ڪوٽ هو
جيڪو ”ڪلا“ نالي ڪنهن عورت اڏايو هو جنهن ڪري هن
کي ڪلاڪوٽ چيو ويو ۽ اڄ تائين اهو علائقو ڪلاڪوٽ
جي ڪري مشهور آهي. جيئن ڪراچي جي نالي واري باب ۾
لکي آيو آهيان ته ”ڪلاچي جو ڪن“ انهيءَ عورت ”ڪلا“
جو ڪن ته نه هو. ڇاڪاڻ ته ڪلاچي مان واضح طور اها
ڳالهه ٿئي ٿي ته ڪلاچي معني ”ڪلا“ وارو معنيٰ ڪلا
وارو ڪن.
چاڪي واڙو ۽ رانگي واڙو:
چاڪين جي رهڻ ڪري چاڪيواڙي وارو علائقو انهن ڪري
چاڪيواڙو مشهور ٿيو.
ڪراچي جي ڪورٽ جي ٻاهران ميرن جي وقت ۾ چمڙي رنگڻ
جا ڪارخانا هئا. انهن مزدورن جي وسندي کي رانگي
معنيٰ رنگ وارو واڙو. اڪثر رهڻ واري جاءِ يا محلي
کي واڙو چيو ويندو آهي ۽ رنگ ڪرڻ وارا مزدور جيڪي
هندو هئا. رنگن وارن ڪري هن علائقي کي رانگي واڙو
چيو ويو جيڪو اڄ تائين انهيءَ نالي سان مشهور آهي.
اڄ به هيٺين ذات جا هندو هتي رهن ٿا. |