ڊملوٽي جي قبرن جي جيڪا کوٽائي ڪئي ويئي هئي اها
ڏيڍ فٽ تائين هئي. هر قبر جي تهه ۾ وچ ۾ گول دائري
۾ هڪ کڏو مليو آهي. جنهن جي قطر اٺ کان ويهه انچ
آهي. ۽ اونهائي ٽن کان اٺ انچ تائين هئي. کوٽيل
سڀني قبرن مان سڙيل هڏا ۽ انهن جا ٽڪرا مليا آهن.
ڪجهه قبرن مان گهٽ قيمتي پٿر ۽ مڻڪا به مليا آهن.
اهڙيون قبرون ضلعي لسٻيلي جي جابلو سلسلي کانسواءِ
مهير، ديهه بازار، ديهه کانٽو ڪراچي، مول، ٿاڻو
بولا خان ۽ ٻين جاين تي موجود آهن. هن ڳالهه تي
تحقيق جي ضرورت آهي ته مرديءَ کي ساڙڻ کانپوءِ ان
جي سڙيل خاڪ ۽ بچيل هڏنن کي دفنايو ويندو هو يا
مردن کي ڪنهن اونهي کڏ ۾ سڌو رکڻ جي بجاءِ ويهاري
پوءِ دفنايو ويو هجي. ڇاڪاڻ ته گهڻن قبرن مان ظاهر
ٿيل هڏا سلامت آهن ۽ سڙڻ جا آثار به ڏسڻ ۾ نٿا
اچن.
اهڙيون قبرون مون ايران جي ساحلي ڳوٺ ”پشت“ ويجهو
هڪ ٽڪري تي ڏٺيون هيون. جتي انهن جو ڳاڻيٽو 20 کان
30 هو. پشت ايراني بلوچستان جو هڪ ساحلي ڳوٺ آهي.
انهيءَ پوري ساحلي علائقي جو واسطو صدين کان سنڌ
جي ساحلي علائقن سان واپار ۽ اچ وڃ ڪري رهيو آهي ۽
اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. هي علائقو هميشه
ڪنهن هڪ مذهب ۽ تهذيب سان واڳيل رهيو آهي.
موهن جي دڙي جي دريافت کانپوءِ اها ڳالهه سامهون
آئي ته ايران جي ساحل کان وٺي گنگا ۽ جمنا تائين
ڪڇ ۽ راجستان کان اسڪردو تائين ۽ ڪراچي کان
مهرڳڙهه تائين وارو علائقو ”سنڌو ماٿري جي تهذيب“
وارو علائقو هو. ان پوري علائقي ۾ 1500 وسنديون
ظاهر ٿيون آهن جيڪي 1900 ق.م کان 2500 ق.م. تائين
جا آهن. هن پوري ڳولا ۾ ڪوهستان جيڪو سنڌ ۽
بلوچستان تائين ڦهليل آهي. اڃا رهيل آهي جتي سوين
اهڙا ماڳ، مڪان آثار موجود آهن جن کي ظاهر ڪرڻ ۽
انهن تي تحقيق جي ضرورت آهي. مهير ڍوري لڳ جتي اهي
قبرون آهن. هتي ئي مهير ڍوري ۾ ڪنڊين ۽ جهُورن جي
جهنگ ۾ هڪ کونهري ۾ مٺو پاڻي موجود آهي. جنهن مان
پاسي وارا ڳوٺاڻا، ٻڪرار ۽ ڌنار پاڻي پيئڻ لاءِ
استعمال ڪندا آهن. هن کان ٿورو اڳتي ”ستين جو
آستان“ آهي. جتي ڪنڊين جي جهنگ ۾ خودرو پيدا ٿيل
کجي جا وڻ به هئا. هتي پراسرار علائقي ۾ سانت هو ۽
فطرت جي حسن جا خوبصورت چٽ، هن علائقي ۾ چٽيل هئا.
ٻاٻرين جا آثار:
ٻاٻرين/ٻاٻرو جا اهي آثار مهير جبل جي هڪ ڇيڙي تي
مهير ڍوري اندر ۽ ان جي پاسي اوچين چوٽين تي آهن.
هتي پهچڻ لاءِ گڏاپ کان ڪنڊ ويندي ڳوٺ گل محمد
ڪانڙي کانپوءِ مهير ڍورو جڏهن پار ڪبو ته عبدالله
ڪانڙي ڳوٺ ڏانهن وڃڻ بجاءِ اولهه پاسي هڪ پيچرو
نڪري ٿو. ان تي هلڻ کانپوءِ مهير جي ڪڇ تي قبرستان
آهي جتان هاڻي مهير تي چڙهڻ لاءِ رستو ٺاهيو ويو
آهي. اهو رستو مٿي ٽڪرين ڏانهن وڃي ٿو ۽ ٻاٻرين
لاءِ سڌو مهير ڍوري ڏانهن وڃڻو پوي ٿو. ان کان
اڳيان گاڏين جو رستو ڪونهي. اڳتي وڃڻ لاءِ فقط
پيچرو آهي ۽ پورو سفر جيڪو ٽن ڪلوميٽرن کان وڌيڪ
آهي. اهو پورو مهير ڍوري جي تري ۾ آهي. هتي وڃڻ
لاءِ هڪ ٻيو رستو ٿوهر ڪانڙي ڳوٺ کان به نڪري ٿو.
تراڙي ڍوري کان پهرئين گڏاپ کان ڪنڊ ايندي هڪ رستو
اتر اولهه پاسي ٿوهر ڪانڙي ڳوٺ تائين اچي ٿو. جتي
مهير ڍوري لڳ گاڏي جو رستو آهي. ان کانپوءِ پورو
پنڌ مهير ڍوري جي تري مان وڃي ٿو. ٿوهر ڪانڙي ڳوٺ
لڳ مهير ڍورو، مهير جي اوچين چوٽين تان هيٺ لهي
وڏو چڪر ڪاٽي اوڀر پاسي وهڻ لڳي ٿو. هتي ڍوري جو
پيٽ وسيع آهي ۽ هتي هڪ غار ۽ پپر جو وڻ به آهي
جيڪو هندوئن جو قديم آستان آهي. هندو هتي پوڄا پاٺ
لاءِ ايندا آهن. ڍوري جي ڪناري کوهه موجود آهي
جنهن مان ڊيزل انجڻ وسيلي پاڻي حاصل ڪري زراعت ڪئي
ويندي آهي.
مهير ڍورو اڳتي هلي سوڙهو ٿيندو ويندو ۽ جنهن جي
ٻنهي پاسي مهير جون سانتيڪيون چوٽيون آهن. مهير
ڍوري ۾ انهيءَ جاءِ تي ٻارهو پاڻي موجود هجي ٿو.
جنهن جي ڪري هتي ڪنڊي، ٻير، ٻٻر ۽ کور جا گهاٽا وڻ
موجود آهن پر مقامي ماڻهو انهن کي تيزي سان وڍي
وڪڻي رهيا آهن. روزانو ڪانه ڪا ٽرڪ ڪاٺيون ڀري
ڪراچي شهر ڏانهن وڃي ٿي جنهن جي ڪري مهير ڍوري جو
اهو حصو ڪجهه سالن کانپوءِ ڀڙڀانگ ٿي ويندو.
مهير جي هن حصي کي ڏاٺ چيو وڃي ٿو. جتي تاريخ کان
اڳ جا آثار موجود آهن. مهير ڍوري جي تري تان ويندي
پهرئين هڪ تلاءُ ايندو جنهن کي ”ڪاري اتڙي“ يا
”ميرڪي اتڙي“ چيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪاري اتڙي جي
(ويندي مهل) کاٻي هٿ تي هڪ ڊگهي چوٽي تي ڪوٽ جا
آثار آهن. هتان چڙهڻ لاءِ ڪو گس ڪونهي. پٿرن تي هٿ
رکي چوٽي تائين پهچبو. جتي پهچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳي وڃي
ٿو. جڏهن مٿي چوٽي تي پهچبو ته هر پاسي اوچيون
چوٽيون ڪر کنيو بيٺيون آهن. ڏاٺ جي جنهن چوٽي تي
پٿر جي ڪوٽ جا آثار آهن هن چوٽي جو نالو ٻاٻريون
آهي. تنهن ڪري انهن آثارن کي ٻاٻرين جا آثار چوندا
آهن. هتي هر پاسي ڀوري رنگ جا پهاڙ آهن. اهو جابلو
سلسلو حب جي لڳ منگهي پير کان سمنڊ تائين وڃي ٿو.
اهو ڪوٽ پٿر جو آهي جيڪو هاڻي ڊهي چڪو آهي. ڪٿي
ڪٿي ٻن کان پنجن فٽن تائين پٿر جي ديوار موجود
آهي. انهن آثارن کي ڏسڻ کانپوءِ اهو اندازو ٿئي ٿو
ته اهي آثار تاريخ جي دور کان به اڳ جا آهن. انهن
جي کوٽائي ٿيل هئي. اها کوٽائي آثار قديمه وارن
نه، پر هتان جي ماڻهن دولت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي هئي.
ٻاٻرين ڪوٽ بابت چوندا آهن ته هتي آباد لوڪ هن
اوچائي جو فائدو وٺي دشمن جي حملي کان بچڻ لاءِ
مورچابند ڪري انهن تي نظر رکندا هوندا. انهيءَ ڪوٽ
سان لڳ تاريخ جي دور کان به اڳ جي هڪ تلاءُ جا
نشان موجود آهن. ممڪن آهي ته هتي رهندڙ آبادي پيئڻ
جي پاڻيءَ لاءِ اهو تلاءُ ٻڌو هجي. انهن آثارن کي
سروي ڪري تاريخي ماڳ مڪانن واري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي
جاکوڙ کانپوءِ ثقافت کاتي پاران انور پيرزادي،
محمد علي قادري ۽ بدر ابڙي تي ٻڌل ٽيم کي هتي کڻي
ويس. جنهن جي فوٽو گرافي به ڪئي ويئي ۽ وڊيو ۾ به
ان کي محفوظ ڪيو ويو. ڳالهه سروي کان اڳتي وڌي نه
سگهي ۽ بدر ابڙي جي تحقيق موجب ته هي آثار آمري
دور جا آهن. انور پيرزادو جيڪو 2007ع جي جنوري جي
ستين تاريخ تي اسان کان هميشه لاءِ ڏُور هليو ويو
پر ڪوهستان جي گسن، پيچرن ۽ چوٽين تي هن جي پيرن
جا نشان اڄ به موجود آهن.
اوائلي سنڌو ثقافت جنهن کي اوائلي انڊس ڪلچر چيو
وڃي ٿو جيڪو ٻن دورن تي ٻڌل آهي. هڪ آمري دور واري
ثقافت ۽ ٻي ڪوٽڏيجي واري دور جي ثقافت، آمري دور
سان تعلق رکندڙ ماڳ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪوهستان
واري علائقي کانسواءِ ڪاڇي، بلوچستان جي علائقي
ڪلي ميهي، ڪوئيٽا لڳ ڊمب سادات، پنجاب ۾ سري ڪوهلا
وٽ آثار ملن ٿا. هي ماڻهو قيمتي پٿرن کي وڍڻ، انهن
کي تراشڻ واري فن کان واقف هئا. آمري دور جي شروع
وارن تهن مان چقمقي پهڻن جا ڪارخانا به مليا آهن.
هي ماڻهو چقمقي پٿر ڳاري انهن منجهان تيز ڌار وارا
اوزار ٺاهيندا هئا. هي مالوند ۽ شڪاري ماڻهو هئا.
پوک به ڪندا هئا. جنهن لاءِ هي ماڻهو نئين ۽ ڍورن
تي بند يا تلاءُ ٻڌندا هئا. انهيءَ دور جا ٿانو چڪ
جي بجاءِ هٿ سان ٺهيل آهن. ٻاٻرين جي ماڳ تي به
اهڙا ٿانو، پاڪيءَ جهڙا تيز اوزار، هڏا ۽ هڪ تلاءُ
۽ پٿر جي ڪوٽ جا آثار موجود آهن. هن ٽڪريءَ تي
جڳهه جڳهه تي اهي شيون وکريل آهن. مهير ڍوري کان
مٿي انهيءَ چوٽيءَ جي اوچائي اندازاً هڪ هزار فٽ
آهي. مهير ڍوري جي ميرڪي اتڙي جي بلڪل ڀر ۾ اوچي
ٻاٻري چوٽي تي اهي آثار آهن. مهير ڍوري ۾ موجود
کوٻي ۾ بيٺل تلاءُ کي ميرڪي اتڙي ان ڪري چوندا آهن
جو هن جو پاڻي ميرانجهڙو (ميرو) آهي. ٻاٻري ٽڪري
جي آس پاس جيڪي ٽڪريون آهن تن جا نالا هن ريت آهن.
ڏکڻ اوڀر پاسي ڊامبڙو ٽڪري، هي موڪرو آهي جنهن جي
ڪري ان کي ڊامبڙو چيو وڃي ٿو. اولهه پاسي ٺوڙو،
اتر پاسي من ۽ کٽولي، اتر اولهه پاسي ڇورو ٽڪري
آهن. ڇورو ان ڪري چيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته هي اڪيلو
آهي. پاسي ۾ ٻيون ٽڪريون هن کان پري آهن ۽ هي ڇورو
ڇنو معنيٰ اڪيلو آهي. مقامي ماڻهن وٽ انهن آثارن
متعلق جيڪا ڏند ڪٿا هتي مشهور آهي اها هن ريت آهي
ته، ڪافرن جي زماني ۾ اتر کان ڪي ڌاڙيل هتي آيا ۽
حملي کان بچاءَ لاءِ انهن اهو ڪوٽ اڏيو. انهن
ڌاڙيلن مقامي ماڻهن کي گهڻو تنگ ڪيو هو. جيڪو مال
مقامي ماڻهن وٽ هو هنن ان تي زوري قبضو ڪيو. پوءِ
هڪ مقابلي ۾ انهن ڌاڙيلن کي ڀڄايو ويو. انهن ڪافرن
جي باري ۾ اهو به چيو وڃي ٿو ته اهي آدم خور هئا
روز هڪ مقامي ماڻهو کي ماري کائيندا هئا. انهن جي
حڪم تي هتان جا ماڻهو انهن کي رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيا
ڍور پهچائيندا هئا.
هن
ٽڪريءَ تي ٺڪر جي ٿانون ۽ ٻين اوزارن مان اهو پتو
پئي ٿو ته هتي تاريخ جي دور کان اڳ جو هڪ ڳوٺ آباد
هو. پٿر جي انهيءَ ڪوٽ لڳ ڏکڻ اولهه پاسي هڪ قديم
گبربند/گربند جا آثار به آهن.
انهن آثارن کان اڳتي مهير ڍوري اندر ميرڪي اتڙي
کان اڳيان وڃبو ته مهير ڍورو اوچائي ڏانهن وڃي ٿو.
مهير ڍوري ۾ هڪ هنڌ پاڻي جو وڏو ڪن آهي. جتي کجي،
پپر ۽ ٽاليءَ جا وڻ آهن. ٻنهي پاسي ڀوري رنگ جا
پٿريلا پهاڙ آهن. هن تلاءُ/ڪن کي لاهوت واري اتڙي
يا ٽالي واري اتڙي چون ٿا. ڇاڪاڻ ته ڪن جبل ۾ غار
وانگر اڳتي وڃي ٿو جيڪو لاهوت جي غار وانگر آهي پر
اونهي پاڻي ڪري اندر وڃڻ ڏکيو آهي ۽ پاڻي ۾ واڳون
به آهن. انهي غار ڪري هن کي لاهوت واري اتڙي ۽
ٽالي جي وڻ ڪري ان کي ٽالي واري اتڙي به چوندا
آهن. هي جاءِ هندوئن لاءِ مقدس مذهبي آستان آهي.
هندو هتي اچن ٿا پوڄا پاٺ ڪن ٿا ۽ خيرات به ڪن ٿا.
ڇاڪاڻ ته هندوئن جي هر مقدس آستان جو تعلق پاڻي،
غار، واڳون ۽ پپر جي وڻ سان هوندو آهي. ”جتي پاڻي
آهي هتي هو پاڻ آهي.“ هي سنڌ جي هندو ۽ مسلمانن جو
عقيدو آهي. لاهوت اتڙي سان لڳ مهير ڍوري ۾ هڪ
ديوار وانگر رستو بند آهي ۽ مهير جو پاڻي انهيءَ
جابلو ديوار تان تيزي سان هيٺ ڪرڻ ڪري هتي اهو
ڪن/تلاءُ ٺهي ويو آهي. هتان اڳتي وڌڻ لاءِ ڏکيو گس
آهي. مٿي چڙهڻ کانپوءِ هتي مهير ڍورو سخت پٿرن تي
وهي هيٺ وڃي ٿو. هتي سخت پٿرن ۾ ڍوري جي پيٽ ۾ ڇهه
ست اونها کوه آهن. جيڪي سڀ پاڻي سان ٽمٽار هئا ۽
واڌو پاڻي هيٺ لاهوت اتڙي کي ڀرڻ کانپوءِ اڳتي وهي
رهيو هو. جيڪو صاف ۽ شفاف هو. انهيءَ کوهن واري
علائقي کي ”انڙ جا لوهه“ چون ٿا. هر پاسي لسا ۽
سخت پٿر هئا. اهي کوهه قدرتي آهن يا ڪنهن جا کوٽيل
آهن ان تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. کوهن لاءِ مقامي ماڻهن
جو چوڻ آهي ته انهن جي اونهائي 100 فٽ کان به مٿي
آهي. لاهوت اتڙي لڳ به سخت پٿر جي فرش کي کوٽي هڪ
نالي ٺاهي ويئي آهي جيڪا ڏيڍ فٽ اونهي ۽ 15 فٽ
ڊگهي آهي. هن نالي يا نيساري مان ائين ٿو لڳي ته
لاهوت جي اتڙي مان پاڻيءَ کي هن نيساري وسيلي هيٺ
تائين کڻي وڃڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. سخت پٿر تي
ڇيڻي جهڙي اوزار جا نشان به هئا. ان جي کوٽائي هن
جديد دور ۾ به مشڪل آهي. هتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي
ته اهي شيون، آثار، کوهه انهن جي ابن ڏاڏن جي دور
کان گهڻو اڳ جا آهن انهن کوهن واري علائقي کانپوءِ
مهير جي چوٽي وارو علائقو شروع ٿئي ٿو. هن کان به
اڳتي مهير ڍوري ۾ ستين جو آستان آهي. جنهن جو ذڪر
اڳ ۾ ڪري آيو آهيان. واپس وڃڻ لاءِ اهو رستو آهي
مهير ڍوري جي پيٽ وارو رستو يا پاسي وارن جبلن جي
چاڙهين ۽ لاهين تان هلي ٿوهر ڪانڙي ڳوٺ يا عبدالله
ڪانڙي ڳوٺ ڏانهن وڃي گڏاپ ۽ ڪنڊ واري رستي تي
پهچبو. هتي ڪافرن جي قبرن، پٿر جي ڪوٽ، ٺڪريون،
پٿر جا اوزار، گبربند، هٿرادو نيساري، قدرتي کوهه،
لاهوت ۽ ميرڪي/ڪاري اتڙي ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا
ته هي ماڳ ڪنهن دور ۾ آباد هو ۽ هتي آبپاشي جو
بهترين نظام موجود هوندو هو.
مهير جبل جي ڀائتي لڪ کانپوءِ ڪنڊ واري رستي تي
گڏاپ ڏانهن ويندي شيدو بروهي ڳوٺ لڳ ڪنڊ نئين جي
ڪناري پٿر جو هڪ گول ننڍو ڪوٽ آهي جنهن کي هڪ پاسي
اچڻ وڃڻ لاءِ جاءِ ڇڏيل آهي. معنيٰ در آهي اهو ڪوٽ
چوڪنڊو نه پر گول آهي. پٿرن جي ديوار ٽن کان چئن
فٽن تائين اوچي آهي ۽ ڪجهه مفاصلي تي پٿرن جو هڪ
ڍير به آهي. مقامي ماڻهو هن کي ”ڪوٽڙو“ يا
”ڪوٽيڙو“ چون ٿا. اهڙا ”ڪوٽڙو“ مهير، موئيداڻ ۽
گڏاپ، درساڻي ڇني، ڌاٻيجي سميت پوري ڪوهستان ۾
موجود آهن. ايڇ ٽي لمبرڪ پنهنجي ڪتاب
Sind, A
General Introduction V-1
۾ لکي ٿو ته ”ٽاڪرو تر جا هاڻوڪا رهاڪو پنهنجن
قديم وڏن جي جاين ۽ اهڃاڻن کي ”ڪوٽڙو“ سڏيندا
آهن.“
مهير جبل سان گڏوگڏ عبدالله ڪانڙي ڳوٺ جي اسٽاپ لڳ
هڪ پراڻو قبرستان آهي. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته
هتي جوکين ۽ برفتن جي جنگ لڳي هئي ۽ اها جنگ تاريخ
۾ ”لوٽي واري جنگ“ طور مشهور آهي. هن جنگ ۾ جيڪي
مارجي ويا انهن کي هتي دفن ڪيو ويو. جنگ جي باري ۾
مقامي روايت اها آهي ته جوکين جا ڪجهه ماڻهو گهوڙن
تي هتان لانگهائو ٿيا. ڳوٺ ڏسي انهن پيئڻ لاءِ
پاڻي گهريو. گس تي ڳوٺ ۾ ڪو مرد موجود نه هو جڏهن
ڳوٺ جي عورتن انهن کي پاڻي ڏنو ته پاڻي پيئڻ
کانپوءِ جوکيا پاڻي جون وٽيون (لوٽا) پاڻ سان گڏ
کڻي، جيئن روانا ٿيا ته برفتن جا مرد به پهچي ويا.
گهر وارن سان حال احوال کانپوءِ عورتن ٻڌاين ته
جوکيا پاڻي پيئڻ کانپوءِ پاڻي جون وٽيون پاڻ سان
گڏ کڻي ويا آهن. برفتن لاءِ اها ڳالهه مهڻي کان
گهٽ نه هئي اهي گهوڙا ڊوڙائيندا هتي اچي جوکين کي
پهتا. جنهن تي ٻنهي قبيلن جي ماڻهن ۾ لڙائي لڳي ۽
گهڻا ماڻهو مارجي ويا. جن کي هتي دفن ڪيو ويو.
ڪنڊ نئين (مهير ڍوري) پار ڪرڻ کانپوءِ ديهه
تراڙيءَ جو علائقو شروع ٿئي ٿو. تراڙي ڍوري
کانپوءِ هڪ رستو مهير پاسي ٿوهر ڪانڙي ڏانهن وڃي
ٿو.. اڳتي هڪ رستو ”مول“ ڏانهن وڃي ٿو. مول واري
رستي تي درگاهه آهي جنهن جي سامهون رستي جي کاٻي
پاسي پريئي ڪانڙي جو ڳوٺ آهي ۽ سامهون تراڙي جبل
جنهن مان وهي ايندڙ ڍوري کي تراڙي ڍورو چيو وڃي
ٿو. جيڪو اڳتي هلي ڪنڊ نئين سان ملي ٿو. رستي تي
گل محمد (گلڪو) ڪانڙو ڳوٺ لڳ بٺي تي ٻن کان ٽن فٽن
واري قبرن وارو قبرستان آهي جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري
آيو آهيان. مول ۽ تراڙي جي دنگ تي ڳوٺ ليمون مينهن
وسايو لڳ ”ڪانيگ“ ڍوري ته سرڪار پاران تلاءُ ٻڌل
آهي. جيڪو پاڻي سان ڀريل هو. نيرو پاڻي ميلن تائين
خوبصورت نظارو پيش ڪري رهيو هو. مارين کان بي نياز
”آڙي“ ۽ ٻيو پکي هن وشال پاڻي تي تري رهيو هو.
تراڙي جهڙي تراڪڙي پٿرن واري ڏيهه ۾ ”ڪانيگ“ جو
منظر دل کي وڻندڙ لڳو. تراڙي جبل جي سلسلي جي هڪ
حصي ۾ سليڪا مٽي جا ذخيرا آهن. جن جي کوٽائي ٿي
رهي آهي. مول واري رستي جدا ٿيڻ کانپوءِ پٺاڻ ڳوٺ
پاسي وڃڻ واري رستي تي هڪ قبر آهي جنهن تي هڪ
مجاور به ويٺو آهي. اها قبر 2000ع کان پوءِ هتي
ظاهر ٿي هئي ان کان اڳ هتي موجود نه هئي. مجاور جو
چوڻ آهي ته اهو بزرگ هن کي خواب ۾ آيو هو. اهو
مجاور ۽ سندس سئوٽ پهرئين مول روڊ تي موجود درگاهه
تي مجاور هئا ڪنهن ڳالهه تان يا مليل نذراني تان
جهيڙو ٿي پيو. هڪ سئوٽ زوراور هو، هن ٻئي کي ڀڄائي
ڪڍيو. مجاور جي مفت واري نذراني ڪري هي ٻيو ڪو به
ڌنڌو نٿي ڪري سگهيو تنهن ڪري انهيءَ ڪاروبار کي
جاري رکڻ لاءِ هن نئين بزرگ جو واڌارو ٿيو.
تراڙي کانپوءِ ديهه جهونجهار جو علائقو شروع ٿئي
ٿو. جتي برفت قبيلي جي شاخ ٻرن جي هاڻوڪي وڏيري
عالم خان (الم خان) جو ڳوٺ پٺاڻ ٻرو آهي. جيڪو
انهن ٻارنهن ديهن جو ڄڻ اسلام آباد آهي. بيشمار
سرڪاري جايون، ڳوٺ کان کار نئين تائين ٺهندڙ پڪو
رستو،
V.H.F
ٽاور ٽيليفون، واٽر سپلاءِ اسڪيم، انڊسٽريل هوم،
ڊسپينسري ۽ سيڪينڊري اسڪول سڀ بنيادي سهولتون
موجود آهن. دل مان دعا نڪتي ته شل ڪوهستان جا سڀ
ڳوٺ اهي سهولتون ماڻين. پٺاڻ ڳوٺ ڪراچي ۽ گڏاپ کان
مول ۽ ڪنڊ ڏانهن ويندڙ بسن ۽ لارين جو اسٽاپ به
آهي.
ٻري قبيلي جو پهريون وڏيرو جنهن تي پڳ رکي وئي هئي
اهو موٽيو خان هو. ان کانپوءِ صفر خان، سرماڻ خان،
جهونجهار خان، روڏو خان، پٺاڻ خان ۽ ستون هاڻوڪو
وڏيرو عالم خان آهي. پٺاڻ خان ايوب خان واري
بنيادي جمهوريت واري سرشتي ۾ يونين ڪائونسل گڏاپ
جو ميمبر ۽ بعد ۾ ٺهندڙ يونين ڪائونسل موئيداڻ جو
چيئرمين به رهيو هو. عالم خان به يونين ڪائونسل
موئيداڻ جو ٻه ڀيرا چيئرمين ۽ ضلعي ڪائونسل ڪراچي
جو ميمبر رهيو آهي. ديهه جو نالو ٻرن جي چوٿين
پڳدار جهونجهار خان جي نالي پويان جهونجهار آهي.
پوري ديهه ۾ فقط ٻه ڳوٺ پٺاڻ ۽ وريام آهن.
پٺاڻ ڳوٺ سان لڳ ۽ ديهه سوندي جي جبلن مان مختلف
ڍورا ۽ ڍوريون نڪري کار نئين جي شڪل ۾ اڳتي وڌن
ٿيون. کار نئين ديهه سوندي ۽ ديهه ڀاڊ کي الڳ حب ۾
ڇوڙ ڪري ٿو. ڪرمتياڻي ۽ ڀاڊ ديهن وٺ ان مان ريتي
بجري کڻڻ ڪري کار نئين فطري حسن کي تباهه ڪيو ويو
آهي. هن نئين جي اڳتي اسڪوپ ۽ ڪسان ڪاميٽي پاران
هڪ هٿرادو بند به ٻڌل آهي. انهي بند لڳ جتان کار
نئين ٽڪرين کان هيٺ لهي ٿو. ٽڪرين ۾ هن جي تيز
وهڪري ڪري جبل ۾ جيڪي نشان ۽ کڏون، کوٻا ٿيا آهن.
اهي ڏسڻ وٽان آهن. جيڪي صدين کانپوءِ وهندڙ پاڻي
جي زوردار ٽڪر ڪري ٺهيا آهن.
ديهه سوندي ۾ ڳوٺ پوپٽ بڪڪ به آهي جنهن کي هاڻي
ولي محمد بڪڪ چيو وڃي ٿو. پوپٽ بڪڪ جو نالو اڄ به
ڇپر جا ماڻهو فخر سان وٺن سان. ڇاڪاڻ ته مهير جبل
۾ جڏهن هڪ چٽي (چيتي) هتان جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال
ڪري ڇڏيو هو. مالوند ماڻهن جو مال شڪار ڪرڻ هن
چيتي جو مشغلو هوندو هو. ڪنهن کي همت نه ٿيندي هئي
ته هو چيتي کي ماري، هن جي آزار مان ماڻهن کي آزاد
ڪري. اهو ڪم پوپٽ بڪڪ انجام ڏنو. جنهن چٽو ماري
هتان جي ماڻهن کي آزار مان آجو ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ جي مرتب ڪيل ڪتاب واقعاتي بيت ۾ ”پوپٽ بڪڪ جو
مهير جبل ۾ چيتو مارڻ“ جي عنوان سان سگهڙ ڪاري جو
بيت ڏنل آهي جنهن ۾ واقعي جا تمام تفصيل شامل آهن.
گڏاپ ڏانهن ايندي ”شم“ واري علائقي کانپوءِ ڀاڊ ۽
ڪرمتياڻي جي دنگ تي هڪ چوٽي کي ڪنوارڪي بٺي چيو
وڃي ٿو.
ڪنوارڪي بٺي
مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن بٺي تان ٻن ڪنوارين
ڇوڪرين پنهنجي مرضي خلاف شادي ڏيڻ واري مائٽن جي
فيصلي تي احتجاج ڪندي پاڻ کي چوٽي تان هيٺ اڇلائي
پنهنجو انت آندو. ڪنهن چيو ته هن بٺي جي بيهڪ
ڪنواري ڇوڪريءَ جي ارهه وانگر آهي جنهن جي ڪري هن
کي ڪنوارڪي بٺي چيو ويندو آهي.
انهيءَ بٺي تي ميراڻ جمالي ماهي به آهي. ميراڻ
جمالي اصل ۾ سرکيل پاڙو ”لوهي“ لسٻيلي جو رهندڙ
هو. لسٻيلي جي ليوي پوليس ۾ سپاهي هو. نوڪري ڇڏي
ڌاڙيل بڻيو. گڏاپ وارو ڌاڙو سندس پهريون ڌاڙو هو.
گڏاپ جي مرڪز ميڄڻ ۾ اهو ڌاڙو 1926ع ۾ ميراڻ جمالي
جي اڳواڻي ۾ لڳو هو. ميراڻ سان گڏ جمالي، مري ۽
بروهي ذاتين جا ٻيا به ڌاڙيل هئا. اهي سڀئي ڌاڙيل
پوليس وردي ۾ هئا. ڌاڙي وقت گڏاپ ٿاڻي جا سڀئي
ڪامورا ڪنهن سرڪاري تقريب ۾ شرڪت لاءِ مل يرويل
هئا. سرڪاري پڳي (پيري) غلام محمد پڻ هتي موجود نه
هو.
ڌاڙيل گڏاپ جي سيٺ چيتن مل جي دڪان تي ڪاهي آيا.
پهرئين دڪاندار انهن کي پوليس وارو سمجهيو هو پر
جڏهن اها ڳالهه ظاهر ٿي ته اهي ڌاڙيل آهن ته دڪان
تي ويٺل همراهه ”ڌمن مل“ کسڪي وڃي ماڻهو گڏ ڪيا.
ميڄڻ (گڏاپ شهر) لڳ رهندڙ مريداڻي جوکيا واهر لاءِ
اچي گڏ ٿيا. ٻئي پاسي هندو به اچي گڏ ٿيا. اهي سڀ
بنا هٿيارن جي هٿين خالي هئا. جکري جوکئي ۽ ڇتي
ڌاڙيلن سان مقابلو ڪيو ۽ ڌاڙيلن ٻنهي کي ماري
ڇڏيو. ماڻهو هٿين خالي هئا. ڌاڙيل هٿيارن جو
فائدو وٺي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ انهيءَ ڪنوارڪي
بٺي وٽ پوليس به اچي پهتي. ڌاڙيل هتي ساهي پٽڻ
لاءِ ويٺا هئا. مقابلو ٿيو پر ڌاڙيل ڀڄي وڃڻ ۾
ڪامياب ٿيا. هتي ٺهيل ”ماهيون“ انهيءَ مقابلي جي
نشاني آهي. هن واقعي کي علي اڪبر جوکئي رهندڙ ڳوٺ
الله بندو جوکيو (هاڻي غلام محمد جوکيو پراڻي
نقشي ۾ اهو ڳوٺ بلوچ خان جوکئي جي نالي سان آهي) ۽
عمر بيت چيا آهن. جيڪي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
مرتب ڪيل ڪتاب ”واقعاتي بيت“ ۾ ڏنل آهن. ڪنوارڪي
بٺي، ديهه ڀاڊ ۽ ڪرمتياڻي ديهه جي دنگ تي آهي.
ديهه ڀاڊ ضلعي ڄامشوري ۽ ڪراچي کي الڳ ڪري ٿو.
ديهه ڀاڊ ۾ مينجاري وارو جبل به آهي جڏهن انگريزن
هن علائقي جو سروي شروع ڪيو ته مينجارو خان تپيدار
هو. انهيءَ بٺي تي مينجاري خان ڪئمپ هنئي ۽ علائقي
جو سروي ڪيو ان ڏينهن کان پوءِ هن جبل جو نالو
مينجاري وارو جبل مشهور ٿيو.
ڪنوارڪي بٺي کانپوءِ هاڻي رستو پڪو آهي اڳتي پٺاڻ
ڳوٺ تائين پڪو رستو ٺهي رهيو آهي. جيڪو موکي کار
نئين روڊ سان ملي ٿو. هتان کانپوءِ گڏاپ ۽ شاهي ڇٻ
ڏانهن رستو وڃي ٿو انهي علائقي کي ”جنهي“ چيو وڃي
ٿو. ”جنهي جبل“ ڪري علائقي کي جنهي چيو وڃي ٿو.
ذڪر مري ۽ مڱٿر جو:
کار سينٽر وٽ مون جن ٻن موڪرن پهاڙن مري ۽ مڱٿر جو
ذڪر ڪيو جيڪي ٻن عاشق جي نالي آهن. مڱٿر ديهه لسر
۾ ۽ مري ديهه سورينگ/شورينگ ۾ آهي. ٻنهي جي وچان
کار نئين وهي ٿي. مري ۽ مڱٿر ڪوهستان جي هن حصي جو
مشهور عشقيه قصو آهي. انهيءَ عشق جي آکاڻي انهن
جبلن جي ڪڇ ۾ جنم ورتو. هن داستان کي سيني سان
لڳائي هلندڙ پوڙها پڪا چون ٿا ته، مڱٿر جي مرڻ
کانپوءِ ”مري“ پنهنجي گناهن جو بوجهه هلڪو ڪرڻ
لاءِ منگهي پير جي آستان تي وڃي رهڻ لڳي. منگهو ان
وقت جيئرو هو. جنهن سندس خدمتن کي ڏسي پيار مان
نالو ”بودلي“ رکيو. منگهي پير جي پيدائش جو سال
567هه مطابق 1160ع ۽ وفات 657هه مطابق 1250ع آهي.
جيڪو سومرن جي حاڪميت جي شروع وارو زمانو آهي.
انهيءَ حساب سان هي قصو سومرن جي دور جو ٿي سگهي
ٿو. تر جي جهونن جو چوڻ آهي ته اهي ٻئي ذات جا ٻرا
هئا (ٻرا برفت قبيلي جي هڪ شاخ آهي) ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ۾ سگهڙ سومار خان گبول جي
روايت موجب به مري ۽ مڱٿر برفت هئا لکيو آهي ۽
مڱٿر جي ماءُ جو نالو شئين ۽ پيءُ جو نالو شتڪ
بولاڻي ڄاڻايو آهي. مڱٿر جي پيءُ ۽ ماءُ جي انهن
نالن سان تر جا ماڻهو اختلاف ڪن ٿا.
قصو ڪجهه هن ريت آهي ته مڱٿر مالوند ماڻهو هو. پر
اڙٻنگ ۽ هٺيلو، پنهنجي ڳالهه جو عاشق ۽ جيڪو چوندو
هو تنهن کي پورو ڪندو هو. جڏهن هن مريءَ کي حب مان
پاڻي ڀريندي پنهنجي ساهيڙين سان ڏٺو ته هن تي موهت
ٿي پيو. هڪ روايت اها آهي ته سڱ گهرڻ کانپوءِ جڏهن
مري جي مائٽن انڪار ڪيو ته هن مريءَ کي زوري کڻي
لسر واري جبل جي هڪ چوٽي تي هڪ غار ۾ بند ڪيو. ٻي
روايت جيڪا حقيقت کي ويجهو به آهي اها آهي ته سڱ
گهرڻ کانپوءِ ٻنهي جي شادي ٿي. مڱٿر جيئن ته
مالوند ماڻهو هو. هن جو ڪو مستقل ٺڪاڻو نه هو. جبل
سندس ٿاڪ ۽ صحرا هن جا سٿر هئا. لسر جبل تي قدرتي
غار هن جو گهر هو ۽ شاديءَ کان پوءِ ٻئي هتي جبل
جي چوٽيءَ تي انهيءَ غار ۾ رهڻ لڳا. جبل جي ڪڇ ۾
هڪ کوهه مڱٿر کوٽيو هو جنهن ۾ پيئڻ جو پاڻي حاصل
ڪندا هئا. ڪنهن ڳالهه تان جڏهن اهي ناراض ٿيا ته
مري کار نئين پار هڪ ٻئي جبل تي وڃي رهي، جنهن جي
ڪري هن جو نالو مري ۽ مڱٿر پنهنجي پراڻي جاءِ تي
جبل واري چوٽي تي رهندو هو هن جو نالو مڱٿر ٿيو.
هڪ
ٻيو ٻڪرار جيڪو مڱٿر جو دوست هو. جنهن جو نالو
”کوراٺ“ هو ٻنهي کي پرچايو ۽ ائين وڏن وارن ۽
خوبصورت بانسريءَ وڄائيندڙ کوراٺ آهستي آهستي
مريءَ جي دل ۾ جاءِ ڪري ورتي. کوراٺ جي وڏن وارن ۽
بانسريءَ جي ڌم مڱٿر جي پهلواني ڪٿي گم ٿي ويئي ۽
مڱٿر جي شڪار تي وڃڻ کانپوءِ ٻنهي جي ملاقاتن جو
سلسلو شروع ٿيو. مڱٿر جي عشق جي انتها اها هئي
جڏهن هڪ ڀيرو هن کي شڪار نه مليو ته چون ٿا ته
پنهنجي ران جو گوشت ڪپي پچاءِ ”مريءَ“ کي
کارايائين. جنهن جي خبر مريءَ کي تڏهن پئي جڏهن
مڱٿر انهيءَ زخم ڪري ٻري (پت) ۾ وٺجي ويو. کوراٺ
مڱٿر جي عشق جي انهيءَ معراج کي ڏسي مريءَ جي
زندگيءَ مان نڪرڻ چاهيو پر مريءَ جي ايلازن پاڻ
مارڻ جي ڌمڪين تي هن اهو شرط رکيو ته مڱٿر جيئرو
آهي ته پوءِ توسان شادي جو سوال پيدا نٿو ٿئي.
مڱٿر جي مرڻ کانپوءِ سوچيندس. هاڻي ”مري“ لاءِ
کوراٺ اهم ۽ مڱٿر غير اهم ٿي ويو هو. مڱٿر جهڙي
پهلوان کي مارڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه هئي. پر
هڪ ڀيري پنهنجي پهلواني جا قصا ٻڌائيندي مڱٿر، مري
کي چيو هو ته ”هڪڙي ڀيري مون ٻڪرين جي واڙي مان
تنهنجي لاءِ آئي (ٻڪري)، جو ڦر کڻي جهڙو ٻاهر نڪتس
ته ڦرن جو تندو پير ۾ ڦاسي پيو، مون واڙي مان ٻاهر
ٽپو ڏنو ته سموار ڦر، تندي سميت اڇلجي ٻاهر آيا ۽
تندو ڪونه ڇنو، ڇاڪاڻ ته اهو رسو ننڍي آئٺ جي ڏاس
جو ٺهيل هو. بس هن ڏينهن کان پوءِ اهو وهم ٿي ويو
آهي ته جيڪڏهن ڪو مون کي انهيءَ رسي سان ٻڌي وجهي
ته پاڻ ڇڏائي نه سگهندس.“ مري کي جڏهن اها ڳالهه
ياد آئي ته هن کوراٺ کي اهڙو رسو ٺاهڻ لاءِ چيو.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ کوراٺ اهڙو رسو ٺاهي مري کي
ڏنو ۽ هڪ ڏينهن مڱٿر اهو رسو گهر ۾ ڏٺو ته مري کان
پڇيائين ته ”هي رسو ڪنهن جو آهي.“
مري چاڳ ڪندي چيو ته توکي ٻڌڻ لاءِ، ته جيئن
تنهنجي پهلواني جي به خبر پوي، ڇاڪاڻ ته تو پاڻ
ذڪر ڪيو هو ته، ”ڪير مون کي ننڍي ائٺ جي ڏاس جي
وٽيل رسي سان ٻڌي وجهي ته آئون ڇڏائي نه سگهندس.“
مڱٿر جنهن کي مريءَ جي انهيءَ انداز تي پيار آيو ۽
چيو ته پوءِ ”يا بسم الله اڄ ئي ٿا آزمايون.“ مري
ته انهيءَ ڏينهن لاءِ تيار هئي.
جبل جي ڪناري هڪ پٿر تي مريءَ مضبوطيءَ سان مڱٿر
جي هٿن ۽ پيرن کي رسي سان قابو ڪيو. مڱٿر جيئن ئي
رسي مان پاڻ ڇڏائڻ لاءِ زور لڳايو، تيئن ئي سڄو
رسو اندر ماس ۾ گهڙندو هڏن تائين پهتو. پوري بدن
مان رت وهڻ لڳو. مري سامهون هڪ پٿر تي مڱٿر کي جوش
ڏياريندي رهي. نيٺ مڱٿر عشق جي امتحان ۾ پاس ٿيو ۽
زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺو. مري جڏهن ڏٺو ته مڱٿر
هاڻي چرڻ جهڙو نه آهي ته هن کي ڌڪو ڏيئي مڱٿر کي
هيٺ ڪيرايو ۽ سوڳوار فضا ۾ ”مري“ جا ٽهڪ گونجندا
رهيا ۽ هو کوراٺ کي ڏسي رهي هئي. ”کوراٺ“ کي اهو
يقين نه هو ته مري ائين به ڪندي. هن کي مڱٿر جو
مريءَ لاءِ اڻ مهيو پيار، شڪار نه ملڻ ڪري پنهنجو
گوشت ڪپي مري کي کارائڻ واريون سڀ ڳالهيون ياد
آيون. کوراٺ کي خبر هئي ته مري هن جي ڊگهن وارن ۽
بانسري جي آواز تي عاشق آهي ۽ جيڪڏهن سڀان اهي نه
رهيا ته ڇا هن جو حشر به مڱٿر جهڙو ٿيندو؟ اهو
سوچي پنهنجا وار پاڪي سان لائي، بانسريءَ کي ڀڃي
ڀورا ڪري مري وٽ آيو. جيڪا خوش هئي پر هن جي خوشي
کوراٺ کي ڏسي ختم ٿي ويئي. کوراٺ پنهنجا مٿي جا
لايل وار ۽ ٽٽل بانسري ڏيندي چيو ته، ”تون انهن تي
عاشق هُئين سي هاڻي تون پاڻ وٽ رک. تو جڏهن هڪ
پيار ڪرڻ واري مڙس جو قدر نه ڪيو منهنجي حيثيت هن
سامهون ڪجهه به نه آهي.“
مري پنهنجا هوش حواس وڃائي ويٺي ۽ هتان پيرين پنڌ
منگهي پير جي آستاني پهتي ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن
هتي گذاريائين. مڱٿر کي کوراٺ ۽ ٻين ”مڱٿر جبل“ جي
ڪڇ ۾ سندس کوٽيل کوهه لڳ ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺان دفن
ڪيو. هتان جا ماڻهو ڳالهه ڪن ٿا ته ڪنهن وقت مائي
راڻيءَ نالي عورت مريدياڻي ٿي ويٺي. ايندڙ ويندڙ
مسافرن ۽ شڪارين لاءِ هتي پاڻي جا مٽ ڀريندي هئي ۽
قبر کي ٻهاري ڏيندي هئي. اها جوءِ اڄ به راڻيءَ
واري ڪنڊيءَ جي نالي سان مشهور آهي. هاڻي اها جاءِ
کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ آهي قبر ۽ ڪنڊيءَ جي وڻ جي
باري ۾ هاڻي ڪا خبر نه آهي. هڪ روايت اها به آهي
ته هن واقعي کانپوءِ مري ”حب“ ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجو
انت آندو.
گڏاپ ڏانهن ايندي ڪوهستان جي علائقي جو نالو لٺ
ڪرمتياڻي به آهي لٺ نئين جي ڪري هن جو نالو لٺ
پيو. ڪرمتين (ڪلمتين) جي اچڻ ڪري هن علائقي جو
نالو لٺ ڪرمتياڻي مشهور ٿيو. لٺ نئين ڀاڊ واري
جابلو سلسلي مان وهي اچي ٿو ۽ هاڻوڪي نئين سبزي
مڻڊي انهيءَ نئين جي پيٽ ۾ ٺهيل آهي. ڪرمتين جو
هتي پراڻو قبرستان به آهي جتي گهاڙي قبرون به آهن.
ملير ۾ جيڪي ”لٺيگ ڪلمتي“ رهن ٿا. انهيءَ لٺ واري
نئين جي ڪپ تي رهڻ ڪري انهن کي ”لٺيگ“ معنيٰ ”لٺ
وارا“ چيو وڃي ٿو. گنڌارڪي جي جبلن کان وهي ايندڙ
مينياري ڍورو ديهه ڪرمتياڻي ۽ ديهه گڏاپ کي الڳ
ڪري اڳتي لٺ ڪرمتياڻي نئين جو حصو ٿئي ٿو لوهي
وارو جبل ڪراچي ۽ ڄام شوري ضلعي جي دنگ تي ڪراچي ۾
آهي. جنهي جبل به ديهه گڏاپ ۾ آهي.
ديهه گڏاپ، ديهه شاهي ڇٻ به ڪوهستان ۾ شامل آهن.
جتي زراعت ڪئي وڃي ٿي. گڏاپ ڪراچي شهر ڏانهن ايندي
لٺ ڪرمتياڻي نئين کانپوءِ ديهه حد رواهه کاٻي هٿ
تي آهي. هتي حدر جوکئي پاران ٿڌي نئين مان واهه
(ڪسي) ڪڍي پنهنجا کيٽ آباد ڪندو هو. جنهن ڪري هن
جو نالو حدر واهه پيو. اهو پورو جابلو علائقو آهي.
ٿڌي نئين تي ٺهيل ڊيم به انهيءَ علائقي ۾ آهي.
اڳتي ديهه ٻولهاڙي آهي. جيڪو ڪراچي ۽ ڄام شوري جي
دنگ تي آهي ۽ هن پاسي ڪراچي ضلعي جو آخري ڳوٺ
پارپيو گوندر، روزي گوندر ۽ حيات گوندر آهن.
ڳوٺ پارپيو وٽان لنگهندڙ ”اڪين واري ڍوري“ جيڪي من
جبل کان وهي اچي ٿڌي نئين ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. انهن ڍوري
جي پار ڄام شوري ضلعي جي يونين ڪائونسل مول جو
علائقو آهي. هتي ئي ٿڌي نئين جي ڪپ تي ”مور
مرادين“ وارو تاريخي قبرستان آهي. جنهن ۾ 30 کان
مٿي گهاڙي قبرون آهن پر چوڪنڊي جي قبرن وانگر انهن
تي چٽسالي ٿيل نه آهي. ”مور ۽ مرادين“ ٻئي زال مڙس
هئا ۽ انهن جي زمين هئي، مرڻ کانپوءِ انهن کي هتي
دفن ڪيو ويو ته پوءِ هن قبرستان جو نالو مور
مرادين مشهور ٿيو. جيڪي ٻئي ذات جا گوندر هئا
(گوندر به برفت قبيلي جي هڪ شاخ آهي) پر جڏهن
2006ع واري ساوڻي کانپوءِ آئون هتي ويس ته هڪ ننڍو
بورڊ روڊ تي لڳل هو جنهن تي لکيل هو ”قبرستان مور
مراد شاهه“ هتي جيڪو گوندر، ٻرا ۽ قريشي فقير هئا،
انهن کي چيم، ”مار ڪا پوي، ڇو ٿا پنهنجي تاريخ سان
ظلم ڪيو سڀ ڪجهه خبر هوندي به اهڙو ظلم؟ تنهن تي
انهن چيو ته، ”پاسي ۾ رهندڙ فقيرن اهو بورڊ هڻي
ڇڏيو آهي.“ تاريخ سان واقف هوندي به فقيرن سان ڪير
بحث ڪري. ڇاڪاڻ ته هتان جا مسڪين ماڻهو فقيرن جي
پٽن ۽ پاراتن کان پري ٿا ڀڄن. مور مرادين جي
سامهون ”ٽي ماهوٽي“ واري بٺي جي ڪڇ ۾ ”جاکري وارو
قبرستان“ به تاريخي آهي، جتي به گهاڙي قبرون آهن.
جنهن سان لڳ ”گنڌا ڪي“ وارو ڍورو آهي. انهيءَ ڍوري
ڪري اهو علائقو گنڍاڪو سڏجي ٿو. بٺي جي ٻئي پاسي
”ڪهيري وارو ڍورو“ آهي، جيڪو خرمريون واري بٺي مان
وهي ٿڌي ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هي علائقو جيڪو ڪراچي جي
دنگ تي ڄام شوري ضلعي ۾ آهي ۽ خوبصورت علائقو آهي.
هن خوبصورت علائقي کي ڀڙڀانگ ڪرڻ لاءِ ريتي بجري
کڻڻ واري مافيا پهچي ويئي آهي. پٺاڻن جا وڏا وڏا
ڊمپر تيزي سان ريتي بجري کڻي علائقي کي ويران ڪري
رهيا آهن. جنهن جي ڪري ٿڌي نئين جي ڪناري وڻن کي
ڪٽيو پيو وڃي. ٿڌي ۽ هن جاءِ تي ميلن تائين صاف
پاڻي ساوڻي جي برساتن کان پوءِ وهندو آهي ۽ ڪن
جاين تي ڪنن ۽ کڏن ۾ ٻارنهن مهينا پاڻي موجود
هوندو آهي. هتي ٿڌي نئين ۾ ”گنڍاڪي وارو ڪن“،
ڪراچي جي حدن ۾ حيات گوندر ڳوٺ کانپوءِ ”ٻٽڪي وارو
ڪن“ ۽ ڄامڙي وارو ڪن“ مشهور آهن.
ٻولهاڙي واري ڍوري کانپوءِ ديهه ٻولهاڙي وارو
علائقو شروع ٿئي ٿو جيڪو به ڄام شوري ضلعي جي دنگ
کي ڪراچي کان جدا ڪري ٿو. اڳتي هلي انهن جبلن مان
ڪرڪٽي واري ڪن مان وهي ايندي ڪرڪٽي ڍوري کانپوءِ
لنگهيجي ديهه وارو علائقو شروع ٿئي ٿو. جيڪو به
جابلو علائقو آهي ۽ ٿڌي نئين جي ڪپ تي زراعت به
ٿئي ٿي.
انهيءَ ڪرڪٽي ڍوري جي ڇوڙ لڳ ٿڌي نئين جي ٻئي ڪپ
تي منهنجو ڳوٺ آهي. ڪوهستان ۽ انهن جابلو سلسلن
سان اڻ کٽ مڄبتن جو هڪ سلسلو اهو به آهي ته آئون
پاڻ انهيءَ علائقي جو حصو آهيان. هي سڀ جبل،
چوٽيون، بٺيون، نيون، ڍورا ۽ ڍوريون منهنجي وجود
جو حصو آهن. جن کان بنا آئون هڪ پل به رهي نٿو
سگهان. جڏهن ڪراچي جي هل ۽ هنگامن کان بيزار ٿيندو
آهيان ته پهاڙن ڏانهن منهن ڪري سڪون جون ڪجهه
گهڙيون حاصل ڪندو آهيان. ڇپر جا رهندڙ ماڻهو گهڻي
حد تائين هن رولاڪ کان واقف آهن. هتي پهچڻ کانپوءِ
انهن مسڪين ماڻهن جي بي لوث محبتن جي ڏاوڻ ۾ ٻڌجي
ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي به وساري ويهندو آهيان.
لنگهيجي نئين کانپوءِ اوڀر پاسي وڃبو ته ڪاٺوڙ جو
علائقو شروع ٿئي ٿو. ڪاٺوڙ، ديهه ٻائل، ديهه کديجي
جيڪي سڀ ڪراچي ۽ ڄام شوري ضلعي جي دنگ تي ڪراچي ۾
آهن. اهي سڀ جابلو علائقا آهن. هتي رهندڙن جي سڪون
کي برباد ڪرڻ ۽ صدين کان زندگيءَ جي هر سهولت کان
محروم، پر پوءِ به پنهنجي ڏيهه سان محبت ڪندڙ انهن
ٽنهي ديهن جي ماڻهن کي سندن اباڻن پٽن تان بيدخل
ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي چڪيون آهن. ڊفينس هائوسنگ
فيز-2 لاءِ کديجي ۽ ٻائل ۾ 10 هزار ايڪڙ زمين ڏني
ويئي آهي. ديهه ڪاٺوڙ ۾ مول نئين جي خوبصورت ڪپ تي
بحريه ٽائون ٺاهڻ لاءِ سروي جو ڪم (ڊسمبر 2006ع)
هنن اکرن لکڻ تائين جاري آهي. جتي 5000 هزار ايڪڙ
زمين حاصل ڪري فوجين کي رهايو ويندو. کديجي جي
خوبصورت جهرڻي ۽ تاريخي ماڳ تي اڳ ۾ فوجي ٽريننگ
جي نالي تي حاصل ڪيو ويو آهي ۽ رهيل ڪسر انهن
هائوسنگ اسڪيمن وسيلي پوري ڪئي ويندي. مالوند
ماڻهن جي خوبصورت چراگاهن، تاريخي ماڳن، اوچين
چوٽين تي انهن جي مالڪي جو حق ختم ڪيو پيو وڃي.
ديهه ڪاٺوڙ ۾ ”گوهربان“ تاريخي ماڳ آهي. جيڪا
”گوهر جتڻي“ جي نالي سان آهي. ”بان“ بلوچي ۾ ڪچي
مٽي جي گهر کي چيو وڃي ٿو. گوهر جتڻي جي ڳالهه تان
بلوچستان ۾ رندن ۽ لاشارين ۾ 30 سال جنگ لڳي، سوين
ماڻهو مارجي ويا. گوهر پوءِ هتان لڏي اچي هتي رهڻ
لڳي. ”گوهربان“ جبل جي چوٽي تي هڪ قبر به آهي جنهن
لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها گوهر جي آهي. مول نئين به
هتان گذري جڏهن ملير ۾ داخل ٿئي ٿو ته ان کي ملير
چيو وڃي ٿو. مول جو اهو حصو اوچين پهاڙن، وهندڙ
صاف ۽ شفاف پاڻي ڪري دل کي وڻندڙ آهي. ديهه
لنگهيجي ۾ ٿڌي نئين جي ڪپ تي گهاڙي قبرستان آهي
جنهن کي ”روميون“ ۽ ڪلمتين جون قبرون چيو وڃي ٿو.
ڪاٺوڙ تائين انهن جبلن ۾ اهي گهاڙي نقش نگار
واريون قبرون موجود آهن. انهن جبلن مان اهو پٿر
حاصل ڪري انهن تي چٽسالي ڪري قبرن لاءِ استعمال
ڪيو ويو آهي. ٻه اهڙيون جايون جتان اهو پٿر حاصل
ڪيو ويو آهي ديهه لنگهيجي ۾ انهن جا اهڃاڻ موجود
آهن. گڏاپ کان ڪاٺوڙ ويندي ”للو پڙهه“ جي ويجهو هڪ
جاءِ وٽ سخت پٿر تي ماڻهو جي پيرن جا نشان صاف ۽
چٺا اُڪريل آهن. ديهه لنگهيجي سان لڳ سپر هاءِ وي
تائين ڪونڪر جو علائقو به انهيءَ جابلو سلسلي جو
حصو آهي. جتي به آدم گبول ڳوٺ لڳ ٿڌي نئين جي
ڪناري تاريخي ماڳ جا نشان آهن. پر هاڻي ڪونڪر جو
اهو حصو فوجين جي حوالي ڪيو ويو آهي. ممتاز ڀٽو
جڏهن 1996ع ۾ سنڌ جو وقتي وڏو وزير هو ته اهو پورو
علائقو جنهن ۾ مختلف گبولن جا ڳوٺ به آهن فوجين جي
حوالي ڪيا هئا. جيڪي هاڻي ٽريننگ جي بهاني ماڻهن
لاءِ آزار بڻيل آهن.
ڪراچي ڪوهستان ۾ اڳتي سپر هاءِ وي جي حيدرآباد
ڏانهن ويندي ساڄي هٿ تي ڪوٽيرڙو، ڊانڊو، چوهڙ،
گهگهر، ۽ ڌاٻيجي، آبدار، درساڻو ڇنو، کرکرو، ملهه،
ٿاڻو، لانڍي، سنهڙو، کانٽو، کاکڙ، ڱانڱيارو،
ٻاڪراڻ، جوريجي ۽ پپري شامل آهن. اهو پورو علائقو
تاريخي لحاظ کان انتهائي اهم آهي جتي تاريخي آثار
موجود آهن. جن جي سروي جي ضرورت آهي. گهگهر واري
علائقي ۾ سڪڻ نئين کان پار وارو علائقو ملير
ڊيولپمينٽ اٿارٽي پاران هائوسنگ اسڪيم لاءِ ۽ اڌ
حصو فوجين کي الاٽ ڪيو ويو آهي. جتي تيزي سان
آبادڪاري ٿي رهي آهي. سمندري بابا جي درگاهه، پاڪ
لينڊ سيمينٽ فيڪٽري ۽ لڪي سيمينٽ فيڪٽري به انهيءَ
علائقن ۾ آهن. ٻنهي سيمينٽ فيڪٽرين ۾ ڌارين جون
ڪالونيون ٺاهيون ويون آهن. جن کي هتي نوڪري ڏيئي
رهائش لاءِ ڪوارٽر به ڏنا ويا آهن.
ڪوهستان، قدرتي نعمتن سان مالامال شاهوڪار تهذيب
جو مالڪ ۽ شاندار علائقو آهي. هتي پهاڙي سلسلا، دل
وڻندڙ ماڳ ۽ منظر آهن. انهن خوبصورت منظرن ۾ بک
بدحالي هتان جي ماڻهن جي اکين مان جهلڪندي نظر اچي
ٿي. جنهن کي هو مهمانن کان لڪائڻ جي فن کان واقف
آهن. ڪوهستان جي پنهنجي هڪ الڳ شناخت آهي هتي جي
جبلن، چوٽين، ندين، ڍورن، گسن، پنڌن، پيچرن ۽ لڪن
جي پنهنجي هڪ الڳ تاريخ آهي. هتي قبائلي نظام
پنهنجي پوري عروج تي آهي. هتان جا ماڻهو ترقياتي
ڪمن لاءِ انهن سردارن ڏانهن واجهائين ٿا. ڇاڪاڻ ته
هتان جي چونڊيل نمائندن کي انهن جو آشيرواد حاصل
هوندو آهي. تعليم ئي قومن جي مقدر کي بدلائي
ڇڏيندي آهي. ڇاڪاڻ ته اڻ پڙهيل سماج جاگيرداري ۽
سرداري نظام جي رسمن جو باغي نٿو ٿي سگهي. پڙهيل
سماج ئي انهن ٻنڌڻن کان آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري
سگهي ٿو. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي اچڻ ڪري هتي
جي سماجي قدرن ۾ تبديلي اچي رهي آهي. هو پنهنجي
سڀني ڳڻ ۽ اوڳڻن سان ڪوهستان جي سماج ۾ موجودگيءَ
جو احساس ڏياري رهيا آهن. بين الاقوامي فنڊ حاصل
ڪندڙ تنظيمن ۽ ميڊيا جي اچڻ ڪري هتان جون گهڻيون
سٺيون روايتون به ختم ٿي رهيون آهن.
سڃو جو ساڻيهه ته به ونهيان ئي وترو،
گهوريو سو پرڏيهه، توڙي ڦلن ڇانئيون.
*
* *
روح جي پرستش کان توحيد تائين سفر
مندر، مساڻ، ڌرم شالا ۽ گرد وارا:
انسان فطري طور مذهبي رهيو آهي. جنهن جي ڪري انسان
ڪنهن به زماني ۾ مذهب کان لاتعلق نه رهيو آهي. پٿر
جي دور کان وٺي پوڄا جو تصور موجود رهيو آهي.
سمجهه ۾ نه ايندڙ ۽ پراسرار شين جي پوڄا ڪئي ويندي
هئي. ڇاڪاڻ ته انهن شين جي خوف انسان کي انهن جي
پوڄا ڪرڻ تي مجبور ڪيو ته جيئن اهي ناراض ٿي نقصان
نه پهچائين. انهيءَ پوڄا سان مذهبي رسمون ٺهنديون
ويون ۽ ائين هڪ جهڙين رسمن ۽ عقيدن جا ماڻهو ۽
گروهه پاڻ ۾ گڏ ٿيندا ويا. انهن هڪ جهڙين رسمن ۽
عقيدن هڪ گروهه کي ٻئي کان الڳ ڪيو ۽ مذهبن جو
بنياد پيو. هي ماڻهو فطرت جا پوڄاري هوندا هئا.
جنهن ۾ وڻ، جانور ۽ دريا اهم هوندا هئا. موهن جي
دڙي ۽ ان جي همعصر آثارن جيڪي سنڌو تهذيب جي روپ ۾
موجود آهن. اهڙيون مهرون مليون آهن جن تي وڻن ۽
جانورن جون تصويرون اُڪريل آهن. مذهبي عقيدت مختلف
دور ۾ مختلف روپ اختيار ڪيا ۽ انساني زندگي جي ٻين
شعبن وانگر مذهبن به ارتقائي منزلون طئي ڪيون. جن
۾ تبديليون اينديون رهيون پر پوڄا جو تصور ختم نه
ٿيو. جنهن ۾ هن ڪائنات جي خالق جي پوڄا اهم رهندي
پئي اچي. هر مذهب جو ماڻهو ڌرتيءَ جي انسانن کي
خلقيندڙ جي پوڄا/عبادت ڏانهن دعوت ڏيندو رهيو آهي.
انسان اڻ ڄاڻ مدت کان هن ڌرتيءَ جو باسي آهي ۽
مذهب به انسانيت وانگر قديم آهي. هر مذهب ڪنهن به
روپ ۾ هجي براين کان پري، سٺن ڪمن ۽ خلقيندڙ جي
پوڄا/عبادت ڏانهن دعوت ڏيندو رهيو آهي. هن جو روپ
۽ طريقو ڀلي مختلف رهيو هجي/آهي. مذهب پنهنجي عام
تصور ۾ انسانيت جو بنيادي عنصر آهي. روح جي پرستش
کان وٺي توحيد تائين جو سفر، مذهب جو عقيدو مختلف
مذهبن/قومن/گروهن ۾ مختلف رهيو آهي.
هندستان ۾ آريائن جي اچڻ وقت انهن پنهنجي مذهبي
ڪتابن ويدن ۾ مذهب ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي بابت گهڻو
ڪجهه لکيو آهي. جيڪا پهرئين ويد لکي وئي سا ”رگ
ويد“ آهي. ويدن جي زماني کي ”ويدڪ“ چيو وڃي ٿو.
ويد، سنسڪرت ٻولي ۾ لکيا ويا هئا. انهن جي اشلوڪن
کي ”سوڪت“ چيو وڃي ٿو. هي اشلوڪ رشين ۽ فلاسفرن
لکيون هيون. رگ ويد کانسواءِ سام ويد، يجر ويد ۽
اٿر ويد به آهن. جن ۾ گهڻو ڪري مذهبي رسمن جي باري
۾ اشلوڪ ۽ بجن آهن. انهن اشلوڪ کي سمجهائڻ وارن جو
هڪ طبقو جڏهن پيدا ٿيو جيڪو پوڄارين جو طبقو هو،
جنهن کي برهمڻ چيو ويو. حڪومت ڪندڙ راجائن کي
”ڪشتري“ ۽ زراعت ڪرڻ وارا ”ويش“ ۽ عام مزدوري ڪندڙ
”شودر“ جا طبقا پيدا ٿيا. اڳتي هلي هندو مت ۾ ”آرن
يڪ“، ”پراڻ“، ”مهاڀارت“ ۽ ”رامائڻ“ به لکيا ويا.
آرن يڪ برهمڻن جو لکيل آهي. جنهن ۾ ويدن ۾ موجود
اشلوڪن جي تفسير بيان ڪيل آهي. جنهن لاءِ چيو وڃي
ٿو ته ان کي صرف جهنگ ۽ بيانن ۾ خاموشي ۽ اڪيلائي
۾ پڙهڻ گهرجي. ”پراڻ“ قديم مذهبي گيتن جو مجموعو
آهي. جيڪو ماهرن موجب 5 صدي ق. م ۾ لکيو ويو آهي.
مهاڀارت ۾ پانڊئون ۽ ڪوروئن جي جنگ جو احوال آهي،
هن جي تاريخ 1000 کان 700 ق.م جي وچ ۾ آهي.
”رامائڻ“، رام ۽ سيتا جي ڪهاڻي آهي. هي به سنسڪرت
۾ لکيل آهي. رام ايوڌيا ڪو بادشاهه ”دشترٿ“ جو وڏو
پٽ هو. هن کي تخت جو وارث بڻايو ويو. هي پنهنجي
رعيت ۾ مقبول حڪمران هو پر وقت هن تي نامهربان
ٿيو. جڏهن راجا جي ننڍي گهر واري پنهنجي پٽ ”ڀارت“
کي جانشين ڪيو ۽ رام کي 14 سالن جو بن واس ڪرڻو
پيو. رام سان گڏ انهيءَ جلاوطني ۾ سندس گهر واري
سيتا ۽ ڀاءُ لڪشمڻ به گڏ هئا. ساڌو بڻجي هو جهنگلن
۽ بيانن ۾ رلندو رهيو. انهيءَ عرصي دوران ڀارت تخت
تي نه ويٺو پر هن رام جو جوتو نشاني طور تخت تي
رکيو ۽ حڪومت ڪندو رهيو.
بنواس جي ڪنهن موڙ تي لنڪا جي راجا راوڻ، سيتا کي
اغوا ڪيو. هن وقت بندرن جي سردار ”هڙمان“ (هنومان)
رام جو ساٿ ڏنو. جنگ ۾ راوڻ مارجي ويو ۽ سيتا واپس
رام وٽ آئي. چيو وڃي ٿو ته رام کي پنهنجي سيتا تي
شڪ ٿي پيو جنهن لاءِ سيتا دُعا گهري ته هن جي عزت
بچائڻ لاءِ ديوتا هن جي مدد ڪن. دعا سان زمين ڦاٽي
پئي ۽ سيتا هن ۾ سمائجي وئي. ان کانپوءِ هندو سماج
۾ سيتا کي ديوي جو درجو ڏنو ويو.
انهيءَ بنواس تِيرتايُگ دوران رام، سيتا ۽ لڪشمڻ
هنگلاج ويندي ڪراچي واري علائقي مان گذري ويا هئا.
انهن هتي هڪ وڏي ميدان ۾ چشمي تي جتي وڻن جو گهاٽو
ٻيلو هو بسيرو ڪيو ۽ ان ڏينهن کان وٺي انهيءَ باغ
جو نالو ”رام باغ“ مشهور ٿيو. رام جي ڪري هي تيرٿ
آستان ٿيو ۽ مقدس جاين ۾ هن جو شمار ٿيڻ لڳو. هن
مقدس تيرٿ آستان کي اسان ”آرام“ جو نالو ڏيئي
هميشه لاءِ آرام ڪرائي ڇڏيو آهي. ڪلفٽن ۽ منهوڙي
وچ ۾ سمنڊ ۾ ”رام جهروڪا“ نالي جبل آهي. جيڪو اڳ ۾
ڪلفٽن ۽ منهوڙي کي ڳنڍيندو هو. پر ڏهين صدي ۾
ايندڙ زلزلي ڪري ٻنهي پاسي ڪنارن وارا سلسلا سمنڊ
۾ غرق ٿي ويا. هاڻي هڪ چوٽي ڪلفٽن ۽ منهوڙي جي وچ
۾ موجود آهي. جتي ٻيڙي وسيلي وڃي سگهجي ٿو. موڪل
وارن ڏينهن ۾ هتي رش رهي ٿي. هنگلاج وڃڻ کان
پهرئين منزل طور رام، سيتا ۽ لڪشمڻ انهيءَ جابلو
چوٽي تي رهيا هئا جتي هاڻي هڪ قبر ٺهيل آهي. ان
ڏينهن کانپوءِ هن پهاڙ کي ”رام جهروڪا“ جو نالو
ڏنو ويو. انگريزن هن جو نالو بدلائي ”آئسٽر راڪ“
رکيو پر مشهور اڄ به رام جهروڪا جي نالي سان آهي.
رام، سيتا ۽ لڪشمڻ هن ياترا دوران ڪلفٽن واري شيو
مندر ۾ به پوڄا لاءِ ويا هئا ۽ منگهو پير روڊ تي
پراڻي گوليمار لڳ جيڪو هندن جو مساڻ ۽ هنگلاج ديوي
جو مندر آهي. اهو مندر به ان وقت کان موجود آهي.
تنهنڪري هنگلاج وڃڻ وارا ياتري ڪلفٽن ۽ هنگلاج
مندر منگهو پير روڊ تي پوڄا کانپوءِ هنگلاج لاءِ
ويندا آهن.
ڪراچي وارو علائقو به شروع کان وٺي مختلف مذهبن جو
آماجگاهه رهيو پر هندو مذهب جو هتي اثر گهڻو رهيو
آهي. هيءُ گذرگاهه هئڻ ڪري به هي علائقو اهم رهيو
آهي. ڪراچي ۽ ان جي آسپاس اڄ به جبلن، پهاڙن ۽
ٻيلن ۾ اهڙا آثار موجود آهن. جيڪي پوڄا جا مرڪز
رهيا هئا، جن ۾ ريڙهي مياڻ لڳ واڳو ڏر، ڊملوٽي
بازار نئين جا ڪنارا، اميلاڻو، کديجي، پپري، گڏاپ،
مهير جبل، منگهو پير وارا علائقا شامل آهن. جتي
هندو مذهب جا مقدس عبادتگاهه، تيرٿ آستان ۽ ٻيا
آثار موجود آهن جن جو ذڪر ڪتاب جي مختلف بابن ۾
ڪيل آهي. هتي ڪراچي جي قديمي مندرن، مساڻن جو ذڪر
ڪيو ويندو جيڪي ويجهي ماضيءَ ۾ موجود رهيا آهن. جن
مان ڪجهه آهن ۽ گهڻا ختم ٿي ويا آهن.
هي
هڪ لازمي تاريخي عمل آهي ته جيڪڏهن ڪنهن عقيدي جا
ماڻهو ڪنهن ڌرتي تان لڏپلاڻ ڪري وڃن ٿا ته هن
عقيدي ۽ انهيءَ عقيدي جي احترام لائق جايون فقط
عام جاين ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. پوءِ هن جو
دارومدار نئين عقيدي اچڻ وارن ماڻهن جي مٿان هوندو
آهي ته هو انهن جاين سان ڇا ٿا ڪن. انهن جاين کي
پنهنجي عقيدي جي جاين ۾ تبديل ڪيو ڇڏين جيڪو هڪ
نامناسب ۽ غلط عمل آهي ته هر مذهب، مذهبي جاين جي
تقدس کي برقرار رکڻ جو درس ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته اهي
جايون، انهن جي اڏاوت، انهن جو تقدس جو تعلق تاريخ
سان آهي. جنهن مان تاريخ جي اڏاوتي فن ۽ مذهبن جي
تاريخ جي ڄاڻ ملي ٿي. انهن جي مٽجڻ سان تاريخ جون
سچيون شاهديون مٽجي وينديون. دنيا ۾ اهڙا اڻ ڳڻيا
شهر آهن جيڪي فقط پنهنجي شاندار تاريخ ۽ قديم جاين
۽ مقدس مذهبي جاين جي سهاري ساهه کڻي رهيا آهن ۽
ڪراچي به انهن شهرن مان هڪ آهي، پر هتي اسان تاريخ
سان جيڪو جبر ڪيو آهي اها هڪ الڳ تاريخ آهي.
مذهبي جنون، قبضاگيري ۽ ڌرتيءَ سان ڳانڍاپو نه هئڻ
ڪري ڪراچي ۾ آيل ماڻهن هن شهر جي تاريخ، تاريخي
جاين ۽ مذهبي جاين سان جيڪو ”بلاتڪار“ ڪيو آهي اهو
معافي جوڳو نه آهي. هن گڏيل ”ريپ، ۾ هتان جا ڪجهه
مقامي ماڻهو به برابر جا شريڪ آهن. انهن جي بدصورت
ارادن انهن جي چهري وانگر هن شهر جي حسن کي بدصورت
بڻائي ڇڏيو.
1838ع ۾ ڪئپٽن هارٽ ميرن جي دور ۾ جڏهن ڪراچي جو
دورو ڪيو ته هن لکيو ته ”ڪراچي شهر ۾ هندوئن جي
مندرن جو ڳاڻيٽو 34 آهي.“
ڪراچي ۾ گهڻو ڪري وڏن مندرن سان گڏ ڌرم شالائون به
هونديون هيون. ڪراچي ۾ موجود سڀني پراڻن مندرن،
ڌرم شالائن ۽ مساڻن جو منهنجو اهو دورو پياري دوست
پپو پريم چند، جيڪو دوستن ۾ ڪامريڊ جي نالي سان
مشهور آهي ممڪن ٿي سگهيو. پپو پريم چند سنڌ مندر
بچايو ڪاميٽي جو صدر ۽ پنجرا پور ٽرسٽ ڪراچي جو
چيئرمين به آهي. جنهن ڪراچي جي مندرن ۽ پنجرا پور
ٽرسٽ جي جاين لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي آهي ۽ انهيءَ
جدوجهد جي نتيجي ۾ گهڻن مندرن تان قبضا به ڇڏرايا
آهن. هر مندر ۾ ويٺل پوڄاري هتان جا ماڻهو پريم
چند کي اکين ۾ ويهارين ٿا. جيڪڏهن پريم نه هجي ها
ته مندرن جي گهڻي انگ تائين مون جهڙي ماڻهو جو
پهچڻ، فوٽوگرافي ڪرڻ ۽ معلومات وٺڻ ڏکيو هو.
ورهاڱي کان اڳ جيڪي مندر هئا. انهن مان هاڻي وڃي
50 کن بچيا آهن. جن مان اڌ کان مٿي مندرن تي قبضا
آهن ۽ جيڪي بچيل آهن قبضاگير هڪ ٻئي بابري مسجد جي
واقعي جي انتظار ۾ آهن. جيڪي مندر بچيل آهن انهن
جي گهڻن حصن ۽ مندر سان ڳنڍيل ڌرم شالا وارين جاين
تي قبضا ڪيا ويا آهن. منهنجو هي دورو جنوري 2007ع
۾ ٿيو ۽ هيٺ ڏنل مندرن بابت معلومات انهيءَ دوري
دوران ملي سگهي. ورهاڱي کانپوءِ هندو آبادين ۾
نوان مندر ۽ گرد وارا به قائم ٿيا انهن مان به
گهڻن جو دورو ڪيو ويو. انهن جو احوال هتي ڏجي ٿو.
شيو مندر ڪلفٽن:
جنهن کي پاتال رتنيشور مهاديو جو مندر به چيو وڃي
ٿو. هي ڪراچي جو سڀ کان قديمي مندر آهي. شيو جي هن
مندر تي مٿان ڪا اڏاوت نه آهي. ڇاڪاڻ ته هي مندر
هڪ غار ۾ آهي. اهو مندر ڪنهن دور ۾ سمنڊ جي سطح
کان چاليهه فٽ هيٺ جابلو غار ۾ هو. جتي سويم ڀو
مهاديو جو لنگ هو. هي مندر ڪلفٽن تي جهانگير
ڪوٺاري پريڊ جي پارڪ واري گيٽ سان لڳ آهي ۽ هن ۾
اندر وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺهيل آهي. قديم غار کي هاڻي
پڪو ڪيو ويو آهي. هن جي آس پاس جيڪي ٽڪريون ۽ ڀٽون
هيون انهن کي به ختم ڪري هاڻي ابن قاسم پارڪ ٺاهيو
ويو آهي. هتي جيڪو مٺي پاڻي جو چشمو وهي ويندو هو
هاڻي جيئن ته اڳيان وڃڻ جو رستو بند آهي. غار پڪو
ڪيو ويو آهي تنهنڪري چشمي جو پاڻي موٽر وسيلي ٻاهر
ڪڍيو وڃي ٿو ته جيئن اهو پاڻي غار جي اندر نه وڃي.
پهاڙ ۽ پثر جو هڪ حصو اڄ به خوبصورت ڏيک ڏئي ٿو.
جنهن جي هيٺ اهو غار آهي. جتي سويم ڀو مهاديو جو
لنگ موجود آهي. جنهن کي هاڻي شيشي ۾ بند ڪيو ويو
آهي. ڪالي ديوي سميت مختلف مورتيون هتي رکيل آهن.
غار جي اندر اگربتين ۽ لوبان جي دونهن کي ٻاهر ڪڍڻ
لاءِ ڇت سان پائيپ لڳل آهي. مهاديو جو اهو غار
جيڪو شيو مندر نالي مشهور آهي جنهن جو ذڪر رامائڻ
۾ آهي. هي مندر روايت موجب ٻن هزار سالن کان هتي
موجود آهي. راجا ڏاهر جي وقت به هي هڪ اهم مندر هو
جنهن تي سنڌ وطن جو جهنڊو هميشه لهرائيندو هو. هن
کي راجا ڏاهر جو مندر به چيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته
راجا ڏاهر هر چنڊ رات تي هتي پوڄا لاءِ ايندو هو.
شيو ۽ ماتا جا مندر گهڻو ڪري جبلن، غارن ۽ جهنگ ۾
فطرت جي ويجهو هوندا آهن. شيو جي پوڄا اصل ۾ لنگ
جي پوڄا آهي. هندو مذهب ۾ وشنو ۽ شيو اهم ديوتا
سمجهيا وڃن ٿا. وشنو جيڪو رحم جو ديوتا آهي. محبت
جو درس وشنو ئي ڏنو آهي. هن جي اثر ۾ گهڻا ديوتا
شامل آهن. انهن سڀني کي وشنو جو اوتار چيو وڃي ٿو.
جنهن مان نو (9) اچي چڪا. مهدي ۽ حضرت عيسيٰ وانگر
ڏهين جو اچڻ اڃان باقي آهي. نرسنگهه، رام چندر ۽
ڪرشن اهم اوتار آهن.
شيو جيڪو ويدن جي زماني ۾ تباهه ڪارين جو ديوتا
هو. پر هاڻي ائين نه آهي. هندومت ۾ هي مهربان ۽
نيڪ ديوتا آهي. جنهن ۾ سڀ خاصيتون موجود آهن. ان
کي مهاديو (وڏو خدا) ديوا ديو (خدائن جو خدا)،
تريشولم (ترشول کڻڻ وارو)، ٽريڪ ساءَ (ٽن اکين
وارو) ۽ اماپتي به چيو وڃي ٿو. شيو جيئن ته پهاڙن
تي رهندڙ آهي. تنهنڪري ڪيلاش پربت ان جو مسڪن آهي.
جتي هو ڌگيان ۾ مصروف آهي. ان جي محبوب سواري ڍڳو
آهي. جنهن کي ”ننڌي“ چيو وڃي ٿو. شيو جي هر مندر ۾
اندر يا ٻاهر ڍڳي جي پٿر جي ٺهيل مورتي ضرور هوندي
آهي. شيو جي زال پاربتي جنهن کي هماليه جي ڌي جو
نالو ڏنو ويو آهي. اها هڪ رحم دل ماءُ آهي، هن
ديوي جا مختلف روپ آهن. جن ۾ ”اوما“، ”درگاهه“ ۽
”ڪالي“ مشهور آهن. وشنو وانگر شيو جا به گهڻا فرقا
ٿي ويا آهن. ڪارشڪي ۽ گڻيش شيو جا اولاد آهن.
لڪشمي، گڻيش جي گهرواري آهي. برهما، وشنو ۽ شيو
هندوئن جا وڏا ديوتا آهن. انهن جي حيثيت جو تعين
ڪرڻ ڏکيو هو. تنهنڪري انهن کي هڪ جاءِ تي ديوتا
ڪيو ويو جنهن جا ٽي صورت آهن. جنهن کي ”تري مورتي“
جو نالو ڏنو ويو آهي.
ڪلفٽن واري شيو مندر جي ويجهو هڪ ٽڪري تي عبدالله
شاهه غازي جو مقبرو آهي. هي به قديم مزار آهي. اڳ
۾ ذڪر ڪري آيو آهيان ته رام ۽ سيتا بن واس دوران
هنگلاج ويندي انهيءَ مندر ۾ مٿو ٽيڪي، پراتنا
کانپوءِ اڳتي ويا هئا.
لڇمي نارائڻ مندر ڪياماڙي:
لڇمي نارائڻ مندر نيٽي جيٽي پل جي ويجهو آهي. مائي
ڪلاچي باءِ پاس ٺهڻ کانپوءِ هاڻي هي مندر هن کان
هيٺ نظر اچي ٿو. جنهن ڏانهن وڃڻ لاءِ پل تان ڏاڪڻ
به آهي ۽ گاڏين لاءِ بيچ لگرﱞري هوٽل واري رستي
کان
KPT
بلڊنگ وٽان مائي ڪلاچي باءِ پاس هيٺان رستو مندر
تائين وڃي ٿو. هن مندر کي ورن ديوتا جو مندر،
اڏيرو لعل جو مندر به چيو ويندو آهي. هتي ورهاڱي
کان اڳ عورتن ۽ مردن لاءِ ڌار ڌار اشنان گهاٽ
هوندا هئا. عورتن واري اشنان گهاٽ تي هاڻي پوڄارين
گهر ٺاهي ڇڏيا آهن. مندر جي هڪ پاسي هڙمان
(هنومان) لاءِ به جاءِ ٺاهي ويئي آهي. هڪ پاسي ورن
ديوتا جو مندر ۽ ٻئي پاسي ان سان گڏ هڙمان
(هنومان) جو مندر آهي ۽ سامهون ڪريڪ جنهن جو صاف
سٿرو پاڻي ڪنهن زماني ۾ مندر جي ڏاڪڻن سان لڳندو
هو. جيڪو اڄ به لڳي ٿو پر پاڻي هاڻي بندرگاهه ڪري
گدلو ٿي ويو آهي. نيٽي جيٽي جو پل هندوئن کانسواءِ
نوروز ۽ حسين جي چاليهه ڪري تازيانا آڻڻ ڪري به
مشهور آهي. جتي نوروز وارن ڏينهن ۾ به رش هوندي
آهي. جتي پارسي، هندو ۽ اسماعيلي خوجا پنهنجي من
جون مرادون هڪ پني تي لکي ڳوهيل اٺي ۾ وجهي سمنڊ
جي نظر ڪندا آهن ۽ شيعا حسين جي تازئين کي هتي ئي
سمنڊ جي نظر ڪندا آهن. ڪنهن دور ۾ ڪياماڙي جي گودي
انهيءَ جاءِ کان اڍائي ميل پري هئي پر هاڻي مندر
گودي جي وچ ۾ آهي.
ڪيٽن هارٽ ميرن جي وقت ۾ جڏهن ڪراچي جو دورو ڪيو
ته هن مندر بابت لکي ٿو ته ”ڪراچي جي بندرگاهه
ويجهو هن مندر ۾ مورتيون نه آهن. هتي هڪ ڏيئو
مسلسل ٻرندو رهي ٿو. ٽالپر انتظاميا پاران ماهوار
ساڍا ست سير تيل هن مندر لاءِ ڏنو ويندو آهي.“
پراڻن زمانن ۾ هندوئن ۽ مسلمانن جا ٻيڙا جڏهن سمنڊ
۾ سفر لاءِ روانا ٿيندا هئا ته هن مندر تي نذرانو
پيش ڪري پوءِ سفر تي روانا ٿيندا هئا. مندر ۾ پوڄا
پاٽ جو سلسلو هلندڙ هو. مندر جي پراڻي جاءِ اڄ به
دل کي وڻندڙ لڳي ٿي پاسي ۾ وڏن پپرن جي وڻن واري
جاءِ کي هاڻي ”ڪي پي ٽي“ جي حوالي ڪيو آهي. جيڪو
ڪنهن دور ۾ مندر جو حصو هو. جتي هاڻي فوڊ اسٽريٽ
ٺاهڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.
|