سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 42

دريا شاهه مندر منهوڙو:

هي به ڪراچي جو قديمي مندر آهي. هڪ رايو اهو به آهي ته ديبل بندر انهيءَ جاءِ تي هو جيڪو سمنڊ ۾ اچي ويو آهي ۽ هي مندر ان سان لڳ هڪ پهاڙي چوٽي تي هوندو هو ۽ ديبل جو سڀ کان وڏو مندر هوندو هو. محمد بن قاسم جي حملي وقت هن مندر کي تباهه ڪيو ويو ۽ پوءِ هندوئن انهيءَ جاءِ تي ٻيهر اهو مندر اڏيو. انگريزن جي دور ۾ هتي هر آتوار تي ميلو لڳندو هو. وڏو ميلو بسنت جو لڳندو هو. ٻيٽ ۾ چئني پاسي کارو پاڻي آهي ۽ مندر جي کوهه ۾ مٺو پاڻي موجود هوندو هو. ميرن جي دور ۾ هتي مسجد ۽ انگريزن جي دور ۾ گرجا گهر تعمير ڪيا ويا. هتي ميرن پاران لائيٽ هائوس ۽ انگريزن پاران واٽر بريڪ جيڪو پٿرن جي ديوار سان ٺهيل آهي، ٺاهيا ويا. واٽر بريڪ جو منظر انتهائي خوبصورت هوندو هو. هن مندر ۾ به ڏيئو مسلسل ٻرندو رهندو هو. ميرن جي سرڪار پاران هن مندر لاءِ به تيل ڏنو ويندو هو. مندر تي هاڻي مسلمانن جو قبضو آهي ۽ هن تاريخي مندر کي تباهه ڪيو پيو وڃي. مندر تي پٺاڻن جو قبضو آهي. هن جي هڪ حصي کي هو ڪاڪوس طور استعمال ڪري رهيا آهن. مقدس جاين جي هن کان مٿي بي حرمتي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟

دريا پنٿين جي مندر ۾ گهڻو ڪري پاڻي وارين جاين تي هوندا آهن. هر نئين چنڊ تي جل پوڄا لاءِ سمنڊ/درياهه/واهه چشمي/ ڍنڍ جي پاڻي تي چانورن، مٺائين، کاڌي جي شين، ميون جي پرسات ورهائڻ کانسواءِ ڏيئن ٻارڻ سان پوڄا ڪئي ويندي آهي. انهن جي مندر ۾ دائمي ڏيئو ٻرندو رهي ٿو.

جهولي لال/ هڙمان مندر کارو در:

سيٺ نائون مل لکي ٿو ته ”94-1793ع ۾ جڏهن مُلا شفيع علي خان ڪراچي ۾ قلات جي خان پاران نواب هو. هو هڪ ڪٽر مسلمان هو. هڪ ڀيري ڪنهن ڳالهه تان هن ”دريا ٿان“ نالي هندوئن جي مندر تي حملو ڪيو، مندر ۽ اسان جي گهرن جي وچ ۾ مسجد اڏي ورتي جنهن تي هندوئن ۽ مسلمانن جو جهيڙو ٿيو“.

کاري در ۾ موجود جهولي لال (دريا ٿان) مندر جنهن جي گهڻي حصي تي قبضو ٿي چڪو آهي.

 

کاري در لڳ ميري ويدن ٽاور کان هيرس روڊ (آغا خان روڊ) تي ٽرڪ اسٽينڊ لڳ هڪ مندر آهي. بابري مسجد تي حملي کان پوءِ گڊز ٽرانسپورٽ جي ڪالا خان نيازي ۽ هڪ هندو بابو مهاراج ملي ڪري مندر تي حملو ڪيو ۽ مندر جي وڏي حصي تي قبضو ڪيو. هاڻي مندر جي هڪ پاسي گڊز ٽرانسپورٽ جي آفيس ٻئي پاسي دوڪان ۽ هڪ چانهه جي هوٽل آهي. مندر جي ڪمري کي ڇڏيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ هندو فيملي رهي ٿي. مندر جي اولهه پاسي واري جاءِ اڃان خالي آهي هتان جا مسلمان هڪ ٻئي بابري مسجد جي حملي جي انتظار ۾ آهن ته جيئن باقي حصي تي قبضو ڪيو وڃي. جنهن ۾ بابو مهاراج جو ساٿ انهن کي هوندو. هي اهو مندر آهي. جنهن تي مُلا شفيع 1794ع تي حملو ڪيو هو ۽ اها مسجد جيڪا هتي ٺهرائي ويئي هئي. اُها قياس آهي ته هتي موجود ناخدا مسجد آهي ڇاڪاڻ ته اها ڪراچي جي پراڻي مسجد آهي. هن مندر جي سامهون ٽاور ڏانهن ڪڙڪ اينڊ ڪو جي هيڊي بلڊنگ سامهون اولهه پاسي ٻاڪڙا هوٽل واري پوئين گلي ۾ ناخدا مسجد موجود آهي جنهن سان لڳ قديم مساڻ آهي. جنهن کي تالو لڳل هو. مساڻ سان لڳ وڏي شيشي واري جاءِ به مساڻ جو حصو هو پر اوقاف کاتي ۽ بلڊرز مافيا وسيلي قبضو ڪري ان کي وڪرو ڪيو ويو آهي.

ڪالي ماتا مندر کارو در:

هي به قديمي مندر آهي ۽ کاري در جي بولٽن مارڪيٽ روڊ تي اڇي قبر (سيد نور شاهه) جي درگاهه سامهون آهي. خوبصورت مندر جي وڏي حصي تي قبضو ڪيو ويو آهي. هتي هڪ ڌرم شالو به هو. جنهن تي قبضو ڪري رهائشي جايون ٺاهيون ويون آهن. ڌرم شالي جي باغ وارو حصو موجود آهي. پراڻي پٿر جي ديوار ۾ بڙ، پپر، نم ۽ کجور جا شاهي وڻ موجود آهن. مندر آباد آهي. هتي بولٽن مارڪيٽ روڊ تي سيٺ شيورام رکيامل چيريٽيبل وديشي ڊسپينسري جي پراڻي ۽ خوبصورت بلڊنگ موجود آهي اها ڊسپينسري انهيءَ مندر جي ڌرم شالا سان گڏ هئي. اڄ به موجود آهي، جنهن جي نالي جي هيٺيان ڪنهن حڪيم محمد حفيظ الله خان لکنو واري جي مطب جو بورڊ لڳل آهي. مندر جي ويجهو بمبئي ڪلاٿ مارڪيٽ موجود آهي. جيون داس بلڊنگ، راڌا مينشن، گلاب چند ميرواڻي پليس، مٺو رام جنڪشن ۽ ساڌ رام جي شفاخاني تي قبضا ٿي چڪا آهن.


ڪالي ديوي مندر موسيٰ لين جنهن تي قبضو ڪيو ويو آهي

  

ڀاڳناري (ڀاڳناڙي) مندر مٺو در:

ڪڪري گرائونڊ ۽ دادا مينشن جي سامهون هڪ وڏي علائقي تي ڀاڳناڙي مندر هوندو هو. جيڪو هاڻي محدود ٿي ويو آهي. جتي ڌرم شالو به هوندو هو. هي ڪراچي جو قديمي مندر آهي. ايمبنڪمينٽ روڊ (نواب مهابت خانجي روڊ) تي  هي مندر آباد آهي ۽ ينگ هندو ويلفيئر جي هٿ هيٺ آهي. ڌرم شالي ۽ مندر جي گهڻي حصي تي قبضو ڪري دوڪان ۽ گهر ٺاهيا ويا آهن. هڪ حصي تي پاڪ انٽرنيشنل ٽرانسپورٽ جي آفيس آهي. فقط مندر واري جاءِ ڇڏيل آهي. باقي خوبصورت جاءِ تي قبضو ڪري هن کي بدصورت ڪيو ويو آهي. مندر جي اندر جو ماحول صاف سٿرو ۽ وڻندڙ آهي.

 

شيو جڳديش مندر ۽ شيلي واوڙي گهاٽ:

مٺي در واري علائقي ۾ شاهه عبداللطيف روڊ (آتما رام داس روڊ) تي ڪلري ڏانهن ويندي آغا خان وومين اسپتال کانپوءِ گٽر نالي لڳ هيڊي پٿر جي قديم جاءِ آهي. جيڪا هاڻي پنهنجي عمر پوري ڪري چڪي آهي هن کي شيلي واوڙي گهاٽ چيو ويندو  هو. هاڻي هن کي شيلي واوڙي ڪمپائونڊ چيو وڃي ٿو جتي هندو رهن ٿا. جيڪو گٽر نالو آهي اها لياري نئين آهي. لياري نئين اڳ هتان وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي ۽ اهو اشنان گهاٽ لياري ندي جي ڪپ تي هو جنهن سان لڳ شيو مندر هو. آگسٽ 1999ع پي پي اڳواڻ عزيز ميمڻ، هڪ هندو جنهن جو ذڪر پهرئين به ڪيل آهي بابو مهراج، ڪرشن ۽ حبيب ٺيڪيدار، ايويڪيو پراپرٽي ٽرسٽ جي ملي ڀڳت سان شيو مندر تي قبضو ڪري هتي هڪ پلازه اڏي ڇڏي آهي.

لياري ندي جي پراڻي وهڪري جي ڪناري موسيٰ لين ۾ قائم قديم شيلي واوڙي گهاٽ ۽ ان سان گڏ وڏي بلڊنگ جيڪو شيو جڳديش مندر تي ٺهيل آهي

 

هي مندر ڪي. ايم سي جيLy 733 واري پلاٽ تي هو. جنهن تي پنجرا پور ٽرسٽ جي چيئرمين پپو پريم چند جيڪو سنڌ مندر بچايو ڪاميٽي جو صدر به آهي. آل هندو شيوادري ايسوسيئيشن جي صدر اشوڪ ڄيٺ ملاڻي پريس ڪانفرنس ۽ احتجاج ڪيا پر انهن احتجاجن جو ڪجهه به نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته پراڻي ڪراچي ۾ 800 کان مٿي هندوئن جي سماجي ۽ مذهبي ڪمن وارن جاين جنهن ۾ ٽرسٽن، مندرن، ڌرم شالائن، اسپتالن، مساڻن جون جايون آهن جيڪي ايڪيو پراپرٽي ٽرسٽ بورڊ آف پاڪستان جي حوالي آهن ۽ 9 آگسٽ 1963ع ۾ دي گزيٽ آف پاڪستان ۾ انهن جا تفصيل به ڏنل آهن. اهي اربن جي ملڪيت ۾ آهن. جنهن تي قبضي ۾ وڏي ليول تي انتظاميا، ايجنسيون ۽ بلڊرز مافيا ملوث آهي ۽ آهستي آهستي انهن ايجنسين پاران فقط هڪ ڌمڪي تي ”جيڪڏهن ”را“ جو ايجنٽ ٿي توکي مرڻو نه آهي ته چپ ٿي.“ جنهن جي ڪري احتجاج ڪندڙ هندو ۽ انهن مندرن ۽ جاين ۾ رهندڙ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هندو هيسيل آهن ۽ هندوئن جا چونڊيل نمائندا خود هن خير جي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. 1947ع کانپوءِ جن جاين تي قبضو ڪيو ويو. جن مندرن کي ٺاهيو ويو. جن ڌرم شالائن ۽ شمشان گهاٽن کي ختم ڪيو. اهي انهيءَ 800 واري لسٽ ۾ شامل نه آهن.

 

ڪالي ديوي مندر موسيٰ لين مٺو در:

هي مندر به قبضو ڪيل جڳديش شيوا مندر جي سامهون هوندو هو ۽ لياري نئين جي اصلوڪي شاخ لڳ هوندو هو. پر هاڻي ختم ڪيل شيو مندر ۽ ڪالي مندر تي قبضو ڪيو ويو آهي. جڏهن اسين هتي پهتاسين ته هڪ پٺاڻ سبزي وارو هتي موجود هو ۽ جنهن جو ريڙهو مندر جي ٽٽل در سامهون لڳ هو ۽ اندر خالي سبزي جا کوکا ۽ پٺاڻ جي سمهڻ واري کٽ رکيل هئي. پٺاڻ جو چوڻ هو ته مونکي سيٺ هتي ويهاريو آهي. پر سيٺ جو نالو پٺاڻ سميت واڙي وارا وٺڻ لاءِ تيار نه هئا. مندر سان گڏ پوئين پاسي ڪنهن شيدي بابا جو مزار آهي. جنهن جي ديوار وڌائي مندر جو ڪجهه حصو ان ۾ شامل ڪيو ويو آهي مندر جون قديمي ديوارون ڊهي رهيون هيون. پپو پريم جيڪو هن مندر جي ياترا ۾ منهنجو جو سونهون هو تنهن ٻڌايو ته احتجاج کانپوءِ ان کي انهيءَ حالت ۾ ڇڏيو ويو آهي. اڃان به وقت آهي  جو هن قديم مندر جي بچيل حصي کي بچائي مرمت ڪري محفوظ ڪيو وڃي.

 

ست نارائڻ مندر ڪاغذي بازار مٺو در:

هي مندر به 1999ع ۾ ايويڪيو پراپرٽي پاران هڪ ٺيڪيدار حبيب کي 30 سالن جي ليز تي ڏنو ويو آهي. جنهن تي به اقليتي ماڻهن احتجاج ڪيو. مندر جو گهڻو حصو بلڊرز مافيا تباهه ڪيو آهي. هي مندر به ڪنهن وقت رات جي پيٽ ۾ ڊهي ڪنهن پلازه ۾ تبديل ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته مندر مان مورتيون هٽايون ويون آهن ۽ سنڀاليندڙ پوڄاري کي ڀڄايو ويو آهي. هي مندر کجور بازار واري مندر جي نالي سان مشهور آهي.

 

شري رام ديو جي پير مندر سلاٽر هائوس شاهه بيگ لائين لياري:

هي به تمام پراڻو مندر آ هي ۽ آس پاس ۾ هندوئن جي گهڻائي ڪري آباد آهي. ڪاٺياواڙي هريجن جماعت لياري جي حوالي آهي ۽ سٺي حالت ۾ آهي جتي سرڪاري ڪوارٽرن ۾ جيڪي انگريزن جي دور ۾ ٺاهيا ويا هئا. هتي مائسري (مهيشوري) ۽ عيسائي گڏ رهن ٿا. جتي تمام گهڻي گندگي هئي. ماڻهن جي شڪايت هئي ته مندر جي سار سنڀال لاءِ حڪومت ڪجهه به نه ٿي ڪري.

گروباپو مندر:

هي مندر به انهيءَ پاڙي ۾ آهي ۽ هي به پراڻو مندر آهي ۽ آباد آهي. هي مندر به ڪاٺياواڙي هريجن جماعت لياري جي سنڀال هيٺ آهي.

ورهاڱي کان اڳ کارو در، مٺو در، ليمارڪيٽ کانسواءِ ڀيم پورو، رنڇوڙ لائين ۽ رامسوامي وارو علائقو، گارڊن ۽ سولجر بازار تائين هندو اڪثريتي وارو علائقو هو. جتي به گهڻا مندر ۽ ڌرم شالا هوندا هئا. جنهن به شڪل ۾ موجود آهن انهن جو احوال هن ريت آهي.

 

اڪال ڀونگو مندر ڀيم پورو:

هي پراڻو مندر آهي ۽ اسپينسر اکين واري اسپتال جي سامهون سيتل ڪمپائونڊ ۾ آهي. هن پوري علائقي کي ڪنهن وقت اڪال ڀونگو چيو ويندو هو. هي وڏو مندر هو پر خود هتان جي رهندڙ هندوئن جيڪي سيتل ڪمپائونڊ ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. مندر کي ڊاهي هتي گهر اڏيا آهن ۽ مندر کي محدود ڪري هڪڙي ڪمري تائين ڪيو ويو آهي. هن مندر تائين پهچڻ ۾ سوڙهين گهٽين مان گذري وڃڻو پوي ٿو ۽ گهڻي علائقي تائين گهٽين جي فرش تي اڃا مندر جا خوبصورت ٽائلز لڳل آهن. هي مندر پنهنجي اڏاوت ڪري لي مارڪيٽ ۽ رنڇوڙ لائين کان نظر ايندو هو. سيتل پاڙي ۾ ٻه ننڍا مندر جيڪي ورهاڱي کانپوءِ ٺاهيا ويا آهن انهن ۾ هڪ گڻيش ۽ ٻيو هڙمان (هنومان) مندر آهن.

 

شيو مندر ۽ ديوي مندر ڀيم پورو:

لي مارڪيٽ جي پوئين پاسي نوراني بس اسٽاپ جي سامهون اوڀر پاسي مندر جا منارا نظر اچن ٿا. هي مندر خوبصورت اڏاوت ڪري سٺو لڳي ٿو. قديم دروازي کان اندر داخل ٿبو ته ٻه ڪمرا مندر لاءِ مخصوص آهن. هتي سار سنڀال لاءِ هڪ هندو فيملي رهي ٿي. مندر سان لڳ هڪ ئي ڪمپائونڊ ۾ ديوي جي مندر به آهي ٻئي مندر آباد آهن. پر انهن جي مرمت ضروري آهي نه ته ٻين جاين وانگر هي قيمتي اثاثو به ختم ٿي ويندو.

 

نانگ ناٿ مندر ڀيم پورو:

ڀيم پوري جي شيو مندر سان گڏ هڪ سوڙهي گهٽي ۾ اتر پاسي نانگ ناٿ مندر آهي جنهن تي قبضو ٿيل هو مندر واري ڪمري اندر ٻه ماڻهو ٻوهارا ٺاهي رهيا هئا. مسجد تي ٺهيل گنبذ لي مارڪيٽ کان رنڇوڙ لائين ويندي رستي تان به نظر ايندو آهي. مندر سان گڏ خالي ڪمپائونڊ به آهي. جيڪو مندر جو حصو آهي. هن تي اڃا قبضي جون تياريون ٿي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته انهن ٻن مزدورن کانسواءِ ٻيو هتي ڪجهه به نه هو.

 

سيتلا ماتا مندر ڀيم پورو:

نانگ ناٿ مندر جي پويان سيتل ڪمپائونڊ ڏانهن اوڀر اتر پاسي سيتلا ماتا جو پراڻو مندر آهي جنهن جي ڪجهه حصي تي قبضو ڪيل هو مندر کي هڪ هندو فيملي آباد ڪري ويٺي هئي. نوراني بس اسٽاپ جي سامهون ڀيم پوري جي پوري علائقي ۾ نيپئر روڊ تائين ۽ ٻئي پاسي هاڻوڪي رسالا پوليس ٿاڻي کان بندر روڊ تائين هندو رهندا هئا. ڀيم پوري جي بچيل انهن مندرن جي اڏاوت انتهائي خوبصورت آهي. وقت گذرڻ کانپوءِ به اڏاوت جو حسن موجود آهي.

 

شيو مندر جاپاني روڊ ڀيم پورو:

راڪسي سينيما کان هڪ رستو نيپئر ڏانهن وڃي ٿو ڪمار سينيما ۽ نيپئر روڊ سان ملي ٿو جنهن کي جاپاني چيو وڃي ٿو. هي علائقو ڳائڻين، بلبل هزار داستان وارن ڪري مشهور آهي. پراڻن جاين وارو هي علائقو تيزي سان ڊهي رهيو آهي. انهيءَ روڊ تي راڪسي سينيما سامهون هڪ ڀڙڀانگ جاءِ ۾ هڪ مندر آهي جنهن تي قبضو ٿيل هو. وسيع ڪمپائونڊ ۾ ڪجهه مزدور رنگ ۽ ڪاغذ جي گتن کي بنڊلن کي جمع ڪري رهيا هئا. ٽن منزلن واري انهيءَ جاءِ ۾ مندر سان گڏ ڌرم شالو هو جنهن جو مٿيون حصو ختم ٿي چڪو هو. هيٺ رهائشي ڪمرا اڃا سلامت هئا. روڊ جي پاسي مندر واري بلڊنگ جي هڪ حصي تي آل محمد امام واڙو ٺاهيو ويو آهي.

 

شيوالا (سيتلا) ماتا مندر:

نپيئر روڊ کان نڪرندڙ رنڇوڙ لائين ڏانهن ويندڙ لارنس روڊ تي رسالا پوليس جي سامهون پراڻي بلڊنگ ۾ اهو مندر آهي. مندر آباد هو ۽ صاف سٿرو هو، آسپاس بلڊنگ جي حالت خراب هئي. هتي به مندر سان گڏ ڌرم شالو هو جيڪو ختم ٿي چڪو آهي. مندر جي آس پاس جاين تي جيڪي مندر جا حصا هئا قبضا ٿي چڪا آهن. سنڀال لاءِ هڪ هندو فيملي رهي ٿي. هي مندر به بابري مسجد واري علائقي کانپوءِ ٻين وانگر بند ٿيو پر ٽرسٽ جي جدوجهد سان ان کي ٻيهر کوليو ويو آهي. هن جي سامهون نانڪ واڙي جو علائقو آهي. ڀيم پوري واري علائقي ۾ اهي مندر بچيل آهن. جن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان.

رنڇوڙ لائين ۾ ڪي. ايم. سي ورڪشاپ سان گڏ نارائڻ پوري جو علائقو آهي. جيڪو ڪي. ايم. سي اسپورٽس ڪامپليڪس جي سامهون نڪرندڙ روڊ هيرا لال گنٽا جي هڪ هٿ تي هندوئن، عيسائين ۽ سکن جي آبادي آهي. هتي جيڪي مندر بچيل آهن انهن جو احوال هن ريت آهي.

 

راما پير مندر، جوگ مايا مندر، نول صاحب گرو مندر نارائڻ پورا:

راما پير جا هتي ٻه پراڻا مندر آهن ۽ هندوئن جي آبادي ڪري آباد آهن. انهيءَ آبادي ۾ جوگ مايا مندر ۽ نول صاحب گرو مندر آهي جيڪي چارئي پراڻا مندر آهن ۽ سٺي حالت ۾ آهن. هتي 1910ع جو ٺهيل هڪ گرد وارو ”گروگرناٿ صاحب“ به آهي. جنهن جي سار سنڀال سک سڀا جي حوالي آهي. سٺي حالت ۾ آهي. گرد واري سان گڏ ڀنڊال هال به آهي. گرد واري جي سامهون هڪ ننڍو گرجا گهر به آهي. نارائڻ پوري ۾ ورهاڱي کانپوءِ ٽي ٻيا مندر ٺاهيا ويا آهن. جيڪي هڪ جاءِ تي نارائڻ پورا جي مرڪزي گيٽ جي کاٻي هٿ تي الڳ الڳ ٽن ننڍن ڪمرن تي ٻڌل آهن. جن مان هڪ ڪالي ماتا مندر، ٻيو هڙمان جي بجرنگ بلي مندر ۽ ٽيون جڳت جوگئي ماتا مندر آهن. نارائڻ پورو ڪنهن وقت صاف سٿرو ۽ ڪجهه گهرن تي ٻڌل علائقو هو. هاڻي سوڙهين گهٽين، تنگ گهرن وارو گندو علائقو آهي.

نارائڻ پورا ۾ 1910ع جو ٺهيل گروگرناٿ صاحب گرد وارو

 

سوامي نارائڻ مندر:

مندر جي هاڻوڪي جاءِ 1885ع ۾ اڏي ويئي آهي. ماضي وانگر هن وقت به ڪراچي جو اهم مندر آهي. هي مندر بندر روڊ تي ڪي. ايم. سي بلڊنگ جي سامهون آهي. جتي اڄ به هندو رهن ٿا ۽ هي اهم مرڪز به آهي. جتي هندو مذهب جا سڀ مذهبي ڏڻ انتهائي جوش خروش سان ملهايا وڃن ٿا. 1947ع ۾ هندستان وڃڻ لاءِ هندوئن جي پناهه ۽ وڃڻ جي انتظامن ۾ هن مندر جو وڏو حصو رهيو آهي.

هن سان لڳ گاڏي کاتي ۾ ڪنهن دور ۾ سکن جو گرد وارو هو جيڪو ختم ڪيو ويو. جيڪو رام باغ گاڏي کاتي واري گرد واري طور مشهور هو. رام باغ ۾ سيوا ڪنج هاسٽل جي سامهون واري گهٽي ۾ جتي هاڻي فرنيچر مارڪيٽ آهي ۽ آرام باغ مسجد آهي. انهيءَ گهٽي ۾ درٻار ماتا جو مندر آهي. هاڻي بند پيو آهي. هن جي هڪ حصي ۾ ايجوڪيشن آفيس ٺاهي ويئي هئي ۽ گهڻي حصي تي قبضو ڪري دڪان ۽ گهر ٺاهيا ويا آهن.

 

اڪال ڀونگو مندر رتن تلاءُ:

رتن تلاءُ وارو علائقو جيڪو به هندو اڪثريتي وارو علائقو هو ۽ رام باغ سان لڳ اين. جي. وي هاءِ اسڪول جي سامهون وارو علائقو آهي. جيڪو 6 جنوري 1947ع وارن وڳوڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقو هو. جتي ٻين مندرن کانسواءِ اڪال ڀونگو مندر به هو جتي 2 سک ان ڏينهن ماريا ويا. سماجي ڪارڪن سنتوش ڪمار جو چوڻ آهي ته پريڊي ٿاڻي واري گهٽي ۾ مين روڊ تي پريڊي ٿاڻي جي سامهون جيڪو مندر بند پيل آهي اهو اڪال ڀونگو مندر آهي. مندر جي پٿرن واري خوبصورت عمارت موجود آهي. هن جي آسپاس ٻين جاين تي قبضا ڪيا ويا آهن. ڪورٽ ۾ سکن ۽ هندوئن جي جهيڙي ڪري مندر بند آهي.

 

شيو مندر رتن تلاءُ:

پريڊي ٿاڻي واري رستي تي اڪال ڀونگي مندر جي سامهون هڪ رستو سعيد منزل بندر روڊ ڏانهن وڃي ٿو انهيءَ جي ساڄي هٿ تي هڪ پراڻي جاءِ ۾ مندر موجود آهي. پر بند پيو آهي. ان جي آسپاس قبضا ٿي چڪا آهن. مندر سان گڏ خالي پلاٽ تي به موٽر سائيڪلين جي ورڪشاپ جو سامان پيل آهي. اها ٽي منزلن واري جاءِ آهي.

 

سيتلا ماتا مندر رتن تلاءُ:

فريئر روڊ برنس روڊ ڏانهن ويندي ساڄي هٿ تي هڙمان جي مندر لڳ سوڙهي گهٽي ۾ اهو مندر موجود آهي. پر دروازي تي لکيل آهي. ”مائي جنت ڪا تازيا“. مندر جي پسگردائي ۾ مندر جي زمين تي دڪان ٺهي ويا آهن مندر جو ڪمرو بچيل آهي جنهن ۾ ٽي سماڌيون هيون. مندر جي هڪ ڪنڊ تي مائي جنت جي تازئي جو الم رکيل هو ۽ ڪجهه مزدور مندر ۾ رنگ جو سامان رکي ويٺا هئا. مائي به هتي مندر اندر رهي ٿي. اهو مندر ڪنهن به وقت امام واڙي ۾ تبديل ٿي ويندو.

 

گروپنج مکي هڙمان مندر سولجر بازار:

سولجر بازار واري علائقي ۾ سيوڪ ورسيا ڪميونٽي مندر، پرساد وارو مندر ۽ ڪالي ديوي مندر ختم ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي فقط گرو پنج مکي هڙمان (هنومان) جي مندر موجود آهي. جيڪو گرومندر جي نالي سان مشهور آهي. (سولجر بازار وارو گرو پنج مکي هڙمان مندر ديوان ڀڳوان سنگهه بسنت سنگهه جوڙيو هو.) مندر اڳ ۾ بند پيل هو پر اقليتي ڪميونٽي جي احتجاج کانپوءِ هن کي کوليو ويو آهي. مندر صاف سٿرو آباد هو پوڄاري مهاراج هتي موجود هو. هندو ڀائر پوڄا ۾ مصروف هئا. هي قديم مندر، اڏاوت جي ڪري خوبصورت مند آهي. هن مندر جي ڪري گرو مندر وارو علائقو اڄ به انهيءَ نالي سان سڏجي ٿو. هي واحد مندر آهي. جنهن جا سڀئي حصا بچيا آهن آس پاس هندوئن جي گهرن تي قبضا ٿي چڪا آهن. هتي هڪ پاڻي جو حوض خوبصورت ٽائلز سان ورهاڱي کانپوءِ به 70 واري ڏهاڪي تائين موجود هو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي.

 

شيو مندر اسلاميه ڪاليج:

اسلاميه ڪاليج کان جيل ڏانهن ويندي کاٻي پاسي پهرئين گهٽي ۾ مندر آهي. روڊ جي پاسي مندر جي پلاٽ تي قبضو ڪري هڪ ميمڻ سيٺ شو روم اڏي رهيو آهي. اها جنوري 2007ع جي ڳالهه آهي. بچيل مندر سٺي حالت ۾ آهي. هتي هڪ پوڄاري پنهنجي خاندان سان رهي ٿو. هن تي به قبضي لاءِ گهڻا حملا ٿيا پر اقليتن جي سخت احتجاج ڪري رهيل حصي کي ڇڏيو ويو. انهيءَ مندر جي ٽرسٽ جا ورهاڱي کان اڳ هتي 14 بنگلا هئا انهن تي قبضو ٿي چڪو آهي. مندر لڳ کوهه به موجود آهي.

ماڙيپور ڪراچي جي پراڻي آبادي آهي هتي هندو هريجن جي وڏي آبادي رهي ٿي روڊ جي ٻنهي پاسي انهن جون آباديون آهن. انهن کانسواءِ هتي سنڌي ۽ بلوچن جو وڏو انگ رهي ٿو. جيڪي سڀ انگريزن جي دور ۾ ماڙيپور لڳ لوڻ جي ڪارخانن ۾ مزدوري ڪندا هئا. هتي چار پراڻا مندر ۽ ٻه نوان مندر آهن. جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

 

ڀولي ناٿ شوي شنڪر مندر ۽ واڇرو مندر ماڙيپور:

 هي مندر ماڙيپور ۾ ٻلهيجي (هاڪس بي) ڏانهن ويندي ساڄي هٿ تي روڊ سان آهن. هن مندر جي هاڻوڪي جاءِ 1884ع جي تعمير ڪيل آهي. مندر سادو صاف سٿرو آهي. جيڪو پاڪ مائيسري پنجائت جي حوالي آهي. انهيءَ مندر جي اتر پاسي فٽبال ميدان جي سامهون هڪ پراڻو مندر ”واڇرو مندر“ موجود آهي. هن ٿوري فاصلي تي راما پير مندر آهي جيڪو 1955ع جو ٺهيل آهي.

 

راما پير مندر ۽ هڙمان جي مندر ماڙيپور:

رستي جي کاٻي هٿ تي مائيسرين (مهيشورين) جي آبادي ۾ راما پير مندر ۽ هڙمان جي مندر پراڻا مندر آهن. مندر جي آسپاس خود هتان جي ماڻهن قبضا ڪري گهر ٺاهيا آهن ۽ مندرن کي هڪ ڪمري تائين محدود ڪيو ويو آهي. سوڙهين گهٽين ۾ رهندڙ انهن غريب ماڻهن جا مندر به مونکي غريب لڳا. انهن تي ڪا به خوبصورت عمارت اڏيل نه هئي مندر به غريبن جي گهرن وانگر هئا.

ماڙيپور روڊ تي گريس موسيٰ محلو جيڪو ماڙيپور کان اڳ وارو علائقو آهي هتي تازو راما پير جو مندر ٺاهيو ويو آهي. جنهن سان گڏ مندر واري چارديواري ۾ هڪ سوڙهي ڪمري ۾ هڙمان جي به قيد هو. اهي ٻئي مندر ويجهڙ ۾ ٺاهيا ويا آهن.

گانڌي گارڊن جي سامهون لارنس روڊ (نشتر روڊ) تي هڪ ساڌو جي سماڌي آهي. هي ساڌو ڪولهار پور جي راجا جو ننڍو ڀاءُ هو. جيڪو 1878ع ۾ ڪراچي ۾ ديهانت ڪري ويو ته ان جي آشرم ۾ اها سماڌي ٺاهي ويئي آهي.

 

هنگلاج ديوي مندر منگهو پير روڊ ميوا شاهه:

پراڻي گوليمار ۾ حسن اوليا وليج لڳ منگهو پير روڊ تي هندوئن جو پراڻو مساڻ ۽ هنگلاج ديوي جو مندر موجود آهن جنهن سان لڳ ميوا شاهه قبرستان آهي. مساڻ جو گهڻو حصو قبرستان ۽ رهائشي جاين ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جيڪو بچيل آهي اهو استعمال ۾ آهي. ان مساڻ ۾ ڪنهن دور ۾ چار وڏا پٿر جا ٿنڀا هئا جن تي سنسڪرت ٻولي ۾ ڪراچي جي هڪ راجا رام ديو ۽ قلات جي خان جي وچ ۾ لڳل جنگ جو احوال لکيل هوندو هو. هنگلاج ديوي نالي ڪراچي ۾ اهو واحد مندر آهي، هنگلاج ياتري هنگلاج ويا هئا ۽ هنگلاج ياتري اڄ به اها نڀائيندا اچن.

منگهي پير ۾ هيرانند ڪوڙهه واري اسپتال جيڪا هاڻي سٽي حڪومت جي حوالي آهي هن جي لڳ آسو مل حلوائي جو ڌرم شالو آهي جيڪو قبضي ۾ آهي. ڌرم شالي جون ديوارون ۽ ڪمرا اڄ به موجود آهن. هتي به شيو جو مندر آهي جو گهڻو حصو قبضي وارن جي هٿ هيٺ اچي چڪو آهي. اهو مندر گرم چشمي جي ويجهو هو جنهن جي عمارت اڃا به موجود آهي. گرم چشمي سامهون هڪ وسيع باغ هوندو هو. جيڪو 2000ع تائين موجود هو کجي، گدامڙين، انبن، نمن ۽ پپرن جا گهڻا وڻ موجود هوندا هئا. اهو خوبصورت علائقو ڪليم ۾ هندستان کان آيل هڪ مهاجر کي ڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته اها جاءِ هڪ هندو جي ملڪيت هئي هندستان وڃڻ کان اڳ اها پوري جاءِ انهيءَ هندو باغ  سنڀاليندڙ هتان جي هڪ بلوچ جي حوالي ڪيو. ڪورٽ ۾ ڪيس هليو فيصلو ڪليم واري جي حق ۾ ٿيو ته هن پوري خوبصورت باغ هتي موجود کوهه ۽ مندر کي ختم ڪيو ويو ۽ هاڻي هتي (2007ع) ۾ هائوسنگ اسڪيم جوڙي پئي وڃي.

منگهي پير شيو واري مندر کانسواءِ راما پير ۽ جهولي لال مندر هئا. راما پير ۽ جهولي لال مندر ختم ٿي چڪا آهن. شيو واري مندر جو فقط ڪمرو بچيل آهي.

 

شيو مندر منگهو پير:

شيو جو اهو مندر گرم چشمي واري مندر طور مشهور آهي. هتي به هندو فيملي رهي ٿي. مندر بابو لال جي سنڀال هيٺ آهي. هي مندر ميرن جي وقت کان اڳ هتي موجود هو. منگهو پير هندو مذهب جو هڪ قديم آستان آهي ۽ هي ڪلفٽن واري شيو مندر، رام باغ، منگهو پير روڊ جي هنگلاج ياترين جي گس تي هوندو هو ۽ اڄ به موجود آهي. هن کانسواءِ هن تيرٿ آستان جو واسطو واڳو ڏر جي قديم ماڳ سان به آهي. اهي ٻئي جايون واڳون پوڄا جا پراڻا قديمي مرڪز آهن. پر اهي قديمي آستان هتي ٺهيل مقدس جايون ختم ٿي رهيون آهن. حڪومت جيڪڏهن چاهي ته اڄ به اهي تاريخي جايون بچي سگهن ٿيون.

منگهي پير جي ويجهو ديهه سورجاڻي ۽ نانگڻ ۾ پنجرا پور ٽرسٽ جون زمينون موجود آهن. سورجاڻي ۾ هڪ پراڻو مندر ۽ کوهه موجود هوندو هو پر هن تي قبضو ڪري هن کي ختم ڪيو ويو آهي.

 

ماتا ديوي مندر گڏاپ:

گڏاپ مرڪز جنهن کي ميڄڻ به چيو ويندو آهي. هندوئن جي آبادي ڪلهوڙن واري دور کان رهندي اچي ٿي. هتي چار مندر آهن. جن ۾ ماتا ديوي مندر، ست گرومندر، جهولي لال مندر ۽ اڏيرو لال مندر موجود آهن جنهن ۾ ماتا ديوي مندر قديمي مندر آهي اهي چارئي مندر آباد آهن.

آدم ڳوٺ جي هندو آبادي ۾ ”شير مندر“ آهي جنهن جو پوڄاري ڀڳوان داس آهي. هي مندر هاڻوڪي مندرن مان آهي. نيشنل هاءِ وي تي جوڳي موڙ اسٽاپ آهي. جتي ٺٽي ويندي کاٻي هت تي جوڳي جي آبادي آهي جتي پنج مندر آهن جن مان ٽي پڪا ۽ ٻه جڳهين ۾ اندر قائم آهن، جن ۾ ٻه راما پير جا مندر، شيو شنڪر مندر، هڙمان جي مندر ۽ شيو ماتا مندر آهن. ڪوڪڙين جوڳين جا اهي مندر ورهاڱي کانپوءِ جا آهن.

 

شيو مندر ملير:

قديم مندرن ۾ شيو جو هڪ مندر ملير جي علائقي ۾ نيشنل هاءِ وي تي ملير ڪورٽ کان اڳ ويندي کاٻي هٿ تي آهي اهو اسٽاپ ملير مندر نالي مشهور آهي. عاليشان عمارت ۽ خوبصورت مندر جي جاءِ موجود آهي. پر هن تي هندستان کان آيلن قبضو ڪيو آهي. اندر کوهه به هو جيڪو ختم ٿي چڪو آهي. هتي ڌرم شالو به هو جنهن تي به قبضو ٿي چڪو آهي. بابري مسجد جي واقعي کانپوءِ هن ۾ به ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. ملير مندر جي اڏاوت انتهائي خوبصورت آهي. ٽي منزل واري اها وسيع جاءِ آهي ۽ هاڻي اندر هڪ مسجد به جوڙي ويئي آهي. مندر جو منارو ۽ خوبصورت چٽسالي ڏسڻ وٽان آهن. ملير جو اهو علائقو ڪنهن دور ۾ خوبصورت باغن ڪري خوبصورت هو. ملير 15 اسٽاپ کان ملير مندر تائين نيشنل هاءِ وي جي کاٻي هٿ تي اڃا به هندوئن جون پنج خوبصورت پٿر جي اڏاوت جون جايون موجود آهن ملير جو اهو علائقو اڄ به آسو مل جي نالي سان آسو ڳوٺ مشهور آهي. ورهاڱي وقت هتي آسو مل جا خوبصورت باغ هوندا هئا.

ڪراچي ۾ سکن جا هن وقت ٻه گرد وارا آباد آهن هڪ نارائڻ پوري ۾ جتي سکن جي آبادي به رهي ٿي. هتي 1910ع جو ٺهيل ”گرو گرناٿ صاحب“ آهي ۽ ٻيو نئين سبزي منڊي جي پوئين پاسي ٺارو مينگل ڳوٺ لڳ آدم ڳوٺ ۾ سکن ۽ هندوئن جي آبادي آهي. هتي ”گرو نانڪ صاحب“ مندر جيڪو سک سڀا جي حوالي آهي. جيڪو 1980ع کانپوءِ ٺاهيو آهي. جيڪو سردار ڌوني سنگ جي حوالي آهي هندو جيڪي سنڌي ڳالهائڻ وارا آهن جيڪي گرو نانڪ جا پوئلڳ آهن انهن مان هڪ مندر گڏاپ شهر ۾ ست گرو مندر آهي ڀاڳڙي جيڪي به گرو نانڪ جا پوئلڳ آهن. هن جي ڪچي آبادين ۾ ننڍا گرد وار آهن، جن جو انگ 5 آهي.

 

ختم ٿيل مندرن، ڌرم شالائن، مساڻن ۽ گرد وارن جو ذڪر:

انهن کانسواءِ جيڪي مندر ۽ ڌرم شالا هئا هاڻي انهن جو وجود ڪونهي انهن مان ڪن جا اهڃاڻ اڃا موجود آهن. انهن ۾ غلام حسين قاسم ڪوارٽرز هيرس روڊ تي لڪشمي نارائڻ مندر، ڪيم چند ٿانور داس جو مندر، نصرپوري پنجائت جي هٿ هيٺ مندر، منڱر هيم داس هوتچند مندر، کاري در واري علائقي ۾ آريا سماج مندر، راجا رام ديومندر، ٺٽائي ڪمپائونڊ لياري ڪواٽرز ۾ ديوي ماتا جا چار مندر، گوگا ناٿ مندر لياري ڪوارٽرز اسپينسر اکين جي اسپتال لڳ، لکو مل وارو مندر لياري ڪوارٽرز، ڀلرام پوري چيلا رام وارو مندر، ناٿجي ڌرم داس وارو مندر، ٺٽائي ڪمپائونڊ ۾ شيوارام ديوان مل وارو ديوي مندر. گرو رام درٻار اولڊ ٽائون ڪواٽرز، جگن ناٿ مندر کارو در، چيدن ڪاشي مندر سرائي ڪواٽرز، گرونانڪ مندر نانڪ واڙو، شاردا مندر رام سوامي، ڀائي ويسي رام جو مندر رام سوامي، رام باغ گاڏي کاتي وارو ڄيٺمل گرد وارو، هت ڪيش ديول مندر جوڙيا بازار اولڊ ٽائون، هي ناگري هندوئن جو مندر هو. اولڊ ٽائون ۾ سرسوتي برهمڻ جو مندر، رنڇوڙ لائين ۾ جينيو جو مندر، شڪارپوري شيان سندر شيواڪ مندر شڪارپوري محلو، راميشور مندر مٺو در، مهاديو جو مندر، اولڊ ٽائون، سکن جو گرد وارو کارو در ۽ ٻيا مشهور مندر هئا.

ان کانسواءِ دي پاڪستان گزٽ 9 آگسٽ 1963ع ۾ جن ڌرم شالائن جا نالا آهن. انهن مان ڪجهه جو ذڪر مندرن سان ڪيل آهي. ڪجهه جا نالا هن ريت ڏنل آهي. جن مان گهڻا ختم ٿي ويا آهن ڪجهه بچيل آهن. اهي به تباهه ٿي رهيا آهن. پريتم داس ڌرم شالو غلام حسين قاسم ڪوارٽرز، خوشي راج ڌرم شالو غلام حسين قاسم ڪواٽرز، شڪارپوري ڌرم شالو غلام حسين قاسم ڪواٽرز بندر روڊ جنهن ۾ ورهاڱي کانپوءِ آفيسون ٺاهيون ويون آهن. بابا چيتن پرڪاش آشرم کارو در، ڀالاج داس ڌرم شالو لياري ڪوارٽرز شاهه بيگ لائين، گوهامل واڌو مل ڌرم شالو مٺو در، سوامي گوالا نند پريم پرڪاش آشرم جمشيد ڪوارٽرز، شڪاپوري ڌرم شالو شڪارپوري محلو، مارواڙي ڌرم شالو سرائي ڪوارٽرز، چيلا رام ڌرم شالو، گجراتي ڌرم شالو گاڏي کاتو، ڀاٽيا ڌرم شالو نانڪ وارو، لوهاڻو ڌرم شالو بندر روڊ، مهاراشٽر ڌرم شالو ڪاغذي بازار، سنڌ گرامي ڌرم شالو نيپئر روڊ، آسو مل حلوائي جو ڌرم شالو منگهو پير، سوامي مولرام آشرم آسو ڳوٺ ملير جيڪو اڄ به مولرام ڪمپائونڊ جي نالي سان مشهور آهي. جتي شيعا وڏي اڪثريت سان رهن ٿا. انهن ان جو نالو مولا رام رکيو آهي.

لياري ندي جي ڪناري ڪلري ۽ بغدادي جي ويجهو جتي هاڻي آگرا تاج ڪالوني آهي هتي هندوئن جو وڏو مساڻ هو ان شمشان گهاٽ ۾ ڪراچي جا سڀئي هندو پنهنجن مردن کي ڪريا ڪرم لاءِ آڻيندا هئا. انهيءَ شمشان گهاٽ کان اڌ ميل پري سمنڊ جي ويجهو هڪ تلاءُ جي ڪناري گدامڙيءَ جا گهاٽا وڻ هوندا هئا. انهيءَ جاءِ کي ”گوب آمري“ چوندا هئا. جتي گرو گروک ناٿ يوگ ساڌنا ڪئي. انگريزن جي دور ۾ به هتي يوگي راج رهندا هئا. 1946ع ۾ هندستان ۾ هندو مسلم وڳوڙن جي نتيجي ۾ جيڪي مهاجر سڀ کان پهرئين ڪراچي ۾ آيا انهن کي انهيءَ مساڻ واري جاءِ تي آباد ڪيو ويو. اهي ميوا تي مسلمان آگري کان لڏپلاڻ ڪري هتي آيا هئا. آگري ۽ تاج محل ڪري انهن پنهنجي بستي جو نالو آگرا تاج ڪالوني رکيو. انهيءَ مساڻ سان گڏ بغدادي پوليس اسٽيشن ۽ شاهه بيگ لائين ويجهو لياري ندي تي مساڻ آهي جنهن جو بچيل حصو اڄ به استعمال هيٺ آهي. منگهي پير روڊ تي ميوا شاهه قبرستان لڳ هنگلاج مندر لڳ مساڻ جو بچيل حصو اڄ به استعمال هيٺ آهي جتي هاڻي بلاول هائوس آهي هن پوري علائقي ۾ انگريزن جي دور ۾ هتي مساڻ هو. ڪرچي سٽي ريلوي اسٽيشن کان هڪ روڊ انهيءَ مساڻ ۽ ڪلفٽن واري مندر تي ايندو هو جنهن جو نالو مساڻ روڊ هوندو هو. انهيءَ مساڻ کي ختم ڪيو ويو هتي ڪجهه ڀيلن ۽ ڪولهين جا گهر هئا انهن کي هتان اٿاريو ويو.

بوٽ بيسن کان عبدالله شاهه غازي ڏانهن ويندي بلاول هائوس کان اڳ چوراهي کان هڪ رستو شيرين جناح ڪالوني ڏانهن وڃي ٿو. اڳتي ساڄي هٿ تي گهاٽي جهنگ ۾ روڊ لڳ ڪولهين ۽ ڀيلن جو پراڻو قبرستان، ”هنومهاراج قبرستان“ آهي. جنهن تي سن 1904ع لکيل آهي. ان کان اڳتي ڪياماڙي ويجهو مساڻ هو جيڪو هاڻي ختم ٿي چڪو  آهي ۽ جنهن تي شيرين جناح  ڪالوني ٺهيل آهي. ملير ۾ بابا ولايت شاهه کان اڳتي جمعا ڳوٺ لڳ ملير ندي جي ڪناري مساڻ هوندو هو جيڪو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. ان کانسواءِ ڪراچي ۾ 100 کان مٿي هندوئن جا هڪ ماڙ کان پنجن ماڙن تائين ٽرسٽ جون بلڊنگون هيون. جن جو ذڪر به پاڪستان گزيٽ 9 آگسٽ 1963ع واري لسٽ ۾ نالي وار شامل آهن. جن مان گهڻيون قبضي هيٺ اچي ختم ٿي چڪيون آهن. ڪراچي جي پسگردائي ۾ ڳئون شالا هئا جن مان ڪجهه موجود آهن جن مان هڪ سچل ڳوٺ لڳ ديهه سونگل ۾ ۽ ديهه سورجاڻي ۾ اڃا موجود آهن. گهڻا ڳئون شالا بلڊرز مافيا جي ور چڙهي ڪچي آبادين ۾ تبديل ٿي ويا آهن. نيپا لڳ سنڌ باد ۽ الله دين پارڪ به اهڙا ڳئون شالا جيڪي پنجرا پور ٽرسٽ جي ملڪيت هئا تي ٺهيل آهن. هتي اڃا به 170 ايڪڙ ٽرسٽ جي زمين تي سٽي حڪومت جو قبضو آهي، انهيءَ قبضي جي نتيجي ۾ نيپا لڳ پنجرا پور ٽرسٽ جي آفيس، مندر ۽ چند هندوئن جي گهرن تي 2002ع ۾ شهري حڪومت پاران بلڊوز ڪيو ويو. ڪورٽ پنجرا پور جي حق ۾ فيصلو ڏئي چڪي آهي پر شهري حڪومت قبضو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org