سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 52

مڪران ۾ ڪوهه مراد ذڪري جي مقدس جاءِ آهي. جتي هر سال 27 رمضان المبارڪ تي. ايران، بلوچستان ۽ سنڌ جا ذڪري گڏ ٿيندا آهن. اڳ ۾ اهو جبل تربت شهر کان پري هو پر شهر وڌڻ ڪري هاڻي هي شهر سان لڳ ٿي ويو آهي. ڀرڪور (ڀرنئين) لڳ انهيءَ جبل تي وڃڻ جي ذڪرين سواءِ ٻين تي پابندي آهي. گهڻا ڀيرا ملن پاران زيارت تي حملي کانپوءِ احتياط طور اهو ڪيو ويو آهي پر جيڪڏهن ڪو اوهانجو ذڪري دوست آهي ته اوهان اهو علائقو ڏسي سگهو ٿا. آئون ٻه ڀيرا هن خوبصورت ۽ مقدس علائقي ڏانهن وڃي چڪو آهيان. هن پوري جبل کي ڪوٽ ڏنو ويو آهي جيڪو رني ڪوٽ کانپوءِ ٻي نمبر ديوار آهي. اندر وڃڻ وقت شاهي دروازي جي ٻاهر چپلون، سگريٽ ۽ نشي واريون شيون رکي پوءِ اندر وڃبو آهي. گيٽ کان مرڪزي زيارت واري جاءِ اڌ ميل آهي. هي فاصلو تيز ۽ نوڪدار پٿرن تي پيرن اگهاڙو طئي ڪرڻو آهي. هن جبل تي ٻيون به انيڪ وڻ ٽڻ کان خالي چوٽيون آهن. انهن چوٽين جي وچ ۾ هڪ وڏو ميدان آهي. زيارت تي اچڻ وارا هن چوٽيءَ جي ڏکين رستن تان ست ڦيرا ڏيئي وچ ۾ موجود ذڪر گاهه تي ذڪر ڪندا آهن. هتي هڪ پٿر تي ڪلمو شريف لکيل آهي. انهيءَ جابلو سلسلي ۾ زيارت ويجهو هڪ وڏي کڏ ۾ چشمي جو صاف ۽ شفاف مٺو پاڻي موجود آهي، اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي. زيارت تي اچڻ وارا هتي پاڻي ضرور پيئندا آهن. 27 رمضان تي زيارت وقت هزارين عقيدت مند هتي پاڻي پيئندا آهن، پر پوءِ به هن جو پاڻي ختم نٿو ٿئي. زيارت جو سلسلو ٽن ڏينهن تائين جاري رهي ٿو. هتي مولوين پاران اها پروپئگنڊا مشهور ڪئي ويئي آهي ته هي ذڪر فرقي جو حج بيت الله آهي ۽ ذڪري حج پڙهڻ لاءِ ايندا آهن. جنهن پٿر تي ڪلمو لکيل آهي. ان کي حجر اسود ۽ چشمي جي پاڻي کي آب زم زم سان ڀيٽين ٿا. پر ذڪرين جو چوڻ آهي ته هي جاءِ فقط مهدي جي اچڻ ڪري مقدس زيارت آهي. انهن جو عقيدو آهي ته امام مهدي هتي آيو ۽ هتي ذڪر الاهي ۾ مشغول رهيو. جنهن جي ڪري انهن وٽ هي جاءِ زيارت جي حيثيت رکي ٿي. هن جو نالو ڪوهه مراد ان ڪري رکيو ويو آهي ته بقول انهن جي هتي اچڻ سان ماڻهن جون مرادون پوريون ٿين ٿيون. زيارت وقت هزارين ماڻهن جو انتظام ذڪري فرقي جا نوجوان سنڀالين ٿا. هتي زيارتين جي رهڻ جو بندوبست آهي. پاسي واري نديءَ ۾ هر وقت صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو رهندو آهي هتي هڪ ڳوٺ به آهي. ڳوٺ ۾ آبادي هوندي به اها جاءِ سڪون واري آهي هتي ڄڻ ته ازلي خاموشي آهي. هڪ عجيب ۽ پرسرار ماحول جو هتي بسيرو آهي. گهڻا اڻ پڙهيل ذڪري به ان زيارت کي حج چون ٿا. زيارت وقت عورتن ۽ مردن لاءِ ڌار ڌار وقت رکيل آهي. گيٽ کان زيارت جي مرڪزي جاءِ تائين ذڪري قطار جي شڪل ۾ باوضو سيني تي هٿ ٻڌي بلند آواز ۾ ذڪر ڪندا ويندا آهن. هن ذڪر کي ”شيرين دوڪرم“ چون ٿا.

حسبي ربي جلاالله

معافي قلبي غيرالله

جا الله جلا الله مالڪ انار جي دائم محب حق، الله هو، الله هو.

هن کانسواءِ ڀترن سان ٺاهيل هڪ گول دائري ۾ ”چوگان“ (اهو ذڪر جو قسم آهي) ڪندا آهن. اهو گهڻو ڊگهو آهي ان جو ڪجهه سيٽون هيٺ ڏجن ٿيون.

هادي مهدي تو رحم ڪان

ذگر حدا قسمت ڪان

الله اڪبر، الله اڪبر

يا محمد رسول الله نور پاڪ نور مهدي رسول الله

ذڪرين جي مسجد ۾ محراب نه هوندو آهي. قرآن مجيد اهو ساڳيو آهي. جيڪو مسلمانن جي ٻين سڀني فرقن ۾ آهي. جنهن ۾ ڪو ڦيرڦار نه آهي ۽ حج لاءِ به ذڪري بيت الله ڏانهن ٻين مسلمانن وانگر ويندا آهن. مڪران جا ذڪري سڀني کان وڌيڪ پڙهيل ۽ هر فيلڊ ۾ ڇانيل آهن. مڪران ڊويزن ۾ تربت انهن جو هيڊ ڪواٽر آهي. بليدا، نهال، هوشاب، خاران، پسني، گوادر، ڪلگ، ڪولانچ، ڪپر بندر، سربند، پنجگور، ڪلمت، ڪولوا، اور ماڙا، آواران، جيوڻي ۾ هر ذات جي ماڻهن ۾ ذڪرين جو وڏو تعداد رهي ٿو. ذڪري پنهنجن مردن کي به مسلمانن جي ٻين فرقن وانگر دفن ڪندا آهن. ڪراچي ۾ ڪلري، گوليمار، لياري، هاڪس بي، گابو پٽ، صفوران کانسواءِ ملير ۾ ڪوهي ڳوٺ، جمع ڳوٺ، شرافي، لانڍي ۾ ذڪري وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. ڪوهي ڳوٺ ”پير ڪوهي“ (جبل وارو پير) جي درگاهه مشهور آهي. هتي آستانو به آهي جنهن لاءِ هو چون ٿا ته سيد ميران محمد شاهه جونپوري ٺٽي کانپوءِ ٺٽي کانپوءِ ڪراچي انهيءَ جاءِ تي آيو هو. نيشنل هاءِ وي تي پير ڪوهي جو درگاهه آهي. جنهن لاءِ مشهور آهي بيمار ٻار هتي آڻڻ، سلام ڀرڻ ۽ خاڪ لڳائڻ تي صحتمند ٿيندا آهن. انهيءَ زيارت تي ذڪرين کانسواءِ ٻيا به بلوچ ويندا آهن. ڪلريءَ کڏي  ۾ انهن جي هڪ بزرگ جو مزار آهي. هتي ذڪرين جو هڪ مضبوط سماجي تنظيم پاران قائم ڪيل ذڪري پرائمري سنڌي اسڪول اڄ به موجود آهي پر هاڻي هي حڪومت جي حوالي آهي ۽ هاڻي تعليم سنڌي جي بجاءِ اردو ۾ ڏني وڃي ٿي. ڪراچي ۾ تعصب نه هئڻ ڪري انهن ڳوٺن، محلن ۽ علائقن ۾ ذڪري ۽ نمازي (هو پاڻ کانسواءِ ٻين کي نمازي چون ٿا ڇاڪاڻ انهن وٽ نماز جو نه پر ذڪر جو تصور وڌيڪ آهي.) بلوچ گڏجي رهن ٿا. انهن پاڻ ۾ ڪو اهڙو متڀيد پيدا نه ڪيو آهي. اهي سڀ ٻولي، ڪلچر ۽ قوميت جي بنياد تي گڏ آهن. هتي ماهيگيري، زراعت کانسواءِ گهڻا مزدوري سان به تعلق رکن ٿا. ڪلري جي هر گهر مان هڪ ماڻهو عرب امارات مزدوريءَ لاءِ وڃڻ ڪري هتي خوشحالي آئي آهي. ذڪرين جو چوڻ آهي ته اسان کي مولوين جي سخت مخالفت باقي رکيو آهي. نه ته اسين ڪڏهن جا ختم ٿي وڃن. ڇاڪاڻ ته ذڪرين  ۾ فرقي لاءِ تبليغ جو ڪو رواج ڪونهي. بلوچ قوم پرستي جي ڪري انهن ۾ مذهبي تعصب شروع ڪيو هو. جيڪو ايران کانپوءِ مڪران جو ساحلن تائين ڦهليو ۽ ملا اٽڪي کانپوءِ جڏهن ميران محمد شاهه جونپوري مڪران آيو ته هن لاءِ فرقي ۾ ڪم ڪرڻ ۽ پاڻ کي مهدي ظاهر ڪرڻ آسان ٿيو. هن فرقي ۾ گهڻو ڪري گچڪي، رند، ڪلمتي، لاشاري، سربازي، دشتياري، هوت، بليدي، رئيس، ميد ۽ ٻين قبيلن جا بلوچ شامل آهن. ڪراچي ۾ ميرن جي وقت ۾ ٻين بلوچن سان گڏ هن فرقي جا ماڻهو به آيا ۽ گهڻا ماڻهو انگريزن جي شروع واري دور ۾ ڪراچي ۾ آيا. جن ڪراچي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هاڻي ته شيعن جون گهڻيون تنظيمون انهن کي شيعا ڪرڻ ۽ قائل ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پر ذڪرين جو چوڻ آهي ته اسان کي ذڪري ئي رهڻ ڏيو ته بهتر رهندو.

پارسي:

جديد ڪراچي جي ترقي ۾ پارسين جو وڏو هٿ آهي. ڪراچي جو پهريون ميئر جمشيد مهتا، نادر شاهه ايڊلجي ڊنشا، انڪل سريا، جهانگير ڪوٺاري، ڪي. بي ارد شير ماما ۽ ويرجي سپاري والا مشهور هئا. انهن ترقياتي ڪمن کانسواءِ فلاحي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتو. ڪميونٽي هال قائم ڪرڻ، اسپتالون، لائبريري، کوهه کوٽائڻ، حوض ٺهرائڻ ۾، پارسي اڳتي هوندا هئا. ڪراچي ۾ پارسي انگريزن سان گڏ هندستان مان واپار سانگي آيا ۽ هميشه لاءِ هتي رهي پيا. هوٽلن واري ڪاروبار، دڪان کانسواءِ ملير ۾ گهڻا زميندار پارسي هئا. دائود ڳوٺ جي سامهون ملير سعود آباد جتي هاڻي ڪوارٽر ٺهي رهيا آهن ۽ انهن ڪوارٽرن جي وچ ۾ وڏا گدامڙي، ڄمون ۽ کجور جا شاهي وڻ اڄ به هن علائقي جي زرخيري جي گواهي ڏئي رهيا آهن. اهو باغ ٻڏي پارسي جو هو. ملير جو مشهور ۽ ڪراچي جو ٻيو هوٽل گرانڊ جيڪو جامعه ملعيه، ملير روڊ تي قائم هو پارسين جو هو. آسو ڳوٺ ۾ لاٽو پارسي (اصل نالو ٻيو ڪوهو) جو باغ هو. ورهاڱي کانپوءِ گهڻا پارسي ملڪي حالتن جي صحيح نه هئڻ ڪري ٻين ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيا. ڪراچي ۾ اڄ به سولجر بازار لڳ پارسي ڪالوني جيڪا پارسين جي ڪراچي ۾ وڏي  آبادي آهي. چنيسر ڳوٺ، بمبينو سينيما جي سامهون ڪليڪٽر باغ، هولي فيملي سامهونج جمشيد باغ، صدر، سولجر بازار ۽ ٻين علائقن ۾ به پارسي رهن ٿا. ڪراچي م رهندڙ پارسين جو انگ هڪ اندازي موجب اٺ هزار کان مٿي آهي. ڪراچي ۾ پارسين جو ”فائر ٽيمپل“ مقدس باهه واري جاءِ بوهري بازار ۽ جهانگير رسٽورينٽ لڳ آهي. جنهن کي هو ”آگياري“ چون ٿا. جيڪو 1849ع ۾ ٺاهيو ويو آهي. اها مقدس باهه ڪڏهن به نه وسامندي آهي. هزارين سالن کان روشن آهي. ڪراچي ۾ ٽيمپل ٺهڻ کانپوءِ ”مقدس باهه“ کي هندستان مان آندو ويو. گاڏي کاتي واري علائقي رام باغ ۾ مس جي کج يورانا جي بلڊنگ ۾ به پارسين جو فائر آهي. هندستان ۾ اها باهه ايران کان پارسي پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

1901ع واري ڳڻپ ۾ ڪراچي ۾ پارسي ٻه هزار هئا. پارسين جو تعلق زرتشي مذهب سان آهي. زرتشت ايران ۾ پيدا ٿيو ۽ رستي تان ڀٽڪيل ماڻهن کي سنئين واٽ تي آڻڻ لاءِ هڪ نئون مذهبي فلسفو پيش ڪيو. جيڪو اڳتي هلي زرتشي مذهب جي نالي سان مشهور ٿيو. زرتشت جي دور جي باري مورخن ۾ اختلاف موجود آهن. فارسي روايتن ۾ هن جو دور ڇهين صدي ق.م ٻڌايو وڃي ٿو. يونان جي قديم لکڻين ۾ زرتشت جو نالو حضرت عيسيٰ کان ڇهه هزار سال پهرئين لکيل آهي. زرتشت آذر بائيجان ۾ پيدا ٿيو. هن جي پيءُ جو نالو پورشاسب اسٽيما ۽ ماءُ جو نالو وگدو اورسان هو. وقت جي حاڪم زرتشت کي مارڻ جون گهڻيون ڪوششون ڪيون، پر هر ڀيري معجزاڻي طور هو بچي ويندو هو. هن تمام ٿوري وقت ۾ سڀني علمن تي عبور حاصل ڪيو. هن ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو. ماڻهن کي مصيبتن مان ڇوٽڪاري لاءِ هن گهر ۽ ٻارن کي الله واهي چئي، سيالان جي جبلن ۾ گيان حاصل ڪرڻ لاءِ سڪونت اختيار ڪئي. آخرڪار هو هن نتيجي تي پهتو ته نيڪي ۽ بدي، اوندهه ۽ روشن اٽل آهن. اهڙي نموني نيڪي جو خدا الڳ ۽ بدي جو خدا الڳ آهي جيڪي ٻئي پنهنجي ڪوششن ۾ مصروف آهن. هن ٻن خدائن جو تصور پيش ڪيو. نيڪي ۽ خير جي خدا کي هن ”اهو رامارﱞوا“، بدي ۽ شر جي خدا کي هن ”اهنگر امينو“ جو نالو ڏنو. هن پنهنجي پيش ڪيل مذهب لاءِ وڏي ٿڪائيندڙ محنت ڪئي. ڏهن سالن ۾ فقط هڪ ماڻهو کي هو قائل ڪري سگهيو. عوام کان مايوس ٿي ان بادشاهن سامهون پنهنجي ڳالهه رکي. بادشاهه جي محل ۾ ٽن ڏينهن ٽن راتين جي بحث کانپوءِ بادشاهه جا درٻاري عالم ان جي مذهب ۾ شامل ٿيا ته بادشاهه هن کي جادوگر قرار ڏيئي قيد ڪيو. جڏهن بادشاهه جو گهوڙو بيمار ٿي پيو، گهڻي علاج کانپوءِ به گهوڙو تندرست نه ٿيو. زرتشت جڏهن بيمار گهوڙي کي چڱو ڀلو ڪيو ته بادشاهه ۽ ان جي راڄ مان گهڻا ماڻهو زرتشت جي نئين مذهب ۾ شامل ٿيندا ويا. ايران ۽ توران جي جنگ دوران زرتشت کي هڪ توراني قتل ڪري ڇڏيو.

”گاٿا“ پارسين جو مذهبي ڪتاب آهي.

عبادت ”باهه“ جي ڪئي وڃي ٿي. جيڪو اوندهه جو دشمن ۽ روشني جو پيغامبر آهي. مقدس باهه صندل جي ڪاٺين مان حاصل ڪئي ويندي آهي.

پارسي جيڪي زرتشي مذهب جا پوڄاري آهن. پارسي مردي کي ناپاڪ سمجهن ٿا. هو مردي کي دفن نٿا ڪن انهن جي عقيدي موجب ڌرتي ناپاڪ ٿي ويندي ۽ نه ئي ان کي ساڙيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ  ته هن سان باهه جي بي حرمتي ٿئي ٿي ۽ نه ئي ان کي پاڻي ۾ اڇلايو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڻي به مقدس آهي. جنهن لاءِ هي مردي کي وڏن مينارن ۾ جيڪي کوهه وانگر آهن ان مٿان ٺهيل ڄاري تي رکي ڇڏيندا ته جيئن پکي ۽ ٻيا گوشت کائڻ وارا جانور ان کي کائن. انهن مينارن کي ”دخم“ چوندا آهن. مرڻ کانپوءِ مسلمانن جي عقيدي ۾ جيئن ته پل صراط پار ڪرڻو پوندو آهي. پارسين ۾ ان سان ملندڙ قسمت جو پل Bridge of Division پار ڪرڻو آهي. قسمت جي پل پار ڪرڻ لاءِ هڪ خوبصورت ڇوڪري ”سرواڻ“ هوندي آهي. اها فقط نيڪ عملن وارن لاءِ ”سرواڻ “ هوندي آهي. باقي گناهگارن لاءِ بدشڪل پوڙهي آڌر ڀاءُ لاءِ هوندي آهي پر گناهگار اهو پل پار نه ڪري سگهندو. پارسين ۾ آخرت ۾ عدالت جو تصور آهي. جيڪو مسلمانن جي ميزان سان ملندڙ جلندڙ آهي. پارسين وٽ جنت جا ڪيترا درجا آهن. جنهن ماڻهو ڪڏهن به عبادت نه ڪئي، نه ئي ”گاٿا“ پڙهيو پر هن انسانيت جي خدمت ڪئي ته هو به ڪنهن نه ڪنهن ننڍي ڪلاس واري جنت ۾ ضرور ويندو.

پارسين ۾ مال ڌارڻ ۽ زراعت مذهبي طور مقدس ڌنڌا آهن. پارسي دنيا تياڳڻ ۽ رهبانيت جي خلاف آهن ۽ نه هي مذهب ۾ آڻڻ لاءِ تبليغ ڪندا آهن. جيڪو پيدائشي پارسي آهي انهن جي نظر ۾ فقط اهو ئي اصلي پارسي آهي. هو هروڀرو ڪنهن سان ميل ميلاپ نه رکندا آهن. ٻين مذهب وانگر زرتشي مذهب ۾ به تبديليون ڪيون ويون آهن. زرتشي مذهب، ديوتائن جي تصور کان پاڪ هو. پر هاڻي ڪجهه ديوتا به اچي چڪا آهن. انهن ۾ ڪجهه ايران جا قديم ديوتا به آهن جنهن جو مثال ”ميٿرو“ آهي. ڪجهه ديوتا حملي ڪندڙن وسيلي به مذهب ۾ داخل ٿيا آهن. مثال طور سائرس ۽ ان جي جانشينن جي ڪري ”اناهيا ديوي“ کي ايرانين پنهنجو ڪيو. باهه کي هاڻي هو رامارﱞوا جو پٽ قرار ڏين ٿا.

ايران ۾ جڏهن مسلمانن جي قبضي ۾ آيو ته انهن تي ظلم ڪيو ويو ته گهڻن پارسين وطن ڇڏي هندستان ۽ ٻين ملڪن جو رخ ڪيو. هندستان ۾ هندو مذهب جي ڪجهه رسمن کي به قبول ڪيو.

سک، ڀاڳڙي، ڪولهي ۽ ڀيل:

ڪراچي ۾ سک 1920ع کانپوءِ گهڻي تعداد ۾ روزگار جي ڳولا ۾ آيا. لوهارڪو، بجلي ۽ واڍڪي جو ڪم گهڻو سک ڪندا هئا. گهڻا هندو واڻيا به گرونانڪ جي پوئلڳ هئڻ ڪري سک فرقي سان تعلق رکندڙ آهن. رام باغ مندر ويجهو رتن تلاءُ وٽ سکن جو پهريون گرد وارو قائم ڪيو ويو. سکن جو ڪراچي ۾ هڪ ٻيو گرد وارو گاڏي کاتي بندر روڊ تي ”ڄيٺمل گرد وارو“ هوندو هو. 1947ع کانپوءِ ڪراچي ۾ رهندڙ تمام سک هليا ويا. هن وقت سکن جو ڪراچي ۾ تعداد مشڪل سان ٽي هزار آهي. جنهن ۾ ڀاڳڙي ۽ واڻيا شامل نه آهن. نئين سبزي منڊي پويان آدم بروهي ڳوٺ جيڪو سکن، بروهين کان خريد ڪيو. سکن جي وڏي آبادي هتي موجود آهي هتي گرد وارو به آهي. هن کانسواءِ نارائڻ پورا ۾ به سک رهن ٿا جتي هڪ خوبصورت گرد وارو ”گرو گرناٿ صاحب“ آهي. جيڪو 1910ع ۾ ٺاهيو ويو آهي.

ڀاڳڙي جيڪي ڪراچي ۾ ڦيري لڳائي ٿانهه وغيره وڪڻندا آهن. ٻهراڙيءَ ۾ سهيڙي ۽ ڳوهه جو شڪار ڪندا آهن ڪراچي ۾ رهندڙ ڀاڳڙين جو تعلق سک فرقي سان آهي انهن جو وڏو انگ ڪراچي ۾ موجود آهي.

هندوئن، عاملن کانسواءِ ڪراچي ۾ ڪولهي به تمام پراڻا رهائشي رکندڙ آهن اهي ڀاڳڙين وانگر انتهائي غريب ۽ مفلسي واري زندگي گذارين ٿا. معاشي ۽ مذهبي طور پيڙهيل هي هنر مند ماڻهو آهن.

1901ع واري ڳڻپ موجب سنڌ م 32126 ڪولهي رهندڙ هئا. ڪولهي جيڪو ڪراچي ۾ رهي ٿو. هن جو واسطو زراعت سان گڏوگڏ پکي ۽ ڳوهه ڦاسائي وڪڻڻ سان به آهي. جنهن کي ماري چوندا آهن ۽ جُهورَ جون تازيون سنهيون ڪاٺيون وڍي وڪڻندا آهن. زراعت ۾ گهڻو ڪري برساتي ندين جي پيٽ ۾ وهندڙ سن جي پاڻي ۽ وٽ (آڏ) تي گدرا پوکيندا آهن. هيڊي رنگ جو اهو گدرو ڪراچي ۾ ڪولهي گدرو مشهور آهي. گلشن اقبال ۾ لياري نئين جي ڪناري، ڀانگريا ڳوٺ، صفوران، لياري، شيرشاهه، لانڍي ملير ۽ گڏاپ ۾ انهن جون آباديون آهن.

ڀيل جيڪو هن وقت ڪراچي ۾ رهي ٿو گهڻن جو واسطو ٿر سان آهي. ٿر ۾ ڏڪار ڪري گهڻا ڀيل لڏي ڪراچي جي پسگردائي ۾ زرعي زمينن تي هارپي لاءِ آيا. جنهن مان گهڻا هتي رهجي ويا پر اڪثريت پنهنجو تعلق ٿر سان ختم نه ڪيو. ڀيلن جي وڏي آبادي گڏاپ ۾ مختلف زرعي ٻنين تي ٻاري ٻچي جهوپڙيون ٺاهي رهن ٿا. ڪنهن زميندار کي هارپي ۽ مزدوري لاءِ جيڪڏهن ڀيلن جي ضرورت هوندي ته هو هتي موجود ڀيلن جي مذهبي اڳواڻن ۽ انهن جي ڪنهن وڏي سان رابطو ڪندا آهن. معاملو طئي ٿيڻ کان پوءِ ۽ گهڻو ڪري اهي ڪٽنب جي حساب سان پنهنجو پورو لڏو کڻي ايندا آهن. گڏاپ ۾ مختلف زرعي فارمن تي ڀيلن جا پنج گهرن کان 50 گهرن وارا ڳوٺ 30 کان مٿي آهن ۽ هتي گهڻا ڀيل خوشحال ٿي ويا آهن. گڏاپ کانسواءِ ڪاٺوڙ، درساڻي ڇني ۽ لانڍي ۾ ڀيل زراعت سان واڳيل آهن. ڀيلن جو ڪراچي جي ٻهراڙي ۾ انهيءَ سلسلي ۾ اچڻ 1990ع کانپوءِ گهڻي تعداد ۾ ٿيو آهي. ڪراچي شهر ۾ ڀيل نه هجڻ جي برابر آهن. انهن جا مذهبي اڳواڻ هتي ڌاڳي، ڦيڻي ۽ جن لاهڻ ۾ به مشهور آهن. اهي گهڻو ڪري راما پير جا مڃيندڙ آهن.

جوڳي:

ميمڻ ڳوٺ ڏانهن ويندي ٿڌي نئين جي ڪپ تي مشهور تاريخي قبرستان ”بلوچ ٽومبس“ جي ڀر ۾ هڪ ڳوٺ رمضان شيخ جوڳي ڳوٺ آهي. جتي هاڻي بنوري ٽائون واري مسجد به ٺاهي آهي اهو ڳوٺ انهيءَ تاريخي قبرستان جي زمين تي اڏيل آهي. انهن جو وڏو رمضان هاڻي جوڳ جو ڪم ڇڏي حڪمت جو ڪم ڪري ٿو ۽  نانگن ڦاسائڻ بجاءِ بيمار ماڻهو ڦاسائيندو آهي. مسلمان ٿيڻ کانپوءِ پوري ڳوٺ، جيڪي پاڻ کي جوڳي به سڏيندا آهن پر انهن جوڳين وارو ڌنڌو ڇڏي ڏنو آهي. نيشنل هاءِ وي تي ”جوڳي موڙ“ مشهور آهي. اهي ڪوڪڙي جوڳي آهن جيڪي نانگ ڦاسائڻ ۽ مرلي وڄائڻ جو ڪم نه ڪندا آهن. ٻارن جا رانديڪا ٺاهي وڪڻي گذران ڪن ٿا. انهن جو چڱو مڙس مهاراج شام داس آهي هتي پنج ننڍا مندر به آهن. اهي انتهائي غريب ۽ جهڳين ۾ رهن ٿا. لينڊ مافيا ۽ حڪومتي ماڻهو انهن غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن کي لڏائڻ لاءِ آتا آهن. اهي جوڳي 1970ع کان هتي رهندڙ آهن. انهن جي ڳوٺ جي گهڻي حصي تي فيڪٽريون ۽ رهائشي اسڪيمون ٺهي ويون آهن. ڳوٺ جي هڪ حصي تي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج قائد آباد ٺهيل آهي. ڪاليج جي ٻئي پاسي انهن ڪوڪڙي جوڳين جا مائٽ رهن ٿا جيڪي مسلمان ٿي چڪا آهن جيڪي لونگ فقير جوڳي محلو الله ڏنو پنهور ڳوٺ ۾ رهن ٿا جن کي شيخ جوڳي چيو وڃي ٿو.

هيڻائي، بي وسي ۽ مذهبي ڏاڍائي جو اندازو اوهان مهاراج شام داس جي هن هڪڙي جملي مان لڳائي سگهو ٿا جيڪو هن پنهنجي ڪٽنب جي مسلمان جوڳين ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته، ”هي اسان کي ڇڏي ويا آهن ۽ مڙس ماڻهو ٿي ويا آهن“ هن جي چوڻ جو مقصد اهو هو ته انهن کي هاڻي ڪير تنگ نٿو ڪري، پاڻي سميت ٻيون سهولتون به انهن کي مليل آهن.

جوڳي مسلمان ۽ هندو ٻنهي مذهبن ۾ آهن.

نيپا سفاري پارڪ لڳ جوڳين جي پراڻي وسندي آهي پر اها جاءِ به بلڊرز مافيا ۽ لينڊ مافيا جي ڪري سڪڙجندي وڃي. چند ڪکاوان گهر وڃي بچيا آهن. گهڻا جوڳي هي علائقو ڇڏي ٻين علائقن خاص ڪري مواڇ ڳوٺ ۽ ڪاٺوڙ ڏانهن هليا ويا آهن. بيروزگاري ڪري جوڳين به پنهنجو اباڻو ڌنڌو ڇڏي ٻين ڌنڌن ۾ وڃي پناهه ورتي آهي. ميمڻ ڳوٺ گڏاپ ۽ شيدي ڳوٺ ملير ۾ به جوڳين جا ڳوٺ آهن. جڏهن آئون ميمڻ ڳوٺ ۾ رهندڙ جوڳين جي چڱي مڙس جوڳي وٽ ڪچهري لاءِ پهتس ته هن ٻئي هٿ ٻڌي آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ گهڻا جوڳي جيڪي انتظار ۾ هئا سڪ سان اچي مليا ذلت ماريل انهن ماڻهن جا انيڪ مسئلا آهن سڀ کان اهم مسئلو بيروزگاري ۽ ڳوٺن جي مستقل / پڪي ڪرڻ جو  آهي. ڦوٽو جوڳي پنهنجي مخصوص انداز سان ٻڌايو ته جوڳي صدين کان ڪراچي واري علائقن ۾ رهن ٿا پر انهن جو ڪو به پڪو ڳوٺ ڪونهي. ڦوٽو جوڳي ۽ ٻين سان جيڪا ڪچهري ٿي هن مطابق ڪراچي ۾ رهندڙ جوڳي ”تفن سري“ جوڳي آهن. تفن سري شهرن ڳوٺن ۾ مرلي وڄائي روزگار ڪري پئسو حاصل ڪرڻ ۽ پنڻ وارن جوڳين کي چئبو آهي. تفن سري کانسواءِ جوڳين جا ٻه قسم بنواسي ۽ سنياسي آهن. بنواسي هميشه سفر ۾ رهي ٿو. هي گهڻو ڪري جهنگ ۾ سفر ڪري نانگ پڪڙي روزگار ڪندو آهي. سنياسي جوڳي جڙي ٻوٽيون حاصل ڪري حڪمت وارو ڌنڌو ڪندو آهي. حسين هزارا ڳوٺ ۾ ويٺل جوڳي پهرئين مرلي وڄائي روزگار حاصل ڪندا هئا انهن مان گهڻا هاڻي حڪمت جو ڪم ڪن ٿا.

ڪراچي جا جوڳي اصل ۾ ٺٽائي جوڳي آهن. انهن جو مرڪزي ٺڪاڻو ٺٽي شهر ويجهو  جنگشاهي آهي. جنگشاهي کانسواءِ امر ڪوٽ ۽ روهڙي به جوڳين جا قديم مرڪز آهن. امرڪوٽ جا جوڳي گرناري جوڳي آهن. سنڌ ۾ رهندڙ تمام جوڳين جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن طرح انهن ٽنهي مرڪزن سان آهي. جوڳي هميشه سفر ۾ رهن ٿا. راما پير جو مندر به امرڪوٽ (عمرڪوٽ) ۾ جوڳين جي مرڪز لڳ آهي. گرناري جوڳي نانگ وڪڻڻ کي پاپ سمجهن ٿا. انهن جوڳين وٽ نانگ جو درجو ماءُ برابر آهي. هنگلاچ ۽ گرنار جوڳين جي علم جا وڏا مرڪز آهن. جتي هو چلو ڪڍندا آهن جنهن کي هو ”جوڳ ڪڍي بچڻ“ چوندا آهن. انهن مرڪزن تي هو چاليهه ڏينهن تائين مختلف علم ۽ هنر حاصل ڪندا آهن. هنگلاچ جو مرڪز هاڻي فقط زيارت طور استعمال ٿئي ٿو. لاهوت، قلات، شال (ڪوئيٽا) به ڪنهن دور ۾ علم ڌيان گيان جا مرڪز هئا. هاڻي فقط علم لاءِ هڪ مرڪز ”گرنار“ آهي. ڪراچي جا جوڳي اڃان به هنگلاچ، لاهوت ۽ قلات ۾ عبادت لاءِ چلو ڪڍڻ لاءِ ويندا آهن. شال (شال ڪوٽ، ڪوئيٽا) وارو پراڻو مرڪز هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. قلات ۾ ڪالي ديوي، مستونگ ۾ مهاديو ۽ شال ۾ سماديو جوڳي مشهور هئا. قلات جو هڪ پراڻو نالو سيوا به آهي.

انهن مرڪزن بابت جيڪي هاڻي بلوچستان ۾ آهن. هنديءَ ۾ هڪ مشهور شعر آهي ته:

ڪالي وسي قلات ۾، مهاديو مستونگ.

ٻڍڙا جوڳي شال ۾، پاڻي ناٿ بلونت.

هنگلاچ ۽ قلات ۾ اڃان به ميلو لڳندو  آهي. هر جوڳين جي وسندي ۾ ڪو استاد هوندو آهي. ننڍپڻ ۾ جوڳين کي تربيت لاءِ استاد وٽ موڪليو ويندو آهي. هن جي تربيت ڪئي ويندي آهي. شاگردي دوران شاگرد گهڻو ڪري استاد سان گڏ رهي ٿو بقول ڦوٽو جوڳي جي ”هاڻي استاد ويچارا شاگردن کي فقط پنڻ جاگر سيکارين ٿا.“

جوڳي اصل نانگ جي قرباني به ڪندا آهن. جنهن لاءِ ڪو ڏينهن مقرر ڪونهي. قربان ٿيل نانگ جو وڏو حصو استاد پاڻ وٽ رکندو آهي. باقي گوشت ورهايو ويندو آهي. قربان ٿيندڙ نانگ جي ڪنڊن کي استاد يا سردار مالها ٺاهي ڳچي ۾ پائيندا آهن. معصوم ٻار ۽ بيمار کي به نانگ جي ڪنڊن جو هار پارائيندا آهن. جنهن لاءِ جوڳين جو چوڻ آهي ته ننڍو ٻار نظر ۽ ٻين بيمارين کان محفوظ رهي ٿو. ڪاريهر جي گوشت ۽ ڪنڊن کي سڪائي انهن کي پيسائي ”سفوف“ ٺاهي دٻلي ۾ رکندا آهن. جڏهن جوڳي جي گهر ۾ ٻار پيدا ٿيندو آهي ته، اهو ”سفوف“ ٻار جي منهن ۽ ناسن ۾ وڌو ويندو آهي. جوڳين جو چوڻ آهي ته هن دوا سان جوڳي هميشه نانگ جي ڌپ کي محسوس ڪندو آهي. اها صلاحيت نانگ پڪڙڻ واري جوڳي لاءِ ضروري  آهي ۽ جنهن ۾ اها صلاحيت نه هوندي آهي اهو اصلي جوڳي نه هوندو.

 جوڳين جو چوڻ آهي ته نانگ ڪنهن گهر يا ڪمري ۾ ايندو هجي ان کي گهر کان پري رکڻ لاءِ لوڻ تي جوڳي ڪالڪان ديوي جو منتر پڙهي گهر کي چوڌاري پڙهيل لوڻ سان”رک“ ڪيو ويندو آهي. جيستائين اهو لوڻ هتي موجود آهي نانگ ان گهر ڏانهن نه ويندو. انهن جو عقيدو آهي ته ڪالڪان ديوي هميشه شير تي سوار رهندي آهي ۽ جوڳين جي حفاظت ڪندي آهي. شايد اڄ ڪلهه ڪالڪان ديوي ڪراچي جي جوڳين سان ناراض آهي، جو هو دربدر آهن.

گورک ناٿ گوگو چوهاڻ جيڪو نانگ پوڄا جو هڪ ديومالائي اوتار آهي. جيڪو نانگن جو بادشاهه هو، نانگ پڪڙڻ وقت جوڳي کي ڪالڪان ديوي جي منتر پڙهڻ سان گڏ گوگو چوهاڻ جو قسم به ڏيندا آهن. گوگو چوهاڻ جو پيءُ ڪونهي حضرت عيسيٰ وانگر هن  جي پيدائش به بنا پيءُ جي ٿي هئي. جوڳين جو چوڻ آهي ته گوگو جي ماءُ ”واچڻ راڻي“ جڏهن هڪ آسماني گل کاڌو ۽ انهي گل جي ڪري گوگو چوهاڻ ان جي بطن ۾ آيو ۽ پيدا ٿيو. انهيءَ واقعي کانپوءِ جونا ڳڙهه جي راجائن ”واچڻ“ کي جونا ڳڙهه مان نيڪالي ڏني ته هو گرنار هلي آئي. جنهن جي ڪري ”گرنار“ جوڳين جو مرڪز ٿيو.

اڳئين زمانن ۾ شادي وقت ڏياج ۾ جوڳي پنهنجي ڌيءُ کي نانگ جو مڻ ڏيندا هئا جيڪو ڪاريهر نانگ جو هوندو آهي. ان کانسواءِ ڪپڙا، زيور به ڏيندا آهن. سنڌ جي ٻين قبيلن وانگر جوڳڻ عورت شادي کانپوءِ پوري عمر پنهنجي مڙش جو نالو نه وٺندي آهي. شادي کانپوءِ ڪنوار ستن ڏينهن تائين سس کان پردو ڪندي آهي. ستين ڏينهن سس ڪنوار کي ناريل جو پاڻي پياري ۽ کوپرو کارائي پردو ختم ڪندي آهي. شهر ۾ رهندڙ جوڳين ۾ اهي رسمون آهسته آهسته ختم ٿي رهيون آهن.

جوڳي مرلي ڪدو مان ٺاهيندو آهي. جيڪي هو پنهنجي گهرن ۾ يا جتي ٻني ٻارو ڪندا آهن پنهنجي لاءِ پوک ڪندا آهن. عام بازار ۾ اهو ڪدو گهٽ ملندو آهي.

ڪراچي ۾ ڪنهن دور ۾ صفوران، سونگل، ڳجهڙي، منگهي پير، ملير، لانڍي، ميمڻ ڳوٺ ۾ وڏي تعداد ۾ جوڳي رهندا هئا. مرلي جي قدردانن ۽ نانگن جي تعداد ۾ گهٽتائي اچڻ ڪري گهڻا جوڳي ٻين ڌنڌن سان لڳي رهيا. ڪي پنڻ تي مجبور ٿيا ته ڪن حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيو. جيڪي اهو سڀ ڪجهه ڪري نه سگهيا اهي لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا. ويهارو سال الڳ ڪراچي شهر جي گهٽين روڊن ۽ رستن تي جوڳي پنهنجي گوڌڙي، پٽاري، مخصوص لباس جيڪو گهڻو ڪري گيڙو هوندو هو. پٽڪي ۽ ڪنن ۾ وڏن والن سان گهڻي تعداد ۾ نظر ايندا هئا. جيڪي مرلي وڄائي نانگ جو تماشو ڏيکاري، ڍاري سان قسمت جو حال ٻڌائي روزگار ڪندا هئا. جڏهن مصروف ڪراچي انهن پاسي ڌيان نه ڏنو ته انهن به انهن رستن کي خداحافظ چيو.

جوڳي فطرت جا پوڄاري آهن جنهن جي ڪري هو شهرن کان پري صحرائن، جبلن ۽ جهنگن ۾ رهن ٿا.

جوڳي، ڀيل، باگڙي ۽ ڪولهي سنڌ جا اصلي رهاڪو آهن هي دراوڙن جي ان نسل مان آهن جن حملو ڪندڙ آريائن جي آڻ نه مڃي. جبلن، صحرائن ۽ جهنگلن جو رخ ڪيو ۽ روپوش ٿيا ته جيئن پاڻ کي مضبوط ڪري دشمن سان مقابلو ڪري ان کي ڀڄائي ڪڍجي. پر طاقت ور دشمن هميشه لاءِ حاوي ٿي ويو. انهن جي سچائي ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو اهو لا حاصل سفر اڄ به جاري آهي.

جوڳين جي ڳوٺ مان نڪرڻ وقت دل مان اها دعا نڪتي ته، ڪو ته هجي جيڪو انهن لاءِ ڪجهه ڪري، ڪا سماجي آرگنائزيشن، ڪا انساني حقن جي تنظيم يا ڪو اڪيلو ماڻهو.

خوجا ۽ بورهي:

ٻي صدي جي وچ ڌاري شيعا ٻن وڏن فرقن ۾ ورهائجي ويا. ڇهين امام جعفر صادق جي وفات کانپوءِ هڪ فرقو ان جي پٽ اسمعيل کي امام ڪرڻ جي حق ۾ هو جيڪو اڳتي هلي اسماعيلي ٿيا. ٻين امام جعفر صادق جي ٻئي پٽ موسيٰ کي امام مقرر ڪيو ۽ امامت کي ٻارنهن امامن تائين پهچايو جيڪي اثنا عشري جي نالي سان مشهور ٿيا ۽ اڄ به اهي اڪثريت سان آهن. اثنا عشرين جو چوڻ آهي ته اسمعيل جيئن ته پنهنجي پيءُ کان اڳ گذاري ويو تنهن ڪري امامت جو حق ٻئي پٽ جو هو.

سر آغا خان جي پڙ ڏاڏي آغا حسن علي کي جڏهن ايران جي حڪومت ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ته سنڌ ۾ قرامطين جي بچيل ماڻهن هن کي سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني. سنڌ ۾ خوجن جا ڪيترائي مرڪز آهن. ڪراچي ۾ 1839ع تي خوجن جو پهريون جماعت خانو قائم ڪيو ويو. ان کانپوءِ ملير ۾ خوجن جو هڪ جماعت خانو بنايو ويو. انگريز جي وقت لياري نئين جي ٻنهي ڪپن تي هاڻوڪي گانڌي گارڊن کان جيل تائين خوجن جون زمينون هيون ۽ لالوکيٽ جيڪو مشهور آهي. لالو به خوجو هو. ڪراچي ۾ خوجا وڏي اڪثريت سان آهن. سولجر بازار، گارڊن ايسٽ، حسين آباد، ڪريم آباد، کاري در، مٺي در ۽ ملير ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. ملير جي اولڊ ٿاڻي ۾ اڄ به خوجن جون زمينون آهن. اهي پرنس ڪريم آغا خان جا مڃيندڙ آهن. جيڪو انهن جو هاڻوڪو جيئرو امام آهي. ٺٽي ۾ ميرپور ساڪرو ۽ جهرڪ خوجن جا اهم مرڪز آهن. جتي به قرامطي تحريڪ جو اثر رهيو. انهن علائقن ۾ خوجا موجود آهن. ڪراچيءَ ۾ سيٺ قاسم همير، ڪراچيءَ جي خوجي قبيلي جو مکي هو. اڃان تائين ڪراچي جي مٺا در واري علائقي ۾ مکي همير جي گهٽي موجود آهي. هي وڏو واپاري ۽ ڪيترن جڳهين جو مالڪ هو. سيٺ قاسم همير ڪراچيءَ جي انهيءَ پهرئين خوجن جي سماج سڌارڪ گروهه مان هو. جن آغا خان جو فرقو، سيٺ لالڻ شهيد سان گڏ ڇڏيو هو. سيٺ لالڻ ان گروهه جو ليڊر هو. انهيءَ گروهه ۾ ٻيا مکيه ۽ مشهور ماڻهو سيٺ غلام حسين چاڳلا، سيٺ حاجي ٿانور ٿا نهريا ۽ سيٺ عبدالله جاڳڻ هئا. سيٺ قاسم ڪراچيءَ ۾ پهريون امام واڙو ٺهرايو جتي نئين گروهه جون مجلسون ٿينديون هيون. سيٺ خالق ڏنو به بعد ۾ انهن سان شامل ٿيو. جنهن جي پٽ جي نالي سان غلام حسين خالق ڏنو هال بندر روڊ تي موجود آهي. قاسم همير جو پٽ پهريون مسلمان ميمبر هو جو ڪراچي شهر طرفان 1921ع ۾ بمبئي قانون ساز ڪائونسل ۾ چونڊجي ويو هو. هن نئين گروهه کي پڙائي خواجا به چوندا هئا. جن پڙائي خواجا جماعت به ٺاهي هئي.

خوجا حضرت عليءَ تي ڏهين امام طور ايمان آڻين ٿا. خوجا شيعا مسلمان آهن. هي واپاري ماڻهو آهن. ڪراچي جي سبزي منڊي ۾ خوجن جا گهڻا دوڪان آهن. اهي پير صدر الدين جي احڪامن ۽ ان پاران لکيل ڪتاب کي مقدس ڪتاب مڃين ٿا اڳتي هلي انهن ۾ ٻه فرقا پيدا ٿيا. اهو فرقو محرم ۾ تابوت ٺاهڻ واري رسم جو حامي هو. آغا خان ان رسم خلاف فيصلو ڏنو. پر ٻئي فرقي ان کي نه مڃيو. جن کي پيراڻو يا پنجا ڀائي چيو وڃي ٿو. جيڪي ڪراچي کانسواءِ ٺٽي جهرڪن ۾ تمام ٿوري اقليت طور موجود آهن.

يارهين صديءَ ۾ بمبئيءَ ۾ لهندي اسماعيلي مذهبي عالمن گجرات جي انهن واپارين ۽ برهمڻن کي مسلمان ڪيو. جن جي اولاد کي هاڻي ”بوهري“ يا ”بوري“ سڏين ٿا. مصر ۾ فاطمي خلافت جي وراثت بابت ٿيل تڪرار ۾ اسماعيلي ٻن فرقن، مستعلين ۽ نظارين ۾ ورهائجي ويا. بوهرين مستعلين جو پاسو کنيو ۽ خوجا نظارين ٿيا. 1588ع ۾ ئي گجراتي بوهرين جي مکيه گروهه پنهنجا اسماعيلي برادريءَ سان ناتا ٽوڙي ڇڏيا ۽ پنهنجي هڪ مذهبي شخص دائود کي مذهبي پيشوا مقرر ڪيو. جنهن جي نالي پويان اهي هاڻي دائودي بوهرا سڏجن ٿا. ڪراچي ۾ رهندڙ بوهرا دائودي آهن. انهن وٽ امامن جو سلسلو ختم ٿي ويو آهي. بوهري مذهبي فرض ۾ سخت آهن. ڪراچي ۾ بوهري انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ ڪڇ، گجرات، بمبئي ۽ ڪاٺياواڙ مان آيا. هي ٺيڪيدار ۽ واپاري ماڻهو آهن. دائودين کانسواءِ بوهرين ۾ ٻيا به فرقا سليماني ۽ لوٽيا آهن جيڪي سني فرقي سان واسطو رکن ٿا. هي ماڻهو سيدنا طاهر سيف الدين جا مڃيندڙ آهن. بوهري جي لفظي معنيٰ ”ساهوڪار“ ۽ ”واپاري“ آهي. ڪراچي ۾ بوهري بازار انهن جي نالي پويان آهي. صدر ۾ ڪاروبار تي بوهري ڇانيل آهن. دائودي بوهرين جو هاڻوڪو مذهبي اڳواڻ برهان الدين آهي. محرم ۾ ماتم ڪندا آهن. پر ظاهر نه ڪندا آهن. مسجد ۾ عورتون به پوين صفن ۾ بيهي مردن سان باجماعت نماز پڙهنديون آهن. عبدالله يوسف علي بوهري قرآن جو تفسير انگريزي ۾ لکيو. جيڪو سڀ کان وڌيڪ پڙهيو وڃي ٿو. عبدالله يوسف علي وفات کانپوءِ لنڊن ۾ دفن ٿيل آهي.

مسافر خانا ۽ ڌرم شالا:

مسافرن جي رهڻ لاءِ ٺاهيل جاين جن کي عام طور مسافر خانو، سرائي يا لانڍي چيو وڃي ٿو. هندوئن پاران ڌرم شالائن جو تصور تمام پراڻو آهي. وڏن واپاري ۽ سفري رستن تي مسافري رستن تي مسافرن لاءِ رهائش جون جايون ٺاهيون وينديون هيون. جن ۾ رهائش سان گڏ کاڌ خوراڪ پاڻي ۽ عبادت جو بندوبست هوندو ۽ اٺن گهوڙن ۽ خچرن لاءِ الڳ بندوبست هوندو هو. انهن کي قافلا سرائي به چيو ويندو هو. ڪراچي ۾ هاڻوڪي سنڌ مدرسي اسڪول واري جاءِ تي هڪ اهڙو ئي پراڻو قافلا سرائي هوندو هو. جيڪو انگريزن جي شروعاتي دور تائين به قائم هو. بعد ۾ شهر وڌڻ ۽ هوٽلن، مسافرن ۽ ڌرم شالائن ڪري ان جي ضرورت ختم ٿي ته ان کي ختم ڪيو ويو. لانڍي وارو علائقو به اهڙيئي قافلا سراءِ/ لانڍي ڪري مشهور هو. جتي جمعدار جي لانڍي هئي. اڄ به اهو علائقو لانڍي جي نالي سان مشهور آهي.

ڪراچي ۾ بندر روڊ تي مولوي موليڏنو جو مسافرخانو مشهور هو. جيڪو مولوي موليڏنو 1887ع ۾ قائم ڪيو. پهرئين هي ڌرم شالو هو جنهن کي بعد ۾ مسافرخاني جو نالو ڏنو ويو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان کان آيل مهاجرن هن تاريخي مسافرخاني تي قبضو ڪري هن کي رهائش لاءِ استعمال ڪيو. روڊ سان لڳ هن مسافرخاني جا ٻارنهن پڪا ڇپرا هوندا هئا ۽ اندرئين پاسي ڪمرا ٺهيل هوندا هئا. جيڪي ٻه منزل هئا. انهن ڪمرن جي قطار جي آخر ۾ غسل خانا ۽ ليٽرين هوندا هئا. وقتي رهائشي ماڻهو جيڪي فقط هڪ رات لاءِ رهندا هئا، اهي اڪثر ڇپرن ۾ رات گذاري ويندا هئا. اڃا به مولوي مسافرخاني جو مرڪزي دروازو موجود آهي. 1893ع ۾ هي مسافرخانو ميونسپلٽي پنهنجي حوالي ڪيو هو.

1896ع ۾ ٺهيل رام مسافرخانو جوڙيو ويو جنهن جو انتظام به ڪراچي ميونسپلٽي جي حوالي هوندو هو. اهو مسافرخانو به ورهاڱي وقت بند ٿي ختم ٿي ويو. ورهاڱي وقت ڪراچي ۾ ميمڻ حسيني مسافرخانو، اثنا عشري مسافرخانو ۽ لياري ڪاليج جي پويان پراڻي حاجي ڪئمپ ۾ حاجين لاءِ به هڪ مسافرخانو هوندو هو. اهو مسافر خانو اثنا عشري مسافرخاني ۽ حاجي ڪئمپ جي ويجهو هوندو هو. منگهوپير، لي مارڪيٽ، نيو چالي ۾ به مسافر خانا هوندا هئا. جتي مسافر اچي رهائش اختيار ڪندا هئا. لي مارڪيٽ مسافرخانن ۾ مڪران ۽ بلوچستان جي علائقن کان ايندڙ ماڻهو رهائش اختيار ڪندا هئا. اهي گهڻو ڪري هشت چوڪ (اٺ چوڪ) شيدي وليج لياري واري علائقي ۾ هوندا هئا. هاڻي انهن جي جاين تي اڻ ڳڻيون هوٽلون ٺهي ويون آهن. ڪراچي ڪئنٽ ٺهڻ کانپوءِ هتي به ڪجهه پرائيويٽ مسافرخانا اڏيا ويا. جيڪي گهڻا ورهاڱي کانپوءِ 70ع واري ڏهاڪي تائين قائم هئا. اڄ به ماڙي پور ٽرڪ اسٽينڊ، سهراب ڳوٺ ۽ ڪئنٽ اسٽيشن ۽ لانڍي جي پٺاڻ علائقن ۾ مسافرخانا موجود آهن. جيڪي اڪثر ٽرڪ ڊرائيور جي حوالي آهن.

ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ۾ هندوئن پاران ڌرم شالا موجود هوندا هئا. جن ۾ شڪارپوري محلو ڌرم شالو، گجراتي ڌرم شالو ليمارڪيٽ، ڀاٽيا ڌرم شالو بندر روڊ، لوهاڻو ڌرم شالو بندر روڊ، ڀاگناڙي ڌرم شالو رام سوامي، مهاراشٽر ڌرم شالو، سنڌي گرامي ڌرم شالو ڀيم پورو، سادو هيرانند ڌرم شالو منگهوپير، مارواڙي ڌرم شالو کارودر، سيٺ شيو رام ڪرکيا مل ڌرم شالو کارودر، چيلا رام ڌرم شالو بغدادي لياري مشهور هئا. ديوان ڏيارام چيلا رام مرچنداڻي پي. ڊبليو. ڊي ۾ انجنيئر هو.

ورهاڱي ٻين شين سان گڏ مسافرخانن ۽ ڌرم شالائن جي ثقافت کي به ڳڙڪائي ڇڏيو. انهن جو هاڻي ڪو نالو نشان اهڃاڻ به باقي نه بچيو آهي.

جوبلي:

اين جي وي هاءِ اسڪول جو پويون حصو جنهن کي جوبلي وارو علائقو چيو وڃي ٿو. ورهاڱي کان اڳ صاف سٿرو ۽ خوبصورت علائقو هوندو هو. سعيد منزل سان لڳ بارنيس اسٽريٽ کان جوبلي طرف وڃبو ته اڳتي مارسٽن روڊ آهي. ان کي ڪراس ڪري اڳتي جوبلي آهي. جتي جوبلي سينيما هئي. جنهن کي ڊسمبر 2006ع ۾ ڊاهي ختم ڪيو ويو. سامهون لسي جا دڪان ۽ رسٽورينٽ آهن. جوبلي واري چوڪ تان هڪ رستو رنڇوڙ لائين پاسي، هڪ گارڊن روڊ پوليس لائين ڏانهن، هڪ رستو سول اسپتال ڏانهن وڃي ٿو. ٻيون به ڪيتريون ئي سوڙهيون گهٽيون هتان نڪرن ٿيون. رنڇوڙ لائين ۽ رام سوامي تائين اهو اهم واپاري مرڪز آهي. شير شاهه کانپوءِ ٻيو ڪٻاڙي مارڪيٽ رام سوامي ۾ موجود آهي. جتي گهڻو ڪري موٽر سائيڪلن ۽ اسڪوٽرن جا پارٽس ملن ٿا. انگريز دور ۾ هي علائقو سوامي ڪوارٽرز ۾ شامل هوندو هو. جيل روڊ واري جابلو علائقي مان ڪنهن دور ۾ هتان هڪ ڍورو وهي سول اسپتال لڳ ٿيندو سمنڊ ڏانهن ويندو هو. جوبلي وٽ اهو کليل گٽر نالي جي صورت ۾ موجود آهي، پر هاڻي ان کي سوڙهو ڪري هن جي مٿان گهر ٺاهيا ويا آهن. جوبلي چوڪ کان شام لي روڊ تي مهارشٽر منڊلي جي عمارت هوندي هئي. اڄ به کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهي. ان کان اڳتي هوتي مارڪيٽ بلڊنگ آهي. هوتي مارڪيٽ اڄ به آهي. هوتي مارڪيٽ کان اڳتي يهودين جي آبادي هئي. 1901ع جي ڳڻپ موجب ڪراچي ۾ 482 يهودي هئا. ٽائيٽس پاران يروشلم جي تباهيءَ کانپوءِ گهڻا يهودي جن جو تعلق بني اسرائيل فرقي سان هو. هندستان آيا ۽ انهن مان ڪجهه يهودي انگريزن جي دور ۾ ڪراچيءَ جي انهيءَ علائقي ۾ اچي آباد ٿيا.بندر روڊ تي انهن جا دڪان به هوندا هئا. جتي هاڻي گل پلازه آهي. جتي ٽرامن جو اڏو هوندو هو. هن جي سامهون يهودين جي بيڪري هوندي هئي جيڪا پوري ڪراچيءَ ۾ مشهور هئي ۽ انهيءَ جاءِ تي يهودين ڪراچي ۾ پهرين آئس ڪريم جا دڪان به کوليا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org