گهڻن شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ موکيءَ جي ٽن ڌيئرن
جو ذڪر ڪيو آهي. ڪٿي ڪٿي سونگل کي سنل ۽ صفوران کي
سپرا لکيو آهي. محمد بخش حافظ پنهنجي مضمون ”موکي
۽ متارا لطيف جي نظر ۾“ استاد جو بيت ڄاڻايو آهي
جنهن ۾ سنل ۽ سپرا موکيءَ جون ڀينرون ڄاڻايل آهن.
موکي نياڻي ناتر جي، سنل، سپرا ڀيڻ،
جاڏي کڻي نيڻ، متارا موهي وجهي.
سونگل کي ڪٿي سونل ۽ سومل پڻ لکيو ويو آهي. اهي
نالا سونگل، سونڌل، سومل، سونل اڄ به ٻهراڙي ۾
استعمال ٿين ٿا. موکيءَ جو نالو ٿوري ڦير ڦار سان
ماڪان، ملوڪان، ملڪان ۽ موکان استعمال ٿئي ٿو.
انهن ٽنهي ڀينرن جو ذڪر ان ڪري گڏ آهي جو اهي ٻين
کان وڏيون هيون ۽ مئخاني ۾ موکيءَ سان هٿ
ونڊائينديون هيون.
ناتر جي مرڻ پڄاڻان موکي، پيءُ جي اجازت سان ماءُ
جي ڏسيل نسخي موجب شاهي شراب ٺاهڻ شروع ڪيو. ناتر
جيئن ته حڪمران گهراڻي جي خاص ٻانهي هئي اهو نسخو
اتان هٿ ڪري آئي هئي. موکي پنهنجي ماءُ جي جوڙيل
مسافر خاني يا سراءِ ۾ اهو مئخانو کوليو. ڪوهستان
۽ ٻين علائقن جا ماڻهو بندر ڏانهن ويندي، انهيءَ
مسافر خاني ۾ رات بسر ڪندا هئا ۽ صبح جو پنهنجي
پنهنجي ماڳ ڏانهن راهي ٿيندا هئا. موکيءَ جي هن
مئخاني جي هاڪ پري پري پهچي ويئي جڏهن اتر واءُ
لڳندو هو ته موکي مٽ اُپٽيندي هئي ته مڌن جا پياسا
هڪ سرڪيءَ لاءِ اچي ڳاهٽ ٿيندا هئا.
آڻي اتر واءُ موکيءَ مٽ اُپٽيا،
متارا تنهن ساءَ، اچن سر سنباهيو.
(شاهه)
موکيءَ جي مڌ جي انهيءَ هاڪ تي ڇهه دوست، جيڪي
تاريخ ۾ متارن جي نالي سان ياد ڪيا وڃن ٿا. هر
ڇهين مهيني چيٽ جي چانڊوڪين ۾ ايندا هئا. هتان جي
موسم جي لحاظ کان ڪتيءَ کان چيٽ تائين شراب جي
موسم هوندي هئي. موکيءَ جي مئخاني ۾ صاف ۽ نج شراب
هوندو هو. گهڻن روايتن ۽ بيتن ۾ متارن جو تعداد ست
۽ اٺ به ڄاڻايو ويو آهي.
هوندو هڏ مَ سَنڌ، پياڪن پانهنجو،
پوڄ پيارڄ پنيهڙا، ويندا وٺيو ڪنڌ،
ته
هٽ تنهنجي هنڌ، موکي مانُ لهي.
(شاهه)
موکي جي هٽ (دڪان) مان لڌو، جڏهن متارا مئخاني
ايندا هئا ته موکي نرتڪي ادائن سان متارن جي آجيان
ڪندي هئي، هوءَ مور جهڙي ٽور ڳاڙهو، موتين وارو گج
پائي، انهن آڏو ٽلندي هئي. موکيءَ جي انهن ادائن
متارن کي ماري وڌو.
جهُ سي اڱڻ آئيا، ته سَرو ڪندا سُڃ،
سائي ٿيندي اُڃ، هي پيتو! هوءَ اَڻ ڪي.
(شاهه)
ائين هڪڙي سرد رات جو ڇيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ متارا
آيا، پر دير ٿي چڪي هئي مٽ خالي ٿي چڪا هئا.
موکيءَ گهڻو سمجهاين، پر هو مڙڻ وارا نه هئا، موکي
مئخاني جي اندر ويئي، ڪنهن ڪنڊ ۾ هڪ پراڻو مٽ رکيل
هو. موکي متارن جي ضد جي سامهون بيوس ٿي چڪي هئي.
انهيءَ مٽ مان متارن کي شراب آڻي ڏنو. ان شراب ۾
خبر ناهي ڪهڙو سرور هو جو هو پيئندا ويا جڏهن موٽ
جو پورو شراب ختم ٿي ويو ته موکيءَ ڏٺو ته مٽ جي
تري ۾ نانگ جا ڪنڊا پيا هئا. جنهن جو پورو وجود
زهر سميت انهيءَ مٽ ۾ ڳري چڪو هو. متارن جي اُڃ
اڃا به نه لٿي هئي، انهن وڌيڪ شراب گهريو.
گهٽَن ۾ گهُٽڪن، وٽيون پين وهه گاڏيون،
بَر خيزه بده ساقي! پيار کي پرين،
پڪين نه پرچن، مٽ تڪيائون منجهيان.
(شاهه)
متارن، موکيءَ کي چيو ته اڄ اسان دل جي جولان سان
اهو شراب پيتو آهي، اهڙو نج ۽ سواد وارو شراب اڳ
ڪڏهن به نه پيتو هو. نج شراب جي پرک اسان کي نه
هوندي ته ٻيو ڪنهن کي هوندي؟ هتي موکي متارن کي
چيو ته اوهان شراب جا پارکو نه آهيو اوهان نج نه
پر نانگ جي زهر جي ملاوٽ وارو شراب پيتو آهي اهو
سرور انهيءَ جو آهي. موکيءَ پوءِ متارن کي پوري
ماجرا ٻڌائي ته ان وقت شراب ۽ زهر جو اثر انهن تي
چڙهي چڪو هو ۽ ائين اهي هميشه لاءِ ختم ٿي ويا.
خبر ناهي ته انهن کي نانگ جي زهر ماريو يا موکيءَ
جي مهڻن؟ اها خبر صرف متارن کي ئي هوندي پر لطيف
سائين چيو آهي ته:
سَري ڪين ڪيون، ويڻ موکيءَ جي ماريا!
ڪو
جو سخن ڪلال جو، پتي تي پيون!
تهان پوءِ ٿيون، مرڻ متارن کي.
(شاهه)
موکي چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات،
وٽيون ڏيئي وات، متارا تنهن، ماريا.
(شاهه)
ڪجهه روايتون هن ريت آهن ته، انهيءَ ڀيري متارا
هليا ويا، ڇهن مهينن تائين نه آيا. موکيءَ سمجهيو
ته متارا مري ويا هوندا. سال کانپوءِ متارا وري
آيا. ٻارنهن مهيني پڄاڻان انهن پروڪو شراب گهريو.
موکيءَ گهڻو نٽايو پر متارن ٻيو شراب وٺڻ کان
انڪار ڪيو. آخر موکيءَ کين چيو ته اوهان اصل شيءَ
جا پارکو نه آهيو. پروڪو نانگ جي زهر جي ملاوٽ
وارو شراب هو. ان ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ متارا مري
ويا. انهن ٻنهي روايتن ۾ پهرين روايت ۾ وڌيڪ وزن
آهي. ڇو جو زهر وارو ماڻهو هڪ سال تائين جيئرو رهي
نه سگهندو. سگهڙن جيڪا شاعري ۾ اهڙو ڪو به اشارو
نه ڏنو آهي ۽ عقل به پوئين روايت کي مڃڻ لاءِ تيار
نه آهي. هيٺ ڪنهن نامعلوم شاعر جو بيت ڏجي ٿو. هن
۾ ٻي روايت واري ڳالهه آهي.
جو
پر پيتو هو، سو هو سپ سندو سار،
جي
واسينگ وتن ويرئين، سي نه وهيڻا مان،
انهيءَ لڄ مران، جيئن اڻ هوند ائين گهرو.
انهيءَ واقعي کان پوءِ موکيءَ جي مئخاني جون
رونقون ختم ٿي ويون. هن واقعي موکي جي دل تي ايترو
اثر ڪيو، جو هن مئخانو بند ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ پنهنجي
نالي جيڪا زمين مليل هيس، انهي تي گمنامي واري
زندگي ۾ مري ويئي.
متارا مري ويا، موکي! تون ڀي مر،
تنهنجو ڏوس ڏمر، ڪونَ سهندو ان ري.
(شاهه)
موکي جي ان واقعي کانپوءِ واري زندگي جو ڪو احوال
نٿو ملي. شايد تاريخ کي به موکي جي ويڻن چپ ڪرايو
آهي. موکي جي ٻين ڀينرن جن جي نالن تي اڄ جيڪي
ديهون آهن انهن جو به بعد جي تاريخ ۾ ڪو ذڪر
ڪونهي. هيبت جو ذڪر روايتن ۾ موکي يا ناتر سان
شادي جي سلسلي ۾ اچي ٿو. هن جي به ڪا خبر نه آهي.
البت اڄ به ديهه موکيءَ ۾ هيبت خاصخيلي نالي پراڻو
ڳوٺ آهي پر اهو ڳوٺ به گهڻو پوءِ آباد ٿيو آهي.
تاريخ ۾ جنهن هيبت جو ذڪر آهي. اهو هي نه آهي.
انهيءَ هيبت جو پڙ ڏاڏو يا تڙ ڏاڏو ٿي سگهي ٿو
ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ شروع کان وٺي وڏڙن جي نالي رکڻ جو
رواج آهي. شروع ۾ ديهه موکي ۾ فقط اهو ئي هڪ ڳوٺ
هو باقي ڳوٺ ويجهڙائي ۾ اچي آباد ٿيا آهن. اهو ڳوٺ
موکي جي قبر کان ٻه ميل اولهه پاسي اهي. موکي شراب
وڪڻندي هئي ۽ موجوده معاشري ۾ ان کي سٺو نٿو
سمجهيو وڃي انهي ڪري موکي سان هر ڪنهن پنهنجو رشتو
ٽوڙي ڇڏيو آهي.
شاهه لطيف سنڌ جي سفر دوران هن علائقي ۾ به آيو.
هن داستان بابت شاهه کي جيڪا ڄاڻ ملي. هن اها
اهڃاڻ طور پنهنجي شاعريءَ ۾ شامل ڪري ٻين لاءِ
راهه ٺاهي. لطيف سائين پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي انهن
ڪردارن کي ڳايو آهي. جن جو وجود هن معاشري ۾ موجود
هو. اهڙي طرح موکي ۽ متارا به هن معاشري جا ڪردار
هئا، جن کي لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ ڏني.
ڀٽائي جي هتي اچڻ جا آثار موجود آهن. گڏاپ کان 12
ڪلوميٽر اتر اولهه ڏانهن موکي کار روڊ تي هڪ جوءِ
آهي، جنهن کي ڀٽائي جو تڪيو ڪري چيو وڃي ٿو. هاڻي
اتي جاءِ ٺهرائي ويئي آهي. ان جاءِ ۾ هڪ قبر جو
واڌارو به ڪيو ويو آهي. پهرين هتي ڪا به قبر نه
هئي. اها جاءِ اڄ به ڀٽائي جي نالي سان مشهور آهي.
ڀٽائي کانسواءِ ٻين شاعرن به هن داستان کي ڳايو
آهي. ڪوهستان ڌريجي جو شاعر دوس محمد، جنهن جو
مختصر احوال ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڪتاب ”ٻيلاين
جا ٻول“ ۾ ملي ٿو.
موکي منڌ ڀري، شيشا رک شراب جا،
ساهن سر سنڀاهيا، سرڪي ڪاڻ سري،
دهرا دنگ، دوست محمد چوءِ، قاتل آڻ ڪري،
ايندا توڳر سسيون ڏيندا سٽ ۾.
مشهور سگهڙ دلاور، مهر علي ٽالپر ڳوٺ واري ناتر جو
به ذڪر ڪيو آهي. بيت هن ريت آهي.
موکي نالي منڌ هئي، ناري ۾ هڪ نار،
ٻيئي ”ناتر ناهر“ جي وينگس هئي وينجهار،
سرس سهڻي سونهن ۾، سرتين کان سو وار،
تنهن کوليو دڪاندنگ جو، خمير خوشبودار،
موهت ٿيا، مئي اتي، سري جا سردار،
موکي ڏنو متارن، ڪو جو کيپ خمار،
پي
پيالو پر ٿيا، متارا مئيخوار،
سي
مانجهي چون موکيءَ کي پروڪو پيار،
موکي درماندي ٿي، ڪيائين وهه سندو وستار،
موکيءَ جي ميار، متارا ماري وڌا.
سنڌ جي گهڻن صوفي فقيرن، سگهڙن هن داستان تي شاعري
ڪئي ۽ ان کي پڻ ڳايو آهي. هاڻوڪي دور جي شاعرن ۾
شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس، منشي ابراهيم،
ج.ع. منگهاڻي ۽ ٻين پڻ هن داستان متعلق شاعري ڪئي
آهي. تاجل بيوس جو هڪ شعر آهي.
موکي جي مجاز، هنڌين ماڳين هل،
جوت ڀريائين جو، هيري اکين ۾ املهه،
ڪري جي ڪهل، ته پرڀائي پر ڪري.
منشي ابراهيم چيو آهي:
ماڳ متارن ڇڏيا، اُبن بٺين جوءَ،
هڙي ڇڏي هوءَ، مرندا پاسي مٽن جي.
داستان جو دور:
اڳ
۾ ذڪر ڪري آيو آهيان ته سگهڙن کان جيڪا شاعري ملي
ٿي ۽ هتان جي جهونن جي سيني به سيني جيڪا ڳالهه
هلندي اچي ٿي ان ۾ ناتر کي موکيءَ جي ماءُ ڄاڻايو
ويو آهي. ناتر مومل جي ٻانهي هئي ۽ مومل راڻي جو
قصو سومرن جي آخري حڪمران همير جي دور ۾ ٿيو.
سومرن جي پهرئين ۽ آخري حڪمرانن جي سنن تي اسان جا
تاريخدان يا تاريخ لکندڙ ڪنهن به هڪ سن تي متفق نه
آهن. اسان جي تاريخ سان اهو وڏو الميو آهي ته ماضي
جو ڪو به تصديق ٿيل مواد اسان وٽ ڪونهي ۽ نه ئي
اسان ان سلسلي ۾ سنجيدگيءَ سان ڪوشش ڪئي اهي. اسان
وٽ جيڪو ڪجهه آهي اهو عربي ۽ فارسي ڪتابن جي حوالن
سان آهي. سومرن جي پهرئين حڪمران وانگر آخري
حڪمران همير سومري جي حڪومت متعلق مختلف سن ڏنل
آهن. ڪجهه ڪتابن ۾ آيل آهي ته همير 1400ع کان
1440ع تائين حڪومت ڪئي. (ڪتاب دودو چنيسر، مقدمو،
محرم خان) عبدالغني عبد جي ”تاريخ سنڌ“ ڀاڱي ٽئين
جي مطابق سومرن 1300ع کان 1439ع تائين (700 هه کان
843هه) حڪومت ڪئي. جنت السنڌ مطابق سومرن 1051ع
کان 1351ع تائين حڪومت ڪئي. اهڙي طرح سومرن 300
ورهيه حڪومت ڪئي. (سنن ۾ واضح فرق اوهان پاڻ محسوس
ڪري سگهو ٿا.)
گهڻن ڪتابن ۾ سومرن جي حڪومت 1351ع تائين، گهڻن
1440ع ۽ گهڻن 1421ع تائين ڄاڻائي آهي. مومل راڻي
جو قصو به سومرن جي آخري حڪمران همير سومري جي دور
۾ ٿي گذريو آهي. راڻي مينڌري سميت ڏونر ڀٽي، سنهڙو
ڌماچاڻي، (سگهڙ حفيظ پنهنجن بيتن ۾ سنهڙو ڌماچاڻي
جو نالو ”شينهڙو ڌماچاڻي ڄاڻايو آهي.)
شرکجي اٿيو، شينهڙو، کڻي خان خنجر
تاريخ جي گهڻن ڪتابن ۾ ”سنهڙو“ لکيل آهي ته سندس
وزير هئو.
مومل واري واقعي کانپوءِ ناتر اهو علائقو ڇڏي اچي
گڏاپ واري علائقي ۾ شادي ڪري هتي ئي رهائش اختيار
ڪئي. شادي ۽ موکيءَ جي پيدا ٿيڻ ۽ پوءِ موکي کي
مئخاني کولڻ وارو واقعو گهٽ ۾ گهٽ 20 کان 25 سالن
جو هوندو. اهڙي طرح متارن جو واقعو جيڪڏهن 1351ع ۾
سومرن جي حڪمراني جو آخري سال هو ته پوءِ اهو
واقعو 1380ع جي لڳ ڀڳ ٿيو هوندو ۽ جيڪڏهن سومرن جي
حڪمراني جو آخري سال 1440ع آهي ته پوءِ اهو واقعو
1470ع جي لڳ ڀڳ ٿيو هوندو. سومرن جي حڪمراني جي
آخري دور جو سن 1351ع وڌيڪ وزندار لڳي ٿو. هن حساب
سان 1380ع ۾ سنڌ تي ڄام بابينه بن ڄام انڙ جي
حڪومت هئي. ياد رهي ته مخدوم بلاول سمون، ڄام
بابينه جو پڙ پوٽو هو. بلاول جي پيدائش تاريخ 16
جون 1451ع (856 هجري) ۾ ٿي. هي سمن جي پڄاڻي ۽
ارغونن جي فتح وارو دور هو.
ڄام بابينه 1368ع کان 1383ع تائين حڪومت ڪئي.
1383ع کانپوءِ ڄام خيرالدين بن ڄام تماچي تخت تي
ويٺو. متارن جو واقعو ڄام بابينه يا ڄام خيرالدين
جي دور جو آهي.
متارا ڪير هئا؟
موکي جي باري ۾ پوءِ تاريخ ۾ ڪجهه نه ڪجهه احوال
ملي ٿو پر متارن جي باري ۾ اڃا تائين ڪا تصديق ٿيل
ڄاڻ ملي نه سگهي آهي ته اهي ڪير هئا؟ انهن تي
متارا نالو ڪيئن پيو؟ اهي ۽ اهڙا ئي ٻيا سوال جن
جي تهه تائين پهچڻ ضروري آهي. متارا لفظ سنڌي
ٻوليءَ ۾ صحت مند پهلوان لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌ جي حفاظت ڪندڙن کي به
متارا چيو ويندو هو. جيڪي باقاعده سرڪاري عهدن تي
مقرر ٿيندا هئا. هن قصي ۾ متارن لاءِ سگهڙن پنهنجي
شاعري ۾ سردار، ڏاتار ۽ سري جا سردار وغيره جهڙا
لفظ استعمال ڪيا آهن جنهن مان معلوم ٿيندو ته اهي
حڪومت جي خاص منصب جا مالڪ هئا يا سردار هئا.
موهت ٿيا مئي تي، سري جا سردار،
ماريا ڪيف ڪلال جي، مانجهي مڻيادار.
سري جو علائقو اڄ به ٿاڻي بولاخان لڳ ڪوهستان ۾
موجود آهي. سري ڪوهستان ۾ ديهه پڻ آهي. جنهن
سيوهاڻي رستي تي موکي جو مئخانو هو، سري به سيوهڻ
ويندڙ ان قديم رستي تي آهي. مٿين بيت ۾ شاعر متارن
کي انهي علائقي سري جا سردار ڪري ڪوٺيو آهي. گهڻن
ليکڪن سري کي اتر جي معنيٰ ۾ لکيو آهي. اهڙي طرح
انهن سري جا سردار مان اها معنيٰ ڪڍي آهي ته اتر
جا سردار پر ائين ڪونهي. سنڌي لغات ۾ ڪٿي به سري
کي اتر جي معنيٰ ۾ ڪونه ڄاڻايو آهي. حقيقت اها آهي
ته سري علائقي جي ڪري انهن کي سري جا سردار ڪري
ڪوٺيو ويو آهي. جيڪڏهن سري کي اتر جي معنيٰ ۾
سمجهجي ته پوءِ به سري ڪوهستان وارو علائقو به
مئخاني کان اتر اوڀر پاسي آهي. ان کانسواءِ سري
شراب کي به چيو ويندو آهي. سري جا سردار معنيٰ
شراب جا سردار مطلب ته وڏا پياڪ.
ديهه سريءَ جي آس پاس ڏاڍائي، چڱائي توڙي مٺائي،
اڳرائي، توڙي ارهه زورائي جي حوالي سان پالاري
قبيلو صدين کان وٺي حاوي رهندو اچي. ان کانسواءِ
نارا ٿر جبل جي پاسي ”موتي پالاريءَ جي رومي“ آهي
جيڪو ڪنهن جنگ ۾ مارجي ويو. ان سلسلي ۾ دوست رخمان
گل پالاري سان ڪچهري ٿي. جنهن موتي پالاري جي رومي
جي تصديق ڪئي ۽ وڌيڪ چيو ته، ”متارا ڀلي نه هجون
باقي سيوهاڻي تان ساٿ لٽيندڙ جا مهندار ضرور
هونداسين.“
اها ڳالهه ڌيان طلب آهي هن تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ته
متارا پالاري قبيلي جا ته نه هئا.؟
هڪ
ٻئي سگهڙ جو بيت هيٺ ڏجي ٿو جنهن ۾ هن متارن جو
تعداد اٺ ڄاڻايو آهي. جنهن مان ٻه سما، ٻه سومرا،
ٻه چنا ۽ ٻه چوهاڻ آهن.
موکي وٽ مهمان، ايندا هئا اٺ ڄڻا،
ٻه
سما ٻه سومرا، ٻه چنا ٻه چوهاڻ،
هن
ڳالهه کي ان ڪري وزن ڪونهي ڇاڪاڻ ته گهڻن ڪتابن ۽
سگهڙن انهن جو تعداد ڇهه ڄاڻايو آهي ديوار اندر
جيڪي پنج قبرون آهن ۽ انهن تي جيڪي نالا لکيل آهن،
حالار حاجي، اسماعيل حاجي، اسحاق حاجي، اسحاق يا
اسحبق اسمعيل ۽ آدم روستم، چوديواري اندر ڇهين قبر
تي ڪوبه نالو لکيل نه آهي ۽ ٻاهر پنج گهاڙي قبرون
آهن. انهن تي ڪو به نالو لکيل ڪونهي، لکيل نالن
مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته انهن مان ٽي حاجي
جا پٽ هئا. چوٿون اسحاق جيڪو اسماعيل جو پٽ آهي
اسماعيل جي قبر به انهيءَ چوديواريءَ ۾ آهي جنهن
جي نالي سان حاجي لکيل آهي. ائين ٿو لڳي ته اهي هڪ
ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا. جيڪڏهن هي متارن جون
قبرون آهن ته پوءِ انهن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان
هوندو ۽ اهي حاجي جا پٽ هوندا. هن وقت سنڌ ۾ حاجي
پوٽا ذات پڻ آهي يا اهي حج پڙهي حاجي ٿيا هوندا پر
ان دور جا حاجي گهٽ ۾ گهٽ مئخاني جو رخ نه ڪندا
هئا يا انهن دوستن جو تخلص حاجي هجي. پر ان ڳالهه
کي رد ڪري سگهجي ٿو ته هڪ تخلص صرف هڪ ئي دوست رکي
سگهي ٿو.
سڀني ڳالهه مان هن ڳالهه ۾ وڌيڪ وزن آهي ته متارا
سري جا سردار هئا ۽ انهن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان
هو ۽ جيڪڏهن ڪجهه وقت لاءِ هيءَ ڳالهه رد ڪريون ته
پوءِ نارا ٿر جي موجود اهي قبرون متارن جون ٿي
نٿيون سگهن، جيستائين انهن کي هتي پنهنجي علائقي
کان پري دفن ڪرڻ جو سوال آهي ته زهر جي اثر ڪري
انهن کي ايترو پري کڻي وڃڻ ممڪن نه هجي ان ڪري
انهن کي هتي ئي دفن ڪيو ويو هجي. جيڪڏهن اهي متارن
جون قبرون آهن ته پوءِ انهن قبرن جي تعمير مان
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهي مالدار يا سردار هئا
جو انهن جي مرڻ کانپوءِ مائٽن انهن جي قبرن کي پڪو
ڪري چوديواري ڏياري آهي. اها ان زماني ۾ ڪنهن غريب
جي وس جي ڳالهه نه هئي ڪجهه روايتن ۾ متارن کي
بحري قذاق ڄاڻايو ويو آهي، جيڪي بندر تي ڦرون ڪرڻ
ايندا هئا، ۽ رات موکيءَ جي مئخاني ۾ گذاريندا
هئا. نارا ٿر تي موجود قبرون جن لاءِ اها ڳالهه
مشهور آهي ته اهي متارن جون آهن انهن تي تحقيق جي
ضرورت آهي. متارن جي قبرن کي انهن کانسواءِ ٻئي
پاسي به ڳولڻ گهرجي.
ڪجهه جهونا چون ٿا ته اڳي هر سال ڪوهستان کان ڪجهه
ماڻهو ايندا هئا ۽ انهن قبرن تي دعا گهري، اگر
بتين جو واس ڏيئي گل چاڙهي ويندا هئا. ان ڳالهه جي
تصديق موکي ۽ شاهه مريد جي خدمتگار مرحوم ابراهيم
خاصخيلي پڻ ڪئي هئي. هن متارن کي ڪوهستان جا سردار
ڄاڻايو ۽ چيو ته اهي واپار سانگي بندر تي ايندا
هئا ۽ رات موکي جي مئخاني ۾ گذاريندا هئا.
موکيءَ جو مئخانو:
موکي جي مئخاني جي باري ۾ خبر نٿي پوي ته اهو ڪٿي
هو. نارا ٿر جبل جنهن تي متارن جون قبرون آهن انهن
کان ڏکڻ اوڀر پاسي هڪ ڪلوميٽرن تي سهراب فقير ڳوٺ
لڳ پراڻن ۽ ڊٺل چئن وڏين جاين جا نشان آهن. مقامي
ماڻهو انهن کي ڪافرن جا گهر چون ٿا. هتان جي بزرگن
جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجن وڏن کان ٻڌندا اچون ٿا
ته اهي ڪافرن جا گهر آهن. انهن ڳالهين مان هن جاءِ
جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جنهن جاءِ
يا آثارن متعلق ڪا ڄاڻ نه هجي ۽ اهو قديم هجي ته
ماڻهو ان جاءِ يا آثار کي ڪافرن سان منسوب ڪن ٿا ۽
انهن ڊٺل جاين جي باري ۾ به ائين ئي آهي.
انهن پراڻين جاين ۽ آسپاس جي ماحول مان اندازو
لڳائي سگهجي ٿو ته اهو موکي جو مئخانو هو. ڪجهه
وقت اڳ هتي کوٽائي دوران (گهڻا ماڻهو خزاني جي
تلاش ۾ کوٽائي ڪندا رهن ٿا) هڪ مٽ ۾ چند پراڻا
زيور ۽ سڪا مليا آهن جيڪي اڄ به فقير سهراب وٽ
موجود آهن. انهيءَ مٽ ۽ زيورن مان اندازو لڳائي
سگهجي ٿو ته اهي تمام پراڻا آهن. انهن تي وڌيڪ
تحقيق جي ضرورت آهي. مٽ مان دور جو اندازو لڳائي
سگهجي ٿو. وڌيڪ کوٽائي سان ممڪن آهي ته موکي جي
شراب جا مٽ به ملي پون. ٻي ڳالهه اها ته اهي
پراڻيون جايون جنهن کي ڪافرن جا گهر چون ٿا متارن
جي قبرن جي ويجهو آهن ۽ پراڻي سيوهاڻي ۽ بلوچستان
ويندڙ رستي جي سنگم تي آهن. سسئيءَ لاءِ به چيو
وڃي ٿو ته انهيءَ رستي تان اها پنهونءَ جي ڳولا ۾
پٻ ڏانهن ويئي هئي. اهي جايون ٿڌي نئين جي ڇاڙ
ڪونڪر نالي جي ڪپ تي آهن ۽ نارا ٿر جبل مان ڪنهن
زماني ۾ وهندڙ چشمو به انهن جاين وٽان وهي ويندو
هو. موکي جي قبر کان ڏکڻ اوڀر پاسي ماڻهو جنهن
موکي جي تڙ جو ذڪر ڪن ٿا ممڪن هجي ته انهي وهندڙ
چشمي جو پاڻي به هتان ئي وهي ويندو هجي. موکي جي
تڙ جي باري ۾ قبر جي هاڻوڪي مجاور حاجي خاصيلي
ٻڌايو ته اهو تڙ موکيءَ جي قبر کان اڌ ڪلوميٽر ڏکڻ
اوڀر پاسي هو ۽ هن ۾ صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو هو.
گهاٽن وڻن جي وچ ۾ هن تڙ ۾ واڳو به هوندا هئا. اها
جاءِ اڄ به ”موکي جي تڙ“ جي نالي سان مشهور آهي.
موکي جي تڙ واري جاءِ لٽ ڪرمتياڻي نئين جي ڪپ تي
هوندو هو. وقت ٻين وانگر موکيءَ جي مئخاني ۽ تڙ کي
به ڳڙڪائي ويو آهي. سيوهاڻي رستي ۽ پٻ ويندڙ رستي
جي پراڻن نشانن کي ڳولهڻ سان به هن داستان متعلق
وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. متارن متعلق وڌيڪ
تحقيق جي ضرورت آهي ته نارا ٿر تي موجود اهي قبرون
متارن جون آهن يا ٻين جون؟ انهن سان گڏ جيڪي ٻيون
قبرون آهن اهي ڪنهن جون آهن؟ هن داستان متعلق
سگهڙن جيڪي بيت چيا آهن انهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ سان
به اسان ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهون ٿا.
سال 2005ع جي مارچ مهيني ۾ جڏهن ڀنڀور ۽ ڌاٻيجي
سسئيءَ جي واٽ جي ڳولا لاءِ ويس ته هتي موکيءَ جي
ميخاني جي باري نئين ڳالهه معلوم ٿي. هتي تاريخ
سان واسطو رکندڙ دوستن ٻڌايو ته موکيءَ جو ميخانو
ڀنڀور لڳ کِلڻ ۽ کٽلڙيءَ واري علائقي ۾ هو. پوپٽ
لنگهي جي بيت مان به اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته
موکيءَ جو ميخانو کلڻءِ کٽلڙي واري علائقي ۾ هو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب ”جنگ ناما“ ۾
”ڀنڀور وٽ مقابلو ۽ مڙسن جون ماهيون“، ۾ به اهو
بيت ڏنو آهي، بيت هيٺين ريت آهي.
کِلڻ کٽلڙي تي، اچي موکي اپٽيا مَٽ،
پوءِ برين مان اُڀري تنهن کي ڪُل کٿوري ڇٽ،
اڱڻ مٿي مير جي ٿا پڪين رچن پَٽ.
راڄ ملڪ ويجهو پراڻي ڦٽي ڦاٽ لڳ ”ڇٽي پير“ سهڻي
واري جو مقام آهي. انهي پوري علائقي کي ڪنهن وقت
ڇٽي پير وارو علائقو چوندا هئا. هاڻي سوال ٿو پيدا
ٿئي ته جيڪڏهن موکيءَ جو ميخانو ڀنڀور لڳ هو ته
پوءِ متارن سان واقعو به هتي ٿيو هوندو ۽ جيڪڏهن
نارا ٿر بٺي تي جيڪي قبرون آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو
ته متارن جون آهن ۽ موکيءَ جو ميخانو جيڪڏهن ڀنڀور
۾ هو ته پوءِ متارن کي به هتي ڳولڻ گهرجي
اها
نئين تحقيق آهي محققن کي کلڻ ۽ کٽلڙي واري مئخاني
ڏانهن به ڌيان ڏيڻ گهرجي. ٻيو ته موکي سندس ڀيڻ
پٽيان ديهن جا نالا سڀ نارا ٿر جي پاسي گڏاپ ۾ آهن
۽ موکي جي قبر به هتي آهي ۽ ميخانو ايڏو پري ڇو
هو؟ ائين ته ناهي جو موکيءَ جو ميخانو ڀنڀور لڳ
کلڻ ۽ کٽلڙي واري علائقي ۾ هو. متارن جي واقعي
کانپوءِ اها گڏاپ ۾ اچي رهي جتي اڳ ۾ سندس ڀيڻون
پرڻيل هيون.
هن
وقت جنهن ڳالهه جي ضرورت آهي سا اها آهي ته انهن
آثارن کي تباهي کان ڪيئن بچائجي؟ ان لاءِ ضروري
آهي ته قديم آثارن جي کاتي، سٽي گورنمينٽ، گڏاپ
ٽائون ۽ يونين ڪائونسل سونگل جي عملدارن کي گهرجي
ته موکي، متارن جي قبرن، مئخاني ۽ موکي جي تڙ جي
حفاظت لاءِ خاردار تارن سان ديوار ڏيارن ۽ انهن جي
حفاظت لاءِ چوڪيدار مقرر ڪيا وڃن. سپر هاءِ وي کان
انهن جاين تي اچڻ لاءِ بورڊ لڳايا وڃن ته جيئن
ماڻهو آساني سان هتي پهچي سگهي. نارا ٿر جبل تان
غير قانوني پٿرن جي کوٽائي بند ڪئي وڃي ته جيئن هن
جو فطري حسن متاثر نه ٿئي. اميد ته انهن ڳالهين
پاسي سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏنو ويندو.
دوس پيهي در آيو، ٿيو ملڻ جو ساعيو،
ڏينهن پڄاڻون آڻي اسان کي، موليٰ محب ملايو
ويو وڇوڙ ٿيو ميلاپ واحد ورايو،
هو
جنهين جو ڏس ڏوراڏو، اوڏو اڄ سو آيو،
عبداللطيف چئي، اچي عجيبن پاڻ فضل فرمايو.
(شاهه)
جمهوريت پسند، قوم پرست ۽
انقلابي تحريڪن جي سرواڻ وسندي لياري
ڪراچي شهر جي وچان گذرندڙ لياري نئين جيڪا برساتي
نئين آهي. گڏاپ جي علائقي کٻڙ لڪ جي جابلو علائقي
(حب ڊيم جي ڏکڻ اولهه پاسي) ۽ اوپڪاڻي جي ٽڪرين
مان وهي اچي سهراب ڳوٺ وٽان گذري هاڻوڪي آگرا تاج
ڪالوني جتي ورهاڱي کان اڳ هندوئن جو مساڻ هو لڳ
سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. لياري نئين جي ڪري ڪراچي جي هن
قديم علائقي جو نالو لياري پيو.
پاڻي زندگيءَ جو اهم جز هجڻ ڪري تهذيبن جا مرڪز به
اهي ڪنارا رهيا آهن. زرعي معاشري جي شروعات ٿي ته،
ماڻهن رولو زندگي کي الله واهي چئي، دريائن، ندين،
واهڙن ۽ ڍنڍن ۽ سمنڊ جي ڪناري پنهنجا اجها اڏيا.
ذرعي معاشري لاءِ پاڻي اهم ضرورت آهي. تهذيبن جي
وجود ۾ اچڻ کان به اڳ ندين، دريائن، ڍنڍن انساني
آباديون قائم ٿيون ۽ ائين دنيا جي اهم تهذيبن جنم
ورتو. ميسوپوٽاميا (سميري تهذيب) مصر، سنڌ ۽ چين
جون تهذيبون دريائن ڪري وجود ۾ آيون.
ڪراچي جي ترقي ۾ سمنڊ، لياري، ملير ۽ حب ندين اهم
ڪردار ادا ڪيو. ائين چئجي ته ڪراچي انهن جو گڏيل
تحفو آهي ته وڌاءُ نه ٿيندو. تاريخي طور تي ڪراچي
جا علائقا لياري، منگهوپير، اورنگي، ملير، گڏاپ،
مهير، گسري، ريڙهي مياڻ ۽ حب پراڻن تهذيبن جا مرڪز
رهيا آهن.
قبل مسيح جي هڪ پراڻي آثار جنهن جو تعلق سنڌو
تهذيب سان چيو وڃي ٿو ان جي آثارن جو سراغ لياري ۾
لڳايو ويو آهي. آثار قديما جي ماهرن جو اندازو آهي
ته اها تهذيب لياري ندي جي آس پاس کان منگهو پير،
اورنگي ۽ حب ندي تائين ڦهليل هئي. ان تهذيب جي
ماڻهن لياري ندي کان حب ندي تائين زرعي زمين کي
آباد ڪيو. گمان اهو آهي ته اها خوبصورت وادي 4500
سال ق.م ۾ آباد هئي. سنڌ جي عظيم الشان تهذيب
هماليا جي پهاڙن کان وٺي عربي سمنڊ تائين وڏي
علائقي ۾ ڦهليل هئي. ملير ۾ آثارن جو ذڪر ملير
وادي واري باب ۾ ڪيل آهي. ڪراچي جي ٻين قديم آثارن
بابت تفصيلي ذڪر ڪراچي جي تاريخ بابت مضمون ۾ ڏيئي
چڪو آهيان.
اهي پراڻيون آباديون ڪيئن تباهه ٿيون؟ تاريخ خاموش
آهي ڇاڪاڻ ته ڪراچي شهر جي وڌڻ ڪري انهن آثارن جي
کوٽائي هاڻي ممڪن ناهي. تحقيق نه هئڻ ڪري اسان
انهن جي باري ۾ وڌيڪ معلومات حاصل نه ڪري سگهيا
آهيون. لڳي ٿو ته اهي وسنديون ٻوڏن، ڏڪار يا حملو
ڪندڙن ڪري تباهه ٿي ويون. بعد ۾ ايندڙ ماڻهن انهن
قديم آثارن مٿان نيون آباديون قائم ڪيون ۽ اهو
سلسلو ائين هلندو پيو اچي.
لياري جي لفظي معنيٰ ڇا آهي؟ ان نئين تي اهو نالو
ڪئين پيو؟
لياري نالي ٻه برساتي نديون موجود آهن. هڪ اها
نئين جنهن جو ذڪر ڪري رهيا آهيون. ٻي ندي/ نئين
بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾ گوادر ويندڙ ڪوسٽل هاءِ
وي تي هنگلول ندي کان اڳ آهي. انهيءَ جابلو نئين
ڪري هن علائقي کي به لياري چيو ويندو آهي. انهن
ٻنهي لياري نئين ۽ علائقي جي پاڻ ۾ تعلق کي ڳولڻ
جي به ضرورت آهي.
لياري جي نالي هڪ نهر، هڪ ڍنڍ ۽ هڪ تلاءُ به آهي.
لياري جي نالي سان سنڌ ۾ ڊگهڙي تعلقي، ڏيپلي
تعلقي، کپري تعلقي، ساماري تعلقي، سمجهوري تعلقي،
ڪوٽڏجي تعلقي ۽ ميرپور بٺوري تعلقي، شاهبندر تعلقي
۾ ديهن جا نالا ۾ آهن. ليار جاگير حيدرآباد ۾ هڪ
ديهه جو نالو، ليارو تعلقي سجاول ۾ هڪ ديهه جو
نالو ۽ ليار نالي سان ٽن ڳوٺن ۽ هڪ قلعي جو به ذڪر
ملي ٿو. لئي وارو، ڀڳي ٺوڙهي کان مليرڙي نئين کان
اولهه طرف هڪ جبل جو نالو به آهي ۽ لئي واري تعلقي
روهڙي ۾ هڪ ديهه جو به نالو آهي. لُئاري سنڌي ڍڳي
جي کير پياڪ مادي ڦر/ گابي کي به چئبو آهي.
لياري ۽ لئار وڻ جو قسم آهي. جنهن ۾ ليسدار ميوو
ٿيندو آهي جيڪو انتهائي لذيذ هوندو آهي. اهو وڻ
ڪوهستان کان وٺي گڏاپ ۽ لياري نئين تائين به
جهجهي تعداد ۾ موجود آهي، جنهن کي بلوچي ۾ ”ليوار“
چيو وڃي ٿو، انهيءَ نئين ۽ علائقي ۾ ليار جهجهي
تعداد ۾ هئڻ ڪري هن کي ”ليار“ يا ليوار“ چيو ويو
هجي. جيڪو بعد ۾ بگڙجي ”ليار“ يا ”ليوار“ مان
لياري ٿيو هجي. سنڌ ۾ ليار ماڻهو جو نالو به رکيو
ويندو آهي. لئي (ٽاري/ ٽالي) جو وڻ به آهي. جنهن
کي بلوچي ۾ گز، اردو ۾ جهاؤ ۽ انگريزي ۾
Tamarisk
چيو ويندو آهي. هي وڻ گهڻو ڪري ساحلي علائقي،
واريءَ واري ۽ ڪلر واري علائقي ۾ ٿئي ٿو. نئين،
دريائن ۽ ندين جي ڪناري به گهڻي تعداد ۾ ٿئي ٿو.
ايران جي علائقي بندر عباس کان وٺي سنڌ جي صحرا
واري علائقي تائين موجود آهي. ايران، بلوچستان سنڌ
کانسواءِ ننڍي کنڊ ۾ ان وڻ جي ٽارين مان ڪکاوان
گهر ۽ ٽوڪريون پڻ ٺاهيون وينديون آهن.
اهو وڻ لياري جي نئين ۾ ڪنهن زماني ۾ گهڻو هوندو
هو ان وقت به سهراب ڳوٺ کان مٿي جتان اها ندي وهي
ايندي آهي اهو وڻ جهجهي تعداد ۾ لياري ندي ۽ ان جي
آس پاس ڪنارن تي موجود آهي. لياري نئين ۾ لئي جو
وڻ گهڻي تعداد ۾ هئڻ ڪري ان کي ”لئي واري نئين“
چيو ويندو هو. جيڪو بعد ۾ بگڙجي لئي واري مان
لياري مشهور ٿي پيو. انهيءَ نئين جي ڇوڙ واري
علائقي کي نالي جي نسبت سان لياري چيو ويو ۽ اهو
علائقو اڄ تائين لياري جي نالي سان مشهور آهي.
لئي جو وڻ
سنڌي ٻولي ۾ هيڊي مائل ڳاڙهي رنگ کي لئاري چوندا
آهن ائين ته نه آهي جو ڪنهن دور ۾ ان رنگ جي مٽي
هن جي ڪناري تي هوندي هئي جنهن جي ڪري ان جو نالو
لئاري/لياري پيو هجي.)
هندي/ سنسڪرت ٻولي ۾ لياري معنيٰ بگهڙ آهي بگهڙ
تيز رفتاري، طاقت ۽ دهشت جو اهڃاڻ آهي. لياري به
هڪ جابلو نئين آهي. جابلو ندين ۾ به پاڻي انتهائي
تيز رفتاري سان وهندو آهي. جابلو ندين جي تيز
رفتار پاڻي ۾ به دهشت هوندي آهي. ان جو پاڻي گجگوڙ
سان پنهنجي سامهون ايندڙ هر شيءِ کي نيست نابود
ڪري ڇڏيندو آهي. ائين ته نه آهي جو لياري نئين جي
تيز رفتار فطرت ۽ پنهنجي سامهون ايندڙ هر شيءِ
(جيڪا گذريل وقتن جي ڳالهه آهي) کي تباهه ڪرڻ جي
ڪري ان کي لئاري يعني بگهڙ چيو ويو هجي. جيڪو بعد
۾ بگڙجي لياري ٿيو هجي.
لئر
(Luir)
سامونڊي ۽ مٺي پاڻي جي مڇي جي هڪ قسم کي به چئبو
آهي. لهاري هڪ نانگ جي قسم کي به چئبو آهي. لئي
ويران، برباد ۽ ڊٺل جاءِ کي به چئبو آهي. لاهي هڪ
ٻوٽي جو به نالو آهي. سنڌي ۾ لاهي هيٺين علائقي کي
به چئبو آهي.
بلوچي ٻولي ۾ ”ليوار“ گرم هوا يا ”لو“ کي به چئبو
آهي. اهي گرم هوائون مئي جون ۾ هلنديون آهن. لياري
جيئن ته جابلو نئين آهي ۽ ساحل سان گڏ هئڻ ڪري به
هتي اهي گرم هوائون هلنديون آهن. تنهن ڪري لياري
واسين مان گهڻن وٽ اهو خيال موجود آهي ته انهيءَ
گرم هوائن ”ليوار“ ڪري ان علائقي تي اهو نالو پيو
آهي جيڪو بعد ۾ ”ليوار“ مان بگڙجي ليواري ۽ بعد ۾
لياري ٿيو آهي. لياري تي اهو نالو مٿي بيان ڪيل
ڪنهن به هڪ ڳالهه جي ڪري پيو آهي، پر انهن سڀني
مان ”لئي“ وڻ جي هن ۾ جهجهي تعداد ۾ هئڻ ڪري هن کي
”لئي واري نئين“ جيڪا بعد ۾ ”لئي واري“ ۽ آخر ۾
مختصر تي لياري ٿي آهي جي ڪري اهو نالو پيو ۽
لياري نئين ڪري انهيءَ علائقي جو نالو به اهو پيو
۽ ٻين ڳالهين جي ڏيڻ جو مقصد پڙهندڙ ۽ محقق جي ڄاڻ
۾ واڌاري ۽ وڌيڪ تحقيق لاءِ ڏنو ويو آهي.
لياري نئين جي قديم رخ ڌوٻي گهاٽ کان الڳ ٿي حسن
لشڪري ڳوٺ، غريب آباد، پراڻي حاجي ڪئمپ، اسپنسر
آءِ اسپتال، (جنهن کي اڄ به نئين واري اسپتال ۽
بلوچ ۾ هن ”ڪور والا“ اسپتال ”ڪور“ بلوچي ۾ نئين
کي چوندا آهن چيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته اها اسپتال
لياري نئين جي انهيءَ قديم شاخ تي جوڙي وئي آهي.
اڳ ۾ اها ڊسپينسري هئي جيڪا مسواڙ جي جاءِ تي
ماهوار 500 روپيه جي حساب سان شروع ڪئي ويئي. بعد
۾ 28 نومبر 1938ع تي ان وقت جي ڪراچي جي ميئر حاتم
علي علوي ان کي ڪشادي ڪرڻ جي منصوبي جي پيڙهه جو
پٿر رکيو ۽ 14 مارچ 1940ع تي ان وقت جي ڪراچي جي
ميئر آر. ڪي سڌوا ان جو افتتاح ڪيو. ڊاڪٽر انڪل
سريا ان جو پهريون ميڊيڪل، سپريڊنٽ مقرر ٿيو.)
اڳتي هلي لياري نئين لي مارڪيٽ جي اتر پاسي شيدي
وليج جي ڪناري کان ٿيندي کڏي تائين وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ
ڪندي هئي. 1729ع ۾ ڀوڄو مل ۽ سندس ساٿين پاران
جوڙايل ڪراچي ڪوٽ جو مٺو در لياري پاسي کلندو هو
ڇاڪاڻ ته تن ڏينهن هتي صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو هو ۽
پيئڻ جي پاڻي لاءِ کوهه هئا. جنهن جي ڪري هن در جو
نالو مٺو در رکيو ويو هو. ڪوٽ ٺهڻ کانپوءِ لياري
ندي انهيءَ ديوار جي ڪنارن کان وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ
ڪندي هئي. انگريزن جي قبضي کانپوءِ ٻوڏن جي بچاءُ
لاءِ لياري جو رخ موڙي هاڻوڪي وهندڙ لياري شاخ
ڏانهن ڪيو ويو.
قديم شاخ اڄ به گٽر نالي جي صورت ۾ موجود آهي. لي
مارڪيٽ کان کڏي ڏانهن ويندي ڪڪري ميدان کان اڳ
ساڄي هٿ تي هڪ پراڻي بئنڪ آهي جنهن تي لکيل آهي
Embakment
برانچ
Embakment
ڪناري کي چيو ويندو آهي اها تمام پراڻي بئنڪ آهي.
لياري ندي جي ڪناري قائم هئڻ ڪري ان کي
Embakment
معنيٰ ڪناري وارو برانچ نالو ڏنو ويو. بئنڪ اڄ به
انهيءَ برانچ جي نالي سان قائم آهي.
لياري ندي ۾ وهندڙ گندو پاڻي اهو پورو گند سمنڊ ۾
داخل ٿي رهيو آهي
|