سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 51

ڪجهه رهجي ويل منظر

بهائيت (امر بهائي):

بهائيت کي سمجهڻ لاءِ اڳ ۾ ”باب“ ۽ بابيت کي سمجهڻ ضروري آهي. بابيت کان بهائيت جو اهو سفر 163 سال اڳ ايران کان شروع ٿيو. 1843ع ۾ جڏهن انگريز مڪمل طور تي سنڌ قبضو ڪري چڪا هئا. ايران ۾ انهيءَ سال شيخي فرقي جو اڳواڻ ڪاظم رشتي وفات ڪري چڪو هو ته شيخي فرقي جو هڪ اهم اڳواڻ ملا حسين بشروئي امام غائب جي ڳولا ۾ نڪري شيراز پهچي ٿو.

شيخيا فرقو ايران جو هڪ مذهبي فرقو هو. جڏهن اڻيهين صدي جي ٽيهن واري ڏهاڪي ۾ ايران ۾ وڳوڙ وارو ماحول هو. سامراجي قوتون ايران تي حملي ۽ ان جي ڪجهه حصن تي قبضو ڪري پنهنجا پير ڄمائي چڪيون هيون، انهن ڏينهن ۾ انهيءَ وڳوڙي وايو منڊل ۾ شيعن ۾ هڪ فرقو شيخيان نالي ظاهر ٿيو. جنهن اهو پرچار شروع ڪيو ته امام مهدي جلد ظاهر ٿيڻ وارو آهي. جيڪو ايران ۾ موجود وڳوڙي وايو منڊل کي ختم ڪري هتي مڪمل اسلامي حڪومت قائم ڪندو. انهيءَ فرقي جو باني شيخ احمد حسائي هو. جنهن جي مرڻ کانپوءِ سيد ڪاظم رشتي کي اڳواڻ بنايو ويو. هن فرقي پنهنجو مرڪز ڪربلا ۽ نجف شريف کي قرار ڏنو هو.

ڪاظم رشتي جي وفات کانپوءِ فرقي جو اهم اڳواڻ ملا حسين بشروئي جڏهن امام غائب جي ڳولا ۾ شيراز پهتو، ته هن جي ملاقات هتي هڪ عجيب غريب شخص سان ٿي، جنهن جو نالو سيد محمد علي هو. هي شخص چلو ڪڍڻ، وظيفو ڪرڻ، ڪنهن مسئلي کي بيان ڪرڻ جو ماهر هو. ملا حسين بشروئي کي انهيءَ شخص ۾ اهو سڀ ڪجهه نظر آيو جنهن جي ڳولا ۾ هو نڪتل هو. وڏي بحث کانپوءِ 23 مئي 1844ع جي هڪ رات سيد محمد علي پنهنجي لاءِ ”باب“ جو اعلان ڪيو. ”باب“ معنيٰ امام مهدي تائين پهچڻ جو دروازو/ رستو ۽ هن جي مڃيندڙن کي ”بابي“چيو ويندو هو. جيڪو شيخي فرقي جو ٻيو جنم هو. محمد علي جهڙي ماڻهو کي جڏهن ايتري مقبوليت ملي ته هن پنهنجو رتبو پيغمبرن سان ملايو. جنهن کانپوءِ بابين (باب جي مڃيندڙن) بانگ ۾ باب جو نالو شامل ڪيو، ته ”باب“ (سيد محمد علي) پاڻ کي امام مهدي کان به مٿي هجڻ جي دعويٰ ڪئي. گهڻا شيعا عالم هن جي ڳالهين ۾ اچي بابي ٿيندا ويا. بابين جو هيڊ ڪواٽر شيراز هو. باب جي انهيءَ وڌندڙ مقبوليت تي شيراز ۽ هن جي آسپاس جا گهڻا عالم ۽ عام ماڻهو پريشان ٿيا ته انهن بابين خلاف مظاهرا شروع ڪيا. سخت احتجاجن کي بابي منهن نه ڏئي سگهيا ته، ”باب“ (سيد محمد علي) اصفهان ڀڄي ويو. ايران جي عالمن ”باب“ لاءِ ڪفر جي فتويٰ جاري ڪئي. جنهن تي ايران جي حڪومت اپريل 1847ع تي ”باب“ کي گرفتار ڪري ”ڪومين“ ۾ قيد ڪيو.

روس جيڪو خود سامراج جي وڌندڙ اثرن ۽ پيش قدمين ڪري پريشان هو تنهن سامراجين کي روڪڻ لاءِ ”بابين“ تي هٿ رکيو ۽ هن فرقي جي خوب مالي مدد ڪئي. انهيءَ سرپرستي ۽ مالي مدد جي ڪري ايران جي مختلف شهرن ۾ ايران حڪومت خلاف مظاهرا شروع ٿيا. مارﱞندان، قلع، شيخ طهري، زنجان ۽ ٻين علائقن ۾ مظاهري ڪندڙن فوج تي حملا شروع ڪيا. ايراني حڪومت هن بغاوت کي طاقت سان ختم ڪيو. ايران جي بادشاهه ”باب“ کي اها صلاح ڏني ته هو ايران جي شيعا عالمن سان پنهنجي فرقي بابت مناظرو ڪري يا انهن کي قائل ڪري يا پاڻ قائل ٿئي. پر ”باب“ مناظري جي بجاءِ چون ٿا ته، توبه تائب ٿيو ۽ پنهنجي هٿن سان معافي نامو لکي ڏنو. ان جي باوجود 9 جولاءِ 1850ع ۾ ”باب“ کي تبريز ۾ گولين سان اڏايو ويو.

ڪرمل اسرائيل ۾ باب سيد محمد علي جي مزار جو منظر

 

آخري ڏينهن ۾ ”باب“ چهريق“ جي قلعي ۾ قيد هو. ”باب“ جي موت بابين کي حوصلو ڏنو ۽ بابين ڪنهن طريقي سان تبريز مان ”باب“ جي لاش  کي کڻائي 50 سالن تائين ايران جي مختلف علائقن ۾ لاش لڪائيندا رهيا. نيٺ جنوري 1899ع ۾ باب (سيد محمد علي) جي لاش واري تابوت کي ”ڪرمل“ فلسطين ۾ دفن ڪيو ويو. جيڪو علائقو هن وقت اسرائيل ۾ آهي. جيڪو هاڻي بهائين جي هڪ اهم زيارت آهي. زيارت وقت هن جا ست ڦيرا ڏيندا آهن. باب کي قائم آل محمد، مهدي موعود ۽ بشر جمال مبارڪ معنيٰ بهاءَ الله جي نالي سان پڪارين ٿا.

باب جي مرڻ کانپوءِ اهو سمجهيو ويو ته اها تحريڪ ختم ٿي وئي. جنهن جو عرصو شيخيا فرقي سان ملائي ڪري فقط 12 سال هو ۽ بابين وارو عرصو فقط 9 سال هو.

باب (سيد محمد علي) کي جڏهن گولين سان اڏايو ويو ته ان کان اڳ پنهنجي گرفتاري دوران هُن ”صبح ازل“ کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو. پر بابين کي جنهن شخص تي اعتماد هو اهو صبح ازل جو ويڳي ڀاءُ مرزا حسين علي نوري هو. اهو به فرقي جي اڳواڻي جو اميدوار هو. جنهن کانپوءِ مرزا حسين علي نوري اندر اندر پنهنجي رستي ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهيو. جنهن لاءِ هن سياسي اثر رسوخ به حاصل ڪيو ۽ اندر اندر ۾ بابين کي منظم به ڪرڻ لڳو. جنهن جي ڪري گهڻا بابي هن جا حامي ٿي پيا ته هن (مرزا حسين علي نوري) 21 اپريل 1863ع ۾ نجيب پاشا جي باغ ۾ رهڻ دوران ”من يظهره الله“ هجڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ پنهنجي لاءِ بهاءُ الله جو لقب اختيار ڪيو. ڇاڪاڻ ته ”باب“ پنهنجي مرڻ کانپوءِ هڪ هزار سال بعد ”من يظره الله“ جي اچڻ/ ظهور ٿيڻ جي بشارت ڪئي هئي. پر باب جي مرڻ جي فقط تيرنهن سالن ۾ مرزا حسين علي نوري ”من يظهره الله هجڻ جي دعويٰ ڪئي. جنهن جي جواب ۾ هن اهو موقف اختيار ڪيو ته ”هي الله جون ڳجهيون ڳالهيون آهن جيڪي انسان جي سمجهه کان مٿانهون آهن.“ هن شخص جو تعلق ايران جي صوبي مارﱞندان سان هو. هن جي پوري خاندان جو واسطو روس سان هو ۽ هن کي سياسي طور روس جي حمايت حاصل هئي ۽ اهو ئي بهائي مذهب جو باني به آهي. ۽ ائين بهائيت، بابيت جي ڪک مان جنم ورتو. ترڪي جي حڪومت آگسٽ 1868ع ۾ بهاءَ الله (مرزا حسين علي نوري) کي فلسطين جي شهر عڪا ڏانهن جلا وطن ڪيو. هتي ترڪستان ۽ ڪرمل جبل جي ماٿريءَ ۾ عطا جي قلعي جي جيل خاني ۾ بند ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ان کي حيفا ڏانهن موڪليو ويو. عڪا ۾ نظربندي دوران هن پنهنجي هڪ لوح ۾ جنهن کي بهائي ”لوح ڪرمل“ جو نالو ڏين ٿا. ڪرمل، ”باب“ سيد محمد علي جي قبر جي جاءِ آهي. هن لوح ۾ بهاءُ الله پنهنجي دين لاءِ ڪيتريون بشارتون ڏنيون جنهن جي ڪري يهودي به ان لوح کي مقدس سمجهن ٿا. بهاءُ الله 1892ع تائين حيفا ۾ رهيو ۽ بهائيت هاڻي مڪمل دين جي صورت ۾ اڀري سامهون آيو. باب کان شروع ٿيندڙ بابيت هاڻي بهائيت نالي مذهب جي صورت ۾ دنيا ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪيو. روس جي مڪمل پٺڀرائي هن فرقي کي حاصل رهي. مسلمانن جو خيال آهي ته، ”هڪ وقت ۾ سنين ۾ قادياني فرقو ۽ شيعن ۾ بهائيت فرقو ٻئي هڪ ئي مقصد لاءِ ٺاهيا ويا آهن ٻنهي ۾ گهڻي حد تائين هڪجهڙائي به آهي.“

28 مئي 1892ع ۾ بهاءُ الله 75 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. ته بهاءُ الله جي وڏي پٽ عباس آفندي کي 1892ع ۾ بهاءُ الله جو پهريون جانشين مقرر ڪيو ويو. اها جانشيني به ڇڪتاڻ واري رهي. ڇاڪاڻ ته بهاءُالله پنهنجي وصيت واري ڪتاب ”عهدي“ ۾ پنهنجو جانشين مرڪز ميثاق کي مقرر ڪيو هو. عباس آفندي جنهن عبدالبهاد (بهاءُ الله جو غلام) جو لقب اختيار ڪيو ۽ هن جو دور 1892ع کان 1921ع تائين رهيو. جنهن بهائيت کي وڌيڪ منظم ڪيو. عباس آفندي (عبدالبهاد) جو ڪو پٽ نه هو، تنهنڪري ”باب“ (سيد محمد علي) جي هڪ مائٽ مرزا هادي افغان جي پٽ شوقي آفندي کي جانشين مقرر ڪيو ويو. جيڪو عبدالبهاد عباس آفندي جو ڏوهٽ هو. هن جو دور 1921ع کان 1957ع تائين رهيو. شوقي آفندي 4 نومبر 1957ع ۾ لنڊن ۾ وفات ڪري ويو. شوقي پنهنجو ڪو وارث مقرر نه ڪيو. ڪجهه بهائي جماعت جي مذهبي اڳواڻن ملي ڪري اها ذميواري نڀائي. جن کي بهائي تاريخ ۾ ”ايادي امرالله“ چيو وڃي ٿو. اهو سلسلو 1963ع تائين جاري رهيو. انهن جو تعداد 21 هو، جنهن مان 22 مرد ۽ 5 عورتون هيون.

21 اپريل 1963ع تي اسرائيل ۾ هڪ اهم اجلاس ۾ ”بيت العدل اعظم الاهي“ جو بنياد وڌو ويو. هي پوري امر بهائي جي معاملن کي هلائڻ لاءِ هڪ اعليٰ قانون ساز ادارو آهي. اداري کي هلائڻ لاءِ هر پنجين سالن ۾ لڪل چونڊ وسيلي نون ميمبرن جي چونڊ ڪئي ويندي آهي. اها چونڊ اسرائيل ۾ قائم بهائي جي هيڊ ڪواٽر ۾ هڪ مذهبي اجتماع ۾ ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ ڪنهن عورت کي چونڊ ۾ ويهڻ جي اجازت نه هوندي آهي. ان جي باوجود بهائي مذهب ۾ قرة العين طاهره جو وڏو مقام آهي. قزوين جي هن خوبصورت حسينا جو نالو زرين تاج هو. جنهن جي ذڪر ۽ قرباني کانسواءِ بابي تحريڪ ۽ بهائيت اڻپوري آهي. اها پڙهيل لکيل خاتون بهترين شاعرا، قرآن ۽ حديث جي عالمه 1817ع ۾ قزوين ۾ ڄائي ۽ 13 سالن جي عمر ۾ هن جي شادي ملا محمد سان ٿي. اهو دور شيخيا فرقي جي اسرڻ جو دور هو ۽ زرين تاج جو پيءُ هن فرقي جو سخت مخالف هو، پر زرين تاج 23 سالن جي عمر ۾ شيخيا فرقي جي ڪاظم رشتي سان رابطو ڪيو ۽ تحريڪ مان متاثر ٿي شيخيا عقيدي جي حق ۾ هڪ ڪتاب ”دراثبات تعليم شيخ“ لکيو. جنهن تي ڪاظم رشتي هن کي قرة العين جو لقب ڏنو. گهر ۾ مخالفت ڪري زرين تاج جيڪا قرت العين بڻجي چڪي هئي. پنهنجي مڙس ۽ ٽن ٻارن کي ڇڏي بهاءُ الله جي دعوت تي تهران پهچي، بهاءُ الله سان ملاقات ڪئي. ملاقات کانپوءِ بدشت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. انهي شدت ڪانفرنس ۾ اسلامي شريعت جي ختم ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو. قرة العين خوبصورت لباس پائي نقاب اوڍي 81 بابين سان گڏجي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پهتي. جڏهن اسٽيج تي پهچي نقاب لاٿائين چيائين ته، ”اها غلامي جي نشاني آهي.“ نقاب لائڻ تي هن جي حسن کي ڏسي ٻن بابين پنهنجو ڳلو ڪپي ڇڏيو. هن جي حسن جي تجلي کي هو برداشت نه ڪري سگهيا. ان جي آزاد پسندي ۽ بي باڪي کي گهڻن ماڻهن پسند نه ڪيو.

گهڻا ”بابي“ جيڪي امام مهدي جي ظاهر ٿيڻ جي آس ۾ ”باب“ سان گڏجي ”بابيت“ جي فرقي ۽ تحريڪ ۾ شامل ٿيا هئا انهن کي مايوسي ٿي. زرين تاج قرة العين جي انهيءَ آزاد پسندي ۽ بي باڪي تي بهاءُ الله، ان کي ”طاهره“ جو لقب ڏنو ۽ ائين قزوين جي زين تاج، قرة العين طاهره ٿي ويئي.

ڪانفرنس کانپوءِ طاهره، قدوس بابي جيڪو بابين جو اهم اڳواڻ هو. سان گڏجي هڪ ئي اٺ تي سوار ٿي ماررﱞندان ڏانهن رواني ٿي. برائون پنهنجي ڪتاب A year Among persain جي صفي 523 تي لکي ٿو ته، ”رستي ۾ ”هزار جريب“ ڳوٺ لڳ قافلو رڪيو ته قدوس بابي ۽ طاهره ٻئي ڳوٺ جي پاسي واري تلاءُ ۾ گڏجي وهنجڻ لاءِ ويا ته طاهره جي هن بي حجابي تي ڳوٺ وارن اعتراض ڪيو. ڳوٺ وارن انهن تي حملو ڪيو. انهن جي سامان کي لٽيو ويو. اهي سڀ پنهنجيون جانيون بچائي ڪنهن نه ڪنهن طرح ماررﱞندان پهچي ويا. بابي ۽ بهائي جن بي حجاني جو اهو سبب ٻڌائين ٿا ته، ”اسلامي شريعت جيئن ته ختم ٿي چڪي هئي. جنهن جو اعلان بدشت ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو هو. نئين شريعت جي اچڻ ۾ اڃان ڪجهه عرصو هو تنهن ڪري عبوري دور ۾ اهو ميلاپ جائز هو.“

ماررﱞندان کانپوءِ جڏهن طاهره بهاءُ الله سان ملڻ لاءِ تهران وڃي رهي هئي ته هن کي تهران ويجهو گرفتار ڪري تهران جي ان وقت جي ميئر محمود خان جي گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو. طاهره کي گرفتاري دوران جڏهن ناصر الدين شاهه جي سامهون پيش ڪيو ويو ته هو طاهره جي حسن کان متاثر ٿيو ۽ چئي ڏنائين ته، ”هن خوبصورت عورت کي ڪجهه به نه چئو آئون ان کي مڃائي وٺندس.“ تنهن تي شاهه طاهره کي خط لکيو ته جيڪڏهن هوءَ بابي عقيدي کان توبا ڪري ته ان کي معاف ڪيو ويندو. پر طاهره پنهنجي عقيدي تي اٽل رهي ۽ معافي کان موت کي ترجيح ڏني. ٻن مولوين حاجي ڪلا ڪني ۽ حاجي ملا اندر ماني فتويٰ جاري ڪئي ته اها عورت واجب القتل آهي. انهيءَ فتويٰ سان 32 سالن جي طاهره کي گلي ۾ رومال جو ڦاهو ڏيئي قتل ڪري ان جو لاش هڪ ڦٽل کوهه ۾ اڇلايو ويو ۽ جنهن کي مٽي ۽ پٿرن سان ڀريو ويو. طاهره ريشمي رومال هميشه پاڻ سان گڏ رکندي هئي. امر بهائي جي اها پهرئين عورت هئي جنهن کي شهيد ڪيو ويو. طاهره جي انهيءَ قرباني ڪري اڄ به اها بهائيت ۾ مقدس عورت آهي. جنهن کي هو عورتن جي حقن جي علمبردار ۽ ترقي پسند عورت طور پيش ڪن ٿا. بهائي مذهب ۾ طاهره جو نالو احترام سان ورتو وڃي ٿو. بهاءُ الله ان کي بي بي مريم ۽ سيده فاطمه الزهرا جي نالي سان منسوب ڪيو.

بهائي مذهب ۾ وحدت عالم انساني، لازمي تعليم، گڏيل ڀائپي، هڪ عالمي ٻولي، هڪ عالمي رسم الخط جي ضرورت، هڪ عالمي عدالت جي قيام لاءِ ڪوششن ۽ ضرورت تي ڏيڻ، انساني حق، هڪ جهڙو معاشي نظام، نسلي ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کان پاڪ نظريو پيش ڪن ٿا.

بهائي ”حيفا“ اسرائيل جتي انهن جو قبلو بهائي ٽيمبل آهي ان ڏانهن رخ ڪري نماز ادا ڪندا آهن. ٽن نمازن مان ڪابه هڪ پڙهي سگهن ٿا. هڪ وڏي نماز جيڪا ڏينهن ۽ رات ۾ ڪنهن به وقت ادا ڪري سگهجي ٿي. ٻي وچين نماز جيڪا صبح کان وٺي شام تائين پڙهي سگهجي ٿي. ٽين ننڍي نماز جيڪا فقط ڏينهن جي زوال وقت (سج لهڻ کان ڪجهه وقت اڳ ۾) پڙهي ويندي آهي. جيئن ته جماعت سان نماز پڙهڻ بهاءُ الله پاران منسوخ ڪيو ويو آهي تنهنڪري بهائي اڪيلي نماز ادا ڪندا آهن. جنازي نماز جماعت سان ادا ڪئي ويندي آهي. مردي کي ڪاٺ جي صندوق ۾ بند ڪري دفن ڪيو ويندو آهي. بهائين جو ڌار قبرستان هوندو آهي جنهن کي هو  ”گلستان جاويد“ جو نالو ڏين ٿا. جنت ۽ دوزخ، قيامت ۽ پلصراط جي قراني تصورن کان انڪاري آهن. جنهن لاءِ انهن وٽ عجيب و غريب مفهوم بيان ڪيل آهن.

بهائي ڪلينڊر ۾ اڻيهون مهينو روزن جو مهينو آهي. روزا بهائي مذهب ۾ لازمي آهن پر ستر سالن جي ڄمار کانپوءِ اهي روزا معاف آهن. موسيقي جائز آهي ۽ نشي واريون سڀئي شيون حرام آهن.

بهائي مذهب ۾ طلاق جو تصور ائين آهي ته جيڪڏهن زال ۽ مڙس هڪ سال تائين ڌار رهيا ته طلاق پنهنجو پاڻ ٿي ويندي. جيستائين زال ٻي شادي نه ٿي ڪري ۽ هن کان اڳ ٻيهر ساڳيو مڙس هن کي پنهنجي نڪاح ۾ آڻي سگهي ٿو. بهائي مذهب جي سال ۾ 19 مهينا آهن ۽ هر مهيني جا 19 ڏينهن هوندا آهن ۽ ائين سال ۾ 361 ڏينهن هوندا آهن شمسي سال ۾ جن چئن ۽ پنجن ڏينهن جو جيڪو فرق اچي ٿو ان کي بهائي ”هاءَ“ طور ملهائيندا آهن. جنهن ۾ هو دعوتون ڪندا آهن. بهائي سال جي شروعات به پارسين جي 21 مارچ نوروز سان شروع ٿئي ٿو. بهائي مهينن جا نالا هن ريت آهن. بهاءُ، جمال، عظمت، نور، رحمت، علمات، ڪمال، الاسماءُ، عزت، مشيت، علم، قدرت، قول، مسائل، شرف، سلطان، ملڪ ۽ علا، بهائي ڏينهن جا نالا هن ريت آهن. يوم الجلال (ڇنڇر)، جمال (آچر) ڪمال (سومر) افضال (اڱارو)، علال (اربع) استجلال (خميس) ۽ استقلال (جمعو). ڪتاب ”اقدس“ بهائين جو سڀ کان مقدس ڪتاب آهي. جنهن مان ڪجهه ڳالهيون هن ريت آهن:

”حيفا“ اسرائيل ڏانهن رخ ڪري نمازن مان ڪا به هڪ نماز پڙهي وڃي.

جماعت سان نماز کي ختم ڪيو ويو آهي.

صاحب استطاعت مرد شيراز ۾، ”باب“ جي گهر جو زيارت ڪرڻ افضل آهي.

ڇري ۽ ڪانٽي سان کاڌو کائجي.

هر 18 سالن کانپوءِ گهر جو فرنيچر بدلايو وڃي.

جهاد کي ختم ڪيو ويو آهي.

مذهبي لڙايون ختم ڪيون ويون آهن.

سڀني قومن ۽ مذهبي فرقن سان تعلقات رکيا وڇن.

وارن ۽ لباس ۾ پنهنجو پسند اختيار ڪيو وڃي. جوا، شراب ۽  ٻيو نشي واريون شيون منع آهن.

پيءَ جي گهر واري سان نڪاح حرام آهي.

شادي ڪرڻ ضروري آهي. ٻه شاديون ڪري سگهجن ٿيون.

بيت اعظم (جيڪو اسرائيل ۾ آهي) حج واري جاءِ آهي.

بهائي عبادت گاهه کي ”مشرق الاذڪار“ چيو وڃي ٿو. هي هڪ نوڪنڊن واري جاءِ آهي. جنهن تي هڪ گنبذ آهي. بهائي تاريخ ۾ پهرئين عبادت گاهه اشڪ آباد روس ۾ ٺهي. ٻي عبادت گاهه آمريڪا ۾ ويلمنٽ شڪاگو ۾ ٺهي. هندستان جي شهر نئين دهلي ۾ لوٽس ٽيمبل موجود آهي.

بهائي مذهب ۾ مقدس ۽ متبرڪ ڏينهن 9 آهن. جن مان ست عيد جا ڏينهن آهن. انهن ڏينهن ۾ ڪم کي حرام قرار ڏنو ويو آهي. اهي نو ڏينهن هيٺيان آهن.

بهائي سال جو پهريون ڏينهن 21 مارچ نوروز ۽ عيد صيام.

عيد رضوان جو پهريون ڏينهن 21 اپريل.

عيد رضوان جو نائون ڏينهن 29 اپريل.

عيد رضوان جو ٻارنهون ڏينهن 2 مئي.

رب اعليٰ (باب جي دعويٰ جو ڏينهن) 23 مئي.

عيد ميلاد بهاءُ الله 12 نومبر.

وفات بهاءُ الله 29 مئي.

وفات ”باب“، 9 جولاءِ.

بهائي مذهب جي هر عبادت گاهه/ٽيمبل سان گڏ هال، فلاحي ادارا، اسڪول، اسپتال قائم ڪيا ويندا آهن. بهاءُ الله پنهنجي زندگي ۾ اها دعويٰ ڪئي ته هو عيسيٰ آهي، هو امام مهدي آهي، هو ٻڌن جو ٻڌا گوتم ٻڌ ۽ اهو ئي ڪرشنا جو اوتار آهي ۽ اهو ئي سڀني پيغمبرن جو مجموعو ۽ مظهر ظهور اعليٰ يعني انساني شڪل ۾ خدا آهي.

گڏيل هندستان ۾ پارسين جنهن جو تعلق ايران سان هو هن مذهب ۾ شموليت اختيار ڪئي. گڏيل هندستان ۾ بهائيت کي ترقي وٺرائڻ ۾ ملا بهرام اختر خواري جو وڏو هٿ هو. بهائيت کان اڳ بابيت جا به آثار گڏيل هندستان ۾ ملن ٿا. بهائي مورخ محمدي زرندي مطابق ”باب“ جو هڪ اهم شاگرد شيخ سعيد هندي هو. سعيد جو نالو به ”باب“ جي شروع وارن ارڙنهن مبلغن جي حرف ”ح“ ۾ ملي ٿو. هي شيعو هو ۽ ملتان جو رهواسي هو. تهران ۾ جڏهن ملڪ دشمن سرگرمين جي الزام ۾ جن ستن بابين کي قتل ڪيو ويو انهن مان هڪ هي به هو. گڏيل هندستان ۾ پارسين کان سواءِ شيعا به بابيت جي پرچار ۾ اڳتي هئا. انهن مان هڪ ”درويش“ نالي به هو. جيڪو، باب جو ويجهو ساٿي هو. باب ان کي ”قاهر الله“ جو لقب ڏنو. ٽيون هندستاني هڪ انڌو سيد بصير هو. باب جي قتل کانپوءِ هن به پاڻ کي ”باب“ جي جانشين طور ”موعود“ چوائڻ شروع ڪيو. پر گهڻن بابين سان گڏ هي به پنهنجي مذهب جي ماڻهن جيڪي بهاءُ الله جا مڃيندڙ هئا جن کي ايران جي صوبي ”لورستان“ ۾ قتل ڪيو ويو. 1850ع ۾ بمبئي ۾، باب جي هڪ مائٽ افنان هڪ ٽريڊ سينٽر قائم ڪيو. بهاءُ الله جي دور ۾ 1872ع ۾ بهائيت پنهنجا پير هندستان ۾ پختا ڪيا. هن کان اڳ بابيت جا فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مڃيندڙ هئا. جيڪي ايران کان واپار جي بهاني تبليغ لاءِ ايندا هئا. 1872ع ۾ بهاءُ الله، جمال آفندي کي پنهنجو سفير ڪري هندستان موڪليو. جنهن جو اصل نالو سليمان خان تنوڪاباني هو. هي صوفي منش ماڻهو هو. هي فارسي ۽ عربي ادب جو ڄاڻو هو. جمال آفندي سنڌ ۾ ڪراچي ۽ پنجاب ۾ ملتان جو به دورو ڪيو. جمال آفندي 1878ع ۾ هليو ويو ته گڏيل هندستان ۾ حسن پور جي رفيع الدين خان، رام پور جي حاجي رمضان ۽ سيد مصطفيٰ رومي بهائيت لاءِ وڏو ڪم ڪيو. 1908ع تائين بمبئي، ڪلڪتي، علي ڳڙهه ۽ لاهور ۾ بهائي ڪميونٽي هال قائم ٿي چڪا هئا. بمبئي ۾ بهائين جو پهريون قبرستان ”گلستان جاويد“  قائم ڪيو ويو.

ڪراچي ۾ بهائيت:

سنڌ جي صورتحال بابيت لاءِ موزن نه هئي ڇاڪاڻ ته صوفي ماڻهن جي هن سرزمين تي ڪنهن به مذهبي فرقي جو قائم ٿيڻ، وڌن ۽ ويجهڻ ناممڪن هو. تنهنڪري بهاءُ الله جي سفير جمال آفندي جڏهن ڪراچي جو دور ڪيو ته فقط چند پارسين هن کي موٽ ڏني ۽ اهي پارسي اڳتي هلي ڪراچي ۾ بهائيت جو بنياد وجهندڙن ۾ هئا.

گرومندر کان لسٻيلي ڏانهن ويندي نور ٽيڪنيڪل ڪاليج واري گهٽيءَ ۾ ڪاليج جي دروازي جي بلڪل سامهون هڪ دروازي تي وڏن انگريزن اکرن سان .بهائي“ لکيل آهي. جيڪو ڪراچي ۾ بهائي مذهب جو مرڪز ۽ هي سنڌ ۾ رهندڙ سڀني بهائين جو هيڊ ڪوارٽر آهي. هتي اداري پاران هڪ اسڪول ”نيوڊي سيڪنڊري اسڪول“ به هلندڙ آهي. اسڪول ۾ ٻين مذهبن جا شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. گرومندر گارڊن ايسٽ جو اهو هال 1932ع ۾ تبليغ لاءِ قائم ڪيو ويو. پهريون ڀيرو ڪامريڊ نذير چنا ۽ پپو پريم چند سان گهڻن سوچن ۽ وسوسن کانپوءِ جڏهن گيٽ مان اندر داخل ٿياسين ته هتي موجود سڀني آڌرڀاءُ ڪيو پر اسان وانگر هو به شڪي هئا ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ بهائين جي سرگرمين تي ايجنسي جو مڪمل ڪنٽرول آهي. اسرائيل ۾ هيڊ ڪوارٽر ۽ مقدس جاءِ هئڻ ڪري انهن جي هر چرپر تي نظر رکي ويندي آهي. تنهن ڪري ملاقات ڪرڻ وارو ۽ جنهن سان ملاقات ڪئي وڃي ٿي ٻئي شڪ ۾ هوندا آهن. بهرحال سنڌي هوندي اسان جو آڌرڀاءُ وڌيڪ جوش سان ڪيو ويو. هتي موجود مرڪز جو انچارج شيرازي جيڪو 25 سالن کان هتي آهي. ڪنهن ميٽنگ ۾ مصروف هو ته هتان جي ايڊمنسٽريٽر انچارج جيڪو ٺٽي جو سنڌي خوجو هو. اسان سان حال احوال ڪيا. پوري مرڪز جنهن ۾ هال لائبريري ۽ مقدس باڙهه جو دورو ڪرايو، انهيءَ هال ۾ هڪ پراسرار جاءِ به آهي گهٽ ۾ گهٽ مون کي اها جاءِ ۽ هتان جو پورو ماحول پراسرار ۽ صدين کان ڄڻ هڪ هنڌ بيٺل لڳو. جاءِ ۾ داخل ٿيندي لڳي ٿو ته اوهان پراڻي زماني ۾ آيا هجو. آئون بهائيت بابت سرسري ڄاڻ پڙهي هتي پهتو هوس ته مون کي هر پاسي قرت العين طاهره ۽ ٻين جا روح گڏ هلندي محسوس ٿيا. ڪراچي ۾ هئڻ ڪري هتي اچڻ واري هر پنهنجي ماڻهو ۽ ڌارئي کي هو سڃاڻي وٺن ٿا. هال سان گڏ پراڻي جاءِ کي هو خطيرت القدس (مقدس باڙهه) جو نالو ڏين ٿا. انهن پنهنجو پورو لٽريچر اسان کي پيش ڪيو. جيڪو انگريزي اردو ۽ سنڌي ۾ آهي. سنڌي جو اهو لٽريچر سنڌين لاءِ هوندو آهي. هتي بهائي تبليغي ادارو ”دارالتبليغ بين الملي“ جي نالي سان قائم آهي. ٻين مذهبن، مذهبي فرقن وانگر بهائي مذهب پاران به تبليغ لاءِ مختلف جماعت تشڪيل ڏنا ويندا آهن. اهي جماعت ڪراچي جي گرومندر ۾ قائم هيڊ ڪوارٽر مان نڪرندا آهن ۽ هر مهيني رپورٽ ڪندا آهن. بهائين ۾ تبليغ جو ٻيو ادارو محفل روحاني آهي. جنهن به شهر، ڳوٺ ۽ واهڻ ۾ نو بهائي هوندا ته هتي محفل روحاني ملي جوڙي ويندي آهي. جنهن جي چونڊ 21 اپريل تي عيد رضوان جي پهرئين ڏينهن ڪئي ويندي آهي. هن ڪميٽي جو اهو ڪم هوندو آهي ته پنهنجي پاڙي، علائقي ۾ علمي ۽ فڪري ويهڪن جو بندوبست ڪرڻ ۽ مجلس منعقد ڪرڻ آهي. خطيرت القدس (مقدس باڙهه) جو ڪنٽرول به محفل روحاني ملي جي حوالي هوندو آهي. بهائيت ۾ سياست ۾ حصي وٺڻ جي منع ٿيل آهي پر پوءِ به هن اداري جي وسيلي ملڪ، صوبي، شهرن، ڳوٺن جي سياست، ملڪي سياسي صورتحال جي باري ۾ رپورٽون جمع ڪيون وڃن ٿيون. پاڪستان ۾ خطيرت القدس فقط ڪراچي ۾ آهي. بهائين پاران نيشنل بهائي انسٽيٽيوٽ پاڪستان جنهن کي هو انساني وسيلن جي ترقي جو ادارو ڪوٺين ٿا، کانسواءِ بهائي پبلشنگ ٽرسٽ پاڪستان، محفل مقدس روحاني ملي بهائيان پاڪستان موجود آهن. انهن ادارن جو مرڪز ڪراچي آهي. بهائين جي هڪ ڪتاب جو ترجمو 1916ع ”ست واديون ۽ چار واديون“ جي نالي سان مرزا قليچ بيگ ڪيو هو. جيڪو بهائي پبلشنگ ٽرسٽ ڇاپيو هو. مرڪز تي ويندڙ هر سنڌي کي هن ڪتاب کانسواءِ، 1946ع ۾ سوڀراج نرملداس جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”ڳجها وچن“، قلندر بخش بروهي جو لکيل ڪتاب ”نئين ڏينهن جي پرڀات“ ۽ ٻيو مواد ضرور ڏنو ويندو آهي. بنيادي ڪورس جا ڪتاب ”انسان جي روحاني فطرت“ به هر نئين ايندڙ ماڻهو کي ڏنو ويندو آهي. بهائيت جو گهڻو مواد سنڌي ۾ موجود آهي.

محفل مقدس ملي بهائيان پاڪستان پاران هڪ اردو ماهوار رسالو ”نفحات“ به شائع ڪيو ويندو آهي. ڪراچي کانسواءِ لاهور ۽ پشاور بهائيت جا وڏا مرڪز آهن. محفل روحاني، اورنگي، صدر جي مختلف علائقن، ڪلري، ٽرانس لياري ۽ شير شاهه ۾ آهن. هن وقت پاڪستان ۾ بهائي بلوچستان جي ذڪري فرقي وارن علائقن ۽ سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ وڌيڪ سرگرم آهن. 1979ع ۾ ايراني انقلاب کانپوءِ گهڻن بهائين مڪران ۽ ڪراچي جو رخ ڪيو. ڪراچي ۾ بهائيت جون سرگرميون 1880ع کانپوءِ باقائده شروع ڪيون ويون. هتي موجود پارسي جيڪي بمبئيءَ کان هتي آيا انهن بهائيت لاءِ ڪراچي ۾ ڪم ڪيو. ڪراچي ۾ گلستان جاويد (بهائيت جو قبرستان) ميوا شاهه لياري ۾ آهي. جيڪو هڪ چار ديواري ۾ آهي. جنهن تي گلستان جاويد بهائيان (Bahai Centery) لکيل آهي.

بهائين جي دعويٰ آهي ته هو پوري دنيا ۾ 60 لکن کان مٿي آهن. بهائين جا ٽي منتخب ادارا جن ۾ (1) محفل روحاني مقامي Local Spiritual Assembly (2) محفل روحاني ملي (National Spirtural Assembly) ۽ (3) بيت العدل اعظم Universal House of Justice کان سواءِ ٻه ٿاڦيل ادارا (1) ولي امر الله Guaddian ۽ (2) ايادي امر الله Handds of Cause of God آهن.

ڪراچي ۾ بهائين جو وڏو ڪم اورنگي ڪچي آبادي ۾ آهي. گهڻا بهاري هن مذهب ۾ شامل آهن ۽ مارا ماري جو ڪم به بهارين کان ورتو وڃي ٿو. هڪ اندازي موجب سنڌ ۾ بهائي مذهب جا ماڻهو هڪ لک کان مٿي آهن. حڪومت جي ادارن جي وڏن عهدن تي به ڪجهه بهائي مذهب جا ماڻهو آهن. ڪراچي جي مخصوص حالتن ۽ اسرائيل ۾ انهن جي هيڊ ڪوارٽر هئڻ ڪري هي ماڻهو گهڻو هيسيل آهن ۽ ٻاهر انهن مان گهڻا ماڻهو پاڻ کي پارسي سڏائين ٿا. ڪراچي جي بهائي مرڪز ۾ هر جمعي تي فڪري ويهڪ جو بندوبست ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ بهائين کانسواءِ ٻيا به شريڪ ٿي سگهن ٿا. پر جڏهن مختلف ڪاميٽين پاران رپورٽ ڏيڻ شروع ڪيو ويندو ته باقائده اعلان ڪندا ته هاڻي جيڪي بهائي نه آهن اُهي هليا وڃن. ٿاڻي بولاخان جا ڏهه، پندرنهن پئسي وارا واڻيا جيڪي بهائي نه آهن. ڪراچي واري مرڪز ۾ هر جمعي تي ايندا رهندا آهن. حيدرآباد ۾ بهائي هال سول لائين ۾ موجود آهي. سنڌي ڪتابن جي ڇپائي به حيدرآباد مان ٿئي ٿي. حيدرآباد کانسواءِ گهاري ۽ سکر ۾ به بهائي هال موجود آهن. گهاري وارو هال هاڻ بند ڪيو ويو آهي. انهن جو گهڻو ڪم هاڻي ٿر ۾ ٿئي ٿو، جتي مينگهواڙ، ڀيل ۽ ڪولهي جن جو تعلق هندو مذهب سان آهي بهائي مشنري انهن تي ڪم ڪري رهي رهي آهي. مجموعي طور تي اردو ڳالهائڻ وارا بهائين ۾ گهڻي تعداد ۾ آهن. جنهن ۾ اردو جا وڏا اديب ۽ دانشور به شامل آهن.

 

ذڪري/ذگري:

هي فرقو فقط بلوچن ۾ موجود آهي. هن ۾ فقط بلوچ ئي آهن. اهي به ايران کان وٺي پاڪستان جي ساحلي علائقن ۾ رهندڙ بلوچ قبيلن ۾ موجود آهن.

مسلمانن جي هڪ گروهه ۾ گهڻي وقت کان اهو عقيدو رهندو پيو اچي ته آخري زماني ۾ امام مهدي پيدا ٿيڻ وارو آهي. جيڪو ساري دنيا جي مسلمانن کي گڏ ڪري پوري دنيا تي اسلامي جهنڊو لهرائيندو. اهو عقيدو مٿي ذڪر ڪيل بابيت کان بهائيت واري مذهب/فرقي ۾ به موجود هو. بهاءُ الله، پاڻ کي امام مهدي طور ظاهر ڪيو. اهو نه فقط مسلمانن ۾ پر هر عالمگير مذهب جي ڪن گروهن ۾ گهڻي عرصي کان اهو عقيدو ويٺل آهي ته منجهان ڪو ماڻهو پيدا ٿيندو ۽ انهي مذهب کي پوري دنيا ۾ رائج ڪندو. جيئن هندن ۾ ڪن جو خيال آهي ته وشنو مهاراج جي نئين سر اوتار تي اچڻ بعد دنيا تي تسلط سندن مذهب جو هوندو. اهڙي طرح حضرت عيسيٰ جي وري پيدا ٿي دنيا کي دين مسيحي تي آڻڻ جو عقيدو به عيسائيت ۾ ويٺل آهي.

مصر ۾ مهدوي حاڪمن جي تحريڪ، شيعن، جي هڪ گروهه ۾ ٻارهين امام جي گم ٿي وري آخري زماني ۾ امام مهدي جي نالي سان ظاهر ٿيڻ. ان اميد جي ڪري مهدي پيدا ٿيندا رهيا آهن. مهدي سوڊاني جي تحريڪ ۽ شيخ سنوسي جي تحريڪ، سڀ انهيءَ تخيل جي پيداوار آهن. جنهن جي پرچار ننڍي کنڊ ۾ سيد محمد ميران شاهه جونپوري ڪئي هئي. ذڪري فرقي وارن جو چوڻ آهي. مهدي جو ظهور ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۾ تربت ڪيچ ۽ ڪوهه مراد (جبل مراد) گوادر ۾ ڪوهه امام (جبل امام) هن جي ذڪر جي جاءِ ڪري مقدس آهن. انهن ڪلمي ۾ به مهدي جو واڌارو ڪري ڇڏيو آهي. ذڪرين مطابق نور پاڪ امام مهدي پوري ڪائنات ۾ خدا جو نمائندو ۽ تمام نبين جو وارث آهي.

سيد محمد ميران شاهه 847هه ۾ هندستان جي شهر جونپور ۾ پيدا ٿيو. علم حاصل ڪري وڏي لياقت جي درجي تي پهتو ۽ پوءِ روزا، نمازون، زهد و تقويٰ ۽ وضائف جي وسيلي صاحب ڪمال ٿيو. سيد محمد ميران شاهه، حضرت امام موسيٰ ڪاظم رضه جي ٻارهين پيڙهي مان هو ۽ چئن واسطن سان خواجا نظام الدين دهلويءَ جي خليفن مان هو ۽ شيخ دانيال جونپوريءَ جو مريد هو. سندس معتقدن جو چوڻ آهي ته هڪ ڀيري معمول مطابق پنهنجي ورد ۾ مشغول هو ته کيس اهو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته ”تون مهدي آهين.“ اهو آواز مسلسل ٻڌڻ بعد هن کي پنهنجي مهدي هجڻ جو يقين ٿي ويو.

نائين صدي هجري وارو زمانو هندستان ۾ بدامني ۽ طوائف الملوڪي جو دور هو. پيران طريقت جي بدعملن ڪري مسلمانن ۾ سيد جي نئين تحريڪ ۽ پيغام چڱو اثر پيدا ڪيو. ٿوري وقت اندر هزارين ماڻهو سندس اثر هيٺ اچڻ لڳا. جنهن تي کين جلاوطن ڪيو ويو. انهيءَ تحريڪ جا مکيه اصول هيٺ ڏجن ٿا.

هجرت ڪرڻ: سندس چوڻ هو ته جيستائين ماڻهو ڌرتيءَ جي قيد کان آزاد ٿي گهر ٻار جو سانگو لاهي، لڳ، لاڳاپا ڇڏي مهدي تحريڪ ۾ شريڪ نه ٿو ٿئي، ان وقت تائين انسان جي اندر ڪا تبديلي اچڻ جي اميد اجائي آهي.

ڌن ۽ دولت ڇڏڻ: سندس رايو هو ته اسلام جي رستي ۾ ٻي جيڪا رنڊڪ آهي سا شخصي مال ۽ ملڪيت جي محبت آهي ان ڪري تحريڪ جي پوئلڳن لاءِ ڌن ۽ دولت ڇڏڻ ضروري آهي.

جهاد: ٽيون شرط ان تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو هو ته ان جا پوئلڳ بديءَ جي خلاف جنگ لاءِ تيار ٿين. جيئن بديءَ کي ختم ڪري نيڪي آڻجي.

جڏهن ميران محمد شاهه جونپوري سنڌ ۾ آيو ته هتي ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي حڪومت هئي. سنڌ جا گهڻا ماڻهو ان تحريڪ ۾ شامل ٿيا. سيد ٺٽي بندر تي لهڻ کان پوءِ ٺٽي ۾ ڄام نظام الدين سان ملاقات ڪري کيس تحريڪ جي مقصدن کان آگاهه ڪيو. پر ان وقت وزيراعظم نواب دريا خان، ڄام صاحب کي تحريڪ ۾ وڃڻ کان روڪيو. سيد ميران محمد شاهه، ڄام صاحب کان موڪلائي ٻيڙين جي قافلي وسيلي درياءَ رستي سنڌ ۾ تحريڪ جي تبليغ ڪندو سکر پاسي ويو. مخدوم بلاول، جيڪو نواب صاحب جو دوست هو. ان سنڌ ۾ هن تحريڪ کي سنڌ جي مفادن لاءِ نقصانڪار سمجهي ان جي مخالفت ڪئي ۽ سيد محمد ميران شاهه جونپوريءَ جون ٻيڙيون سندس خليفي سيد حيدر سنائي هٿان ٻوڙائي سنڌ ۾ ان نظرئي جي وڌيڪ پرچار کي روڪي ڇڏيو. سيد ميران محمد شاهه ان کانپوءِ افغانستان وڃڻ تي مجبور ٿي. قنڌار ۾ مرزا شاهه بيگ ارغون اتان جي عالمن سان سندس بحث ڪرايو.

مڪران جي ذڪرين جو چوڻ آهي، قنڌار کانپوءِ سيد مڪران جو سير ڪيو ۽ گوادر ۾ ڪوهه امام (جبل امام) تي پنهنجو جلوو ڏيکاريو. مڪران کانپوءِ ايران ويندي فرح ۾ 911هه ۾ وفات ڪيائين. مڪران ۾ سندس مريدن مان امير ابو سعيد بليدي مڪران ۾ مهدوي (ذڪري) فرقي جو شيهه مقرر ٿيو. جنهن جي تعليم جي ڪري هتان جا بلوچ مهدي تحريڪ ۾ شامل ٿيا. ڇاڪاڻ ته ان وقت پوري مڪران، ڪرمان، سيستان ۾ رهندڙ بلوچن جي اڪثريت سني فرقي سان لاڳاپيل هئي. ان کان اڳ شيخ سنوسي، مهدي سوڊاني ۽ منصور حلاج جي پرچار هتي پهتل هئي. منصور حلاج مڪران جي رستي سنڌ ڏانهن آيو هو. هن فرقي ۾ بلند آواز ۾ ذڪر ڪرڻ جو رواج آهي. جنهن تي انهن کي ذڪري ذڪر ڪرڻ وارا چيو ويو. ذڪر کي بلوچي ۾ ”ذگر“ چيو وڃي ٿو. جنهن جي ڪري انهن کي بلوچي ۾ ذگري معنيٰ ذگر ڪرڻ وارا چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح مهدوي مان اهي ذڪري مشهور ٿيا.

ڪلمي شريف ۽ محمد صلعم کانپوءِ انهن ”نورپاڪ مهدي“ جو واڌارو ڪيو ۽ هن وقت مسلمانن جي هڪ فرقي طور سڃاتا وڃن ٿا. ابو سعيد بليدي جيڪو هن فرقي جو شيهه مقرر ٿيو. اهو بليدين پاران مڪران جو پهريون حڪمران پڻ هو. مڪران جي حڪومت بليدين، هوتن کان حاصل ڪئي هئي. جنهن جا 9 حڪمران رهيا. ابو سعيد کان پوءِ شهه شڪر الله، شهه قاسم، شهه زهري، شهه حسن، شهه احمد، شهه عبدالله، شهه قاسم ثاني ۽ آخري حڪمران شهه بلار هو. ذڪري فرقي جا جيڪي سيد آهن انهن کي ملائي به چيو وڃي ٿو. سيد اهلبيت مان نه آهن پر شيخ آهن. اهي شيخ به نه جيڪي هندن مان مسلمان ٿيا. پر بلوچستان ۾ مذهبي اڳواڻ يا وڏي کي به شيخ چيو ويندو آهي. اهو لفظ عربي مان هتي آيو جڏهن مڪران تي عربن جو قبضو هو ته هتي مذهبي اڳواڻن ۽ عربن پاران مقرر ڪيل حڪمرانن کي شيخ جو لقب ڏنو ويو. جيڪي به مذهبي اڳواڻ هوندا هئا ۽ هڪ طرح سان ڳوٺ جا سردار به اهي هوندا هئا. بلوچيءَ ۾ جيئن خاص ڪري سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ .خ“ کي ”ح“ اچاريو ويندو آهي ان ڪري شيخ جو لفظ شيح ٿي ويو. جيڪو شيخ/شهه لکيو پڙهيو وڃي ٿو. اهڙي طرح سامونڊي علائقن وارا بلوچ ”خدا کي ”حدا“ خير کي ”حير“ ۽ خبر کي ”حبر“ چون ٿا. شيخ به ائين تلفظ ڪري شيح ۽ شهه ٿيو. اهي شهه بلوچستان ۾ اڄ به موجود آهن. گوادر جڏهن پاڪستان ۾ شامل ٿيو ته پهرين تحصليدار شهه عمر کي مقرر ڪيو ويو. هاڻي پڙهيل طبقو جيڪو انهن شيخن جو اولاد آهي جن کي شهه چيو ويندو هو ۽ انهن شهه کي شاهه لکڻ شروع ڪيو. سيد احسان شاهه بلوچ، سيد ظهور شاهه بلوچ، سيد شير جان بلوچ انهن مان آهن. اهو سلسلو ذڪري ۽ سني ٻنهي فرقن ۾ آهي. ٻنهي فرقن ۾ شيخ مقرر ڪيا ويندا هئا. هاڻي ٻنهي فرقن جا شيخ، مان شهه ۽ شاهه ٿي ويا آهن.

1840ع ۾ گچڪين، بليدين کي شڪست ڏيئي مڪران تي قبضو ڪيو. شهه بلار ذڪري فرقي جو مخالف هو ان ڪري مڪران جي ذڪري جيڪي ان فرقي ۾ شامل هئا. گچڪين جو ساٿ ڏنو ۽ ملڪ دينار گچڪي مڪران جو حاڪم مقرر ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org