سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 12

7 نومبر 1983ع ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جماعت اسلامي جو عبدالستار افغاني ميئر ۽ عبدالخالق الله والا ڊپٽي ميئر چونڊجي آيا. نئين مقامي حڪومتن جي قانون تحت ڪراچي جي سطح تي ڪم ڪندڙ تمام بلدياتي ادارن تي ٻڌل هڪ ڊويزنل رابطا ڪاميٽي جوڙي ويئي. هن جو مقصد شهر ۾ ڪم ڪندڙ تمام بلدياتي ادارن جي وچ ۾ رابطو قائم ڪرڻ هو. هن جي چيئرمين جي چونڊ بلدياتي ڪائونسل مان ڪئي ويندي هئي ۽ 9 سيپٽمبر 1983ع تي مظفر هاشمي هن ڪاميٽي جو پهريون چيئرمين چونڊيو ويو. ڪراچي ٻهراڙي مان ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين هن ڪاميٽي جو ميمبر هوندو هو.

18 جنوري 1984ع ۾ هڪ ڊگهي اجلاس ۾ جيڪو پنج ڪلاڪ جاري رهيو. جنهن ۾ ڪراچي ٽرانسپورٽ کي ڪارپوريشن جي هٿ هيٺ ڏيڻ جي گهُر ڪئي ويئي. ذيلي ڪاميٽي جو تعداد جيڪو 15 هو، وڌائي 18 ڪيو ويو. 202 پنجائت ڪاميٽين جي ميمبرن جي تعداد جو فيصلو ڪيو ويو. حڪومت کان ميئر ڪراچي شهر ۾ ترقياتي ڪمن کي انجام ڏيڻ لاءِ وڌيڪ اختيارن ۽ خاص ڪري موٽر وهيڪل ٽيڪس ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي ڏيڻ جي گهُر ڪئي.

1985ع ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون ۽ هميشه وانگر سنڌ حڪومت ۽ بلدياتي چونڊيل نمائندن وچ ۾ اختيارن لاءِ سرد جنگ جي شروعات ٿي. ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت ۾ وڏو وزير سيد غوث علي شاهه مسلم ليگ جو هو ۽ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن تي ڪنٽرول جماعت اسلامي جو هو جن هڪ ٻئي کي برداشت نه ڪيو. ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن موٽروهيڪل ٽيڪس ۽ ڪارپوريشن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ ۽ اختيارن جي جرم ۾ سنڌ حڪومت کان استعفيٰ جي گهُر ڪئي.

12 فيبروري 1987ع تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ميئر عبدالستار افغاني جي اڳواڻي ۾ ڪائونسلرن جو وفد جلوس جي شڪل ۾ ڪارپوريشن جي دفتر بندر روڊ کان سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ڏانهن روانو ٿيو. هن وقت اسيمبلي جو اجلاس هلندڙ هو. سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي سامهون ميئر ۽ ڪائونسلرن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ حڪومت سنڌ جي هڪ حڪم نامي موجب ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي معطل ڪيو ويو ۽ ان جي وهنوار هلائڻ لاءِ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو.

سعيد احمد صديقي جيڪو سرڪاري آفيسر هو. 14 فيبروري 1987ع تي هن کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ڪائونسل کي ٽوڙيو ويو ۽ نامزد ميمبر مقرر ڪري ڪائونسل جو ڪم شروع ڪيو ويو. انهن جا اختيار ايترا نه هئا جيترا چونڊيل ڪائونسل کي حاصل هئا.

5 نومبر 1987ع تي سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس ۾ ترميم ڪري ميٽرو پوليٽن کي چئن ميونسپل ڪاميٽين ۾ ورهايو ويو. چارئي ميونسپل ڪاميٽيون ڪراچي جي چئن ئي ضلعن ۾ قائم ڪيون ويون. زونل ميونسپل ڪاميٽين جا اڳواڻ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين چونڊيا ويا. جڏهن ته زونل ميونسپل ڪاميٽي جي ميمبرن مان ٻه ڏهائي ميمبر ڪارپوريشن جا ميمبر منتخب ٿيا. بلدياتي ميمبرن جو تعداد 231 مقرر ڪيو ويو. جيڪو زونل ميونسپل ڪاميٽي ڏکڻ لاءِ 55، اولهه لاءِ 39، سينٽرل لاءِ 65 ۽ اوڀر لاءِ 72 مقرر ڪيو ويو. بجيٽ لاءِ اهو طئي ڪيو ويو ته 40 سيڪڙو ڪارپوريشن ۽ 60 سيڪڙو زونل ميونسپل ڪاميٽيون استعمال ڪنديون.

ان وقت ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي ميمبرن جو تعداد 77 هو. جن مان 67 ميمبرن جي چونڊ زونل ميونسپل ڪاميٽيون ڪنديون هيون. باقي ڏهن مان 7 عورتن ۽ ٽي مزدورن لاءِ مخصوص سيٽون هيون. ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ انهن 77 ميمبرن مان ڪئي ويندي هئي. 1987ع جي مقامي چونڊن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۾ هڪ نئين طاقتور قوت ايم ڪيو ايم (مهاجر قومي موومينٽ) اڀري آئي. جماعت اسلامي کي پاسيرو ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي هٿ وٺي طاقتور بنايو ويو. هن قوت پوري شهري علائقن مان جماعت اسلامي ۽ مولانا نوراني جي پارٽي کي آئوٽ ڪري ڇڏيو. اها نئين قوت هندستان مان آيل مهاجرن جي نمائندگي ڪندڙ تنظيم طور الطاف حسين جي اڳواڻي ۾ اڀري آئي هئي. انهن چونڊن جي نتيجي ۾ ڪراچي ميٽرو پوليٽن جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ 15 جنوري 1987ع ۾ چونڊ ٿي، ته ڪراچي جي ميمڻ برادري جو 27 سالن جو نوجوان ڊاڪٽر محمد فاروق ستار ميئر ۽ عبدالرزاق خان ايڊوڪيٽ ڊپٽي ميئر لاءِ بنا ڪنهن مقابلي جي چونڊجي آيا. 1987ع وارن چونڊن ۾ ڪارپوريشن ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو وڏي تعداد ۾ نوجوان چونڊجي آيا ۽ انهن جو واسطو مڊل ڪلاس سان هو.

1991ع ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي بلديا ڪراچي ۾ ضم ڪيو ويو. حڪومت سنڌ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن سميت ٻن ميونسپل ڪاميٽين اوڀر ۽ سينٽرل کي بجيٽ جي منظوري ۾ ناڪامي کانپوءِ معطل ڪري، 28 جولاءِ 1992ع تي هڪ سرڪاري آفيسر مرزا ڪريم بيگ کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ پوري سنڌ ۾ بلدياتي ادارن کي ٽوڙي سرڪاري ڪامورن کي انهن جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو.

پيپلز پارٽي جي حڪومت 27 مئي 1994ع ۾ بينظير ڀٽو ڪراچي جي دوري دوران فهيم الزمان کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو. جيڪو ايڌي فائونڊيشن جي هيليڪاپٽر جو پائليٽ هو ۽ ڪراچي جي بلدياتي تاريخ ۾ اهو پهريون شخص عوامي ايڊمنسٽريٽر هو. هن کان اڳ سڀئي ايڊمنسٽريٽر سرڪاري ڪامورا هوندا هئا. 27 جولاءِ 1994ع ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ فهيم الزمان سنڌ حڪومت پاران زونل ميونسپل ڪاميٽي کي بلدياتي ڪراچي ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

2 آگسٽ 1994ع ۾ سنڌ جي گورنر محمود اي. هارون سنڌ گورنمينٽ آرڊيننس ۾ ترميم ڪري ڪراچي جي زونل ميونسپل ڪاميٽين کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. فهيم الزمان 24 اپريل 1996ع تائين، ايڊمنسٽريٽر رهيو ۽ ٻيهر 30 آڪٽوبر 1999ع کان 12 فيبروري 2000ع ۾ به ايڊمنسٽريٽر رهيو.

1996ع ۾ حڪومت سنڌ اسيمبلي ۾ ملير ضلعي جي ٺهڻ لاءِ بل موڪليو جيڪو منظور ڪيو ويو ۽ ملير ڪراچي ڊويزن جو پنجون ضلعو بڻيو. هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ميٽرو پوليٽن ٽوڙي پنجن ضلعن تي پنج ضلعي ميونسپل ڪارپوريشن (ڊي ايم سي) جي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته بلديا ڪراچي کي به ڪجهه اختيار ڏيئي بحال رکيو ويو. اهو نظام 14 آگسٽ 2001ع تائين جاري رهيو.

جڏهن 12 آڪٽوبر 1999ع ۾ پاڪستان ۾ هميشه وانگر ضرورت جي نظريئي تحت جمهوري حڪومت کي ختم ڪري. جنرل پرويز مشرف ملڪ جون واڳون سنڀاليون. ملڪ جي آئين کي معطل ڪيو ويو. جنرل پرويز مشرف چيف ايگزيڪٽو جو عهدو سنڀاليو ۽ چيف آف آرمي جو عهدو به پاڻ وٽ رکيو. جنرل پرويز مشرف به پنهنجي اڳوڻن فوجي حڪمرانن وانگر بنيادي جمهوريت جي ڳالهه ڪئي. بجاءِ پراڻي بلدياتي نظام جي خامين کي دور ڪرڻ جي هڪ نئون تجربو ڪيو ويو. نئون لوڪل گورنمينٽ نظام متعارف ڪرائڻ لاءِ اين. آر.بي (NRB)، (Devolution of Power Plan) ڊيوليشن آف پاور پلان تحت ضلعي حڪومتن جي فارمولي جو 23 مارچ 2000ع تي ڊرافٽ جو اعلان ڪيو.

جنهن تحت ٽن سطحن واري لوڪل گورنمينٽ نظام جو اعلان ڪيو ويو. (1) يونين ڪائونسل (2) ٽائون/ تحصيل ڪائونسل (3) ضلعي حڪومتون.

صوبن جي چئني گادي وارن شهرن ۾ شهر ضلعي حڪومت City District Government جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ چيئرمين ۽ نائب چيئرمين جي بجاءِ ناظم ۽ نائب ناظم جي گڏيل جوڙي وارو نظام متعارف ڪرايو ويو. يونين ڪائونسل جا 21 ميمبر مقرر ڪيا جن ۾ 33 سيڪڙو عورتن لاءِ مخصوص ڪيو ويو. ليبر، هاري ۽ اقليتن لاءِ به سيٽون مخصوص ڪيون ويون. يونين ڪائونسل جي تمام ميمبرن، ناظم ۽ نائب ناظم جنهن لاءِ هڪ ووٽ هو. چونڊ سڌي طرح عوام جي ووٽن جي وسيلي ڪيو ويو. جڏهن ته ٽائون/ تحصيل ۽ ضلعي جي ناظمن ۽ نائب ناظمن، مخصوص ميمبرن جي چونڊ يونين ڪائونسل جي چونڊيل ميمبر وسيلي ڪئي ويئي. هر ٽائون/تحصيل ۾ هن جي حدن ۾ آيل يونين ڪائونسل جا چونڊيل ميمبر ۽ ضلعي تي سڀئي يونين ڪائونسلن جا ميمبر ووٽ ڏيڻ جا حقدار هئا.

جولاءِ 2001ع ۾ يونين ڪائونسلن جون چونڊون ٿيون ۽ آگسٽ 2001ع ۾ ٽائون/تحصيل ۽ ضلعن ۾ چونڊون ٿيون. پوري ملڪ ۾ ڪنٽونمينٽ علائقن ۾ چونڊون نه ڪرايون ويون. جيڪي اڃا تائين (2007) ۾ به بنا چونڊن جي هلي رهيون آهن. هن نظام تحت سنڌ ۾ 16 ضلعي حڪومتون، 86 تحصيل ڪائونسلون 18 ٽائون ڪائونسلون (صرف ڪراچي ۾) 1094 يونين ڪائونسل تي چونڊون ٿيون. نئون لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس (هر صوبي لاءِ ڌار) 2001ع جاري ڪيو ويو. جنهن تحت سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ 14 آگسٽ 2001ع کان نئين بلدياتي نظام پنهنجو ڪم شروع ڪيو.

ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي ختم ڪري هن جي جاءِ تي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ٺاهيو ويو. ڪراچي جي پنجن ضلعن ملير، ڏکڻ اوڀر ۽ سينٽرل کي ختم ڪيو ويو. 1901ع کان ٻهراڙين ۾ قائم ضلعي ڪائونسل کي به ختم ڪيو ويو. ڪراچي کي شهري حڪومت جو درجو ڏنو ويو. ٻهراڙيون ختم ڪيون ويون. ڪراچي کي 178 يونين ڪائونسلن ۽ 18 ٽائونن ۾ ورهايو ويو.

پهرئين ڪي. ايم. سي، ضلع ڪائونسلن ۽ يونين ڪائونسلن جا پنهنجا بجيٽ هئا اهي ختم ڪيا ويا. هاڻي ضلعي حڪومتن، ٽائونن/ تحصيلن ۽ يونين ڪائونسلن کي صوبائي حڪومت کان گرانٽ ملندو آهي. لاڳو ٿيڻ کان وٺي 2007ع تائين لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2001ع ۾ اٺ ترميمون ڪيون ويون آهن.

پوري ملڪ ۾ انگريزن جي دور کان نافذ انتظامي عهدا ختم ڪيا ويا. عدليا کي انتظاميا کان الڳ ڪيو ويو. ضلعي انتظام لاءِ ميونسپل ڪمشنر جي نالي کي تبديل ڪري ڊسٽرڪٽ آفيسر (D.C.O) ۽ ٽائون/تحصيل سطح تي ٽائون ميونسپل آفيسر (ٽي. ايم. او) جا عهدا ۽ نالا متعارف ڪرايا ويا.

ضلعي حڪومت جو نظام صوبائي حڪومت جي مقابلي ۾ هڪ ٻيو متبادل نظام طور ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن جي ڪري جڏهن صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جون چونڊون ٿيون ته اختيارن جي ورڇ، اقتدار جي جنگ ۽ بين معاملن تي هڪ نه کٽندڙ جهيڙو جاري آهي. ڇاڪاڻ ته ضلعي حڪومت، ٽائون/تحصيل ۽ يونين ڪائونسل تي هڪ پارٽي جي حمايت جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته صوبي ۾ ڪنهن ٻي پارٽي جي حڪومت آهي، قومي اسيمبلي ۾ اڃا به ڪنهن ٽين پارٽي جو ميمبر چونڊجي اچڻ ڪري هن نظام ۾ ڏکيائون پيدا ٿي رهيون آهن. هن وقت جڏهن صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جون چونڊون نه ٿيون هيون ته ظاهر ۾ هي ڪامياب نظام هو.

ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پهرئين بلدياتي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو. مقابلو جماعت اسلامي جي حمايتي الخدمت ۽ پيپلز پارٽي جي حمايتي گروپ عوام دوست ۾ ٿيو. 18 ٽائون مان پنجن تي عوام دوست جا ناظم ۽ نائب ناظم ڪامياب ٿيا. جڏهن ته ٻن تي ولي خان جي عوامي نيشنل پارٽي جا ۽ عوام دوست جا گڏيل اميدوار، 11 ٽائونن تي الخدمت جا ناظم ڪامياب ٿيا.

ڪراچي جي 18 ٽائونن ۽ 178 يونين ڪائونسلن ۽ سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جي ناظمن، نائب ناظمن ۽ ڪائونسلرن جي جيڪا چونڊ ٿي انهن جو انگ ٽي هزار اٺ سئو کان وڌيڪ هو.

14 آگسٽ 2001ع ۾ ڪراچي ضلعي شهري حڪومت جي ميمبرن جي جوڙجڪ هيٺين ريت رهي. ڪل ميمبر 255 هئا.

1.

يونين ڪائونسلن جا ناظم

178

2.

عورتن جون مخصوص سيٽون

59

3.

ورڪرز

09

4.

اقليتي

09

 

ٽوٽل

255

پوري ملڪ وانگر 14 آگسٽ 2001ع تي ڪراچي جي سٽي حڪومت، ٽائونن ۽ يونين ڪائونسلن جي ناظمن ۽ نائب ناظمن حلف کنيو. ڪراچي جي سٽي ناظم لاءِ نعمت الله خان ايڊوڪيٽ (الخدمت گروپ) ۽ سندس نائب ناظم طارق حسن خان (مسلم ليگ ق) جو مقابلو تاج حيدر ناظم (عوام دوست گروپ) ۽ سيد حفيظ الدين جو مقابلو ٿيو. نعمت الله خان ڪراچي جو پهريون ناظم ۽ طارق حسن خان پهريون نائب ناظم چونڊجي آيا. اهڙي طرح 1987ع کانپوءِ ٻيهر ڪراچي جا بلدياتي ادارا جماعت اسلامي جي هٿ هيٺ آيا. 15 آگسٽ 2001ع تي چارج وٺي انهن ڪم شروع ڪيو. هن ڪائونسل جو مدو 2004ع ۾ پورو ٿيڻو هو. پر آرڊيننس ۾ ترميم ڪري هڪ سال وڌايو ويو. 2005ع تي ٻي ٽرم لاءِ بلدياتي چونڊون ڪرايون ويون. هن چونڊن ۾ متحده قومي موومينٽ جيڪا حڪومت ۾ هئي پنهنجا اختيار استعمال ڪري ۽ حڪومت جي آشيرواد سان ڪراچي جي 18 ٽائونن مان 12 ٽائونن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ٽن ٽائونن گڏاپ، بن قاسم ۽ لياري تي پاڪستان پيپلز پارٽي جا حمايتي ۽ هڪ ٽائون ڪياماڙي تي مسلم ليگ (ق) جو ناظم ڪامياب ٿيو.

ڪراچي 18 ٽائونن ۾ ورهايل (14 آگسٽ 2001ع)


آرڊيننس ۾ ترميم ڪري يونين ڪائونسل جي ميمبرن جو انگ 21 مان گهٽائي 13 ڪيو ويو. جڏهن ته ٽائون/ تحصيل ۽ ضلعي سطح تي ناظم ۽ نائب ناظم جوڙي وارو سسٽم ختم ڪري ناظمن جي چونڊ تمام يونين ڪائونسلن جي ميمبرن وسيلي ڪئي ويئي. جڏهن ته نائب ناظم لاءِ اهو شرط هو ته هو هائوس ۾ چونڊجي اچڻ کان پوءِ هائوس جا ميمبر هن جي چونڊ ڪندا.

سٽي ڊسٽرڪٽ حڪومت لاءِ متحده قومي موومينٽ جي حمايتي حق پرست گروپ جي سيد مصطفيٰ ڪمال جو مقابلو، الخدمت جي اڳوڻي ناظم نعمت الله خان سان ٿيو جنهن ۾ سيد مصطفيٰ ڪمال چونڊ کٽي ڪراچي شهر جو ناظم ٿيو. جڏهن ته هڪ مهيني کانپوءِ نائب ناظمن جون چونڊون ٿيون. جنهن ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت نسرين جليل نائب ناظمه طور ڪامياب ٿي جيڪا به حق پرست گروپ جي آهي. ٽائون جي ناظمن ۽ يونين ڪائونسل جي ناظمن نومبر 2005ع تي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. ڪراچي جي 18 ٽائونن مان ٻيو ڀيرو چونڊجي اچڻ جو اعزاز فقط هڪ ٽائون ناظم آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جو حمائتي غلام مرتضيٰ بلوچ ٻيو ڀيرو گڏاپ ٽائون جو ناظم چونڊجي آيو.

ڪراچي ڊويزن جو آخري ڪمشنر شفيق الرحمان پراچا هو جيڪو ڪراچي ضلعي شهري حڪومت جو پهريون ڊي. سي. او به مقرر ٿيو. ڪراچي جي 18 ٽائونن ۽ ان ۾ موجود يونين ڪائونسلن جا نالا هيٺين ريت آهن:

ڪنزروينسي بورڊ کان شهري ضلعي حڪومت تائين

1

ڪياماڙي

ڀٽا وليج

سلطان آباد

ڪياماڙي

بابا ڀٽ

مڇر ڪالوني

ماڙي پور

شير شاهه

گابو پٽ

2

سائيٽ

پاڪ ڪالوني

پراڻو گوليمار

جهان آباد

ميٽروول

پٺاڻ ڪالوني

فرنٽيئر

بنارس ڪالوني

قصبا ڪالوني

اسلاميا ڪالوني

3

بلديا

گلشن غازي

اتحاد ٽائون

اسلام نگر

نئين آبادي

سعيدآباد

مجاهد ڪالوني

مهاجر ڪئمپ

رشيد آباد

4

اورنگي

مومن آباد

هريانا ڪالوني

حنيف آباد

محمد نگر

مدينا ڪالوني

غازي آباد

چشتي نگر

بلال ڪالوني

اقبال بلوچ ڪالوني

گبول ڪالوني

داتا نگر

مجاهد ڪالوني

بلوچ ڳوٺ

5

لياري

آگرا تاج ڪالوني

دريا آباد

نوان آباد

کڏو ميمڻ سوسائٽي

بغدادي

شاهه بيگ لائين

بهار ڪالوني

رانگي واڙو

سنگو لائين

چاڪيواڙو

علامه اقبال ڪالوني

6

صدر

پراڻو ڪئمپ

گارڊن

کارو در

سٽي ريلوي ڪالوني

نانڪ واڙو

گذدر آباد

ملت نگر اسلام پور

صدر

سول لائين

ڪلفٽن

ڪهڪشان

7

جمشيد

اختر ڪالوني

منظور ڪالوني

اعظم بستي

چنيسر ڳوٺ

محمود آباد

پي. اي. سي. ايڇ سوسائٽي-1

پي. اي. سي. ايڇ سوسائٽي-2

جٽ لينڊ لائين

سينٽر جيڪب لائين

جمشيد ڪواٽرز

گارڊن ايسٽ

سولجر بازار

پاڪستان ڪواٽرز

8

گلشن اقبال

دهلي مرڪنٽائل سوسائٽي

سوڪ سينٽر

پير الاهي بخش ڪالوني

عيسيٰ نگري

گلشن اقبال-1

گيلاني ريلوي اسٽيشن

شانتي نگر

جمالي ڪالوني

گلشن اقبال-1

پهلوان ڳوٺ

ميٽروول ڪالوني

گلزار هجري

صفوران ڳوٺ

9

شاهه فيصل

ناٿا خان ڳوٺ

پاڪ سادات ڪالوني

ڊرگ روڊ

ريتا پلاٽ

موريو ڳوٺ

رفاع عام

الفلاح سوسائٽي

10

ڪورنگي

بلال ڪالوني اوڀر

ناصر ڪالوني

چکرو ڳوٺ

مصطفيٰ تاج ڪالوني

سو ڪواٽر

گلزار ڪالوني

ڪورنگي سيڪٽر 33

زمان ٽائون

حسرت موهاني ڪالوني

11

لانڍي

مظفرآباد ڪالوني

مسلم آباد

دائود چورنگي

معين آباد

شرافي ڳوٺ

ڀٽو نگر

خواجا اجمير ڪالوني

لانڍي

عوامي ڪالوني

برمي ڪالوني

ڪورنگي

شير آباد ڪالوني

12

نارٿ ناظم آباد

پاپوش نگر

پهاڙ گنج

کنڊو ڳوٺ

حيدري

سخي حسن

فاروق اعظم

نصرت ڀٽو ڪالوني

شادمان

بفرزون

بفرزون-1

13

نئين ڪراچي

ڪليانا

سر سيد جناح ڪالوني

فاطمه جناح ڪالوني

گوڌرا

ابوذر غفاري

حڪيم احسن

مدينا ڪالوني

فيصل

خميسو ڳوٺ

مصطفيٰ ڪالوني

خواجا اجمير نگري

گلشن سعيد

شاهنواز ڀٽو ڪالوني

14

گلبرگ

عزيز آباد

ڪريم آباد

عائشه منزل

نمبر 14 انچولي

نصيرآباد

ياسين آباد

واٽر پمپ

شفيق مل ڪالوني

15

لياقت آباد

رضويا ڪالوني

فرودس ڪالوني

سپر مارڪيٽ

ڊاڪ خانو

قاسم آباد

بندهاني ڪالوني

شريف آباد

ڪمرشل ايريا

مجاهد ڪالوني

ناظم آباد نمبر-1

عباسي شهيد

16

ملير

ماڊل ڪالوني

ڪالا بورڊ

سعود آباد

کوکرو پار

جعفر طيار

غريب آباد

غازي دائود بروهي

17

بن قاسم

ابراهيم حيدري

ريڙهي

ڀينس ڪالوني

قائدآباد

لانڍي

گلشن حديد

گهگهر

18

گڏاپ

مراد ميمڻ

درساڻو ڇنو

گڏاپ

ڳجهڙو

سونگل

معمار آباد

يوسف ڳوٺ

منگهو پير

1852ع ۾ ميونسپل ڪميشن جي ٺهڻ کان وٺي 1910ع تائين جيڪي صدر نامزد ڪيا ويا انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. 1910ع ۾ ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ميونسپلٽي کي پنهنجي صدر چونڊجڻ جا اختيار مليا.

حڪومت پاران نامزد ڪيل صدر:

1.

سرهنري بارٽل فريئر

سيپٽمبر 1852ع کان 30 جون 1859ع

2.

ليفٽيننٽ اي. ايف بلاسيس

15 جولاءِ 1859ع کان 31 ڊسمبر 1859ع

3.

ڪئپٽن جي.بي ڊسٽرويلي

1 جنوري 1860ع کان 31 ڊسمبر 1861ع

4.

ڪئپٽن سي. جي ارسڪن

1 جنوري 1862ع کان 31 ڊسمبر 1862ع

5.

ميجر ايس. ارسڪن

1 جنوري 1863ع کان 31 ڊسمبر 1863ع

6.

ميجر ڊبليو. سائوٿي

1 جنوري 1864ع کان 30 جون 1864ع

7.

ليفٽيننٽ اي. ايف آرمسٽرانگ

1 جولاءِ 1864ع کان 31 ڊسمبر 1864ع

8.

ميجر ڊبليو، آر ليمبرٽ

1 جنوري 1865ع کان 31 ڊسمبر 1866ع

9.

ميجر ايس سائو

1 جنوري 1867ع کان 30 جون 1867ع

10.

ميجر ڊبليو. آر ليمبرٽ

1 جولاءِ 1867ع کان 31 ڊسمبر 1869ع

11.

ميجر ايل.ڊي. اي ڊسٽرولي

1 جنوري 1869ع کان 11 آڪٽوبر 1969ع

12.

ميجر جي. بي ٽروٽ

12 آڪٽوبر 1869ع کان 31 ڊسمبر 1870ع

13.

ليفٽيننٽ ڪرنل. ايل. ڊسٽرولي

1 جنوري 1871ع کان 30 جون 1872ع

14.

ليفٽيننٽ ڊبليو. آر ليمبرٽ

1 جولاءِ 1872ع کان 31 ڊسمبر 1873ع

15.

ليفٽيننٽ ڪرنل ايل. ڊسٽرولي

1 جنوري 1874ع کان 1875ع

16.

ليفٽيننٽ ڊبليو. آر ليمبرٽ

1875 کان مارچ 1879ع

17.

ڪرنل آر. آر ويلس

مارچ 1879ع کان جولاءِ 1881ع

18.

ڪرنل سي. ڊي بولٽن

16 جولاءِ 1881ع کان 31 ڊسمبر 1884ع

19.

مسٽر جيمز گرانٽ

1 جنوري 1885ع کان نومبر 1886ع

20.

مسٽر اليگزينڊر ميڪنچ

نومبر 1886ع کان 31 ڊسمبر 1890ع

21.

اوڌارام مولچند

1 جنوري 1891ع کان 15 ڊسمبر 1891ع

22.

جيمز ڪوري

15 ڊسمبر 1891ع کان مئي 1895ع

23.

پي. يو سمين

مئي 1895ع کان مارچ 1896ع

24.

ٺهيل رام کيمچند

مارچ 1896ع کان آڪٽوبر 1905ع

25.

جي. ايل. ايف بيو مائونٽ

آڪٽوبر 1905ع کان مارچ 1910ع

26.

سر چارلس ميولز

مارچ 1910ع کان 30 ڊسمبر 1910ع

ميونسپلٽي جا چونڊيل صدر

1.

سر چارلس ميولز

1 آڪٽوبر 1910ع کان آڪٽوبر 1911ع

2.

ديوان هرچند راءِ پشنداس

آڪٽوبر 1911ع کان 30 اپريل 1921ع

3.

غلام علي چاڳلا

1 مئي 1921ع کان اپريل 1922ع

4.

جمشيد نسروانجي

اپريل 1922ع کان 31 آڪٽوبر 1933ع

چونڊيل ميئر

1.

جمشيد نسروانجي

8 نومبر 1933ع کان 21 آگسٽ 1934ع

2.

ديوان ٽيڪم داس واڌو مل

22 آگسٽ 1934ع کان 3 مئي 1935ع

3.

قاضي خدا بخش

3 مئي 1935ع کان 9 مئي 1936ع

4.

ڪي.بي ارد شير ايڇ ماما

9 مئي 1936ع کان 4 مئي 1937ع

5.

ديوان درگا داس بي. آڏواڻي

4 مئي 1937ع کان 6 مئي 1938ع

6.

حاتم علي علوي

6 مئي 1938ع کان 5 مئي 1939ع

7.

آر. ڪي سڌاوا

5 مئي 1939ع کان 1 مئي 1940ع

8.

لال جي. ملهوترا

7 مئي 1940ع کان 6 مئي 1941ع

9.

محمد هاشم گذدر

6 مئي 1941ع کان 8 مئي 1942ع

10.

سهراب ڪي. ايڇ ڪڙڪ

8 مئي 1942ع کان 11 مئي 1943ع

11.

ديوان شمڀو ناٿ مولراج

11 مئي 1943ع کان 10 مئي 1944ع

12.

يوسف عبدالله هارون

10 مئي 1944ع کان 8 مئي 1945ع

13.

مينول مسڪٽيا

8 مئي 1945ع کان 1 مئي 1946ع

14.

وشرام داس ديوان داس

9 مئي 1946ع کان 9 مئي 1947ع

15.

حڪيم محمد احسن

9 مئي 1947ع کان 25 مئي 1948ع

16.

غلام علي الانا

25 مئي 1948ع کان 8 جولاءِ 1948ع

8 جولاءِ 1948ع کان ڊسمبر 1952ع تائين ميونسپلٽي کي معطل ڪيو ويو. 1953ع ۾ بحال ڪري چونڊون ڪرايون ويون. ”ميئر“ جي جاءِ تي ”صدر“ جو لفظ اختيار ڪيو ويو.

چونڊيل صدر

17.

جناب محمود اي هارون

19 جنوري 1954ع کان 26 مئي 1955ع

18.

جناب الحاج ملڪ باغ علي

26 مئي 1955ع کان 29 مئي 1956ع

19.

جناب صديق وهاب

29 مئي 1956ع کان 16 ڊسمبر 1956ع

20.

جناب ايس. ايم توفيق

16 ڊسمبر 1956ع کان 16 آڪٽوبر 1958ع

ايوب خان جي مارشل وقت بلديا کي ٽوڙيو ويو ۽ 1960ع ۾ بنيادي جمهوريتن جي ايڪٽ مطابق حڪومت پاران صدر نامزد ڪيا ويندا هئا. هن دور ۾ سرڪاري آفيسرن کي صدر مقرر ڪيو ويو.

ميونسپلٽي جا ٿاڦيل (نامزد) صدر

1.

جناب ممتاز احمد

14 نومبر 1960ع کان 24 مئي 1961ع

2.

سيد منير حسين

25 مئي 1961ع کان 28 آگسٽ 1961ع

3.

برگيڊيئر مرزا حامد حسين

28 آگسٽ 1961ع کان 28 جنوري 1963ع

4.

جناب ايم. ضياالدين خان

8 فيبروري 1963ع کان 12 اپريل 1964ع

5.

جناب سيد سردار احمد

13 اپريل 1964ع کان 31 آڪٽوبر 1964ع

6.

جناب ايم. ضياالدين خان

2 نومبر 1964ع کان 7 فيبروري 1966ع

7.

جناب پرويز احمد بٽ

8 فيبروري 1966ع کان 11 آگسٽ 1968ع

8.

جناب ابرار حسن خان

16 سيپٽمبر 1968ع کان 15 جنوري 1971ع

جنرل يحيٰ خان اقتدار ۾ آيو ته بنيادي جمهوريت وارو لوڪل گورنمينٽ نظام ختم ڪري انهن تي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا ويا. جيڪي ذوالفقار علي ڀٽي جي دور کان وٺي 1979ع تائين رهيا. جيڪي سڀ سرڪاري آفيسر هوندا هئا.

 

ڪراچي ميونسپلٽي جا چونڊيل صدر/ميئرز

هرچند راءِ وشن داس   غلام علي چاڳلو         جمشيد نسروانجي مهتا

ٽيڪم داس واڌو مل  قاضي خدا بخش        ڪي. سي ارد شير ماما

حاتم علي علوي        آر، ڪي سڌاوا         لال جي ملهوترا

محمد هاشم گذدر       سهراب ڪي. ايڇ ڪڙڪ        شمبو ناٿ مول راج

 

ڪراچي ميونسپلٽي جا چونڊيل ميئرز/ ناظم

 

يوسف هارون   مينويل مسڪٽا       حڪيم محمد احسن

غلام علي الانو        ايس. ايم توفيق               عبدالستار افغاني

ڊاڪٽر محمد فاروق ستار      نعمت الله خان (ناظم)    سيد مصطفيٰ ڪمال (ناظم)

ڪراچي ميونسپلٽي جي پراڻي آفيس بندر روڊ      

شهري ضلعي حڪومت ڪراچي جي هاڻوڪي آفيس سوڪ سينٽر، گلشن اقبال

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org