شهيد قادو مڪراني:
منهنجو مامون علي محمد جيڪو چمن سينيما منگهو پير
روڊ (پاڪ ڪالوني) ۾ ملازم هو. هو ۽ ان جو وڏو ڀاءُ
ماما الله بخش نوان لين ٻڪرا پڙي ۾ رهن ٿا. انٽر ۾
ايس.ايم سائنس ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران آئون انهن وٽ
رهيل هوس ته موڪل وارن ڏينهن چمن سينيما ۾ مامي جي
ماني کڻي ويندو هوس. ان جو فائدو اهو ٿيندو هو جو
پشتو فلمن جو ڪجهه حصو ڏسڻ لاءِ ملي ويندو هو.
ڇاڪاڻ ته چمن سينيما ۾ پشتون فلمون لڳنديون هيون.
2007ع ۾ جڏهن منهنجو انهيءَ پاسي وڃڻ ٿيو ته
اورنگي نئين جي ڪپ تي ٺهيل اها سينيما بند ٿي چڪي
هئي. ان جي جاءِ تي رهائشي اسڪيم چمن انٽر پرائيزز
جا بورڊ لڳل هئا. هڪ ڀيري سينيما ۾ اردو فلم ”جاڳ
اڻها انسان“ لڳل هئي. اها پوري ڏٺم. اها پنهنجي
دور جي ڪامياب فلم هئي. فلم ۾ محمد علي، وحيد
مراد، زيبا ۽ ڪمال ايراني ڪم ڪيو هو. اها فلم ڪڇ ۽
ڪاٺياواڙ واري علائقي ۾ انگريز سرڪار خلاف بغاوت
ڪندڙ حريت پسند قادر بخش بلوچ عرف قادو مڪراني تي
ٺهيل هئي. قادر بخش بلوچ جو ڪردار محمد علي ادا
ڪيو هو. اها فلم جاويد شيخ جي پهرين فلم هئي. جنهن
۾ هو فقط هڪ منظر ۾ اٺن تي ويندڙ قافلي ۾ هڪ عورت
جي روپ ۾ ڏيکاريل آهي.
قادر بخش بلوچ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ ڀرپاسي ۾ انگريز
سرڪار کي ٽوٽا چٻايا هئا. انگريزن قادر بخش ۽
ساٿين کي ڌاڙيل قرار ڏيئي انهن جو گهيرو تنگ ڪيو
ته گهڻن لڏپلاڻ ڪري ڪراچي جو رخ ڪيو. آخر ۾ قادر
بخش به ڪراچي پهتو. ڪراچي جيئن ته انگريزن جي قبضي
۾ هو. قادو مڪراني، مولا عيسيٰ ڳوٺ ملير مان اٺ
ڀاڙي تي حاصل ڪري پهرئين ڪراچي جتي ان جي گهر واري
اڳ ۾ ڪاٺياواڙ کان آيل هئي، ملڻ کان پوءِ مڪران
وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ان وٽ بچاءُ لاءِ تلوار ۽ خنجر
هئا. جيڪي اٺار ڏسي ورتا ان کي ڊپ ٿي پيو. هو اٺ
سميت سڌو بغدادي ٿاڻي پهتو. قادو ڪراچي جو اڻ واقف
هو جڏهن هن پوليس وارن کي ڏٺو ته ڳالهه سمجهي ويو.
اٺار کي اها خبر نه هئي ته هي پوليس کي گهربل قادو
مڪراني آهي. هو فقط تلوار ۽ خنجر کي ڏسي پوليس کي
اطلاع ڏيڻ ويو هو. قادو خطرو ڏسي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي.
پوليس ان کي سڃاڻي ورتو ۽ ان جو پيڇو ڪيو. گل محمد
لين واري علائقي ۾ هڪ ماڻهو ڀتر سان قادو کي زخمي
ڪيو ۽ ائين قادو مڪراني (قادر بخش بلوچ) کي گرفتار
ڪري ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيد ڪري مٿس بغاوت جو
مقدمو هلايو ويو. نيٺ هڪ طرفو فيصلو ٻڌائي قادو
مڪراني کي ڦاهي ڏني ويئي. ڦاهي کانپوءِ قادو
مڪراني کي ميوا شاهه قبرستان جي ڪلاڪوٽ واري حصي ۾
دفنايو ويو.
فلم ڏسڻ کان پوءِ مامي علي محمد، قادر بخش بلوچ
بابت ٻڌايو. هو قادر بخش کان وڌيڪ قادو مڪراني طور
مشهور آهي ۽ اڄ به قادو مڪراني طور سڃاتو وڃي ٿو.
هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته اسان جا اڪثر سنڌي ۽
اردو ڳالهائڻ وارا دوست لياري جي آفريقي نرﱞاد
بلوچن کي مڪراني چون ٿا. پر بلوچن ۾ جن جو واسطو
مڪران سان آهي. سڀ مڪراني آهن. قادر بخش جي وڏن جو
تعلق به مڪران سان هو جيڪي پوءِ لڏي اچي گجرات ۾
رهيا پر اُهي مڪراني طور مشهور ٿيا. فلم ڏسڻ
کانپوءِ ماما علي محمد سان گڏ قبر تي آيس. قبر تي
هڪ پراڻي پٿر تي شهيد قادو مڪراني سڪنه گجرات ۽
هيٺ فارسي جو هڪ شعر لکيل هو. قبر جي سراندي کان
کجور جو وڻ مس نسري رهيو هو. هتي هڪ مجاور عورت
ڌاڳا ڏيئي رهي هئي.
اها 1975ع جي ڳالهه آهي. هاڻي جڏهن ڪراچي جي تاريخ
تي ڪتاب لکڻ شروع ڪيم ته ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ قادو
مڪراني اداڪار محمد علي جي روپ ۾ سامهون آيو ته
ٻيهر دوستن جمال ناصر بلوچ، يعقوب بلوچ ۽
عبدالجبار بلوچ سان هن قبر تي پهتس. قبر کي ننڍي
چار ديواري ۾ ڪيو ويو. خطبي جو پراڻو پٿر هٽائي هن
کي ضايع ڪرڻ جي بجاءِ ديوار سان لڳايو ويو آهي.
ڇاڪاڻ ته پٿر جو اهو خطبو شهيد جي دفن ٿيڻ وقت
لڳايو ويو هو. نئون پٿر لڳايو ويو جنهن تي لکيل
آهي ”شهيد قادو مڪراني مجاهد“ کجي جو وڻ سڪي ويو
هو پر ٿڙ بيٺل هو، جنهن تي ڪارا ڌاڪا ٽنگيل هئا ۽
قبر تي ڌاڳا رکيل هئا. گورڪن احمد ٻڌايو ته اڳين
ڪڇ ۽ گجرات مان گهڻا مارواڙي ۽ سلاوٽي بلوچ قبر تي
ايندا هئا. هنن جي هڪ ڀيڻ آسو ڳوٺ ۾ رهندي هئي.“
مارواڙي اڄ به شادي جي سهرن ۾ قادو مڪراني جا گيت
ڳائين ٿا. ڌاڳا قبر جي ڊيگهه مطابق باد واري تپ جي
مريضن کي ڏنا ويندا آهن. صاف سٿري قبر ڏسي دل کي
راحت ملي. هڪ شهيد جي قبر جي حفاظت ته ٿيل هئي.
قادر بخش عرف قادو مڪراني جا مائٽ اڄ به ڪلاڪوٽ
لياري ۽ آسو ڳوٺ ملير ۾ رهن ٿا پر هو اڄ به انگريز
جي ڌاڙيل واري پروپئگنڊا ڪري هيسيل آهن. ڪنهن کي
ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهن. اسان کي گهرجي ته
پنهنجن ٻين شهيد سان گڏ قادر بخش عرف قادو مڪراني
شهيد جيڪو اسان جي تاريخ ۾ اسان کان وسري ويو آهي.
ياد ڪريون هن جي تاريخ، خاندان ۽ جدوجهد تي تحقيق
ڪري عوام تائين پهچايون. ٻين گمنام شهيدن سان گڏ
شهيد قادر بخش جي شهادت جو ڏينهن ملهايون ۽ ان جي
قبر تي عقيدت جا گل رکون ته جيئن هن جي مائٽن کي
نئون حوصلو ملي.
قادو مڪراني، گهڻن ئي وطن تان قربان ٿيندڙ شهيدن
وانگر اسان جي تاريخ جي پني تان گم آهي. انهن شهيد
جي خون سان رڱيل انڊلٺي تاريخ کي ٻيهر لکڻ جي
ضرورت آهي. سنڌ ڌرتي جي هن شهر ڪراچي ۾ شهيد ٿيندڙ
کي تاريخ ڌڻين، سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي ساٿ
جي ضرورت آهي.
عبدالستار ايڌي:
ڪراچي جي سماجي حوالي سان ذڪر جڏهن به ايندو ته
عبدالستار ايڌي جو ذڪر ضرور ٿيندو. ورهاڱي کان اڳ
ساڌو هيرانند کان جمشيد مهتا، مولوي محمد عثمان
کان مولانا محمد صديق ميمڻ تائين سماجي ڪمن ۾ حصو
وٺي ڪراچي جي خوبصورتي ۾ واڌارو ڪيو. اهي بي لوث
ماڻهو هئا جن ڪراچي کي پنهنجي پگهر سان گڏ رت ڏنو
۽ ڪراچي جي خوبصورتي ۾ واڌارو ڪيو. انهن سماجي،
سياسي ۽ قومي ڪارڪنن جو ذڪر ڪتاب جي مختلف بابن ۾
به ڪيل آهي.
عبدالستار ايڌي
ورڱاهي کان پوءِ سماجي ڪمن ۾ گهڻن ماڻهن حصو ورتو.
پر عبدالستار ايڌي جو نالو سڀني کان مٿانهون آهي.
ڪراچي ۾ ايڪسيڊنٽ ٿيل چچريل لاشن کان وٺي دهشتگردن
هٿان گولين سان پروڻ ٿيل ٻورين ۾ بند لاش هجن انهن
سڀني لاوارث لاشن جو وارث ڪراچي ۾ فقط ايڌي هو ۽
آهي. ايڌي جو ڪراچي کان سواءِ پوري ملڪ ۾ سماجي
ڪمن جو نيٽ ورڪ موجود آهي. بدين جو طوفان هجي.
ڪشمير جو زلزلو هجي، گاج نئين جي تباهي هجي يا
ڪراچي جي ڳوٺن ۾ گيسٽرو جي بيماري هجي، سڀني کان
اڳ ۾ پهچڻ وارو شخص عبدالستار ايڌي آهي. ايڌي به
ڪراچي ۾ موجود دهشتگردي جي ڪري گهڻا ئي ڀيرا مايوس
ٿي پنهنجو ڪم بند ڪيو پر ماڻهن جي ايلازن تي ان
ٻيهر ڪم شروع ڪيو. غريب، لاوارث ماڻهن جي مدد
کانسواءِ جانورن جي علاج، لاوارث جانورن لاءِ سپر
هاءِ تي ”گهر“ به ٺهرايو آهي.
ڪراچيءَ جا استاد راڳي:
استاد محمد جمن:
ڪراچي جو ذڪر ڪراچي جي استاد فنڪارن کان سواءِ
مڪمل نه آهي. فنڪارن ۾ ڳائڻ جي شعبي ۾ محمد جمن جي
ذڪر کانسواءِ ڪراچي جي تاريخ ۽ سنڌي موسيقي اڌوري
آهي. جڏهن به سنڌي موسيقي جو ذڪر ٿيندو ته محمد
جمن جو نالو اڳڀرو هوندو. محمد جمن جا وڏا اصل
لسٻيلي بلوچستان جا هئا پر محمد جمن هاڻوڪي ڪراچي
ڪوهستان جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي ڪارو ديهه ڪنڊ جهنگ ۾
ڏهين آڪٽوبر 1935ع ۾ ڄائو. اهو ڳوٺ هن وقت يونين
ڪائونسل گڏاپ، گڏاپ ٽائون ۾ آهي. جتي اڄ به ڪو پڪو
۽ مٽي جو به گهر ڪونهي. سڀ گهر ڪکاوان آهن. سندس
پيءُ جو نالو حاجي احمد هو. محمد جمن خانداني سازن
وڄائڻ وارو هو. راڳ جي باقاعده سکيا هن استاد نظر
حسين کان ورتي جيڪو ميڊم نورجهان جو به استاد هو.
شروع ۾ محمد جمن ريڊيو تي بانسري وڄائيندو هو ۽
ريڊيو تي ملازم به هو. آگسٽ 1955ع ۾ جڏهن حيدرآباد
ريڊيو اسٽيشن ٺهي ته اتي موسيقار جي حيثيت سان
موڪليو ويو. هن شاهه جي صوفياڻي رنگ ۽ شاهه کي ٺيٺ
سنڌي رنگ ۾ پيش ڪيو. استاد محمد جمن سنڌي فلم
”تنهنجيون ڳالهيون سڄڻ“ ۽ اردو فلم ”ڪالو مڪراني“
لاءِ ڳايو به هو. استاد محمد جمن اردو، سرائيڪي،
سنڌي ۽ بلوچي ۾ ڳايو.
ڪراچي ۾ استاد محمد جمن عثمان ڳوٺ جيڪو ڳجهڙي ڍوري
جي ڪپ تي حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ جي سامهون آهي، رهندو
هو. 24 جنوري 1990ع تي استاد محمد جمن اسان کان
هميشه لاءِ موڪلائي ويو.
استاد شفيع محمد جمن:
استاد جي حياتي ۾ سندس پٽ شفيع محمد جمن ڳائڻ واري
سفر ۾ پير پاتو. استاد محمد جمن جي شاگردي ۾ هن
اهو سفر شروع ڪيو. شفيع محمد جمن 20 جنوري 1956ع ۾
ڪراچي ۾ عثمان ڳوٺ ۾ ڄائو. شفيع ۽ استاد جمن جي
آواز ۾ ڪو فرق نه هو. شفيع به استاد جون سڪون
لاهيندو هو. شروع ۾ هو محفلن ۾ پيءُ سان گڏ ويندو
هو. شفيع جمن به پيءُ وانگر ڳائڻي سان گڏ موسيقار
به هو. ريڊيو ۽ ٽي.وي جي مختلف پروگرامن جو ڪمپوزر
هو. 28 آگسٽ 2002ع ۾ هي امر آواز به هميشه لاءِ
بند ٿي ويو. سندس والد جي ڀر ۾ شفيع کي به دفنايو
ويو ۽ ائين موسيقي جي هڪ تاريخ دفن ٿي ويئي. محمد
جمن جو هڪ پٽ اويس جمن به آهي.
استاد محمد حسن انگياڻي:
ملير ڪينٽ لڳ ٿڌي نئين جي ڪپ تي ديهه کرکري جو
علائقو شروع ٿئي ٿو. هتان جي هڪ ڳوٺ ۾ سنڌي موسيقي
جو روشن نانءُ اتاد محمد حسن انگياڻي 1938ع ۾ پيدا
ٿيو. استاد پاڻ هن ڳوٺ جو نالو کاکڙ ٻڌائي ٿو پر
ديهه کاکڙ وارو علائقو هن وقت يونين ڪائونسل لانڍي
۾ آهي ۽ جيڪو ميمڻ ڳوٺ کانپوءِ ملير ندي جي پراڙ
وارو علائقو آهي. استاد جنهن ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هن جو
نالو خيال آهي ته ڳوٺ صالح محمد رونجهو آهي. هي
قديم ڳوٺ ديهه کرکري ۾ ٿڌي نئين جي ڪپ تي ملير
ڪينٽ سان لڳ آهي.
استاد محمد حسن جو پيءُ محمد فقير (ممون فقير) به
ڳائڻو ۽ طبلي نواز هو. ڪنهن وقت ۾ استاد جا ٻه
ڀائر الهڏنو (شيدو) ۽ محمد حسين به استاد سان گڏ
محفلن ۾ ڳائيندا هئا. اڳتي هلي هن فقط موسيقاري جي
پاسي ڌيان ڏنو ۽ ريڊيو ۽ ٽي. وي ڪمپوزر جي حيثيت
سان هن پاڻ کي مڃرايو. سنڌي کانسواءِ بلوچي، اردو
۽ سرائيڪي ۾ گيت ڪمپوز ڪندو آهي. موسيقار شاهد ڀٽو
سندس شاگرد آهي. سندس پٽ غلام مرتضيٰ به ڳائيندو
آهي. سنڌي جي اڪثر فنڪارن سندس ڪمپوزيشن ۾ ڳايو.
استاد محمد ابراهيم:
استاد محمد ابراهيم جيڪو 1920ع ۾ ڪڇ ۾ احمد ڪڇي جي
گهر ۾ ڄائو. استاد محمد ابراهيم جي جاءِ پيدائش ڀڄ
کان ڇٽيهه ميل پري ڳوٺ سيلايا آهي.
ورهاڱي کان اڳ استاد محمد ابراهيم ڪراچي آيو. جتي
هن ڪراچي جي بندر تي انجنيئر ورڪس کاتي ڪياماڙي ۾
نوڪري ڪئي. ڳائڻ جي شوق ڪري نوڪري ڇڏائجي ويس.
شروع ۾ هو ڪڇي ۾ ڳائيندو هو. سنڌي سکڻ کانپوءِ هن
سنڌي راڳ ۾ نالو پيدا ڪيو. استاد محمد ابراهيم
اردو جو سٺو راڳي هو. سنڌي اردو کانسواءِ بلوچي،
سرائيڪي، گجراتي، ڪڇي ۽ پشتو ۾ به ڳايو. ماسٽر
محمد ابراهيم جي ڳايل نغمن جو ڳاڻيٽو هزارن ۾ آهي.
ماسٽر سنڌي فلمن ۾ ورهاڱي کانپوءِ ٺهندڙ سنڌي فلمي
نغمن ڳائڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. روبينا قريشي،
عبدالله پنهور، عبدالله ڪڇي، زرينا بلوچ سندس پٽ
احمد ابراهيم، سُشيلا مهتاڻي ماسٽر جي شاگردن مان
آهن.
1997ع ۾ ماسٽر ابراهيم اسان کان هميشه لاءِ
موڪلائي ويو ۽ ميوا شاهه قبرستان ۾ دفن آهي. سندس
پٽن ۾ نور محمد بالا سٺو شاعر هو ۽ ٻيو پٽ احمد
ابراهيم به ڳائيندو هو.
استاد عبدالله پنهور:
عبدالله پنهور فيبروري 1937ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. ان وقت
ٺٽو ڪراچي ضلعي ۾ شامل هو. سندس پيءُ حاجي سليمان
يڪتاري ۽ گهڙي تي ڳائيندو هو. ننڍپڻ ۾ ڪراچي جي
وسندي لياري ۾ اچي رهيا هئا. عبدالله پنهور کڏي جي
مدرسي جامع مظهر العلوم مان ميٽرڪ پاس ڪري پڙهائڻ
واري پيشي سان وابسطا رهيو. ڳائڻ جي شوق ڪري
ماستري واري نوڪري ڇڏائجي ويس. پوءِ مختلف پراويٽ
ادارن ۾ مزدوري ڪندو رهيو.
عبدالله پنهور سنڌي کانسواءِ بلوچي، اردو، سرائيڪي
۽ گجراتي ٻولين ۾ به ڳائيندو آهي. عبدالله پنهور
جي ڳايل نغمن جو انگ هزارن ۾ آهي. ڪو وقت هو جو
ماڻهو شاديءَ جون تاريخون به استاد کان پڇي پوءِ
ٻڌندا هئا. ڇاڪاڻ ته هو ايترو مصروف هو جو هن وٽ
ٻن ٻن مهينن تائين محفلون بڪ هونديون هيون. هن وقت
استاد ڪنڀار واڙي لياري ۾ رهي ٿو.
انهن استادن ڳائڻن ۽ موسيقارن کان سواءِ ڪراچي ۾
سنڌي فن جي خدمت ڪندڙن ۾ عبدالله ڪڇي، موسيٰ حسين
سمون، مولابخش لاسي، سيد سليمان شاهه، ڪارو شيخ،
ماسٽر اياز ڪڇي، عبدالله ڪڇي جو پٽ غلام علي ڪڇي،
بينجو نواز بلاول بليجم، موسيقار عبدالله بيمتيو
ابراهيم حيدري وارو، ثمينه ڪنول، طفيل سنجراڻي
جيڪي سنڌي بلوچي، اردو ۽ سرائيڪي ۾ ڳائيندا هئا ۽
ڳائي رهيا آهن. دلچسپ ڳالهه هي آهي جو انهن ۾ گهڻن
فنڪارن جو واسطو سواءِ استاد محمد جمن، شفيع محمد
جمن، استاد محمد حسن جي سڀني جو واسطو لياري سان
آهي. گهڻا پنهنجي علائقن مان لڏي هميشه لاءِ لياري
جو حصو ٿي ويا. جن ۾ سيد سليمان شاهه جيڪو ٺٽي ۾
پيدا ٿيو ۽ لياري ۾ جمن شاهه پلاٽ تي رهيو ۽ ميوا
شاهه ۾ دفن ٿيو. مولابخش لاسي اٿل مان اچي ميران
ناڪي تي رهيو ۽ اڄ به هتي رهي ٿو. ڪارو شيخ ٺٽي
مان اچي لياري کي وسايو.
بلوچي فنڪارن جو ذڪر جن جو تعلق ڪراچي سان آهي.
لياري ۽ ملير واري بابن ۾ ڪيل آهي.
ورهاڱي کانپوءِ هندستان مان گهڻن سريلن فنڪارن
گوين ڪراچي جو رخ ڪيو ۽ پنهنجي خوبصورت آواز ۾
اردو ڳائڻ کي بلندين تي پهچايو انهن مان هڪ نالو
مهدي حسن جو به آهي. انڊيا جي نالي واري ڳائڻي لتا
جي بقول ”ته مهدي حسن جي گلي ۾ ڀڳوان رهي ٿو.“
مهدي حسن کانسواءِ ٻين ڳائڻن ۾ حبيب ولي محمد،
محمد علي شهڪي، عالمگير، زوهيب حسن، مرحومه نازيه
حسن، جنيد جمشيد، سجاد علي، حسن جهانگير ۽ ٻين
عوام ۾ مقبوليت حاصل ڪئي.
ماڙيپور:
هتي پراڻي ماڙي ڪري ان علائقي جو نالو ماڙيپور پيو
آهي. هي علائقو سمنڊ جي ڪناري هئڻ ڪري هتي 1878ع ۾
لوڻ جو ڪارخانو کوليو ويو. ورهاڱي وقت هتي لوڻ جا
نو ڪارخانا هئا. جن مان پنج هلندڙ هئا. پوءِ
حڪومتي ادارن هڪ فيڪٽري مالڪ سان ملي ڪري ان کي
جاپان ۾ لوڻ موڪلڻ جو ٺيڪو ڏنو. ڇاڪاڻ ته ان وقت
جاپان ۾ لوڻ جي ضرورت هئي. جاپان ۾ لوڻ کاڌي
کانسواءِ ڪپڙي جي صعنت ۾ به استعمال ڪيو ويندو
آهي. ماڙيپور جي لوڻ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ جهونا
اڄ به چون ٿا ته سنڌ جي ان وقت جي وڏي وزير جيڪو
بئيريسٽر به هو. پي.سي.ايس.ايڇ ۾ هڪ بنگلي ۽
آمريڪي شيو (Chov)
ڪار جي عيوض جاپان هڪ فيڪٽري جي مالڪ جي حوالي
ڪيو. جنهن جو مالڪ فيڪٽري کان سواءِ ان دور ۾ شراب
جي اسمگلنگ جي بادشاهه طور مشهور هو. جاپان جيئن
ته اهم منڊي هو، اهو فقط هڪ مالڪ کي ڏنو ويو ته
جنهن جي ڪري ٻيون فيڪٽريون بند ٿي ويون ۽ هتي
آسپاس جا ڳوٺاڻا بيروزگار ٿي ويا.
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته، ”ورهاڱي وقت هتي لوڻ جي
ڪارخانن ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جا ڳوٺ هئا هڪ
ٽٽل رستو صدر کان لياري ٻين برساتي ندين ۽ ڍورن کي
پار ڪري ماڙيپور وليج تائين ايندو هو. هن کان اڳتي
ٻه رستا ٻلهيجي اک ڦاٽو ۽ گابي پٽ ڏانهن ويندا
هئا. ٻاهر جا ماڻهو انهن علائقن ۾ تفريح لاءِ
ويندا هئا. انگريزن انهن تفريحي علائقن کي هاڪس بي
۽ سينڊس پٽ جو نالو ڏنو. سالٽ ورڪس (لوڻ واري ڪم)
جي ان علائقي ۾ وڏن ٻارن ۽ کيٽن ۾ سمنڊ جو پاڻي
جمع ڪري ان کي سڪائي پوءِ احتياط سان لوڻ گڏ ڪيو
ويندو هو. هر فيڪٽري لاءِ الڳ علائقو مقرر هوندو
هو.“ پراڻا مزدور ڳالهه ٿا ڪن ته، ”انهن کي فيڪٽري
مالڪن پاران ڪا سهوليت نه هوندي هئي ته اگهاڙين
پيرين لوڻ ۽ لوڻياٺ واري پاڻيءَ ۾ ڪم ڪرڻ سان انهن
جي پيرن جا ننهن ۽ چمڙي لهي ويندي هئي. علاج جي
سهولت لاءِ هڪ اسپتال هوندي هئي جنهن ۾ به ڪا
سهولت نه هئي.“
گهڻا لکندڙ ۽ ڪراچي تي لکيل ڪتابن ۾ ماڙيپور کي
1878ع ۾ حڪومت پاران مقرر ڪيل سالٽ ريونيو آفيسر
اي.جي مري جي نالي سان منسوب ڪندا آهن ۽ ان کي
”ماري پور“ لکن ٿا، اهو غلط آهي. جڏهن انگريزن
ڪراچي تي قبضو ڪيو. ”ماڙيپور“ ان وقت به موجود هو.
هاڻي مورڳو ”ماڙيپور“ جو نالو بدلائي ”مسرور بيس“
رکيو ويو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هتي رائل
پاڪستان ايئر فورس اسٽيشن 1948ع ۾ قائم ڪيو ويو.
جنهن جو پهريون ونگ ڪمانڊر زيڊ. احمد کي مقرر ڪيو
ويو. مورڙي جي قبر به هتي ڇانوڻي واري علائقي ۾ هڪ
پراڻي قبرستان ۾ ٽڪري تي آهي.
شير شاهه:
شير شاهه هن وقت ايشيا جي وڏي ڪٻاڙي بازار طور
سڃاڻپ رکندڙ آهي، جتي گڏهه گاڏي کان وٺي سامونڊي
جهازن جا پرزا ملي وڃن ٿا. جنهن بازار سان هزارين
ماڻهن جو روزگار ٻڌل آهي.
مورڙي جي هن قديم ڳوٺ ۾ جڏهن هڪ بزرگ شير شاهه
آستانو جوڙيو ۽ وفات کان پوءِ هن کي مورڙو قبرستان
۾ دفن ڪيو ويو ته مورڙو ڳوٺ جي هڪ حصي جو نالو شير
شاهه وليج پيو. شير شاهه، سيد صالح محمد شاهه جو
ڏاڏو هو. سيد صالح محمد شاهه 1947ع ۾ مسلم ليگ
موسيٰ لين جي يونٽ جو ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر به
رهي چڪو هو.
شير شاهه ڳوٺ وارو رستو ڪراچي ڏانهن ايندڙ ٻين
رستن وانگر قديم رستو آهي. شير شاهه وارو علائقو
به اورنگي، گڏاپ، منگهوپير، ملير ۽ لانڍي وانگر
قافلن جو پڙاءُ هوندو هو. دڙٻو ۽ ان جي مختلف ننڍن
ننڍن بندرن تي اچڻ لاءِ قافلا ٻين رستن سان گڏ هي
رستو به اختيار ڪندا هئا. هي اهم رستو هوندو هو
جيڪو اڳتي هلي حب ندي روڊ جي نالي سان سڃاتو وڃي
ٿو. قافلا هتي ترسڻ کانپوءِ شهر جي بندرن ڏانهن
ايندا هئا. هتي ڪجهه اهڙيون گهاڙي قبرون آهن جن جي
پٿرن تي لکيل اکر پڙهڻ ۾ نٿا اچن ۽ گهڻن انهن کي
رومن ٻولي قرار ڏنو آهي. انهن اکرن تي تحقيق جي
ضرورت آهي. ڪٿي ائين نه ٿئي جو انهن جو حشر به
تاريخي ماڳن وانگر ٿئي ۽ اها لکيل تاريخ هميشه
لاءِ ختم ٿي وڃي. شير شاهه جي هن اهم پڙاءُ ۾ ڪنهن
دور ۾ پنج کوهه هوندا هئا جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته
اهي 17 صدي ۾ هتي ترسندڙ قافلن لاءِ کوٽيا ويا
هئا. جن ۾ هڪ کوهه اڃا به موجود آهي. کوهن سان هڪ
چبوتري واري پراڻي مسجد به هئي. 1960ع ۾ ان جي
جاءِ تي هاڻوڪي مسيت اڏي ويئي آهي.
ترائي وارو علائقو جيڪو هاڻي مسرور بيس جو حصو
آهي. هتي بلوچ قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهو ويٺل
هئا. برطانيا حڪومت جڏهن ايئربيس جو ڪم شروع ڪيو
ته اهي ماڻهو شير شاهه ۾ جتي ٻيا ڳوٺ هئا هتي اچي
رهيا ۽ انهن مان ڪجهه ڪلري واري علائقي ۾ وڃي
ويٺا. 1951ع ۾ انهن جو ڳوٺ پراچا مل وارن کي الاٽ
ڪري انهن کي ٻيهر اٿاريو ويو ته اهي اچي مورڙو ڳوٺ
۾ ويٺا. ياد رهي ته پراچا مل جو افتتاح لياقت علي
خان ڪيو جيڪو ان وقت پاڪستان جو وزيراعظم هو. اها
زمين به مل مالڪ کي لياقت علي خان الاٽ ڪئي هئي.
سائيٽ جي علائقي ۾ ٺهندڙ اها پهرئين مل آهي.
ذڪري فرقي جو پير مرشد به مورڙو قبرستان ۾ دفن
آهي. جنهن تي وفات جو سال 1884ع لکيل آهي. جنهن جو
نالو سيد داد ڪريم شاهه آهي.
مورڙو ڳوٺ انگريزن جي سروي ڪيل ريڪارڊ تي به آهي.
ڳوٺ لاءِ زمين هڪ ٽامي جي ٽڪر تي الاٽ ڪري ڏنو ويو
هو. سروي وقت هي ڪکاوان گهر هئا ته انگريزن انهن
جي گهرن جو ٽيڪس معاف ڪيو. مورڙو ڳوٺ ۾ سنڌي پاڙو،
ذڪري پاڙو (بلوچ)، بروهي پاڙو موجود آهن. مورڙو
ڳوٺ ۾ رهندڙ بلوچن جو چوڻ آهي ته انهن جي وڏن سڀ
کان اڳ اهو ڳوٺ آباد ڪيو هو. ڪنهن دور ۾ هتي
هندوئن جي وڏي آبادي هئي. هاڻي فقط چند گهر بچيا
آهن.
1951ع ۾ جڏهن سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽ (سائيٽ)
ٺهيو ته سنڌ حڪومت 4600 ايڪڙ زمين صنعتي زون لاءِ
الاٽ ڪيو. جنهن ۾ گلٻائي، ليبر اسڪوائر، باواني
چالي، حسن اوليا وليج، شير شاهه ڪالوني ۽ ميٽروول
شامل هئا. هن ۾ هاڻوڪي شير شاهه ڪالوني جو رقبو
277 ايڪڙن تي ٻڌل محمدي روڊ کان مورڙو ڳوٺ تائين
هو.
انگريز سرڪار سروي وقت درگاهه ۽ هن سان لڳ زمين
سيد صالح شاهه کي شير شاهه جي درگاهه کان مورڙو
ڳوٺ تائين وارو علائقو الاٽ ڪيو هو. جنهن جا ڪاغذ
پٽ، سرٽيفڪيٽ اڄ به انهن جي اولاد مان سيد شير علي
شاهه وٽ موجود آهن. جڏهن سيد صالح شاهه جي پٽ سيد
اميد علي شاهه مورڙي ڳوٺ تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
ته مورڙي ڳوٺ جي رهواسين عدالت جو در کڙڪايو.
انگريزن جي ڏنل سرٽيفڪيٽ جي آڌار تي مورڙي ڳوٺ
وارن ڪيس کٽيو.
سيد صالح شاهه واري زمين 1950ع ۾ لياقت علي خان 99
سالن جي مالڪاڻي ليز تي بمبئيءَ جي هڪ واپاري سيد
رضا حسين ترمذي کي الاٽ ڪئي. سيد رضا حسين ترمذي
انهيءَ زمين تي بعد ۾ پلاٽنگ ڪري هندستان مان آيل
پناهگيرن ۾ وڪرو ڪئي. صالح شاهه عدالت جو در
کڙڪايو ۽ ڪيس اڃا تائين هلندڙ آهي ۽ صالح شاهه جي
اها زمين جيڪا هن کي مالڪاڻي حق تي مليل هئي، هن
وقت وڏي ڪالوني ٺاهي ويئي آهي. ڪيس جو فيصلو ڇا به
ٿئي. هاڻي هتي رهائش رکندڙن کي اٿارڻ ڏکيو آهي.
ترمذي پئسا وٺي هليو ويو. اهو ڪيس هاڻي صالح شاهه
جي اولادن ۽ سٽي حڪومت جي وچ ۾ هلندڙ آهي. هاڻي
مسئلو زمين خالي ڪرائڻ جو نه آهي. صالح شاهه جا
اولاد هاڻي دعويٰ ٿا ڪن ته 25 پئسا في گز جي حساب
سان انهن کي پئسا ادا ڪيا وڃن جڏهن ته حڪومت پنج
پئسا في گز ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي.
هن
قصي ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته پاڪستان ٺهڻ سان ڪيئن
آباد ڳوٺن ۽ مقامي ماڻهن جي زمينن، درگاهه،
قبرستان ۽ مساڻن جي جاين کي حڪومت جي ذميدار ماڻهن
پنهنجي ماڻهن کي آباد ڪرڻ لاءِ قبضا ڪيا. مقامي
ماڻهن کي ڪيئن بي دخل ڪيو ويو. صالح محمد شاهه
جيڪو مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن هو. هن سان به اهڙو
حشر ڪيو ويو جو هن جا اولاد اڌ صدي گذرڻ جي باوجود
عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن.
هي
بلوچ ۽ سنڌين جي اڪثريت وارو علائقو هو ۽ ڪيئن هن
اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو. هي علائقو هن
وقت ڪياماڙي ٽائون جي يونين ڪائونسل -7 شير شاهه
ڪالوني ۾ آهي. هن يونين ڪائونسل ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو
تعداد 41 هزار آهي. يونين ڪائونسل جي آبادي 73
هزار آهي.
عبدالله شاهه جي دور ۾ هي علائقو سائيٽ کان الڳ
ڪيو ويو. هتان قومي اسيمبلي جي سيٽ تان حفيظ
پيرزادو، امير حيدر شاهه، نصيرالله بابر چونڊجي
آيا آهن.
شير شاهه ۾ 28 مختلف مسلڪن جا مدرسا ۽ 26 رجسٽر
سماجي تنظيمون آهن ۽ چار خيراتي اسپتال ۽ هڪ ٿاڻو
آهي. جيڪو 1991ع ۾ وجود ۾ آيو. صدارتي ايوارڊ حاصل
ڪندڙ خدابخش لاسي به انهيءَ علائقي جو رهندڙ آهي.
نئين سبزي منڊي:
ڪراچي جي پراڻي سبزي پڙي لي مارڪيٽ واري جاءِ تي
خير آباد هوٽل تائين هئي. جتي ڪراچي جي پسگردائي
مان اٺن ۽ ڍڳي گاڏين وسيلي تازيون سبزيون ۽ فروٽ
پهچايو ويندو هو. انهيءَ جاءِ تي انگريز دور ۾
1928ع لي مارڪيٽ اڏي ويئي. جتي پرچون جي دوڪانن
کانسواءِ سبزي ۽ فروٽ جا وڏا وڏا دڪان قائم ڪيا
ويا ۽ پاسي ۾ کير پڙي به جوڙي ويئي.
رام باغ واري علائقي ۾ ليمبرٽ مارڪيٽ جيڪا هاڻي
ختم ٿي چڪي آهي.
هڪ
حصي ۾ مڇي ۽ گوشت جي مارڪيٽ به جوڙي ويئي. جيڪي
اڄ به موجود آهن. 1980ع تائين اها صاف سٿري
مارڪيٽ هئي. هاڻي ان جي گهڻن حصن تي پٺاڻن جا دڪان
آهن. مارڪيٽ جي چارديواري ۾ خوبصورت پارڪ به هوندو
هو. پارڪ سان گڏ پوسٽ آفيس به آهي. پارڪ هاڻي
تباهه ٿي ويو آهي.
ٽالپرن جي دور ۾ جوڙيا بازار مشهور هئي پر سبزي ۽
فروٽ لاءِ لياري ندي جي ڪناري هاڻوڪي لي مارڪيٽ وٽ
جاءِ هوندي هئي. انگريزن سبزي ۽ فروٽ کانسواءِ سڀ
کان پهرئين جيڪا مارڪيٽ ٺاهي اها کاري در ۾ مڇي
مياڻ مارڪيٽ هئي. جيڪا 1855ع ۾ اڏي وئي.
1867ع ۾ بولٽن مارڪيٽ واري جاءِ هڪ پراڻي بازار
هوندي هئي. هتي ئي 1885ع ۾ بولٽن مارڪيٽ اڏي ويئي.
جنهن جو نالو ان وقت جي ڪراچي جي ڪليڪٽر مسٽر سي.
ايف بولٽن جي نالي پويان رکيو ويو. جنهن جي ڊيزائن
ڪراچي ميونسپلٽي جي چيف انجنيئر مسٽر جيمز اسٽريچن
تيار ڪئي هئي. مارڪيٽ جي ڊيگهه 100 فٽ ۽ ويڪر 80
فٽ هئي. مارڪيٽ جي اڏاوت تي
42,658
روپيا خرچ ٿيا. انگريزن جي دور ۾ انهن کانسواءِ
ايمپريس مارڪيٽ، بمبئي بازار، گورڌن داس مارڪيٽ،
ليمبرٽ مارڪيٽ، هوتي مارڪيٽ، سولجر بازار، صدر
بازار مشهور هئا. جوڙيا بازار، سونارو بازار (جنهن
جو پراڻو نالو ڪامل گهٽي آهي) کجور بازار به ترقي
ڪئي. ڪامل گهٽي ڪراچي جي پهرئين سونارن جي گهٽي/
بازار آهي.
لي
مارڪيٽ
ايوب خان جي دور ۾ منو ڳوٺ، سليمان ڳوٺ، پنهورن ۽
دبائي جوکين جي ڳوٺن لڳ خالي زمين جتي ايڪڙ ٻيڪڙ
زراعت به ٿيندي هئي. زمين حاصل ڪري ”سبزي منڊي“ جو
بنياد وڌو ويو. جيڪو ان وقت ڪنٽري ڪلب روڊ
(يونيورسٽي روڊ) تي هو. هن مارڪيٽ ٺهڻ سان لي
مارڪيٽ واري سبزي منڊي جون رونقون ختم ٿي ويون.
نئين سبزي منڊي ۾ ايوب خان گهڻا دڪان پٺاڻن کي
الاٽ ڪيا ۽ ائين سبزي ۽ فروٽ مارڪيٽ ۾ انهن جو عمل
دخل وڌيو. اها سبزي منڊي شهر جي وچ ۾ اچڻ ڪري سبزي
۽ فروٽ جي ٽرڪن ڪري ٽرئفڪ جام ٿيڻ لڳي ته 16 اپريل
2001ع ۾ يونيورسٽي روڊ کان سبزي منڊي کي سپر هاءِ
وي ديهه ٿومينگ ۾ ٺهيل نئين سبزي منڊي ڏانهن منتقل
ڪيو ويو. پراڻي سبزي منڊي جي جاءِ تي خوبصورت پارڪ
جوڙيو ويو.
هاڻوڪي نئين سبزي منڊي ايشيا جي سڀ کان وڏي سبزي
مارڪيٽ آهي. پر هن ۾ ڪابه سهولت نه آهي. مزدورن
جي رهڻ لاءِ ڪالوني نه هئڻ ڪري سبزي منڊي جي
پسگردائي ۾ قبضا مافيا پاران ڪچيون آباديون ٺاهي
هتان جي مزدورن جي حوالي ڪيون. سپر هاءِ وي تي هجڻ
ڪري هر وقت ايڪسيڊنٽ ٿيندا رهن ٿا ۽ جنهن جاءِ تي
نئين سبزي منڊي جوڙي ويئي آهي. اهو علائقو لٽ
ڪرمتياڻي نئين جو پيٽ آهي. برساتن ۾ پورو علائقو
ٻوڏ واري صورتحال وارو ڏيک ڏيندو آهي. نئين سبزي
منڊي جي پيڙهه جو پٿر 1991ع ۾ رکيو ويو.
ايشيا جي سڀ کان وڏي سبزي مارڪيٽ ۾ پارڪنگ جو ڪو
انتظام ڪونهي نه ڪا ڊسپينسري آهي ۽ نه ئي گيس جو
ڪو بندوبست ٿيل آهي، پاڻي ۽ بجلي نه هئڻ جي برابر
آهي. صفائي جو ڪو انتظام ڪونهي. نه مارڪيٽ ڪاميٽي
پاران سيڪيورٽي جو ڪو انتظام آهي. 1991ع کان وٺي
2007ع تائين 15 ڀيرا هن جي نقشي ۾ ڦير ڦار ڪيو ويو
آهي نه هن جو نقشو بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان منظور
ڪرايو ويو آهي ۽ نه ئي ايڏي وڏي مارڪيٽ ۾ فائر
برگيڊ اسٽيشن جو ڪو وجود آهي.
نئين سبزي منڊي ۾ ٺهڻ وقت اهو اعلان ڪيو ويو ته
ڪراچي جي ننڍن آبادگارن ۽ زميندارن کي به دڪان ڏنا
ويندا. هن سلسلي ۾ زميندارن کان الاٽمينٽ جي نالي
۾ ٽي ڪروڙ روپيا وصول ڪيا ويا. پر 75 سيڪڙو
زميندار الاٽمينٽ کڻي رُلن پيا ۽ انهن جي دڪانن تي
قبضا ڪيا ويا ۽ گهڻا دڪان چار چار پنج پنج ماڻهن
کي الاٽ ڪيا ويا آهن. مارڪيٽ ڪاميٽي جا عهديدار
انهيءَ ڪرپشن ۽ لٽ مار ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. گهڻن
آڙتين ۽ زميندارن عدالت جو در کڙڪايو پر فيصلي جي
باوجود نئين سبزي منڊي ۾ هڪ طاقتور گروپ جنهن جي
سامهون مارڪيٽ ڪاميٽي به يرغمال آهن. ڪجهه به نه
ٿيو آهي. |