سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 27

 

”پناهه گير جڏهن سنڌ يا پاڪستان ۾ آيا تڏهن سنڌي مسلمانن وڏي دل سان سندن آڌر ڀاءُ ڪيو. شاندار خدمت ڪئي، کارايو، پياريو، جڳهيون ڏنيون، روزگار ۽ نوڪرين سان لڳايو. ڏک درد ميٽڻ ۾ مدد ڪئي. سندس آسائش لاءِ سڀ حق قربان ڪيا. عرض ته کين دل ۾ سانڍيو ۽ صدين کان ويٺل باشندن هندوئن کي هندستان ڏانهن رواني ڪرڻ سندن مرضي هليا ليڪن ان جو نتيجو ڪهڙو نڪتو؟ اسين ڇا ٻڌايون اهو ٿيو پنهنجي پير مان لاهي مٿي تي هڻڻ. هندوئن جون جڳهيون زمينون، نوڪريون وغيره پناهه گيرن کي ڏنيون ويون. هن جو نتيجو اهو نڪتو جو انهن پاران اخبارون ڪڍي سنڌ جي اصلي باشندن کي گاريون ڏيڻ لڳا. ميٽنگن وسيلي ڌمڪيون ڏيڻ لڳا....“

ان وقت جي مڙني سنڌي اخبارن، رسالن سنڌ جو ڪيس پيش ڪيو.

پاڪستان ٺهڻ سان سنڌي صحافت جو ٽيون دور شروع ٿيو. ورهاڱي کان اڳ خصوصي طور هن شعبي ۾ هندو سنڌي ڇانيل هئا. جيڪي انگريزي توڙي سنڌي صحافت ۾ گهڻو اڳتي هئا. هنن وٽ انگريزي ٻولي ۾ ”ڪراچي ڊيلي“، ”سنڌ گزيٽ“، ”سنڌ آبزور“ جهڙيون مضبوط اخبارون هيون ۽ سنڌي روزنامن ۾ هندستان، سنسار چار، هندو سنسار ۽ قرباني (قرباني بعد ۾ سائين جي ايم سيد خريد ڪئي) جن سنڌ جو مضبوط ڪيس پيش ڪيو هو، ورهاڱي کان پوءِ اهو سڀ ڪجهه لڏ پلاڻ جي نظر  ٿي ويو، اديبن ۽ صحافين جو هڪ وڏو لڏو بابت ڄاڻ رکندڙ هئا وڃي چڪو هو. جيڪي رهجي ويا هئا انهن انهيءَ ڳري ذميواري کي نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سياسي سازشن جو ڄار وڇايو ويو. سنڌي ٻولي جي معاملي ۾ حالتون اطمينان بخش نه هيون. پر انهيءَ موقعي تي سنڌ جي پڙهيل طبقي نئين جذبي سان اڳتي وڌڻ جو پاڻ ۾ حوصلو پيدا ڪيو ۽ سازشن جي مقابلي لاءِ مڙس ٿي ميدان ۾ لٿا. صحافت جي ميدان ۾ به نئين حالتن ۽ نئين تقاضائن ۽ تبديل ٿيندڙ وايو منڊل ۾ نوان مقصد کڻي سنڌي صحافي اڳتي وڌيا ۽ پوءِ اڻ ڳڻيون اخبارون ۽ رسالا نڪرڻ لڳا. پر مرڪز ڪراچي جي بجاءِ حيدرآباد هو. اڳتي هلي خاص ڪري 90ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي سنڌي صحافت ۽ ادب جو ٻيو اهم مرڪز اڀري سامهون آيو.

ورهاڱي کان اڳ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران ڪراچي مان ”تعمير“ رسالو جاري ڪيو. جنهن جو ايڊيٽر محمد شفيع انصاري هو. جيڪو ورهاڱي کان پوءِ به نڪرندو رهيو. تعمير رسالي پاران آڪٽوبر 1947ع ۾ پاڪستان نمبر ڪڍيو ويو. 1947ع ۾ حيدرآباد مان هفتيوار اخبار ”نيا زمانا“ نڪتي. جنهن جو ايڊيٽر منشي محمد اسماعيل هو. مرڪزي سرڪار پاران ڪراچي مان 1948ع ۾ پندرنهن ڏيهاڙو اطلاعاتي بليٽن ”نئين زندگي“ سنڌي ۽ اردو ۾ جاري ڪيو ويو. جنهن ۾ هندستان کان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ مهاجرن جي انگن اکرن ۽ آباد ڪرڻ بابت خبرون شايع ٿينديون هيون. 1950ع ڌاري اهو رسالو مڪمل سنڌي ادبي نوعيت جو رسالو بڻجي ويو. رسالي جو روح روان عبدالواحد سنڌي هو. نئين زندگي اڃا سوڌو حيدرآباد ۾ نڪرندو رهي ٿو. ان جي ايڊيٽرن ۾ شمشير الحيدري، شعبان بخت، عبدالجبار لغاري ۽ ٻيا رهيا آهن.

1948ع ۾ ڪراچيءَ مان ماهوار ”اهلم قلم“ جنهن جو ايڊيٽر غلام محمد ساقي سجاولي هو جاري ٿيو. اطلاعات کاتي سنڌ پاران آگسٽ 1948ع ۾ هفتيوار ”اطلاعات سنڌ“ سنڌي ۾ ڪراچي مان جاري ڪيو. جنهن جو نگران اطلاعات کاتي جو ڊاريڪٽر مرحوم قاضي عبدالرحمان ۽ ايڊيٽر علاؤ الدين سمون هو. 1949ع ۾ ڪراچي مان هفتيوار اخبار ”خلافت“ نڪتي.  جنهن جو ايڊيٽر قادر بخش نظاماڻي هو. فيبروري 1950ع ۾ ئي ڪراچي مان سنڌي ۾ ماهوار ”عام راءِ“ جنهن جو ايڊيٽر قاضي فيض محمد هو جاري ڪيو ويو. 1950ع ۾ ئي ڪراچي مان ماهوار ”آفتاب“، جنهن جو ايڊيٽر ”لعل محمد لعل بي. اي هو، جاري ٿيو. 19 جنوري 1952ع ۾ ڪراچيءَ مان روزاني ”نواءِ وقت“ جاري ٿي جنهن جو ايڊيٽر مولوي عبدالغفور سيتائي ۽ محمد ايوب کهڙو اخبار جو مالڪ هو.

1954ع ۾ روزاني ۽ هفتيوار اخبارون ۽ رسالا جيڪي ڪراچي ۾ شايع ٿينديون هيون، انهن ۾ روزاني ”الوحيد“، ”نواءِ سنڌ“ ۽ ”نئين سنڌ“ (جيڪا اپريل 1953ع ۾ جي. ايم سيد شروع ڪئي اڳتي هلي اها ماهوار ٿي) جنهن جو پهريون ايڊيٽر سوڀو گيانچنداڻي هو. حيدرآباد مان روزاني اخبارن ۾ ”هلال پاڪستان“ ۽ ”ڪاروان“ نڪرنديون هيون. حيدرآباد مان هفتيوار آزاد، حريت، جدوجهد، هاري حقدار، عبرت، وطن الهلال، المينار، مجاهد، صداقت، اصلاح، روشني، سنڌ زميندار، پيغام سنڌ، سحر، تنظيم، الحنيف، الحق ستاره، صبح سنڌ، مظلوم، سنڌ مسلم، الحقيقت، انصاف، پاڪستان، انقلاب، هاري، الفقراءِ، همدرد، سچائي، اعلان ۽ دادو گزيٽ کانسواءِ ڏهه ماهوار ادبي رسالا نڪرندا هئا.

ڪراچي مان هفتيوار ”سنڌ سڌار“ ۽ ”شاگرد“ نڪري رهيا هئا. 1955ع ۾ ڪراچي مان روزاني ”مهراڻ“ نڪرڻ لڳي. جنهن جو ،مالڪ سيرومل ۽ ايڊيٽر مولوي خير محمد نظاماڻي هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ پير صاحب پاڳاري اها اخبار خريد ڪئي. جيڪا اڃان تائين حيدرآباد مان نڪري رهي آهي.

1957ع ۾ هفتيوار ”عبرت“ کي قاضي ڀائرن خريد ڪري روزاني بنائي ڇڏي. 1957ع ۾ نئين سنڌ ۽ الوحيد جيڪي ڪراچي مان نڪرنديون هيون، بند ٿي ويون. گهڻيون اخبارون ون يونٽ ۾ سرڪار جي سختين ڪري بند ٿي ويون. روزاني نواءِ سنڌ ۽ مهراڻ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿيون. ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ سنڌي پريس لاءِ ماحول ناسازگار نه هو ڪراچي تي اردو ۽ انگريزي پريس ڇائنجندي ويئي.

پوري ايوبي دور ۾ ڪراچيءَ مان ڪا به سنڌي روزاني اخبار نه نڪرندي هئي. اهو دور سنڌي صحافت لاءِ گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو دور هو. سنڌي پريس کي ڏنل سرڪاري رعايتون ختم ڪيون ويون. مهراڻ کي بند ڪري ان جي ايڊيٽر سيد سردار علي شاهه کي ٻه ڀيرا جيل موڪليو ويو. ڪاروان ۽ خادم وطن بند ٿي ويون. خادم وطن بعد ۾ جاري ٿي. 1961ع ۾ ٻولي واري مسئلي تي سنڌ سراپا احتجاج بڻي. ڇاڪاڻ ته سنڌي کي ميٽرڪ کان گهٽائي ڇهين درجي تائين آندو ويو. سنڌي سياست دانن، شاگردن، عام ماڻهن، اخبارن ۽ رسالن هڪ تحريڪ شروع ڪئي. 9 فيبروري 1962ع تي سنڌي ٻولي جو ڏينهن ملهايو ويو. لڳاتار پندرنهن سال سنڌي پريس تحريڪ هلائي مضمون ڇاپيا، ايڊيٽوريل لکيا. پاڪستان جي تاريخ ۾ اخبارن جو مسلسل حڪومت خلاف مواد ڇپجڻ جو انهيءَ کان وڏو ريڪارڊ ناهي.

اڳتي هلي 1969ع ۾ ”هلال پاڪستان“ شايع ٿيڻ لڳي. ستر ۽ اسي واري پوري ڏهاڪي ۾ ڪراچي مان اڪيلي اخبار ”هلال پاڪستان“ روزاني اخبار هئي. هلال پاڪستان کي 1971ع ۾ حيدرآباد کان ڪراچي آندو ويو. جنهن جو ايڊيٽر جڏهن سراج الحق ميمڻ هو ته ”هلال پاڪستان“ نئين ڍنگ ۽ رنگ سان جاري ٿي. اها اخبار جيئن ته 1977ع تائين پيپلز پارٽي جي اخبار هئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ بند ڪئي ويئي. پر پوءِ شيخ سلطان ٽرسٽ جي حوالي ڪري ٻيهر جاري ٿي. ڪجهه وقت لاءِ مزدورن جي حوالي هئي ۽ هاڻي ٺٽي جي شيرازين خريد ڪئي آهي ۽ اڃان تائين (2007ع) ڪراچي مان شايع ٿي رهي آهي. ڀٽي جي دور ۾ اردو پريس جي واويلا تي سنڌي پريس تي سرڪار پاران وار ڪيو ويو. انهيءَ دور ۾ ”الوحيد“ ٻيهر صحافتي دنيا ۾ آئي پر هلي نه سگهي ۽ بند ٿي ويئي. ”نواءِ سنڌ“ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿي روزاني ٿي. انهيءَ دور ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ روزاني ”سنڌ نيوز“۾ جاري ٿي ۽ صحافتي ۽ سياسي دنيا تي ڇائنجي ويئي. سرڪار جي وار جي نتيجي ۾ گهڻا هفتيوار ۽ ماهوار رسالا بند ڪيا ويا ۽ سنڌي پريس جنهن ۾ ”نئين سنڌ پريس“ شامل هئي، بند ڪيون ويون. سنڌي ڪتابن تي بندش وڌي ويئي. پر پوءِ به سنڌي اديبن ۽ صحافين حوصلو نه هاريو ۽ مقابلو ڪيو. ان دور ۾ عمر الدين بيدار ڪراچي مان ”اديون“ رسالو جاري ڪيو. 80ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي مان علي نواز وفائي جي ”آزاد“ کانسواءِ ”نئين زندگي“، ”سائنس“، ”سنڌي ادب“،”پيغام“ ۽ آئينو ماهوار نڪرندا هئا. آئينو، سائنس، سنڌي ادب ۽ نئين زندگي بعد ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيڻ لڳا. بندش وڌي ويئي ايڊيٽرن کي جيل موڪليو ويو. جن ۾ سهڻي جو ايڊيٽر طارق اشرف، تحريڪ جو ايڊيٽر سيد عالم شاهه ۽ پيغام پبليڪيشن جو ايڊيٽر عبدالواحد آريسر شامل هئا.

1989ع ۾ ڪراچي مان ڪمپيوٽر تي نڪرندڙ پهرئين سنڌي اخبار ”عوامي آواز“ جاري ٿي. جنهن ترقي پسند صحافت کي نئون موڙ ڏنو. جنهن جي ڪري اڳتي هلي ڪراچي سنڌي پريس جي مرڪز ثابت ٿي. صحافين جو هڪ نئون ترقي پسند ٽولو جيڪو ترقي پسند سياست جي نالي سان بيزار ٿي چڪو هو صحافتي لڏي ۾ شامل ٿيو. عوامي آواز جيڪا سنڌي جي پهرئين ڪمپيوٽرائزڊ اخبار آهي. هن اخبار کي سهيل سانگي، امداد اوڍي، فقير محمد لاشاري، محمد خان سولنگي، انور پيرزادي ۽ عبدالرحمان نقاش جهڙن ڪامياب صحافين ۽ نوجوان جاکوڙين جو هڪ جٿو مليو. عوامي آواز سنڌي صحافت ۾ نواڻ پيدا ڪئي. اڳتي هلي حيدرآباد جيڪو سنڌي صحافت جو مرڪز هو اسلم اڪبر قاضي ۽ علي قاضي پاران ”ڪاوش“ جاري ڪئي. جيڪا سنڌ جي پهرئين رنگين، گهٽ قيمت ۽ تڪڙي رپورٽنگ ۽ تجزين واري اخبار ٿي سامهون آئي ۽ ڏينهن ڏينهن هن جي سرڪيوليشن ۾ واڌارو ايندو ويو.

1988ع کان 1991ع تائين ڪجهه ٻيون اخبارون پڌريون ٿيون. ڪراچي مان فقير محمد لاشاري جي ايڊيٽري ۾ ”جاڳو“ ڪڍي ويئي. ادبي ٻولي ۽ ايڊيٽوريل ڪري ان اخبار ادبي دنيا ۾ مقبوليت حاصل ڪئي. اهو هڪ نئون تجربو هو. اخباري ايڊيٽوريل کي اڳ ۾ گهٽ پڙهيو ويندو هو ۽ ان کانپوءِ ماڻهن خبرن پاسي گهٽ پر ايڊيٽوريل پاسي گهڻو ڌيان ڏنو. انهن ايڊيٽوريل تي ٻڌل ٻه ڪتاب به ڇپجي چڪا آهن.

عوامي آواز کان الڳ ٿي امداد اوڍي سنڌ سجاڳ اخبار شروع ڪئي. اڳتي هلي عوامي آواز ۽ سنڌ سجاڳ هڪ پبليشنگ گروپ ٺاهي. امداد اوڍو هن وقت روزاني ”سوڀ“ ڪڍي رهيو آهي. ڪراچي مان ناصر بروهي جي ايڊيٽري ۾ پهرئين سنڌي ڪاروباري اخبار ”بزنس ايڪسچينج“ نڪتي. پر مالي گهوٽالي ڪري بند ٿي ويئي.

1994ع ۾ ڪراچي مان ”برسات“ شروع ٿي. جيڪا يوسف شاهين جاري ڪئي. اڳ ۾ اها ماهوار هئي. اخبار جو ايڊيٽر سردار قريشي هو. اڳتي هلي بدر ابڙو، انور پيرزادو، شيخ اياز به هن سان وابسطا رهيا ته ڪراچي ۾ سنڌي صحافت جون رونقون بحال ٿيون.

نوجوان طبقو نوان خيال ۽ نيون امنگون کڻي صحافت جي ميدان ۾ لٿو ته پوري سنڌ ۾ صحافت، غريب، پورهيت ۽ شاگردن ۽ سياسي ڪارڪنن جو ڇپر ڇانهن ٿيو ۽ سنڌي اخبارن سنڌ جي ڪيس کي حڪومتي ايوانن ۾ مضبوطي سان پيش ڪيو. جيڪو ڪم سياستدان نه ڪري سگهيا اهو ڪم سنڌي اخبارن ڪيو. سنڌي صحافين اڳتي هلي اردو پريس ۾ به جاءِ والاري ۽ هتي به پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪري رهيا آهن.

هن وقت ڪراچيءَ مان روزاني هلال پاڪستان، روزاني عوامي آواز، روزاني تعمير سنڌ، روزاني خبرون، روزاني سوڀ، روزاني نجات، روزاني سڪار، روزاني پاڪ، روزاني سنڌ سجاڳ، روزاني برسات، روزاني عوامي فورم ۽ روزاني سچ نڪري رهيون آهن. روزاني پڪار، روزاني الوحيد (90 واري ڏهاڪي ۾ ٽيون ڀيرو ڪراچي مان شايع ٿيڻ لڳي هئي). روزاني عوامي محاذ به ڪراچي مان نڪرندي هئي جيڪي هاڻي بند ٿي چڪيون آهن.

هن وقت حيدرآباد مان نڪرندڙ اخبار ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن، عبرت گروپ کانسواءِ، روزاني سنڌ ۽ روزاني هلچل جون بيورو آفيسون به ڪراچي ۾ آهن.

ڪاوش گروپ پاران جڏهن پهريون سنڌي سيٽلائيٽ چئنل KTN شروع ڪيو ويو ته ان سنڌي اليڪٽرڪ ميڊيا ۾ انقلاب آندو ۽ سنڌي ماڻهن پوري دنيا ۾ ان جو آڌرڀاءُ ڪيو. بعد ۾ ”سنڌ“ نالي هڪ ٻيو سنڌي چئنل به شروع ڪيو ويو. ٻنهي چئنل جا هيڊ ڪواٽرز ڪراچي ۾ آهن. نون چئنلن جي اچڻ ڪري گهڻي تعداد ۾ سنڌي صحافين اليڪٽرڪ ميڊيا صحافت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اپريل 2007ع ۾ سنڌ ٽي وي پاران سنڌ ٽيلويزن نيوز نالي ڌار چئنل شروع ڪيو ويو. KTN پاران ڌار ميوزڪ چئنل ڪشش به آهي.

سنڌي اخبارن جو مکيه مسئلو هميشه مالي مسئلو رهيو آهي. سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارن ۾ اشتهارن جي سلسلي ۾ سنڌي پريس کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي. اشتهارن جي لالچ ۾ اخبارن ۽ رسالن کي پنهنجي منشا مطابق هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ اشتهار بند ڪيا ويندا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ گهڻيون اخبارون ۽ رسالا بند ٿي ويا. سرڪاري اشتهارن جو گهڻو حصو اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ رسالن کي ملي ٿو.

ورهاڱي کانپوءِ سنڌي افساني ۽ ڪهاڻي سٺي ترقي ڪئي. هن سلسلي ۾ جمال ابڙو، اياز قادري، غلام رباني آگرو، سراج الحق ميمڻ، شيخ اياز، نجم عباسي، امر جليل، علي بابا، رشيد ڀٽي، حفيظ شيخ، ممتاز مرزا، جمال رند، حميد سنڌي، علي احمد بروهي، ابراهيم خليل، رزاق راز، ڪروڙ پتي، آغا سليم، بشير مورياڻي، شمشير الحيدري، ع.ق شيخ، ثميره زرين، بيگم زينت چنا، رشيده حجاب ۽ ماهتاب محبوب، نسيم، کرل، رسول بخش پليجو، غلام نبي مغل، طارق اشرف، زرينا بلوچ، جميله نرگس، قمر شهباز، ناصر مورائي، خواجه سليم، نثار حسيني، عبدالقادر جوڻيجو، نورالهديٰ شاهه ۽ ٻيا سنڌي ادب جي دنيا تي اڀريا ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.

رسالن ۾ ان وقت ڪراچي مان نڪرندڙ نج ادبي رسالو ”سوجهرو“ جيڪو 70ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي مان جاري ٿيو هو. ٻيهر 1998ع کان تاج بلوچ جي نگراني ۾ ڪراچي مان شايع ٿي رهيو آهي. اهو واحد ادبي رسالو آهي جيڪو گذريل اٺن سالن کان مسلسل شايع ٿي رهيو آهي. ان کانسواءِ کڏي واري مدرسي مان محمد اسماعيل ميمڻ جي نگراني ۾ ماهوار رسالو الصادق 14 مارچ 1980ع کان مسلسل شايع ٿي رهيو آهي. ڪراچي مان نڪرندڙ پندرنهن ڏيهاڙو ”افيئر“ به ڊاڪٽر علي احمد رند جي ايڊيٽري ۾ مسلسل شايع ٿي رهيو آهي. ماهوار سنڌ رويو. ماهوار ڪرزما، ٽماهي سنڌ سڀيتا، ۽ ڪلچر هيريٽيج به ڪراچي مان نڪري رهيا آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران تحقيقي جرنل ”ڪلاچي“ شايع ٿي رهيو آهي. انهن کانسواءِ ماهوار زرعي دوست به مسلسل شايع ٿي رهيو آهي. ماهوار پرک، (نثار منصور) ماهوار نئون نياپو (انعام عباسي)، ماهوار سرت (ابراهيم چنا) به ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجو وجود جاري رکيو اچن.

ڪراچي مان نڪرندڙ پندرنهن ڏيهاڙو آرسي (سهيل سانگي)، ماهوار سنڌ سجاڳ، ماهوار شعور، ماهوار برسات، ماهوار حياتي، ماهوار لطيف، ماهوار سارس، ماهوار پارس (باني خان محمد پنهور)، هلال ميگزين، ماهوار ڪلاچي، ماهوار فورم (سردار قريشي)، ماهوار ناراٿر (باني نور پدم جوکيو) ماهوار اديون (عمرالدين بيدار) ماهوار رچنا (حبيب الله ڀٽو) ماهوار ساريڪا (حيدر شيخ)، ماهوار ساڻيهه، ماهوار ٻالڪ، ٻه ماهي مرڪ (سڪندر سرواڻ) ۽ ٻيا رسالا نڪرندا هئا. جن مان گهڻا پڙهندڙن ۾ مقبول ٿيا. پر اهي سڀ مالي مشڪلاتن جو شڪار ٿي بند ٿي ويا. مٿي ذڪر ڪيل اخبارن ۽ رسالن ڪري قومي سجاڳي جي نئين لهر آئي جنهن ملڪ ۾ گهڻي اٿل پٿل پيدا ڪئي. ورهاڱي بعد سنڌ ۾ اسان جي قومي وجود، جمهوري حقن، ثقافت، ٻولي جي حفاظت جا ڪيئن مسئلا پيدا ٿيا. ڪراچي کي ڌار ڪيو ويو. سنڌ جي وحداني ايڪي مٿان ون يونٽ مڙهيو ويو. مارشلا هڻي قومي ۽ جمهوري حق ختم ڪيا ويا. هر طرح جو ظلم ۽ جبر روا رکيو ويو. سنڌي ٻولي جيڪا صدين کان سنڌ جي قومي ٻولي هئي ان کي ختم ڪرڻ جا سانڀا ڪيا ويا. سرمائيداراڻي نظام کي پوري طرح لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي زمينن تي ٻاهران آيل ماڻهن جي حوالي ڪري فيڪٽريون لڳائي ٻاهران مزدور گهرائي ڪراچيءَ ۾ انهن جو ڪچيون آباديون جوڙي هتان جي مزدورن ۽ پورهيتن کي بيروزگار ڪيو ويو. سنڌي قوم جي تهذيب ۽ ثقافت کي ميسارجڻ جون ڪوششون تيز ڪيون ويون. انهن مڙني پيدا ڪيل مسئلن خلاف سنڌي اديب، صحافي ۽ سياستدان گڏ ٿيا. انهن تحريڪون هلايون سنڌي اخبارن، رسالن انهن تحريڪن ۾ پنهنجن لکڻين ۾ نئون روح ڦوڪيو. قومي بيداري ۽ شعور پيدا ڪرڻ ۾ سنڌي اديبن ۽ صحافت اهم ڪردار ادا ڪيو. 1970ع تائين اهو مرڪز حيدرآباد ڪراچي رهيو. 1970ع کان پوءِ سنڌ کي احساس ٿيو ته ڪراچي سندن وجود جو حصو آهي. به رهيو. ون يونٽ جي پنجوڙ ڪري ڪراچي جا مقامي ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا. انهن کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه هو. پر پوءِ هتان سياستدانن ۽ عالمن هر تحريڪ ۾ حصو ورتو.

1970ع کانپوءِ ڪراچي ٻيهر سنڌي ادب ۽ ثقافت جو مرڪز ٿيو. ڪراچيءَ ۾ ترقي پسند اديبن جو هڪ مضبوط جٿو قائم ٿيو ته انهن سنڌي ۽ مهاجر اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن گڏجي سنڌ لاءِ جدوجهد ڪجي. ڪراچي سنڌ جي سرويچن، اڳواڻن، قومي شاعرن جي ڏينهن ۽ شامن ملهائڻ، شاعرن، دانشورن ۽ سماجي اڳواڻن پنهنجا اختلاف وساري هڪ مقصد لاءِ پاڻ ۾ گڏجي ويا. هن دور ۾ سنڌيت جي تحريڪ زور ورتو ته ان جا اثر اسان جي ادب تي پيا ۽ قومي جدوجهد تي مبني قومي ڪهاڻيون لکجڻ لڳيون هن دور ۾ آزاد بڪ ڊيپو، عوامي ڪتاب گهر، آر ايڇ احمد برادرس، نيو فيلڊس پبليڪيشن، اداره سهڻي، اداره ادب نو، گنج بخش شاهه، زيب پبليڪيشن، سنڌ يونيورسٽي رائٽرس ڪلب، اداره آواز ادب، سنڌالاجي، حبيب پبليڪيشن سکر جهڙا اشاعتي ادارا قائم ٿيا. ڪراچي ۾ 70ع واري ڏهاڪي ۾ نئين سنڌ پريس، آزاد پريس، ڪاٺياواڙ پريس، سنڌي پريس طور مشهور هئا. اڳتي هلي ڪرم الهيٰ چنا سنگم پبليڪيشن قائم ڪيو جيڪو اڃان تائين موجود آهي. ڪراچي ۾ نور احمد ميمڻ جي سنڌيڪا اڪيڊمي سڀ کان وڌيڪ سنڌي ڪتاب ڇاپڻ جو ريڪارڊ قائم ڪيو آهي ۽ بنا ڪنهن شڪ جي ان اداري پنهنجو قومي فرض نڀايو آهي. هاڻوڪي دور ۾ ڪراچي ۾ سنڌيڪا کانسواءِ سوجهرو پبليڪيشن (تاج بلوچ) ڪاڇو پبليڪيشن (محمد علي ماجد) لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي، نئون نياپو اڪيڊمي (انعام عباسي) انڊس پبليشرز (امير ابڙو) سگا پبليڪيشن ۽ ڪاٺياواڙ پبليڪيشن سنڌي ڪتابن جي ڇپائي جا ادارا آهن. هاڻوڪو دور جيڪو ضياالحق جي مارشلا کانپوءِ شروع ٿيو آهي. ڪراچي ۾ سنڌي ادب ۽ صحافت جو سنهري دور آهي هن وقت سنڌي ادبي سنگت جون ڪراچي ۾ ٽي فعال شاخون آهن. انهن کانسواءِ سنڌ گريجوئٽس ايسوسي ايشن سماجي ڪمن کانسواءِ سنڌي ادب جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڪراچي ۾ سرگرم آهي. پروفيسر سليم ميمڻ جي ڪوشش سان ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي جو شعبو پنهنجي وس آهر سنڌي ادب جي خدمت ۾ مصروف آهي. 2007ع جي شروع ۾ ڪوششن سان ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن واري انٽرنيشنل ڪانفرنس ڪرائي وئي. جنهن ۾ (هندستان مان سندي اديبن کي سنڌ اچڻ تي اجازت نه ملي سگهي هئي) ۽ سنڌ جي اديبن ۽ اديبائن حصو ورتو. مختلف سماجي، ثقافتي تنظيمن ۽ پبليشنگ ادارن پاران شاعرن، اديبن سان پڻ ملهائڻ، ڪتابن جي مهورت وارن تقريبن وسيلي به ڪراچي ۾ پنهنجو قومي فرض نڀائي رهيا آهن. انهن گڏجاڻين ۽ تقريبن وسيلي ڪراچي ۾ رهندڙ اديبن، زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ جو پاڻ ۾ رابطو رهي ٿو. هن وقت ڪراچي ۾ سنڌ جا سر موڙ اديب ۽ شاعر رهن ٿا ۽ سنڌي ادب جي خدمت ۾ مشغول آهن ۽ گڏوگڏ هتان اصلي رهاڪن ۾ به گهڻا سنڌي ادب جي خدمت ۾ مشغول آهن.

ڪراچي جي پسگردائي وارن علائقن جو ماڻهو به ڪنهن نه ڪنهن طرح ادبي خدمتن ۾ پنهنجي وس آهر مصروف رهيو آهي ۽ آهسته آهسته هتان وڏي تعداد ۾ اديب شاعر ۽ صحافي سنڌ جي قومي ڌارا ۾ شامل آهن. مرڪز ۽ پسگردائي ۾ رابطي جي کوٽ ڪري گهڻا سگهڙ ۽ اديب اڃان گمنامي واري زندگي گذاري رهيا آهن.

هتان جي مقامي ماڻهن ۾ سڀ کان وڏو نالو ج.ع منڱهاڻي جو آهي جنهن لطيف سرڪار تي ان ٻولي تي ڪم ڪري ۽ ماضي جي محققن جي ڪمن ۾ ٿيندڙ غلطين جي نشاندهي ڪري هڪ نئين روايت قائم ڪئي ۽ بيٺل پاڻي ۾ پٿر هڻي لطيف جي ڪم ڪندڙ گهڻن محققن کي ڇرڪائي وڌو. منڱهاڻي صاحبه پاران ”رڃ“ ناول سميت ٻارن جي ڪتابن کانسواءِ منڱهاڻي جا ٻه شاعري جا ڪتاب ”رولاڪ خواب“ ۽ ”خوابن جا ايوان“. لطيف تي تحقيق جا ٻه ڪتاب ”ڇپر ڪين ڏي“ ۽ ”شاهه جي ٻولي“ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.

ٻين ۾ ساحل آزاد، رحمان گل پالاري، انور ٻروچ، امر گل، محمد رحيم روالاڻي، گل محمد مليرائي (شاهه جي رسالي جو بلوچي ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي) سلطان شاهه ساقي، (جنهن جي شاعري جو مجموعو ”ڏونگر مون م ڏکوءِ“) غفور شاهه، (جنهن جي شاعري جو مجموعو ”اڇا اولا عاج جا“ ڇپجي چڪو آهي). سيد خدا ڏنو شاهه. محمد اسماعيل ميمڻ کڏي وارو، بيڪس بروهي (ميمڻ ڳوٺ ملير) محمد حسين پروانو جنهن جي شاعري جا ٻه مجموعا پرواز پروانا ۽ شمع پروانا شايع ٿي چڪا آهن. مفتي محمد شفيع نعيمي (صاحبداد ڳوٺ ملير) جنهن جا اسلامي تاريخ ۽ تفسير تي 16 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. مفتي محمد جان نعيمي، پير حامد الله سرهندي، مولا بخش بڪڪ، نرگس بلوچ تازو اڪبر بگٽي تي هڪ ڪتاب ۽ ناهيد بلوچ جا ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. (ملير ۽ لياري جي ادب سگهڙن ۽ شاعرن جو ذڪر ملير ۽ لياري وارن بابن ۾ ڪيل آهي) مرحوم استاد عبدالله بي متيو (ابراهيم حيدري)، استاد عبدالله بي متيو شاعري سان گڏ فنڪار ۽ وڏو موسيقار هو پر هن جو قدر ڪنهن نه ڪيو. اصغر مهرائي، ايم زمان جوکيو، شمس الدين جوکيو، سائين بشير احمد جوکيو (سنڌي گرامر تي لکيل ڪتاب نور سنڌي گرامر ڇپجي چڪو آهي) غلام رسول ڪلمتي، عبدالعزيز خاصخيلي، نصرالله ناصر ۽ ٻيا دوست لکي رهيا آهن. هن سڄي قصي ۾ چترڪار گل محمد کتري کي ياد نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. گل محمد کتري ڪراچي جي ليمارڪيٽ واري علائقي موتل گهٽيءَ ۾ رهندو هو ۽ هتي ان جو اسٽوڊيو به هو. گل محمد کتري 70ع واري ڏهاڪي ۾ پهريون ڀيرو شاهه لطيف جي شاعري کي چتر ڪاري جو روپ ڏيئي هڪ نئين راويت قائم ڪئي. پر اسان ايڏي وڏي فنڪار جو قدر نه ڪيو ۽ آخر ۾ هو انتهائي ڪسمپرسي جي حالت ۾ دنيا ڇڏي ويو ۽ سندس اسٽوڊيو ۾ سوين چتر تباهه ٿي ويا. گهڻي عرصي تائين ان جي پٽ انهيءَ آسري ۾ اهي سنڀالي رکيا ته حڪومت جو ڪو ادارو انهن کي حاصل ڪري خاندان جي مالي سهائتا ڪندو. پر ائين نه ٿيو ۽ گل محمد کتري جي پوري محنت جنهن ۾ ان جي پگهر سان گڏ رت به شامل هو تباهه ٿي ويو. اسان جي ڪنهن به اداري پاران ڪا هڪ شام به سنڌ جي ان چترڪار جي حوالي نه ڪئي وئي. پوءِ شابس آهي ان جي مائٽن کي جو سال ٻن ۾ گل محمد کتري جي ياد ۾ ڪو نه ڪو پروگرام ڪن ٿا.

 

ورهاڱي کانپوءِ اردو صحافت ۽ ادب جو مختصر ذڪر:

ورهاڱي کانپوءِ ڪراچي مان اردو ۾ هڪ هفتيوار اخبار ”بلوچستان جديد“ جيڪو نسيم تلوي (پير بخش بلوچ جيڪو گل محمد لين لياري جو رهندڙ هو) شايع ڪندو هو. ٻيون اخبارون، رسالا جيڪي اردو ۾ ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيندا هئا جن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان. اهي ورهاڱي کانپوءِ هلي نه سگهيون.

انگريزي ۾ ”سنڌ آبزرور“، ”دي گزٽ“ به اخبارون ورهاڱي کانپوءِ جاري رهيون. ”ڊان“ 15 آگسٽ 1947ع کان ڇپجڻ لڳي (هي اخبار پهرئين دهلي مان 1942ع تائين هفتيوار شايع ٿيندي هئي). اردو جي ڪا به روزاني اخبار نه هئي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ دهلي جي عثمان آزاد صاحب ڪراچيءَ مان ”انجام“ ڪڍي ۽ عمر فاروق ان جو ايڊيٽر هو. ان کانپوءِ مير خليل الرحمان ”جنگ“ ڪڍي. سيد محمد تقي ان جو پهريون ايڊيٽر هو. اهي ٻئي اخبارون ورهاڱي کان اڳ دهلي مان نڪرنديون هيون ”انجام“ هندستان جي مشهور اخبارن مان هئي. جنگ، جڏهن اها دهلي مان نڪرندي هئي ته ان جو گهڻو زور فلمي اشتهارن ۽ خبرن تي هوندو هو، خبرن ڏانهن گهٽ هوندو هو. ”امروز“ جيڪا لاهور مان شايع ٿيندي هئي. ڪراچي ۾ پنهنجي آفيس قائم ڪئي ۽ شايع ٿيڻ لڳي، جيڪا افتخار الدين ڪڍندو هو. جڏهن عنايت الله روزاني ”مشرق“ ڪراچي مان جاري ڪئي. ڪجهه عرصي کانپوءِ اخبار جو نالو بدلائي ”ٽائمز آف ڪراچي“ رکيو ويو ۽ صبح جو نڪرڻ لڳي. 1963ع ۾ ڪراچي مان فخري ماتري ”حريت“ جاري ڪئي. اڳتي هلي ڪراچي مان شام جون اخبارون ”ايوننگ اسٽار“، ”ڊيلي نيوز“ ۽ ”ليڊر“ انگريزي اخبارون جاري ٿيون. 1971ع ۾ انگريزي اخبار ”سن“ جاري ٿي. جنهن مقبوليت جا ريڪارڊ قائم ڪيا.

1997ع ۾ اي. پي. اين. ايس مطابق ڪراچي مان نڪرندڙ روزاني اردو اخبارن جو ڳاڻيٽو 16 ۽ انگريزي اخبارن جو اٺ، ٻه گجراتي ۾ ۽ پنج سنڌي ۾ روزاني نڪرنديون هيون.

ائين اردو اخبارن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيندو ويو. ڇاڪاڻ ته ورهاڱي وقت هندستان مان اردو ڳالهائيندڙ عام ماڻهن کانسواءِ اخباري ڌنڌي سان واڳيل ماڻهن جي وڏي انگ به ڪراچي جو رخ ڪيو ۽ لاهور کانپوءِ ڪراچي اردو پريس جو اهم مرڪز بڻجي ويو. هن وقت صورتحال اها آهي جو ڪراچي مان اردو ٻولي ۾ 50 کان مٿي روزاني اخبارون، 12 هفتيوار اخبارو، 25 ماهوار رسالا نڪري رهيا آهن. پاڪستان مان نڪرندڙ عام اردو انگريزي اخبارن جا هتي بيورو آفيسون به موجود آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي حوالي سان گذريل ڇهن سالن ۾ جنگ گروپ آف پبليڪيشن پاران ”جيو“ سميت ڪيترائي ٽي. وي چيئنل، جن ۾ مشهور اي. آر وائي گروپ (عبدالرزاق يعقوب جيڪو ڪراچي جو ميمڻ آهي انهي جي نالي سان ان پاڻ اهو چيئنل شروع ڪيو آهي) پاران ٻه چيئنلن کانسواءِ رياست گروپ آف پبليڪيشن پاران ”ڌهوم“ کان سواءِ انڊس، هم، روشني، رنگ آج ۽ ٻيا ڪيترائي خانگي T.V چئنل جن جو اهم مرڪز ڪراچي آهي. انهن جي تعداد م واڌارو ٿي رهيو آهي اهي تمام اردو ٻولي جا چيئنل آهن.

اردو پريس پرنٽ ميڊيا هجي يا اليڪٽرانڪ ميڊيا هجي حڪومت جي مڪمل سرپرستي حاصل رهي آهي. سنڌي پريس کي علاقائي پريس جو نالو ڏيئي ان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي. حڪومت جي مڪمل سرپرستي ڪري اردو پريس ٿوري عرصي ۾ وڏي ترقي ڪئي ۽ نالي وارا صحافي پيدا ڪيا. جن ملڪي سطح کانسواءِ پرڏيهي سطح تي نالو ڪمايو.

شروع ۾ ڪجهه ترقي پسند دانشورن، اديبن ۽ صحافين کانسواءِ اڪثريتي اردو پريس جو رويو سنڌي ٻولي ادب ۽ صحافت سان تعصب وارو رهيو آهي. اردو ٻولي جي خلاف ڳالهائيندڙ کي اسلام مان خارج ڪيو ويندو هو. انهن جي انهيءَ روئي جي ڪري اڄ تائين اردو ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارا هڪٻئي کان پري آهن. هاڻي ڪجهه سالن کان هن ۾ تبديلي اچي رهي آهي. اها هڪ مثبت تبديلي آهي. جنهن جي ڪري اردو ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارا ويجهو اچي رهيا آهن. ان دوري کي ختم ڪرڻ لاءِ اردو پريس کي پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي. هتي آئون سنڌي ادب ۽ صهافت وانگر اردو ٻولي جي صحافين ۽ اديبن جي نالن ڏيڻ کان پاسو ڪري رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته ورهاڱي کانپوءِ ڪراچي اردو پريس ۽ ادب جو مرڪز بڻجي ويو. جتي سوين اديب، دانشور، شاعر ۽ صحافي صحافت جي خدمت ڪري رهيا آهن. لسٽ ايتري ڊگهي آهي جو ان لاءِ الڳ ڪتاب جي ضرورت آهي.

اردو ادب به ورهاڱي جي لڏپلاڻ کانپوءِ هندستان کان ڪراچي جو رخ ڪيو ۽ هتي ترقي ڪئي اڄ ڪراچي اردو صحافت وانگر ادب جو اهم مرڪز آهي.  ڪراچي ٻئي نمبر تي اچي ٿو. هن دور ۾ ڪراچي شهر لياري، کارودر، مٺو در، سولجر بازار، صدر، پي. آئي. بي ڪالوني، جهانگير روڊ، مارٽن روڊ، ڪلفٽن، باٿ آئي لينڊ تائين محدود هئي ۽ ٻئي پاسي ملير هو. (ملير ۾ اردو ادب جو ذڪر ملير واري باب ۾ ڏنل آهي)

اردو ۽ سنڌي کانسواءِ ڪراچي انگريزي صحافت جو به اهم مرڪز آهي ”ڊان“، ”دي نيوز“، ڊيلي نيوز“، ”فنانشل پوسٽ“ سميت 10 کان مٿي انگريزي اخبارون ڪراچي مان نڪري رهيون آهن. اخبارن سان گڏ 15 کان مٿي انگريزي جا ماهوار رسالا به ڪراچي مان نڪري رهيا آهن.

پوري دنيا ۾ شهري تهذيبن جي واڌ ويجهه ۾ چانهن خانن، باکڙا هوٽلن ۽ ڪافي هائوسن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هي اُهي مرڪز آهن جتي هر طبقي جا ماڻهو ايندا آهن ۽ هن وقت جي حالتن کان وٺي زندگي جي هر شعبي، هر معاملي تي بحث ڪيو ويندو آهي، ڪچهريون ٿينديون آهن. ترقي يافته ملڪن جي هر وڏي شهر ۾ اهڙين جاين ادب ۽ علم جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪراچي شهر ۾ کاري در جي باکڙا هوٽل، اسلاميا هوٽل، بولٽن مارڪيٽ لياري ۾ جنگيان هوٽل، خيرآباد هوٽل لي مارڪيٽ ۽ يونيورسٽي روڊ شاهي هوٽل مشهور هئا. انهن کانسواءِ صدر جي ڪافي هائوسن ۽ چانهه جي هوٽلن به ادب جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ڪراچي جي انهن قديم ڪيفي ٽيرياز ۾ جن ۾ انڊيا ڪافي هائوس صدر، زملين ڪافي هائوس، ڪيفي جارج صدر، ڪوالٽي هوٽل صدر، فردوس هوٽل صدر، شيزان هوٽل صدر، فريڊرڪس ڪيفي ٽيريا صدر، محمدي هوٽل صدر، پرشين هوٽل صدر، ڪيفي جبيس صدر، ڪيفي اوڊين، سبحان الله هوٽل صدر، آگرا هوٽل، ڪيفي جهان صدر، ايمپس ريسٽوران ويجهو ميٽروپول هوٽل، بسيرو ميٽروپول هوٽل ۽ ايسٽرن ڪافي هائوس هئا. جن مان انڊيا ڪافي هائوس، زملين ڪافي هائوس، ڪيفي جارج، فريڊرڪس ڪيفي ٽيريا، علم ۽ ادب دوستن جي ڪچهري جا محور رهيا. انهن ۾ گهڻا هوٽل ۽ ڪافي هائوس ايرانين جا آهن جن ۾ ڪجهه اڃان به موجود آهن جن جي چانهه ۽ پسٽرين جو پنهنجو هڪ الڳ ذائقو ۽ لطف هوندو هو. عام ماڻهن کانسواءِ شاعر ۽ اديب به هتي اچي محفلون ڄمائيندا هئا. گهڻن اردو جي شاعرن ۽ اديبن جي زندگي جو گهڻو عرصو انهن ڪافي هائوسن ۽ هوٽلن ۾ گذريو. خود اردو جو مشهور شاعر جميل الدين عالي جو چوڻ آهي ته ”هن جي زندگي جو وڏو عرصو انهن ريسٽورنٽ ۽ چانهن خانن ۾ گذريو جتان هن گهڻو ڪجهه پرايو.“

انهن مرڪزن ۾ ترقي پسند ۽ ادب براءِ ادب گروپن جا پاڻ ۾ بحث به ٿيندا هئا. هي ماحول نئين ايندڙن لاءِ هڪ تربيت گاهه جو درجو رکندو هو. گهڻو ڪري شام جو آفيسن کانپوءِ رات تائين ۽ موڪلن وارو ڏينهن پوري جو پورو اديبن ۽ شاعرن جو هتي گذري ويندو هو.

وڪٽوريا روڊ تي ڪيفي فردوس سنڌي ۽ اردو اديبن جو مرڪز هوندو هو. شيخ اياز اڪثر انهيءَ ڪيفي ۾ ويندو هو مهانگي هئڻ ڪري غريب اديب اوڏانهن رخ نه ڪندا هئا. ڪيفي جارج ۾ ترقي پسند تنظيمن جا ماڻهو ۽ اديب گهڻو ڪري ويهندا هئا. ڪيفي جارج ۾ گهڻو ڪري نظرياتي ڪچهري ٿيندي هئي. جڏهن ته ايسٽرن ڪافي هائوس ۾ ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ اسلام جي حوالي سان ڪچهريون ٿينديون هيون. اهي درسگاهون هيون جتي هر شعبي سان تعلق رکندڙن لاءِ علم موجود هو. انهن ڪافي هائوسن ۾ سياسي ليڊر، جج، وڪيل ۽ شاگرد اڳواڻ، مزدور اڳواڻ به ايندا هئا. پر هتي سياسي گفتگو گهٽ علمي ۽ ادبي گفتگو گهڻي ٿيندي هئي.

اهي اهڙا پليٽ فارم هئا. جتي علم، هنر ۽ ادب سان تعلق رکندڙ آزاداڻي نموني پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا هئا. پر وقت گذرڻ سان گڏ اهي آرٽس ڪائونسلون، علم ۽ دانش جا اهي مرڪز ڪمرشل ازم جو شڪار ٿيا ۽ مالڪن پاران گهڻو وقت ويهڻ ۽ بحث مباحثي تي پابندي لکائڻ کانپوءِ اديب، علم ۽ دانش وارا ماڻهو وکري ويا ته ادب تي به ان جو اثر پيو. مجلسي ۽ اجتماعي زندگي جو جيڪو ڪردار ماضي ۾ هو ختم ٿي ويو. گهڻا ڪافي هائوس، ريسٽوران ختم ٿي چڪا آهن. هتي وڏيون مارڪيٽون ٺهي چڪيون آهن. رهيل اهڙا مرڪز هاڻي ادبي ۽ علمي ڪچهري جي بجاءِ ڪاروباري ڪچهري وارن مرڪزن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. ٻه يا ٽي اهڙا مرڪز جنهن ۾ ڪيفي اوڊين، آءِ . آءِ چندريگر روڊ جي ڪنڊ تي شاهين ڪامپليڪس جي سامهون هوٽل، هوٽل جبيس ۽ ڪيفي جارج اڄ به عمل ۽ ادب جا مرڪز آهن. انهيءَ ذڪر جو مقصد اهو هو ته ڪراچي ۾ اردو سان گڏ سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ انهن ڪافي هائوسن، ريسٽورينٽن ۽ هوٽلن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

هن وقت ڪراچي ۾ اردو ۾ بيشمار ادبي ماهوار رسالا نڪري رهيا آهن. لاهور کانپوءِ ڪراچي اردو جي ڪتابن جي ڇپائي ۽ ادب جو اهم مرڪز آهي.

ورهاڱي کانپوءِ 80ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري اسلاميه ڪاليج، ايس. ايم ڪاليج، اردو ڪاليج ۾ ”بزم ادب اردو“ جون شاخون سرگرم هيون. هن وقت آرٽس ڪائونسل ڪراچي اردو ادب جو اهم مرڪز آهي. جنهن کي سرڪاري سرپرستي حاصل آهي. جتي ادبي ويهڪن جو رواج اڄ به جاري آهي.

خابرو ادارا:

پاڪستان ۾ ورهاڱي کان اڳ ورهايل هندستان ۾ چار خابرو ادارا هئا. ايسوسي ايٽ پريس آف انڊيا، دي فري پريس آف انڊيا، دي يونائيٽيڊ پريس آف انڊيا ۽ دي اورينٽ پريس آف انڊيا هئا. ايسوسي ايٽ پريس آف انڊيا سڀني کان وڏو ادارو هو. جنهن جي هڪ شاخ ڪراچي ۾ هئي. ورهاڱي کانپوءِ ايسوسي ايٽ پريس آف انڊيا جي هاڻوڪي پاڪستان ۾ موجود شاخن کي ملائي ايسوسي ايٽ پريس آف پاڪستان (APP) ٺاهيو ويو. 1958ع ۾ اهو ادارو به مارشلا جي ڌاڍ جو شڪار ٿيو سرڪار ان کي ضبط ڪري پنهنجي حوالي ڪيو. مرڪزي آفيس جيڪا ڪراچيءَ ۾ هئي، ان کي کڻائي اسلام آباد نيو ويو.

پاڪستان پريس انٽر نيشنل (PPI) جو بنياد 15 آگسٽ 1956ع تي جناب معظم علي وڌو. پهرئين ان جو نالو نيوز ايجنسي رکيو ويو، پوءِ فيبروري 1968ع ۾ ان جو نالو بدلائي پاڪستان پريس انٽرنيشنل (PPI) رکيو ويو. جنهن جي مرڪزي آفيس ڪراچي ۾ آهي.

يونائيٽيڊ پريس آف پاڪستان (UPP) جو بنياد 1949ع ۾ ڪراچي م وڌو ويو. هن وقت مرڪزي آفيس ڪراچي ۾ آهي ۽ پوري ملڪ ۾ ان جون شاخون موجود آهن.

انهن خابرو ادارن کانسواءِ اسلام آباد پريس سروس (IPS) 1979ع ۾ قائم ٿيو. نيوز ورڪ انٽرنيشنل اسلام آباد، پريس آف سوشل ٽروپس بهاولپور، سينٽرل نيوز نيٽ ورڪ لاهور، پاڪستان پريس ايجنسي (PPA) اسلام آباد، ايشين نيوز نيٽ ورڪ (ANN) اسلام آباد، نيوز نيٽ ورڪ انٽرنيشنل (NNI) ڪراچي، انٽرنيشنل نيوز نيٽ ورڪ (INN) ڪراچي. انهن کانسواءِ اخباري ورڪرن، ايڊيٽرن ۽ مالڪن جون به تنظيمون موجود آهن جن مان ڪجهه فعال ۽ ڪجهه غير فعال آهن. سنڌي اخبارن جي سطح تي فقير محمد لاشاري جي ڪوششن سان ”سنڌي ايڊيٽرز نيوز پيپر ڪائونسل“ جوڙي ويئي. اهو سٺو قدم هو پر اڳتي هلي اها اختلافن جي ور چڙهي ويئي. 2005ع ۾ ٻيهر ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ قاضي شاهه محمد جي ڪوششن سان سنڌي اخبارن جي مالڪن هڪ پليٽ فارم جوڙيو پر هن به ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو.

هن کانسواءِ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (APNS)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (CPNE)، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ آف ڪراچي کانسواءِ هاڻي ڪراچي ۾ ٽائون سطح تي به اهڙيون تنظيمون جڙي رهيون آهن.

ڪراچي ۾ ”ڪراچي پريس ڪلب“ جيڪا ڪراچي جي صحافين جي نمائنده پراڻي ۽ فعال پريس ڪلب آهي جنهن هر سطح تي ڪراچي جي صحافين جي نمائندگي جو حق ادا ڪيو آهي.

ملير سطح تي ڪجهه دوستن ”ملير پريس ڪلب“ جو بنياد وڌو آهي. جيڪا اڄ به موجود آهي فنڊ جي کوٽ، پنهنجن اندروني اختلافن، ڪل وقتي صحافين جي نه هئڻ ۽ فقط ٽائيم پاس جرنل ازم جهڙن ڳالهين ڪري اها ڪلب اڳتي وڌي نه سگهي آهي. انهن کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي صحافين جون تنظيمون گمنامي ۾ موجود آهن.

1997ع جي شروع ۾ سنڌي صحافت ۾ پهرين سنڌي نيوز ايجنسي، سنڌي پريس انٽرنيشنل (SPI) جي نالي ڪراچي ۾ شروع ٿي اهو نئون ۽ سگهارو قدم هو.

پريس کي پابند بنائڻ وارا قانون:

1878ع ۾ انگريز سرڪار پريس مان اٿندڙ عوامي آواز کي دٻائڻ لاءِ ڊي. سي ڪسٽمس ائڪٽ 1878ع لاڳو ڪيو. جنهن پريس جي آزادي کي متاثر ڪيو. ان کانسواءِ مختلف ائڪٽن جن ۾ ٽيليگراف ائڪٽ 1885ع، پوسٽ آفيس ائڪٽ 1898ع، ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر ائڪٽ 1898ع (هن جو صرف هڪ شق 49- الف جو واسطو پريس سان هو) ملڪي بچاءُ وارو ايڪٽ 1922ع، آفيشل سيڪريٽ ائڪٽ 1923ع (Official Secret Act) هن ائڪٽ مطابق صحافي يا اخباري مالڪ پابند هئا ته حڪومت پاران ڳجهو ۽ راز وارو لکيل ڪو به مواد اخبار ۾ شايع نه ڪندا. پرڏيهي ناتن وارو ائڪٽ 1939ع ۾ انڊين پينل ڪوڊ سيڪشن 500 اهم هئا.

ورهاڱي کان اڳ قائم انهن ڪارن قانونن جي وسيلي حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ڪيترن اخبارن تي ڪيس ٿيا، گهڻا صحافي گرفتار ڪيا ويا انهن کي جيلن ۾ وڌو ويو ۽ ڳرا ڏنڊ به وڌا ويا. هي ڪيس گهڻو ڪري اعزازي معجسٽريٽن، سٽي معجسٽريٽن، ڊسٽرڪٽ معجسٽريٽن جي ڪورٽن ۾ هلندا هئا. ورهاڱي کان اڳ جي اخبارن مان الوحيد، ڀارت واسي ۽ هندو، اهڙيون اخبارون آهن جن تي وقت جي سرڪار وڌ کان وڌ ظلم ڪيا ۽ انهن کي تنگ ڪيو. 1919ع ۾ جڏهن پنجاب جي جليانوالا باغ جو واقعو پيش آيو ته ڄيٺمل پرسرام جيڪو اخبار ”ڀارت واسي“ جو ايڊيٽر هو. انهيءَ واقعي تي سخت تنقيد ڪئي. جنهن جي ڏوهه ۾ کيس جيل موڪليو ويو. 1926ع ۾ ساڳي اخبار ۾ پرسرام حيدرآباد ريلوي اسٽيشن لڳ بون فيڪٽري تي ليک شايع ڪيو ته ان جي انتظاميا ميسرس ڊئوڊ سنس اينڊ ڪمپني ايڊيٽر تي انڊين پينل ڪوڊ تحت بد ناموسيءَ جو ڪيس داخل ڪيو. جنهن تي اخبار بند ٿي ۽ ڄيٺمل کي جيل موڪليو ويو. ڄيٺمل پرسرام کي ”سنڌواسي“ ۽ ”هند واسي“ ٻنهي اخبارن جي ايڊيٽري دوران ستياگرهه جي هلچل ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي جرم ۾ جيل موڪليو ويو. ڄيٺمل پرسرام حيدرآبادي عاملن جي گلراجاڻي ڪٽنب مان هو، حيدرآباد ۾ 1885ع ۾ ڄائو هو. ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ”هندو ڪمار منڊلي“ جو ميمبر ٿي سماجي خدمتن ۾ حصو ورتائين. صوفي متي ۽ ٿياسافيءَ فڪر پاسي لاڙو هوندو هوس. هن دنيا جي مکيه مذهبن جو به اڀياس ڪيو هو. هن ادب، صحافت سان گڏ سياست ۾ به حصو ورتو. هي ساري عمر هاري ۽ مزدورن جو حامي ٿي رهيو. سنڌ هاري جماعت جي باني ميمبرن مان هو. 1922ع ۾ ”سنڌي ساهيته سوسائٽي“ قائم ڪيائين. جنهن جي وسيلي سنڌيءَ ۾ گهڻا ڪتاب ڇاپي پڌرا ڪيائين. صوفيز آف سنڌ، سناتن ڌرم، صوفي مت، سک پنٿ، صوفي سڳورا، شاهه جي آکاڻين جي سمجهاڻي، سچل سرمست، ميران ٻائي، سوشلزم سميت 27 ڪتاب لکيائين.

ڄيٺمل پهرئين صوفي پوءِ اديب ۽ صحافي هو. هو پڪو سنڌي هو. هر ڳالهه کي سنڌي ويس پهرائڻ جو قائل هو. سندس ڪٽنب به بمبئيءَ هليو ويو ته هي بيمار ٿي پيو. علاج جو بهانو بڻائي هن کي به هندستان کڻائي ويا. هي صوفي 6 جولاءِ 1948ع ۾ سينٽ جارجز اسپتال ۾ ديهانت ڪري ويو.

انهن اخبارن کانسواءِ آزادي لاڙڪاڻو، الحق حيدرآباد، سنڌ سماچار ڪراچي، ماهوار پريم پرچارڪ، روزاني سوراج سکر، سنڌ زميندار، سنسار سماچار ڪراچي، سنڌ ميل لاڙڪاڻو، سنڌ هندو، سنڌ واسي، قرباني، مسلمان، وطن، ميرپور خاص گزٽ، شڪتي، هندو ليگ گزٽ، همدرد جيڪب آباد، هندو جاتي حيدرآباد ۽ بلوچستان جديد ڪراچي تي انهن ڪارن قانونن ۽ خاص ڪري، انڊين پينل ڪوڊ سيڪشن 500 تحت، حڪومت ۽ انهن جي ڇاڙتن پاران بدنا موسيءَ جا ڪيس داخل ڪيا ويا.

ورهاڱي کانپوءِ 1960ع تائين انهن مان گهڻا ائڪٽ جيئن جو تيئن لاڳو هئا. 1960ع ۾ انڊين پينل ڪوڊ کي پاڪستان پينل ڪوڊ جو نالو ڏنو ويو. 1960ع ۾ ئي اوڀر پاڪستان ۾ امن بحالي وارو حڪم ۽ ذوالفقال ڀٽي جي حڪومت ۾ ڊيفنس آف پاڪستان رول (DPR) جهڙا قانون لاڳو ڪيا ويا. هن دور ۾ به سنڌي اديبن کي جيل موڪليو ويو ۽ 35 کان مٿي سنڌي رسالا ضبط ڪيا ويا. ايوب ۽ ضياءُ الحق جي مارشلا دوران پاڪستان جي سلامتي وارو ائڪٽ قائم ڪري گهڻن اخبارن کي بند ڪيو ويو ۽ گهڻن تي سنسر شپ لاڳو ڪيو ويو. ”مساوات“ ۽ ”صداقت“ سميت ٻين گهڻن اخبارن کي بند ڪيو ويو. ڪجهه وقت لاءِ ”هلال پاڪستان“ ۽ ”امن“ کي به بند ڪيو ويو. گهڻا رسالا ضبط ڪيا ويا. پريس مٿان ضابطي وارا قانون اڄ به موجود آهن. پر انهن ۾ هاڻي گهڻي نرمي ڪئي ويئي آهي. اهو سڀ ڪجهه صحافين ۽ اديبن جي قربانين ۽ جدوجهد جي ڪري ممڪن ٿيو. هنن سٽن جي لکڻ تائين ”پيمبرا“ پاڪستان ۾ سنڌي  ٽي وي چئنل سنڌ جي نشريات تي ڪجهه وقت پابندي هڻي ڇڏي پر پوري سنڌ ۾ سخت احتجاج کانپوءِ اها پابندي ختم ڪئي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org