ڪلهوڙن جو دور:
مغلن کان پوءِ اتر سنڌ جي ڪجهه حصن تي ميان نصير
محمد سال 1681ع ۾ پنهنجي حڪومت جو بنياد رکيو.
ميان نصير محمد 1696ع ۾ وفات ڪري ويو ته کيس ڳاڙهي
شهر ۾ دفنايو ويو. 1700ع ۾ ڪلهوڙن جي حڪمران ميان
دين محمد جي موت تي ڪلهوڙن جي حاڪميت جو ابتدائي
دور پورو ٿيو. انهيءَ سال ميان يار محمد ملڪ ڇڏي
قلات پاسي جلا وطن ٿيو هو. انهيءَ دوران مير محراب
خان ڪلهوڙن سان ٿيل هڪ جهيڙي ۾ مارجي ويو. 1701ع ۾
ميان يار محمد ڪلهوڙي اچي پنهنجي ڀاءُ ميان دين
محمد ۽ پيءُ ميان نصير محمد جي ڇڏيل حڪومت سنڀالي،
ڪلهوڙا ڪڏهن پنهنجي خودمختياري سان حڪومت ڪندا هئا
۽ ڪڏهن وري خاص طور تي هندستان جي حڪومت جا
تابعدار ٿي سنڌ تي حڪومت ڪندا هئا. ميان يار محمد
ڪلهوڙي کي به اورنگزيب جي حمايت حاصل هئي. يار
محمد کي وڏين تڪليفن کان پوءِ شاهي مڃتا حاصل ٿي.
انهيءَ عرصي دوران تاريخ ۾ هڪ مجهائيندڙ واقعو
موجود آهي. مولانا غلام رسول مهر ”تاريخ سنڌ“ ۾
لکي ٿو ته: ”ڪراچي جو خطو هميشه کان سنڌ جو حصو هو
پر 1697ع ۾ خان قلات محراب خان جي خون جي بدلي ۾
اورنگ زيب عالمگير جي حڪم سان ان کي قلات جي خان
جي حوالي ڪيو ويو. يعني 1697ع کان وٺي ميان غلام
شاهه ڪلهوڙي جي عهد 1757ع تائين ڪراچي بلوچستان جو
حصو هيو. انهيءَ سال ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪراچي
بندر کي خان آف قلات کان حاصل ڪري ٻيهر سنڌ جو حصو
بنايو.“
ياد رهي ته ڪلهوڙن کي سن 1154هه/1737ع ۾ ٺٽو صوبو
آخري مغل نواب صادق علي خان جي هٿان مليو. ان بعد
وڃي سڄي سنڌ تي پهريون ڀيرو ڪلهوڙن جي حڪمراني
قائم ٿي. پوءِ ڪراچي کي ڪيئي ڪلهوڙن قلات جي خان
محراب خان جي خون جي بدلي طور ڏنو هوندو. 7-1736ع
۾ مغل نواب ٺٽي پرڳڻي جي اوڀر پاسي وارن مقامي
قبيلن ۽ سردارن کي مڃائڻ طرف توجهه ڏنو ۽ اولهه
پاسي فوري طور تي سندس زور هلي نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته
ملير ۽ ساڪري ۾ ڪلمتي ۽ جوکيا طاقتور هئا. ٻئي
پاسي ڌارا جا راڻا به پنهنجي طاقت ڪري مشهور هئا.
اڳ ۾ لکي آيو آهيان ته سمن جي دور کان وٺي اهي
قبيلا هتي طاقتور هئا. انهن ارغونن ۽ ترخانن سان
به مقابلا ڪيا. مغلن جي دور ۾ اورنگ زيب بادشاهه
ساڻن صلح ڪيو. اڳتي هلي ڪلهوڙن جي حڪمران ميان نور
محمد به انهن قبيلن سان صلح وارو رستو اختيار ڪيو.
1160هه ۾ ميان نور محمد پنهنجي پٽ خداداد خان کي
ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو ۽ خداداد خان ڌارا جا جي
راڻي جي قلعي تي لشڪر وٺي حملو ڪيو. راڻو پاڻ ڀڄي
ويو، پوءِ خداداد خان قلعي تي قبضو ڪيو. ميان غلام
شاهه جي دور ۾ ٺٽي جي نواب شيخ شڪرالله بجار جوکئي
تي راڻي ارجن جي مارڻ جو ڪم رکيو جنهن اهو ڪم پورو
ڪيو ۽ پوءِ بجار کي ڄام جو لقب ڏيئي جوکين جو
سردار مقرر ڪيو. ملير جو هڪ طاقتور قبيلو (جوکيا)
غلام شاهه سان گڏجي ويو ۽ غلام شاهه به ميان نور
محمد وانگر ملڪ طوطا ڪلمتي کي پنهنجي پاسي ڪري
1162هه ۾ ساڪري جي ڪلمتي ملڪ مريد خان کي مغلن جي
دور جون ڏنل جاگيرون بحال ڪيون. تاريخ 27 ربيع
الاول سن 1162هه تي ڏنل بحالي واري سند ميان نور
محمد ڪلهوڙي جي صحيح سان رڪارڊ تي موجود آهي.
ساڪري کان وٺي ملير ۽ ڪراچي تائين انهن جي حڪومت
هئي. ڪلهوڙن ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ ڪلمتي
ملڪن ۽ جوکين جي ڄام سان صلح ڪري پوءِ ڪراچي کي
پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو. غلام شاهه کان اڳ مغلن
جي آخري دور کان وٺي ڪراچي جي حيثيت آزاد رياست
واري رهي هئي. محراب خان جي شهادت کان پوءِ ڪجهه
وقت تائين مغلن جي ڪري اهو علائقو خان آف قلات جي
عملداري ۾ رهيو هو پر اهو وقفو فقط چند سالن جو
هو.
1717ع ۾ ٺٽي ۾ هڪ ٻيو واقعو ٿئي ٿو جڏهن نواب اعظم
خان ۽ سندس اتحادين آڪٽوبر 1717ع تي ميران پور
جهوڪ جو گهيرو ڪيو. ڇاڪاڻ ته جهوڪ واري علائقي مان
شاهه عنايت جي سرواڻي ۾ هڪ نعرو بلند ٿيو ته ”جو
کيڙي سو کائي“ يعني هن ڌرتي تي انهن ماڻهن جو حق
آهي جيڪو هن ڌرتي تي محنت ۽ مشقت ڪري ٿو. اهو نعرو
جاگيردارن ۽ وقت جي حاڪمن لاءِ خطري جي گهنٽي هئي.
ڇاڪاڻ ته شاهه عنايت جو حلقو وسيع ٿيندو ويو.
ڪلهوڙن جي عبوري حڪومت کان پوءِ هاڻي ميان يار
محمد سنڌ جي گهڻي حصي تي مڪمل قبضو حاصل ڪري ورتو
هو. مغلن ميان يار محمد کي خدا يار خان جو لقب ڏنو
۽ نواب اعظم خان، يار محمد ڪلهوڙي کي پيغام موڪليو
ته ٺٽو سرڪار به ميان صاحب جي حوالي ڪيو ويندو، پر
شرط اهو آهي ته شاهه عنايت جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ ۾
مدد ڪري. ميان يار محمد ڪلهوڙي اها شرط قبول ڪئي.
ميان صاحب اڳ ۾ ئي سيوهڻ ۽ بکر سرڪار پنهنجي هٿ
هيٺ ڪري چڪو هو. ميان يار محمد مغلن جي مدد لاءِ
شهداد فقير، ميان محمد خان ۽ سندس پٽ ميان محمد
شفيع جي اڳواڻي ۾ لشڪر روانو ڪيو. ٻئي پاسي ملتان
جو صوبيدار سيد حسين شاهه، تر جي وڏيرن مان نور
محمد خان، پير عبدالواسع بلڙي وارو ۽ ٻيا ننڍا وڏا
وڏيرا پڻ مغلن سان تيار ٿي بيٺا ڇاڪاڻ ته ميران
پور جهوڪ جي هن اشتراڪي تحريڪ جاگيردارن وڏيرن،
پيرن ۽ حاڪمن جي محلاتن ۾ زلزلو برپا ڪري ڇڏيو هو.
تمام وڏو لشڪر وٺي نواب اعظم خان جهوڪ جو گهيرو
ڪيو. ٽي مهينا اهو گهيرو جاري رهيو. مغل ۽ سندس
اتحادي لشڪر ۾ بغاوت جا آثار ڏسڻ ۾ پئي آيا خرچ به
وڌي ويو هو. پوءِ هڪ سازش تحت ميان يار محمد جي
مشير فقير شهداد کي صلح لاءِ موڪليو ويو. جيڪا هڪ
سازش هئي. قرآن شريف کي وچ ۾ آڻي صلح جون ڳالهيون
ڪيون ويون. شاهه عنايت ڳالهين لاءِ تيار ٿيو. جيئن
شاهه عنايت ڳالهين لاءِ آيو ته هن کي گرفتار ڪيو
ويو ۽ جهوڪ تي حملو ڪيو ويو مال متاءُ لٽي شهر کي
باهه ڏيئي رک بڻايو ويو. ڇهه هزار ماڻهو مارجي
ويا. گرفتاري کان پوءِ 8 جنوري 1718ع تي جلاد حاڪم
جي اشاري تي شاهه عنايت جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو. ان
واقعي کان پوءِ 1737ع ۾ ٺٽي وارو علائقو ڪلهوڙن کي
ڏنو ويو.
ميان نور محمد اڃا اتر سنڌ جو حڪمران هو ۽ مغل
صوبيدار برابر ٺٽي صوبي (سرڪار) تي مقرر ٿي رهيا
هئا. ميرپور ساڪرو ۽ ملير تي ڪلمتين ۽ جوکين جي
حڪومت هئي. ڪراچي وارو ساحلي علائقو آزاد بندر جي
حيثيت سان هو پر ان تي به ڪنهن نه ڪنهن طرح خان آف
قلات جو اڻ سڌو واسطو هو جيڪو جوکين ۽ ڪلمتين
وسيلي قائم هو. رتي ڪوٽ تي جيڪو ريڙهي مياڻ لڳ
سمنڊ ۾ اچي ويو آهي. راڻي ارجن جي حڪومت هئي ته
سيٺ نائون مل جي پڙ ڏاڏي ڀوڄو مل جيڪو حب ندي جي
ڇوڙ وٽ کڙڪ بندر تي واپار ڪندو هو. جڏهن هن بندر ۾
حب ندي جي ڪري مٽي ڀرجي ويئي ته سيٺ نئين بندر جي
ڳولا ۾ هاڻوڪي ڪراچي جي ساحل جو رخ ڪيو. سيٺ نائون
مل پنهنجي ڪتاب ”يادگيريون“ جيڪو 1915ع ۾ شايع
ٿيو. ڪتاب جو عنوان هي هو.
“A
Forgotten Chapter of Indian History, as told by.
Seth Noamal Hotchand C.S.I of Karachi
(1804-1878), Written by Himself and Translated
by His Grandson Rao Bahadur Alumal Trikamdas
Bhojwani, BA. Edited with an Inrtoduction by Sir
H. Evan M. james, KCI, CSI, Commissioner of Sind,
1891-1899 Printed for Privte Circulation only.”
جنهن جو سنڌي ترجمو محمد حنيف صديقي ڪيو، جيڪو
سنڌي ادبي بورڊ 1968ع ۾ شايع ڪيو.
سيٺ نائون مل لکي ٿو ته: ”ڳوليندي ڳوليندي انهن جي
نظر ڪراچي جي ساحل تي هڪ بندر تي پئي جنهن جي
ڪناري 20، 25 مهاڻن جون جهوپڙيون هيون. ان وقت
ڪراچي تي خان آف قلات جي حڪومت هئي. ان جاءِ کي ان
وقت ”دڙٻو“ چوندا هئا. هن جي ويجهو هڪ پاڻي جو
چشمو هو. جنهن کي ”ڪلاچي جو ڪن“ چوندا هئا. ڪلاچي
هڪ مهاڻي جو نالو هو. ڪُن جي ڪناري کجين جا وڻ هئا
آخرڪار ان جاءِ کي پسند ڪري هتي گهر ٺاهيا ويا.
کڙڪ بندر کان سڀ سامان منتقل ڪيو ويو. پوءِ سڀ
ڪلاچي جي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيا. ان وقت منهوڙي وارو
نار (کاري) نه هيو. بابا جزيرو (بابا ٻيٽ) جي
مٿيان هڪ کاري/ نار هو. جنهن کي نئون نار چيو
ويندو هو. اچڻ وڃڻ لاءِ هن کي استعمال ڪيو ويندو
هو. منهوڙي سان لڳ جابلو سلسلو هو. 1725ع ڌاري کڙڪ
بندر جا ماڻهو ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا. ڀوڄو مل جي
مشوري سان آسودي مل نالي هڪ ماڻهو بيبي مرادان سان
مشورو ڪيو ته ڪراچي ۾ حفاظت لاءِ هڪ ڪوٽ اڏيو وڃي.
اها تجويز سڀني کي پسند آئي. ماڻهن کجور جي جهنگ
کي صاف ڪيو. ڪاٺ ۽ مٽيءَ جو ڪوٽ اڏڻ شروع ڪيو. ڪاٺ
لاءِ تمر جو جهنگ صاف ڪري ان کي استعمال ڪيو ويو.
شهر واسين جي مدد لاءِ ٻاهريان مزدور به گهرايا
ويا انهن کي مزدوريءَ ۾ بحرين ۽ مقسط جا سڪا ۽
تازي کجور ڏني ويندي هئي. ٿوري وقت ۾ هڪ چڱو خاصو
ڪوٽ ٺهي تيار ٿيو. مسقط کان توبون گهرائي ڪوٽ جي
ديوارن تي رکيون ويون. ڪوٽ جي اندر اٽڪل ستر جريبن
جي ايراضي هئي. ڪوٽ کي ٻه دروازا هئا. اولهه واري
دروازي کي کارودر يعني کاري پاڻي ڏانهن کلندڙ
دروازو ۽ ٻيو دروازو جيڪو اتر اوڀر پاسي ڏانهن هو.
تنهن کي مٺو دروازو چوندا هئا. يعني مٺي پاڻي
(لياري نديءَ جي ڀر ۾ مٺي پاڻي جا کوهه هئا جنهن
تي زراعت ڪئي ويندي هئي) پاسي کلندڙ دروازو. جنهن
جي چوڌاري تمر ۽ ٿوهر جو جهنگ هو. اهو ڪوٽ 1729ع ۾
مڪمل ڪيو ويو“.
شاهه بندر جي بندرگاهه جو منهن سنڌو نديءَ جي لٽ
سان بند ٿي ويو تنهن ڪري گهڻا اتان لڏي ڪراچيءَ ۾
آيا. سيٺ نائون مل موجب هتي خان آف قلات جي حڪومت
هئي. پر قلعي اڏڻ جو مشورو انهن بيبي مرادان کان
ورتو هو. تنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته
ڪلاچي جي ڪن واري علائقي ۾ جتي 20، 25 گهر مهاڻن
جا هئا. اهي سڀ انهيءَ بيبي جي مشوري تي هلندا
هئا. بيبي مرادان جي باري الفت نسيم پنهنجي مضمون
”ڪراچي کي تاريخ بلوچ پس منظر“ ۾ لکي ٿو ته: ”هن
جو نالو بيبي مرادان ڪُلاچي هو جيڪا ڪُلاچي قبيلي
جي اڳواڻ هئي.“ ڪنهن هن کي جوکين جي ڄامن مان
ڄاڻايو آهي. پر سيٺ نائون مل اهڙو ذڪر نه ڪيو آهي
۽ سيٺ نه ئي ڪنهن ڪُولاچي قبيلي جو ذڪر ڪيو آهي.
منهنجي خيال ۾ ته اها بيبي گابو پٽ جي ڀنڊ فقير
جوکين مان هئي. جوکين جو اهو پاڙو فقيري جي ڪري
مشهور آهي. ٻي ڳالهه اها به ٿي سگهي ٿي ته اها
مائي مورڙي جي قبر جي مجاور هجي ڇاڪاڻ ته اڄ به
گهڻا ماڻهو مورڙي کي فقير يا پير مورڙو سمجهي دعا
لاءِ ويندا آهن ۽ اها بيبي هتي ئي قبر جي سار
سنڀال لاءِ هن وقت موجود هوندي هئي. ڀوڄو مل جي
اچڻ وقت نئين ڪم جي شروعات ڪرڻ وقت بيبي مرادان
کان دعا ورتي ويئي هجي.
نائون مل ڪلاچي کي مرد مهاڻو لکيو آهي جيڪو درست
نه آهي. جيڪڏهن الفت نسيم جي ڳالهه تي غور ڪنداسين
ته پوءِ بيبي مرادان جنهن لاءِ الفت ڪُلاچي لکي ٿو
پوءِ نائون مل اها غلطي ڇو ڪئي هوندي. مائي ڪلاچي
جو ذڪر سومرن ۽ سمن جي دور ۾ ملي ٿو ۽ بيبي مرادان
1729ع ۾ حيات هئي.
هي
اهو دور هو جڏهن اڃا تائين ٺٽي تي ڪلهوڙن جي حڪومت
نه هئي ۽ اهو مغلن جي حوالي هو. اڳتي هلي 1737ع
جڏهن ٺٽو ڪلهوڙن جي هٿ هيٺ آيو ته ڪلهوڙن ڪراچي کي
1160هه/1747ع تي ڪلمتين ۽ جوکين کي پنهنجي پاسي
ڪري حاصل ڪيو. انهيءَ دوران کارو ڇاڻ کان ڪيٽي
بندر تائين ۽ گهاري وٽ جيڪي ننڍا ننڍا بندر هئا
اتان جي هندو سيٺين به ڪراچيءَ جو رخ ڪيو. چند
جهوپڙين واري ڪلاچي وڌندي ويئي، ڪلهوڙن جي دور ۾
مشهور حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي سنڌ جي واپار کي هٿي
ڏيڻ لاءِ نئون بندر ”شاهه بندر“ جي نالي سان 1759ع
۾ ٺهرايو، جنهن ڪري سنڌ جو واپار لاهري بندر (لاڙي
بندر) کان شاهه بندر تائين ٿيڻ لڳو. لاڙي بندر
عربن جي دور کان وٺي ڪلهوڙن جي دور تائين سنڌ جي
تجارت ۾ مرڪزي حيثيت رکندو هو. ديبل بندر سميت
تمام بندر ساحلي شهر به هئا. لاهري (لاڙي بندر)
يارهين صدي عيسوي کان 18 صدي عيسوي تائين سنڌ جو
اهم بندر هو. پوءِ سنڌو درياءَ جو ٻيٽ جهڙوڪ
اورانگا، شاهه بندر، ڪراچي ۾ وکر، کڙڪ ۽ ٻيا بندر
اسرڻ لڳا. کڙڪ کان وٺي شاهه حسن درگاهه پپري تائين
1720ع کان به اڳي مختلف ننڍا مڇي مياڻ موجود هئا.
جن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان انهن بندرن وسيلي
سنڌ جو واپار گوادر، مسقط، بحرين ۽ ٻين ملڪن سان
هوندو هو. 1742ع ۾ نادر شاهه دراني پنهنجي لاءِ
جيڪو فوجي جهاز تيار ڪرايو هئو جنهن کي مظفر علي
خان بيگلر سورت بندرگاهه کان ڪراچي آندو هو.
کڙڪ بندر ۾ مٽي اچڻ ڪري اهو بندر ٿي ويو هو ۽ جهاز
اتي لنگر هئڻ جي بجاءِ ڪراچي جو رخ ڪرڻ لڳو.
ڪراچي 1740ع کان پوءِ تيزيءَ سان ترقي ڏانهن قدم
وڌايا. هي بندرگاهه واپاري توڙي ڪاروباري مقصدن
کانسواءِ ايران ۽ حجاز مقدس جي سفر لاءِ پڻ
استعمال ٿيڻ لڳو. مير علي شير قانع جي مقالات
الشعر جيڪو پير حسام الدين راشدي ترتيب ڏنو آهي.
موجب، ”هڪ بزرگ شاهه نجم الدين حج تي وڃڻ لاءِ
ڪراچي بندر تان روانو ٿيو هو.“
45-1746ع تي ڪراچي تي مڪمل طور ڪلهوڙن جي حڪمراني
قائم ٿي. پر ”تاريخ سنڌ“ جلد ٻئي ۾ مولانا غلام
رسول لکي ٿو ته: ”ميان غلام شاهه ڪلهوڙي دائود
پوٽن کان اوچ ۽ ڪوٽ سبزل وٺي سنڌ ۾ شامل ڪيا ۽
ڪراچي شهر ۽ ان جي پسگردائي وارن علائقن کي خان آف
قلات کان وٺي سنڌ جي حڪومت کي وسيع ڪيو. غلام شاهه
ڪلهوڙو سن 1757ع-1170هه تي مرادياب کي معزول ڪري
سنڌ جي تخت تي ويٺو.“
غلام شاهه ڪلهوڙي کان اڳ ۾ ڪراچي ڪلهوڙن جي هٿ هيٺ
اچي چڪو هو. آخري ڪلهوڙا حڪمران ميان عبدالنبي جي
دور ۾ هڪ واقعو پيش آيو. جڏهن ته سنڌ جي درٻار جو
هڪ مکيه امير مير بجار خان ميان عبدالنبي جي هٿان
مارجي ويو. هن واقعي بعد ٽالپرن بغاوت ڪئي. ميان
عبدالنبي قلات هليو ويو ۽ ٽالپرن سان جنگ ڪرڻ لاءِ
خان آف قلات کي مدد جي درخواست ڪئي. جنهن تي خان
آف قلات سنڌ تي حملو ڪيو. قلاتي فوج ۽ ميان بجار
خان جي پٽ مير عبدالله جي فوجن وچ ۾ سخت لڙائي
لڳي، جنهن ۾ خان آف قلات جو ويجهو مائٽ ۽ اهم
سردار زرق خان مارجي ويو. هن جنگ ۾ ٽالپرن کي شڪست
ٿي ۽ ميان عبدالنبي ٻيهر سنڌ جو حڪمران ٿيو ۽
احساسن جي بدلي ۽ سردار زرق خان جي خون جي بدلي ۾
عبدالنبي ڪراچي بندر خان آف قلات جي حوالي ڪيو.
نائونمل ان واقعي بابت لکي ٿو ته: ”قلات جي خان جو
ڀاءُ جاڙڪ خان (قلات جي خان جو ڀاءُ نه پر ناٽي هو
۽ ان جو نالو جاڙڪ نه پر زرق خان هو) ڪلهوڙن سان
وڙهندي مارجي ويو ۽ ڪلهوڙن ان جي خون جي بدلي ۾
ڪراچي قلات جي خان حوالي ڪيو. تنهن کان پوءِ قلات
جي فوج جو هڪ دستو هتي رهندو هو.
ڪراچي جو نالو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مرزا عيسيٰ خان
ترخان جي دور ۾ 1557ع ۾ مشهور ترڪ جهاز ران سيدي
علي رئيس پنهنجي ڪتاب، محيط ۾ ”ڪراچي بندرگاهه“
طور استعمال ڪيو، پوءِ مغلن جي دور ۾ 1656ع ۽
1699ع ۾ سفر نامن دوران ڪراچي جو ذڪر ملي ٿو.
ڪلهوڙن جي دور ۾ اهو نالو گهڻو مقبول ٿيو جيئن ته
اڳ ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان ته سومرن جي اوائلي دور ۾
مورڙي ميربحر جو واقعو ٿئي ٿو. ان وقت به ڪلاچي
نالي ڪن موجود هو. ان دور ۾ سگهڙن پنهنجن بيتن ۾
ان کي ڪتب آندو پر اهي بيت اسان جي تاريخ ۾ اڃا گم
آهن. اڳتي هلي ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ جيڪي بيت
ملن ٿا انهن ۾ هڪ سگهڙ امين کٽي جيڪو مشهور سگهڙ
جلال کٽي جو ڀاءُ هو. هن جي ۽ ٻين سگهڙن جي بيتن
کي جيڪي هن قصي جي باري ۾ آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
ڪتاب ”مورڙو ۽ مانگر مڇ“ ۾ ڏنا آهن. امين کٽيءَ جا
بيت اوائلي چيا وڃن ٿا انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا.
جن ۾ دلوراءِ ۾ ڪلاچي جي ڪن جو ذڪر ملي ٿو.
ڪالهه ڪلاچي ڪُن تي، ويا ڄولي ڄار کڻي
رنڊين رڇ ”امين“ چئي، وين وَم وڻي
-
اکر ايرادت جي، وڌا هول هڻي
گهاتوئڙن گهڻي، ٿي دلگيري دل ۾.
-
ڪيرا ڪُن ڪلاچ تي، وڃيو کاهه منجهان کوڙين
اڄ
سڀان لوڙين، اکر ايرادت جو.
-
دلوءَ دلاسي اُتي، ويهاريو سو وير
ته
ماندو ٿي نه مورڙا! ڪر تون ساهه سڌير
کنڊ مصريون کير، هت مولو ڏيندو مورڙا.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي پڻ انهيءَ دور ۾ (ڪلهوڙن جي)
ڪلاچي جي ڪن جو ذڪر ڪيو آهي. سر گهاتو ۾ لفظ ڪلاچي
استعمال ڪيو آهي.
ائين جا لڏو لڏ، اي پرگهاتوئڙن جي
ڪُن ڪلاچيءَ ڪوڏ، سک نه ستا ڪڏهن.
جيسين 1761ع ۾ حڪومت هند جو انڊر سيڪريٽري هو.
انگريزن پاڙيسري ملڪن سان جيڪي پيغام ۽ پروانا
موڪليا هئا يا عهد ناما ڪيا هئا انهن جو ذڪر هن
پنهنجي مرتب ڪيل ”هند ۽ هن جي پاڙيسري ملڪن جا
عهدناما ۽ خط“ ۾ ڪيو آهي. جنهن تي ڪراچي جي نالي
جي تاريخ تي روشني پوي ٿي.
هن
ڪتاب ۾ 22 سيپٽمبر 1758ع ۾ انگريز ڪمپنيءَ جي
ايلچي جو جاري ڪيل پروانو پڻ شامل آهي. جيڪو ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي ڏانهن جاري ڪيو ويو هو. غلام
شاهه ڪلهوڙي پاران 1757ع کان 1761ع تائين جيڪا
لکپڙهه ٿي آهي، اها به هن ڪتاب ۾ شامل آهي. انهن
پروانن ۾ ڪراچي جي نالي جو ارتقائي عمل ڏسڻ ۾ اچي
ٿو.
2
سيپٽمبر 1758ع کان 22 سيپٽمبر 1758ع تائين پنج
پروانا جاري ڪيا ويا. 2 سيپٽمبر 1758ع ۾ قاضي محمد
يحيٰ جي صحيح ۽ مهر سان غلام شاهه پروانو جاري ڪيو
هو. جنهن ۾ سنڌ جي ڪجهه بندرن جا نالا اچن ٿا.
لکيل آهي ته ”حڪومت جي اهلڪارن ۽ بندرگاهه جي تمام
ڪمانڊرن ۽ ٻين ماڻهن کي اطلاع ٿو ڪجي ته لاڙي
بندر، اورنگا بندر، ڪراچر داراجا، سرڪار چاچڪان،
چڪر هالو، نصرپور، هال ڪونڊي، سرڪار سرستان،
خداباگ وغيره وغيره...“
سنڌ جي حڪمران غلام شاهه ڪلهوڙي 22 اپريل 1761ع تي
جيڪو پروانو جاري ڪيو آهي. ان ۾ بندرن جو ذڪر آهي
انهن ۾ ٺٽو بندر، شاهبندر، اورنگا بندر، ڪراچر
دارا وغيره شامل آهن. 1761ع ۾ ٻه وڌيڪ پروانا جاري
ڪيا ويا. جن ۾ ڪڪرالو ۽ ايهڙي بندر جو ذڪر آهي.
انهن پروانن ۾ ايهڙي بندر جو ذڪر آهي. اهو ڪراچي
جو ريڙهي مياڻ وارو بندر آهي. انهن پروانن ۾ ڪراچي
کي ڪراچر داراجا لکيو ويو آهي ۽ ڪڪرالو لڳ بندر يا
علائقي طور ڏنل آهي.
ڪتاب ۾ ٽالپرن جي دور ۾ جيڪي عهدناما ۽ پروانا
جاري ٿيا آهن انهن جو به ذڪر آهي. مير فتح علي خان
جي مهر سان جاري ڪيو ويو. ان کان پوءِ جيترا به
پروانا جاري ڪيا ويا انهن ۾ ڪراچي کي ڪراچي ئي
لکيو ويو آهي. آخر ۾ 7 فيبروري 1839ع تي جڏهن
انگريزن ڪراچي تي قبضو ڪيو ته ان وقت ڪراچي تان
دستبرداريءَ جو پڻ ذڪر آهي. جنهن ۾ شهر ۽ قلعي کي
انگريز گورنر جي حوالي ڪيو ويو هو. انهن عهدنامن ۽
پروانن مطابق ڪراچر داراجا ڪڪرالو ٻه الڳ بندر آهن
تنهن ڪري اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته ڪراچي جو نالو
ماضي ۾ ڪنهن طرح به ڪڪرالو نه آهي. ڪڪرالو الڳ شهر
۽ بندر هو جتي جوڌپور جي راڻن جي حڪومت هئي ڪراچر
داراجا مان پوءِ داراجا کي ختم ڪري هن کي فقط
ڪراچر ۽ پوءِ ڪلاچي لکيو ۽ سڏيو ويو. دارا جا
هنديءَ ۾ دروازي کي چيو وڃي ٿو.
سنڌ جي سر زمين تي فرنگين جو پهريون قدم 1611ع ۾
ان وقت پيو جڏهن سرمڊلٽن ديبل جو دورو ڪيو هو. هن
کان پوءِ 26 سيپٽمبر 1613ع تي واٽر پيٽن ايسٽ
انڊيا ڪمپني جي هدايت تي پهريون سامونڊي ٻيڙو ڪاهي
ديبل پهتو. هن اڳ سنڌ جي بندرن تي پورچوگيزن جو
واپار هلندڙ هو. انهن جو سنڌ جي حڪمرانن سان
معاهدو ٿيل هو ته هو ٻئي ڪنهن اولهه جي قوم کي
پورچو گيزن جي اجازت کان سواءِ واپار لاءِ سنڌ جا
بندر نه ڏيندا. 1613ع جي آخر ۾ هڪ ٻيو انگريزن جو
جهاز ايڪسيپينڊيشن هو جيڪو سوماترا ۽ اسپائيس ٻيٽن
ڏانهن وڃي رهيو هو. جهاز جو ڪيپٽن ڪرسٽو فرينوپورٽ
هو. هن کي حڪم مليو هو ته هو ايراني سامونڊي ڪناري
سان هڪ سٺي بندر تي مسٽر رابرٽ شرلي کي لايو وڃي.
جيڪو هڪ مهم جو انگريز هو. اهو مسافر سنڌو جي ڇوڙ
کان پنج ميل مٿي لاڙي نالي بندر تي لٿو. هتي هن
سان حڪمرانن وچ ۾ واپاري ٺاهه جي نتيجي ۾ انگريز
ٺٽي ۾ پهرئين واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا.
اها ڪوٺي 1662ع ۾ بند ڪئي وئي.
انگريزن کي ٺيڪ 96 سالن کان پوءِ سنڌ ۾ واپاري
ڪوٺي قائم ڪرڻ جي ٻيهر ضرورت محسوس ٿي ته 22
سيپٽمبر 1758ع ۾ انهن ڪلهوڙا حڪمران ميان غلام
شاهه ڪلهوڙي جي منظوري سان ٺٽي ۾ ٻيهر هڪ واپاري
ڪوٺي قائم ڪئي. ڪمپنيءَ پاران رابرٽ سمپٽن سنڌ ۾
ڪمپنيءَ جو انچارج مقرر ٿيو.
ڪلهوڙن جي دور ۾ هڪ انگريز 1729ع جي لڳ ڀڳ ڪراچيءَ
جو دورو ڪيو هو. هن کان اڳ جيڪي سياح آيا هئا انهن
ٺٽي جو دورو ڪيو هو. پر ڪلهوڙن جي دور ۾ جان پورٽر
پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته: ”ڪراچي هڪ ڪوٽ اندر
شهر آهي ۽ ان جي چوگرد مٽيءَ جي هڪ ڀت به آهي،
جنهن تي پراڻيون توبون لڳل آهن. ان وقت ڪراچيءَ تي
خان آف قلات جي حڪمراني هئي. ديوار اندر شهر جي
زمين پنجٽيهن ايڪڙن تي ٻڌل هئي.“
جڏهن 1758ع ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ ۾ ٻيهر واپاري
ڪوٺي قائم ڪئي ته غلام شاهه ڪلهوڙي ايسٽ انڊيا
ڪمپني کي ٽي پروانا ڏنا هئا. جن جي آڌار تي
ڪمپنيءَ ٻيهر سنڌ ۾ واپار شروع ڪيو. انهن پروانن
جي نتيجي ۾ ٺٽي ۽ شاهه بندر ۾ واپارين ڪوٺين کولڻ
۽ رهائشي جاين ٺاهڻ جا مجاز هئا. 61-1760ع ۾ ٽيون
پروانو جيڪو مسٽر ارسڪن کي مليو هو. ان پرواني تحت
ڪمپني کانسواءِ سنڌ ۾ ٻيو ڪو به يورپي نه واپار
ڪندو ۽ نه ئي ان کي رهڻ جي اجازت هوندي. لڳي ٿو ته
انگريز سنڌ جي حڪمرانن کي رام ڪري چڪا هئا. غلام
شاهه جي آخري دور ۾ انگريز ڪراچيءَ ۾ به واپاري
ڪوٺي کولڻ ۾ ڪامياب ويا. 1771ع ۾ سنڌ اندر ٽالپرن
۽ ڪلهوڙن جي ڇڪتاڻ ڪري ڪمپنيءَ جا حال هيڻا ڏسجن
ٿا. انگريزن واپار سان گڏوگڏ ڪمپنيءَ جي آڙ ۾
مشڪوڪ سياسي سرگرميون جاري رکيون.
سن
1772ع ۾ غلام شاهه جي وفات کان پوءِ سندس پٽ
سرفراز گاديءَ تي ويٺو. آڪٽوبر 1775ع ۾ وڳوڙي
حالتن ڪري ٺٽي ۽ شاهه بندر جون واپاري ڪوٺيون بند
ڪيون ويون. آخري دور ۾ ڪلهوڙن جي خواهش هئي ته
انگريزن سان پنهنجا ڇنل لاڳاپا بحال ڪيا وڃن. پر
ڪلهوڙن جي ڪمزور ۽ غير مستحڪم حڪومت ڪري انگريزن
انهن کي جواب ڏيئي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته افغانستان جي
مقابلي ۾ ڪلهوڙن کي هڪ طاقتور دوست جي ضرورت هئي.
انگريز ان وقت تائين ننڍي کنڊ جي سياست تي ڇانئجي
چڪا هئا ۽ هندستان جي ڪجهه حصن تي قبضو ڪري حڪمران
جي حيثيت سان پير ڄمائي چڪا هئا. ارڙهين صدين جي
پڇاڙڪي حصي ۾ انگريزن جا سڀئي قدم ۽ عمل واپاري
نقطئه نگاهه سان گڏوگڏ سياسي نوعيت جا به هئا.
سنڌ ۾ 1775ع کان 1783ع ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾
اقتدار جي حصول لاءِ خوني ڪشمڪش هلندڙ هئي.
ميرن جو دور:
نئين ڪراچي جو اڏيندڙ سيٺ ڀوڄومل 1763ع ۾ ديهانت
ڪري ويو. 1784ع ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو.
ٽالپر سنڌ جا حڪمران ٿيا. مير فتح علي خان پهريون
ٽالپر حڪمران مقرر ٿيو. ان وقت ننڍي کنڊ جي سياسي
منڊل ۾ زبردست ڦيرو اچي چڪو هو. ميسور جو ٽيپو
سلطان ۽ افغانستان جو زمان شاهه انگريزن جي مفادن
خلاف زبردست رڪاوٽ بڻيل هئا.
1797ع ۾ نيپولين اٽلي فتح ڪري بلقان کان ٿيندو
ترڪيءَ جي سرحدن کان ٿيندو مصر فتح ڪيائين. ان
ڳالهه جي ڪري انگريز پريشان هئا ۽ جيڪڏهن نيپولين
ايران ۽ بلوچستان کان ٿيندو سنڌ پهتو ته پوءِ
هندستان تي حملي ڪرڻ کان هن کي ڪير به روڪي نه
سگهندو. افغانستان جو زمان شاهه به هن جي مدد
ڪندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ مختيار هوندي به هن جي نگراني
۾ آهي. جنهن لاءِ ڪراچي بندر اهم هو.
سنڌ مان ڪمپنيءَ جي واپاري ڪوٺيءَ کي ختم ٿئي 23
سال گذري چڪا هئا. انهيءَ عرصي دوران ايسٽ انڊيا
ڪمپني جو هن علائقي سان ڪنهن به قسم جو لاڳاپو نه
رهيو هو. انگريزن لاءِ ٽالپر حڪمران نه فقط نوان
هئا پر اهي افغانستان جا ڏن ڀرو پڻ هئا. ٽالپر
جيئن ته شيعا هئا جنهن جي ڪري هڪ مذهبي فرقي جي
هئڻ ڪري ايران سان به سٺا تعلقات هئا ۽ ميرن جا
خاص مشير به ايراني هئا. جنهن لاءِ انگريزن هڪ
حڪمت عملي جوڙي ته افغانستان ۽ ايران تي حملي لاءِ
سنڌ سان دوستي ضروري آهي. جنهن لاءِ هن ڌرتيءَ تي
پير کوڙڻ ۽ ٽالپرن کي رام ڪرڻ جو اڪيلو رستو واپار
هو جنهن مقصد لاءِ اڳ ۾ ئي انگريزن وٽ هڪ مضبوط
هٿيار طور ايسٽ انڊيا ڪمپني موجود هئي.
ٽالپرن جي سنڌ تي حڪومت حاصل ڪرڻ وقت ڪراچي تي خان
آف قلات جي حڪمراني هئي. جيڪو خون جي بدلي طور هن
کي مليل هو. قلات جي ريڪارڊ ۾ ڪراچي جو نالو هن
وقت ”ضلع ڪوره“ هو. خان پاران انتظام هلائڻ لاءِ
هتي گورنر مقرر ڪيا ويندا هئا. اهي گورنر نالي
ماتر هئا. ڪراچي تي اصل حڪمراني هتان جي هن دور جي
مشهور واپاري ۽ سيٺ ڀوڄومل جي پٽ ڌريانومل (درياهه
ڏنو مل) ۽ سندس ڀائرن جي هئي. ڪراچي جا ماڻهو خاص
ڪري ميربحر انهن مان خوش هئا. ڇاڪاڻ ته انهن جي
واپار ڪري هتان جي ماڻهن ۾ معاشي بهتري آئي هئي ۽
باقي سنڌ جي ڀيٽ ۾ هتي امن هو.
1782ع ۾ ڪراچي کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ مير فتح علي
خان 15 هزار ماڻهن تي ٻڌل فوج ٻن ڪمانڊرن ميان
فقيرو جيڪو برهماڻي بلوچ هو جنهن جي نالي سان اڄ
به حيدرآباد ۾ فقير جو پڙ مشهور آهي ۽ ميان پاليا
(پهريو) جي اڳواڻي ۾ موڪليو. اهو لشڪر لياري ندي
جي ٻئي ڪناري جتي باغ هئا. ماڻهو لياري ندي جي
ڪناري کوهه کوٽي هن جو پاڻي زراعت لاءِ استعمال
ڪندا هئا انهن باغن ۾ ميرن جي لشڪر پڙاءُ ڪيو هو
لشڪر ٺيڪ انهيءَ جاءِ تي اچي خيما کوڙيا جتي
اڄڪلهه ڪلاڪوٽ، جمن شاهه پلاٽ، ريڪسر لائين وارا
علائقا آهن. اهي تمام علائقا لياري ندي جي ٻئي
ڪناري (ساڄي ڪناري)هئا. اڳ ۾ لياري ندي هتان ئي
وهندي هئي. ڪراچي جو ڪوٽ ڪڪري گرائونڊ کان به اڳتي
جتان مٺي در وارو علائقو شروع ٿئي ٿو هتي هو ۽ ڪوٽ
جي هڪ ڀت لياري نئين سان لڳ هئي. بغدادي واري
علائقي ۾ چمڙي رنڱڻ وارا ماڻهو رهندا هئا جيڪي کڏي
(ڪراچي واري ڪن) تائين هئا. هاڻوڪي لياري واري ندي
جيڪا گهڻي پاڻي اچڻ ڪري ڇاڙ جو ڪم ڏيندي هئي.
انگريز دور ۾ لياري ندي ۾ آيل ٻوڏ ڪري پراڻي شاخ
کي بند ڪيو ويو ۽ پاڻي جو پورو رخ هاڻوڪي لياري
واري شاخ ڏانهن موڙيو ويو پراڻي شاخ هاڻي فقط هڪ
گٽر نالي جي صورت ۾ موجود آهي. ڪڪري گرائونڊ ۽
شيدي ڳوٺ واري علائقي ۾ ٿوهر جا جهنگ هئا جتي
مزدور ماڻهو رهندا هئا حسن لشڪري وليج کان وٺي شير
شاهه تائين ايڪڙ ٻيڪڙ ڳوٺ هئا جيڪي مالوند ماڻهن
جا هئا ۽ ڪجهه زراعت سان واڳيل هئا. ميرن جي ايڏي
وڏي لشڪر جي ڪري اهي خاموش هئا. ڇاڪاڻ ته ڪراچي
شهر سان انهن جو ايترو واسطو نه هو انهن جو واسطو
فقط کير ۽ سبزي پهچائڻ هو. انهن جو اهو ڪاروبار
ميرن جي لشڪر اچڻ ڪري بند نه ٿيو پر انهن ميرن جي
لشڪر کي کير ۽ سبزيون ڏيئي پنهنجو گذر سفر ڪيو. ان
مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ڪراچي بندر ۽ ڪوٽ وارو
علائقو الڳ حيثيت ۾ خان آف قلات جي حڪمراني ۾ هو.
هاڻوڪي ڪراچي جا باقي علائقا جنهن ۾ ملير، گڏاپ،
ڪوهستان، منگهو پير، گابوپٽ، ابراهيم حيدري ۽
ريڙهي جي جدا حيثيت هئي جيڪي سنڌ سان گڏ ميرن جي
ڪنٽرول ۾ هئا انهن جي حيثيت الڳ رياست جي هئي.
ٽالپر فوجن جي اچ وڃ مٺي در تائين هئي جنهن جي ڪري
مٺي در کي بند ڪيو ويو ۽ ٽالپر فوج کي پري رکڻ
لاءِ وقفي وقفي سان ڪوٽ جي برجن تي جيڪي توبون لڳل
هيون فائر ڪيا ٿي ويا. جنهن جي ڪري ٽالپر فوج کي
ڪوٽ تي حملي ڪرڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي. ڪوٽ اندر رهندڙ
ماڻهن جي اڳواڻي ڀوڄو مل جو وڏو پٽ سيٺ ڀلرام داس
ڪري رهيو هو. قلات جي خان پاران هتي ڪا به فوج نه
هئي جنهن جي ڪري ڪراچي جي ڪوٽ اندر رهندڙ ماڻهن کي
پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪرڻو هو. حملي جي صورت ۾ 500
مهاڻا ۽ ٻيڙياتا تيار هئا. اچ وڃ لاءِ کارو در
کليل هو تنهنڪري انهن جي روزمرهه زندگي تي ڪو اثر
نه پئجي رهيو هو فقط مٺي پاڻي حاصل ڪرڻ جو مسئلو،
جنهن لاءِ انهن کي کاري ڌر کان وڏو چڪر لڳائي کڏي
واري جاءِ تي پاڻي لاءِ اچڻو پوندو هو.
اڍائي مهينا ڪوٽ کي گهيري کانپوءِ ٽالپر فوج ۾
بيزاري جا آثار ظاهر ٿيا. تنهن ڪري ميرن اهو گهيرو
ختم ڪيو ۽ ناڪام واپس ٿي حيدرآباد پهتا.
1793ع ۾ ٻيهر ميرن ڪراچي تي قبضي لاءِ لشڪر
موڪليو. انهيءَ جاءِ جتي 1782ع ۾ انهن پڙاءُ ڪيو
هو. هتي ئي فوج کي پڙاءُ جو حڪم ڏنو ويو. هن ڀيري
ميرن جي لشڪر شهر تي شديد گولاباري ڪئي پر ڪو
نقصان نه پهتو شهرين پاران سخت مزاحمت ڪئي ويئي.
تنهن ڪري مجبورن ٽن مهينن جي گهيري کان پوءِ ميرن
جي لشڪر کي ناڪام واپس ورڻو پيو.
خان آف قلات پاران ڪا مدد نه ڪرڻ جي صورت ۾ شهر جا
ماڻهو جيڪي گهڻو ڪري واپاري هئا. گهيري جي ڪري
انهن جي واپار تي اثر پئجي رهيو هو ڇاڪاڻ ته
ٻاهران ايندڙ قافلن لڙائي جي صورت ۾ ڪراچي بندر جو
رخ نه ڪيو. مڪران ۽ ايران کان ايندڙ قافلا
منگهوپير ۽ لانڍي وارو رستو وٺي ٺٽي ڏانهن وڃڻ
لڳا. جنهن جو نقصان ڪراچي وارن کي پئي ٿيو.
شهر تي مقرر ڪيل خان آف قلات پاران گورنر نالي جو
گورنر هو. شهر جو انتظام ڀوڄواڻي سيٺن جي محلي ۾
قائم دريا ٿان مندر تي حملو ڪيو. مورتين کي لٽڻ ۽
تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ مندر جي سامهون هڪ
مسجد به اڏي ڇڏي. جنهن جي ڪري شهر ۾ مذهبي جهيڙا
ٿيا. شهر ۾ هندو ۽ مسلمانن ۾ جيڪو ايڪو هو جنهن جي
ڪري ميرن جا ٻه حملا ناڪام ٿيا هئا. ان ايڪي کي
نقصان پهتو. هتان جي هندو ۽ مسلمانن جي معزز ماڻهن
جي وچ ۾ پئي هن جهيڙي کي وڌڻ کان بچايو ۽ خان آف
قلات کي هڪ خط وسيلي آگاهي ڏني ۽ گهر ڪئي ته
انهيءَ جهيڙي جو جڙ گورنر شفيع علي خان آهي. تنهن
ڪري هن کي فوري طور تي هٽايو وڃي. خان آف قلات جو
ڪراچي جي انتظام ۽ بچاءُ لاءِ ڪو خرچ نه پئي ٿيو ۽
الٽو هن کي محصول مان چڱو پئسو ملي رهيو هو ۽ پوري
انتظام کي هتان جا ماڻهو پاڻ هلائي رهيا هئا تنهن
ڪري خان آف قلات محمود خان شهرين جي گهر کي مڃيندي
گورنر کي هٽائي هن جي جاءِ تي حاجي سعيدو (حاجي
شادو) کي ڪراچي جو نئون گورنر مقرر ڪيو.
انهن ڳالهين کي ڏسندي ميرن 1794ع ۾ ٽيون ڀيرو 20
هزار فوج سان ڪراچي تي حملو ڪيو. ڪراچي وارن پاران
مزاحمت تي ٽالپر فوج ٽيون ڀيرو هتي وڃي خيما کوڙيا
جتي هو ٻه ڀيرا اڳ ۾ پڙاءُ ڪري ڪوٽ کي گهيري ۾ آڻي
چڪا هئا. فوج جا ڪمانڊر هن ڀيري به ميان فقيرو ۽
ميان پاليا (پهريو) هئا ۽ فوج جو اڳواڻ مير ڪرم
علي خان هو. مير ڪرم علي خان جا ڀوڄومل جي پٽ
ڌريانومل سان سٺا تعلقات هئا. جيئن ته ڪراچي جا
ماڻهو ڌريانو مل جي اڳواڻي ۾ گڏ هئا ۽ انهيءَ ايڪي
جي ڪري ميرن کي ٻه ڀيرا ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو.
هن ڀيري ميرن پنهنجي ذاتي تعلقاتن ۽ دوستي کي
استعمال ڪيو. انهن کي ٽئين ڀيري حملي وقت اها
ڳالهه محسوس ٿي رهي هئي ته حملي جي صورت ۾ ميرن کي
ناڪامي کانسواءِ ڪجهه به نه حاصل ٿيندو. تنهن ڪري
انهن ڌريانو مل سان رابطو ڪيو جنهن لاءِ حيدرآباد
۾ رهندڙن ڀوڄواڻي سيٺن جي مائٽن کي به استعمال ڪيو
ويو. مير ڪرم علي خان ڌريانو مل کي هڪ خط لکيو ته:
”خان آف قلات پاران ڪراچي ۾ ڪا به فوجي ڇانوڻي نه
آهي پر مون کي افسوس آهي ته اوهانجي ماڻهن اسان جي
فوج جو مقابلو ڪيو آهي. اسان جا پراڻا تعلقات آهن
۽ اسين ٻئي هڪ ڌرتيءَ جا سپوت آهيون تنهن ڪري
پنهنجي روين ۾ تبديلي ضروري آهي.“
هن
خط کان پوءِ ڌريانو مل هڪ خط قلات جي خان ڏانهن به
موڪليو ته ٽالپرن ٽيون ڀيرو 20 هزار فوج موڪلي
ڪراچي جي ڪوٽ جو گهيرو ڪيو آهي، ٻه ڀيرا ته ڪراچي
وارن انهن جي حملي کي ناڪام بنايو آهي ۽ هن ڀيري
به اڃا تائين ڪراچي جا ماڻهو ٽالپرن جي فوج کي
روڪي ويٺا آهن، جيئن ته ڪراچي اوهان جي صاحبي ۾
آهي تنهن ڪري ان جي حفاظت لاءِ فوج موڪلي وڃي ۽
اچي ڪراچي جي حفاظت ڪئي وڃي. هن خط جي جواب ۾ قلات
جي خان محمود خان جواب موڪليو ته، ”آئون هن وقت
ڪنهن به لڙائي جي پوزيشن ۾ نه آهيان. اهو اوهان تي
ڇڏيل آهي ته شهر کي ٽالپرن جي حملي کان بچايو يا
ٽالپرن جي حوالي ڪريو. ٻنهي صورتن ۾ اوهان تي ڪا
ميار نه هوندي.“
جنهن کانپوءِ ڌريانو مل شهرين سان صلاح ڪري مير
ڪرم علي خان کي خط لکي موڪليو ته، ”اسان پراڻا
دوست آهيون. مونکي اوهان جي حڪم مڃڻ ۾ خوشي ٿيندي
پر ان لاءِ ڪجهه ضمانتون چاهيون ٿا ته جڏهن ڪراچي
کي اوهان جي حوالي ڪيو وڃي ته اوهان جي فوج کي شهر
۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي اوهان جي پاران
ڪراچي جي انتظام هلائڻ لاءِ جيڪو گورنر يا نواب
مقرر ٿيندو هن کي هر ڪم اسان جي مشوري سان ڪرڻو
پوندو ۽ هن کي ڪراچي جي شهرين جو پورو پورو خيال
رکڻو پوندو.“
خان آف قلات محمود خان (1894) |