سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 24

صحافت ۽ ادب جو سفر

سڪندراعظم جي فوجن جو سنڌ ۾ اچڻ کان وٺي انگريزن جي قبضي ۽ هاڻوڪي الحاق تائين سنڌ جي تاريخ غلامي جي هڪ نه ٽٽندڙ داستان آهي. سنڌ جي ادب ۽ صحافت تي هن جا گهرا اثر موجود آهن. غلامي جي ڪري سنڌ، سنڌي ماڻهن سماج ۽ تاريخ تي وڏو اثر پيو ۽ هن غلامي جي ڪارڻ اڄ اسان جي تاريخ جا پنا ڪٿي گم آهن. تاريخ جا اهي ورق حملو ڪندڙن جي گهوڙن جي سنبن هيٺيان لتاڙجي هميشه لاءِ ختم ٿي ويا آهن. سنڌ جا اديب، محقق، دانشور ۽ ٻولي جا ماهر ماضي جي انهن ٽٽل سلسلن کي جوڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن. موهن جي دڙي ۽ بين آثارن جي لکت اڃا تائين سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي.

ٻولي جا ماهر هن ڳالهه تي هڪ آهن ته ٻولين جي شروعات شاعري سان ٿي هئي. سنڌي ٻولي قديم وقتن کان ان سلسلي ۾ شاهوڪار رهي آهي. موهن جي دڙي واري دور کان سنڌي ٻولي ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو رواج هو. عربن جي قبضي کان اڳ سنڌي ٻولي سڌريل ٻولي هئي. نئين تحقيق موجب سنڌي ٻولي بنيادي طور، سڌو سنئون سنسسڪرت مان نڪتل ناهي، پر سنسڪرت کان اڳ واري دور ۾ سنڌو، ماٿريءَ جي قديم ٻولي آهي.

ماهرن جو خيال آهي ته راءِ، برهمڻ وارو دور سنڌي ٻولي جي ترقي طرف وڌڻ جو بنيادي دور آهي. سومرن جي دور ۾ هاڻوڪي سنڌي ٻولي اُسري، سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌي ٻولي ڪافي ترقي ڪئي ۽ تاريخي لحاظ کان ڪافي مواد اسان وٽ موجود آهي.

اڪثر رومانوي داستان سومرن جي دور ۾ تخليق ٿيا ۽ انهن تي سگهڙن طبع آزمائي ڪئي. انهي زماني ۾ سنڌي ٻولي ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بلوچستان ۽ پنجاب تائين ڳالهائي ويندي هئي.

انهيءَ دور ۾ ڪراچي واري هاڻوڪي علائقي ۾ ادبي تاريخ جو ڏس ملي ٿو. لوڪ داستانن مورڙو ميربحر ۽ سسئي پنهون ڪراچي ۾ جنم ورتو. انهيءَ دور جي شاعري ۾ انهن داستانن کي شاعري ۾ آڻي سگهڙن ۽ شاعرن انهن ڪردارن ۽ تاريخي واقعن ۽ هنڌن کي امر ڪري ڇڏيو. جنهن سان هن دور جي تاريخ ڪنهن حد تائين محفوظ ٿي.

شروع ۾ ڀڳتن، ڀانن، مڱڻهارن، عشقيه داستانن، قصن توڙي جنگي واقعن کي بيان ڪيو، سورهين جي سورهيائي، سردارن جي واکاڻ ۽ عشق جي رمزن کي بيان ڪرڻ ۽ ڳائڻ شروع ڪيو. اهو فن سومرن جي دور ۾ عروج تي پهتو پر بدقسمتي  سان هن دور جي تاريخ اسان تائين گهٽ پهتي آهي. سمن جي دور ۾ انهيءَ سلسلي ۾ گهڻو مواد ملي ٿو.

مورڙو مير بحر، سسئي پنهون اهي ٻئي قصا عربن جي آخري ۽ سومرن جي شروع واري دور جا آهن. سسئي پنهون جو داستان سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ قافلن وسيلي واپار واري ماحول تي ٻڌل آهي. اهو واپار سنڌ، هندستان، مڪران ايران ۽ عراق کي ڳنڍيندڙ رستي سان هلندو هو. ان قصي جو مرڪز ڪراچي ويجهو ڀنڀور آهي جنهن سان سنڌ ۽ بلوچستان جي واپار، ثقافت ۽ سماجي ڳانڍاپن جي خبر پوي ٿي. ڪراچي، ملير ۽ مڪران جي شاعرن انهيءَ زماني جي بلوچي شاعرن به هن قصي کي بيان ڪري تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو.

ٻيو قصو مورڙي ميربحر جو آهي جنهن جو مرڪز دڙٻو لڳ ڪلاچي جو ڪن ۽ سون مياڻي تائين سامونڊي ڪنارو آهي. مورڙي جو تعلق راجا دلو راءِ جي درٻار سان ڄاڻايل آهي. جنهن جي حڪومت محققن موجب عربن جي زوال ۽ سومرن جي شروعاتي دور واري عرصي ۾ رهيو آهي. اٽڪل سترهين صديءَ ۾ پراڻن روايتن جي بنياد تي قصا بيان ڪندڙ شاعرن ساڳين قصن کي وري نئين سر هن وقت جي نظمي فارم يعني ڊگهن بيتن ۾ جوڙيو. مورڙو مير بحر، سسئي پنهون ۽ ٻين کي پراڻي روايتن مطابق ٻيهر منظم ڪيو ويو. اهڙي نظمي قصن سان اها پروڙ ٿي ته اهي ٻه ٽي صديون اڳ به رائج هئا.

موکي متارن جي داستان به ڪراچي ۾ جنم ورتو، جيڪو سمن جي آخري دور جو واقعو آهي ان قصي کي به ان دور جي شاعرن ۽ بعد ۾ ايندڙ شاعرن خاص ڪري سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٽنهي داستانن کي پنهنجي رسالي ۾ امر ڪري ڇڏيو. جنهن سان ان وقت جي پوري تاريخ، ماڳ مڪانن جي خبر پوي ٿي. لطيف خود سفر ڪري انهن علائقن ڏانهن ويو. کوجنا ڪئي.

سومرن جي دور ۾ سورٺ راءِ ڏياج، مومل راڻو، عمر مارئي، ليلان چنيسر، سهڻي مهيار، مل محمود مهرنگار، ڏمڻ سونارو، عمر ۽ گنگا جا قصا به مشهور ٿيا ۽ شاعرن انهن کي شاعر ۾ آڻي محفوظ ڪيو ۽ سنڌي ادب جي جاءِ جا ٿنڀا ٿيا ۽ ان دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لغت ۾ وڏو واڌارو ٿيو.

سمن جي دور ۾ ڏکڻ پاسي لاڙ ۾ ٺٽو سمن جي گادي جو هنڌ هو. جنهن ڪري ڪوهستان توڙي لسٻيلي ۾ سنڌي ٻولي وڌيڪ مضبوط ٿي. لسٻيلي کي سومرن جي دور ۾ سنڌي قبيلن وڃي وسايو جتي رونجهن پنهنجي سرداري قائم ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جو ڪوهستاني ۽ لاسڪي لهجو انهن علائقن ۾ اڳ ۾ موجود هو. سنڌي جو اهو شاهوڪار لهجو اڄ پوري لس، ڪوهستان، ڪراچي ۽ لاڙ ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. رونجهن جي عروج واري دور ۾ سنڌي ٻولي مڪران ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن تائين پهتي ته هتي سنڌي بلوچي جي ميلاپ جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ نئين شاخ ”جدگالي“ اڀري. جنهن ڪري لس جي ٻولي سان گڏ مڪران جي بلوچي جا بيشمار لفظ موجود آهن. اها ٻولي اڄ به ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد، لس، مڪران ۽ ايران تائين ڳالهائي وڃي ٿي.

جدگال جيڪي اصل م سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي جا جت آهن. اهي جڏهن ايران جي علائقي باهو ڪلات ۽ دشتياري تائين پهتا، جتي انهن حڪومت به ڪئي. نئين ٻولي ڪري بلوچن انهن کي ”جت- گال“ معنيٰ جتن جي ٻولي ڳالهائڻ وارو چيو. جيڪو بعد ۾ بگڙجي جدگال ٿيو ۽ انهن جي ڳالهائيندڙ ٻولي کي جدگالي سڏيو ويو.

سمن جي اوائلي دور ۾ ماموئي فقيرن جا بيت ظاهر ٿيا. موکي ۽ متارن جو قصو به سومرن جي آخري ۽ سمن جي شروع واري دور جو آهي. موکي ۽ متارن جي قصي جو تعلق ميخاني جي ماحول سان آهي. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دور ۾ فارسي شاعري ۾ عروج ۽ اوج تي رهيو. مبين شاهه ڪريم (وفات 1663ع) جي هيٺين بيت مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هي داستان ان دور ۾ مشهور هو.

متار ڪا ڳڀرو، گرٿ نه ٻڌن گوڏ،

آيا اڱڻ هوڏ، سِر ڏئو سروپين.

جيئن ته منهنجي موضوع جو تعلق ڪراچي جي ادب ۽ صحافت سان آهي ان ڪري انهيءَ علائقي ۾ اسرندڙ ادب ۽ صحافت جو ذڪر ڪندس پر مجموعي طور پوري سنڌ ۾ جيڪي به مشهور داستان ۽ قصا آهن انهن کي ڪراچي کان پنجاب، لسٻيلي کان ڪڇ تائين سڀني شاعرن ۽ سگهڙن بيان ڪيو ۽ ڳايو، سسئي پنهون جي محبتي داستان متعلق لکت ۾ جيڪي ڊگها سنڌي بيت ملن ٿا ته اهي محمد عارف ڪلهوڙي ۽ مورئي فقير جا آهن.

ان دور جي ڪراچي، ملير، منگهو پير ۽ گابو پٽ جيڪو هاڻوڪو ڪراچي آهي، سنڌي ادب جي ڪتابن ۾ هتان جي شاعرن سگهڙن جو ذڪر گهٽ ٿو ملي اهو نه هجڻ جي برابر آهي. ان دور ۾ لسٻيلي کان وٺي ڀنڀور تائين سگهڙ موجود هئا جن پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي تمام قصن کي بيان ڪيو آهي. ارغونن، ترخانن، مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور جو هتي وڏو ادبي خزانو موجود آهي. جنهن جو مثال هن دور ۾ هتان جي قبيلن جو حڪمرانن سان مهاڏو اٽڪائڻ کانسواءِ هتي موجود قبيلن جي پاڻ ۾ لڙاين، سسئي پنهون، مورڙي ميربحر، موکي متارن، مري مڱٿر ۽ ٻين داستانن تي سگهڙن جا چيل بيت موجود آهن پر هن پوري زخيري کي ميڙي هڪ هنڌ ڪرڻ جي ضرورت آهي. (وڌيڪ احوال ملير واري باب ۾ ڏنل آهي). سنڌي ۽ بلوچي جا اهي سگهڙ تاريخ جي ورقن جا زينت نه بڻجي سگهندا آهن.

مغل دور کان ٽالپر دور تائين مادري ٻولي سنڌي ۾ بنيادي تعليم ڏيڻ واري تحريڪ جا بنياد مضبوط ٿيا. سنڌي درسي نصاب جو بنياد مضبوط ٿيو. ابوالحسن جي سنڌي جي عام مقبوليت سان سنڌي ۾ تعليم ڏيڻ واري تحريڪ ڪامياب ٿي. جنهن سان اهو ٿيو. جو مختلف موضوعن تي فارسي جي بجاءِ سنڌي ۾ ڪتاب لکڻ جو رواج پيو. ڪتابن جي ترجمن جو سلسلو شروع ٿيو. ان دور ۾ عالمن جي تحقيق جو معيار به بلند رهيو. ان تحريڪ جي نتيجي ۾ سنڌي ادب ترقي طرف قدم وڌايا. هن دور جو هڪ قيمتي علمي ۽ ادبي ذخيرو هڪڙي ڪاتب عزت بن سليمان 1067-1029هه وارن سالن ۾ اتاريو. جنهن ۾ اوڻيتاليهين موضوعن وارا منظوم تيرنهن مختلف عالمن ۽ استادن جا لکيل منظوم شامل آهن. ان دور ۾ عوامي يا لوڪ شاعريءَ به سڌي ترقي ڪئي. ان ڏس ۾ مولود، مداح، ثنا، مناقبا، معجزا، مناجات کي سوين شاعرن پنهنجي اظهار جو وسيلو بنايو ۽ واقعاتي بيتن گهڻي ترقي ڪئي.

برطانوي دور ۾ جڏهن ڪراچي کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بنايو ويو ته ڪراچي سنڌ جي علمي، ادبي، صحافتي ثقافتي ۽ واپاري مرڪز سان گڏوگڏ مذهبن جو به مرڪز ٿيو. جنهن جي ڪري گهڻن سنڌي اديبن، سياستدانن، محققن، تعليمي ماهرن، صحافين، مذهبي اڳواڻن ۽ واپارين ڪراچي جو رخ ڪيو ۽ پوءِ هميشه لاءِ هتي جا ٿي ويا ۽ ڪراچي جي مٽيءَ ۾ دفن ٿي ويا. سنڌ ۾ علم و ادب ۽ مختلف فڪري ۽ نظرياتي تحريڪون هتان اڀريون ۽ اڳتي هلي سنڌي ادبي سنگت جهڙي فعال تنظيم جو بنياد به انهيءَ شهر ۾ پيو.

انگريز دور ۾ سنڌي ٻوليءَ عربي ۽ فارسي ٻولين جي جاءِ والاري، ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ گهڻو ڪري لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪم عربي ۽ فارسي ۾ ٿيندو هو. فريئر جي پاليسين ڪري سنڌي ٻولي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ کانسواءِ تحقيق، تخليق ۽ ترجمي جي ڪم وڏي پئماني تي ترقي ڪئي. ديوان ننديرام، سيٺ آلو مل، آخوند عبدالرحيم وفا، سيد ميران محمد شاهه، ڪوڙومل، کلناڻي ۽ ڪيولرام انگريزن جي اوائلي دور ۾ سنڌي ادب جي اوسر جي آبياري ڪئي. ننديرام جنهن ترجمن وسيلي سنڌي ادب جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان پهرئين تاريخ جو ڪتاب به هن آندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيندڙ ناول ”راسيلاس“ آهي جنهن جو ترجمو به ڪراچي ۾ ٿيو ۽ سنڌي ٻولي جو پهريون ڇاپو خانو به ڪمشنر هائوس ڪراچي ۾ قائم ٿيو. هن دور ۾ ڪراچي ۾ کڏي، لياري، ملير ۽ صدر ۾ قائم مدرسن مذهبي ڪتاب لکي سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو. انگريزن جي دور ۾ ڪراچي سنڌي ادب ۽ صحافت جي مرڪز طور اڀري سامهون آيو. ان دور ۾ ترجمن وسيلي سنڌي ادب ۾ بي پناهه ٿيو. هن دور ۾ اخبارن ۽ رسالن سنڌي ادب ۽ صحافت جي ترقي ۾ اهم رول ادا ڪيو. هڪ ئي وقت اديب، صحافي ۽ شاعر سياست ۾ سرگرم هوندو هو. جنهن جي ڪري اديب، صحافي، سياستدان ۽ مذهبي اڳواڻن جي درجا بندي ڪرڻ ڏکيو آهي. هڪ ئي وقت انهن ۾ سڀ خوبيون موجود هيون. ان دور ۾ ڪراچي مان شايع ٿيندڙ اخبارن ادب، سياست ۽ مذهب ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ادب کي زندهه رکيو.

ڪراچي ۾ صحافت:

اخبار نويسي جي بي ترتيب بنياد جو پتو مغلن جي دور ۾ پوي ٿو. سيد عبدالجليل بلگرامي ۽ سيد غلام علي آزاد بلگرامي مغلن پاران سيوهڻ ۾ وقائع نگار هئا. بکر ۽ ٺٽي ۾ به واقع نگار هوندا هئا. جيڪي مغل درٻار ۾ خبرون موڪليندا هئا. آزاد بلگرامي ”وقائع سيوستان“ جو ايڊيٽر هو. جيڪا روزاني اخبار هئي. ان وقت سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي اخبارون روزاني نڪرنديون هيون. جن ۾ ”وقائع سرڪار سيوستاني“ ”وقائع سرڪار ٺٽو“ ۽ ”وقائع سرڪار بکر“ سرڪاري خبرن تي ٻڌل اخبارون نڪرنديون هيون. مرحوم فتح محمد سيوهاڻيءَ موجب وقائع سرڪار سيوستاني جيڪا به روزاني هئي جنهن جي آفيس سيوهڻ ۾ اڙل واهه جي ڀرسان هئي. دراصل وقائع نويسي، اخبار نويسيءَ جي پيڙهه جو ڪم ڪيو.

ٽالپرن جي دور ۾ به سرڪاري ٻولي فارسي هئي هن دور ۾ به اسان کي فارسيءَ جا ڪجهه پرچا ملن ٿا. جيڪي ماهوار ۽ پندرنهن ڏيهاڙا آهن. جن ۾ مغلن سميت ٻين حاڪمن جا ڊگها بيان ۽ حڪمن ناما بيان هوندا هئا.

سنڌ ۾ باقاعده صحافت جي شروعات انگريزن جي دور ۾ ٿي جڏهن چارلس نيپئر پنهنجي قبضي کي جائز سمجهڻ ۽ پنهنجي مقصد جي پرچارڪ ۽ سنڌ ۾ بغاوت کي ماٺو ڪرڻ لاءِ 1845ع ۾ سنڌ ۾ پهرئين هفتي وار انگريزي اخبار ”ڪراچي ايڊورٽائيزر“ جاري ڪئي. هي اخبار هاڻوڪي خطي جنهن کي پاڪستان جو نالو ڏنو ويو آهي. اها پهرئين شايع ٿيندڙ اخبار هئي. اهڙي طرح اهو اعزاز به سنڌ جي شهر ڪراچي کي حاصل آهي. هن اخبار جو مقصد سنڌ جي فوجي گورنر چارلس نيپئر جي حڪومت جي سياسي ۽ فوجي پاليسين جو دفاع ڪرڻ هو. جنهن ۾ ميجر آئوٽ رام سميت ٻيا انگريز نيپئر تي ٿيندڙ تنقيدن جو جواب اخبار وسيلي ڏيندا هئا. اخبار گورنمينٽ پريس جيڪا ڪمشنر هائوس ۾ ڇپجندي هئي.

ڪراچي مان شائع ٿيندڙ ٻي اخبار ”سنڌين“ (Sind ian) هئي. جيڪا هفتي ۾ ٻه ڀيرا نڪرندي هئي. اخبار 1952ع جي آخر ۾ جاري ٿي. انگريزي ۾ شائع ٿيندڙ ان اخبار جو پهريون ايڊيٽر مسٽر اي. ڊبليو اسٽرينج هو. هي گورنمينٽ پرنٽنگ پريس ۾ ڇپجندي هئي. گورنمينٽ پرنٽنگ پريس سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ پهريون ڇاپو خانو هو. ”سنڌين“ اخبار چئن صفحن ۽ پنجن ڪالمن تي ٻڌل هئي. هي اخبار سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر ۽ ٻين ڪجهه انگريزن پنهنجي خرچ تي جاري ڪئي هئي. اخبار جي قيمت 5 آنا هئي ۽ ساليانو چندو 26 رپيا هو. جڏهن ڪو اهم واقعو ٿيندو هو ته اخبار پاران ضميمو شايع ڪيو ويندو هو. سنڌ ۾ اخبارن پاران ضميمي شائع ڪرڻ جو رواج به ”سنڌين“ اخبار شروع ڪيو. اڳتي هلي اخبار جو نالو ”سنڌين“ مان بدلائي ”سنڌٽائيمز“ رکيو ويو ۽ هي اخبار هفتي ۾ ٽي ڀيرا نڪرڻ لڳي. 1889ع جي آخر تائين هي اخبار ڪراچي مان شائع ٿيندي هئي.

ڪراچي مان شائع ٿيندڙ ٽين اخبار ”سنڌ قاصد“ (Sind Kossid) آهي. جيڪا 6 جون 1854ع ۾ جاري ٿي. انگريزي ۾ شائع ٿيندڙ هي اخبار هفتي ۾ ٻه ڀيرا نڪرندي هئي. هيءَ پنهنجي دور جي مشهور اخبار هئي. ان اخبار باقاعده مضمون جو سلسلو به شروع ڪيو. اخبار ۾ ڪراچي جي سماجي، ثقافتي، واپاري ۽ سرڪاري سرگرمين جون خبرون شائع ٿينديون هيون. پهرئين هي اخبار ننڍي سائز ۾ هوندي هئي. پهرئين سيپٽمبر 1854ع ۾ وڏي سائيز ۾ شائع ٿيڻ لڳي. ان اخبار جو مالڪ ۽ ايڊيٽر مسٽر جان برگس ۽ پبلشر مسٽ جارج رابرگس هو. جان برگس ان کان اڳ اخبار سنڌين جو ايڊيٽر به رهي چڪو هو. اخبار پنهنجي پريس ”سنڌ قاصد پريس“ مان ڇپجندي هئي. جيڪا نيپئر روڊ تي هئي. جتي هاڻي گودام آهن.

سنڌ قاصد پريس سنڌ ۾ پهريون پرائيويٽ پريس هو. 1854ع ۾ ڪراچي مان ”سنڌ نيوز“ ۽ ”فونڪس“ (Phonix) انگريزي اخبارون جاري ٿيون. ”فونڪس“ بعد ۾ روزاني اخبار ٿي. 1888ع ۾ فونڪس کي جنهن جا مالڪ يورپي هئا مقامي پارسي واپارين خريد ڪيو. ”سنڌ نيوز“ جو پهريون ايڊيٽر جان هاروي هو.

سنڌ ۾ مقامي ٻولي ۾ پهرئين اخبار 1855ع مان ڪراچيءَ مان گجراتي ٻولي ۾ شائع ٿيندڙ اخبار ”سنڌ سماچار“ آهي. هي هفتيوار اخبار هئي ۽ سنڌين پريس ۾ ڇپجندي هئي. سنڌين پريس ڪراچي ۾ قائم ٿيندڙ ٽيون پريس هو. 1886ع ۾ ”سنڌ سڀا“ ان اخبار کي پنهنجي حوالي ڪيو. پوءِ هي اخبار ساڌو هيرانند جي نگراني ۾ شائع ٿيڻ لڳي. ديوان گدومل سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هو. 15 مئي 1858ع تي هڪ هفتيوار سرڪاري اخبار ڪراچيءَ مان سنڌي ۽ فارسي ٻولي ۾ جاري ٿي. اخبار جو نالو ”فوائد الاخبار“ هو اخبار فارسي ۾ هئي پر ان ۾ هڪ حصو سنڌي لاءِ مخصوص هو. هي اخبار گورنمينٽ پريس ۾ ڇپجي هئي. اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ اڪثر مضمونن جو تعلق تعليم ۽ ان جي ترقي بابت هوندا هئا. ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته ”فوائد الاخبار“ سنڌي اخبار نويسي جو بنياد فراهم ڪيو.

خانگي سطح تي سنڌي صحافت جو بنياد فراهم ڪندڙ پهرئين اخبار ”مطلع خورشيد“ آهي. جيڪا مرزا مخلص علي جي ادارت هيٺ 1860ع ۾ سکر مان جاري ٿي. هن اخبار ۾ هڪ ڪالم فارسيءَ ۾ هڪ ڪالم سنڌي ۾ شايع ٿيندو هو. بنيادي طور تي هي فارسي اخبار هئي.

جنهن اخبار کي پهرئين مڪمل سنڌي اخبار هجڻ جو شرف حاصل آهي، اُها ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ هفتيوار اخبار ”سنڌ سڌار“ آهي. اخبار 1866ع ۾ ڪراچي مان انگريز سرڪار پنهنجي نظرداري هيٺ جاري ڪئي هئي. اخبار سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران ليٿو تي سندس قائم ڪيل ڇاپي خاني مان ڇپبي هئي. اخبار جو پهريون ايڊيٽر سنڌ جو تعليمي ماهر مسٽر نارائڻ جڳن ناٿ وديا هو. جيڪو حڪومت ۾ تعليم کاتي جو ڊپٽي انسپيڪٽر به هو. بعد ۾ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ مرزا صادق بيگ ان جو ايڊيٽر ٿيو. سرڳواسي ساڌو هيرانند به ان جو ايڊيٽر رهي چڪو آهي. 1884ع ۾ ساڌو هيرانند انگريزي اخبار ”سنڌ ٽائيمز“ جو به ايڊيٽر رهي چڪو هو. اڳتي هلي ”سنڌ سڀا“ جي هٿ هيٺ اها اخبار جاري ٿي. سرڪار پاران ان شرط تي اها اخبار ڏني ويئي ته اخبار ۾ هميشه وانگر تعليم ۽ اسڪولن جون خبرون شائع ڪيون وينديون. ”سنڌ  سڀا“ ڪراچي ۾ هندو، مسلمانن ۽ پارسين جي هڪ گڏيل سياسي، ثقافتي جماعت هئي. ان جي هٿ هيٺ انگريزي اخبار ”سنڌ ٽائيمز“ به نڪرندي هئي. معياري مواد جي حوالي سان ”سنڌ سڌار“ سنڌ ۾ چڱو نالو ڪڍيو.

سنڌ سڌار جي شائع ٿيڻ جي تاريخ مختلف محققن مختلف ڏني آهي. خان محمد پنهور هن جي شايع ٿيڻ جي تاريخ 1865ع، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 1866ع ۽ اردو اديب محمد عثمان دموهي 1855ع ۾ ڄاڻايو آهي. سرڪاري ريڪارڊ تي اخبار جي شائع ٿيڻ جي تاريخ 1866ع آهي. هن اخبار جو ساليانو چندو ڪراچي واسين لاءِ ٽي روپيا ۽ ڪراچي کان ٻاهر رهڻ وارن لاءِ چار رپيا هو.

1855ع ۾ ئي ڪراچي مان پهرئين مڪمل فارسي اخبار ”مفرح القلوب“ نالي سان شائع ٿي. هي اخبار هر آچر تي نڪرندي هئي. مرزا مخلص بيگ ان جو ايڊيٽر ۽ مالڪ هوندو هو. اخبار پنهنجي پريس ”مفرح القلوب پرنٽنگ پريس“ ۾ ڇپجندي هئي.

اخبار کي 1855ع ۾ بهترين فارسي اخبار جو اعزاز حاصل ٿيو. 1860ع ۾ ڪراچي جي چيمبرس آف ڪامرس پاران هڪ ماهوار اخبار ”پرائيس ڪرنٽ Price Current“ جاري ڪيو ويو. هي اخبار سنڌ مان شائع ٿيندڙ پهرئين مڪمل تجارتي اخبار هئي. 1866ع ۾ هڪ هفتيوار اخبار ”سنڌ آفيشل گزٽ“ ڪراچي مان جاري ٿيو. اها پهرئين اخبار هئي جنهن ۾ خبرن ۽ مضمونن جو سنڌي ترجمو به شائع ڪيو ويندو هو. اها اخبار سرڪاري سرپرستي ۾ نڪرندي هئي.

1870ع ۾ مرزا مخلص بيگ جي پٽ مرزا صادق بيگ هڪ فارسي اخبار ”اڪليل“ نالي جاري ڪئي. اخبار پنهنجي پريس اڪليل پرنٽنگ پريس بندر روڊ مان نڪرندي هئي. هي اخبار هر سومر تي شائع ٿيندي هئي ۽ 1875ع تائين جاري رهي. اڪليل پريس بندر روڊ تي ڪي ايم سي بلڊنگ جي سامهون جاگيردار هوٽل جي هيٺان دڪانن ۾ هوندو هو. جتان 79-1878ع ۾ مرزا مخلص بيگ جي نگراني ۾ سول ۽ ملٽري گزٽ لاهور جو سنڌ ايڊيشن به شايع ٿيندو هو. بعد ۾ ان اخبار کي ڪرنل ڪوري خريد ڪيو ۽ ان جو نالو سول ۽ ملٽري گزٽ مان بدلائي ”سنڌ گزٽ“ رکيو. 1886ع ۾ انهيءَ اخبار جي پريس مان ڪرنل ڪوري ”ڪمرشل پريس“ نالي هڪ ٻئي اخبار جاري ڪئي.

1880ع ڌاري ڪراچيءَ مان سنڌي اخبار معين السلام جاري ٿي. جنهن جو مالڪ ۽ ايڊيٽر مرزا صادق بيگ هو. هي اخبار هر جمع تي نڪرندي هئي ۽ اها اخبار 1885ع تائين جاري رهي. معين السلام پوري اخبار سنڌي ۾ شايع ٿيندي هئي. خانگي شعبي پاران نڪرندڙ پهرئين مڪمل سنڌي هفتيوار اخبار هئي. سنڌ جي مشهور شاعر سيد مرتضيٰ شاهه پنهنجي هڪ بيت ۾ اڪليل ۽ معين السلام اخبارن جو ذڪر ائين ڪيو آهي.

ڪڍي اڪليل جا اخبار عمدي

منجهاران فارسي بيسار عمدي

معين آهي سنڌي جا اخبار

برابر آهي سا ڄڻ گوهر يار

1881ع ۾ ڪراچيءَ مان ”سنڌ سنڌي“  اخبار سنڌي ۾، ”پر جا متر“ گجراتي ۾ ٻه هفتيوار اخبارون پڻ شايع ٿيڻ لڳيون. 1883ع ۾ ڪراچي مان هڪ سنڌي اخبار ”سنڌ سڀا“ شايع ٿيڻ لڳي. هن هفتيوار اخبار جو ايڊيٽر ۽ مالڪ ڏيارام هو.

1883ع جي آخر ۾ ڪراچي پر سنڌ مان شائع ٿيندڙ پهرئين اردو اخبار ”دوربين“ آهي. هن اخبار جو مالڪ ان وقت جي سنڌي ۽ فارسي صحافت جو روشن ستارو مرزا مخلص علي بيگ هو ۽ ان جو پهريون ايڊيٽر به مرزا مخلص بيگ هو. 1885ع ۾ انجمن مجمع محمدي جنهن جو نالو انهيءَ سال بدلائي سنڌ محمدن ايسوسيئيشن رکيو ويو. جنهن جي سهاري هيٺ 1889ع ۾ هڪ هفتيوار سنڌي اخبار ”معاون مجمع“ نالي ڪڍي ويئي. مشهور شاعر ۽ صحافي شمس الدين .بلبل“ ان جو ايڊيٽر هو. بعد ۾ ان اخبار کي سنڌ مدرسي بورڊ جي حوالي ڪيو ويو. بلبل کانسواءِ ايڊيٽرن ۾ مولوي محمد عثمان نورنگزادو ۽ مرحوم الله بخش ”اٻوجهو“ به رهيا آهن.

1886ع ۾ ڪراچي مان ئي منشي احمد دين هڪ فارسي اخبار ”رشيد“ نالي جاري ڪئي. منشي احمد دين لاهور مان ڪراچي آيو هو. 1890ع ۾ ساڌو هيرانند، ساڌو نولراءِ ۽ ڏيارام گدومل گڏجي ”سنڌ سڌار“ ۽ ”سنڌ ٽائيمز“ اخبارون شائع ڪيون. 1890ع ۾ ساڌو هيرانند سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پهرين مخزن ”سرسوتي“ جي نالي حيدرآباد مان جاري ڪئي. جنهن کي سنڌ مان شائع ٿيندڙ پهرئين ادبي رسالي جو اعزاز حاصل آهي. ان جو پهريون ايڊيٽر ساڌو هيرانند هو. پڇاڙڪن ڏينهن ۾ خانچند پرتاب راءِ ان جو ايڊيٽر هو. هن رسالي سنڌي زبان جي ادبي ميدان ۾ وڏي خدمت ڪئي.

1895ع ۾ ڪراچيءَ مان هفتيوار اخبار ”پترا“ جاري ٿي. جنهن جو ايڊيٽر تاراچند شوقيرام هو. جيڪو سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ ملازم هو ۽ ساڌو هيرانند جو وڏو ڀاءُ هو. تاراچند شوقيرام 1900ع ۾ شاهه جي رسالي جو پهريون ڇاپو آندو. حيدرآباد ۾ تاراچند اسپتال به هن جي نالي جي پويان قائم ٿيل آهي. ڪياماڙي ڀٽا وليج ۾ هڪ روڊ جو نالو تاراچند روڊ به انهيءَ جي نالي سان مشهور آهي. پترا جي مضمونن کي 1939ع ۾ ديوان ڪوڙومل ساهيتا منڊلي پاران گڏ ڪري ”جيون ڦلهاري“ نالي ڪتابي صورت ۾ آندو. 1890ع ۾ ويرومل بيگراج هفتيوار ”سنڌي“ نالي اخبار ڪڍي. جنهن سنڌي ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. سنڌ ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ ويرومل اهم ڪردار ادا ڪيو. انگريز حڪومت خلاف لکندي هي ٻه ڀيرا جيل ويو. مجموعي طور هي 5 سال جيل ۾ رهيو پوءِ به پنهنجن اصولن تان نه هٽيو. ورهاڱي تائين سچائي سان پنهنجن اصولن تي قائم رهيو.

1896ع ۾ ڪراچيءَ مان پرمانند ميوارام ”جوت“ ۽ ”پرڀات، نالي ٻه مکيه هفتيوار اخبارون ڪڍيون. سرڳواسي لعل چند امر ڏني موجب ته، ”پرڀات اخبار حقيقي معنيٰ ۾ هڪ عوام جو آواز رهبر ۽ رکوالو هو.“ اخبار جو ايڊيٽر ليکراج تلوڪ چند هو جيڪو سچ چوڻ تي ڪنهن کي به نه بخشيندو هو. انهن اخبارن جي ڪارڪردگي ادبي دنيا ۾ اڻ وسرندڙ رهي آهي. 1938ع ۾ پرمانند ميوارام جي ديهانت کان پوءِ جوت جو ايڊيٽر فادر ڪوٽواڻي ٿيو. 1946ع ۾ جوت جو سلور جوبلي نمبر شايع ڪيو ويو.

1900ع ۾ زراعت تي نڪرندڙ پهريون ماهوار رسالو ”زراعت“ ڪراچي مان جاري ڪيو ويو. جيڪو پهريون مڪمل زرعي رسالو هو. 1901ع ۾ ڪراچي جي سناتن ڌرم سڀا پاران ”سناتن ڌرم پرچارڪ پتر“ نالي هڪ اخبار جاري ڪئي ويئي. جنهن کي بعد ۾ ماهوار ڪيو ويو. جنهن جو پهريون ايڊيٽر سوڀراج شرما هو. جيڪو 1873ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو ۽ چاڪيواڙي ۾ اسڪول ۾ استاد هو. شرما جي ديهانت کانپوءِ تيجورام شرما 1947ع تائين ان جو ايڊيٽر رهيو. 1905ع ۾ ماهوار ”اصلاح“ ڪراچي مان محمد اسماعيل سرهندي، 1905ع ۾ تولا رام ۽ مينگهراج ٻالاڻي ڪراچيءَ مان سنڌي ۾ هفتيوار ”ماتا“ جاري ڪئي ۽ جنهن کي اڳتي هلي سرڪار بندش وجهي ڇڏي. ٻالاڻي بعد ۾ ”سنڌ شيوڪ“، ”ديش ماتا“ ۽ ”صداءِ سنڌ“ ماهوار اخبارون جاري ڪيون.

1907ع ۾ ڊي جي ڪاليج پاران ڇهه ماهي اخبار مسلمتي جاري ڪئي ويئي. جيڪا 1947ع تائين هلي. ساڌو ٿانورداس ان جو ايڊيٽر هو.

1902ع ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي سهاري هيٺ ”رساله مدرسا“ جاري ٿيو. جنهن جي ايڊيٽرن ۾ مولوي الله بخش ”اٻوجهو“ ۽ مولوي عبدالرحيم شامل هئا. پروفيسر ملڪاڻي جي راءِ موجب هن رسالي جي شائع ٿيڻ جو سال 1904ع آهي ۽ ميان شمس الدين بلبل به ان جو پوءِ ايڊيٽر ٿيو. هو پنهنجا مذاقي نظم ۽ مضمون هن مخزن ۾ شائع ڪندو هو. بلبل صاحب سنڌي زبان ۾ ظريفاڻي ادب جو پرمانند ميوارام وانگر باني هو. (سنڌي نثر جي تاريخ – پروفيسر ملڪاڻي)

1908ع اهو خوش نصيب سال آهي، جنهن سال پهرئين روزاني سنڌي ٻولي جي اخبار ”سنڌ واسي“ جي ڪراچي مان شروعات ٿي. ان جو پهريون ايڊيٽر ڪنول سنگ هو ۽ 1924ع ۾ اخبار جو ايڊيٽر ۽ مالڪ هاسارام پمناڻي هو. پهرئين مڪمل ۽ قومي اخبار جو اعزاز ”سنڌ واسي“ کي حاصل آهي. ياد رهي ته هڪ هفتيوار اخبار سنڌ واسي ڄيٺمل پرسرام پڻ بعد ۾ ڪڍي هئي. ان کان اڳ پمناڻي روهڙي مان ”ست سنگ ولاس“ ماهوار رسالو ڪڍندو هو. هندو مسلم جهيڙي جي نتيجي ۾ جڏهن سکر واري منزل گاهه مسجد بابت ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ هو، هاسارام پمناڻي هندوئن پاران شاهد هو. ڪيس هلندي ان کي روهڙي ريلوي اسٽيشن وٽ قتل ڪيو ويو.

هي سنڌ جي صحافت جو اوائلي دور هو. جيڪو 1844ع کان شروع ٿي، 1910ع تائين هلي ٿو. ان دور ۾ صحافتي ڪم جي ونڊ ورڇ نه هوندي هئي. اديب، سياستدان، مذهبي اڳواڻ، ادب، سياست، مذهبي فريضن سان گڏوگڏ صحافي جو ڪردار به نڀائيندا هئا. جيڪو اخبار ۽ رسالي جو مالڪ اهو ئي ان جو ايڊيٽر ۽ پبلشر به هوندو هو. ان دور ۾ پڙهندڙ ۽ لکندڙ ۾ سچائي ۽ خلوص احترام هوندو هو. اهو دور ادب سان گڏ تبليغي نوعيت جو هو. هي دور مذهبي ڪٽرپڻي کان آجو هو. ان دور ۾ هندو توڙي مسلمان عالم، اديب، سياستدان جو محور فقط سنڌ ۽ سنڌي ٻولي هئي. ان دور جي مشهور صحافين ۾ ساڌو هيرانند، مرزا صادق علي، مرزا مخلص بيگ، شمس العلماءَ مرزا غلام علي، شمس الدين بلبل، پرمانند ميوارام، هاسارام پمناڻي، تاراچند شوقيرام، تولارام  مينگهراج ٻالاڻي، ديش ڀڳت ويرو مل بيگراج، محمد هاشم مخلص، مرزا جعفر بيگ، شيخ محمد سليمان، مولوي محمد عثمان، الله بخش اٻوجهو، لکراج، سوڀراج شرما ساڌو نولراءِ، ڏيارام گدو مل (سائين پي ڪي شهاڻي جو ڏاڏو) هئا. ”بلبل“، تولا رام ويرو مل ۽ مخلص جو تعلق ڪجهه عرصي لاءِ ٻئي دور سان به رهيو.

ڪراچي ۾ سنڌي صحافت جو ٻيو دور 1911ع کان شروع ٿي 1947ع تائين پڄاڻي تي پهچي ٿو. هي دور لڙاين، انقلابن، تبديلين ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جو دور رهيو. انگريز حڪمرانن جي چال ۽ رجعت پسند هندو ۽ مسلم سوچ رکندڙ صحافين ۽ سياستدانن صحافت کي به مذهب جي بنياد تي ورهايو اها صحافتي ويڙهه ورهاڱي تائين جاري رهي. هندو پريس ۽ مسلم پريس جيڪي ٻئي سنڌي صحافين جي هٿن ۾ هئا پر الڳ الڳ نظرين جا پرچارڪ بڻيا. اِهو عرصو هر لحاظ کان اهم ۽ هنگاما خيز دور رهيو. بينگال جو ورهاڱو وري ڳنڍجڻ ۽ مسلم ليگ جي ٺهڻ جا اثر سنڌ ۾ به سنڌي پريس تي پيا.. عربي رسم الخط ۽ ديوناگري رسم الخط جي جهيڙي به هندو مسلم ايڪتا ۾ ڏار وڌا. جنهن جو نقصان اڳتي هلي سنڌ کي سهڻو پيو ۽ سنڌ انهن زخمن مان اڃا تائين آزاد نه ٿي آهي. ٻئي دور ۾ ڪراچي سان گڏ حيدرآباد به ڪراچي ادب، ثقافت ۽ صحافت جو مرڪز رهيو.

1911ع ۾ مهراج لوڪرام قومي ويچار ڦهلائڻ لاءِ ”سنڌ ڀاسڪر“ نالي هڪ هفتيوار اخبار ڪراچي مان جاري ڪئي. 1913ع ۾ ڪراچيءَ مان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي هڪ ماهوار مذهبي رسالو ”الاسلام“ نالي ڪڍيو. جنهن جو اعزازي ايڊيٽر محمد علي صالح ڀٽي هو. 1914ع ۾ وتن مل ملڪاڻي ڪراچي مان هفتيوار ”سنڌ واسي“ جاري ڪئي. 1914ع ۾ ڪراچي مان مهاراج ويرو مل پريمچند شرما ڪراچي ۾ سنڌي ۾ پهريون جاسوسي مضمون تي ٻڌل ماهوار رسالو ”سنسار چڪر“ جاري ڪيو. جيڪو هر مهيني بنا ڪنهن وقفي جي شايع ٿيندو هو. ان رسالي جا پڙهندڙ هندستان ۽ سنڌ کان ٻاهر به هوندا هئا. 1917ع ۾ سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽ مرحوم ڀرڳڙي ”هند واسي“ شروع ڪئي. شروع ۾ اها روزاني اخبار هئي. بعد ۾ هفتيوار ٿي. هن اخبار هندو مسلم ايڪتا لاءِ وڏو ڪم ڪيو. ڄيٺمل جي جيل وڃڻ کانپوءِ ان اخبار جو نالو بدلائي ”ڀارت واسي“ رکيو ويو. 1917ع ۾ پنڊت ايس. طوطا رام هفتيوار ”سنڌ سماچار“ اخبار ڪراچي مان جاري ڪئي. جيڪا ڪانگريس جي ترجمان اخبار هئي.

نومبر 1917ع ۾ سنڌ شيوڪ سڀا پاران ”ناري ڌرم“ نالي ماهوار رسالو جاري ڪيو ويو. جيڪو سنڌ مان شايع ٿيندڙ پهريون مڪمل عورتن جي نمائندگي تي ٻڌل رسالو هو، جيڪو ڪراچي ۽ حيدرآباد مان شايع ٿيندو هو. 1917ع ۾ مسٽر جي. ايس نندواڻي ڪراچي مان ماهوار ”سوکڙي“ جاري ڪيو. جيڪو پهريون رسالو هو جيڪو تصوف ۽ صوفي ازم جو پرچارڪ هو. جنهن ۾ تصوف ۽ ويدانيت متعلق مضمون ڇپجندا هئا.

1919ع ۾ سرڪار پاران جنگ جي خبرن تي ٻڌل سنڌي اخبار ”دي وار جرنل“ جاري ڪئي. جنهن جو مقصد پهرئين مهاڀاري جنگ بابت ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ هو.

مسلمان پاران شايع ٿيندڙ سڀ کان مشهور اخبار ”الوحيد“ هئي. روزاني اخبارن ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبوليت اخبار ”الوحيد“ کي ملي. هي اخبار مارچ 1920ع ۾ ڪراچيءَ مان شيخ عبدالعزيز سليمان جي نگراني ۾ جاري ٿي. اخبار جو نالو ترڪي جي خليفي سلطان وحيد الدين جي نالي پٺيان رکيو ويو. سيٺ عبدالله هارون جي مالي مدد سان اها اخبار شروع ٿي. ميڪلوڊ روڊ تي سٽي اسٽيشن جي سامهون مشهور هوٽل رائل مان نڪرندي هئي. بعد ۾ ان جي دفتر کي فريئر روڊ منتقل ڪيو ويو. آخر ۾ اها اخبار بيلاسس اسٽريٽ ۾ پنهنجي جاءِ ۾ منتقل ٿي.

انگريز سرڪار خلاف مضمون لکڻ جي ڏوهه ۾ ڇهن مهينن کانپوءِ اخبار تي بندش لڳائي ويئي. ۽ ايڊيٽر عبدالعزيز سليمان کي جيل موڪليو ويو. ڪجهه مهينن کانپوءِ اها ٻيهر جاري ٿي.

علي نواز وفائي جي چواڻي ”ان دور ۾ الوحيد سنڌ هئي ۽ سنڌ الوحيد هئي.“ خلافت تحريڪ، ريشمي رومال تحريڪ، سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا وارين تحريڪن ۾ اخبار اهم ڪردار ادا ڪيو. اخبار جي ايڊيٽرن ۾ عبدالعزيز سليمان کان سواءِ ان دور جا مشهور صحافي ايڊيٽر رهيا آهن. شيخ عبدالمجيد سنڌي الوحيد اخبار جو روح روان هو. شروع ۾ هي اخبار مذهبي ڪٽرپڻي کان آجو رهي هئي. بعد ۾ هندو ۽ مسلمانن تنگ نظر سياستدانن ۽ صحافين جي الوحيد کي مسلمانڪي اخبار جو ليبل لڳائي ڇڏيو ۽ اڳتي هلي الوحيد سنڌ جي مسلمانن جي ترجمان اخبار ٿي. هي اهو دور هو جڏهن سنڌ ۾ هندو ۽ مسلم پريس الڳ راهن تي هئا. پر انهن جي محور سنڌ هو. الوحيد جي ايڊيٽرن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ عبدالعزيز سليمان کانسواءِ، مولانا دين محمد وفائي، قاضي خدا بخش جيڪو ڪراچي جو پهريون مسلمان ميئر به ٿيو. مير الله بخش، نبي بخش سرڪي، دين محمد عليگ، سيد جمال الدين، مولانا هدايت الله، عبدالغفور سيتائي، مشتاق ابڙو شامل هئا ۽ آخري ايڊيٽر شيخ عبدالرحيم هو.

ورهاڱي کانپوءِ اخبار ۽ ان جي پريس کي هڪ لميٽيڊ ڪمپني ۾ تبديل ڪيو ويو. سنڌ جو وڏو وزير ان جو چيئرمين ۽ وزير بورڊ آف ڊائريڪٽرز جا ميمبر هوندا هئا. سنڌي ماڻهن جي چندي تي قائم ٿيندڙ هي اخبار آخر ۾ ڪو آپريٽو بئنڪ جي قرضي ٿي، نيلام ٿي ويئي.1953ع ۾ جڏهن بئنڪ قرضي جي واپسي جو مطالبو ڪيو ته ان وقت سنڌ جو وڏو وزير جيڪو اخبار جي لميٽيڊ ڪمپني جو چيئرمين هو ته وزيرن ۽ مشيرن اخبار جي دفتر بيلاسس اسٽريٽ جي دفتر جي سامهون تنبو هڻي، اخبار ۽ پريس کي نيلام ڪيو ۽ ائين الوحيد پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

1924ع ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي شاگردن پاران هفتيوار اخبار ”دي اسٽوڊنٽ هيرالڊ“ سنڌي ۽ انگريزي ۾ جاري ٿي، جنهن جو اعزازي ايڊيٽر ايم. ايم. ڪرپلاڻي هو. ان ۾ شاگردن جي مسئلن بابت خبرون ڇپجنديون هيون. سماجي مسئلن تي پهرئين مڪمل هفتيوار اخبار ”ديش متر“ نالي ڪراچي مان 1925ع ۾ جار ٿي. اها اخبار انگريزي ۽ سنڌي ۾ ڇپجندي هئي. اخبار جو مالڪ ۽ ايڊيٽر ڪيمچند ڏيارام واسواڻي هو. ڪجهه وقت اها روزاني به نڪرڻ لڳي هئي. اخبار ۾ سماجي مضمونن کانسواءِ سماجي تنظيمن جون خبرون به ڇپجنديون هيون.

1926ع ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ سکن پاران سک مذهب جي پرچارڪ لاءِ سنڌي ۾ هڪ ماهوار رسالو ”سک ٽرئڪٽ“ نالي سان جاري ڪيو ويو. جيڪو پهرئين حيدرآباد مان نڪرندو هو. 1925ع ۾ ڪراچي مان مرحوم عبدالله عباسي ”گلشن“ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو. 1926ع ۾ ٽوپڻ داس ماهوار ”موتين جو هار“ جاري ڪيو. 1927ع ۾ مرحوم قاضي عبدالرزاق هڪ ماهوار رسالو ”علمي دنيا“ جي نالي سان جاري ڪيو. 1927ع ۾ ڪراچيءَ مان سنڌي ۾ ٻه روزاني اخبارون ”ماترڀومي“ ۽ ”هندوجاتي“ شايع ٿيڻ لڳيون. هندو جاتي جو پهريون ايڊيٽر لوڪ رام نينارام هو. هن اخبار جي هڪ ايجاد اها هئي جو لفظ ”روزانه“ جي جاءِ تي لفظ ”ڏينهڪ“ جيڪو نيٺ سنڌي لفظ هو استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اها پهرئين اخبار هئي جنهن جي لوح تي لکيل هوندو هو ته ”سنڌ ۾ سڀني اخبارن کان وڌيڪ کپندڙ“.

1927ع ۾ ئي مولچند ٺارو مل هندو پريس ڪراچي مان ماهوار رسالو ”گيان آديا“ جاري ڪيو. هڪ پرچي شايع ٿيڻ کان پوءِ رسالو ڪراچي مان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. انهي پريس مان 1925ع ۾ هڪ ماهوار سنڌي رسالو ڪراچيءَ مان ”هندي هندو“ نالي به شايع ٿيندو هو.

1927ع ۾ الوحيد، ڪيسري، ماتر ڀومي، هندو جاتي، هندو سنسار ڪراچيءَ مان نڪرندڙ سنڌي روزاني اخبارون هيون. ”هندو سنسار“ جو ايڊيٽر ريجهو مل آگناڻي ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر مسٽر پارومل پمنداس هو. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته ”هندو سنسار“ 1931ع ۾ جاري ٿي هئي. ”ڪيسري“ پهرئين 1916ع ۾ حيدرآباد مان هفتيوار جاري ٿي. 1924ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿيڻ لڳي. 1927ع ۾ اها روزاني هئي. بعد ۾ ٻيهر هفتيوار ٿي. صحافت جي تاريخ ۾ هندو سنسار جو ڏس 1927ع ۾ ملي ٿو. 1927ع ۾ قاضي عبدالرزاق پاران تصويرن سميت علمي رسالو ”علمي دنيا“ ڪراچي مان شايع ٿيو. ان ۾ ادبي، تاريخي، مذهبي مضمون شايع ٿيندا هئا.

1928ع ۾ پهرئين شام جي اخبار انگريزي ۾ ڪراچي مان شايع ٿيڻ لڳي. جنهن جو نالو ”ڊيل گزٽ“ هو، انهيءَ سال ڪراچي مان ”سنسار سماچار“ جاري ٿي. جنهن جو ايڊيٽر ٺاڪرداس آنگاڻي هو. اها اخبار انهيءَ جاءِ مان نڪرندي هئي جتان بعد ۾ 1955ع ۾ روزاني مهراڻ اخبار نڪرڻ لڳي هئي.

ان دور ۾ ”سنڌ آبزرور“، ”نيوٽائيمز“، ”ڪراچي ڊيلي“ ۽ ”ڊيلي گزٽ“ (شام واري اخبار)“ ڪراچي ۾ انگريزيءَ جون روزاني اخبارون نڪرنديون هيون. 1925ع ۾ ڪراچيءَ مان مسٽر ليلارام منگنرام جي نگراني ۾ سنڌي ۾ ماهوار رسالو ”سندر ساهيتا“ نڪرندو هو. ڪراچي مان 1929ع ۾ مسٽر آسودو مل اڌارام ماکيجي پاران ”چوڏس“ هفتيوار اخبار جاري ڪئي ويئي. 1929ع ۾ ”پيغام“ نالي هڪ ماهوار ڪتابچو مولانا عبدالڪريم چستي شايع ڪندو هو.جيڪو هندو مسلم ايڪتا جو حامي هو. 1930ع ۾ ڪراچي جي علائقي کڏي مان عبدالله هارون جي ٺاهيل يتيم خاني ”جامعه اسلاميا يتيم خانا“ پاران نڪرندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org