سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 43

مٿي ذڪر ڪيل مندر جيڪي ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ۾ هئا جن مان گهڻن جو وجود به ختم ٿي چڪو آهي ۽ انهن جو ڪو به ريڪارڊ ڪونهي ورهاڱي کانپوءِ جتي هندو ڪميونٽي رهي ٿي. 25 مندر ٺاهيا ويا آهن پر انهن جي اڏاوت ۾ اها خوبصورتي ڪونهي جيڪا پراڻن مندر جي اڏاوت ۾ آهي.

دوري دوران مون محسوس ڪيو ته مندرن جي حفاظت لاءِ ويٺل پوڄاري ۽ هتان جا هندو هيسيل ۽ ڊنل آهن. ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهن انهن کي ڊيڄاريو ويو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته ورهاڱي کانپوءِ جيڪي مندر ۽ جايون بچي ويون آهن انهن جي حڪومت لسٽ به ٺاهي هئي. ورهاڱي کانپوءِ گهڻن مندرن ۽ ٽرسٽ جي زمينن تي بابري مسجد واري واقعي کانپوءِ قبضو ڪيو آهي.

ايويڪيو پراپرٽي هن سلسلي ۾ خود قبضا گيرن، بلڊرز مافيا سان مليل آهي. هن ڌنڌي ۾ مٿين ليول جا عملدار، چونڊيل نمائندا ۽ انڊر ورلڊ جا ماڻهو ملوث آهن. هن ڪاروبار ۾ ايجنسيون به شامل آهن انهن سڀني جو مضبوط نيٽ ورڪ آهي. جنهن کي هندو ڪميونٽي جي ڪجهه چونڊيل ميمبرن ۽ مذهبي اڳواڻن جو آشيردواد به حاصل آهي.

سنڌ جي انهن تاريخي جاين، ماڳن ۽ مڪانن کي جڪي سنڌ جي دل ڪراچي جي سونهن آهن. تن کي بچائڻ لاءِ سڀني سياسي، ثقافتي، سماجي، انساني حقن ۽ ادبي تنظيمن جي پليٽ فارم تان گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي. انهن تاريخي ورثن کي بچائڻ سان پوري تاريخ کي محفوظ ڪري سگهنداسين. بچائڻ سان گڏ انهن جي مرمت ۽ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

پراڻيون مسجدون:

اهو طئي ڪرڻ تمام ڏکيو آهي ته هاڻوڪي ڪراچي جي پراڻي مسجد ڪهڙي آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن هن خطي ۾ اسلام جو ظهور ٿيو ته مسجدن جي اڏڻ جو تصور به انهيءَ ڏينهن کان شروع ٿيو. هن پاڪ ۽ مقدس جاءِ لاءِ هر ڳوٺ، واهڻ، وستي ۽ شهر جي پاڙن ۾ ڌار جاءِ ٺاهي ويندي آهي. جتي آس پاس جا سڀ ماڻهو عبادت لاءِ ايندا آهن. ننڍن ڳوٺن ۾ ڳوٺ وارا پنهنجي سهولت مطابق ڳوٺ جي سطح تي پنهنجي وس آهر مسجد ٺاهي عبادت ڪندا هئا/ آهن. کروت (ننڍي چار ديواري واري مسجد) کان وٺي ڪکائين واري جهوپڙي مسجد کان پڪي پٿرن، بلاڪ واري مسجد تائين هر ڳوٺ ۽ پاڙي وارا پنهنجي پهچ آهر ان جي اڏاوت ڪندا آهن. جيئن جيئن آبادي ۾ واڌارو ٿيندو ويو. معاشي طور ماڻهو پاڻ ڀرا ٿيڻ لڳا تيئن انهن ننڍين ۽ ڪکائين مسجدن جي جاءِ تي پڪيون خوبصورت مسجدون ٺهنديون ويون ۽ خوبصورتي جو اهم سفر جاري آهي آبادي جي واڌاري سان گڏ مسجدن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيندو رهيو.

ڳوٺن ۽ شهرن جي مختلف پاڙن ۾ جمعي نماز وڏي مسجدن ۾ پڙهڻ جو تصور شروع کان وٺي هلندو اچي ٿو. اهي مسجدون گهڻو ڪري وڏين آبادين وارن ڳوٺن ۽ پاڙن ۾ قائم هونديون هيون. اهو سلسلو اڄ به جاري آهي.

1838ع ۾ ڪئپٽن هارٽ ٽالپرن جي دور ۾ 21 مسجدن جو ذڪر ڪيو هو ۽ 2007ع ۾ ڪراچي ۾ مختلف فرقن جون 6000 کان مٿي مسجدون آهن.  هر فرقي پاران مسجدن ٺاهڻ جي جنون پوري شهر کي متاثر ڪيو آهي. مسجدن ٺاهڻ وقت انهن کي وڌائڻ وقت ڪا به پلاننگ نه ٿي ڪئي وڃي، جنهن جي ڪري گهڻيون مسجدون سرڪاري زمينن، قبضو ڪيل ڪچين آبادين، پراڻن ماڳن، مساڻن، قبرستانن تي انهن کي اڏيو وڃي ٿو. تنهن کانسواءِ رستن ۽ گهٽين ۾ قائم مسجدن کي وڌائي رستن ۽ گهٽين کي سوڙهو ڪيو ويو آهي ۽ ان کانپوءِ نه رستو وڌي سگهي ۽ نه گهٽي وڌائي سگهجي ٿي. مسجد کي ڊاهڻ سان انتها پسندن ۽ مذهبي جنونين پاران هنگامه ڪرائي عام ماڻهو جي جذبن کي ڀڙڪايو وڃي ٿو. گهڻن مسجدن جي چارديواري سان رستن جي پاسن کان دڪان ٺاهيا ويا آهن جنهن جي ڪري به رستا سوڙها ٿي ويا آهن ۽ مسجدن جي خوبصورتي متاثر ٿي آهي. هر خالي جاءِ کي مسجد ۾ تبديل ڪرڻ ڄڻ هڪ اهم اسلامي فرض ۾ وڃي رهيو آهي. ڪچين آبادين وارا ڪنهن به زمين تي قبضي ڪرڻ وقت اڳ ۾ مسجد ۽ امام بارگاهه ٺاهن ٿا ته جيئن انهن جي ڊاهڻ سان وڏو هنگامو ڪري سگهجي. هي شهر مقدس جاين جي اڏڻ ۾ به بي ترتيب رهيو آهي. اسان وٽ هاڻي مسجد به ڪاروبار ۾ شامل ٿي وئي آهي. سرهندي وارن ماڻهن کانسواءِ عام چندو وصول ڪرڻ ۽ مسجد جي زمين سان گڏ دوڪان يا فليٽ ٺاهي مسجد جي نالي تي پئسا وٺڻ هڪ منظم ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي.

هاڻوڪي ڪراچي جي پراڻين مسجدن ۾ هڪ مسجد منگهو پير جي مزار واري مسجد آهي. جيڪا هتي پير منگهي جي اچڻ وقت قائم ڪئي وئي هئي. منگهو پير جي پيدائش جو سال 1162ع آهي. منگهي پير وارو مقام اهم تاريخي ماڳ آهي. هتي اها پڪي مسجد جيڪا اڳ ۾ پٿرن جي هئي، 1200ع واري پهرئين ڏهاڪي ۾ ٺهي هئي. اهو سومرن جو دور هو. منگهي پير جي انهيءَ مسجد جي آسپاس جا ڳوٺاڻا نماز لاءِ ايندا هئا ۽ هر جمعي تي خطبو ٿيندو هو ته وڏي تعداد ۾ پري پري جا ڳوٺاڻا هتي ايندا هئا.

ڪمانڊر ڪارليس 1838ع جڏهن بندرگاهه جي سروي لاءِ ڪراچي پهتو ۽ پنهنجي رپورٽ “Memoris on the Bay Harbour Trade of Kurrachee” ۾ ڪراچي جي ٽن قديم مسجدن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن ۾ هڪ منگهي پير واري مسجد آهي جنهن جي باري ۾ هو لکي ٿو ته هيءَ مسجد هڪ پهاڙي تي اڏيل آهي. اڇي رنگ جي هن مسجد جي مٿان هڪ گنبذ ۽ ڪنڊن تي چار مينار آهن.

ڪراچي جي پراڻين مسجدن مان هڪ مسجد محل چبوتري جي اڏاوت وقت ٺاهيو ويو هو. محل چبوترو جيڪو ميرن جو ڪسٽم هائوس هوندو هو جيڪو خان آف قلات 1698ع ۾ جڏهن ڪراچي جي قلات خان جي حوالي هو ٺهرايو ۽ اها مسجد ان وقت محل چبوتري جي اهلڪارن ۽ هتي موجود واپارين ۽ وڻجارن لاءِ ٺاهي وئي هئي.

ڪراچي جي پراڻين مسجدن مان هڪ مسجد منهوڙي جي قلعي لڳ ميرن جوڙائي هئي. ڪراچي حوالي ڪرڻ کانپوءِ ميرن بندر جي حفاظت لاءِ منهوڙي تي هڪ لائيٽ هائوس قلعو اڏيو هو، جنهن  سان گڏ هڪ مسجد به ٺاهي ويئي. قلعي جي اڏاوت 1797ع ۾ مڪمل ٿي. جيڪو انگريزن جي قبضي کانپوءِ ختم ڪئي ويئي.

عبدالله شاهه غازي جي باري ۾ شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽو تاريخ معصومي ۾ لکي ٿو ته ”ڪلفٽن تي موجود جيڪو عبدالله شاهه غازي جو مقبرو آهي. عوام ۾ مشهور آهي ته هي حضرت عبدالله بن نبهان رحه  جو مقبرو آهي جنهن کي حجاج بن يوسف بديل بن طهفه کان اڳ سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو هو.“

انهيءَ پهاڙي سلسلي تي عبدالله شاهه جي مزار جي ويجهو هڪ مسجد آهي امڪان آهي مغلن جي دور ۾ اها مسجد ٺاهي ويئي هئي. هن پراڻيءَ مسجد جي جاءِ تي هاڻي عبدالله شاهه غازي جي مزار لڳ نئين مسجد ٺاهي ويئي آهي.

ڪراچي ڪوٽ اندر ڪنهن دور ۾ ٽي مسجدون هونديون هيون. جن مان ٻن جو ذڪر سيٺ نائون مل جي يادگيرين ۾ به آهي 94-1793ع ۾ هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي هن لکيو آهي ته ”ملا شفيع علي خان ڪراچي تي خان آف قلات پاران نواب مقرر ٿيل هو. هو هڪ ڪٽر مسلمان هو هڪ ڀيري هن دريا ٿان مندر تي حملو ڪري مندر ۽ نائون مل وارن جي گهرن جي وچ ۾ هڪ مسجد اڏي ڇڏي هندن جي احتجاج تي نواب کي هٽايو ويو. هي مسجد انهيءَ جاءِ تي هئي جتي هاڻي ناخدا مسجد آهي.

ٻيو واقعو 1831ع جو آهي جنهن سنڌ جي سياست ۽ ثقافت جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو. جنهن جو ذڪر نائون مل پنهنجي يادگيرين ۾ ڪيو آهي انهيءَ واقعي جي نتيجي ۾ سيٺ نائون مل جي پيءُ کي اغوا ڪيو ويو. جنهن جا اثر نائون مل جي دل ۽ دماغ ۾ ايترو وهجي ويا جو هن پنهنجي ۽ پنهنجي ذات وارن جي بچاءَ لاءِ انگريزن جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ انهيءَ ساٿ جي نتيجي ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. 1831ع ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ نصرپور سان تعلق رکندڙ هڪ  هندو جو پنهنجي استاد جي مار موچڙي کان ڀڄي اچي مسجد جي در وٽ پهتو ته ڪجهه مسلمان هن کي اندر وٺي ويا انهيءَ ڳالهه تان هندن ۽ مسلمانن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. هڪ مذهبي اڳواڻ (جيڪي هميشه اهڙن موقعن جي تاڙ ۾ رهن ٿا) نورل شاهه ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهي سيٺ جي پيءُ کي اغوا ڪرايو. نائون مل لکي ٿو ته، ”اها مسجد اتي هئي جتي هاڻي ڌوٻي رهن ٿا. هي مسجد مٺي در واري علائقي ۾ لياري نئين واري پاسي مٺي در سان لڳ هئي. هتي قائم ڪنهن نه ڪنهن مسجد جي جاءِ تي اها مسجد هئي. ڪوٽ اندر ٽين مسجد انهيءَ جاءِ تي هئي جتي هاڻي ڇوتاڻي مسجد آهي. جيڪا کاري در واري علائقي ۾ آهي. مسجد جي هاڻوڪي جاءِ 1895ع جي ٺهيل آهي.

اڇي قبر کاري در واري علائقي ۾ جيڪو بزرگ دفن آهي. هن جو نالو سيد نور/ نورل شاهه آهي، جيڪو بولٽن مارڪيٽ روڊ تي ڪراچي جي هڪ پراڻي مندر ڪالي ماتا ديوي مندر جي سامهون آهي. تحقيق مان اها ڳالهه ظاهر ٿي آهي ته هي اهو نورل شاهه آهي. جنهن ڪراچيءَ ۾ هڪ ننڍي واقعي مان سياسي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ سيٺ نائون مل جي پيءُ کي اغوا ڪرايو ۽ پوري سنڌ ۾ مسلمانن کي هندوئن خلاف ڀڙڪايو هو.

گسري بندر تي جتي بعد ۾ انگريزن ٽي بي جي مريضن لاءِ سنيٽوريم جوڙيو هو. ان سان لڳ پٿر جي هڪ پراڻي مسجد هوندي هئي. جنهن کي آسپاس جا ماهيگير ۽ بخشڻ وليج جا ماڻهو عبادت لاءِ استعمال ڪندا هئا. شير شاهه مورڙو ڳوٺ واري مسجد به پراڻي مسجد واري جاءِ تي ٺهيل آهي.

ڪراچي جي هڪ پراڻي مسجد گهگهر ڦاٽڪ لڳ آهي جتي هاڻي ڪا آبادي نه آهي پٿر جي مسجد جا آثار موجود آهن. ڪراچي جي دنگ تي وٽيجي واري باغ ۾ جتي مسافرن جو اهم پڙاءُ هوندو هو هڪ مسجد موجود هئي جنهن جو ذڪر رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب سنڌ ڏکويل ماٿري ۾ جيڪو 1851ع ۾ ڇپيو هو ڪيو هو. وٽيجي ۾ هڪ پراڻي مسجد جو ذڪر به ڪيو آهي. برٽن مسجد جي خوبصورتي جو به ذڪر ڪيو آهي.


ميوا شاهه ۾ 1840ع ۾ ٺهيل سلاوٽ مسجد

 

کڏي واري مدرسي مظهرالعلوم کان اڳ هتي عبدالڪريم ميمڻ هڪ مسجد فردوس اڏي. بعد ۾ عبدالڪريم جي پٽ عبدالله ميمڻ، (محمد صادق کڏي واري جو پيءُ هو.) اها مسجد ميرن جي دور ۾ هتي اڏي ويئي هئي. ميوا شاهه جي قبرستان ۾ ڌوٻي گهاٽ واري پل کان حسن اوليا وليج ڏانهن ويندي کاٻي هٿ تي سلاوٽ قبرستان جي چار ديواري ۾ هڪ مسجد سلاوٽ مسجد آهي. جنهن تي قائم ٿيڻ جي تاريخ 1840ع لکيل آهي. اها به پراڻي مسجد آهي.

ڪراچي جي ٻين پراڻين مسجدن ۾ سليمان ڳوٺ مسجد، بانگي مسجد رنڇوڙ لائين، ناگمان مسجد (چٽائي مسجد) گل محمد لين لياري، مدرسو احرار سان گڏ ٺهيل مسجد ريڪسر لائين لياري، پراڻي ڪنڀار واڙي ۾ مدرسو انجمن معاونين اهل سنت والجماعت لياري لڳ مسجد مدرسو درسيا مجدديه صدر بازار لڳ مسجد، جيڪو 1870ع ۾ علامه عبدالله درس ٺهرايو هو. مدرسو عربيه مظهرالعلوم کڏي واري مسجد 1885ع. انگريزن جي دور ۾ جيڪا پهرئين مسجد شهر ۾ ٺهرائي وئي اها ميمڻ مسجد گاڏي کاتي بندر روڊ واري آهي جيڪا 1839ع ۾ ٺاهي وئي هئي. جونا مارڪيٽ (کجور بازار) واري ترڪ مسجد (1860ع)، ڪياماڙي جي پير غائب شاهه جي لڳ مسجد (1874ع)، ميمڻ مسجد صدر بازار جيڪا ٻه ماڙ آهي 1893ع ۾ ٺاهي وئي هئي. صدر ۾ مسجد قصابان جيڪا 1879ع ۾ ٺاهي وئي. حسن لشڪر وليج جامعه مسجد ان مسجد جي جاءِ تي هڪ پراڻي مسجد هئي جيڪا 1831ع ۾ پڪي جاءِ ۾ موجود هئي. کاري در واري امام بارگاهه لڳ مسجد اثناءِ عشري شيعن خوجن جي مسجد به پراڻي آهي.

ميران پير واري علائقي ۾ جيڪا مسجد ميران ماءُ جي مزار لڳي آهي اها پراڻي مسجد آهي. پراڻي مسجد جيڪا پٿرن جي هئي ان جي جاءِ تي نئين مسجد اڏي ويئي آهي.

سنڌ مدرسي جي چار ديواري اندر شاگردن لاءِ ٻه مسجدون آهن، جيڪي يورپي طرز تي اڏيل ڳاڙهن پٿرن جون ٺهيل آهن. هڪ مسجد جيڪا سني شاگردن لاءِ 1893ع ۾ ٺاهي ويئي هئي. ٻي مسجد شيعا شاگردن لاءِ 1894ع ۾ نواب خيرپور فيض محمد ٽالپر ٺهرائي هئي. هڪ مسجد مدرسي جي کاٻي پاسي ۽ ٻي مسجد ساڄي پاسي آهي.

لياري ڪوارٽرز ۾ ٺهيل مسجد، ماڙيپور ڳوٺ واري مسجد، موتي مسجد ڊينسو هال، کتري مسجد لي مارڪيٽ، هري مسجد ڀيم پورو، آدم مسجد سٽي ڪورٽ (جنهن جو افتتاح 16 آڪٽوبر 1913ع ۾ بوهرين جي مذهبي اڳواڻ سيدنا طاهر سيف الدين ڪيو هو.) قادري مسجد سولجر بازار جيڪا روحاني بزرگ مولانا غلام رسول شاهه قادري 1936ع اڏي هئي. هاڻوڪي ڪراچي جيل جي جاءِ جيڪا 1906ع ۾ مڪمل ٿي. جيل اندر به مسجد انهيءَ سال مڪمل ٿي. هن کان اڳ بندر روڊ تي 1847ع ۾ جيڪو جيل هو هتي به قيدين لاءِ مسجد ٺهيل هئي. جيڪا هاڻي سٽي ڪورٽ ۾ آهي. 1929ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بلڊنگ مڪمل ٿي 1940ع ۾ هتي مسجد ٺاهي وئي. جيڪا اڄ به موجود آهي. سنڌ اسيمبلي جي بلڊنگ 4 مارچ 1942ع ۾ مڪمل ٿي هن ۾ به هڪ مسجد ٺاهي وئي جيڪا اڄ به موجود آهي. ورهاڱي وقت هاڻوڪي ڪراچي شهري علائقن ۾ 162 پڪيون مسجدون موجود هيون. ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ جيڪي ضلعي ڪراچي ۾ شامل هئا. گڏاپ ۾ بکراڻي مسجد جيڪا 1929ع ۾ ٺاهي وئي آهي. ڪونڪر ۾ مولوي عبدالرحمان جوکئي واري مسجد جيڪا 1930ع ۾ پڪن پٿرن سان ٺاهي ويئي هئي جيڪا اڄ به استعمال هيٺ آهن. ابراهيم حيدري کان وٺي ڪنڊ تائين، گڏاپ کان گابي پٽ تائين گهگهر کان وٺي گسري تائين سڀني ڳوٺن ۾ پراڻيون مسجدون هيون. جن مان گهڻن کي وسيع ڪري وڌايو ويو آهي.

قبرستان:

ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارا علائقا پراڻي ماضي کان وٺي آباد آهن ۽ هي هندستان، فارس ۽ خليج ڏانهن وڃڻ جي گذرگاهه هئڻ ڪري مختلف قومن ۽ مذهبن جي ماڻهن جو مسڪن رهيو آهي. ڪراچي جي پسگردائي ۾ آڳاٽا قبرستان موجود آهن جيڪي بنا ڪنهن نالي ۽ نشان جي آهن انهن مان گهڻن کي ڪافرن جون قبرون چون ٿا انهن تي تحقيق جي ضرورت آهي ۽ ان کانپوءِ چوڪنڊي طرز تعمير جون گهاڙي قبرون جيڪي 10 صدي کان 17 صدي جون آهن اهي به گهڻي تعداد ۾ موجود آهن. جن جو ذڪر ڪتاب جي ملير، ڪوهستان ۽ منگهو پير جي گرم چشمي ۽ منگهي پير جي درگاهه سامهون وارا قبرستان به آڳاٽا آهن. مزار لڳ برفتن جي سردار سردار خان ۽ ٻين جون گهاڙي قبرون موجود آهن.

سردار خان جي قبر تي سن 913هه درج آهي. جيڪو 1596ع ٿئي ٿو. گرم چشمي واري قبرستان جو گهڻو حصو ختم ڪري ان تي رهڻ لاءِ جايون ٺاهيون ويون آهن. ڪنهن دور ۾ پسگردائي کانسواءِ سونگل، لالو کيٽ، صفوران، ڳجهڙي، گابو پٽ، گڏاپ ۽ ٻين علائقن جا ماڻهو پنهنجي مردن کي هتي دفن ڪندا هئا. منگهي پير واري پراڻي قبرستان ۾ 20 کان مٿي گهاڙي قبرستان آهن. اهو قبرستان درگاهه جي سامهون اوڀر پاسي آهي. روڊ سان لڳ قبرستان جي هڪ حصي تي پلاٽنگ ڪئي ويئي آهي. گهڻين قبرن کي ڊاهي هتي گهر اڏيا ويا آهن ۽ باقي ڪجهه حصو قبرستان کي الاٽ ڪيو ويو آهي. نانا سرڪار ۽ بابا غور جون قبرون ۽ ڪجهه گهاڙي قبرون انهيءَ پلاٽنگ ۾ اچي ويون آهن. اها پلاٽنگ قبضي مافيا پاران ڪيل آهي. اها اپريل 2007ع جي ڳالهه آهي جڏهن مون منگهي پير جي نائب ناظم علي اڪبر ڪاڇيلي گڏاپ يونين ڪائونسل جو نائب ناظم محمد اسماعيل بلوچ انهيءَ قبرستان جو دورو ڪيو. ماڻهن شڪايت جا ڍير لاهي ڏنا ته قبضا مافيا جو رخ هاڻي قديمي قبرستان ڏانهن آهي حڪومت کي گهرجي ته انهن خلاف سخت قدم کڻي ته جيئن اڳتي ڪنهن کي تاريخي قبرن ۽ قبرستان تي قبضي ڪرڻ جي همت نه ٿئي.

منگهي پير ۾ هڪ چار ديواري ۾ ميرن جون قبرون آهن. جن مان گهڻيون گهاڙي قبرون آهن. اهو قبرستان ميرن جي دور جو آهي.

ڪراچي ۾ هڪ پراڻو قبرستان ”مورڙو قبرستان“ آهي جيڪو سومرن جي دور کان به اڳ جو آهي. انگريزن جي وقت تائين لياري، شير شاهه ۽ ٻين علائقن جا ماڻهو پنهنجا مردا هتي دفن ڪندا هئا. قبرستان اڄ به استعمال هيٺ آهن.

بندر روڊ تي بولٽن مارڪيٽ ويجهو نيو ميمڻ مسجد به هڪ پراڻي قبرستان تي اڏيل آهي جنهن جو نالو شاهه عقيق قبرستان هو. جيڪو ڪراچي جي ڪوٽ کان ٻاهر هو. نيو ميمڻ مسجد ورهاڱي کانپوءِ جي ٺهيل آهي. جيڪڏهن هن قبرستان کي جيئن جو تيئن ڇڏيو وڃي ها ته هن پراڻي قبرستان جي ڪنهن خطبي تي تاريخ جي ڪا ڪڙي ضرور ملي ها. مسجد کي ڪٿي به ٺاهي پئي سگهيا. هونءَ به هن علائقي ۾ الله جي فضل سان مسجدن جي کوٽ نه آهي.

بولٽن مارڪيٽ جي پٺيان سليمان اسٽريٽ ۾ هڪ ڪمپائونڊ ۾ قبرستان موجود آهي. هي قبرستان هتان جي محلي وارن لاءِ هو. ٻين جڏهن هتي پنهنجي مردن کي دفن ڪرڻ شروع ڪيو ته سنڌ اسلاميا هوٽل بولٽن مارڪيٽ جي مالڪ حاجي محمد صديق ميمڻ 1917ع ۾ قبرستان کي چارديواري ڏياري. جنهن تي شڪرئي جو خطبو اڄ به لڳل آهي. هن قبرستان جي گهڻي ڀاڱي تي قبضا ڪري بلڊنگون اڏيون ويون آهن. هتي حضرت پير بالا شاهه بخاري رحه جي مزار به آهي.

ڪراچي جي پراڻي علائقي مٺا در ۽ لي مارڪيٽ جي وچ ۾ شڪارپوري محلي لڳ ميران پير قبرستان آهي جيڪو ميران امان بيبي جي مزار لڳ لي مارڪيٽ کان اڳتي شيدي وليج جي ويجهو آهي. باقي قبرستان جي گهڻي حصي تي گهر اڏيا ويا آهن.

ميوا شاهه لياري قبرستان جيڪو ڪراچي جو پراڻو قبرستان آهي جيڪو لياري نئين جي ساڄي ڪپ تي آهي. هاڻي ان ۾ گنجائش گهٽ آهي پر پوءِ به پراڻين قبرن کي ختم ڪري انهن تي نيون قبرون ٺهي رهيون آهن. قبرستان جي گهڻي حصي تي قبضا ڪري گهر ٺاهيا ويا آهن. انگريزن جي دور ۾ ڪراچي جيل ۾ ڦاهي کائيندڙ انگريز سرڪار خلاف ڪڇ ڪاٺياواڙ ۾ بغاوت ڪندڙ قادو مڪراني عرف قادر بخش بلوچ جي قبر به هتي آهي. نٿو رام کي ڪورٽ اندر قتل ڪندڙ عبدالقيوم جنهن کي ڦاهي ڏني ويئي هئي ان جي قبر به هتي آهي. ڪامريڊ نذير عباسي جي قبر ميوا شاهه ۾ آهي. نذير عباسي 9 آگسٽ 1984ع ۾ قيد دوران ضيا جي آمريت واري دور ۾ تشدد ڪري شهيد ڪيو ويو هو. جڏهن ميوا شاهه جيڪو افغانستان کان هتي آيو ۽ 1865ع ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪيائين ان کي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو ان کانپوءِ هن قبرستان جو نالو ميوا شاهه قبرستان مشهور ٿيو. هن ۾ مختلف برادرين جا قبرستان چارديواري ۾ آهن. بوهري خوجا سنت جماعت سلاوٽي قبرستان 1840ع، مسلم مارواڙي جيسلميري مسلم ترڪ ڪڇي، سنڌي مسلم جماعت 1934ع، حسيني قبرستان، خوجا سنت جماعت، هالاري ميمڻ، چاڪيواڙو بلوچ، داودي بوهره، جهونا ڳڙهه ميمڻ جماعت، اوکائي ميمڻ جماعت، ملبار مسلم، دلي سوداگران، هندو يهودي ۽ بهائين جا قبرستان آهن.

پراڻي حاجي ڪيمپ ۾ مائي گنجي بلوچ قبرستان موجود هو ۽ اڄ به استعمال هيٺ آهي. قبرستان جو هي پلاٽ مائي گنجي قبرستان لاءِ وقف ڪيو ۽ مائي گنجي جي مرڻ کانپوءِ ان کي هتي دفن ڪيو ويو جنهن ڪري ان جو نالو مائي گنجي قبرستان آهي.

ريڪسر لائين واري جاءِ تي به هڪ پراڻو قبرستان هو پر هاڻي هتي گهر ٺهي چڪا آهن ۽ قبرستان جو ڪو نالو نشان ڪونهي.

نيپئر روڊ کان لارنس روڊ ڏانهن ويندي  نگار سينيما جي سامهون کاٻي هٿ تي پراڻو امام واڙو آهي جتي اڳ پراڻو قبرستان هو. جنهن کي ٻارنهن امام قبرستان چيو ويندو هو. هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. ڪجهه قبرون اڃان باقي آهن هتي بلڊنگون ٺهي چڪيون آهن. نيپئر ٿاڻي جي پويان لي مارڪيٽ لڳ مٺا آواڙي قبرستان آهي. جنهن کي چار ديواري ڏنل آهي. هي کترين جي هڪ مخصوص ذات وارن جي آهي جتي هو ڪنهن ٻئي جي مردي کي دفن ڪرڻ نه ڏيندا آهن.

لياري عيدگاهه ويجهو خوجا اثناءَ عشري جماعت وارن جو حسين باغ قبرستان آهي. جيڪو فقط اثناءَ عشري خوجن لاءِ مخصوص آهي. ان سان گڏ شيعا اثناءَ عشري جماعت جو پراڻو قبرستان ”علي باغ قبرستان“ موجود آهي جيڪو فقط شيعا فرقي وارن لاءِ مخصوص آهي. علي باغ قبرستان سان گڏ پراڻي حاجي ڪئمپ ويجهو دائودي بوهرن جو قبرستان ”دائودي بوهره باغ قبرستان“ جيڪو فقط دائودي بوهرن لاءِ مخصوص آهي. هي قبرستان رنڇوڙ لائين کان نوان لين ويندي چيل چوڪ کان اڳ ۾ کاٻي هٿ تي آهي جنهن کي وڏو ڪوٽ ڏنل آهي.

”بوستان صديق ڪڇي قبرستان“ جيڪو استعمال ۾ آهي. ڪڇي جماعت وارن جو آهي. شهر جي لاوارث ماڻهن کي دفن ڪرڻ لاءِ انجمن سودگران پنجاب وارن جو هڪ قبرستان هو. جتي شهر جي لاوارث ماڻهن کي دفن ڪيو ويندو هو. هاڻي اهو ختم ٿي چڪو آهي. ملير ۾ جامعه ملير ڪاليج لڳ هڪ پراڻو قبرستان آهي جيڪو اڄ به استعمال هيٺ آهي جنهن ۾ ڪجهه گهاڙي قبرون به آهي.

دلبود قبرستان ملير جي پراڻن قبرستانن مان هڪ آهي هي غازي ٽائون جي پوئين پاسي آهي. دلبود بلوچ هتي مدفون آهي جنهن جي ڪري هن کي دلبود قبرستان چيو وڃي ٿو. دلبود جو ڳوٺ به هتي آهي جيڪو هاڻي ميراڻ بلوچ ڳوٺ جي نالي سان آهي. اڳ ۾ هي فقط بلوچن جو قبرستان هو. گڏاپ، ملير ۽ لانڍي جا بلوچ پنهنجن مردن کي هتي دفن ڪرڻ لاءِ آڻيندا هئا. ورهاڱي کانپوءِ گهڻي تعداد ۾ مهاجرن جي اچڻ سان انهن پنهنجن مردن کي هتي دفن ڪرڻ شروع ڪيو. قبرستان ۾ گنجائش نه هئڻ ڪري پراڻن قبرن جي جاءِ تي نيون قبرون ٺهي ويون آهن. قبرستان جي ڪجهه حصي تي قبضو ڪري گهر ٺاهيا ويا آهن منهنجو ڏاڏو گلشير ۽ ڏاڏي به انهيءَ قبرستان دفن آهن. ملير جو شهيد عبدالله مراد به انهيءَ قبرستان ۾ دفن آهي.

ڊملوٽي 8 لڳ ملير نئين جي ڪپ تي به هڪ پراڻو قبرستان آهي. ان کانسواءِ يوسف شاهه قبرستان درساڻو ڇنو، مائي موکي قبرستان ديهه موکي، ڪونڪر ڳوٺ قبرستان گڏاپ روڊ، تائيسر قبرستان عبدالله گبول ڳوٺ، نارا ٿر وارو قبرستان جتي ٻه قبرستان آهن ۽ هتي جي هڪ ٽڪري تي متارن جون قبرون به آهن. مائي ڳاڙهي قبرستان، گوند پاس قبرستان، حاجي پير ڪوهي شاهه درگاهه قبرستان نيشنل هاءِ وي، ماڊل ڪالوني قبرستان ايئر پورٽ، شاهه حسن قبرستان رشين بيچ پپري، محمود شاهه ڳوٺ قبرستان پپري، ابراهيم حيدري وارو قبرستان، ريڙهي مياڻ وارو قبرستان، ڪالوني گيٽ قبرستان، حاجي شاهه علي ڳوٺ قبرستان شرافي، واڻ ڪنڊ وارو قبرستان، عثمان شاهه قبرستان گڏاپ روڊ، عثمان شاهه قبرستان معين بڪڪ ڳوٺ موئيداڻ، امام بخش ٻري ڳوٺ وارو قبرستان، عثمان بلوچ باغ ميلي ڍوري لڳ وارو قديمي قبرستان، ٻاڙي ڍوري جي ڪپ وارو قبرستان، ميمڻ ڳوٺ وارو قبرستان، سومار اسماعيل ڪنڊاڻي وارو قبرستان، مهر علي شاهه مست بخاري قبرستان اولڊ ٿاڻو، ڪورنگي وارو قبرستان، صفوران ۾ گبولن وارو قبرستان، حاجي مريد ڳوٺ وارو قبرستان، پاپوش قبرستان، سخي قبرستان، لالو کيٽ پراڻا قبرستان آهن تنهن کان سواءِ گهڻا نوان قبرستان به شهر ۽ ٻهراڙي ۾ موجود آهن. ڪراچي جي ڏيڍ ڪروڙ واري آبادي ۾ قبرستانن جي گنجائش تمام گهٽ آهي. شهري رٿابندي وارا ادارا نيون اسڪيمون ته شروع ڪن ٿا پر انهن ۾ ڪٿي به قبرستان لاءِ جاءِ نٿا رکن جنهن ڪري شهري سخت تڪليف ۾ آهن. ڪراچي شهر ۾ قبرستانن جي نه هئڻ ڪري جيئڻ کان وڌيڪ مرڻ مهانگو ٿي پيو آهي. هاڻي گهڻن فرقن/ ذات وارن پنهنجي لاءِ الڳ زمينون حاصل ڪري قبرستان ٺاهيا آهن. جنهن جو مثال حب روڊ تي مواڇ لڳ قبرستان آهن. شيعن پنهنجن مردن لاءِ هڪ جديد قبرستان ”باغ حسين“ سپر هاءِ وي تي دنبا ڳوٺ لڳ ٺاهيو آهي. جنهن جي هر قبر انٽرنيٽ تي موجود آهي.

عيدگاهه:

اڳ ۾ شهرن ٻهراڙين ۾ ميدانن ۾ جنازي نماز ۽ عيد نمازون پڙهيون وينديون هيون. ڪراچي شهر ۾ ميرن جي وقت ۾ هاڻوڪي کوڙي باغيچي واري جاءِ تي عيد نماز ادا ڪئي ويندي هئي. ڪراچي ڪوٽ ۾ رهندڙ سڀ مسلمان انهيءَ جاءِ تي عيد نماز پڙهڻ لاءِ ايندا هئا. انگريزن جي قبضي کانپوءِ بندر روڊ تي 1879ع ۾ عيدگاهه ٺاهي ويئي جيڪو اڄ به عيدگاهه طور استعمال ڪيو ويندو آهي. جنهن جو پهريون پيش امام جنهن عيد نماز پڙهائي اهو مولانا محمد بشير رانا پوري هو. هن عيد گاهه ۾ خلاف تحريڪ، انگريزن کان آزادي ۽ آخر ۾ پاڪستان جي آزاديءَ جي تحريڪن جا وڏا جلسا ٿيندا هئا. ورهاڱي کانپوءِ انهيءَ عيدگاهه جي ميدان ۾ محمد علي جناح عيد نماز مولانا ظهور الحسن درس جي امامت ۾ ادا ڪئي. هتي انهن ٻنهي عيدگاهن کان پراڻي عيدگاهه فقير محمد دارا خان  روڊ لياري ۾ آهي. هي عيدگاهه پراڻي حاجي ڪئمپ، جمن شاهه پلاٽ، چاڪيواڙي ۽ پراڻي ڪنڀار واڙي ۾ گهريل آهي. هن عيد گاهه جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هي 250 سال پراڻي آهي ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ قائم ٿي هئي. ميرن جي حملي وقت به هي ميدان موجود هو ۽ جڏهن خوجن جو امام حسين علي ايران کان هتي آيو ته هن به ان عيدگاهه ويجهو ڪئمپ هنئي هئي ۽ ميرن هن کي شهر ۾ اچڻ جي اجازت نه ڏني هئي. ان عيدگاهه ۾ گهڻن سياسي اڳواڻن جن ۾ سر حاجي عبدالله هارون، مولوي محمد عثمان بلوچ، غلام حسين خالق ڏني. غلام حسين هدايت الله، محمد ايوب کهڙي، مير غوث بخش بزنجي ۽ جي ايم سيد به عيد جي نماز پڙهي هئي. هن تاريخي عيد گاهه کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي سرڪاري ادارا ۽ قبضا گروپ سرگرم آهن. ڇاڪاڻ ته پراڻي شهر ۾ هئڻ ڪري ان جي ملڪيت اربن ۾ آهي. 1963ع کان عيدگاهه محلي جي ڪميٽي جي حوالي هئي. پوءِ اوقاف کاتي پنهنجي حوالي ڪيو. ڪراچي جي آخري قاضي جي پٽ عدالت وسيلي 1993ع ۾ عيدگاهه جو انتظام سنڀاليو، اصل ۾ هو به هن کي وڪڻي گودام ٺاهڻ جي چڪر ۾ هو. انهن سڀني چڪرن جي باوجود تاريخي عيدگاهه سخت عوامي احتجاج ڪري اڃا بچيل آهي.

ان کانسواءِ کڏي جي مدرسي ۾ جامع مسجد عيدگاهه، شير شاهه واري عيدگاهه، سولجر بازار عيدگاهه (جيڪو نشتر پارڪ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جتي اڄ به عيد نماز ادا ڪئي وڃي ٿي) منگهي پير ۾ موجود عيدگاهه، ماڙيپور، ڄام ڳوٺ ملير، دلبود عيدگاهه، ابراهيم حيدري، بابا ڀٽ، شمس پير، ريڙهي مياڻ، پير سرهندي ڳوٺ، حاجي شيدي ڳوٺ، عثمان شاهه درگاهه گڏاپ، سيد يوسف شاهه درگاهه درساڻو ڇنو گڏاپ مرڪز علي شاهه عيدگاهه گڏاپ ۽ ٻين علائقن ۾ پراڻا عيدگاهه موجود آهن.

عيدگاهن لاءِ مخصوص ڪيل جاين کانسواءِ مختلف پارڪن، ميدانن ۾ عيد نماز ادا ڪئي ويندي آهي.

امام بارگاهه:

ڪراچي جي سڀ کان پراڻي امام بارگاهه کاري در واري علائقي ۾ آهي جيڪو اثنا عشري شيعن جو آهي. 1878ع ۾ پراڻي امام بارگاهه جي جاءِ تي هاڻوڪي بلڊنگ ٺاهي ويئي. جيڪا هڪ ماڙ هئي. 1965ع ۾ هن تي ٻي ماڙ به اڏي ويئي. امام بارگاهه سان گڏ هڪ پراڻي ۽ عاليشان مسجد به آهي.

خوجن جي ڪراچي ۾ سٺي اڪثريت آهي. جيڪي پاڻ کي اسماعيلي سڏائين ٿا. انهن مان گهڻا پنهنجا روايتي فرقي کي ڇڏي اثناءَ عشري فرقي ۾ شامل ٿي شيعا ٿي چڪا آهن ۽ کاري در وارو امام بارگاهه انهن جو هيڊ ڪوارٽر آهي. آغا خاني خوجا پرنس ڪريم آغا خان کي پنهنجو مذهبي اڳواڻ مڃين ٿا ۽ ان جا  پيروڪار آهن. کاري در ۾ آغا خان روڊ  تي آغا خاني خوجن جو جماعت خانو آهي. جيڪو پراڻو جماعت خانو آهي. گارڊن ايسٽ واري علائقي ۾ گانڌي گارڊن جي اوڀر پاسي جماعت خانو، ڪريم آباد واري علائقي ۽ ملير ۾ به جماعت خانا آهن. ملير وارو جماعت خانو پراڻو آهي. ورهاڱي وقت ڪراچي ۾ ٽي جماعت خانا ۽ ٻه امام بارگاهه هئا. ٻيو امام بارگاهه لارنس روڊ تي نگار سينيما جي سامهون کاٻي هٿ تي آهي. جيڪو قديمي اثنا عشرين جو امام بارگاهه آهي.

عيسائين جا گرجا گهر:

اليگزينڊر ايف. بيلي پنهنجي ڪتاب “Kurrachee past present and future” ۾ ڪراچي جي چرچن جي باري ۾ لکيو آهي. بيلي 1890ع ۾ ڪراچي جو دورو ڪيو هو. هن ڪراچي ۾ ٻن وڏن چرچن هڪ سينٽ پيٽرڪ چرچ ۽ ٻيو ڪياماڙي واري چرچ جو ذڪر ڪيو آهي. ان کانسواءِ چئن ننڍن چرچن جيڪي منهوڙي ۾ آهن جنهن ۾ هڪ سينٽ پال چرچ آهي جو ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته ”ڪراچي جي سڀني چرچن ۾ هن وقت 2500 ماڻهن جي عبادت لاءِ سيٽون موجود آهن. ڪراچي جي عيسائين جي گهڻائي چرچ آف روم سان وابستا آهي. شهر ۾ رومن ڪيٿولڪ مشن مصروف آهي. جنهن تحت ڪراچي جا مشهور سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ۽ سينٽ جوزف ڪانونيٽ اسڪول انهيءَ مشن سان ڳنڍيل آهن. هي ٻئي اسڪول ڪيمپ بازار (صدر) ۾ آهن.“

سينٽ پيٽرڪ ڪيٿولڪ چرچ:

هاڻوڪي عراق روڊ جي اوڀر واري ڇيڙي تي صدر جي پوئين پاسي سينٽ پيٽرڪ اسڪول جي سامهون هي چرچ ڪراچي سميت سنڌ ۾ ٺهندڙ پهريون باقاعده چرچ آهي. ان کان اڳ هتي موجود عيسائي پنهنجن گهرن ۾ هڪ حصي کي عبادت طور استعمال ڪندا هئا. هي چرچ صدر جيڪو ان وقت فوجي ڇانوڻي هيو، انهن ۾ يورپين فوجين لاءِ 1845ع ۾ جوڙيو ويو. ان وقت هن جي اڏاوت تي ڇهه هزار رپيا خرچ آيا. پهرئين هي ننڍو چرچ هو. هاڻوڪي خوبصورت جاءِ 1878ع ۾ ٺاهي وئي آهي. پراڻي بلڊنگ کي اسڪول ۾ تبديل ڪيو ويو هو پر 1885ع ۾ ڪراچي ۾ ايندڙ طوفان ڪري تباهه ٿي ويو. هن چرچ جو هال 170 فٽ ڊگهو ۽ 75 فٽ ويڪرو آهي. هن ۾ 1500 ماڻهو هڪ ئي وقت عبادت ڪري سگهن ٿا. هي چرچ ڪيٿولڪ عيسائين سان تعلق رکي ٿو. سينٽ جوزف اسڪول ۽ سينٽ جوزف چرچ به ان سان گڏ آهن.

هولي ٽرنٽي چرچ:

هي ڪراچي ۾ اڏجندڙ پروٽسٽنٽن جو پهريون چرچ آهي. هي وڪٽوريا روڊ (عبدالله هارون روڊ) تي پراڻي ڪمشنر ۽ پاسپورٽ آفيس جي سامهون خوبصورت پارڪ ۾ آهي. هن جي ڏکڻ پاسي هوٽل ميٽرو پول ۽ اوڀر پاسي آواري هوٽل آهي. هي پنهنجي گوٿڪ طرز اڏاوت ۽ ڊگهي ٽاور ڪري انتهائي خوبصورت آهي. شروع ۾ هي شهر جي اوچي عمارت هئي. هن جو ٽاور ڇهه ماڙ هو، جيڪو 150 فٽ ڊگهو هو. جيڪو صدر ڪراچي، ڪينٽ ۽ ڪياماڙي کان نظر ايندو هو. ڪراچي ۾ 1885ع ۽ 1902ع وارن طوفانن کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ٽاور جي مٿين ٻن ماڙن کي ختم ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته 1902ع واري طوفان ۾ چارلس نيپئر سان منسوب ڪيل دري تباهه ٿي هئي. جنهن جي ڪري 1904ع ۾ لاهور ۾ بشپ جي هدايت تي ٽاور جا مٿيان ٻئي ماڙ ختم ڪيا ويا. چرچ  جي پيڙهه جو پٿر هڪ شاندار تقريب ۾ سربارٽلي فريئر 9 سيپٽمبر 1852ع ۾ رکيو هو. مڪمل ٿيڻ کانپوءِ بمبئي جي بشپ مارچ 1855ع ۾ چرچ جي بلڊنگ جو افتتاح ڪيو. جاءِ جي اڏاوت تي 53554 رپيا خرچ آيو. چرچ جي فرنيچر تي 10780 ۽ گهنڊ تي 1550 رپيا خرچ آيو. چرچ جو ڊيزائين بمبئي جي انجنيئر ڪيپٽن جان هل تيار ڪيو هو. چرچ ۾ چارلس نيپئر ۽ مسٽر ايف. ڊي ميلويلي نالي سان منسوب ٻه دريون به آهن.

مشن چرچ- مشن روڊ

ڪرائسٽ چرچ:

هي رومن چرچ مشن روڊ ۽ لارنس روڊ (نشتر روڊ) جي ميلاپ واري هنڌ ڏکڻ پاسي آهي هي چرچ مشن سوسائٽي 1856ع ۾ اڏيو ويو هو جيڪو ڪراچي جي مشهور اسڪولن مان هڪ آهي. ڀيم ڀوري نانڪ واڙي ۽ رنڇوڙ لائين جي وچ ۾ قائم گوٿڪ اڏاوتي طرز جي هي خوبصورت چرچ اڄ به صحيح حالت ۾ عيسائين جي عبادت هيٺ آهي. پاسي ۾ هڪ خالي ميدان به چرچ جي ملڪيت آهي.

سينٽ پال چرچ:

منهوڙي جي لائيٽ هائوس ڀرسان 1865ع ۾ سرچارلس نيپئر جي ياد ۾ هي چرچج قائم ڪيو ويو هو جيڪو اڄ به موجود آهي. هن چرچ ۾ 50 سيٽن جي گنجائش آهي.

مٿيوڊسٽ هال چرچ:

ڪيٿولڪ عيسائين جو هي چرچ 1875ع ۾ اڏيو ويو هو. هي بروڪسر چرچ جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. گارڊن تي هي چرچ هاڻوڪي اليڪٽرونڪ مارڪيٽ جي سامهون آهي. هي ڳاڙهن سرن ۽ پٿرن جي ٺهيل خوبصورت جاءِ آهي.

سينٽ اينڊريوز چرچ:

هي چرچ به گارڊن روڊ ڏانهن ويندي کاٻي هٿ تي صدر ۾ آهي. چرچ جي سامهون جهانگير پارڪ آهي. هي گوٿڪ اڏاوت جي انتهائي خوبصورت جاءِ آهي. هن جي پيڙهه جو پٿر 6 فيبروري 1867ع ۾ بمبئيءَ جي فوج جي ڪمانڊر انچيف سر رابرٽ نيپئر رکيو هو. هن جو افتتاح 31 ڊسمبر 1869ع ۾ ٿيو. چرچ جي بلڊنگ کي سنڌ ريلوي جي انجنيئر مسٽر نيو نهم ڊيزائين ڪيو هو. هن جي ٽاور جي اوچائي 56 فٽ آهي. هال 180 فٽ ڊگهو ۽ 56 فٽ ويڪرو آهي. چرچ ۾ 400 ماڻهن جي عبادت جي گنجائش آهي. خوبصورتي وڃائي رهيو آهي. هن کي اسڪونش چرچ به چيو وڃي ٿو.

سينٽ جوزف چرچ:

هي چرچ به صدر ۾ آهي. هن جي اڏاوت 1878ع ۾ ٿي هئي. سينٽ جوزف اسڪول ۽ سينٽ پيٽرڪ چرچ ان سان گڏ آهن. هي به گوٿڪ طرز جي خوبصورت جاءِ آهي.

1921ع ۾ ڊرگ روڊ تي رائل ايئر فورس جوڙيو ويو ته هتي مرمت وارو يونٽ قائم ڪيو ويو ۽ هتي ڊرگ روڊ ريلوي اسٽيشن تي هڪ گرجا گهر اڏيو ويو جيڪو اڄ به موجود آهي.

ڪيٿولڪ سينٽ پيٽر چرچ گرم چشمو منگهو پير به پراڻو چرچ آهي جنهن کي هاڻي ڪي. ايم سي چرچ گرم چشمو چيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهو چرچ ڪي. ايم. سي جي فليٽن ۾ قائم آهي. منگهي پير جي علائقي سلطان آباد ۾ ٽيٽارڪو چرچ موجود آهي. ورهاڱي کان اڳ ماڙيپور، ملير ڪينٽ ۽ س. او. ڊي (ڊرگ واري علائقي) ۾ ننڍا گرجا گهر قائم هئا. جيڪي اڄ به موجود آهن ۽ اهي علائقا هن وقت به فوج جي حوالي آهن. ماڙيپور گريڪس وارو گرجا گهر هتي رهندڙ عيسائين جي حوالي آهي.

انگريزن جي وقت ڪليسائن جي انتظام لاءِ الڳ کاتو هوندو هو. سنڌ جا سڀئي عيسائي مذهب جا چرچ لاهور واري بشپ جي لاٽ پادري جي حدن ۾ ايندا هئا.

انهن چرچن کانسواءِ هن وقت تمام عيسائي آبادين ۾ ننڍا چرچ موجود آهن جن ۾ پراڻي وقت جي چرچن جي خوبصورتي ته نه آهي. پر انهن ۾ غريب محنت ڪش ماڻهن جي پگهر جو پورهيو شامل آهي. انهن مان ٻه چرچ سلاٽر هائوس شاهه بيگ لائين لياري ۾ آهن جن ۾ هڪ پيڪٽسٽ ڪرائيسٽ پنڊيڪاسٽل چرچ آف پاڪستان جنهن جو پادري فادر يونس آهي ۽ ٻيو سينٽ سيلس چرچ جيڪو ورهاڱي کان اڳ جو آهي، موجود آهن. نارائڻ پوري رنڇوڙ لائين ۾ بيت ايل هنتڪت پنجاب چرچ موجود آهي. ان کان سواءِ عيسيٰ نگري، چنيسر ڳوٺ، ڪيٿولڪ ڪالوني، سولجر بازار، شانتي نگر، نارٿ ناظم آباد، بلوچ ڳوٺ منگهو پير روڊ، اورنگي ۽ پنجاب ڪالوني جي عيسائي آبادين ۾ عبادت لاءِ چرچ موجود آهن. اهي گهڻو ڪري پنجابي آهن ۽ شهر جي صفائي جو ڪم انهن جي حوالي آهي. ناصري ڪالوني يوسف ڳوٺ ۾ اي آر پي سينٽ مائيڪل، ڪيٿولڪ چرچ، چرچ آف پاڪستان، ري بيس پيٽ، روسل ڪليميا، عوامي چرچ سيفل ڳوٺ سورجاڻي، ڪيٿولڪ چرچ لياري ايڪسپريس وي متاثر ڪالوني سونگل ۽ سينٽ جان ميري چرچ نور محمد ڳوٺ ڳجهڙو ۾ آهن.

عيسائين جا قديم قبرستان:

1839ع ۾ ڪراچي جي قبضي کانپوءِ پهريون بندر روڊ 1839ع ۾ ئي قائم ڪيو ويو. انهيءَ قبرستان ۾ چاڪر خان جي هٿان 1839ع ۾ قتل ٿيندڙ سيڪنڊ گرينڊئر رجمنٽ جي ڪئپٽن هينڊ جي قبر آهي. هن ۾ انهن انگريز فوجين جون قبرون آهن جيڪي ڪراچي ۾ ڪالرا وگهي فوت ٿيا هئا.

1843ع ۾ ڪراچي مسيحي قبرستان جيڪو گورا قبرستان جي نالي سان مشهور آهي. هي ڊرگهه روڊ عائشه ڀواني اسڪول جي لڳ آهي قائم ڪيو ويو. هن قبرستان ۾ سڀ کان پهرئين ڪرنل ڪارٽن جي ڌيءَ ماريا ڪارٽن کي 13 آڪٽوبر 1843ع ۾ دفن ڪيو ويو. ڪرنل ڪارٽن چارلس نيپئر جو مائٽ هو ۽ سنڌ جي قبضي وقت انگريز فوج ۾ هو. هن قبرستان جو انتظام ڪراچي ڪرسچن بورڊ جي هٿ هيٺ آهي. هن صاف سٿري قبرستان ۾ هر قبر کي نمبر الاٽ ڪيل آهي. هن قبرستان ۾ ڀاولپور جي نواب جي گهر واري جيڪا عيسائي هئي. مريم ڊورٿي عيسائي جي به قبر آهي. جيڪا 27 مئي 1927ع ۾ ڪراچي ۾ گذاري ويئي هئي. ان خاتون جي قبر تي هڪ پاسي الله اڪبر ۽ ٻئي پاسي صليب جو نشان ٺهيل آهي. قبرستان ۾ پولينڊ جي 58 فوجين جي گڏيل قبر آهي. جيڪي 1945ع ۾ ٻئي مهاڀاري لڙائي جي خاتمي تي ڪراچي کان پولينڊ ويندي هوائي حادثي جو شڪار ٿيا هئا.

اسٽيڊيم روڊ تي فوجي علائقي ۾ مين روڊ تي اسٽيڊيم ڏانهن ويندي کاٻي هٿ تي عيسائين جو خوبصورت قبرستان آهي. هن ۾ پٿر جون ٺهيل 57 قبرون آهن. اهي فوجي ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ مارجي ويا هئا. ان کي نيوي قبرستان به چيو وڃي ٿو. پر قبرستان جو اصل نالو ڪراچي وار سيميٽري آهي.

صدر ڪانوينٽ اسڪول جي ڏکڻ پاسي ۾ عيسائين جو قبرستان آهي. هن ۾ سول ۽ فوجين جون قبرون آهن. هن قبرستان ۾ چارلس نيپئر جي ڀائيٽي ڪيپٽن جان مور ۽ هن جي پٽ جون قبرون به آهن جيڪو نيپئر جو ملٽري اسسٽنٽ به هو. جنهن جو تعلق 62 اين رجمنٽ سان هو. 1846ع واري ڪالرا جي بيماري ۾ هي مري ويو. جنهن تي نيپئر ڪراچي ۾ صفائي لاءِ ڪنزروينسي بورڊ جو بنياد وڌو. هن قبرستان ۾ فرسٽ بٽالين جي 50 اين ريفلر جي 685 فوجين جون قبرون آهن. جيڪي ڪراچي جي سخت موسم ڪري فوت ٿيا هئا. هتي جولاءِ 1846ع ۾ ڪالرا جي وگهي فوت ٿيندڙ 261 ماڻهن کانسواءِ 86 اين شاهي رجمنٽ جي 23 سارجنٽن جي به هڪ گڏيل يادگار آهي.

انهن قبرستانن جو استعمال هاڻي بند آهي ڪراچي ۾ موجود عيسائي جيڪي يورپين نه آهن انهن جي آبادين ۾ الڳ الڳ قبرستان موجود آهن. هن وقت ڪراچي ۾ عيسائين جا چار مختلف مشن ڪم ڪري رهيا آهن.

ٻين مذهبن جون عبادت واريون جايون ۽ قبرستان:

ڪراچي ۾ پارسين جا ٻه عبادت جا مرڪز آهن جن کي آتش ڪده (مقدس باهه واري جاءِ) ۽ اگياري به چيو وڃي ٿو. اهڙو پهريون عبادت گاهه صدر جي بوهري بازار ۾ جهانگير ريسٽورنٽ واري گهٽي ۾ آهي. هي عبادت گاهه هڪ پارسي هير جي ڀائي پنهنجي رهائش واري جاءِ جي هڪ حصي ۾ ٺهرائي هئي. جيڪو 1845ع ۾ جوڙيو ويو. ڪئمپ بازار (صدر بازار) ۾ هئڻ ڪري هن کي ڪئمپ مقدس باهه واري جاءِ به چيو ويندو هو. پر پارسين وٽ هي ”هير جي وارو دار مهر“ مشهور آهي. 1875ع ۾ هاڻوڪي جاءِ ٺاهي ويئي آهي. 1918ع ۾ هن کي ٻه ماڙ ڪيو ويو. هتي مذهبي گڏجاڻين لاءِ هڪ هال به آهي. مقدس باهه انڊيا مان هتي آندي ويئي هئي. جيڪا ڪڏهن به وسامندي نه آهي.

پارسين جو هڪ ٻيو ”دار مهر“ (عبادت گاهه) گاڏي کاتي واري علائقي ۾ ڊي. جي ڪاليج لڳ آهي. هي مقدس باهه واري جاءِ 1875ع ۾ ڊوسا مهر وانبي واڊيا اڏيو هو. بعد ۾ سر جهانگير ڪوٺاري جنهن جي نالي سان صدر ۾ جهانگير پارڪ ۽ ڪلفٽن ۾ جهانگير ڪوٺاري پريڊي آهي. جيڪي ان ڪراچي وارن جي تفريح لاءِ ٺاهيا هئا ۽ سرڪائوس جي ڪڙڪ جيڪو ڪراچي جو ميئر رهي چڪو آهي، هاڻوڪي جاءِ ٺهرائي آهي. پارسين جي هتان لڏپلاڻ ڪري ان عبادت گاهه ۾ هاڻي گهٽ پارسي اچن ٿا.

پارسين جي مردن کي ٺڪاڻي لڳائڻ وارن جاين جن کي هو ”دخما“ چون ٿا، ٽي هئا. جن مان هڪ اڃا به موجود آهي. جڏهن ته ٻه ختم ٿي چڪا آهن. بچيل ”دخمو“ چنيسر ڳوٺ جي ويجهو 1915ع ۾ ٺاهيو ويو آهي. هي علائقو ان وقت غير آباد هو هتي فقط چنيسر ڳوٺ ۽ چنيسر هالٽ ريلوي اسٽيشن کانسواءِ پهاڙي علائقو هو. هتي وڏي کوهه تي هڪ ٽاور ٺهيل آهي ۽ پوري علائقي کي چار ديواري ۾ بند ڪيو ويو آهي. انهيءَ ٽاور کي ”ٽاور آف سائيلنس“ چيو ويندو آهي. هن جي مٿان لوهي ڄاري تي مردن کي رکيو ويندو آهي. جنهن جو ماس جانور ۽ پکي کائيندا آهن. انهن جو عقيدو آهي ته گناهه گار جي لاش جي ويجهو پکي ۽ جانور نه ايندا آهن.

ان کان اڳ پهريون باقاعده دخمو رتن تلاءَ واري علائقي ۾ هو جتي هڪ کوهه جي مٿان ڄاري رکيل هئي. هو مردن کي ان تي ڇڏي ويندا هئا. شهر جي وڌڻ ڪري ان کي ختم ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ڪلفٽن ۾ دخمو ٺهرايو ويو. ان کي به شهر جي وڌڻ ڪري ختم ڪيو ويو. چنيسر ڳوٺ واري ٽاور آف سائيلنس شهر وڌڻ کان پوءِ به برقرار آهي ۽ ان جو حل اهو ڪڍيو ويو جو ان کي چار ديواري ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org