سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 23

نمبر

اسڪول جو نالو

شاگردن جو تعداد

1-

عربي سنڌي اسڪول

205

2-

هندو سنڌي اسڪول

132

3-

گجراتي اسڪول 1

93

4-

گجراتي اسڪول 2

135

5-

مرهٽي اسڪول مشن روڊ

175

6-

چاڪيواڙو اسڪول

65

7-

ووڊر برن (Wedderburn) گرلز هندي سنڌي اسڪول

96

8-

گجراتي گرلز اسڪول

51

9-

محمدن گرلز سنڌي اسڪول کوڙي باغيچو

86

10-

محمدن گرلز سنڌي اسڪول پراڻو بازار گاڏي کاتو

76

11-

عربي سنڌي نائيٽ اسڪول

32

12-

گجراتي نائيٽ اسڪول نئون بازار گاڏي کاتو

13

13-

اولڊ مارڪيٽ نائيٽ اسڪول

28

14-

رام باغ گاڏي کاتو نائيٽ اسڪول

12

15-

”همبلي“ ورنا ڪولر اسڪول منهوڙو

39

هيٺيان اسڪول ڏات ڌڻين سماجي ڪارڪنن ۽ مختلف ڪميونٽي پاران قائم ڪيا ويا پر ميونسپلٽي پاران انهن کي به ساليانو امداد ڏنو ويندو هو.

1-

نارائڻ جگن ناٿ ورنا ڪولر اسڪول

400

2-

گرامر اسڪول

180

3-

سينٽ پيٽرڪس اسڪول صدر بازار

220

4-

سينٽ جوزف ڪانوينٽ اسڪول صدر بازار

140

5-

چرچ مشن هاءِ اسڪول

580

6-

ٻائي جي وير ٻائي جي سپاري والا اينگلو ورنا ڪولر اسڪول

125

7-

يورپين ايرو ايشن اسڪول منهوڙو

13

8-

سنسڪرت اسڪول

36

9-

زنانا مشن گرلز سنڌي اسڪول

28

10-

Narotumdas پرائيويٽ اسڪول ۽ ٻيا

350

11-

گجراتي اسڪول صدر ڇانوڻي

120

65-1864ع ۾ پوري صوبي سنڌ ۾ چار هاءِ اسڪول، ٽي مڊل اسڪول، ڇاونجاهه پرائمري اسڪول ۽ هڪ ٽيچر ٽريننگ ڪاليج قائم ٿي چڪا هئا. جن ۾ 2440 شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا هئا.

1872ع ۾ سول سروس جي محترم اي. ايم فلٽن کي مڪمل تعليمي انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. ان کان اڳ مصروف عملدارن کي تعليم جي واڌو ذميواري ڏني ويندي هئي. ڪراچي لاءِ هڪ الڳ اسڪول بورڊ به موجود هوندو هو.

1869ع ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ هندوئن پاران هندو سنڌي اسڪول قائم ڪيو ويو. جنهن ۾ تعليم جو وسيلو سنڌي هو. 1910ع ۾ هندو ڇوڪرين لاءِ ڌن پات پاٽ شالا اسڪول قائم ڪيو ويو. 1927ع ۾ ان کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو، اسڪول لاءِ زمين ميونسپلٽي مهيا ڪئي. هي اسڪول رابنس روڊ تي پنهنجي جاءِ ۾ هو. 1908ع ۾ ڪياماڙي جي گودي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جي ٻارن لاءِ ايڊ ورڊ جيڪسن اينگلو ورنا ڪولر اسڪول قائم ڪيو ويو. 1914ع ۾ مرهٽي ٻارن لاءِ ”مرهٽي پرائمري اسڪول“ قائم ڪيو ويو. شروع ۾ هي نائيٽ اسڪول هو. 1922ع ۾ اسڪول لاءِ الڳ جاءِ حاصل ڪري اسڪول جي نائيٽ شفٽ کي ختم ڪيو ويو. 1923ع ۾ هن کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو. 1915ع ڪراچي ۾ رهندڙ سکن جي هڪ تنظيم خالصا اسڪول بورڊ پاران مسواڙ جيهڪ جاءِ ۾ سک ٻارن لاءِ هڪ پرائمري اسڪول کوليو ويو. بعد ۾ جيل روڊ تي اسڪول لاءِ جاءِ تيار ڪري اسڪول کي هن ۾ شفٽ ڪيو ويو. اسڪول ۾ لائبريري ۽ هڪ ليبارٽري جو به بندوبست ٿيل هو. ميونسپلٽي پاران اسڪول لاءِ ساليانو امداد به ملندو هو. 1933ع ۾ ڪراچي اسڪول بورڊ جي ريڪارڊ موجب هن ۾ 250 شاگرد تعليم حاصل ڪندڙ هئا.

1916ع ۾ شريمتي هرديو ٻائي ڇوڪرين لاءِ ڪنهيا مها وديا پاٽ شالا قائم ڪيو. اسڪول لاءِ ساڍا پنج هزار گز پلاٽ ڪراچي ميونسپلٽي پاران فراهم ڪيو ويو. جنهن تي اسڪول لاءِ خوبصورت جاءِ اڏي ويئي. ورهاڱي کانپوءِ اسڪول کي ڪاليج جو درجو ڏيئي هن جو نالو تبديل ڪري گورنمينٽ هوم اڪنامڪس ڪاليج فار وومين رکيو ويو. ماضي واري خوبصورت جاءِ ۾ قائم هي اسڪول اڄ به فريئر روڊ تي اردو بازار جي لڳ موجود آهي. جنهن جي سامهون گٽر نالو ۽ پوئين پاسي اوڀر طرف هڪ رستو بندر روڊ کي ريڊيو پاڪستان ۽ فريئر روڊ کي ملائي ٿو. اڳتي اهو رستو هاءِ ڪورٽ ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ ڏانهن وڃي ٿو. 2006ع تائين پراڻي جاءِ تي پٿرن سان”ڪنهيا مها وديالا پاٽ شالا“ لکيل هو. جيڪو پنهنجي ماضي وانگر مٽجي رهيو هو.

بندر روڊ تي تبت سينٽر ۽ سعيد منزل جي وچ ۾ بندر روڊ ڏانهن ويندي ساڄي هٿ تي پٿرن جي خوبصورت اڏاوت سان ٺهيل اسڪول ماما پارسي اسڪول اڄ به موجود آهي ۽ شهر جي سٺن اسڪولن ۾ ان جو شمار ٿئي ٿو. هي اسڪول مشهور سماجي اڳواڻ نور جي نسروانجي ماما جي وصيت مطابق پارسي ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ان جي ڏنل ڏيڍ لک روپين جي امداد سان 1918ع ۾ قائم ڪيو ويو. 1933ع ۾ اسڪول ريڪارڊ موجب اسڪول ۾ 353 ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري رهيون هيون. جيڪو هڪ ريڪارڊ هو. ڇوڪرن لاءِ بعد ۾ وڪٽوريا تي هاڻوڪي اليڪٽرانڪ مارڪيٽ جي سامهون الڳ اسڪول جوڙيو ويو. اها خوبصورت پٿرن جي جاءِ اڄ به موجود آهي.

2 اپريل 1933ع ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ مشهور تعليمي ماهر مسٽر ايس. سي شاهاڻي جي نالي پويان ايس. سي شاهاڻي هاءِ اسڪول قائم ڪيو ويو.

ڪراچي جي بوهري مذهبي فرقي جي اڳواڻ علي ڀائي ڪريم جي علوي 1896ع حسيني ايسوسي ايشن جي نگراني هيٺ ”مدرسا حسيني“ قائم ڪيو. جنهن ۾ پرائمري تعليم ڏني ويندي هئي. 1901ع ۾ جڏهن علي ڀائي ڪريم جي وفات ڪري ويو ته پهرئين سندس وڏي پٽ يوسف علي ۽ بعد ۾ ننڍي پٽ سيٺ طيب علي مدرسي ۽ تنظيم جو انتظام سنڀالي ورتو. 1921ع ۾ تعليمي اداري جو نالو ”ڪراچي اڪيڊمي“ رکيو ويو. 1926ع ۾ هن جو درجو وڌائي هاءِ اسڪول ڪيو ويو.1930ع ۾ واڌومل اوڌارام روڊ (طاهر سيف الدين روڊ) تي هاڻوڪي جاءِ جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پرائمري هاءِ اسڪول کي شفٽ ڪيو ويو. پهرئين اهي اسڪول آدم مسجد ۽ نانڪ واڙي واري علائقي ۾ ٻن مسواڙ وارن جاين ۾ هلندڙ هو. سيٺ طيب علي 1922ع ۾ ڪراچي ميونسپلٽي جو مميبر ۽ 1930ع ۾ ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو. ان جي ڪوششن سان لياري جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ ميونسپلٽي پاران ڪيترائي اسڪول قائم ٿيا. سيٺ طيب علي 1932ع ۾ سولجر بازار لڳ مسلم هائوسنگ سوسائٽي جو بنياد رکيو ته هتي ڪيترن سنڌي سياست دانن، جاگيردارن ۽ آفيسرن بنگلا ٺهرايا جن ۾ جي. ايم سيد، سر شاهنواز ڀٽو، محمد ايوب کهڙو، مرزا سڊني بيگ، سردار بهادر شيخ محمد بخش ۽ قاضي ميان علي محمد شامل هئا. سيٺ طيب علي 1927ع ۾ ڪراچي ۾ مرڪنٽائل ڪو آپريٽو بئنڪ قائم ڪيو. جيڪو اڄ به بوهي مذهبي فرقي جي ماڻهن جي حوالي آهي. سيٺ طيب علي گجراتي ۾ ڪيترا ڪتاب لکيا آهن. سندس ننڍو ڀاءُ حاتم علوي ڪراچي ميونسپلٽي جو ميئر به رهي چڪو آهي.

ڪراچي ۾ استادن جي تربيت لاءِ پهريون ٽيچر ٽريننگ اسڪول 1854ع ۾ ”نارمل اسڪول“ جي نالي قائم ڪيو ويو. 1857ع ۾ ٿيندڙپهرئين امتحان ۾ 8 استاد پياس ٿيا جن ۾ هڪ مسلمان هو. 1930ع ۾ سينٽ پيٽرڪ اسڪول پاران به استادن جي تربيت جو شعبو اسڪول ۾ قائم ڪيو ويو. 1913ع ۾ ”سنڌ سيڪنڊري ٽيچر ٽريننگ ڪلاسس“ نالي هڪ استادن جي تربيت جو اسڪول قائم ڪيو ويو. ورهاڱي کان ڪجهه اڳ استادن جي تربيت لاءِ اهي ٻه ادارا ڪراچي ۾ قائم هئا. سنڌ سيڪينڊري ٽيچر ٽريننگ اسڪول کي ورهاڱي واري سال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

ڪراچي ۾ وڏن (بالغن) جي تعليم جي سلسلي ۾ 1914ع ۾ پهريون ”مرهٽا اي. وي فري نائيٽ اسڪول“ مشن روڊ تي قائم ڪيو ويو. 1922ع هڪ ٻيو ”پرائمري فري نائيٽ اسڪول“ نالي سان وڏن جي تعليم لاءِ رامسوامي ۾ کوليو ويو. جيڪي ٻئي ميونسپلٽي جي امداد تي هلندا هئا.

ڪراچي ۾ پهريون ڪمرشل اسڪول ”ڪورونيشن ڪمرشل اسڪول“ 11 نومبر 1915ع تي قائم ڪيو ويو. ڪراچي اسڪول بورڊ جي ريڪارڊ موجب 1933ع تائين هن اسڪول مان پنج هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري چڪا هئا. هن اسڪول ۾ وڪالت، اڪائونٽنٽ، ڪامرس جا ڪلاس ٿيندا هئا.


انگريزن جي دور ۾ غازي بروهي ڳوٺ ملير ۾ مٽي جو ٺهيل پراڻو پرائيويٽ اسڪول جيڪو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي.

 

1927ع ۾ ڪراچي ۾ ٻيو ڪمرشل ادارو ”سوشل سروس ليگ ڪاليج“ قائم ڪيو ويو. جنهن ۾ گهڻو ڪري ڪامرس جا ڪلاس هلندڙ هئا. پنج رپيا ماهوار فيس ورتي ويندي هئي. جيڪو ريواچند هيرا سنگهه قائم ڪيو هو. هن کي 1932ع ۾ ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. جيڪو اڳتي هلي هيرانند، نندلال اڪيڊمي جي حوالي ڪيو ويو. 1936ع ۾ ديوان بولچند، ڪندل مل ۽ واڌ مل ٻيلا رام آڏواڻي گرومندر لڳ“ واڌومل بولچند هاءِ اسڪول“ جو بنياد وڌو. 1931ع ۾ هاسنند مينگهراج سراءِ ڪوارٽرز واري علائقي ۾ پهريون هاءِ اسڪول کوليو. چانڊ مل نرڀداس گاڏي کاتي واري علائقي ۾ ايس. سي شاهاڻي هاءِ اسڪول کوليو. ڀيرو مل ٺاڪر داس گرلس اسڪول هتي ئي قائم  ڪيو.

ورهاڱي وقت ڇوڪرن جا 131 ۽ ڇوڪرين جا 58 اسڪول ڪراچي جي ميونسپلٽي وارين حدن ۾ قائم ٿي چڪا هئا. انهن اسڪولن مان اردو پرائمري اسڪول ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ 31 هئا. باقي سڀئي اسڪول سنڌي، مرهٽي، گجراتي، هندي ۽ انگريزي ۾ هئا. جنهن ۾ گهڻائي سنڌي ۽ انگريزي ميڊيم اسڪولن جي هئي. ميونسپلٽي جي بجيٽ موجب انهن اسڪولن تي ساليانو ست لک روپيا خرچ ڪيو ويندو هو. پرائمري اسڪولن ۾ ورهاڱي تائين 17،428 ڇوڪرا ۽ 14249 ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري رهيون هيون. ورهاڱي تائين 24 ڇوڪرن هاءِ اسڪول 19 ڇوڪرين جا هاءِ اسڪول ڪراچي جي ميونسپلٽي جي حدن ۾ موجود هئا. جتي ڏهه هزار ڇوڪرا ۽ 1784 ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري رهيون هيون.

ڪراچي جي ميونسپلٽي جون حدون پراڻي سبزي منڊي کان، نرسري، گسري تائين ٻئي پاسي ٽي هٽي تائين ۽ لياري ندي پار گٽر باغيچي کانپوءِ هيون. اهي اسڪول انهيءَ حدن ۾ هئا. ڪراچي جي ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ ورهاڱي کان اڳ ملير واري علائقي ۾ گوڪل داس هاءِ اسڪول (هاڻوڪي جامعه مليه ڪاليج) ورهاڱي وقت هتان جي هندوئن اهو اسڪول پير محفوظ جي حوالي ڪيو. 1950ع ۾ جڏهن دهلي مان آيل ڊاڪٽر ذاڪر حسين ۽ ڊاڪٽر محمود حسين هتي مجلس تعليم ملي قائم ڪيو ۽ پير محفوظ گوڪل داس اسڪول به مجلس تعليم ملي جي حوالي ڪيو ۽ ايندڙ سالن ۾ ان جو نالو جامعه مليه اردو اسڪول رکيو ويو.

1897ع ۾ آسو ڳوٺ ۾ هتان جي رهواسي غازي بروهي هڪ جهوپڙي ۾ اسلاميا پرائمري اسڪول غازي بروهي قائم ڪيو. جيڪو اڄ به موجود آهي ۽ هاڻي اهو اسڪول گورنمينٽ حوالي آهي. ملير مندر ۾ 1890ع ۾ به هڪ هندي پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو. ورهاڱي کانپوءِ اهو اسڪول بند ڪيو ويو. اسڪول، مندر، ڌرم شالي ۽ هتي موجود کوهه تي قبضو ڪيو ويو آهي.

انهن اسڪولن کانسواءِ مولوي عبدالرحمان جوکئي ورهاڱي کان اڳ ڳوٺ ڪونڪر ۾ اسلاميا پرائمري اسڪول ڪونڪر  قائم ڪيو. جيڪو اڄ به پٿر واري جاءِ ۾ موجود آهي. سرڪاري اسڪولن ۾ گڏاپ مرڪز ۾ پرائمري اسڪول، راڌو جوکيو ڳوٺ پرائمري اسڪول، ٻير خاصخيلي ڳوٺ پرائمري اسڪول، پير ڳوٺ پرائمري اسڪول، منگهو پير پرائمري اسڪول، ڀرو ڳوٺ پرائمري اسڪول، ٻير خاصخيلي ڳوٺ پرائمري اسڪول،پير ڳوٺ پرائمري اسڪول، منگهو پير پرائمري اسڪول، ڀرو ڳوٺ پرائمري اسڪول، ڄام ڳوٺ پرائمري اسڪول درساڻو ڇنو پرائمري اسڪول کانسواءِ ريڙهي، کانٽو، ابراهيم حيدري، صفوران، لالو کيٽ، ڳجهڙي، هاشم خاصخيلي ڳوٺ، ميمڻ ڳوٺ، نل بازار ڊملوٽي، صديق ڳوٺ ڊگهه ملير، ديهه ٿاڻو، ڊالميا، شرافي ڳوٺ، لانڍي پپري، ڪاٺوڙ، ديهه ڊرگ روڊ ۾ اسڪول قائم هئا.

اعليٰ تعليمي ادارا:

1887ع تائين سنڌ ۾ ڪو به ڪاليج موجود نه هو. ميٽرڪ کانپوءِ هتان جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ بمبئي ۽ لاهور ڏانهن ويندا هئا. جيڪا ڪنهن غريب ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻهن جي وس جي ڳالهه نه هئي. ان سلسلي ۾ ڏيارام ڄيٺمل، ديوان مٺارام، ڏيارام گدومل، ديوان واڌو مل، فتح چند آتما رام، شيوان داس، بهرام جي ڪوتوال، سيٺ الومل ٺيڪم داس ۽ اڌم رام مول چند جي ڪوشش سان انڊين ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ جي اجازت ڏني. جنهن لاءِ هتان جي ماڻهن چندو گڏ ڪيو ۽ 17 جنوري 1887ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ جو پهريون ڪاليج ”سنڌ آرٽس ڪاليج“ قائم ڪيو ويو. جنهن جو افتتاح بمبئيءَ جي گورنر لارڊ ري ڪيو. شروع ۾ هي ڪچهري روڊ ۽ بندر روڊ جي گڏجڻ واري هڪ هنڌ مسواڙ واري جاءِ تي هلندڙ هو. 1887ع ۾ هتي 28 شاگرد ٿيا. بعد ۾ بندر روڊ تي رام باغ واري علائقي ۾ ٽن بنگلن ۾ هن کي منتقل ڪيو ويو ۽ 15 آڪٽوبر 1892ع تي ڪاليج کي پنهنجي هاڻوڪي جاءِ اسٽريچن روڊ تي منتقل ڪيو ويو. ڪراچي جي ٻين خوبصورت جاين وانگر هن جو ڊزائين به انجنيئر جيمز اسٽريچن تيار ڪيو ۽ انهيءَ جيمز اسٽريچن جي نالي تي ڪاليج جي سامهون واري رستي جو نالو اسٽريچن روڊ رکيو ويو. ڪاليج جي جاءِ تي هڪ لک 48 هزار روپيا خرچ ٿيو. ماڻهن جي چندي کانسواءِ حڪومت به ان سلسلي ۾ امداد ڪئي هئي. هن ڪاليج کي ٺاهڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪوششون ۽ چندو ڏيارام ڄيٺمل ورتون هيون. تنهنڪري هن جي ديهانت کانپوءِ ڪاليج جو نالو سنڌ آرٽس ڪاليج مان بدلائي ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج (ڊي. جي) ڪاليج رکيو ويو. 1900- 1899ع جي تعليمي سال ۾ هن ڪاليج ۾ 105 شاگرد تعليم حاصل ڪندڙ هئا. جن ۾ مسلمانن جو انگ ست هو.

ڪاليج جو پهريون پرنسپل ڊاڪٽر آر- ايم وامسلي (Dr: R.M. walmsly) هو. 1888ع ۾ ڊاڪٽر ماسس جان جيڪسن (Dr. Moses jonn jackson) پرنسپل مقرر ٿيو. جيڪو 1907ع تائين پرنسپل رهيو.

نومبر 1887ع ۾ پهرئين ٿيندڙ بي. اي سال پهرئين جي امتحان ۾ ڪل 17 شاگرد شريڪ ٿيا ۽ فقط ٽي پاس ٿيا. هتان سڀ کان پهرئين واڌو مل اوڌا رام نومبر 1888ع ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪيو ويو. پهريون مسلمان جنهن هتان بي. اي جو امتحان پاس ڪيو اهو يوسف علي مانڊي والا هو ۽ پهرئين بي. اي پاس ڪرڻ واري شاگردياڻي مس مٽالڊا هنٽ هئي ۽ انهيءَ ڇوڪري کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته بمبئي مان سنڌ جي ڇوڪرين ۾ پهرئين ايم. اي پاس ڪندڙ ڇوڪري اها هئي. 1901ع ۾ راءِ بهادر ديوان مٺارام گدومل جي ڪوششن سان ڪاليج لاءِ هاسٽل اڏيو ويو. جنهن لاءِ ديوان مٺا رام 15 هزار جو چندو به ڏنو ۽ هاسٽل تي به انهيءَ جو نالو ”مٺا رام هاسٽل رکيو ويو. هي ڪاليج ورهاڱي کانپوءِ به 80 واري ڏهاڪي تائين سنڌي شاگردن لاءِ هڪ اهم پڙاءُ ثابت ٿيو.

ڊسمبر 1888ع ۾ ڊي. جي. ڪاليج ۾ انجنيئرنگ جا ڪلاس به شروع ڪيا ويا. 1937ع کان 1947ع تائين ڊاڪٽر گربخشاڻي هن جو پرنسپل رهيو. 1917ع کان 1927ع تائين صاحب سنگ چندا سنگ شاهاڻي ۽  1927ع کان 1937ع تائين نارائڻ بال چند هن جا پرنسپل رهيا آهن. ورهاڱي وقت ماڙي والا هن جو پرنسپل هو.

ڊي. جي ڪاليج جي ٺهڻ کان اڳ سنڌ جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ بمبئي ويندا هئا. بمبئي يونيورسٽي 1857ع ۾ ٺهي چڪي هئي. 1887ع ۾ ڊي. جي ڪاليج جي ٺهڻ کان اڳ سنڌ مان 16 شاگرد بمبئيءَ مان گريجوئيشن حاصل ڪري چڪا هئا. جن مان گهڻن بمبئيءَ جي ايلفسٽن ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي.

سنڌ مان سڀ کان پهرئين جي ڊگري حاصل ڪندڙ چوهڙمل ڪندن مل پنجابي هو جنهن 1865ع ۾ گريجوئيشن ڪئي. مسلمانن ۾ سڀ کان اڳ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪندڙ صادق علي بيگ هو. جنهن 1972ع ۾ ڊگري حاصل ڪئي. سڀ کان اڳ سنڌ مان ايل. اي. بي جي ڊگري 1882ع ۾ ڏيارام گدومل حاصل ڪئي.

1887ع کان اڳ سنڌ مان فقط ٻن نوجوانن انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. جن مان 1875ع ۾ پريتم داس، پرسومل چندواڻي ۽ 1881ع ۾ کيئا سنگهه ڊگريون حاصل ڪيون. ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪندڙ پهريون سنڌي ڊاڪٽر تارا چند جيرام داس واڌواڻي هو. جنهن 1886ع ۾ ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي.

سنڌ مان پهريون ايم. اي پاس ڪندڙ نوجوان ساڌو هيرانند جو ڀاءُ ديوان موتي رام هو. جنهن ڪلڪتي مان ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ان تي سڀ کان پهرئين لنڊن مان بئرسٽري جي ڊگري به حاصل ڪئي.

1921ع ۾ ڪراچي ۾ ٻيو ڪاليج جيڪو قائم ڪيو ويو. اهو اين. اي. ڊي انجنيئرنگ ڪاليج آهي. جيڪو سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ پهريون انجنيئرنگ ڪاليج آهي. هن ڪاليج جي قيام لاءِ نادر شاهه ايڊلجي ڊنشا ٻه لک روپين جو چندو ڏنو هو جنهن ڪري هن جي نالي پويان ڪاليج جو نالو نادر شاهه ايڊلجي ڊنشا (N.E.D) رکيو ويو. پهرئين هتي فقط ڊپلوما ڪورس ڪرايو ويندو هو. 1932ع ۾ هن کي بمبئي يونيورسٽي سان ڳنڍيو ويو ۽ تڏهن کان هن ڪاليج مان بي. اي (B.E) جي ڊگري ڏني ويندي آهي. هن وقت هي ڪاليج مڪمل يونيورسٽي آهي ۽ پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

1925ع ۾ ڪراچي ۾ قانون جي تعليم لاءِ ”ايس. سي شاهاڻي لا ڪاليج قائم ڪيو ويو. شروع ۾ هن جو نالو ”سنڌ ڪاليجٽ بورڊ لا ڪاليج“ هو. بعد ۾ ان جو نالو ان وقت جي پرنسپل ايس. سي شاهاني (صاحب سنگ چندا سنگ شاهاڻي) پويان ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج رکيو ويو. شروع ۾ ڪراچي جا سينيئر وڪيل هتي قانون پڙهائيندا هئا. ورهاڱي کانپوءِ استادن جي کوٽ ڪري هن ڪاليج کي بند ڪيو ويو. بعد ۾ بيرسٽر حسن علي عبدالرحمان جي ڪوششن سان ٻيهر کوليو ويو. پر هن جو نالو بدلائي ڪري سنڌ مسلم (ايس. ايم) لا ڪاليج رکيو ويو.

سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ پهريون ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال ڪراچي لاءِ قائم ڪيو ويو. ڪاليج جي جاءِ جي اڏاوت 1946ع ۾ پوري ٿي. جنهن جو افتتاح سنڌ جي گورنر مسٽر ڊائو ڪيو هو ۽ انهيءَ جي نالي سان هن جو نالو ڊائو ميڊيڪل ڪاليج رکيو ويو. جتي شاگردن کي ڊاڪٽري جي تعليم پوري ڪرڻ تي ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري ڏني وڃي ٿي. هي ڪاليج اڄ به ميڊيڪل جي تعليم لاءِ هڪ معياري ڪاليج آهي. هاڻي هن کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو آهي.

سنڌ ۾ تعليم جي سلسلي ۾ حسن علي آفندي جي ڪوششن جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي حسن علي آفندي سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن ۾ تعليم جو شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ مارچ 1884ع ۾ ڪراچي ۾ محمدن ايسوسيئيشن ڪلڪتا جي هڪ شاخ ڪراچي ۾ قائم ڪئي. حسن علي آفندي صدر ۽ مولوي الله بخش اعزازي سيڪريٽري مقرر ٿيا. هن ايسوسيئيشن جو مقصد سنڌ ۾ خاص ڪري مسلمانن ۾ انگريزي تعليم کي ترقي ڏيڻ هو. جنهن لاءِ هڪ درسگاهه جو قيام عمل ۾ آڻڻ هو. 1885 ۾ تعليمي اداري جي ٺاهڻ لاءِ ”سنڌ مدرسا بورڊ“ جوڙيو ويو. بورڊ جو صدر حسن علي آفندي، خان بهادر نجم الدين نائب صدر مقرر ٿيا. ميمبرن ۾ خان بهادر خدا داد خان، سيٺ علي ڀائي ڪريم جي، سيٺ غلام حسين خالق ڏنو، سيٺ غلام حسين چاڳلو، سيٺ محمد عمر ڊوسل، مولوي تاج محمد، خان صاحب محمد علي ۽ سيٺ نور محمد هئا. 1885ع ۾ بولٽن مارڪيٽ جي ويجهو هڪ ٻن ماڙين واري پراڻي جاءِ ۾ مدرسي لاءِ مسواڙ تي جاءِ حاصل ڪري، 30 مارچ 1885ع ۾ مدرسي جو افتتاح ڪيو ويو. مدرسي جي ٺهڻ تي پوري سنڌ ۾ ڪٽر مذهبي ماڻهن حسن علي آفندي خلاف زبردست چاڪنگ ڪئي ۽ مدرسي جي مخالفت ڪئي.

مدرسي جو نالو سنڌ مدرسته السلام رکيو ويو. جتي هاڻوڪي جاءِ ۾ اسڪول هلندڙ آهي. هي پهرئين قافلن جي لاءِ سراءِ (لانڍي) هو. جتي ڪابل، ايران، مڪران، کان واپاري قافلا اچي ترسندا هئا ۽ هتان کانپوءِ هندستان ۽ پنجاب ڏانهن ويندا هئا. هتي قافلي وارن جي سامان رکڻ لاءِ ميونسپلٽي پاران ٻه وڏا گودام به هئا. اٺن ۽ گهوڙن جي ٻڌڻ لاءِ الڳ جايون ٺهيل هيون. هتي پاڻي جا چار وڏا حوض به هئا.جن مان ٻه جانورن جي استعمال لاءِ ۽ ٻه ماڻهن جي استعمال لاءِ هوندا هئا. قافلن جي ماڻهن جي رهائش جو بندوبست به هوندو هو. بندرگاهه تائين سراءِ کان رستو هوندو هو. سراءِ جو هڪ شاهي گيٽ به هوندو هو. جنهن جي مٿان پٿر جي چنڊ تاري جو نشان ڪنهن قافلي واري عربستان کان آڻي هتي لڳايو هو. جيڪو عباسي خليفن جو قومي نشان هوندو هو. اهو نشان اڄ به مدرسي جي گيٽ تي لڳل آهي.

ريلوي نظام اچڻ کانپوءِ اهو سراءِ ويران ٿي ويو ڇاڪاڻ ته سامان جي اچ وڃ ريل وسيلي ٿيڻ لڳي. حسن علي آفندي انهيءَ جاءِ کي مدرسي لاءِ پسند ڪيو. حسن علي آفندي ٻن انگريز دوستن جون خدمتون حاصل ڪيون، جنهن ۾ هڪ ڪراچي جي مشهور جاين جو ڊيزائن ۽ ميونسپلٽي جو چيف انجنيئر جيمز اسٽريچن ۽ ٻيو مسٽر جيمز گرانٽ هو. انهن جي ڪوششن سان ڪراچي ميونسپلٽي سراءِ وارو پلاٽ 75 روپيا ماهوار مسواڙ تي سنڌ مدرسي بورڊ کي الاٽ ڪيو. هتي سڀ کان پهرئين 9x6 سائيز جا 100 رهائشي ڪمرا شاگردن لاءِ ٺاهيا ويا. ڪجهه عرصي کانپوءِ اٺن گهوڙن ٻڌڻ واري جاءِ مدرسي لاءِ حاصل ڪئي ويئي. جاءِ جي اڏاوت لاءِ چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ويو. هندستان جي حڪومت 16 هزار، ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين ميونسپلٽي ادارن به 16 هزار ۽ عام ماڻهن 40 هزار روپين جي امداد ڪئي.

4 نومبر 1887ع تي مدرسي جي نئين جاءِ جي پيڙهه جو پٿر هندستان جي گورنر جنرل لارڊ ڊفرن رکيو. ٽن سالن کان پوءِ 14 نومبر 1890ع ۾ مدرسو نئين جاءِ ۾ منتقل ٿي ويو. جنهن جي اڏاوت تي 197188 روپيا خرچ آيو.

مدرسي ۾ انگريزي سان گڏ سنڌي، فارسي، عربي، گجراتي ۽ اردو ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر مولوي عمرالدين هو. 1887ع ۾ هيڊ ماستر جو عهدو پرنسپل ۾ تبديل ڪيو ويو. اسڪول جو پهريون پرنسپل حسن علي آفندي جو پٽ ولي محمد حسن علي مقرر ٿيو. هن اسڪول مان سڀ کان پهرئين ميٽرڪ پاس ڪندڙ شاگرد محمد پريل عبداللطيف هو. جنهن 1888ع ميٽرڪ پاس ڪيو. محمد پريل ورڪ مستري طور ڊملوٽي جي کوهن ۾ ڪم ڪيو. ڊملوٽي جي کوهن تي لڳل افتتاح جي بورڊن ۾ ورڪ مستري طور محمد پريل جو نالو اڄ به لکيل آهي. 1894ع ۾ علي احمد حسن علي ۽ علي بخش گل محمد هتان ميٽرڪ پاس ڪيو. 1897ع ۾ 27 شاگردن هتان ميٽرڪ پاس ڪيو. قائداعظم محمد علي جناح به هتي ڪجهه وقت لاءِ تعليم حاصل ڪئي. هن اسڪول نامور هستيون پيدا ڪيون. سنڌ جي گهڻن مشهور سياسي، سماجي ماڻهن ۽ بيورو ڪريٽسن هتان تعليم حاصل ڪئي. انهن ۾ عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي. ايم سيد، غلام حسين هدايت الله، غلام محمد ڀرڳڙي، ڄام محمد ايوب بارايٽ لا، سيد ميران محمد شاهه، سيٺ حاجي عبدالله جي ميمڻ، قاضي خدا بخش، رسول بخش پليجو، هاشم گذدر، علامه آءِ آءِ قاضي، اي. ڪي بروهي، يوسف علي ڀائي علوي، جي الانا، سر شاهنواز ڀٽو، محمد ايوب کهڙو، ڊاڪٽر دائود پوٽو، سيٺ طيب علوي، حميده کهڙو بلوچستان جي سياسي اڳواڻ غوث بخش بزنجو ۽ عطاءُالله مينگل به هتان تعليم حاصل ڪئي.

21 جون 1943ع ۾ پير الاهي بخش جي ڪوششن سان سنڌ مسلم (ايس. ايم) ڪاليج جو قيام عمل ۾ آيو. جنهن جو افتتاح محمد علي جناح ڪيو. جيڪو هن وقت به موجود آهي. ڊي. جي ڪاليج سان لڳ قومي عجائب گهر جي سامهون آهي. مون گريجوئشن هتان ڪئي آهي. ياد رهي ته 1920ع تائين ڪراچي ۾ مڪمل اردو ميڊيم اسڪول هڪ به نه هو. ڪجهه اسڪولن ۾ اردو پڙهائي ويندي هئي، جن ۾ سنڌ مدرسته السلام، ڪراچي اڪيڊمي ۽ ٻيا اسڪول شامل هئا.

سنڌ يونيورسٽي جو ٺهڻ:

1886ع ۾ مسٽر جيڪسن سنڌ ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. 1936ع ۾ سنڌ جي بمبئي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ادارو جوڙيو ويو. ڪاميٽي جو چيئرمين ميران محمد شاهه هو. 1947ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان سنڌ يونيورسٽي جو ايڪٽ پاس ٿيو. 13 اپريل 1947ع ۾ ڪراچي جي پراڻي علائقي رنڇوڙ لائين ۾ پير الاهي بخش ٽيچر ٽريننگ اسڪول جي جاءِ ۾ سنڌ يونيورسٽي کي قائم ڪري ڪلاس شروع ڪيا ويا. سنڌ جو گورنر سر فرانسس مودي هن جو پهريون چانسلر، سر غلام حسين هدايت الله پرو چانسلر ۽ مسٽر اي. بي حليم پهريون وائيس چانسلر ۽ آغا تاج محمد پهريون رجسٽرار مقرر ٿيو.

ورهاڱي کانپوءِ 1948ع ۾ جڏهن ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاقي سرڪار جي حوالي ڪيو ويو، ته سنڌ جي نالي سان ٺهيل اها يونيورسٽي گهڻن جي اک جو ڪنڊو هئي. رڳو سنڌ جي نالي جي ڪري ان کي مئي 1951ع ۾ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ۽ هتي پوءِ ڪراچي يونيورسٽي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون.

 

ديني مدرسا:

انهن تعليمي ادارن کانسواءِ ڪراچي ۾ ديني تعليمي ادارا به موجود هئا. اهي مدرسا عربن جي دور کان ڪنهن نه ڪنهن طرح موجود هئا. هر وڏي ڳوٺ ۾ مسجد سان گڏ مدرسا قائم هئا. جتي ٻارن کي ديني تعليم ڏني ويندي هئي.

 

جامعه مدرسيا درسيا مجدديه:

ڪراچي ۾ ننڍن مدرسن کانسواءِ پهريون باقائده مدرسو صدر بازار ۾ 1872ع عبدالله درس کوليو هو. هن جي وفات کانپوءِ سندس پٽ عبدالڪريم درس جيڪو مصر جي جامعه الاظهر مان پڙهيل هو. سنڌ جو هڪ مشهور عالم دين، قرآن جو مفسر ۽ مشهور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ هو. مدرسي جو انتظام پنهنجي حوالي ڪيو. هن مدرسي ۾ مصر جي جامع الاظهر جو ڪورس لاڳو هوندو هو. مدرسي ۾ شاگردن جي کاڌي پيتي ۽ رهائش جو بندوبست هوندو هو. مدرسي سان گڏ هڪ وڏي لائبريري به هئي. جنهن ۾ هزارين ڪتاب هوندا هئا. ڪراچي جو مشهور عالم دين حضرت مولانا غلام رسول قادري ۽ حافظ محمد حسين ٺٽوي ان مدرسي جا شاگرد هئا.

ورهاڱي تائين هي مدرسو ۽ لائبريري قائم هئا پر پوءِ حالتن جي گردش ۾ اچي مدرسو بند ٿي ويو. لائبريري ۽ ان ۾ موجود قيمتي ڪتاب نادر قلمي نسخا پوءِ به گهڻي عرصي تائين علم جي اڃايلن جي اُڃ اُجهائيندا رهيا. مدرسي جو نالو جامعه مدرسيا الدرسيا هو.


 

مدرسا عربيا مظهر العلوم کڏو لياري:

1885ع م مولوي عبدالله ميمڻ ڪراچي جي پراڻي وسندي کڏي لياري ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو. هي مدرسو دارالعلوم ۾ ديو بند جي شاخ طور مشهور ٿيو. ان مدرسي ڪيترائي دين جا عالم، فقا ۽ حديث جا استاد پيدا ڪيا. ان مدرسي ۾ به هڪ وسيع لائبريري آهي. جنهن ۾ هزارين ڪتاب، نادر قلمي نسخا موجود آهن. مولوي عبدالله جي وفات کانپوءِ سندس پٽ مولوي محمد صادق ان جو انتظام سنڀاليو ۽ مدرسي کي تعليم سان گڏ سياست جو مرڪز بنائي عروج تي پهچايو. مولوي محمد صادق کڏي واري انگريزن خلاف هر تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ان مدرسي به سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي سياسي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مدرسو اڄ به قائم آهي. مولوي محمد صادق 18 جون 1953ع تي وفات ڪري ويو. حافظ صاحب جي وفات کانپوءِ سندس پٽ مولوي محمد اسماعيل ميمڻ مدرسي جو انتظام سنڀاليو. جنهن جي اڳواڻي اڄ به مدرسي کي حاصل آهي. جتان هو گهڻي عرصي کان ماهوار رسالو ”الصادق“ جاري ڪري رهيو آهي.

 

مدرسو انجمن اهل سنت و جماعت لياري:

هي مدرسو به صدر جي مدرسي وانگر مولانا عبدالله درس پراڻي ڪنڀار واڙي لياري ۾ قائم ڪيو. هن سان گڏ هڪ يتيم خانو به هوندو هو. هن مدرسي ۾ به مفت تعليم ۽ مفت ڪتاب ڏنا ويندا هئا. هن مدرسي ۾ ديني تعليم سان گڏوگڏ پرائمري ۽ سيڪينڊري جي تعليم به مفت ڏني ويندي هئي. جتي انگريزي جي تعليم جو به بندوبست هوندو هو. ڪراچي سميت لياري جي هزارين غريب ٻارن ان مدرسي ۽ اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي. مدرسي پاران پڌرو ٿيندڙ رسالي 10 مئي 1913ع جي شماري موجب 24 جولاءِ 1914ع ۾ ترڪي جي قونصل جنرل جعفر بي. آفندي مدرسي جو دورو ڪيو. سيپٽمبر 1913ع تي ايران جي بندر عباس جي گورنر به ان مدرسي جو دورو ڪيو هو ۽ مدرسي ۽ اسڪول جي تعليم جي تعريف ڪئي هئي. 12 آگسٽ 1913ع ۾ بصري جي گورنر جنرل علاءُ الدين مدرسي جو دورو ڪيو. مدرسي ۾ عربي، فارسي، سنڌي، اردو، گجراتي ۽ انگريزي ۾ تعليم جو بندوبست هوندو هو. ايڏو وڏو مدرسو ۽ يتيم خانو پوءِ آهستي آهستي خرچ نه هئڻ ڪري ختم ٿي ويو. هاڻي انهيءَ جي جاءِ تي فقط هڪ مسجد موجود آهي.

 

مدرسو احرارالسلام ريڪسر لائين لياري:

مولوي محمد عثمان بلوچ جيڪو کڏي جي مدرسي مان پڙهي پنهنجي علائقي ريڪسر لائين لياري، ڪنڀار واڙو روڊ جنگيان هوٽل ۽ غريب شاهه واري علائقي ۾ مسجد سان گڏ، 1930ع ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو. هي مدرسو اڄ به قائم آهي هن مدرسي پاران ڪتابن جي ڇپائي جو بندوبست اڄ به آهي. مولوي محمد عثمان لياري جي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. چار ڀيرا ڪراچي ميونسپلٽي جو ميمبر چونڊيو ويو. مدرسي پاران هڪ اخبار ”البلوچ“ به جاري ڪيو ويندو هو.

 

مدرسو علميه قادريا:

مولوي حافظ الدين صدر بازار جي قصاب مسجد سان لڳ اهو مدرسو قائم ڪيو. ڪراچي جو مشهور واپاري ۽ سماجي ڪارڪن سيٺ حاجي مولي ڏنو جنهن جو مسافر خانو بندر روڊ تي مشهور هو ۽ ڪراچي جو انهيءَ زماني جو مشهور خطيب مولانا عبدالحئي، انهيءَ مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي. بعد ۾ حاجي مولي ڏنو هن مدرسي کي سولجر بازار مسجد القادري ۾ شفٽ ڪيو. گهڻي عرصي تائين هي به ديني تعليم جو هڪ اهم مرڪز رهيو هو ۽ اڄ موجود آهي.

 

مدرسا جامعه اسلاميا:

هي مدرسو ڪراچي جي مشهور سماجي ڪارڪن ۽ سياستدان سيٺ حاجي عبدالله هارون 1927ع ۾ کڏي لياري ۾ قائم ڪيو. جنهن سان گڏ هڪ يتيم خانو به قائم ڪيو ويو. جيڪي اڄ به موجود آهن. غريب ٻارن جي تعليم جي ڪري، هن مدرسي به ٻين مدرسن وانگر اهم ڪردار ادا ڪيو.

حاجي عبدالله هارون تعليم جي سلسلي ۾ وڏيون ڪوششون ورتيون ڪيترائي اسڪول قائم ڪيا. سندس نالي پويان عبدالله هارون ڪاليج اڄ به کڏي ۾ موجود آهي. لياري جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ تعليم جي روشني ڦهلائڻ ۾ حاجي عبدالله هارون جو نالو تاريخ ۾ هميشه سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو.

ان کانسواءِ صاحب داد ڳوٺ ملير ۾ مفتي محمد جان نعيمي هڪ مدرسو قائم ڪيو. جيڪو اڄ به قائم آهي مدرسي جو انتظام سندس پٽ جي حوالي آهي. گوليمار واري علائقي ۾، دلبود وليج ملير، پير سرهندي وليج لانڍي ملير، ريڙهي مياڻ ڳوٺ، ديهه شرافي، ناٿا خان ڳوٺ، هاشم خاصخيلي ڳوٺ، درساڻو ڇنو، ديهه لانڍي، عبدالرحمان جوکيو ڳوٺ ڪونڪر، منگهو پير ۽ شير شاهه ۾ به ننڍا ننڍا مدرسا قائم هئا. جن مان ڪجهه اڄ به موجود آهن. هن وقت ڪراچي ۾ وڏن ۽ رجسٽرڊ مدرسن ۽ ٽرسٽن جن جي هٿ هيٺ ديني مدرسا هلي رهيا آهن.

 

ڪراچي يونيورسٽي:

ورهاڱي وقت جڏهن ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق جي حوالي ڪيو ويو ته سنڌ يونيورسٽي کي به ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. اهڙي وايو منڊل ۾ ڪراچي ۾ هڪ يونيورسٽي جي ضرورت کي محسوس ڪندي ان لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون. جنهن لاءِ ڊاڪٽر محمود حسين ۽  ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي اهم ڪردار ادا ڪيو.يونيورسٽي جو قانون جو مسودو جولاءِ 1949ع ۾ تيار ڪيو ويو هو. جڏهن اڃا سنڌ يونيورسٽي ڪراچي ۾ هئي. سنڌ يونيورسٽي جي نالي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر سنڌي اڳواڻن ۽ شاگردن جي اعتراض تي ائين نه ڪيو ويو. نيٺ 30 سيپٽمبر 1950ع ۾ يونيورسٽي جي قانون جو مسودو دستور ساز اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. ٻن ڏينهن جي بحث کانپوءِ 10 آڪٽوبر 1950ع تي منظور ڪيو ويو. 23 آڪٽوبر 1950ع تي گورنر جنرل خواجا ناظم الدين مسودي جي منظوري ڏني. 15 آڪٽوبر 1951ع ۾ يونيورسٽي ايڪٽ جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. 23 جون 1951ع تي پروفيسر اي. بي حليم کي يونيورسٽي جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ڪيو. 29 آڪٽوبر 1951ع تي ڪراچي جي پهرئين ميئر ۽ مشهور سماج سڌارڪ جمشيد نسروانجي کي اعزازي خزانچي ۽ 3 نومبر 1951ع تي مرزا اختر حسين کي پهريون رجسٽرار مقرر ڪيو ويو. يونيورسٽي سنڊيڪيٽ جو پهريون اجلاس 7 جون 1952ع تي ٿيو. پهرئين ڪراچي يونيورسٽي شهر اندر ستن پراڻن عمارتن ۾ قائم ڪئي ويئي. ڪيترا مهينا وائيس چانسلر جي بنگلي جو هڪ حصو يونيورسٽي انتظاميا جو دفتر هو. 20 جون 1951ع ۾ تعليم سال جي شروعات ٿي. سيپٽمبر 1951ع ۾ يونيورسٽي جي دفتر کي ڪار يا بلڊنگ ۾ منتقل ڪيو ويو. آڪٽوبر ۽ نومبر 1951ع يونيورسٽي ۾ پهريون امتحاني سيشن ٿيو، جنهن جو نتيجو ڊسمبر 1951ع ۾ پڌرو ڪيو ويو. پهرئين سال يعني سيپٽمبر 1952ع ۾ سائنس ۽ آرٽس جي ارڙهن شعبن مان فقط چار قائم ٿي سگهيا. جن ۾ آرٽس ۾ سڀ کان پهرئين فلسفي جو شعبو ۽ سائنس ۾ جاگرافي، حساب ۽ حيوانيات جا شعبا قائم ٿيا. تعليمي سيشن 52-1951ع ۾ 532 شاگردن داخلا ورتي هئي. 53-1952ع ۾ اهو انگ 723 تائين پهچي ويو. پهرئين سال 1951 ۾ 50 شاگردن داخلا ورتي هئي. 1952ع تائين استادن جو انگ فقط 9 هو. مارچ 1953ع تائين استادن جو انگ 13 ٿي ويو. ڊاڪٽر محمود حسين پهريون استاد جيڪو بحيثيت پروفيسر يونيورسٽي سان منسلڪ ٿيو.

1954ع ۾ شهر کان ٻارنهن ميل پري ڪنٽري ڪلب روڊ (هاڻوڪو يونيورسٽي) ديهه ڳجهڙو ۽ ديهه دوزان ۾ 1279 ايڪڙ زمين يونيورسٽي لاءِ حاصل ڪئي ويئي. مئي 1954ع ۾ يونيورسٽي پاران پهريون سرٽيفيڪيٽن جي ورهائڻ جو ڪانووڪيشن ٿيو. جنهن جي صدارت بيگم رعنا لياقت علي خان ڪئي. يونيورسٽي پاران پهرئين ڊي لسٽ جي اعزازي ڊگري 7 فيبروري 1954ع ۾ هڪ جلسي ۾ پرنس سلطان محمد شاهه آغا خان کي ڏني ويئي. 24 اپريل 1954ع تي شاهه مسعود بن عبدالعزيز کي اعزازي ڊگري ڏني ويئي. آگسٽ 1955ع تي سڀ کان پهرئين انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن جو بنياد پيو. جيڪو هاڻ الڳ ڊگري ڏيندڙ وارو ادارو بنجي چڪو آهي. صحافت جي شعبي جي شروعات المجاهد ڊپارٽمينٽ جو پهريون ليڪچرار مقرر ٿيو.

ڏيهان ڏيهي شهرت رکندڙ سائنسدان ڊاڪٽر سليم الزمان صديقي کي يونيورسٽي پاران تاحيات پروفيسر جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي.

يونيورسٽي جي هاڻوڪو ڪئمپس جي ترقياتي ڪمن جي شروعات جنوري 1957ع ۾ ٿي. جنهن جي پيڙهه جو پٿر 19 جنوري 1957ع اسڪندر مرزا رکيو. پهرئين يونيورسٽي جو نالو ”مدينته الجامعه“ رکيو ويو هو. ڊسمبر 1959ع ۾ وائيس چانسلر نئين ڪيمپس ۾ منتقل ٿي ويو ۽ 18 جنوري 1960ع يونيورسٽي کي باقاعده هاڻوڪي ڪئمپس ۾ منتقل ڪيو ويو. ان موقعي تي ممتاز عالم دين مولانا احشام الحق ٿانوي جي اڳواڻيءَ ۾ سڀئي استاد جلوس جي شڪل ۾ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيا. انتظاميا دفتر سامهون قرآن خواني کان پوءِ نئين يونيورسٽي ڪئمپس جو افتتاح ڪيو ويو. پهرئين آڪٽوبر 1960ع تي پرنس ڪريم آغا خان مرڪزي لائبريري جي جاءِ جي پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ 1963ع ۾ پنجن ماڙن واري لائبريري جي جاءِ جو ڪم مڪمل ٿيو ۽ 1964ع ۾ لائبريري کي نئين جاءِ ۾ منتقل ڪيو ويو. 12 اپريل 1976ع تي ڊاڪٽر محمود حسين جي پهرئين ورسي جي موقعي تي مرڪزي لائبريري کي ان جي نالي سان ڳنڍيو ويو. ڊاڪٽر محمود حسين جنهن ڪراچي يونيورسٽي جي قائم ڪرڻ ۾ ڪوششون ورتيون هيون. يونيورسٽي جو چوٿون وائيس چانسلر به رهيو هو. وائيس چانسلري جي دوران دل جو دورو پوڻ ڪري وفات ڪري ويو. محمود حسين 3 آگسٽ 1971ع کان 9 اپريل 1976ع تائين وائيس چانسلر رهيو. سال 80-1979ع ۽ 84-1983ع جي تعليمي سيشن ۾ داخلائون نه ٿيون ۽ خال رهيو. سال 94-1993ع ۾ شاگردن جو تعداد 10430 هو ۽ سال 07-2006ع ۾ شاگردن جو تعداد 20 هزار آهي. هن وقت يونيورسٽي ۾ آرٽس، سائنس، فارميسي، اسلامڪ اسٽڊيز، برنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس، قانون، تعليم ۽ ميڊيسن فڪلٽيز ۾ 52 ڊپارٽمينٽ، 17 اسپيشلائزڊ انسٽيٽيوٽ ۽ سينٽر موجود آهن. 550 کان مٿي استاد تعليم ڏيڻ ۾ مصروف آهن.

آرٽس فيڪلٽي ۾ 21 ڊپارٽمينٽ ۽ پنج ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ سينٽر آهن. سائنس فيڪلٽي ۾ 22 ڊپارٽمينٽ ۽ ست ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ سينٽر آهن. اسلامڪ اسٽڊيز فيڪلٽي ۾ ٽي ڊپارٽمينٽ، فارميسي فيڪلٽي ۾ چار ڊپارٽمينٽ ۽ هڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ آهي ۽ بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ ڪامرس فيڪلٽي ۾ ٻه ڊپارٽمينٽ آهن.

ورهاڱي وقت ڪراچي ۾ چار ڪاليج ۽ چار ڊگري جاري ڪندڙ ادارا موجود هئا.

ڊي. جي سائنس ڪاليج

سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج

سنڌ مسلم سائنس ڪاليج

ڪاليج آف ڪامرس اينڊ اڪانامڪس

ڊگري جاري ڪندڙ ڪاليجن ۾:

ڊائو ميڊيڪل ڪاليج

اين. اي. ڊي انجنيئرنگ ڪاليج

ايس. سي شاهاڻي (سنڌ مسلم) لا ڪاليج

ٽيچر ٽريننگ انسٽيٽيوٽ

ورهاڱي کانپوءِ پهريون ڪاليج 1949ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج فار وومين فريئر روڊ تي ڪنهيا مهاوديالا پاٽ شالا اسڪول جو درجو وڌائي قائم ڪيو ويو. ٻيو سرڪاري ڪاليج 1956ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ناظم آباد ۽ ٽيون ڪاليج 1968ع گورنمينٽ ڪاليج لانڍي ڪورنگي قائم ڪيو ويو.

ورهاڱي کانپوءِ پهريون پرائيويٽ ڪاليج دهلي مان ايندڙ اي. ايم قريشي قائداعظم مرزا جي پوئين پاسي گرومندر لڳ اسلاميا آرٽس ڪاليج ۽ اسلاميا گرلز ڪاليج قائم ڪيو. 1972ع تائين 10 سرڪاري ۽ 45 پرائيويٽ ڪاليج ڪراچي ۾ قائم ٿي چڪا هئا. 1972ع ۾ پرائيويٽ ڪاليجن کي نيشنلائز ڪري حڪومتي ڪنٽرول ۾ ورتو ويو ۽ پرائيويٽ طور ڪاليج قائم ڪرڻ تي بندش وڌي ويئي. ان عمل جي نتيجي ۾ ٻه ڪاليج بند ٿي ويا ۽ ٽن ڪاليجن کي ٻين سرڪاري ڪاليجن ۾ ضم ڪيو ويو. انهن 45 پرائيويٽ ڪاليجن ۾ هن وقت 45 هزار 659 شاگرد تعليم حاصل ڪري هئا.

76-1975ع ۾ ڪراچي ۾ 1665 پرائمري اسڪولن ۾ ڪل 469068 شاگرد پڙهندڙ هئا. جڏهن ته 1403 استاد انهن اسڪولن ۾ پڙهائڻ ۾ مصروف هئا. 76-1975ع ۾ ڪراچيءَ ۾ 456 هاءِ اسڪول هئا، جن ۾ 213122 شاگرد هئا ۽ استادن جو انگ 8834 هو. 1980 ۾ ٻيهر پرائيويٽ ڪاليجن جي اجازت ملڻ کان پوءِ 1980ع کان 1990ع تائين ڏهن سالن ۾ 24 پرائيويٽ ڪاليج قائم ٿي چڪا هئا ۽ 2006ع تائين انهن جو تعداد 55 ٿي ويو آهي. مختلف پرائيويٽ انسٽيٽيوٽ، ڪمپيوٽر سينٽر ان کان ڌار آهن.

ڪراچي ۾ 1887ع ۾ پهرئين ڪاليج جي قيام کان وٺي 2006ع تائين 119 سالن ۾ فقط 95 سرڪاري ڪاليج ۽ 52 پرائيويٽ ڪاليج قائم ٿي چڪا آهن.

سرڪاري سطح تي ڪراچي ۾ ان وقت 4 يونيورسٽيون جن ۾ ڪراچي يونيورسٽي، وفاقي اردو يونيورسٽي، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ اين. اي. ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي موجود آهن. چار انجنيئرنگ ڊپلوما ڪورس ڏيندڙ انسٽيٽيوٽ به آهن. پرائيويٽ سطح تي 55 ڪاليجن کانسواءِ آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽي، بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي کانسواءِ همدرد بيت الحڪمت يونيورسٽي، سر سيد انجنيئرنگ يونيورسٽي، فاطمه جناح خواتين يونيورسٽيون موجود آهن. هوميو ميڊيڪل ڪاليج ۽ بقائي يونيورسٽي پاران گڏاپ ۾ هڪ ويٽرنٽي ڪاليج جيڪو ڪراچي جو واحد ويٽرنٽي ڪاليج آهي موجود آهن. هاڻوڪي ڪراچي ٻهراڙي واري علائقي ۾ پهريون ڪاليج مراد ميمڻ ڊگري ڪاليج 1984ع ۾ قائم ڪيو ويو. جڏهن 2006ع ۾ ڪونڪر ڊگري ڪاليج، يوسف ڳوٺ سورجاڻي جان محمد ڳوٺ ۽ منگهو پير ۾ ڊگري ڪاليج قائم ٿي چڪا آهن. ٻهراڙي ۾ چار هائر سيڪينڊري اسڪول به موجود آهن. ابراهيم حيدري ۾ 2005ع کان هڪ گرلز ڪاليج به هلندڙ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org