سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 8

ڪراچي جي انتظامي تاريخ تي هڪ نظر

 

ڪراچي جيئن ته سنڌ جو حصو رهي آهي تنهن ڪري هي شهر گهڻو ڪري سنڌ جي انتظامي مشنري ۾ شامل رهيا آهن. ڪلهوڙن جي ۽ ميرن جي شروعاتي دور ۾ خون بها جي عيوض هي قلات جو به حصو رهيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هن جي آزاد حيثيت به رهي آهي.

عربن جي اچڻ کان پهرئين سنڌ تي راءِ ۽ برهمڻ گهراڻي جي حڪومت هئي دنيا جي گهڻن ملڪن ۽ رياستن وانگر سنڌ تي به بادشاهت جو نظام هو. بادشاهت مورثي هوندي هئي. بادشاهه يا راجا ملڪ يا رياست جي سڀني سياسي، سماجي ۽ معاشي معاملن جو مالڪ هوندو هو. حڪومت هلائڻ لاءِ ملڪ کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويندو هو. راءِ گهراڻي سنڌ تي 133 سال حڪومت ڪئي. انتظامي لحاط کان سنڌ کي چئن صوبن ۾ ورهايو ويو هو. هر صوبي جا انتظامي هلائڻ لاءِ گورنر مقرر هوندا هئا. راءِ گهراڻي جا راجا ٻڌمت جا پيروڪار هئا. جڏهن ته برهمڻ خاندان هندومت جي مڃڻ وارا هئا. گورنر بادشاهه جا نائب هوندا هئا جن کي ”ملڪ“ جو خطاب مليل هو. حڪومت هلائڻ لاءِ ۽ بادشاهه جي مدد لاءِ وزير مقرر هوندا هئا. حڪومت جي معاملن ۾ به برهمڻ ۽ نجومي طاقتور هوندا هئا انهن کانپوءِ امرا هوندا هئا. جيڪي ملڪي نظام، سرحدن جي حفاظت ۽ فوج جي عهدن تي فائز هوندا هئا. انهن سڀني کي بادشاهه مقرر ڪندو هو ۽ اهي بادشاهه جا وفادار هوندا هئا.

هن وقت ڪراچي وارو علائقو جتي ڪجهه ننڍا بندر يا مڇي مياڻ هوندا هئا. ملير ۽ منگهي پير وارن علائقن ۾ ان وقت زراعت ڪئي ويندي هئي. برهمڻ آباد صوبي جو حصو هوندو هو. ڪراچي جي اهميت مڪران ۽ بولان لڪ کان ايندڙ خشڪي رستي ۽ سامونڊي رستي جي ڪري هئي. برهمڻ آباد صوبي جون حدون سمنڊ کان وٺي ديبل ۽ نيرون ڪوٽ تائين هيون. حڪمران خود گادي واري هنڌ اروڙ ۾ رهندا هئا. ملڪ جون حدون ڪرمان، ايران ۽ ڪشمير تائين هيون.

ڳوٺن ۾ پنجائتون هونديون هيون جنهن جو اڳواڻ سرپنج هوندو هو. جيڪي حڪومت پاران محصول اڳاڙڻ کانسواءِ ڳوٺ جي انتظامي معاملن تي ضابطي جا پابند هوندا هئا. اهو سلسلو ميرن ۽ انگريزن جي شروعاتي دور تائين هو.

محمد بن قاسم کان اڳ عربن سنڌ تي تيرنهن حملا ڪيا هئا. راجا ڏاهر جي دور ۾ جهالا وان، ڪرمان ۽ مڪران جا علائقا عربن جي قبضي ۾ ويا. جتي انهن انتظام هلائڻ لاءِ نائب مقرر ڪيا. راجا ڏاهر جي وقت ڌاڙيلن جي هڪ واقعي کي بهانو بنائي عربن سنڌ تي چوڏهون حملو ڪيو. سنڌ جي مضبوط قلعي واري بندر ديبل تي قبضو ڪيو ۽ ٽي ڏينهن قتل عام جاري رکيو. گهڻن ماڻهن اهو ظلم ڏسي محمد بن قاسم جي فرمانبرداري قبول ڪئي. مڪران کان ايندڙ 4000 هزار بلوچن کي جيڪي محمد بن قاسم جي فوج سان گڏ آيا هئا. ديبل کان وٺي ڪراچي بندر تائين جنهن جو نالو هن وقت دڙٻو هو، انهن کي آباد ڪيو ويو. محمد بن قاسم راجا ڏاهر جي شهادت کانپوءِ پوري سنڌ تي قبضو ڪيو. سنڌ جي آزاد حيثيت ختم ڪري هن کي صوبي جو درجو ڏنو ويو ۽ هتي گورنر مقرر ڪيا ويا.

محمد بن قاسم قبضي کانپوءِ سنڌ ۾ پراڻي انتظامي نظام کي برقرار رکيو. عهدن جي نالن ۾ تبديل آندي ويئي. عدالتي نظام قاضين جي نگراني ۾ ڏنو ويو. هندو پنهنجا فيصلا پنجائت وسيلي ڪندا هئا.

عربن جي دور ۾ پوليس جو اڳواڻ ”صاحب الشرطا“ سڏبو هو، هر شهر ۾ پوليس جو انتظام هوندو هو. عربن جي دور ۾ ڏوهارين ۽ باغين کي ڦٽڪن (درن) هڻڻ جو رواج شروع ڪيو ويو. جيلن ۾ عورت قيدين کي الڳ رکيو ويندو هو. انهن کي برقعا فراهم ڪيا ويندا هئا. قيدين جي داخلا لاءِ رجسٽرڊ به رکيو ويندو هو.

شهرن جي نگراني لاءِ محتسب مقرر هوندا هئا. انهن وٽ پيادن سپاهين جو دستو به گڏ رهندو هو. جن سان گڏجي محتسب شهرن جي بازارن ۾ گشت ڪندو هو. محتسب جو ڪم ماپ تور جاچڻ، حڪومت خلاف بغاوتن تي نظر رکڻ ۽ مسجدن جي معاملن تي نظر رکڻ هوندو هو. ڏوهه ثابت ٿيڻ تي محتسب سزائون به ڏيندو هو.

عربن جي دور ۾ ٽپال جي کاتي کي ”بريڊ“ جو نالو ڏنو ويو. هر ٻارنهن ميلن کانپوءِ حڪومت پاران تيز رفتار گهوڙا مقرر هوندا هئا. ٽپال کاتي جو وڏو عملدار ”صاحب بريڊ“ سڏبو هو. صوبن جو احوال قاصدن وسيلي مرڪزي حڪومت تائين پهچندو هو. خليفي معتصم جي زماني ۾ ٽپال جو ڪم ڪبوترن کان به ورتو ويندو هو.

اڳتي هلي سنڌ، ايران، خراسان، ڪرمان ۽ ڪابل بصري جي والي هٿ هيٺ آيو. والي درٻار جي وزيراعظم جي اجازت سان صوبن تي عامل مقرر ڪندو هو.

معتصم عباسي جي ڏينهن ۾ ديبل جي مندر جي هڪ حصي کي جيل خاني ۾ تبديل ڪيو ويو هو. اڳتي هلي جيل خانن لاءِ جدا ”حڪيم“ مقرر ڪيا ويا. اموي ۽ عباسي دور ۾ سنڌ ۾ اندروني ويڙهه ۽ بغاوتن جي ڪري سنڌ ۾ انتظامي معاملا ڪمزور رهيا. مسلسل جنگين ڪري سنڌ معاشي طور تي تباهه ٿي ويئي. زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. عباسين کانپوءِ هتي خودمختيار رياستون وجود ۾ آيون. هباري خاندان  جي دور ۾ بادشاهه، وزير ۽ قاضي القفاءَ انتظامي معاملن جا ٽي اهم ٿنڀ هئا.

علاءُ الدين خلجي جي دور ۾ سپاهين کي روڪ پگهار ملڻ جو رواج پيو، هر هڪ سوار کي 234 ٽنڪا (رپيا) پگهار ڏني ويندي هئي. انهيءَ دور ۾ فوجين ۾ جاگيرون ڏيڻ جو به رواج وڌو ويو. اميرن جا درجا مقرر ڪيا ويا جن ۾ (1) خان (2) ملڪ (3) امير (4) سپه سالار (5) جند هوندا هئا. تغلق دور ۾ ٽپال جي انتظام کي بهتر ڪيو ويو. ٽپال کاتي جا هيٺيان قسم هئا. (1) اولاق يعني گهوڙي سوار ٽپالي (2) شتر سوار ٽپالي (3) هر ڪار پيادا ٽپالي (4) ڪبوتر وسيلي ٽپال. ٽپال لاءِ باقاعده چوڪيون مقرر ڪيون ويون. عدالتي کاتو قاضي جي معرفت هلندو هو. تغلق دور ۾ وزير جي عهدي کي ”صدر اسلام“ به چئبو هو. عدالتي کاتو به هن جي ماتحت هو. هڪ عهدو ”مير داد“ جو به هوندو هو. اهو قاضي اڳيان درخواستون پيش ڪندو هو. جيڪو عدالت ۽ قاضي سان گڏ هوندو هو. ماليات جي وزير کي شرف الملڪ چئبو هو انهن سڀني عملدارن لاءِ عربي ۽ فارسي جي ڄاڻ لازمي هئي. شهرن ۾ منشي مقرر هوندا هئا. هن دور ۾ دينار، درهم، ٽنڪا، دوڪاني، جيتل ۽ ٻيا سڪا سنڌ ۾ هلندا هئا.

خليجن ۽ تغلقن کان اڳ سنڌ تي سلاطين، آل شنسب خاندان ۽ غزنوين جو قبضو رهيو. انهن سڀني عرب انتظامي ڍهانچي کي برقرار رکيو. هن دور ۾ سنڌ دهلي جي ماتحت رهي ۽ مختلف رياستن تي نواب مقرر ڪيا ويندا هئا.

سومرن سنڌ تي ٽي سؤ ورهيه حڪومت ڪئي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سومرا سنڌ ۾ طاقتور حڪمران هئا. سومرن کان سواءِ سما، چنا، گوجر ۽ سوڍا راڻا به رياستن جا مالڪ هئا. سومرن جي دور ۾ لاڙي/ لاهري بندر اهم بندر هوندو هو. دفتري ٻولي پارسي هئي. هن دور ۾ ابو ضلع منصوري عربي زبان ۾ سنڌ جو ترانو تيار ڪيو هو. سومرن جي دور ۾ سنڌ خودمختيار حڪومت هئي. شروع ۾ سيوهڻ، بکر ۽ ملتان ۾ ڪجهه وقت لاءِ دهلي مان نواب ايندا رهندا هئا

ڪراچي وارو علائقو سومرن جي دور ۾ لاڙ پرڳڻي ۾ شامل هو، پر اهو علائقو گهڻو ڪري آزاد حيثيت ۾ رهيو ۽ هتي حڪمران راجا هوندا هئا. جيڪي سومرن جا ڏن ڀرون هئا.

سومرا دور سنڌ جو نهايت عاليشان دور هو هن دور ۾ سنڌ سکيو ستابو ملڪ هو جنهن جو واپار سمنڊ رستي هرمز، قيس، بحرين، عدن، گجرات، ملبار ۽ چين سان هلندڙ هو. هن دور ۾ عورتن انتظامي امور ۾ دلچسپي ورتي ۽ ملڪ جي انتظام ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. انهن ۾ تارا ٻائي (دودي پهرئين جي ڌي)، همون ٻائي (سنگهار جي زال)، ٻاگهل ٻائي (دودي ٽئين جي ڀيڻ)، ساران (محمد سومري جي زال)، مالها (هاسي سوڍي جي زال) ۽ ڪويل ٻائي (ننگر سومري جي سڱ). ان دور ۾ لاڙي سڪو جاري ٿيو. جيڪو نج سنڌي سڪو هو. جڏهن سمن سنڌ جون واڳون سنڀاليون ته سيوهڻ ۽ بکر اڃا دهليءَ جي نائبن جي هٿ هيٺ هئا. سيوهڻ تي ملڪ رتن حڪومت ڪندو هو ۽ امير قيصر به دهليءَ پاران ڪنهن ذميدار عهدي تي فائز هو. سمن جي شروعاتي زماني ۾ دهليءَ جي سلطانن پاران نواب حڪومت هلائيندا هئا. سمن کان اڳ مسجدن ۾ ئي مدرسا هئا، پر سمن جي دور ۾ مدرسن لاءِ جدا جايون اڏيون ويون. جن ۾ محدث ۽ عالم تعليم ڏيندا هئا. شهرن ۾ ناظم مقرر هوندا هئا. شهرن ۽ بندر وارن شهرن ۾ قاضي به مقرر هوندا هئا. عدالتي کاتو شرعيت مطابق هلندو هو. ٻن پرڳڻن ۾ بکر ۽ ٺٽو جيڪي گادي جا هنڌ هئا، شيخ السلام مقرر هوندا هئا. ٻين شهرن ۾ مقرر قاضي انهن جي هٿ هيٺ هئا.

ارغون ترخان ۽ مغلن جي دور ۾ سنڌ سرڪارن، پرڳڻن، محالن ۽ تعلقن ۾ ورهايل هئي. ٺٽو پنجن حصن ۽ 10 محالن ۾ ورهايل هو. جنهن ۾ 54 تعلقا هئا. ڪراچي وارو هاڻوڪو علائقو محال هو جنهن ۾ ٽي تعلقا هئا ٺٽي ۾ شامل هو. مغلن جي دور ۾ ڍلن وارو کاتو الڳ ڪيو ويو. جنهن کي دستور عمل سڏبو هو. مير بخشي (سپه سالار)، بخشي (خزانچي) ۽ محتسب وڏا عملدار هئا. انهن جا هيٺيان عامل، وقائع نويس، ديوان، صدر، بيوتات، فوجدار، ڪوتوال، قاضي، منصف، امين، داروغا، محالڪار، چوڌري، مقدم، سرپنچ، پٽواري، قلعيدار ۽ ٻيا عملدار هوندا هئا. امرائن هيٺيان روزندار (ڪلارڪ) هوندا هئا. جن جو ڪم سرڪاري ڪاغذن تي مهرون هڻڻ هوندو هو.

مغل دور ۾ سرڪارن ۽ پرڳڻن تي مغل صوبيدار/ناظم مقرر ڪيا ويا. صوبيدار، ديوان ۽ بخشي هي ٽيئي صوبائي عهديدار الڳ الڳ هئا ۽ مرڪز جي ماتحت هوندا هئا. جاسوسي جو کاتو به هوندو هو جنهن کي خفيه نويسي چيو ويندو هو. هي کاتو مرڪز جي ماتحت هو. مغلن جي دور ۾ منصب دار مقرر ڪيا ويا جيڪي حڪومت جا وفادار هوندا هئا. بادشاهه ۽ صوبائي گورنر وچ ۾ وڪيل مقرر هوندا هئا. هر صوبي تي ٻه وڪيل هوندا هئا. هڪ بادشاهه جي درٻار ۽ ٻيو صوبائي گورنر (صوبيدار) جي درٻار ۾ هوندو هو. جيڪو اهم عهدو هوندو هو. مغل، ترخان ۽ ارغون دور ۾ به جاگيرون عطا ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو. اهي جاگيردار انتظام هلائڻ لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏيندا هئا. مغل دور ۾ ڪراچي الڳ ”جاگير“ هوندو هو. هڪ دور ۾ ٺٽي کي الڳ صوبي جو درجو ڏنو ويو. سيوهڻ ۽ لاهري جاگير هئا. هتي صوبيدار ملتان جو ناظم مقرر ڪندو هو. مغلن جي دور ۾ صوبائي حڪومت جو اڳواڻ سپه سالار پوءِ صوبيدار ۽ آخر ۾ ناظم هئا. گورنر کي نائب مقرر ڪرڻ جا به اختيار هوندا هئا.

بندرن تي ڪسٽم ٽيڪس وصول ڪرڻ لاءِ متصدي (ڪلارڪ) مقرر هوندا هئا. دريا ڪناري ٻيڙين تي انچارج مقرر هوندا هئا. بخشي جيڪو صوبيدار کانپوءِ ٻيو اهم عهدو هو. جنهن جو ڪم تاريخ لکڻ، خط لکڻ، صوبي جي فوج ۽ هن جي معاملن کي ڏسڻ جو ڪم به بخشي جي هٿ هيٺ هوندو هو.

ديوان بيوتات جنهن جو ڪم رستا ۽ جايون ٺاهڻ هو. ڪوتوال صوبي ۾ پوليس جو وڏو عهدو هوندو هو. ڪوتوال، داروغا، قاضي ۽ واقع نويس سرڪار ۽ پرڳڻ سطح تي به مقرر ڪيا ويندا هئا. سرڪاريا پرڳڻي کانپوءِ ڳوٺ ننڍو انتظامي يونٽ هوندو هو. هتي مقدم يا سرپنچ مقرر هوندا هئا. جيڪي پنهنجي ڳوٺ جي تمام معاملن ۾ خود مختيار هوندا هئا. هي هارين کان لگان وصول ڪرڻ ۽ واپاري رستن کي مضبوط بنائڻ جا ذميدار هوندا هئا. انهن جي مدد لاءِ پٽواري مقرر هوندا هئا.

صوبي جو صوبيدار بادشاهه جي سامهون جوابده هوندو هو. انتظام صحيح نه هلائڻ جي صورت ۾ صوبيدار کي هٽايو ويندو هو. عهدي لاءِ ڪو مقرر عرصو نه هوندو هو. ارغون ۽ ترخان دور ۾ سنڌ ۾ پور چوگيزي ڊالر ”تنگي“ به هلندو هو. مرزا عيسيٰ خان سنڌ جو پهريون حڪمران هو جنهن پنهنجي نالي جو سڪو ”عيسائي“ جاري ڪيو. هن دور ۾ عالمگيري اشرفي، اڪبري اشرفي، ايراني سڪا هلندڙ هئا. فوج چئن حصن ۾ ورهايل هئي. جيڪي (1) سرڪاري (2) منصبداري (3) داخلي ۽ (4) عهدي هئا. جاگيردار ضرورت وقت فوج لاءِ سپاهي ڏيڻ لاءِ ٻڌل هئا. هر هڪ جاگيردار پنهنجن ڳوٺن ۾ ڪڙمين، واپارين ۽ هنرمندن کان ڍلن جي اڳاڙي به ڪندا هئا. هن دور ۾ سنڌ اندر ڍلن جا هيٺيان قسم هوندا هئا.

(1) چراهي (چراگاهه ڍل) (2) گلفروشي (گل وڪڻندڙ) (3) نيلگيري (نيل وڪڻندڙ) (4) ماهي فروشي (مڇي وڪڻندڙ) (5) نداقي (6) ريحان فروشي (کستوري وڪڻندڙ) (7) دوڪانه (دوڪاندار) (8) خمار خانه (جوا خانه) (9) دادبيگي (10) ڪوتوالي (11) احتساب (12) تخوذ پريان گري.

مغلن کانپوءِ ڪلهوڙا دور ۾ جيڪي شروع ۾ مغل بادشاهن جي هٿ هيٺ انتظام هلائيندا هئا. سنڌ ۾ ارغونن، ترخانن ۽ مغلن وارو انتظام هلندڙ هو. ڪلهوڙا دور ۾ درٻار ۾ ”سفير“ مقرر ڪرڻ جو رواج پيو. انهيءَ دور ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جو عمل دخل به وڌيو جنهن 1774ع ۾ پنهنجو سڪو ڪلدار، نالي جاري ڪيو. ڪلهوڙا ڪڏهن پنهنجي خود مختياري سان حڪومت ڪندا ۽ ڪڏهن وري هندستان ۽ افغان حڪومت جي هٿ هيٺ سنڌ تي حڪومت ڪندا هئا.

مغل دور ۾ يار محمد ڪلهوڙي کي خدا يار خان جو لقب ڏنو ويو. انهيءَ دوران مغل سلطنت جي حالت انتهائي خراب ٿي چڪي هئي. سنڌ ۾ مقرر منصبدارن جي ڪا دلچسپي انتظامي امورن سان نه هئي. صورتحال ايتري حد تائين خراب ٿي جو صوبيدارن سنڌ جي مختلف حصن کي ٺيڪي تي ڏنو. سن 1736ع ۾ سنڌ جي صوبيدار امير خان سنڌ کي نواب صادق کي ٺيڪي تي ڏنو. سنڌ ۾ ڪلهوڙا نواب جي حيثيت سان حڪومت ڪندا هئا. ڪلهوڙن جون پاڙون به مغلن وانگر عوام ۾ مضبوط نه هيون. حڪمرانن جي تبديلي سان عوام جو ڪو واسطو نه هوندو هو. ڇاڪاڻ ته انهن جو مقصد هر حڪمران جي حڪمراني مڃڻ ۽ ٽيڪس ڏيڻ هو.

مغلن سنڌ تي 1592ع کان 1737ع تائين حڪومت ڪئي. انهيءَ دوران مغلن پاران 67 گورنر مقرر ڪيا ويا. اورنگزيب عالمگير جي دور ۾ هڪ واقعي ۾ قلات جو خان محراب خان هڪ جنگ ۾ مارجي وڃي ٿو، جنهن جي ڪري اورنگزيب مير محراب خان جي خون جي عيوض 1697ع ۽ ڪراچي بندرگاهه خان آف قلات، سمندر خان جيڪو محراب خان جو ڀائيٽو هو، حوالي ڪيو. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جو عمل دخل 1681ع کان شروع ٿيو.

1697ع کان 1757ع تائين ڪراچي بندر خان آف قلات جي انتظام هيٺ رهيو ۽ هتي خان آف قلات پاران گورنر مقرر ڪيا ويندا هئا. 1757ع ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ٻيهر ڪراچي جو علائقو حاصل ڪري، سنڌ ۾ شامل ڪيو. 17 سالن کانپوءِ سنڌ جي آخري ڪلهوڙي حڪمران ميان عبدالنبي پنهنجي پاران مقرر ڪيل ناظم مير بجار کي قتل ڪيو ۽ ڀڄي وڃي قلات ۾ پناهه ورتي. مير بجار جي پٽ عبدالله خان قلات جي خان جي مدد سان سنڌ جي گادي جي هنڌ تي حملو ڪيو. هن جنگ ۾ خان آف قلات جو نياڻو زرق خان مارجي ويو. جنهن جي خون جي عيوض ٻيهر ڪراچي بندر کي خان آف قلات جي حوالي ڪيو ويو ۽ ڪراچي تي خان آف قلات پاران الله رکيو رکيو لوهار کي ڪراچي جي بندر جي ڪسٽم جو ٺيڪو ڏنو ويو. ڪراچي جي ترقي سان خان آف قلات جي ڪا دلچسپي نه هئي. شهر جي انتظام ۽ ترقي پاسي به ڪو ڌيان نه ڏنو. 1744ع کان 1795ع تائين ڪراچي خان آف قلات جي هٿ هيٺ رهيو.

ڪلهوڙن جي دور ۾ هڪ واقعي جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. سال 1729ع ۾ سنڌ جي هڪ واپاري ڀوڄومل جيڪو کڙڪ بندر جو هڪ اهم واپاري هو، جڏهن کڙڪ بندر مٽي ۽ ريتي اچڻ ڪري ٻيڙين جي اچڻ وڃڻ جي قابل نه رهيو ته ڀوڄو مل ڪراچي جو رخ ڪيو. هتي هن شهر کي هڪ ڪوٽ ۾ بند ڪرڻ لاءِ ڪوٽ اڏيو ۽ پوري طرح ڪراچي جو انتظام انهن واپارين جي حوالي هو. ڪوٽ ۽ ڪراچي کان ٺٽي ويندڙ رستن جي حفاظت لاءِ مغلن پاران اڳ ۾ هتان رهندڙ جوکين، ڪلمتن ۽ برفتن جي سردار جي حوالي ڪيل هو. ڀوڄومل به ڪراچي ڪوٽ جي حفاظت لاءِ انهن قبيلن جي ماڻهن کي مقرر ڪيو. هن کانپوءِ ڪراچي ترقي ڏانهن قدم وڌايا. ڪراچي جي حفاظت لاءِ ڪوٽ ۾ توپون به نصب ڪيون ويون. ڀوڄومل ڪنهن حڪمرانن کان اجازت نه ورتي هئي ڇاڪاڻ هن وقت دڙٻو ۽ آس پاس جا بندر ۽ ڳوٺ ڌار ڌار ۽ آزاد حيثيت سان هئا ۽ انتظام جاگيردارن، وڏيرن ۽ چڱن مڙسن جي حوالي هو.

ڪلهوڙن 1757ع ۾ ڪراچي کي سنڌ ۾ شامل ڪيو ۽ انهيءَ دور ۾ ڪراچي جي حيثيت جاگير (ضلع) جي هئي هن پوري علائقي جو نالو ڪوره هو. جنهن ۾ دڙٻو، ڪلاچي جو ڪن ۽ ٻيا علائقا شامل هئا.

ٽالپرن جو دور:

ٽالپرن جڏهن سنڌ جي حڪومت حاصل ڪئي ته ڪراچي کي ٻيهر سنڌ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪراچي تي ٽي حملا ڪيا. 1794ع ۾ ٽيون حملو ڪيو ويو انهن حملن ۾ خان آف قلات ڪا دلچسپي نه ورتي ڪراچي جي حفاظت هتان جي ماڻهن ڀوڄومل جي پٽ ڌريامل جي اڳواڻي ۾ ڪئي. ٽئين حملي کان پوءِ هڪ معاهدي تحت ڪراچي کي ٽالپرن جي حوالي ڪيو ويو. هن وقت حاجي سعيدو (شادو) ڪراچي جو نواب هو. جيڪو آخري قلاتي نواب هو، هن کان اڳ شفيع علي، خان آف قلات پاران نواب/گورنر مقرر هو. اهڙي طرح 1794ع ۾ ڪراچي جو بندر ٻيهر سنڌ جي انتظام ۾ شامل ٿيو. ڪراچي بندر واري علائقي ۽ ڪوٽ اندر شهر جو انتظام قلات جي خان ۽ ڌريامل جي حوالي هو. هاڻوڪي ڪراچي جي باقي حصن تي جوکين، برفتن ۽ ڪلمتين جي سردارن جو ڪنٽرول هو جيڪي آزاد حيثيت سان هئا پر سنڌ جي حڪمرانن کي ساليانو ڏن ڀري ڏيندا هئا.

ڪراچي شهر جو انتظام گورنر ڪراچي جي حوالي هو. جنهن کي نواب به چيو ويندو هو. جيڪو ميرن پاران مقرر ڪيو ويندو هو هن جي ذميدارين ۾ شهري انتظام کانسواءِ فوجي معاملا به شامل هئا. اڳتي هلي سول ۽ فوجي انتظامن لاءِ الڳ الڳ گورنر مقرر ڪيا ويا. سول گورنر جي فرضن ۾ شهر ۾ امن و امان قائم ڪرڻ، حڪومت پاران نافذ ڪيل قانونن، فيصلن تي عمل ڪرائڻ شهرين کان ٽيڪس وصول ڪرڻ، ننڍن مقدمن جا فيصلا ڪرڻ ۽ سزائن ڏيڻ جا اختيار شامل هئا.

ڪراچي جي بندر جي حفاظت لاءِ منهوڙي ۾ هڪ فوجي قلعو اڏيو  ويو. منهوڙي جو قلعو هڪ پهاڙي تي ٺاهيو ويو هو جنهن تي يارنهن توبون نصب ٿيل هيون. اهو قلعو 1797ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. قلعي ۾ فوج رهندي هئي ۽ فوجي انتظامن لاءِ الڳ الڳ گورنر مقرر هوندو هو.

ٽالپر دور ۾ ڪراچي تي جيڪي سول گورنر مقرر ٿيا انهن ۾ آغا زين العابدين، آغا ڪاظم پاشا، آغا تقي شاهه، سيد غلام علي شاهه، حاجي الله رکيو ۽ حسن بن بچو هئا. آغا زين العابدين پهريون گورنر هو جيڪو ڇهن سالن تائين ڪراچي جو گورنر/ نواب رهيو. جيڪو 1288ع ۾ وفات ڪري ويو. جنهن کي حيدرآباد ۾ دفن ڪيو ويو. آغا زين العابدين، آغا ڪاظم پاشا ۽ آغا تقي شاهه ڀائر هئا. انهن جو تعلق ايران جي شهر اصفهان سان هو.

ٽالپرن جو مشهور امير سيد اسماعيل شاهه به انهن جو ڀاءُ هو. جيڪو ڪجهه وقت لاءِ بمبئي جي انگريز درٻار ۾ ميرن پاران سفير مقرر ٿيو هو.

سيد غلام شاهه 1832ع ۾ ڪراچي جو نواب هو. اليگزينڊر ايف. بيلي پنهنجي ڪتاب Kurrachee Past, Present and Future ۾ لکي ٿو ته، ”1838ع ۾ ڪراچي جا ٻه گورنر هئا. سول گورنر حاجي الله رکيو ۽ فوجي گورنر خير محمد نظاماڻي هو. خير محمد نظاماڻي فوجي ڪمانڊر به هو. 1839ع ۾ ڪراچي جي گورنر جي پگهار 240 رپيا ماهوار هو ۽ گهوڙو الائونس هن کان الڳ هوندو هو. هي تمام پئسا سرڪاري سڪي ڪاشاني ۾ ادا ڪيا ويندا هئا. قلعي جي حفاظت لاءِ 20 جوکيا ۽ 10 بلوچ (ڪلمتي) مقرر هئا. ڪراچي جي گورنر کي حد کان وڌيڪ اختيار حاصل هئا. پر هتي واپار تي ۽ ٻين شين تي ڌريانومل ۽ هن جي ڀائرن جو مڪمڪل ڪنٽرول هو. گورنر انهن جي سامهون بي وس هئا. ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي آمدني جو وڏو ذريعو انهن واپارين کان حاصل ٿيندو هو. جڏهن سيد غلام علي شاهه ڪراچي جو گورنر هو ته هڪ واقعي ڪري جڏهن واپارين هڙتال ڪئي ته ميرن گورنر کي هٽائي ڇڏيو.“

ٽالپر حڪمرانن جي دور ۾ ڌار ڌار پرڳڻن تي ڪاردار مقرر هوندا هئا. جيڪو گورنر/نواب کانپوءِ اهم عهدو هوندو هو. انهن جي عملي ۾ سندن ماتحت عملدار منشي وغيره مقرر هوندا هئا. ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ 44 محالن ۾ ورهايل هو ڪراچي جي حيثيت به هڪ محال جي هئي. تعلقا به هوندا هئا. هر پرڳڻي تي نواب/گورنر جي هٿ هيٺ ڪاردار، سزاولڪا ۽ مختيارڪار مقرر هوندا هئا.

ٽالپرن جي دور ۾ ڪراچي ۾ قاضي عدالتون ۽ هندو پنجائت ڪاميٽيون به موجود هونديون هيون. ڪراچي جي گورنر کي مقدمن جو فيصلو ڪرڻ، سزائون ڏيڻ جو اختيار هو. مجرمن کي بيڊ وسيلي ڦٽڪا هڻڻ، نڪ، ڪن، هٿ ڪپڻ جون سزائون ڏنيون وينديون هيون. هندو پنهنجا فيصلا پنجائتن وسيلي ڪندا هئا. مجرمن کي موت جي سزا جو اختيار صرف ٽالپر حڪمرانن کي حاصل هوندو هو. قاضي عدالت ۽ پنجائتن جي فيصلن خلاف اپيلون گورنر ڪراچي جي سامهون پيش ٿينديون هيون. جيلن جو تصور نه هو، تنهن ڪري ڊگهين سزائن جو رواج به نه هو. مسلمانن جا مقدما شرعي محمدي مطابق ۽ هندن جا فيصلا انهن جي مذهبي قانون مطابق طئي ڪيا ويندا هئا.

مسٽر جيمز گبس پنهنجي هڪ رپورٽ Sketch of the judicial Administration of Provins Sind ۾ عدالتي نظام جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، ”ٽالپر دور ۾ فوجداري فيصلا گورنر ڪراچي، ڪاردار ۽ ڪوتوال ڪندا هئا. هن وقت جيلن جو تصور نه هو. جنهن لاءِ مجرمن سان رعايت ڪئي ويندي هئي. هن دور ۾ ڪجهه بااثر جاگيردارن، سردارن ۽ وڏيرن کي به پنهنجي پنهنجي قبيلي ۾ فيصلي ڪرڻ جو اختيار هوندو هو.“

پوري ٽالپر دور ۾ ڪراچي جا قاضي هڪ ئي خاندان مان مقرر ٿيندا هئا. انهن مان قاضي شاهنواز، قاضي مرزا علي، قاضي ڪرم الله، قاضي محمد يوسف ۽ قاضي نور محمد انهن جو تعلق ڪراچي جي غريب وسندي لياري سان هو. انهن قاضين کي هيٺيون رعايتون حاصل هيون.

گروي ٿيندڙ رقم جي مڪمل واپسي کانپوءِ هڪ سيڪڙو قاضي کي ملندو هو.

ڪراچي پورٽ تي لهندڙ سامان تي في مڻ اڍائي پائيون قاضي وصول ڪندو هو.

هر مسلمان جي شادي تي جيڪو نڪاح قاضي يا انهن پاران ڪيل مولوي پڙهائيندو هو، ڏيڍ آنا قاضي کي ملندو هو.

ڪراچي شهر ۾ وڪامجندڙ ان تي هر وٺڻ واري کان 20 مڻن تي پوڻا چار سير قاضي لاءِ وصول ڪيو ويندو هو.

عدالتن جو ڪاروبار قاضين ۽ صدرالصدور هلائيندا هئا. ڪراچي ۾ فقط قاضي مقرر هوندا هئا. ڪراچي ۾ ٻن قسمن جون عدالتون هونديون هيون.

(1) صدر نظامت يعني فوجداري معاملن وارو ڪوٽ ۽ (2) صدر ديواني يعني سول ڪيس جي نبيرڻ لاءِ عدالت.

شهر جي حفاظت لاءِ ڪوتوال ۽ قلعن مٿان قلعيدار مقرر هوندا هئا. ڪوتوال ۽ قلعيدارن وٽ فوجي دستا هوندا هئا. اهي شهر جي گورنر کي رپورٽ ڪندا هئا.

ٽالپر دور ۾ ڪراچي ۾ پوليس جو باقاعده الڳ کاتو موجود هوندو هو. جنهن جو انتظاڪم ڪاردار جي حوالي هوندو هو. پوليس جا سپاهي چوري، ڌاڙي، قتل ۽ اسمگلنگ جي مجرمن کي گرفتار ڪري قاضي ۽ ڪاردار عدالتن جي حوالي ڪندا هئا. جتي انهن تي مقدمو هلايو ويندو هو. ڪئپٽن هارٽ پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ لکي ٿو ته، ”ٽالپر دور ۾ ڪراچي ۾ ڪجهه سپاهي ۽ چوڪيدار مقرر هئا. ڪجهه سپاهي شهر جي ڪوٽ جي ٻنهي دروازن مٺي در ۽ کاري در تي پهرو ڏيندا هئا ۽ رات جو دروازا بند ڪيا ويندا هئا ۽ بعد ۾ اهي سپاهي شهر جو گشت ڪندا هئا. اهي چوڪيدار تلوارن سان مسلح هوندا هئا ۽ هر مهيني انهن کي سرڪاري خزاني مان پگهارون ڏنيون وينديون هيون.“

ڪوتوال، نائب ڪاردار، ڪاردار ڏوهن کي روڪڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا هئا. ڪوتوال ۽ نائب ڪاردار، ڪاردار جي هٿ هيٺ هوندا هئا. چوڪيدارن کانپوءِ نمبردار هوندا هئا. پوليس کاتي ۾ ٽالپرن جي دور ۾ پيري (پيرا وانڊ) به مقرر هوندا هئا.

ڪسٽم کاتو ”گمرگ“ جي نالي سان هوندو هو. ڪراچي جي آمدني ان وقت 6 لک 16 هزار هئي. مڇي جي واپار مان ميرن کي ساليانو ڏهه هزار رپيا آمدني ٿيندي هئي. خوجا ۽ هندو واپاري مهاڻن کان ٺيڪي تي مڇي خريد ڪري سڪائڻ کانپوءِ ڏيسارو موڪليندا هئا. جنهن جي ڪري گهڻا مهاڻا انهن جا قرضي هوندا هئا. انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ ٺيڪي جي رسم کي رد ڪيو ۽ مڇي جي شڪار لاءِ پروانا جاري ڪيا. 1855ع ۾ مڇيءَ جون مياڻيون نيلام ٿيڻ جو رواج نافذ ڪيو ويو. 1885ع ۽ ٻيهر پروانن جو سسٽم جاري ڪيو ويو. ڪراچيءَ ۾ ڪوڏيون به نڪرنديون هيون انهن متان حڪومت کي آمدني ٿيندي هئي.

سرڪاري ملازمن جي پگهارن جي باقائدي حساب ڪتاب رکڻ لاءِ گورنر ڪراچي جي درٻار ۾ هڪ دفتر قائم ڪيو ويو هو. هن دفتر ۾ منشي، عامل، آڊيٽر، ڪلرڪ وغيره هوندا هئا. بندرگاهه تي حاصل ڪسٽم ٽيڪس وٺڻ لاءِ هڪ چبوترو ٺهيل هوندو هو اهو دفتر به انهيءَ چبوتري تي قائم هو. جنهن کي ”محل چبوترو“ چيو ويندو هو. جت بندرگاهه تي ايندڙ ۽ ويندڙ سامان کي چبوتري تي رکيو ويندو هو. اهلڪار سامان چيڪ ڪندا هئا ۽ ٽيڪس وٺي انهن کي ڇڏيو ويندو هو. ٽيڪس وصول ڪرڻ لاءِ شهر ۾ داخل ٿيڻ وارن رستن تي چنگيون قائم هيون جتي تختين تي نرخ نامو لڳل هوندو هو. چنگي کي ”شرني“ چيو ويندو هو. اهو ٽيڪس عامل وصول ڪندا هئا ۽ جيڪو هر مهيني سرڪاري منشي وٽ جمع ڪيو ويندو هو. جتان پوءِ اهي پئسا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪيا ويندا هئا. ڪراچي ۾ هر مير پاران پنهنجي حصي جي رقم وصولي لاءِ الڳ الڳ ايجنٽ مقرر هوندا هئا.

1. ديوان ڪرم چند            ايجنٽ مير صوبدار خان

2. ديوان ٽيڪم چند          ايجنٽ مير محمد خان

3. حاجي الله رکيو                     ايجنٽ مير نصير خان

4. عباس علي                 ايجنٽ مير نور محمد خان

ٽالپرن جو سرڪاري سال پهرئين ذوالحج کان شروع ٿي 30 ذوالقعد تي ختم ٿي ويندو هو.  ڪراچي جو دفتر سال ۾ هڪ ڀيرو آڊٽ لاءِ بند ڪيو ويندو هو. حيدرآباد کان ميرن جا موڪليل اڪائونٽنٽ جاچ پڙتال ڪندا هئا.

ڪئپٽن هارٽ جي 1839ع جي رپورٽ مطابق ”ڪراچيءَ ۾ ٽيڪس وصول ڪرڻ لاءِ ٻه منشي، هڪ خازن ۽ يارنهن عامل مقرر هئا.“

چبوتري تي بندرگاهه جي ٽيڪس جو نظام گمرگ هوندو هو. باقي شهر ۾ چنگي ناڪا لڳل هوندا هئا. انهن کي شيرني چيو ويندو هو. اڄ به ڪراچي ۾ لياري واري علائقي ۾ ميران ناڪو علائقو مشهور آهي. هتي ڪراچي شهر ۾ داخل ٿيندڙ رستي تي ناڪو لڳل هوندو هو، جيڪو ميرن جو ناڪو مشهور هو.

ميرن جي وقت ۾ جانورن، شراب، زراعت، ڪپڙي جي ڪارخانن، لنگين جي ڪارخانن، چمڙي جي ڪارخانن تي ٽيڪس لاڳو هوندو هو. جتي ٺيڪيداري سسٽم هوندو هو. زراعت تي ڍل، بٽئي، محصولي، ڪاسگي ۽ حقابو جا قسم هوندا هئا.

ٽالپرن جي دور ۾ اهي عملدار گهڻو ڪري هندو هوندا هئا. ٽالپر دور ۾ پوري سنڌ وانگر ڪراچي جي ويجهو ملير ۽ حب جي علائقي ۾ زراعت لاءِ لڳل نار تي ٽيڪس لڳل هوندو هو. جيڪي گهڻو ڪري سردار ۽ جاگيردار وصول ڪري حڪومت کي ڏيندا هئا. مهاڻو پنهنجي ڄار ۾ ڦاٿل مڇي جو ٽيون حصو سرڪار کي ڏيندو هو. سنڌو ۾ هلندڙ هر ٻيڙي تي به ٽيڪس لاڳو هو. چور کان جيڪو مال وصول ٿيندو هو هن جو ڪجهه حصو سرڪار کي ملندو هو. عام ماڻهو ڳري ٽيڪسن جي ٻوجهه هيٺيان دٻيل هوندو هو. هن قسم جي حڪومتن ۾ ترقي، تعمير، واڌاري ۽ سڌاري جي ڪا اهميت ئي نه هوندي آهي. هتان جي ماڻهن جي بي حسي ۽ ويڳاڻپ ڪري حڪومت ۽ انتظاميا ۾ حرص، لالچ ۽ خود غرضي ڪاهي پئي، اڳتي هلي انهيءَ بي حسي جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ انگريزن جي قبضي ۾ هلي ويئي.

ميرن ۽ ڪلهوڙن جي وقت سنڌ جون حڪومتون پاڻ کان اڳ آيل مغلن، ارغونن، ۽ ترخانن وانگر بادشاهت جو هڪ ڏيک ڏينديون هيون. جنهن کي جاگيرداراڻي اصولن تحت هلايو ويندو هو. ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جي وقت ۾ قبيلن جا لٺ سردار فوجي مهندار هوندا هئا. ۽ فوجي خدمتن جي بدلي ۾ کين جاگيرون ڏنل هيون. جنگ جي موقعي تي مختلف سردار فوجي نقطه نگاهه کان ميرن جي گهربل امداد ڪندا هئا. جنهن سان جاگيرداراڻو نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويو.

حملي جي صورت ۾ اهي سردار پنهنجي پنهنجي قبيلي جي ماڻهن جا لشڪر وٺي ڪٺا ٿيندا هئا. گڏجي هڪ قوت جي شڪل ۾ دشمن جو مقابلو ڪندا هئا. سوار جو اجورو پيادي کان ٻيڻو هوندو هو. فوجين کي اناج ۽ ٻيون شيون بازار جي اگهه ۾ گهٽ اجوري تي ڏنيون وينديون هيون. ميرن وٽ باقاعده فوجين جو انگ چار هزار هوندو هو. فوج جڏهن حرڪت ۾ ايندي هئي ته پوءِ ان جو سڄو خرچ پکو ميرن تي هوندو هو. ضرورت جي وقت ميرن جي اشاري تي سردار ۽ جاگيردار فقط پندرنهن ڏينهن جي نوٽيس تي 50 هزار فوج جمع ڪري ڏيندا هئا.

پيادن کان سواءِ فوجي گهوڙن، خچرن ۽ اٺن کي به سواري لاءِ استعمال ڪندا هئا. بندوق، توبون، ڍال، ڪهاڙي ۽ تلوار اهم اوزار هوندا هئا. توب خاني لاءِ الڳ انچارج مقرر هوندو هو.

اليگزينڊر برنس پنهنجي رپورٽ Report on Political Geographical and Commercial Methods Relatted Sindh 1835-37 ۾ ڪراچي ۾ فوجي انتظامن جي باري ۾ لکي ٿو ته، ”بدقسمتي سان ڪراچي ۾ فوجي قوت معمولي هئي. منهوڙي جو قلعو بچاءَ واري نقطه نظر کان انتهائي اهم هو. جنهن کي ٽالپرن ڪراچي جي بچاءُ لاءِ اڏيو هو. سخت بي توجهه جو شڪار هو. هتي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فوجي مقرر هئا. جن وٽ هٿيارن جي ڪمي هئي. قلعي جا سڀئي محافظ بلوچ هئا. جن کي فوجي خدمتن جي بدلي ۾ ملير ۽ لياري ندين جي ڪناري زرخيز زمينون ڏنل هيون.“

ڪراچي ۾ فوجي معاملن لاءِ الڳ گورنر هوندو هو. جيڪو ميرن جي سامهون جواب ڏيندڙ هو. ميرن جي دور ۾ ايراني سڪا گبري ۽ پتيلي، افغاني سڪو تيموري ۽ ڪاشاني کان سواءِ مسقطي سڪو ڪورا، ٽنڪا پرتگالي ڊالر، اطالوي اشرفيون ۽ ڪادار هلندڙ هئا. گهڻن شهرن ۾ ڪوڏيون به هلنديون هيون. ميرن جي دور ۾ تور ماپ جو جيڪو نظام لاڳو هو تنهن کي خرار سڏبو هو. خرار کان پوءِ ڪاسو. ٽويو ۽ پتي هوندو هو. ڪراچي ۾ 40 سير هڪ مڻ جي برابر هوندا هئا.

بمبئي جو هڪ سير برابر ڪراچي جي هڪ پتي

4 پتيون برابر هڪ ٽويو

4 ٽويا برابر هڪ ڪاسو

60 ڪاسا برابر هڪ خرار

ڪراچيءَ جو هڪ پڪو سير بمبئيءَ جي ٽن سيرن برابر هوندو هو ۽ ڪراچي جا 14 پڪا سير بمبئيءَ جي هڪ مڻ برابر هوندا هئا. زمين جي ماپ گهنٽن ۽ جريبن ۾ ٿيندي هئي. پنج پرهه برابر هڪ گهنٽو ۽ 20 گهنٽا برابر هڪ جريب هوندو هو.

ٽالپرن جي دور ۾ ڪراچي ۾ سيٺ نائون مل جو سياست سان گڏ انتظامي ۽ واپاري امورن تي به ڪنٽرول هو. جنهن جي ڪري انگريزن کي سنڌ تي حملي لاءِ سهولت ملي. 1839ع تي جڏهن انگريزن ڪراچي تي حملو ڪري قبضو ڪيو ته ميرن ڪو به مقابلو نه ڪيو. سنڌ جي قبضي 1843ع تائين ڪراچي ظاهري طور تي ميرن جي انتظام هيٺ هو پر ان تي ڪنٽرول انگريزن جو ۽ نائون مل جو هو هتي انهن جي حڪمراني هلندي هئي. انهيءَ دوران عدالتي امور تي به انگريزن جو عمل دخل هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org