جوبلي واري علائقي ۾ انگريزن جي دور ۾ ننڍا پر
خوبصورت پارڪ هوندا هئا هي علائقو خوبصورت بلڊنگن
ڪري مشهور هو. هتي سيناگاگ کانسواءِ هندوئن جو
مندر ۽ ڌرم شالو هوندو پر اهي سڀ ختم ٿي ويا.
خوبصورت ويڪرن روڊن ۽ پارڪن جو علائقو گندگي جو
ڍير ٿي ويو آهي. ويڪرن روڊن ۽ پارڪن جو علائقو
سوڙهين گهٽين ۽ بدصورت ڪيترن منزلن واري عمارت ۾
تبديل ٿي ويو آهي. ورهاڱي کانپوءِ پهرين سينيما
جوبلي هتي ٺاهي ويئي ڪراچي ۾ ڪنهن مسلمان پاران
جوڙيل اها پهرئين سينيما هئي.
رابندر ناٿ ٽئگور آرٽ اسڪول:
رام باغ روڊ تي رام باغ وٽ، آرام باغ مسجد جي بلڪل
سامهون ڳاڙهن پٿرن جي هڪ جاءِ نظر ايندي کنڊرن ۾
تبديل ٿيڻ جي باوجود جاءِ دل کي وڻندڙ لڳي اهڙي
وڻندڙ جو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو ڪجهه وقت
لاءِ بيهي هن جاءِ ڏانهن ضرور ڏسندا ۽ پوءِ هن جي
بربادي تي ڳوڙها ڳاڙي اڳتي وڌندا. اهو شيوا ڪنج
هاسٽل آهي. جيڪو انگريزن جي دور ۾ اڏيو ويو هو ۽
ڊي. جي ڪاليج جو هاسٽل هوندو هو. هن جي سامهون
رابندر ناٿ ٽئگور آرٽ اسڪول جي جاءِ آهي. اها جاءِ
جنهن کي ”سرڻاگتي منزل“ چيو ويندو هو. جيڪو ختم ٿي
رهيو آهي. شيوا ڪنج ۽ سرڻاگتي ميٺا رام شهاڻي ۽
ديوان ڏيارام گدومل جيڪي ڀائر هئا انهن جي ذاتي
پلاٽ تي ٺهيل آهن.
بنگال جي ڀٽائي ٽئگور ڪولڪتي (ڪلڪتي) جي بولپور جي
علائقي بنگال ۾ شانتي نڪيتن جو بنياد وڌو.
بنگال جو عظيم شاعر رابندر ناٿ ٽئگور
هن
عظيم درسگاهه جنهن کي وشو ڀارتي يونيورسٽي به چيو
ويندو آهي هن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڪوي ٽئگور چندي
گڏ ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن جو دورو ڪيو. جتي ناٽڪ
منڊلين ۾ روڊ رستن تي ناٽڪ ۽ گيتن وسيلي چندو گڏ
ڪيو ويندو هو. 1920ع ۾ ٽئگور کي شاعري جي ڪتاب
”گيتا نجلي“ تي نوبل انعام مليو. هتان مليل انعام
به ٽئگور شانتي نڪيتن جي قائم ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏيو.
ٽئگور کي سنڌ ياترا دوران حيدرآباد مان 90 هزار
رپيا ”شانتي نڪيتن“ جي لاءِ مليا. هن ڪم لاءِ
ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي اڳتي هو. 1923ع ۾ ٽئگور سنڌ
ياترا دوران رابندر ناٿ ٽئگور ناٽڪ منڊلي جي مهورت
پنهنجن هٿن سان ڪئي. هن ناٽڪ منڊلي جي قيام ۾
منگهارام ملڪاڻي، ڄيٺمل پرسرام، سادو هيرانند، لعل
چند امر ڏنو مل ۽ خان چند درياڻي پيش پيش هئا.
ڪراچي جي ڊي. جي نيشنل ڪاليج ۾ نرمل جيوتاڻي
”ٽئگور ڪلاٻاري“ جو بنياد وڌو. جنهن تحت ناٽڪ، گيت
سنگيت جا پروگرام ٿيندا هئا.
سرڻا گتي منزل رام باغ (پاڪستان چوڪ)
سنڌ جي دوري دوران هتان جي اديبن، شاعرن، نثرنگارن
۽ فلاسفرن ٽئگور جو ڀرپور ساٿ ڏنو. رابندر ناٿ
ٽئگور جي مهاوديالا شانتي نڪيتن مان علم حاصل ڪري
نڪتل ودريارٿين جو وڏو حلقو پوري دنيا ۾ پکڙيو پيو
آهي. ڪراچي جي رام باغ واري علائقي جي سرڻا گتي
منزل ۾ رابندر ناٿ ٽئگور آرٽ اسڪول به ڪولڪتي جي
شانتي نڪيتن جو برانچ هو. ”ٽئگور ڪلاٻاري“ جيڪو
نرمل جيوتاڻي جوڙيو هو هن کي ئي هتي آندو ويو. هتي
آرٽ جا پوڄاري، رنگن جا پڄاري، مٽي جي مورتي ٺاهڻ،
مجسما ٺاهيندڙ، شاعر ايندا هئا. ۽ ڪلاٻاريءَ جي
ڀٽي ۾ پڄي ڪندن ٿيندا هئا. ڪراچي جي اها شانتي
نڪيتن جيڪو ٽئگور سان گڏ هتان جي حق، سچ جي ڳولائو
ڪندڙن جو مهاوديالا به هاڻي ختم ٿي رهيو آهي.
تاريخ سان ويساهه گهاتين جي هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي ڇا
لکي ڇا لکجي.
باغي شاعر نذير السلام ڪراچي ۾:
1919ع پهرئين مهاڀاري لڙائي جي ڏينهن ۾ نذر السلام
انگريز فوج ۾ سپاهي هو ته ڪراچي ۾ رهندي هن مشهور
نظم ”باغي“ لکي هئي. نذر السلام گهڻو عرصو ڊرگ روڊ
جي هاڻوڪي عائشه منزل جي ڀر وارو علائقو جناح
اسپتال جي سامهون پوئين پاسي تائين وارو علائقو
بزرٽا لائين
(Brzerta)
جي نالي سان مشهور هوندو هو. بزرٽا آفريقا ۾ هڪ
جزيري جو نالو آهي. هتي فوجي علائقي ۾ رهندو هو.
بعد ۾ نذر السلام اي. بي سينا لائين جي هڪ جاءِ تي
رهڻ لڳو. اها جاءِ اڄ به موجود آهي. ڪراچي ۾ رهڻ
دوران نذر السلام کي ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. نذر
السلام نظم ”باغي“ ڪراچي جي ساحل تي سمنڊ جي مست
ڇولين کي ڏسي لکيو هو. ياد رهي ته ڪجهه وقت لاءِ
هن گهوڙا ٻاري ۾ به ڊيوٽي ڪئي هئي.
حيدر منزل:
سنڌ جي سياست ۾ حيدر منزل کي وڏي اهميت حاصل آهي.
حيدر منزل
ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سن جي سائين جي. ايم سيد ڪري
حيدر منزل جمهوريت پسندن، هارين، مزدورن، شاگردن
جي سياست جو محور ۽ مرڪز رهيو. 70ع واري ڏهاڪي
کانپوءِ حيدر منزل قوم پرستن لاءِ مقدس جاءِ طور
مشهوري ماڻي. انهيءَ حيدر منزل ۾ سائين جي. ايم
سيد نظربندي جا ڪيترا ئي سال گذاريا. جڏهن سيد هتي
رهندو هو ته قومپرستن، جمهوريت پسندن ۽ سنڌ جي
اديبن جا ميلا متل هوندا هئا.
حيدر منزل سولجر بازار عيدگاهه (نشترپارڪ) جي اوڀر
پاسي واري رستي سان لڳ آهي. لان مان نشتر پارڪ جو
نظارو ڪري سگهجي ٿو.
حيدر منزل مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ آهي. اها
سوسائٽي 1932ع ۾ سيٺ طيب علي قائم ڪئي هئي. جتي
سنڌ جي رهاڪن خاص ڪري مسلمانن کي پنهنجن بنگلن
ٺهرائڻ جو موقعو مليو. طيب علي بنگلن اڏڻ لاءِ
بئنڪ مان قرض به وٺائي ڏنو. هتي سر شاهنواز خان
ڀٽي، خان بهادر محمد ايوب کهڙي به بنگلا ٺهرايا
هئا. ڪجهه سنڌي آفيسرن به بنگلا ٺهرايا. سر
شاهنواز ۽ خان بهادر ايوب کهڙي پنهنجا بنگلا وڪڻي
ڇڏيا ۽ سائين جي ايم سيد پنهنجي بنگلي کي ”حيدر
منزل“ جو نالو ڏيئي سنڌ جي سياست جو مرڪز بنايو ۽
حيدر منزل ۾ ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ جا مشهور
سياستدان، اديب ۽ دانشور ايندا رهندا هئا. حيدر
منزل واري حيثيت ڪنهن مقدس جاءِ کان گهٽ نه هئي.
سائين جي. ايم سيد جنهن جي محبتن جو مرڪز فقط سنڌ
هو. هر قومي سياست کان اڳ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو
ميمبر، نائب صدر ۽ 1928ع ۾ صدر رهيو ڇاڪاڻ ته تن
ڏينهن ۾ ڪوٽڙي تعلقو ڪراچي ضلعي ۾ شامل هو. بندر
روڊ تي هاڻوڪي ريڊيو پاڪستان جي بلڊنگ، منگهوپير ۽
آسو ڳوٺ ۾ ٺاهيل ريسٽ هائوس سائين جي. ايم سيد
پنهنجي صدارت دوران ٺهرايا هئا. جڏهن سيد حيات هو
ته منهنجو به ٻين دوستن سان گڏ حيدر منزل گهڻو اچڻ
وڃڻ هوندو هو.
سائين جو دستر خوان هميشہ وسيع هوندو هو . پورو
ڏينهن سياست کانسواءِ سائين سان ڀوڳ چرچا هلندا
هئا. گڏاپ وارن سان سائين جي خاص نسبت هوندي هئي
جتي هن پنهنجي لوڪل بورڊ جي صدارت دوران اسڪول به
ٺهرايو هو. انهيءَ جاءِ تي هاڻي يونين ڪائونسل
پاران مارڪيٽ ٺهيل آهي. گڏاپ وارن قومپرست ڪارڪنن
جي فرمائش تي 1988ع ۾ سيد اسڪول واري جاءِ به ڏٺي.
اهو ڏينهن اسان سڀني لاءِ يادگار ڏينهن هو. سائين
سان گڏ حيدر منزل کان ٺٽي جو نجي دور به يادگار
دورو هو. جتي رات جو ڪينجهر جي رسٽ هائوس تي
صوفياڻي راڳ جي محفل مچائي ويئي هئي.
26
اپريل 1995ع ۾ حيدر منزل جون رونقون ويران ٿي ويون
جڏهن سنڌ جي عاشق جو مڙهه صبح جو سوير حيدر منزل
کان سن لاءِ روانو ٿيو. سائين جي وڃڻ کانپوءِ
”حيدر منزل“ جيڪو سنڌ جي قومپرستن لاءِ ڇپر ڇانو
هو ختم ٿي ويو. هاڻي الائجي حيدر منزل جا ڪهڙا
حال آهن. سائين کانپوءِ اسان به اوڏانهن وڃڻ ڇڏي
ڏنو آهي.
محمد علي جيڻا جو جنم هنڌ:
پاڪستان جو تخليق ڪار محمد علي جيڻا جنهن کي
قائداعظم محمد علي جناح جي نالي سان ياد ڪيو وڃي
ٿو.
وزير مشين جنهن لاءِ مشهور ڪيو ويو آهي ته
قائداعظم هتي پيدا ٿيو هو
جيڻا لفظ انگريزي ۾ لکڻ ڪري جناح ٿي ويو ۽ مشهور
به جناح ئي ٿي ويو. جيڻا سڀني کان وسري ويو آهي.
پر کاري در ۽ مٺي در جي ميمڻن ۽ گجراتين وٽ اڄ به
اهو لفظ جيڻا آهي. ڇاڪاڻ ته محمد علي جي پيءُ جو
نالو جيڻا پونجا هو. پونجا سندس ڏاڏي جو نالو هو.
قائداعظم پنهنجي نالي سان گڏ پنهنجي پيءُ جو نالو
جيڻا لکندو هو. جيڪو هاڻي ”جناح“ ٿي ويو آهي.
جيڻا جو رشتو آغا خان جي وزير موسيٰ جمعا جي ڌيءُ
سان ڪيو ويو. جنهن وزير مينشن کي قائداعظم جي
پيدائش ڄاڻائين ٿا، اها جاءِ انهيءَ وزير جي هئي.
پونجا ڀائي جي وفات کانپوءِ ٻنهي ڀائرن والجي
پونجا ۽ جيڻا پونجا ڪاروبار کي پاڻ ۾ ورهايو ۽
جهرڪن ۾ سندس والد واري ملڪيت/جاءِ جيڻا کي ملي.
شادي کانپوءِ جيڻا جهرڪن ۾ رهي پيو پر ڪاروبار جي
سلسلي ۾ ڪراچي ايندو ويندو هو. کاري در ۾ چاڳلا
اسٽريت تي هڪ مسواڙ تي جاءِ به ورتي هئائين. جهرڪن
۾ محمد علي جي ڏاڏي جي نالي ”پونجا جو پَٽ“ اڄ به
مشهور آهي جيڪو بعد ۾ قائداعظم جي والد جيڻا جي
حصي ۾ آيو هو. جتي خوجن جي هڪ پراڻي عبادت گاهه اڄ
به آهي ۽ هتي قائداعظم پيدا ٿيو ۽ هتي اسڪول ۾ به
داخل ڪيو ويو. جتي ان جو نالو ”محمد علي جيڻا ڀائي
خوجاڻي“ هو سندس نالو رجسٽر ۾ به موجود هو. ون
يونٽ جي وقت کان اڳ جملي سرڪاري توڙي خانگي ڪتابن،
رسالن، اخبارن، سنڌ ۽ پنجاب بورڊ جي نصابي ڪتابن ۾
قائداعظم جو جنم هنڌ جهرڪ لکيو ۽ پڙهيو ويندو هو.
پرائمري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به ان کي
جهرڪن ۾ داخل ڪيو ويو. نالو اسڪول ريڪارڊ ۾ به
موجود هو. اهو نالو عبدالله شاهه جڏهن سنڌ جو وڏو
وزير هو ته ڪاميٽي جاچ لاءِ موڪلي هئي. جنهن ۾
وزير تعليم پيار علي الانو، سينيٽر امداد اعواڻ ۽
محمد بخش خاصخيلي هئا. اهو ريڪارڊ انهن به ڏٺو هو.
هڪ ٻي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هن وقت هاڻوڪو ٺٽو
ضلعو ڪراچي ضلعي جو حصو هو ۽ جهرڪ به ان وقت ڪراچي
جو حصو هو ته ان ڪري به اها ڳالهه ان وقت عام هئي
ته قائداعظم ڪراچي ۾ ڄائو هو. انجمن اسلاميا مدرسو
بمبئي هندستان مان به قائداعظم جي جنم ڀومي جهرڪن
۾ هجڻ جي تصديق ڪري سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته سنڌ مدرسي
۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ هن انجمن هاءِ اسڪول اسلاميا
مدرسي بمبئيءَ ۾ داخلا ورتي هئي جتان پوءِ ٻيهر
سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ آيو. محمد علي جناح جو
پرسنل سيڪريٽري چوائيندڙ جيڪو ليکڪ به آهي. پنهنجي
ڪتاب جناح پونجا ۾ لکي ٿو ته قائداعظم محمد علي
جناح جي جنم جو هنڌ نه جهرڪ آهي ۽ نه ئي وزير منشن
آهي ۽ قائداعظم ڪراچيءَ جي قديم وسندي کارا در جي
چاڳلا اسٽريٽ ۾ پيدا ٿيو. چاڳلا اسٽريٽ جو اهو گهر
جناح جي والد جيڻا مسواڙ تي ڪاروبار لاءِ ڪراچي
اچڻ لاءِ حاصل ڪيو هو. اها جاءِ جيڻا محمد علي جي
پيدا ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي. جنهن جي تصديق انهيءَ
گهٽي جا پوڙها به ڪن ٿا ۽ هو اهو به چون ٿا ته
جناح جهرڪن ۾ پيدا ٿيو هو.
اهو فقط سچائي کي لڪائي عوام سان دوکو ڪرڻ آهي ۽
حقيقت کان منهن موڙڻ آهي. سمورا ناليوار اديب،
اسڪالر، تعليمي ماهر، محقق، سياستدان ان سچائي تي
گڏ آهن ته محمد علي جيڻا ضلعي ٺٽي جي جهرڪ شهر ۾
ڄائو آهي. تاريخ سان ان هٿ چراند کي هاڻي بند ٿيڻ
گهرجي. جهرڪن ۾ پيدا ٿيڻ ته ڪو ڏوهه ڪونهي.
جڏهن پرنس آف ويلس ڪراچي ۾ آيو:
18
مارچ 1922ع تي صبح جو جڏهن ڪراچي جا ماڻهو ننڊ مان
سجاڳ ٿيا ته انهن ڏٺو پوري ڪراچي ڪارن جهنڊن ۽
پوسٽرن سان سينگاريل آهي. انهن پوسٽرن تي پرنس ۽
پرنسس آف ويلس جي اچڻ تي دوڪاندارن کي، ڪاروبار
بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڏينهن
شهزادو ۽ شهزادي ويلس ڪراچي آيا هئا. خلافتين ۽
ڪانگريسين پاران ماڻهن کي بائيڪاٽ جي اپيل ڪئي
هئي. جنهن تي پوري ڪراچي ڪارن جهنڊن ۽ احتجاجي
پوسٽرن سان انهن جو آڌر ڀاءُ ڪيو هو. هفتو اڳ
سرڪار سختي ڪندي 56 ماڻهو گرفتار ڪري جيل موڪليا
هئا. هڪ هفتو اڳ اهو حڪم نامو جاري ڪيو ويو ته ڪا
به اخبار شهزادي ۽ شهزاديءَ جي اچڻ خلاف بائيڪاٽ
بابت ڪا خبر ۽ اشتهار شايع نه ڪندي. حڪومت گهڻي
سختي ڪئي پر اهو سڀ منظم نموني ٿيو جو حڪومت جي
اهلڪارن کي خبر ئي نه پئي. رات جو ئي گهرن جي بند
دروازن جي هيٺان بائيڪاٽ جا پوسٽر وڌا ويا ۽ پوري
شهر ۾ پوسٽر ۽ ڪارا جهنڊا ايترا لڳي ويا جو
اهلڪارن جي لاهڻ کان مٿي هئا. هفتو اڳ ۾ ئي ڪراچي
جي ريلوي اسٽيشن، ٽانگا، بس اسٽينڊن تي لهڻ واري
جي تلاشي شروع ڪئي ويئي هئي. اهڙي طرح 18 مارچ
1922ع ۾ سواءِ سرڪار جي حمايتي ميمبرن اهلڪارن ۽
ڀاڙي تي آندل ماڻهن کانسواءِ ڪنهن به شهزادي ۽
شهزاديءَ جو آڌر ڀاءُ نه ڪيو. رستا خالي هئا،
دوڪان بند هئا.
پرنس ۽ پرنسس آف ويلز جي آڌر ڀاءُ لاءِ بمبئيءَ
سرڪار اسيمبيءَ مان آڌر ڀاءُ لاءِ اٺ لک روپيا
منظور ڪيا ويا. ضلعي سطح تي ”آڌر ڀاءُ فنڊ
ڪاميٽيون“
قائم
ڪيون ويون. ڪراچي ضلعي مان، 64،131 روپيا چندو گڏ
ڪيو ويو. ٿرپارڪر، سکر، جيڪب آباد، نواب شاهه،
حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ ڪوئيٽا ضلعن مان ڪل 87،622
روپيا فنڊ گڏ ڪيو ويو. پوري سنڌ مان 93،622 هزار
روپيا گڏ ويا. جنهن ۾ حڪومت جي حمايتي پارسي،
هندو، مسلمانن، عيسائين به فنڊ گڏ ڪيو.
مولانا عبيدالله سنڌي جي واپسي:
4
مارچ 1939ع تي اڱاري ڏينهن مولانا عبيدالله سنڌي
پنهنجي جلا وطني ختم ڪري، سعودي عرب مان ”المدينا“
جهاز وسيلي ڪراچي بندر تي پهتو ته، مولانا محمد
صادق کڏي وارو، مولانا محمد صديق، حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي، مولانا محمد عثمان بلوچ ريڪسر لياري
وارو، حافظ محمد حسن، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيٺ
يوسف، حاجي لڌو، ڊاڪٽر تارا چند لالواڻي، لالجي
ملهوترا، سيٺ هري داس لالجي، آچاريا گدواڻي
کانسواءِ حڪومت جي نمائندن ۾ سنڌ جو وڏو وزير
خانبهادر الله بخش سومرو، پير الهيٰ بخش ۽ ڪراچي ۾
رهندڙ سوين هندو ۽ مسلمان آڌر ڀاءُ لاءِ گڏ ٿيا
هئا. جهاز اٺين وڳي بندر تي لنگر انداز ٿيو ته
خاڪسار جي ڪارڪنن مولانا کي سلامي پيش ڪئي. آڌر
ڀاءُ کانپوءِ مولانا کي جلوس جي شڪل ۾ کاري در کان
کڏي لياري ۾ مدرسا عربيا مظهر العلوم ۾ آندو ويو.
جتي هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”آءٌ سڄي دنيا انڊين
نيشنل ڪانگريز جي عيوضي طور ڏسي سگهيو آهيان. دنيا
جي غير اسلامي توڙي اسلامي ملڪن ۾ هندو مسلم يا
قومن ۽ فرقن جو ڪو به فرق ۽ تفاوت ڪونهي. قرآن
شريف جي تعليم مطابق بين الاقوامي حيثيت ۾ متحده
قوميت ئي اهم شيءِ آهي“. مولانا فرمايو ته ”آءٌ
روس ۾ ته ڪانگريسي ٿي رهيس پر مڪي شريف ۾ به مون
کي تڏهن رهڻ ڏنو ويو جڏهن حڪومت کي پڪ ٿي ته آءٌ
ڪانگريسي آهيان“.
(اخبار اصلاح آچر 9 مارچ 1939ع)
گوبند مالهي، سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اندر
ڪمار گجرال، ترقي پسند ادبي ۽ سياسي تحريڪ:
گوبند مالهي سنڌ ۾ پهرئين ترقي پسند ادبي تحريڪ،
سنڌي ساهت سنگت ۽ پهرئين ترقي پسند رسالي ”نئين
دنيا“ جو باني هو. جنهن جو گهڻو وقت ڪراچي جي
گهٽين ۾ گذريو. هُن حشو جي سنگت ۾ رهي ڪميونسٽ
پارٽي جي پليٽ فارم تان سياست ڪئي. صوفي ۽ ادبي
دنيا جو ماڻهو شايد هتي مس فٽ رهيو. جنهن جو ذڪر
ان پنهنجي ”آتم ڪٿا“ سنڌڙي منهنجي جندڙي“ ۾ به ڪيو
آهي. گوبند مالهي، نارائڻ شيام، شيخ اياز، محمد
ابراهيم جويو، حشو ڪيولراماڻي، گوبند پنجابي، سوڀو
گيانچنداڻي جي ذڪر کانسواءِ سنڌ جو ترقي پسند ادب
۽ ڪراچي جي ترقي پسند سياست اڻ پوري آهي.
14
آگسٽ تي ڪميونسٽ پارٽيءَ ”پاڪستان“ جي ٺهڻ جي خوشي
۾ جيڪو جلوس ڪڍيو هپ. ان ۾ گوبند مالهي جناح ڪئمپ
۽ شيرواني سان پاڪستان جو جهنڊو هٿ ۾ کنيو هو ۽
ڪميونسٽ پارٽي جو جهنڊو ڪامريڊ سوڀي جي هٿ ۾ هو.
انهي گوبند مالهي کي سندس افيس ۾ هڪ هندستان کان
آيل پناهگير ”پيپر ويٽ“ ڏيکاري، ڊيڄاري سنڌ ڇڏڻ تي
مجبور ڪيو. ان ڏينهن هن کي احساس ٿيو ته پاڪستان
فقط مسلمانن لاءِ ٺهيو آهي. اهو احساس هن کي
ڏياريو ويو. اهو حوصلو فقط سوڀي ۾ هو. جيڪو هتي
رهي پيو.
گوبند به ڪراچي اسٽوڊنٽس يونين جي پليٽ فارم تان
شاگرد سياست جي شروعات ڪئي. جنهن جو اڳواڻ حشو
ڪيولراماڻي هو. سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد
وجهندڙ به حشو هو. حشو ڪيولراماڻي ملڪي سياست ۾ به
اهم، رول ادا ڪيو. حشو سان گڏ پريتم ٽهلراماڻي،
راڌو تلسياڻي، سنتوش ڌرماڻي شاگرد هلچل کانسواءِ
ملڪي سياست ۾ به گڏ هئا. سيپٽمبر 1940ع ۾ حڪومت
خلاف تقرير جي ڏوهه ۾ ٽئي گرفتار ٿيا ته مالهي
انهن جي لاءِ ڪوششون ورتيون. ڪيس جي پوئواري ڪئي.
حشوءَ کي ارڙهن مهينا سخت پورهئي جي سزا ملي.
گوبند مالهي جو ڪميونسٽ پارٽي ڏانهن لاڙو حشو
کانسواءِ راڌي تلسياڻي ۽ آخر ۾ سوڀي جي سنگت ۾ به
رهڻ ڪري وڌيو.
ڪامريڊ سوڀو به ڪراچي جي شاگرد سياست ۾ اڳڀرو هو
جنهن جي ڪري هو ڪجهه ڏينهن لاءِ ريسٽيڪٽ به ٿيو پر
شاگردن جي جدوجهد ڪري ٻن ڏينهن ۾ ريسٽيڪٽ جا آرڊر
واپس ورتا ويا. اڳتي هلي ڪامريڊ جيل ياترا به ڪئي.
کاري در لڳ گوبند پنجابيءَ جو پريس ۽ ڪتاب گهر
ڪميونسٽ پارٽي ۽ ادبي اشاعت جا مرڪز هئا. گوبند
مالهي ڪاليج لائيف دوران انهيءَ پريس ۾ ڪم ڪندو
هو. اڳتي هلي پريس وڪڻي گوبند پنجابي شڪارپور هليو
ويو. باقي پارٽي دوستن نئين ڪتاب گهر کي سنڀاليو.
ايل. ايل. بي ڪرڻ کانپوءِ گوبند مالهي وڪالت بجاءِ
پبلسٽي جو ڪم شروع ڪيو ۽ پنهنجو پبلسٽي ادارو
”انٽرنيشنل پبلسٽي سروس“ قائم ڪيو. انهيءَ آفيس ۾
ورهاڱي کانپوءِ هندستان کان آيل هڪ پناهه گير
”پيپر ويٽ“ ڏيکاري مالهي کي سنڌ جا وڻ ڇڏڻ تي
مجبور ڪيو هو. ايسر پوپلي به مالهي سان گڏ پبلسٽي
سروس ۾ ڀائيوار هو. جڏهن قاضي مجتبيٰ پارٽي ڇڏي
مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ته گوبند مالهي کي هن جي جڳهه
تي ڪراچيءَ جي ڪميونسٽ پارٽي يونٽ جو سيڪريٽري
چونڊيو ويو. انهيءَ دوران ڪرشن کٽواڻي انهن جي
صحبت ۾ رهيو. مزدور اڳواڻ قاضي مجتبيٰ اڳتي هلي
مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي نارائڻ بيچر کي شڪست ڏئي
اسيمبلي ۾ پهتو. ادبي پليٽ فارم تي به پارٽي
سرگرمين سان گڏ تيزي آڻڻ ۾ گوبند مالهي ڪوششون
ورتيون ته شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو، ارجن شاد
به سرگرم ٿيا.
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي گوبند مالهي
انهيءَ عرصي ۾ هڪ ٻيو باغي شاگرد اڳواڻ ڪيرت
ٻاٻاڻي نوابشاهه مان ڏهه مهينا حڪومت مخالف
سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ڏوهه ۾ سکر ۽ حيدرآباد ۾ سزا
ڪاٽي انهن سان ڪراچي ۾ اچي مليو هو.
ڪراچي ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ ۽ شاگرد سياست جا
محور ۽ مرڪز اهي دوست هئا. ڪانگريس ۽ ڪميونسٽ
پارٽي جي جدوجهد جا اهڃاڻ هئا پر اڳتي هلي
ڪانگريسي ڪميونسٽن ۾ ويڇا وڌيا ته ان جا اثر ڪراچي
۾ سياست، ادب ۽ شاگرد سياست تي پيا. شاگرد تنظيم
جي چونڊن ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي جي سامهون ڪميونسٽ پارٽي
سوڀي کي بيهاريو. جنهن ۾ گوبند مالهي جو وڏو هٿ
هو. سوڀو هارائي ويو ۽ ائين شاگردن جو گڏيل اتحاد
به ٽٽي ويو ۽ شاگرد هلچل ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي.
ادبي ميدان ۾ ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ پاڻ ملهايو.
ورهاڱي کان اڳ ڪتابن شايع ڪرڻ جو ريڪارڊ قائم ڪيو.
سنڌي کانسواءِ اردو ۾ به ڪتاب شايع ڪيا. گهڻو زور
ترجمي تي رهيو. جنهن جا روح روان گوبند مالهي ۽
بخاري هئا.
سنڌ اسيمبلي جي چونڊن جو اعلان ٿيو ته حيدر بخش
جتوئي نوڪري ڇڏي لاڙڪاڻي مان فضل الله جي سامهون
بيٺو. ڪامريڊ عبدالقادر ميرپور خاص مان چونڊن ۾
حصو ورتو. گوبند مالهي ڪامريد سان اليڪشن ورڪ ۾ گڏ
هو. مسلم ليگ ميران محمد شاهه کي ٽڪيٽ ڏني هئي.
ڪامريڊ عبدالقادر جي ضمانت ضبط ٿي. حيدر بخش جتوئي
به هارايو. حيدر بخش جتوئي جي ورڪ جي ذميواري سوڀي
تي هئي. اليڪشن کانپوءِ ڪميونسٽ پارٽي جي هڪ اڳواڻ
سوامي انگديو جي پئسن مان هن وقت جي امپيريل بئنڪ
جي سامهون مئڪلوڊ روڊ تي ”نئين دنيا پرنٽنگ پريس“
کولي ويئي. جنهن جو مقصد ڪميونسٽ ادب ۽ خيالن جو
پرچار ڪرڻ هو. هتان بخاري هفتيوار ”صداقت“ جاري
ڪئي. جنهن جو پرنٽر ۽ پبلشر مالهي هو. ايڊيٽر
بخاري صاحب هو. گوبند مالهي پبلسٽي آفيس کانسواءِ
بمبئي بازار بولٽن مارڪيٽ ۾ ڪتابن ۽ اسٽيشنري جو
دڪان ”نئين دنيا اسٽور“ نالي به کوليو.
ڪيرت ٻاٻاڻي به ڪانگريس سياست کان پاسيرو ٿي انهن
سان اچي مليو ۽ ”صداقت“ لاءِ ترجما ڪرڻ لڳو.
انهيءَ دوران اندر ڪمار گجرال (آءِ ڪي گجرال) جيڪو
اڳتي هلي ڀارتي وزارت ۾ منسٽر آف اسٽيٽ، سوويت
يونين ۾ ڀارتي حڪومت جو سفير بڻيو ۽ ڀارت جو
وزيراعظم به بڻيو. ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪرڻ آيو هو.
گوبند مالهي جي پبلسٽي آفيس جي سامهون بندر روڊ تي
لڪشمي بلڊنگ ۾ ان جي آفيس هوندي هئي. ان وقت به هن
وٽ شيورليٽ ڪار هوندي هئي. سندس گهر پلازه سينيما
ڀرسان هوندو هئس. اندر ڪمار گجرال پنجاب ۾ ڪميونسٽ
پارٽي سان واڳيل هو ۽ ڪراچي اچي هن پارٽي لاءِ ڪم
به شروع ڪيو.
11
فيبروري 1946ع کان 1947ع جڏهن رائل نيوي بغاوت ڪئي
ته ڪراچي جي بندر تي مقامي نيوي فوجين 22 فيبروري
تي هن بغاوت ۾ حصو ورتو. فوجين بندرگاهه تي موجود
هندستان نالي جهاز تي قبضو ڪيو. انگريز فوجين
مقامي فوجين تي فائرنگ ڪئي جنهن تي گهڻا فوجي زخمي
ٿيا. ڪجهه مارجي ويا. ڪراچي شهر ۾ به هنگاما شروع
ٿيا. ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي هڪ ميٽنگ ۾ جنهن ۾
سوڀي، گوبند ۽ بخاري شرڪت ڪئي هڙتال جو سڏ ڏنو.
ضلعي پارٽي سيڪريٽري طور گوبند مالهي پاران پريس ۾
هڙتال جي اپيل شايع ڪئي ويئي. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ
کي به هڙتال ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي ويئي هئي. فيصلو
ڪيو ويو ته سڀئي ڪارخانن مان مزدور مختلف اڳواڻن
جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي، بندر روڊ عيدگاهه تي گڏ
ٿيندا.
هڙتال واري ڏينهن عيدگاهه کي پوليس ڪڙو چاڙهي
ڇڏيو. بندر روڊ کي بند ڪيو ويو. ڪراچي کي فوج جي
حوالي ڪيو ويو. پابندين جي باوجود مزدورن، هارين ۽
شاگردن جو سمنڊ اٿلي پيو ۽ ڪراچي جا روڊ ”انقلاب
زنده باد“ جي نعرن سان گونجي اٿيا. سنڌ جي وڏي
وزير غلام حسين هدايت الله هتي پهچي اڳواڻن کي
مظاهرو ختم ڪرڻ لاءِ چيو. سر غلام حسين اها اپيل
گوبند مالهي کي ڪئي ۽ چيو ته اوهان جا سڀ اڳواڻ
گرفتار ٿي چڪا آهن. هتي گوڙ ٿيو ته سر غلام حسين
هدايت الله غائب ٿي ويو. جهنڊن لاهڻ جي هڪ غلط
فهمي ڪري هنگاما شروع ٿيا فوج فائرنگ ڪئي. ڳوڙها
گئس اڇلايا ويا. گوبند ۽ ٻيا ڪامريڊ اندر ڪمار
گجرال جي ڪار ۾ چڙهي روانا ٿيا. انهن هنگامن ۾ نو
ماڻهو مارجي ويا. سوڀو ۽ بخاري گرفتار ٿيا. شام جو
هڪ کليل جيب ۾ مسلم ليگ، ڪانگريس ۽ ڪميونسٽ پارٽي
جا جهنڊا لڳائي. اڳواڻن متاثر ٿيل علائقن جو دورو
ڪيو. اڳواڻن ۾ سوامي ڪرشنا نند ڪانگريس، گوبند
مالهي ڪميونسٽ پارٽي، ڊاڪٽر تارا چند ڪانگريس ۽
مجتبيٰ قاضي مسلم ليگ پاران تقريرون ڪيون. ان
واقعي گوبند جي ذهن تي وڏو اثر وڌو ان سمجهيو ته
اهو هنگامو ان جي ڪري ٿيو آ. جنهن ڪري هن پارٽي جي
سيڪريٽري واري عهدي تان استعفيٰ پيش ڪئي. هن جي
استعفيٰ کي قبول ڪري، ڪامريڊ اي. ڪي هانگل کي
سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
اڳتي هلي گوبند مالهي پنهنجي پبلسٽي سروس جي
ڀائيوار ايسر پوپلي سان گڏ ماهوار مخزن ”نئين
دنيا“ جاري ڪيو. اها پهرئين فلمي پوءِ ادبي رسالو
ثابت ٿيو. انهيءَ پليٽ فارم تي سنڌي ادبي سنگت جو
بنياد وڌو ويو. جنهن جو پهريون صدر آسانند
مامتورا، گوبند مالهي جنرل سيڪريٽري، جوائنٽ
سيڪريٽري بهاري ڇاٻريا ۽ پريس سيڪريٽري شيخ اياز
ٿيا.
ورهاڱي کانپوءِ حالتن اهڙو ڦيرو کاڌو جو سڀ ڪجهه
ختم ٿي ويو. پريس ۽ آفيسن تي قبضو ٿيو. ساٿي سڀ
هندستان هليا ويا ته گوبند، ڪيرت، نارائڻ، ايسر،
پريتم ٽهلراماڻي، اندر ڪمار گجرال، سوامي سيتا رام
سڀ ترقي پسند سياست جا مضبوط ٿنڀا ڪراچي ڇڏي هليا
ويا.
سنڌ گورنمينٽ براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن:
ورهاڱي کان اڳ ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان اهم ريڊيو اسٽيشن
دهلي ۾ هو. ننڍي کنڊ ۾ براڊ ڪاسٽنگ جي شروعات غير
سرڪاري طور 1924ع ۾ ٿي. جڏهن بمبئي، ڪولڪتي ۽
مدراس ۾ ”ريڊيو ڪلب“ نالي ريڊيو اسٽيشن قائم ڪيا
ويا. پر انهن جي نشريات محدود هئي. 1926ع ۾
هندستان جي حڪومت ”انڊين براڊ ڪاسٽنگ لميٽيڊ“ نالي
هڪ اسٽيشن قائم ڪئي. هڪ ڪمپني سان معاهدو ڪري ان
کي هلايو ويو. 1930ع ۾ اها ڪمپني ختم ڪئي ويئي،
حڪومت براڊ ڪاسٽنگ کي پنهنجي هٿ هيٺ ورتو، ۽
”انڊين اسٽيٽ براڊ ڪاسٽنگ سروس“ جي شروعات ڪئي،
جيڪو صنعت، حرفت ۽ محنت واري کاتي جي هٿ هيٺ هو.
انهيءَ سروس تحت هاڻوڪي پاڪستان وارن علائقن ۾
پشاور ۾ 1936ع ۾ پهريون ريڊيو اسٽيشن قائم ڪيو
ويو. 1936ع ۾ ئي انڊين براڊ ڪاسٽنگ سروس جو نالو
بدلائي ”آل انڊيا ريڊيو“ رکيو ويو.
ريڊيو پاڪستان بلڊنگ بندر روڊ
ورهاڱي وقت 14 آگسٽ 1947ع تي قائداعظم محمد علي
جناح کي پاڪستان جي پهرئين گورنر جنرل طور ڪراچي ۾
حلف کڻڻو هو. ڪراچي ۾ ريڊيو اسٽيشن نه هئڻ ڪري اها
تقريب ريڊيو تي نشر نٿي ٿي سگهي. جنهن لاءِ
ڪراچيءَ ۾ موجود ڪجهه نوجوانن جن مان هڪ ايس. ڪي
حيدر هو جيڪو انجنيئر به هو ۽ ان جو ريڊيو جو دڪان
به هو. گڏجي ايم. اي چاڳلا وٽ اها ڳالهه رکي ته 14
آگسٽ 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪرڻ
چاهين ٿا ته جيئن قائداعظم جي حلف کڻڻ واري تقريب
جي ڪارروائي سڌو سنئون نشر ٿي عوام تائين پهچي.
جنهن لاءِ انهن سنڌ حڪومت کان اجازت ۽ مدد جي
درخواست ڪئي، چاڳلا انهن کي سنڌ حڪومت جي هڪ مشير
مسٽر آڏواڻي ڏانهن موڪليو ان نوجوانن سان واعدو
ڪيو ته سنڌ حڪومت کان هر ممڪن مدد ورتي ويندي.
پوءِ آڏواڻي صاحب سنڌ جي وڏي وزير ايوب کهڙي ۽
غلام حسين هدايت الله سان ملاقات ڪري ضروري مدد
حاصل ڪئي. جنهن لاءِ انهن انٽيليجينس اسڪول ۾ جيڪو
ڪنهن بيرڪ ۾ قائم هو، ٽي ڪمرا انهن جي ريڊيو
اسٽيشن لاءِ الاٽ ڪيا. انهن ٻي جنگ عظيم جي زماني
۾ آمريڪي فوجين پاران ڪي. جي هال ۾ هڪ پراڻي ريڊيو
ٽرانسميٽر جي مرمت شروع ڪئي. جنهن وسيلي آمريڪي
فوجين جي تفريح لاءِ پروگرام نشر ڪيا ويندا هئا.
اهڙي نموني 20 جولاءِ 1947ع ۾ بيرڪ ۾ الاٽ ٿيل
ٽنهي ڪمرن ۾ ٽرانسميٽر لڳائڻ جي ڪم جي شروعات ٿي.
5
آگسٽ 1947ع تي تجرباتي ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي. جنهن
10 آگسٽ تي باقاعده 200 ميٽر بينڊ تي پروگرام نشر
ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن جو نالو ”سنڌ گورنمينٽ براڊ
ڪاسٽنگ اسٽيشن“ رکيو ويو. انهيءَ ريڊيو اسٽيشن تان
14 آگسٽ 1947ع تي قائداعظم جي گورنر جنرل جي حيثيت
سان حلف کڻڻ واري تقريب جو احوال سڌو سنئون نشر
ڪيو ويو.
ريڊيو پاڪستان جو پهريون ڊائريڪٽر ذوالفقار علي
بخاري جيڪو زيد، اي، بخاري جي نالي سان مشهور ٿيو
مقرر ڪيو ويو. بخاري صاحب هڪ سٺو شاعر، صدا ڪار،
پروفيسر ۽ ليکڪ هو ۽ گڏوگڏ هو براڊ ڪاسٽنگ جو
فلاسفر هو. جڏهن پاڪستان ٺهيو ته ظهور آذر لاهور ۾
پروڊيوسر هو پاڪستان ٺهڻ جو اعلان انهيءَ پهرئين
انگريزي ۾ ڪيو هو. ان کانپوءِ اردو ۾ اهو اعلان
مصطفيٰ علي همداني جي آواز ۾ ٿيو هو. ظهور آذر
ريڊيو پاڪستان جو ٽيون ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. ان کان
اڳ ٻيو ڊائريڪٽر سيد رشيد احمد بڻيو هو. پيپلز
پارٽي جي دور ۾ جڏهن ڀٽي صاحب خواجا شاهد حسين کي
ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ته ان ريڊيو پاڪستان کي
ڪارپوريشن ۾ بدلايو. هن کان اڳ مفيض الرحمان، سيد
منير حسين ۽ سيد جلال حيدر ريڊيو پاڪستان جا
ڊائريڪٽر رهي چڪا هئا. ٽيليويزن جي اچڻ سان ريڊيو
ڄڻ خاموش دور ۾ هليو ويو. هي ايف. ايم ريڊيو جو
دور آهي پر انهن جي هڪجهڙائي ڪري به هاڻي بوريت
ٿئي ٿي. 2006ع دنيا ۾ براڊ ڪاسٽنگ جي سال طور
ملهايو ويو 1906ع ۾ مارڪوني ريڊيو نشريات جي
شروعات ڪئي هئي. جنهن کي 2006ع ۾ پورا سئو سال ٿي
چڪا هئا. هن وقت انفارميشن سروس مان اشفاق گوندل
ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل آهي.
ڪراچي ۾ ٿيٽر ۽ سينيما جي شروعات:
اليگزينڊر ايف بيلي پنهنجي ڪتاب ”ڪراچي ماضي، حال
۽ مستقبل“ ۾ لکي ٿو ته، ”ڪراچي ۾ پهريون ٿيٽر
پارسين قائم ڪيو. ڪراچي پر پوري سنڌ ۾ پهرين
ڊراميٽڪ سوسائٽي ڊي. جي ڪاليج ۾ قائم ٿي هئي.
نشاط سينيما بندر روڊ
نيپئر روڊ تي قائم راڪسي سينيما لي مارڪيٽ ڀيم
پورو ۽ مارسٽن روڊ (رمپا پلازا جو پويون روڊ) تي
ريوالي سينيما واري جاءِ تي ڪلب هوندا هئا. جتي
ڊراما اسٽيج ڪيا ويندا هئا. راڪسي سينيما جي جاءِ
تي راحيل ٿيٽر هو جيڪو پارسين جو هو. نيپئر روڊ تي
ليمارڪيٽ ويجهو ڪمار سينيما جي جاءِ تي مجيلا ناٽڪ
گهر هوندو هو. نانڪ واڙي ۾ نيپئر روڊ کان رنڇوڙ
لائين ويندڙ رستي لارنس روڊ تي پراڻي پان منڊي لڳ
موتي لال ٿيٽر هوندو هو. هتي هڪ بزرگ جي مزار به
آهي. موتي لال جي ڏيوالي ٿيڻ کانپوءِ نئين مالڪ
هتي ”پرڀات“ سينيما ٺاهي جيڪا اڄ به قائم آهي جنهن
جو هاڻوڪو نالو نگار سينيما آهي ڪراچي ۾ پهريون
سينيما ”پڪچر هائوس“ هو. جيڪو بندر روڊ تي
هو.سينيما جي ايجاد 1927ع ۾ ٿي. ڪراچي ۾ سينيما
ٺاهڻ جي اجازت خلاف تحريڪ هلائي ويئي. جنهن جو
اڳواڻ حاجي عبدالله هارون هو. پهريون پرو جيڪٽر
سينيما هائوس ”امپيريل سينيما“ ۾ هلايو ويو جنهن
جو نالو بعد ۾ رٽز رکيو ويو. جيڪو بندر روڊ تي
هاڻوڪي سروس اسپتال جي سامهون هو. ورهاڱي وقت
ڪراچي ۾ 20 سينيما هائوس موجود هوندا هئا. بندر
روڊ تي هاڻوڪي سروس اسپتال جي سامهون هو. ورهاڱي
وقت ڪراچي ۾ 20 سينيما هائوس موجود هوندا هئا.
بندر روڊ تي لنڊا بازار لڳ، ڪي. ايم. سي بلڊنگ جي
اوڀر پاسي بندر ڏانهن ويندي گلوب سينيما جنهن جو
نالو ”پڪچر هائوس سينيما“ جيڪو هاڻ موجود نه آهي.
رٽز سينيما، ايمپائر ٽاڪيز، رنجيت ٽاڪيز جنهن جو
نالو بعد ۾ ميجسٽڪ سينيما رکيو ويو. پلازه سينيما
رمپا پلازه جي سامهون، راڌا سينيما جنهن جو نالو
بعد ۾ ناز سينيما رکيو ويو جيڪو هاڻوڪي نشاط
سينيما جي سامهون هو جتي هاڻي ناز پلازه ٺهيل آهي.
اهي سڀ ختم ٿي چڪا آهن. صدر ۾ ورهاڱي کان اڳ ريگل
سينيما جتي هاڻي ريگل ٽريڊ سينٽر ٺهيل آهي.
وڪٽوريا روڊ تي پيراڊائز سينيما جتي هاڻي
پيراڊائيز شاپنگ سينٽر ٺهيل آهي. ڪيپٽل سينيما
وڪٽوريا روڊ ۽ ايلفينسٽن اسٽريٽ (زيب النساءَ
اسٽريٽ) جي وچان ڪلارڪ اسٽريٽ تي هو جيڪو به هاڻي
ختم ٿي چڪو آهي. ڪيپيٽل بڪ شاپ فٽ باٿ اڃان موجود
آهي. جيڪو سنڌي ڪتابن ڪري سنڌين جي ملڻ جو هڪ هنڌ
آهي. مي فيئر سينيما وڪٽوريا روڊ ۽ ايلفينسٽن روڊ
تي جتي هاڻي زينب مارڪيٽ آهي. جي لڳ ٻنهي پاسي مي
فيئر، ريو، ريڪس ۽ اڳتي ميٽرول پول هوٽل سان لڳ
پيلس سينيما هوندا هئا. جتي هاڻي شادي هال، شاپنگ
سينٽر ۽ دفترن لاءِ پلازه ٺاهيا ويا آهن. ريگل
سينيما لڳ، پريڊي اسٽريٽ تي اوڊين سينيما هو جنهن
کي تازو (2006ع ۾) ختم ڪيو ويو آهي جتي مارڪيٽ
ٺاهي وئي آهي. وڪٽوريا روڊ تي جتي هو بندر روڊ سان
ملي ٿو اسٽار، بمبنو (جيڪو حاڪم علي زرداري جو هو
پهرئين بلوچي فلم ”حمل ماهه گنج“ جيڪا انور اقبال
ٺاهي هئي جنهن جو پريس شو هتي ٿيو هو. اها فلم
بلوچن پاران زبردست تحريڪ هلڻ کانپوءِ هلڻ نه ڏني
وئي جنهن جي نتيجي ۾ اڃان تائين ڪا بلوچي فلم
سينيما لاءِ ٺهي نه سگهي آهي) اسڪالر ۽ ليرڪ
سينيما ٺاهيا ويا جيڪي موجود آهن.
سول اسپتال کان ڀيم پوره ڏانهن ويندي مشن روڊ تي
قسمت سينيما جنهن جو پهريون نالو ايمپائر سينيما
هو. جنهن ۾ آخري فلم سڌير ۽ مسرت نذير جي باغي
هلائي وئي. اهو آخري شو جيڪو مون انهيءَ سينيما ۾
ڏٺو هو.
نيپئر روڊ تي نگار سينيما جيڪا موجود آهي جنهن جو
پراڻو نالو پرڀات هو. ڪمار سينيما جيڪا اڃان موجود
آهي. ڀيم پوري ڏانهن راما ٽاڪيز جنهن جو ورهاڱي
کانپوءِ نالو راڪسي رکيو ويو. جيڪا اڃان به موجود
آهي ۽ پشتو فلمن ڪري مشهور آهي. جگديش ٽاڪيز جنهن
جو نالو ورهاڱي کان پوءِ نور محل رکيو ويو. ملڪيت
تان مالڪ جي پٽن عدالت جو در کڙڪايو ته سينيما بند
ٿي وئي هاڻي هتي مارڪيٽ ٺهيل آهي. نور محل جي
سامهون ڀيم پوري چوڪ تي ”سپر“ سينيما جنهن کي هاڻي
ختم ڪيو ويو آهي. ڪياماڙي ۾ نگينه سينيما جيڪا
هاڻي ختم ٿي چڪي آهي.
ورهاڱي کانپوءِ جيڪا پهرئين سينيما ڪراچي ۾ ٺهي
اها جوبلي واري علائقي م جوبلي سينيما هئي جيڪا
ڊسمبر 2006ع ۾ ختم ڪئي ويئي. ڪنهن مسلمان پاران
اها پهرئين سينيمان هئي. ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ۾
موجود سڀئي سينيما گهر هندو پارسين جا هئا. ڪراچي
۾ ٺهندڙ سينيمائن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو. جن مان
گهڻيون ختم ٿي چڪيون آهن.
نمبر |
نالو سينيما |
جاءِ |
قائم ٿيل ورهاڱي کان اڳ يا پوءِ |
هاڻوڪي حالت |
01 |
پڪچر هائوس
(ڪراچي جي پهرئين سينيما) |
بندر روڊ |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
02 |
رٽز (امپريل) |
بندر روڊ |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
03 |
ميجسٽڪ (رنجيٽ ٽاڪيز) |
بندر روڊ سروس هاسپيٽل جي سامهون |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
04 |
ايمپائر |
بندر روڊ |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
05 |
لائيٽ هائوس (گلوب) |
بندر روڊ |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
06 |
تاج محل (اسٽار) |
بندر روڊ ريڊيو پاڪستان جي سامهون |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
07 |
پلازه |
بندر روڊ- رمپا پلازه جي سامهون |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
08 |
ناز (راڌا) |
بندر روڊ نشاط سينيما جي سامهون |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
09 |
پيلس |
ميٽروپول هوٽل لڳ ايلفينسٽن اسٽريٽ |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
10 |
ميفيئر |
ايلفينسٽن اسٽريٽ صدر |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
11 |
ريو |
ايلفينسٽن اسٽريٽ صدر |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
12 |
ريڪس |
وڪٽوريا روڊ (عبدالله هارون روڊ) صدر |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
13 |
پيراڊائيز |
وڪٽوريا روڊ (عبدالله هارون روڊ صدر |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
14 |
ڪيپٽل |
ڪلارڪ اسٽريٽ صدر |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
15 |
اوڊين |
صدر ريگل چوڪ پريڊي اسٽريٽ |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
16 |
ريگل |
صدر ريگل چوڪ پريڊي اسٽريٽ |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
17 |
قسمت (ايمپائر) |
مشن روڊ سول اسپتال ويجهو |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
18 |
نگار (پرڀات) |
نانڪ واڙو لارنس روڊ |
ورهاڱي کان اڳ |
موجود |
19 |
ڪمار ٽاڪيز |
نيپئر روڊ ويجهو لي مارڪيٽ |
ورهاڱي کان اڳ |
موجود |
20 |
راڪسي (راما ٽاڪيز) |
جاپاني روڊ ڀيم پورو |
ورهاڱي کان اڳ |
موجود |
21 |
سپر ٽاڪيز |
جاپاني روڊ ڀيم پورو |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
22 |
نور محل (جگديش ٽاڪيز) |
نوراني بس اسٽاپ ڀيم پورو |
ورهاڱي کان اڳ |
ختم ٿيل |
23 |
جوبلي |
جوبلي مارڪيٽ |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
24 |
نشاط |
بندر روڊ |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
25 |
پرنس |
بندر روڊ |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
26 |
پرنسس |
بندر روڊ |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
27 |
بمبينو |
ايلفينسٽن (زيب النساءَ) اسٽريٽ |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
28 |
اسٽار |
ايلفينسٽن (زيب النساءَ) اسٽريٽ |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
29 |
اسڪالا |
ايلفينسٽن (زيب النساءَ) اسٽريٽ |
ورهاڱي کان پوءِ |
بند پيل |
30 |
ليرڪ |
ايلفينسٽن (زيب النساءَ) اسٽريٽ |
ورهاڱي کان پوءِ |
بند پيل |
31 |
نگينه |
ڪياماڙي |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
32 |
ڪوهنور |
جوبلي مارڪيٽ واري گهٽي ۾ |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
33 |
ايروز |
جوبلي مارڪيٽ |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
34 |
ريوالي |
مارسٽن روڊ |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
35 |
قيصر |
مارسٽن روڊ |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
36 |
افشان |
مارسٽن روڊ |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
37 |
نشيمن |
مارسٽن روڊ |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
38 |
گوڊين |
مارسٽن روڊ |
ورهاڱي کان پوءِ |
بند پيل |
39 |
رنيو |
گارڊن روڊ انڪل سريا جي سامهون |
ورهاڱي کان پوءِ |
بند پيل |
40 |
نيو ميجسٽڪ |
بندر روڊ سروس هاسپيٽل سامهون |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
41 |
محفل |
بندر روڊ سروس هاسپيٽل سامهون |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
42 |
ڪرائون |
ماڙيپور روڊ ڪلري کڏو |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
43 |
سوسائٽي |
لس ٻيلو روڊ |
ورهاڱي کان پوءِ |
بند پيل |
44 |
ناولٽي |
ٽي هٽي |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
45 |
فردوس |
لالو کيٽ (لياقت آباد) |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
46 |
فردوس |
لالو کيٽ (لياقت آباد) |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
47 |
ناياب |
لالو کيٽ (لياقت آباد) |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
48 |
نيرنگ |
لالو کيٽ (لياقت آباد) |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
49 |
ريجنٽ |
شير شاهه روڊ |
ورهاڱي کان پوءِ |
بند پيل |
50 |
چمن |
منگهو پير روڊ پاڪ ڪالوني |
ورهاڱي کان پوءِ |
بند پيل |
51 |
ڊيلڪس |
ناظم آباد |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
52 |
صبا |
نيو ڪراچي |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
53 |
عرشي |
عائشه منزل فيڊرل بي ايريا |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
54 |
اوپيرا |
عائشه منزل فيڊرل بي ايريا |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
55 |
ڪرن |
پراڻو گوليمار گٽر باغيچو منگهو پير روڊ |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
56 |
ميٽرو |
بنارس چوڪ منگهو پير روڊ |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
57 |
خيام |
سوسائٽي |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
58 |
امبر |
بهادر آباد |
ورهاڱي کان پوءِ |
بند پيل |
59 |
پڪاڊلي |
ملير ڪينٽ |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
60 |
ڊرائيو ان |
ڊالميا |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
61 |
مري ڊرائيو ان |
نيپا واري روڊ تي علاءُ الدين پارڪ لڳ |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
62 |
شمع |
شاهه فيصل ڪالوني |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
63 |
شبنم |
شاهه فيصل ڪالوني |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
64 |
امپريل |
ڊرگ روڊ ريلوي اسٽيشن |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
65 |
ڪيسينو |
سعود آباد ملير |
ورهاڱي کان پوءِ |
بند پيل |
66 |
گلزار |
ماڊل ڪالوني |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
67 |
نفيس |
کوکرو پار ملير |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
68 |
شبانه |
عامر ياسر ملير |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
69 |
لگزري |
ايئرپورٽ |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
70 |
سنگيت (شاهين ۽ مالا) |
نيشنل هاءِ وي ملير سٽي |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
71 |
گلشن |
برف خانو ملير |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
72 |
لالازار |
نيشنل هاءِ وي قائدآباد |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
73 |
نرگس |
نيشنل هاءِ وي قائدآباد لانڍي |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
74 |
مهر |
نيشنل هاءِ وي قائدآباد لانڍي |
ورهاڱي کان پوءِ |
بند پيل |
75 |
مهتاب |
ريڙهي روڊ لانڍي ڪورنگي |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
76 |
شيش محل |
ريڙهي روڊ لانڍي ڪورنگي |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
77 |
غالب |
لانڍي ڪورنگي روڊ-5 |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
78 |
نسرين |
لانڍي ڪورنگي روڊ-5 |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
79 |
نسيم |
لانڍي ڪورنگي روڊ-5 |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
80 |
زينت |
لانڍي ڪورنگي روڊ-5 |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
81 |
تصوير محل |
سئو ڪوارٽر ڪورنگي-6 جمع ڳوٺ |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
82 |
گلستان |
قائدآباد لانڍي ريلوي اسٽيشن لڳ |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
83 |
ارم |
فيڊرل ڪيپٽل ايريا شير شاهه روڊ |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
84 |
گليڪسي |
ناظم آباد |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
85 |
شيرين |
نيو ڪراچي |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
86 |
مزراب |
لالو کيت (لياقت آباد) |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
87 |
هالي ووڊ |
بهادر آباد |
ورهاڱي کان پوءِ |
بند پيل |
88 |
شاهين |
جيل روڊ عثمان پارڪ واري جاءِ تي |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
89 |
مسرت |
ناظم آباد |
ورهاڱي کانپوءِ |
موجود |
90 |
شاليمار |
ناظم آباد |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
91 |
صنم |
ڀينس ڪالوني |
ورهاڱي کان پوءِ |
موجود |
92 |
چاندني |
يونيورسٽي روڊ پراڻي سبزي منڊي سامهون |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
93 |
ڪنگ |
بندر روڊ الله والا مارڪيٽ |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
94 |
ڪوئين |
بندر روڊ الله والا مارڪيٽ |
ورهاڱي کان پوءِ |
ختم ٿيل |
|