سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 48

ڪراچي ۽ ماحولياتي گدلاڻ

 

ڪراچي جيڪو ورهاڱي کان اڳ دنيا جي صاف سٿرن شهرن ۾ شامل هوندو هو. جمشيد نسروانجي مهتا جڏهن ڪراچي جو ميئر هو، ته ان جا رستا روزانو پاڻي سان ڌوپجندا هئا. جڏهن بجلي نه هئي ته رستي تي لڳل روشني لاءِ فانوسن ۾ ناريل جو تيل استعمال ڪيو ويندو هو ته جيئن ماحول ۾ دونهون نه ٿئي. ڪراچي جي آبهوا ۽ ماحول ماضي ۾ انساني زندگيءَ لاءِ انتهائي فائديمند ۽ صحت لاءِ بهتر هو. جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب هي هو ته هي شهر ماحولياتي گدلاڻ کان پاڪ هوندو هو. ملير، لياري نديون ۽ ٻيا برساتي ڍورا اڃا گٽر نالن ۾ تبديل نه ٿي چڪا هئا. انهن ۾ ساف ۽ شفاف پاڻي وهندو هو. شهر جا ماڻهو پيئڻ لاءِ اهو پاڻي استعمال ڪندا هئا ۽ آس پاس جي جابلو سلسلن ۾ گهاٽا جهنگ هوندا هئا. برساتي نئين جي ڪنارن تي زراعت ڪئي ويندي هئي جنهن جي ڪري هتي خوبصورت باغ هوندا هئا. ماڻهو تفريح لاءِ انهن جابلو ٽڪرين ۽ باغن جو رخ ڪندا هئا. جتي هاڻي قائداعظم جو مقبرو آهي. انهيءَ ٽڪري تي موڪل واري ڏينهن ۾ ميلو لڳو پيو هوندو هو.

بندرگاهه وارو شهر هجڻ جي باوجود هي شهر خوبصورت هوندو هو. ورهاڱي کانپوءِ جڏهن لڏپلاڻ جي نالي ماڻهن جي لوڌ هن شهر جو رخ ڪيو ته ڏسندي ئي ڏسندي سنڌ جي گادي وارو هي شهر سياسي، سماجي ۽ ثقافتي طور گدلو ٿي، تبديل ٿي ويو. آباديءَ جو غير فطري واڌ، بي ترتيب ڪچين آبادين، بنا ڪنهن پلاننگ جي ٺهندڙ صنعتي علائقن، زرعي زمينن ۽ ٽڪرين تي بي ترتيب گهرن جي ٺهڻ سان هن شهر جي بدقسمتي شروع ٿي.

ٻين انيڪ مسئلن ۽ خطرن سان گڏ هي شهر سڀ کان وڌيڪ جنهن مسئلي ۽ خطري جو شڪار آهي اهو ماحولياتي گدلاڻ جو خطرو آهي. هر قسم جي ماحولياتي گدلاڻ جو جنم هن شهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن نموني موجود آهي. ماحولياتي گدلاڻ جو اجگر هن شهر جي سونهن، ثقافت، قدرن ۽ انسانن کي ڳڙڪائي رهيو آهي. حڪومتي ادارا خود ان گناهه ۾ برابر جا شريڪ آهن. قانون، آڊريننس، آرڊر سڀ خوبصورت فائلن ۾ بند آهن. اهڙو ڪو به قانون هن شهر ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي. هڪ ئي شهر ۾ 36 کان مٿي حڪومتي ادارا هڪ ٻئي کان لاتعلق ۽ هن شهر کي ٺاهڻ ۽ سنوارڻ بجاءِ هن کي لٽي، بدصورت بنائي رهيا آهن.

دنيا جو هي ارڙهون نمبر وڏو شهر شديد ترين ماحولياتي گدلاڻ جي گهيري ۾ آهي. سنڌ جي گادي وارو هي شهر اقتصادي ۽ صنعتي سرگرمين ڪري وچ ايشيا، عرب ملڪن جو ڪنهن قدر اقتصادي انحصار هن شهر تي آهي.

ماحول ۾ انسان، جانور، آبي حيات، آبهوا، زمين، پکي پکڻ، جيت جيوڻ، وڻ ٽڻ، سمنڊ، دريا، جبل سڀ اچي وڃن ٿا. ماحولياتي سائنس مطابق روشنيءَ جو مقدار، گرمي پد، هوا جو دٻاءُ، پاڻي جا بخار، ڪشش ثقل ۽ زمين جي جسم ۾ موجود قدرتي عنصرن جي موجودگي ۽ سمنڊ جي فطري رواني، دريائن جي قدرتي وهڪرن ۽ سرگرمين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيفيت کي ماحول چئبو آهي. ماهرن موجب ڪنهن به هڪ عنصر جي مناسب مقدار ۾ هير ڦير ۽ گهٽ وڌائي سبب ٿيندڙ ڪيفيت کي ماحول چئبو آهي. ماهرن موجب ڪنهن به هڪ عنصر جي مناسب مقدار ۾ هير ڦير ۽ گهٽ وڌائي سبب ماحول ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو ۽ ماحولياتي گدلاڻ انهيءَ بگاڙ جو سبب بنجي رهيو آهي. هر شئي جو قدرت هڪ ٻئي تي ڌارومدار رکيو آهي. انسان سميت سمورا جاندار، وڻ ٽڻ جيئن ته ماحول سان جڙيل آهن تنهن ڪري ماحول ۾ ايندڙ ننڍي ۾ ننڍي تبديلي سڌو سنئون يا اڻ سڌو انهن تي اثر انداز ٿئي ٿو. ان جي بقا جو دارو مدار ”توازن“ ۾ رکيو ويو آهي.

ورهاڱي وقت ڪراچي شهر جي آبادي چار لک هئي. جيڪا هن وقت هڪ ڪروڙ 60 لک آهي ۽ هن ۾ هر سال غير فطري طور ڇهه سيڪڙو واڌ ٿي رهي آهي. ڪراچي شهر ملڪ جي معاشي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪرڻ ڪري سڄي ملڪ ۽ ٻاهر کان آيل غير قانوني ماڻهو روزگار جي سلسلي ۾ ڪراچي جو رخ ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي ڪجهه گروهه ڪراچي جي سياست ۽ هن جي زمين تي مالڪيءَ جي حق جتائڻ لاءِ به غير قانوني آيل بنگالين، بهارين، برمين، افغانين ۽ ڪشميرين کي قانوني تحفظ ڏيئي انهن کي مختلف ڪچين آبادين ۾ بي ترتيب طريقي سان وسائي هن شهر جي قدرتي حسن ۽ ثقافتي ورثي کي تباهه ڪري رهيا آهن.

گذريل اڌ صدي کان اسانجي اها ڌرتي ماحولياتي اثرن جي زد ۾ آهي. قدرتي وسيلن جي حد کان وڌيڪ استعمال اسان جي قدرتي ماحولياتي نظام کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي. وڌيڪ آبادي سڀ کان پهرئين زمين ۽ ٻيلن تي بوجهه وڌو. وڌيڪ خوراڪ ۽ گهرن ۽ فيڪٽرين لاءِ زمين ٻيلن جي ڪٽائي ۽ جابلو سلسلن کي ختم ڪرڻ جا سبب بڻيا. جنهن جي ڪري جهنگلي جيوت، پکي پکڻ ۽ جانور در بدر ٿي جلاوطن  ٿي ويا. وڌيڪ اپت جي لالچ زهريلي دوائن ۽ هٿراڌو ڀاڻ جي استعمال کي شروع ڪيو ته زمين مرده ٿي ويئي ۽ انهن جي استعمال سان اسان پنهنجي صحت کي به داءُ تي لڳائي ڇڏيو. هوس جي بي لغام گهوڙي بي لغام صنعتي ترقي جون منزلون طئي ڪيون ته صنعتن مان نڪرندڙ زهريلي ڪيميائي مادي ۽ گيسن نه فقط فضا کي گدلو ڪيو پر فضا ۾ Co2 جي مقدار ۾ واڌارو ڪيو. ٻئي پاسي صنعتن جي قيام ڪري ٻين علائقن جي مزدورن انهن علائقن جو رخ ڪيو ۽ رهائش اختيار ڪئي ته ثقافتن جي ٽڪراءُ ڪري ثقافتي ۽ سياسي گدلاڻ ۾ واڌو ٿيو. انهن سڀني اثرن موسمن کي بي ترتيب ڪري ڇڏيو. خطرناڪ هٿيارن جي ڊوڙ. سمنڊ ۾ ميزائل ۽ ٻين هٿيارن جي تجرن گرمي پد ۾ واڌارو آندو، جنهن سان ڪٿي طوفان، ڪٿي سونامي، ڪٿي قطرينا، ڪٿي ٻوڏن، ڪٿي زلزلن، ته ڪٿي ڏڪر انسانيت جو مقدر بڻجي ويو اڄ انسانيت پنهنجي هٿان پنهنجي بربادي جي نئين ڪهاڻي لکي رهيو آهي.

ماحول انساني زندگي تي گهرو اثر ڇڏيندو آهي. هوا، پاڻي زمين ان ماحول جا لازمي جزا آهن. صاف سٿري ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ هن دنيا تي انسانن پنهنجن هٿن سان پنهنجن مقصدن خاطر گدلو ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن فطرت سان هٿ چراند جو اهو سلسلو جاري رهيو ته ايندڙ وقت ۾ وڏيون تباهيون اينديون ۽ هي دنيا رهڻ جي قابل نه رهندي. اسلامي ميٿالوجي ۾ قيامت جو اچڻ به ته انهيءَ جو سبب آهي. اهي خطرا خود هن ڌرتي لاءِ جديد سائنس جي ترقي پيدا ڪيا آهن. ماحولياتي توازن زمين تي انسانن ۽ حيوانن جي بقا ۽ زندگي جي ضمانت آهي. ڪراچي شهر جيڪو وڏين، جاين، بي پناهه ٽرئفڪ، ٻن بندرگاهن، ڪراچي پورٽ، بن قاسم پورٽ ۽ بي ترتيب ڪچين آبادين ڪري شديد گدلاڻ جو شڪار آهي. ڪراچي شهر جي هڪ خوش قسمتي اها به آهي ته هن کي سامونڊي ڪنارو نصيب آهي جيڪو پوري شهر جي زهر کي گند جي صورت ۾ پاڻ ۾ اوتي رهيو آهي ۽ خود تباهه ٿي رهيو آهي. ڪراچي جي ساحلي ڪناري تي تمر جي ٻيلن جو هجڻ به ڪراچي لاءِ خوش قسمتي جي علامت آهي. چينا ڪريڪ ڪنهن وقت تمر جي ٻيلن جو مرڪز هو. 10 ڪلوميٽر تي ٻڌل اهو علائقو هاڻي تمر جي ٻيلن سان تيزيءَ سان خالي ٿي رهيو آهي.

ڪراچي پاڪستان جي سامونڊي ڪناري تي ڳتيل آبادي وارو شهر آهي. ڪراچي جو ساحل ڪنهن دور ۾ پنهنجي خوبصورتي، آبي جيوت، تمر جي ٻيلن ڪري نهايت دل کي وڻندڙ هو. پر ترقياتي منصوبن جي نالي اسان جي سامونڊي ڪنارن کي تباهه ڪيو ويو. ڪراچي جي ساحل انهيءَ ترقي جي نالي جيڪا رهائشي ترقي، ساحلي تفريح ترقي، صنعتي ترقي جي صورت ۾ جاري آهي. هن ترقي ۾ ماحوليات جي ڪنهن اصول کي مدنظر رکيو وڃي. جنهن جي ڪري ماحولياتي گدلاڻ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.

صنعتي گدلاڻ:

صنعتي عمل جنهن جي شروعات ارڙهين صدي ۾ ٿي. صنعتي عمل ڌرتيءَ جي هوا، پاڻي ۽ قدرتي جوڙجڪ کي ايترو ته گدلو ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻوڪن ڏينهن ۾ هر سال سوين جانور، جيتن ۽ ٻوٽن جا قسم، پاڻي جو جيوت ختم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته هزارين تعداد ۾ جاندار اڻ لڀ ٿي رهيا آهن.

صنعتن مان نڪرندڙ بيڪار ۽ زهريلو مادو ايترو ته زهريلو آهي جو سمنڊ ۽ دريائن ۾ ڪرڻ ڪري مڇين سميت تمام سامونڊي جيوت موت جو شڪار پيو ٿئي. مڇي ۽ ٻيو سي فوڊ کائڻ سان اهو زهر انسان جي اندر وڃي رهيو آهي. جنهن سان بيمارين ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. ٻئي پاسي فيڪٽرين جي دونهين ڪري فضا ۾ گدلاڻ ڦهلجي رهي آهي جنهن سان ساهه کڻڻ وارو صاف هوا گدلو ٿئي ٿو اهو زهر اسين ساهه وسيلي پنهنجي جسم ۾ ڀري رهيا آهيون.

ڪراچي شهر انيڪ مسئلن ۾ وڪوڙيل آهي سڀ کان اهم مسئلو ماحولياتي گدلاڻ جو آهي. جنهن جي خطري کان اسان بي خبر آهيون. صنعتي ترقي جو پاڳل پڻو اسان کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. فيڪٽرين مان نڪرندڙ ڪيميائي مادي ڪراچي جي ساحل کي خطرناڪ حد تائين گدلو ڪري ڇڏي آهي. سڄي ملڪ جون 35 سيڪڙو اهم صنعتون ڪراچي شهر ۾ آهن.

ڪراچي ۾ نون ٿرمل پاورن کانسواءِ پنجن وڏن صنعتي علائقن ۾ هزارين ڪارخانا آهن. جنهن ۾ گهڻا ڪارخانا سامونڊي ڪناري کي ويجهو آهن انهن ۾ لانڍي، ڪورنگي، سائيٽ، سنڌ الڪليز، پاڪستان اسٽيل مل، پورٽ قاسم فيڪٽري زون جي فيڪٽرين جو گدلو مادو ۽ زهريلو پاڻي ملير، لياري ۽ ٻين برساتي نئين وسيلي سمنڊ ۾ داخل ٿي رهيو آهي. فقط ڪورنگي ۾ 2500 ڪارخانا آهن. جنهن ۾ 35 چمڙي جا ڪارخانا موجود آهن. ڪراچي ايڪسپورٽ سڌو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ڪنهن به فيڪٽري ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳل نه آهي.

ملير پل هيٺيان پرائيويٽ طور هلندڙ چمڙي جي ڪارخانن کانسواءِ پير ڳوٺ کان کانٽي تائين سڪڻ نئين جي ٻنهي ڪنارن تي غير قانوني فيڪٽرين جو هڪ ڄار وڇايو پيو وڃي. جنهن ۾ 20 سيڪڙو ڪارخانا هلي رهيا آهن. قبضي مافيا پاران سرڪاري زمينون وڪرو ڪري هتي حڪومت جي اجازت کانسواءِ بنا ڪنهن رٿا بندي جي فيڪٽريون لڳايون پيون وڃن. جنهن جي آس پاس زرعي زمينون، پيئڻ جي پاڻي جا کوهه ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن. اهو گدلو ۽ زهريلو پاڻي سڪڻ نئين کانپوءِ ملير ۾ داخل ٿي سمنڊ ۾ داخل ٿي رهيو آهي. ملير پل کان وٺي شرافي ڳوٺ تائين زرعي علائقو تباهه ٿي ويو آهي ۽ هاڻ پير ڳوٺ کان ملير پل تائين بچيل زرعي علائقو هن زهر ڪري تباهه ٿي ويندو ۽ هزارين ڳوٺاڻا بي روزگاري سان گڏ مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويندا. ڇاڪاڻ ته فيڪٽرين جو اهو زهريلو پاڻي نئين مان فلٽر ٿي نئين جي ڪناري کوٽيل کوهن ۾ هليو وڃي ٿو جيڪو پاڻي هتان جا ماڻهو پيئڻ ۽ زراعت لاءِ استعمال ڪن پيا. اهي علائقا جيڪي ڪراچي کي تازيون ڀاڄيون ۽ ميوا فراهم ڪن ٿا. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي نباتات شعبي جي رپورٽ موجب انهن ڀاڄين ۽ ميووي جي استعمال سبب ماڻهن جي رت ۾ شيهي جي مقدار ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿي ويندو آهي.

ماحولياتي تحفظ متعلق حڪومتي اداري (SEPA) جي رپورٽ موجب ڪراچي شهر ۾ جيڪي ڀاڄيون انهن گٽر سان ڀريل ندين جي ڪناري پوک کانپوءِ فراهم ڪيون وڃن ٿيون. اهي صنعتن مان نڪرندڙ زهريلن ڪيميائي مادن ۽ گٽر جي گندي پاڻيءَ جي ڪري صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهن. ٻئي پاسي سپر هاءِ وي تي ٺهيل ناگوري ڪوآپريٽو سوسائٽي جي مينهن جي واڙي جو گدلو پاڻي بازار نئين ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. جتان هو ملير نئين ۾ داخل ٿي آس پاس جي کوهن جي پاڻيءَ کي زهريلو ڪري رهيو آهي.

ملير ندي جو هڪ ڏيک جنهن جو هي حصو هاڻي گٽر نالي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي

ڏهه ڪلوميٽرن جو پورو علائقو جيڪو خوبصورت باغن جي ڪري مشهور آهي. جتي 25 کان مٿي ڳوٺ آهن ۽ ڳوٺاڻا انهن کوهن جو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا ۽ انهيءَ پاڻيءَ مان ڀاڄيون ۽ ميوا اپايا وڃن ٿا. ڊملوٽي جا کوهه به انهيءَ علائقي ۾ آهن. ناگوري سوسائٽي جي گدلي پاڻي ڪري انهن کوهن جو پاڻي، جنهن مان پيدا ٿيندڙ ڀاڄيون ۽ ميوو به صحت لاءِ سخت هاڃيڪار ثابت ٿي رهيو آهي.

لياري ندي سائيٽ جي صنعتي علائقن، شير شاهه ۾ قائم فيڪٽرين، سهراب ڳوٺ لڳ صنعتي علائقي ۽ خميسو بروهي ڳوٺ کان سهراب ڳوٺ زيرو پوائنٽ تائين سوين غير قانوني فيڪٽريون گهرن ۾ قائم آهن انهن سڀني جو گدلو ۽ زهريلي پاڻي کانسواءِ رهائشي علائقن جي گٽر جو پاڻي، ڳجهڙو، مهادل، سونگل، اورنگي، کاري لڪي برساتي ڍورن ۽ گٽر نالن وسيلي لياري ندي ۾ داخل ٿي سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي.

تحفظ ماحوليات لياري ڪراچي فورم جي رپورٽ موجب لياري نديءَ ۾ روزانو 40 ٽن کان وڌيڪ گدلاڻ سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي. ملير، لياري ۽ ٻين ڍورن ۽ نالن جي انهيءَ زهريلي پاڻي ۾ گهڻي مقدار ۾ سلفيٽ، ڪيلشيم، المونيم، سنکيو، ميگنيشيم. لوڻياٺ، لوهي آڪسائيڊ ۽ ٻيو زهريلو معدنيات، ٽولوئن ڪلورائيڊ ۽ الڪي شامل آهي. اهو سڀ ڪجهه سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي. هڪ اندازي مطابق ڪراچي مان روزانو 2 ڪروڙ 80 لک گيلن گدلو پاڻي ۽ گند مختلف چينلن کان سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. (280 ملين گيلن خام سيوريج) جنهن ۾ بنا ٽريٽمينٽ ٿيل صنعتي مادو، گهريلو گند، پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ۽ ٻيو گند شامل آهي. پاڪستان اسٽيل مان نڪرندڙ ڪلورين سمنڊ جي هڪ حصي کي ريڊ زون ۾ تبديل ڪري چڪو آهي.

پاور پلانٽن وارو گدلاڻ:

ڪراچي ۾ هن وقت 9 بجلي پيدا ڪندڙ ٿرمل پاور پلانٽ آهن ۽ ٻه بلوچستان واري ساحل حب ۽ گڊاڻي ۾ لڳل آهن. حب واري پاور پلانٽ مان هزارين ٽن زهريلو گيس روزانو خارج ٿي رهيو آهي. جنهن مان فقط سلفر ڊائي آڪسائيڊ جو مقدار ساڍا ٽي هزار ٽن آهي. ماحوليات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو پاور پلانٽ ڪراچي جي ويجهو هئڻ ڪري ڪراچي جو هر شهري 300 گرام زهريلو گيس ساهه وسيلي جسم ۾ داخل ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته پاور پلانٽس مان نڪرندڙ گيس جو رخ ڪراچي جي سامونڊي پٽي ۽ ڳوٺن ڏانهن آهي. هاڪس بي، مواڇ ۽ گابي پٽ جا علائقا وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. ڪراچي ۾ پهرئين صنعتي ۽ گهريلو گند جو وڏو مقدار سمنڊ ۾ داخل ٿي گدلاڻ ۾ واڌارو ڪري رهيو آهي. جنهن جو مقدار 280 ملين گيلن کان وڌيڪ آهي. انهن بجلي جي ٿرمل پاور پلانٽس مان نڪرندڙ زهريلو مادو ۽ گرم پاڻي الڳ آهي. اهي پلانٽس پاڻ کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ روزانو هزارين ٽن سمنڊ جو پاڻي حاصل ڪن ٿا. جيڪو گرم ٿيڻ کانپوءِ واپس سمنڊ ۾ ڇڏيو وڃي ٿو جيڪو سمنڊ جي گرمي ۾ واڌارو ڪري رهيو آهي. جنهن سان سمنڊ جي پاڻي واري جيوت ۽ تمر جي وڻن کي سخت خطرو آهي.

گرم پاڻي ۽ گيس کانسواءِ انهن پلانٽس مان زهريلو گدلاڻ به سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي. هڪ اطلاع موجب گهڻا اهڙا پلانٽس لڳايا ويا آهن جيڪي تمام پراڻا آهن ۽ انهن ملڪن کان حاصل ڪيا ويا آهن. جن ملڪن ماحولياتي خطري جي ڪري انهن تي پابندي لڳائي هئي. اهي حاصل ڪري ڪراچي ۾ لڳا ويا آهن. پورٽ قاسم ۾ لڳل پلانٽ فلپائن ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي لڳل هو. فوجي اڏي کي ختم ڪيو ويو ته هي فالتو پلانٽ پاڪستان حاصل ڪيو. هن پلانٽ جا 160 يونٽ آهن ۽ هر يونٽ 5 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري ٿو. هي پلانٽ تمر جي ٻيلي کي صاف ڪري لڳايو ويو آهي. انهيءَ پلانٽ جي لڳڻ سان آس پاس بچيل تمر جي ٻيلي کي پلانٽ مان نڪرندڙ گرم پاڻي، زهريلي مادي ۽ گيس ڪري سخت خطرو آهي. هتي موجود تمر جي وڻن جو رنگ به تبديل ٿي رهيو آهي.

منهوڙي وارو پاور پلانٽ ٽي لک 30 هزار چورس گز اڏيو ويو آهي. هي تيل تي نه پر مائع گيس پلانٽ آهي. مائع گيس آڻيندڙ وڏا جهاز وڏي پاڻي ۾ بيهندا آهن جتان پوءِ ننڍن جهازن رستي هن کي پلانٽ تي آڻي اسٽور ۾ رکيو ويندو آهي. هن مان هڪ ته سامونڊي ٽرئفڪ تي بوجهه ڪري به ماحولياتي گدلاڻ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. هن مان نڪرندڙ گيس منهوڙي ۽ آس پاس جا ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن جنهن سان انهن آبادين ۾ بيمارين ۾ واڌارو ٿيو آهي. پاور پلانٽس جي هاءِ ٽينشن تارن جو گذر آبادين مٿان ٿئي ٿو انهن مان تابڪاري خارج ٿيڻ سان جلد جي ڪينسر ۽ ٻين بيمارين ۾ ماڻهو وڪوڙجي رهيا آهن. مائع گيس ۽ تيل جو هڪ وڏو اسٽور هتي موجود آهي جيڪو انتهائي خطرناڪ آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به حملي، تخريب ڪاري يا ڪنهن حادثي ڪري جيڪڏهن گيس کي باهه لڳي وڃي ته هن مان ٿيندڙ نقصان جو تصور نٿو ڪري سگهجي. ڪياماڙي آئل اسٽور، آئل ٽئنڪر، پورٽ ۾ موجود ڪپهه، بيٺل تيل آڻيندڙ جهاز ۽ ٻيو سامان جنهن کي باهه جلد وڪوڙي ويندي آهي هتي موجود آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي علائقو اهڙي زون ۾ آهي جتي زمين اندر تبديلي جا امڪان موجود آهن. جيڪي وقفي وقفي سان ظاهر به ٿيا آهن. جيڪڏهن اهڙو ڪو حادثو ٿي ويو ته ايڏي وڏي تباهي ٿيندي جنهن جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي.

انهن پاور پلانٽس جي سخت شور ڪري به آس پاس جا رهواسي سخت پريشان آهن انهن مان ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کانسواءِ ڪاربن مونو آڪسائيڊ، سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ، نائيٽروجن آڪسائيڊ جهڙا زهريلا گيس به خارج ٿين ٿا. هن گيس جي دونهن ۾ ڪوهيڙي ڪري ماهيگير متاثر ٿي رهيا آهن. ڪوهيڙي ڪري سمنڊ ۾ ڪنهن به ايڪسيڊنٽ جو خطرو به موجود آهي. منهوڙي جي پاور پلانٽس کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ روزانو هزارين ٽن پاڻي سمنڊ مان حاصل ڪيو ويندو آهي. اهو پاڻي گرم ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر سمنڊ ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. جنهن سان سامونڊي حيات، تمر جي ٻيلن کي خطرو درپيش آهي ۽ اهي متاثر ٿي رهيا آهن.

بجلي پيدا ڪندڙ پاور پلانٽس جو تفصيل هيٺين ريت آهي. جن مان ٻه بلوچستان ۾ آهن پر ڪراچي کي ويجهو هوندي انهن جي هر قسم جي گدلاڻ مان ڪراچي جا ماڻهو ۽ سامونڊي ڪنارا متاثر ٿي رهيا آهن.

پورٽ قاسم

پيداواري گنجائش

800

ميگاواٽ

ڪورنگي ڪريڪ

پيداواري گنجائش

300

ميگاواٽ

ڪورنگي ٽائون

پيداواري گنجائش

125

ميگاواٽ

گسري

پيداواري گنجائش

200

ميگاواٽ

منهوڙو

پيداواري گنجائش

463

ميگاواٽ

ويسٽ وهارف

پيداواري گنجائش

460

ميگاواٽ

ماڙيپور

پيداواري گنجائش

110

ميگاواٽ

هاڪس بي

پيداواري گنجائش

117

ميگاواٽ

حب ندي لڳ گابو پٽ

پيداواري گنجائش

700

ميگاواٽ

حب بلوچستان

پيداواري گنجائش

1295

ميگاواٽ

گڊاڻي بلوچستان

پيداواري گنجائش

196

ميگاواٽ

دونهين ۽ شور جو گدلاڻ:

ڪراچي شهر دونهين ۽ شور جي گدلاڻ ۾ به اڳڀرو آهي. فيڪٽرين مان نڪرندڙ دونهون ۽ ڪيميڪل، گاڏين مان خارج ٿيندڙ دونهيون ڪراچي جي فضا کي گدلو ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ۾ جن صنعتي علائقن، فيڪٽرين ۽ پاور پلانٽس جو ذڪر ڪري آيو آهيان جن مان نڪرندڙ دونهون ۽ گيس ڪراچي جا ماڻهو ساهه وسيلي پنهنجي اندر اوتي رهيا آهن. ان کانسواءِ سياري جي موسم ۾ ڪراچي ۾ ڪوهيڙي ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.

ٽرئفڪ انجنيئرنگ بيورو ۽ اين اي ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي جي رپورٽ موجب هن وقت ڪراچي جي رستن تي 30 لکن کان مٿي گاڏيون هلي رهيون آهن ۽ انهن ۾ هر سال 15 سيڪڙو جي حساب سان واڌارو ٿي رهيو آهي. جنهن جو وڏو سبب مختلف بئنڪن ۽ ادارن پاران آسان قسطن تي گاڏيون ڏيڻ آهي. ڪراچي جي روڊن تي فقط گاڏين مان ساليانو 250000 ٽن ڪاربن ڊاءِ آڪسائينڊ، 25070 ٽن نائٽروجن آڪسائينڊ، 2600 ٽن هائڊروجن ڪاربن ۽ 450 ٽن شيهو فضا ۾ خارج ٿيندو آهي. جيڪو ڪراچي جا ماڻهو ساهه وسيلي جسم ۾ داخل ڪري رهيا آهن، جنهن سان فضا ۾ آڪسيجن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري ساهه جون ڪيترين بيمارين کانسواءِ ڪراچي جو 75 سيڪڙو ماڻهو هاءِ بلڊپريشر، ڇاتي، ڳلي جي ڪينسر، ڦڦڙن، اکين، نڪ جي بيمارين جو شڪار آهي. رپورٽ موجب ڪراچيءَ ۾ صدر، کارودر، لي مارڪيٽ، بندر روڊ، گارڊن، گرومندر، لالو کيٽ، شير شاهه، مٺو در وارن علائقن ۾ رهندڙ هر هڪ ماڻهو فقط هڪ منٽ ۾ هڪ گرام کان به وڌيڪ اهو دونهون ساهه وسيلي پنهنجي جسم ۾ داخل ڪري رهيو آهي. فيڪٽرين جو دونهون هن کانسواءِ آهي. ماهرن جي رپورٽ موجب ڪراچي شهر جي فضا ۾ 2600 ٽن سلفر موجود آهي. جنهن سان ڪراچي جي گرمي ۾ ڏهه سينٽي گريڊ تائين واڌارو ٿي ويندو. جنهن سان ڪراچي جي موسم تي تبديلي جا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن. سردي ۾ به هتي گرمي محسوس ٿيندي آهي ۽ اتر جون هوائون جيڪي گهڻن بيمارين کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار آهن. انهن اثرن ڪري اهي هوائون گهٽ ٿيون آهن جنهن سان ڍينگي ۽ ڪانگو وائرس جهڙن مرضن ۾ واڌارو ٿيو آهي.

ڪراچي جي ٻهراڙي واري علائقن ۾ قائم سيمينٽ فيڪٽري جنهن ۾ جاويدان منگهو پير جيڪا هاڻي ڳتيل آبادي ۾ آهي پاڪ لينڊ گهگهر، لڪي سيمنٽ فيڪٽري ڪاٺوڙ سپر هاءِ وي تي قائم آهن. جن مان هزارين ٽن مٽي جو دز نڪري ڀر وارن علائقن کي متاثر ڪري رهيو آهي. جنهن سان هتان جي ماڻهن ۾ ٽي بي جهڙي مرض ۾ واڌارو ٿيو آهي. هن دز ڪري فصلن کانسواءِ آس پاس جا وڻ به متاثر ٿيا آهن ۽ انهن وڻن تي آکيرو ڪندڙ پکي به هي علائقو ڇڏي چڪو آهي. برساتن کانپوءِ ڦٽندڙ گاهه جيڪو هتان جا مالوند ماڻهو مال جي چاري طور استعمال ڪن ٿا. دز ڪري اهو به خراب ٿي ويو آهي ۽ مال جو چارو ختم ٿي ويو آهي.

ڪراچي جي ٽرئفڪ ۾ بي پناهه واڌاري ڪري آواز جي گدلاڻ ۾ به واڌارو ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ گاڏين جو شور، انهن ۾ لڳل پريشر هارنن جو شور ۽ ڪارخانن جو شور، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ قائم ڪارخانا رهائشي اسڪيمن ۾ قائم آهن. ڊاڪٽرن جي رپورٽ موجب آواز جي گدلاڻ ڪري ماڻهن جي روئي ۾ تبديلي اچي رهي آهي، جنهن ۾ ڪاوڙ، بيزاري، چڙ، ٿڪاوٽ، ذهني بيمارين، ڪنن جي بيمارين، خاص ڪري ٻوڙاڻ ۽ بيقراري جون شڪايتون عام ٿي ويون آهن. جنهن جي ڪري ڪراچي جا شهري سڪون لاءِ ننڊ جي گورين جو استعمال گهڻي مقدار ۾ ڪري رهيا آهن جيڪو پنهنجي جاءِ تي هڪ خطرناڪ رجحان آهي.

ان کانسواءِ سامونڊي جيوت لاءِ هڪ ٻيو خطرو ڀينس ڪالوني ۾ قائم 2000 هزار ايڪڙن تي قائم مينهن جا واڙا آهن. انهن جي سيوريج جو پاڻي ۽ ٻيو گدلو مادو، ليڙين واري ڍوري ۽ ٻين ڍورن وسيلي لٺ بستي ڳوٺ لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن کانسواءِ لانڍي ۾ قائم ڪوس گهر ۾ جانورن جي ڪسجڻ کانپوءِ تمام گند، رت وڏي مقدار ۾ سمنڊ ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. اهو تمام گند سامونڊي حياتي جنهن ۾ تمر جا ٻيلا به اچي وڃن ٿا زهر بنجي رهيو آهي.

بندر وارن علائقن ۾ ڇڏيل تيل وارو گدلاڻ:

ڪراچي جا ٻئي بندرگاهه ڪراچي پورٽ ۽ بن قاسم پورٽ به شديد گدلاڻ کي جنم ڏيئي رهيا آهن. تباهه ڪن سامونڊي گدلاڻ جو هڪ سبب تيل جو سمنڊ ۾ ڇڏڻ آهي. جيڪو فوري طور نقصان جو سبب بڻجي ٿو. تيل جي سمنڊ جي مٿاڇري تي ڦهلجڻ کي روڪڻ تمام ڏکيو آهي. آئل ٽنئڪرن، فيشنگ بوٽس، وڏن ٽرالرن، جهازن مان نڪرندڙ تيل، گڊاڻي جي ساحل تي جهازن کي ٽوڙڻ واري ڪارخاني مان جهازن اندر بچيل گندو مواد، تيل، موبل آئل ۽ ٻيو گند به سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ٿو. ان جا اثر به ڪراچي جي ڪنارن تي ظاهر ٿي رهيا آهن.

پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ تي لنگر انداز ٿيندڙ سامونڊي جهاز اڪثر پنهنجو هزارين گيلن فالتو تيل سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهن. ان کانسواءِ انجڻ آئل تبديل ڪرڻ کانپوءِ خراب موبل آئل ۽ آئل فلٽر به سمنڊ ۾ اڇلايا وڃن ٿا. اهو هزارين گلين موبل آئل، سڙيل تيل انتهائي ڪارو هوندو آهي، جنهن جي ڪري به سمنڊ جي گدلان ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي.

تيل وارن جهازن لاءِ ڪراچي بندرگاهه تي ٽي ۽ پورٽ قاسم ۾ ٻه گوديون ٺهيل آهن. ڪراچي بندر جي انهن گودين ۾ ساليانو 400 تيل کڻي ايندڙ جهاز لنگر ڪن ٿا. هڪ اندازي موجب هڪ جهاز 50 هزار ٽن خام تيل ڊسچارج ڪندو آهي. حفاظتي انتظام نه هئڻ جي برابر آهن، ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻنهي بندرن تي ڪو به بندوبست نه هجڻ ڪري وڏن حادثن جي صورت ۾ ڪجهه نٿو ڪري سگهجي. جنهن جو هڪ مثال تسمان اسپرٽ جي ٽٽڻ وارو حادثو آهي. هي جهاز 27 جولاءِ 2003ع هڪ وڳي جيڪو پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپورريشن چارٽر ڪيو هو جنهن ۾ 67500 ٽن تيل موجود هو. ڪراچي بندرگاهه کان 1.4 نائيٽڪل ميلن جي فاصلي تي بين الاقوامي چينل ۾ ڦاسي وڃڻ ڪري، 235 ميٽر ڊگهو تسمان اسپرٽ ٻه ٽڪرا ٿي ويو. جنهن جي ڪري 20 هزار ٽن کان وڌيڪ تيل سمنڊ ۾ وهي ويو. جنهن جي ڪري هزارين جي تعداد ۾ پاڻي جو جيوت مري ڪنارن سان اچي لڳو. تمر جي وڻن کي شديد نقصان پهتو. نوان ڦٽندڙ تمر جا ننڍا ٻوٽا ختم ٿي ويا. ڪراچي جي سامونڊي ڪناري کي تفريح لاءِ اچڻ وارن لاءِ هڪ مهيني تائين پابندي لڳائي ويئي ۽ ڪناري تي وسندڙ ڳوٺن، رهائشي اسڪيمن ۾ ماڻهن کي ساهه کڻڻ ۾ شديد تڪليف ڪيترن مهينن تائين موجود رهي.

اهو ڪو پهريون واقعو نه هو. هن کان اڳ 14 آگسٽ 2002ع تي ”گولڊن گيٽ“ نالي تيل کڻي ايندڙ جهاز کي حادثو پيش آيو ته هزارين ٽن تيل سمنڊ ۾ وهي ويو. 15 سيپٽمبر 2002ع تي ”اٽلس“ نالي تيل کڻي ايندڙ جهاز ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ ڪري پنهنجو هزارين ٽن تيل سمنڊ ۾ وهائي ڇڏيو. 21 آڪٽوبر 1998ع ۾ مالٽا جو هڪ تيل کڻي ايندڙ جهاز ”سن مرسيٽ“ پاڪستان نيوي جي هڪ آئل ٽئنڪر ”پي. اين نصر“ سان ٽڪرائجي ويو جنهن جي ڪري ٻنهي مان هزارين ٽن تيل سمنڊ ۾ وهي ويو. 2 ڊسمبر 1999ع تي هڪ پرڏيهي جهاز ملڪ واپس ورندي لکين گيلن ڪارو تيل ۽ ڪيميائي مادو ڦٽي ڪريڪ ۾ اڇلايو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪاري تيل جي تهه سان 120 چورس ڪلوميٽرن تي ڦهليل سامونڊي مٿاڇرو ڪاري تيل سان ڍڪجي ويو. انهن سڀني حادثي ڪري ڪراچي پورٽ کان قاسم بندر واري علائقي تائين وارو سمورو علائقو گدلو ٿي چڪو آهي. سمنڊ جي ڪناري کان 40 ڪلوميٽر اندر تائين تيل جو هڪ ٿلهو تهه ڄمي چڪو آهي. سامونڊي ڪناري ۾ حڪومت ۽ مختلف اين. جي. اوز پاران لڳايل 800 کان مٿي ايڪڙن تي پوکيل تمر جي ٻوٽن کي سخت نقصان پهتو. گهڻي حد تائين اهي ختم ٿي ويا آهن.

ان کانسواءِ ساحل تي تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهن جي کاڌ خوراڪ، بوتلن، دٻن، پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي ڪري گندگيءَ جا ڍير موجود آهن، جيڪي لهرن سان سمنڊ ۾ وڃي گدلاڻ ۾ واڌارو ڪري رهيا آهن. پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ ڪراچي پورٽ جي انتظاميا کي هن پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي. جهازن مان رسندڙ تيل، آئل ٽئنڪر جيڪي شيرين جناح ڪالوني ۾ ٽرمينل ۾ موجود آهن. هتان به هزارين گيلن تيل سمنڊ ۾ وڃي ٿو جنهن لاءِ مثالي آئل ٽرمينل جو بندوبست ڪرڻ گهرجي.

ڪچري وارو گدلاڻ:

ڪراچي ۾ گدلي پاڻي، گيس مليل زهريلي پاڻي، زهريلي مواد کانسواءِ روزانو 9000 ٽن ڪچرو پيدا ٿئي ٿو. ڪراچي ۾ ڪچري لاءِ ٻه لينڊ فل سائيٽ آهن. جنهن مان روزانو 2000 کان 2500 ٽن ڄام چکرو لينڊ فل جيڪو ديهه ڄام جو چکرو منگهو پير ۾ قائم آهي، پهچايو وڃي ٿو. گوند پاس جيڪو حب ريور روڊ تي آهي، هتي روزانو 1500 کان 2000 ٽن ڪچرو پهچي ٿو. ان کانسواءِ پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري ۽ لانڍي پاسي ٻه غير سرڪاري لينڊ فل سائيٽ آهن جتي 500 ٽن روزانو ڪچرو پهچي ٿو. اهڙي طرح انهن لينڊ فل سائيٽن ڏانهن 9000 هزار ٽن مان فقط 4000 کان 5000 هزار ٽن ڪچرو پهچي ٿو. باقي پورو ڪچرو شهر ۾ موجود رهي ٿو. انهن سڀني لينڊ فل سائٽس ۾ ماحولياتي سسٽم جي حوالي سان ڪو مناسب بندوبست ڪيل نه آهي. انهن لينڊ فل سائٽس جا آس پاس ڳوٺ، ڪچري کي ساڙڻ کانپوءِ شديد دونهي ۽ ڌپ جو شڪار آهن. ڪراچي ۾ ري سائيڪلنگ انڊسٽري جي پاسي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو آهي. اڄ کان ڏهه ٻارنهن سال پهرئين ڄام چکرو سائيٽ ۾ گاربيج ٽرانسفر اسٽيشن لڳائڻ جو منصوبو هو پر اهو اڃا تائين نه لڳايو ويو آهي. هتي ڪچري کي ڇانٽي ڪرڻ جو به منصوبو هو. انهن لينڊ فل سائٽس ڏانهن ويندڙ ڪچري گاڏين تي حفاظت جو ڪو مناسب بندوبست نه هئڻ ڪري اڌ ڪچرو گاڏين مان رهائشي علائقن ۾ ڪري وڃي ٿو. انهن سائٽس تي پهچڻ سان دونهون، ڪوهيڙو ۽ شديد ڌپ، هر پاسي ڦهليل ڪچرو، پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ماڻهن جي آڌر ڀاءُ لاءِ تيار آهن. جتي هڪ منٽ بيهڻ مسئلو آهي. اندازو لڳايو ته آس پاس جي ڳوٺاڻن جو ڪهڙو حشر هوندو.

جيڪڏهن هن کي ري سائيڪل ڪيو وڃي ته هن مان ڪروڙين رپيا حڪومت کي آمدني ٿي سگهي ٿي. پرائيويٽ طور هڪ اين. جي. او ”گل بهاؤ“ 1994ع کان گهٽ پئماني تي ري سائيڪل جو ڪم ڪري رهي آهي. هن کانسواءِ اٺ سيڪڙو ڪچرو افغاني ٻارن ۽ ٻين خاندان جي ڪري ڇانٽي کانپوءِ ري سائيڪل ٿئي ٿو. جنهن ڪري غير سرڪاري طور 50 هزار ماڻهن جو روزگار ان سان ڳنڍيل آهي. ڪچرو کڻڻ ۽ ري سائيڪل ڪرڻ وارن انهن ماڻهن کي حڪومتي جي سرپرستي حاصل ٿيڻ کانپوءِ خود حڪومت ري سائيڪل صنعت کي هٿي ڏسڻ سان هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار ملندو. ڪراچي کي گدلي ٿيڻ کان ڪنهن حد تائين محفوظ ڪري سگهجي ٿو.

مٿي ذڪر ڪيل گدلاڻ ڪري اسانجو سمنڊ گدلو ٿي رهيو آهي. ڪالهه وارو صاف ۽ شفاف سمنڊ اڄ ڪنهن گدلي پاڻي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. اسان جي لاپرواهي ۽ غفلت جي ڪري سامونڊي وسيلن ۽ لکين ماهيگيرن جي روايتي رزق کي شديد خطرو آهي. هڪ هزار کان مٿي پاڪستان جي سامونڊي پٽي مان 40 ڪلوميٽر ڪراچي جو ساحل وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. انهن سببن ڪري سامونڊي ڪناري ۾ پاڻي جي جيوت جي هوالي سان ڪافي تبديليون رونما ٿي رهيون آهن. گذريل 30 سالن ۾ وڏي پئماني تي مختلف اسپس (Species) غائب ٿي چڪا آهن. بابا ڀٽ جي ٻيٽ ۾ 40 ڪروڙ سال پراڻو هڪ آبي جيوت Lingula هوندو هو. هن جي خصوصيت اها هئي ته هن ۾ شروع کان وٺي اڄ تائين ڪا به ارتقائي تبديلي رونما نه ٿي هئي. پر هن ٻيٽ تي ٻيڙين جي وڌندڙ تعداد، سامونڊي گدلاڻ هن جانور جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي جانور سامونڊي گپ واري مٽي ۾ هوندو هو. انهن ٻيٽن ۾ تيل جي ڄميل تهن دلدل کي زهريلو ڪيو ته هي جانور به ختم ٿي ڪروڙين سالن جي موسمي تبديلين، طوفانن ۾ به هي جانور جيڪو رهيو، پر تيل واري زهريلي گدلاڻ هن جو خاتمو آندو. اڃا به ممڪن آهي ته سمنڊ اندر ٻيٽن ۾ جتي انهيءَ گدلاڻ جو ايترو اثر نه ٿيو آهي هتي اهو موجود هجي. جنهن لاءِ حيوانيات جي ماهرن کي تحقيق ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪٿي اهو موجود هجي ته ان جي نسل کي بچائي سگهجي.

هي فقط هڪ جانور جو ڏک ڪونهي اڄ کان 50 سال اڳ هتي جيڪي جانور، پکي ۽ ساوا ڪچون نظر ايندا هئا هاڻي انهن مان گهڻا ختم ٿي چڪا آهن. هڪ غير سرڪاري تنظيم اڃا محنت ڪري ساون ڪچون جي نسل کي بچائڻ ۾ مشغول آهي. ڪورنگي ڪريڪ جي سامونڊي گپ، ٻلهيجي ۽ منهوڙي ۾ موجود پاڻي جي جيوت ابراهيم حيدري ۽ ريڙهي جي ڪنارن ۾ دنيا جو بهترين سپ وڏي تعداد ۾ موجود هوندو هو. هاڻي اهو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي.

35 سال اڳ هتي ڪيڪڙن جا ڪيترائي قسم هوندا هئا، کائڻ وارن ڪيڪڙن جي قسمن جي تعداد ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. سامونڊي گدلاڻ سان گڏ حد کان وڌيڪ شڪار به ان جي نسل کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. سامونڊي گدلاڻ ڪري ڊي. ڊي. ٽي جهڙي قاتل زهر ڪري انسان ۽ انهن مڇين، ڪيڪڙن، پکين ۾ بيماري ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. جنهن جي ڪري Shore ۽ Seagulls ڪراچي جي سامونڊي ڪنارن کي الله واهي چوڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. 60 کان مٿي پکين جو قسم تمر جي وڻن ۾ موجود هوندو هو. انهن جي ڪٽائي، سامونڊي گدلاڻ جي ڪري انهن جي واڌ ويجهه ۾ فرق اچڻ ڪري ۽ ختم ٿيڻ سان انهن پکين جي نسل ۾ به گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ ڪو وقت ايندو ته اهي پکي اڻلڀ ٿي ويندا.

روسي، جرمن ۽ آمريڪي سائنسدانن تحقيق بعد هڪ اهڙي بيڪٽريا جو انڪشاف ڪيو آهي جنهن جي تباهي سان ماحولياتي گدلاڻ ۾ واڌارو ٿي وڃي ٿو. سائنسدانن موجب ان ماحول دوست بيڪٽريا جي تباهيءَ لاءِ صنعتي گدلاڻ ۽ صنعتن جو دونهون ۽ ٽرئفڪ جو دونهون ذميوار آهن. جڏهن ته نائٽريٽ ۽ سائنسن جي گدلاڻ به اهڙي ماحول دوست بيڪٽريا جي موت لاءِ ذميوار آهن. پاڻي ۾ آڪسيجن جي سطح مان گدلاڻ جو درست اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پاڻي ۾ آڪسيجن جي سطح کي گهٽ ڪرڻ وارا جزا گهڻو ڪري شهري آبادين ۾ ٿيندا آهن. آڪسيجن جي گهٽتائي سان مڇيون، ٻوٽا ۽ ٻيا پاڻي وارا جاندار مرڻ لڳندا آهن. اهي خطرا اسان جي آس پاس موجود آهن. جيڪي وڏي تيزي سان وڌي رهيا آهن. ڌرتيءَ جو ماحول جيئن پوءِ تيئن گدلو ۽ زهريلو ٿيندو پيو وڃي. سمنڊ انسان جي وفادار دوستن مان هڪ دوست آهي. پر اسان هن وفادار دوست کي بدلي ۾ ڇا ڏيئي رهيا آهيون. جنهن سان اسان جو هي وفادار دوست تيزي سان گدلو ٿي رهيو آهي. هن زهريلي پاڻي جي ڪري سامونڊي حيات تباهه ٿي رهيو آهي. اهو زهر سامونڊي کاڌي وسيلي اسان جي کاڌ خوراڪ جو حصو بڻجي رهيو آهي. گڏيل قومن جي ”گلوبل واٽر ڪوالٽي مانٽرنگ پروگرام“ تحت پاڪستان ۾ پاڻي ۾ آڪسيجن جي سطح تي گدلاڻ جو درست اندازو لڳائڻ جا پنج مانيٽرنگ اسٽيشن قائم آهن، پر گهٽ ۾ گهٽ ڪراچي ۾ موجود اسٽيشن جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي.

تمر جي تباهي:

سامونڊي پاڻي واري جيوت سان گڏ تمر جا ٻيلا به انهيءَ گدلاڻ ڪري تباهه ٿي رهيا آهن. پاڻي واري گدلاڻ مان مراد پاڻي جا ذخيرا، جن ۾ دريا، نديون، ڍنڍون ۽ سمنڊ جي گدلاڻ شامل آهي. سنڌو نديءَ کي قوم جي حياتي تصور ڪيو ويندو آهي. جنهن جو پاڻي نه فقط زراعت، صنعت، پر انساني استعمال ۾ به اچي ٿو. گڏوگڏ هماليه کان وٺي انڊس ڊيلٽا تائين حيواني ۽ نباتاتي زندگي جي ضمانت آهي. انهيءَ دريا جي ڪري سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جنم ورتو. جابلو علائقي کان وٺي ميداني علائقن، ٻيلن کا وٺي سمنڊ تائين ڊيلٽا علائقا ۽ سرسبز چراگاهه، هر هنڌ زندگيءَ جو توازن هن دريا تي ٻڌل آهي. اترئين علائقن کان وٺي ڊيلٽا تائين هن پاسي قائم سڀني شهرن، ڳوٺن جو گندو پاڻي فيڪٽرين جو زهريلو مادو، زراعت جي استعمال کانپوءِ هٿرادو ڀاڻ ۽ ڪيميائي دوائن وارو زهريلو سم وارو پاڻي هن ۾ شامل ڪري هن کي گدلو ڪيو ويو آهي ۽ تمام پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، ۽ دريا جي ڪناري ڳوٺ ۽ شهر پيئڻ لاءِ اهو پاڻي استعمال ڪندا آهن. جنهن سان خاص ڪري حيدرآباد، ٺٽو، بدين، ٽنڊو محمد خان جيڪي پڇاڙ تي آهن هتان جا ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن.

هڪ پاسي ڪراچي شهر جو پورو گند ٻئي پاسي اترئين علائقن پنجاب ۽ خود سنڌ جو زهريلو پاڻي سنڌو دريا، LBDO ۽ RBDO وسيلي سمنڊ ۾ ڪرڻ ڪري هتي موجود پاڻيءَ جي جيوت ۽ تمر (Mangroves) کي نقصان پهچائي رهيو آهي. اڳ پاڻي گهڻو هوندو هو ته زهريلي پاڻي جو مقدار هن ۾ نه هئڻ جي برابر هو پر هاڻي سنڌو ۾ پاڻي نه هجڻ جي برابر آهي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ دريا ۾ حيدرآباد شهر جو گدلو پاڻي سال ۾ اڪثر گڏ ٿيندو رهندو آهي. جنهن جو وڏو سبب سنڌو دريا تي ڊيم اڏڻ ۽ ڪئنال ڪڍڻ آهي. ٻئي پاسي شهرن جي وڌڻ، فيڪٽرين جي وڌڻ ڪري سنڌو ۾ زهريلي پاڻيءَ جو واڌارو ٿي رهيو آهي. جنهن سان ڊيلٽا مري رهيو آهي. سمنڊ اڳيان وڌي زرعي زمينون ۽ ڳوٺن کي ڳڙڪائي رهيو آهي.

بوٽ بيسن لڳ تمر جا وڻ جيڪي تيزي سان تباهه ٿي رهيا آهن

 

فطرت جي ڪا شيءِ بي مقصد نه آهي. ساحل تي موجود سامونڊي ٻيلا جن کي تمر چيو وڃي ٿو مڇي، سانن (گهانگهٽن) ۽ ٻين گهڻن پاڻي جي جيوت لاءِ نرسريون ۽ پلجڻ واريون جايون آهن. سامونڊي طوفانن کي روڪڻ جو وسيلو آهن. تمر جا اهي ٻيلا نه فقط طوفانن جي زور کي گهٽ ٿا ڪن ٻئي پاسي سامونڊي ڪٽائو کان به روڪين ٿا. سونامي جي طوفانن جي جائزي کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته جتي به تمر جا وڻ/ ٻيلا هئا، هتي تباهي گهٽ ٿي آهي. جتي سامونڊي ڪناري تمر جي ٻيلن کي صاف ڪيو ويو هتي گهڻي تباهي ٿي آهي. 26 ڊسمبر 2004ع تي جڏهن هندستان جي رياست تامل ناڊو تي سامونڊي طوفان حملو ڪيو ته هتي تمر جي گهاٽن ٻيلن طوفاني لهرن جو رستو روڪيو ته گهٽ نقصان ٿيو. جيڪڏهن بنگلاديش جي بدترين ٻوڏن جي سببن تي نظر وجهبي ته هتي خاص ڪري کلنا ۽ سندربن جي ڪنارن تي موجود تمر جي ٻيلن کي صاف ڪري چانور پوکڻ شروع ڪيو ويو. جنهن سان قدرتي ماحولياتي نظام کي بگاڙيو ويو ته هتي ٻوڏن تباهي مچائي ڇڏي. هن تباهي کانپوءِ فيبروري 1998ع کان عالمي بئنڪ بنگلاديش ۾ تمر جي پوک تي لکين ڊالر خرچ ڪري رهي آهي. تمر جا ٻيلا خطرناڪ لهرن جي طاقت کي گهٽ ٿا ڪن ۽ طوفاني هوائن جي زور کي به روڪين ٿا. آڪٽوبر 1999ع ۾ اڙيسا جتي سامونڊي ڪناري ايندڙ خطرناڪ سائيڪلون جي زور کي به تمر جي ٻيلن گهٽ ڪيو پوءِ به 10 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 75 ماڻهو بي گهر ٿيا. تمر جا ٻيلا نه هجن ته اهو نقصان چوڻون ٿئي ها.

1999ع ۾ سنڌ جي سامونڊي ڪنارن سان ٽڪرائجندڙ طوفان A2 سڀني کي ياد هوندو. جنهن بدين ۽ ٺٽي جي سامونڊي ڪنارن ۾ تباهي مچائي ڇڏي هئي. هن طوفان ۾ اُهي علائقا وڌيڪ متاثر ٿيا جتي تمر جا ٻيلا موجود نه هئا.

ڪراچي به اهڙن طوفانن جي مرڪز تي آهي. ڪنهن زماني ۾ ڪياماڙي کان گهگهر تائين سامونڊي ڪريڪس ۾ تمر جا گهاٽا ٻيلا موجود هئا. مٿئين بيان ڪيل سببن ڪري تمر جا ٻيلا ڪراچي واري سامونڊي پٽي تان گهٽ ٿيندا وڃن. انهن جي گهٽتائي جا ڪهڙا سبب آهن پر ڪراچي جي سامونڊي پٽي ۾ ترقي جي نالي ۽ ڪراچي جي شهر ۽ بندر جي گدلاڻ ڪري ۽ بنا ڪنهن سار سنڀال جي اهي ٻيلا تباهه ٿي رهيا آهن. وڏو سبب سنڌو دريا ۾ پاڻي جي گهٽتائي ڪري به تمر جا ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن. اڳ سنڌو گسري وٽان به هڪ شاخ وسيلي ڇوڙ ڪندي هئي. چينا ڪريڪ کان وٺي سير ڪريڪ تائين 17 ڪريڪن ۾ مٺي پاڻي جي موجودگي ڪري تمر جو وڻ آهي. هڪ اٺ جي خوراڪ ۾ 40 ڪلوگرام تمر جو چارو شامل هوندو آهي. متبادل بندوبست نه هئڻ ڪري مقامي ماڻهو هر مهيني اوسطا 183 ڪلوگرام تمر جو ڪاٺ ٻارڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو. هاڻي ڪراچي جي ساحل تي وڏي انگ ۾ افغاني تمر جي وڻ کي ڪٽي وڪڻي رهيا آهن.

سنڌو درياهه جي ڇوڙ واري ڊيلٽائي علائقي ۾ چئن قسمن جا تمر جا وڻ ٿين ٿا.

Rizo phoraceae

Avi cenniaceae

Myrsinaceae

Sonneratiaceae

Myrsinaceae جو هڪ قسم Aegi Ceras Cornisulatum سڀ کان اڳ ختم ٿي ويو. هتي موجود 99% سيڪڙو Avicennia Marina تمر جي آهي. هن جي بچڻ جو وڏو سبب هي آهي اها جنس ڏکين ماحولياتي حالتن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. ڊيلٽا 17 ڪريڪس تي ٻڌل سنڌ جو هي وسيع علائقو جنهن جي پکيڙ ڪراچي کان رڻ ڪڇ سير ڪريڪ تائين 52،800 چورس ڪلوميٽرن تي آهي. هي دنيا جو ستون وڏي ۾ وڏو ڊيلٽا آهي. ڊيلٽا جي علائقي ۾ 32 لک ماڻهو رهن ٿا. جنهن جو گذر بسر ڪنهن نه ڪنهن طرح سان سمنڊ سان واڳيل آهي. تمر جي تباهي سنڌو ۾ پاڻي گهٽجڻ ڪري مڇي گهٽ مري رهي آهي. جنهن جي ڪري اهي ماڻهو وڏي تعداد ۾ بيروزگار ٿي رهيا آهن. ماهيگيرن جي وڏي آبادي ڪراچي جي سامونڊي ڪناري تي رهي ٿي.

انساني سرگرمين انهن علائقن کي متاثر ڪرڻ شروع ڪيو آهي. تمر جي ٻيلن جي تباهي هتي رهائشي اسڪيمون ٺاهڻ، جاين ۽ گهمڻ وارين جاين ۽ هوٽلن جي اڏاوت فطري ماحول ۾ دخل اندازي آهي. 1982ع ۾ اوڀر ايشيا جو علائقو 20% سيڪڙو ٻيلن سان ڍڪيل هو ۽ هن ۾ هڪ اندازي موجب 6%  گهٽتائي اچي وئي آهي. تمر جي ٻيلن جي حوالي سان سنڌ جا سامونڊي ڪنارا مالا مال آهن. سنڌو درياهه ڪري هزارين سالن جي محنت سان ڊيلٽا ٺهيو جيڪو تمر جي ٻيلن سان ڍڪيل هو.

ريڙهي مياڻ لڳ سمنڊ ۾ تمر جي وڻن جو ٻيلو جنهن جي ڪٽائي

ڪري ٻيلي کي تباهه ڪيو پيو وڃي.

 

تمر لاءِ کارو ۽ مٺو پاڻي ضروري آهي. گهڻا سامونڊي جيوت انهن ٻيلن ۾ پرورش وٺن ٿا هتي آنا لاهيندا آهن هتي واڌ ويجهه ڪري پوءِ اونهي سمنڊ ڏانهن وڃن ٿا. گهانگهٽن ۽ ٻين سامونڊي حيات مان پاڪستان فقط ايڪسپورٽ جي مدد ۾ ساليانو 100 ملين آمريڪي ڊالرز ڪمائي ٿو. پنهنجي ملڪ ۾ هن جو استعمال ڌار آهي. ٻين سببن سان گڏ تمر جي ٻيلن جي گهٽتائي ڪري اهو پئسو گهٽجي رهيو آهي ۽ مقامي ماهيگير سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هڪ تحقيق موجب 99% سيڪڙو سانا ۽ مڇيون پنهنجي زندگيءَ جو ڪجهه نه ڪجهه حصو ضرور انهن تمر جي ٻيلن ۾ گذارين ٿا. سنڌ جي ساحل مان 70%  سيڪڙو ۽ بلوچستان جي ساحل مان (جيڪو سنڌ جي ساحل کان ٻيڻو آهي) 30% سيڪڙو مڇي ۽ سانا حاصل ٿين ٿا. سنڌ جي ساحل جو وڏي ۾ وڏو مرڪز ڪراچي آهي. ڪراچي جو ساحل به ڊيلٽا جي 17 ڪريڪن مان انهن ڪريڪس تي آهي. جتي به ڪنهن دور ۾ تمر جا گهاٽا ٻيلا موجود هئا. پر ماحولياتي گدلاڻ جنهن ۾ ڪراچي شهر جو گدلو پاڻي، صنعتن جو زهريلو مادو ۽ گيس، پاور پلانٽس جو زهريلو گيس، پورٽ وارن علائقن ۾ تيل وارو گند سمنڊ ۾ اچڻ ڪري، ٻئي پاسي سنڌو ۾ پاڻي گهٽجڻ ۽ متبادل وسيلو نه هجڻ ڪري اٺن جي چاري، ٻارڻ لاءِ ڪاٺ حاصل ڪرڻ، وڌيڪ رهائشي علائقن لاءِ سمنڊ مان زمين حاصل ڪرڻ جي حوص تمر جي ٻيلن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. چيو وڃي ٿو ته انڊس ڊيلٽا ۾ موجود تمر جا ٻيلا دنيا جي ڇهين نمبر وڏي ٻيلن مان هڪ آهي. اڄ کان 50 سال اڳ هتي تمر جا 8 قسم موجود هئا ۽ هاڻي وڃي 4 بچيا آهن ۽ ڏٺو وڃي ته فقط هڪ قسم ايوي سينا مرينا موجود آهي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ سرڪاري انگن اکرن موجب انڊس ڊيلٽا ۾ هڪ اندازي موجب 3 لک 63 هزار هيڪٽر (12 لک ايڪڙ) تي تمر جا گهاٽا ٻيلا موجود هئا. 1978ع جي هڪ سروي موجب هي ٻيلا فقط ٻه لک 63 هزار هيڪٽرن تي بچيا هئا. حالتون خراب ٿينديون ويون 1990ع ۾ ڪيل سروي موجب هي ٻيلا فقط هڪ لک 58 هزار 500 هيڪٽرن تي رهجي ويا آهن. انهن ٻيلن جي سالياني گهٽتائي جو سيڪڙو 1.2% آهي. جنهن ۾ هر سال واڌارو ٿي رهيو آهي. 60 واري ڏهاڪي ۾ 15 کان 17 سيڪڙو علائقو خالي هو. 1979ع ۾ سيٽلائيٽ جي وسيلي حاصل ڪيل تصوير موجب خالي علائقو 24 سيڪڙو ٿي ويو. 80 واري ڏهاڪي ۾ اهو رقبو 35 سيڪڙو ۽ 2006ع مطابق خالي ٿيل علائقو 47 سيڪڙو ٿي ويو آهي.

ڪوسٽل ايڪو سسٽم جي بقا جو دارومدار تمر جي ٻيلن تي آهي جيڪڏهن تمر جي ٻيلن کي نه بچايو ويو ته موجود ايڪوسسٽم درهم برهم ٿي ويندو. جنهن سان پاڻي وارو جيوت ۽ سامونڊي ڪنارا سخت متاثر ٿيندا. تمر جا وڻ فقط مڇين ۽ ٻين پاڻي واري جيوت جي پرورش نٿا ڪن پر اهي خوبصورت پکين ۽ ماکيءَ جي مکين جا به پناهه گاهه آهن. آس پاس جي زمين کي آڪسيجن فراهم ڪن ٿا. فضا ۾ موجود سلفر جي سطح کي به گهٽ ڪن ٿا ۽ زرخيز زمين جي مٽي کي سمنڊ ۾ ڪرڻ کان روڪين ٿا.

ماحوليات جي ماهرن موجب سمنڊ جي وڌندڙ پاڻي Sea Water Intrusion کي زمين ڏانهن اچڻ کان روڪڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 27 ملين ايڪڙ فٽ M.A.F پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏڻ گهرجي. انهيءَ حساب ڪتاب کان گهٽ پاڻي اچڻ جي صورت ۾ تمر جي ٻيلن ۾ کاراڻ جي مقدار وڌڻ ڪري اهو ختم ٿي سگهي ٿو ۽ ختم ٿي رهيو آهي. انهيءَ جي حفاظت لاءِ اڄ به ڪو قدم نه کنيو ويو ته اهو خزانو وڃائي ويهنداسين. انهيءَ سان جيڪو نه ڀرجڻ جوڳو نقصان سنڌ جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن کي پهچندو ان جو ازالو شايد ڪڏهن به نه ٿي سگهي. هڪ جاپاني چوڻي آهي ته، ”زمين تي وڻ نه رهندو ته سمنڊ ۾ ڪا به مڇي نه رهندي.“

ماحولياتي مسئلن جي شڪار لاءِ ڪراچي کي وڌ ۾ وڌ تمر جي وڻن جي ضرورت آهي. هي عام وڻن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آڪسيجن فراهم ڪن ٿا. ماهر انهن کي ڪراچي جا ڦڦڙ به چون ٿا. ڪراچي ماحولياتي گدلاڻ کانسواءِ تمر جي ختم ٿيڻ جو وڏو سبب سمنڊ مان زمين حاصل ڪرڻ جو جنون به آهي. سمنڊ جون کاريون Creeks فطري ماحولياتي نظام جو حصو آهن. ڪراچي م چينا ڪريڪ کي ته انگريزن به هٿ نه لاٿو. پر اسان هن سان ڇا ڪيو هڪ پاسي مائي ڪلاچي باءِ پاس ٺاهي، هتي موجود تمر جي وڻن کي ختم ڪيو ۽ هاڻي هن جو منهن بند ڪري هن ڪريڪ کي رهائشي اسڪيمن جي استعمال جي تياري ڪئي پئي وڃي. چينا ڪريڪ مائي ڪلاچي بائي پاس کان بوٽ بيسن تائين ڦهليل آهي. جنهن جي مالڪيءَ جو حق K.P.T وٽ آهي، جتي هو رهائشي منصوبي بندي ۾ مصروف آهن. انهيءَ عمل سان بچيل تمر جو وڻ به ختم ٿي ويندو. ڪراچي بندرگاهه جي Desilting جو قدرتي عمل به متاثر ٿيندو. چينا ڪريڪ جي منهن بند ڪرڻ سان اهو عمل پهرئين متاثر ٿي ويو آهي. سمنڊ جو واڌو پاڻي هن ڪريڪ ۾ اچي ٿو، جنهن جي هجڻ ڪري Silt به آڻيندو آهي ۽ بندرگاهه جي صفائي به ٿيندي هئي. اها قدرتي Desilting جو عمل صدين کان جاري آهي پر هاڻي هن ڪري ڪراچي جي پهرئين ناظم نعمت الله خان هتي ڪجهه حصي تي پارڪ ٺاهي بلڊرز مافيا جي قبضي کان ڪجهه علائقو بچايو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org