ڄام صادق جي وفات کانپوءِ سيد مظفر حسين شاهه کي
سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو ويو. ان دوران ايم ڪيو ايم
هر سنڌ دشمن عمل ۾ پنجاب سان گڏ هو. جنهن جي ڪري
ايم ڪيو ايم جي جمهوريت پسندي ۽ اصول پرستي جو پول
کلي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته پي پي پي سان معاهدي کي ختم
ڪرڻ کانپوءِ هن سان جيڪو خوني جهيڙو شروع ٿيو جنهن
بعد ۾ سنڌي مهاجر جهيڙي جو رخ اختيار ڪيو ۽ خود
ان جي اندروني جهيڙي جي نتيجي ۾ حڪومت ۾ رهڻ ايم
ڪيو ايم جي مجبوري هئي. جنهن جي ڪري آءِ جي آءِ ۽
ايم ڪيو ايم جو غير فطري اتحاد مفادن جي بنياد تي
جاري رهيو. ايم ڪيو ايم وزارت جا مزا ماڻيندي رهي.
مرڪز ۾ اڪثريت هوندي، هتي ايم ڪيو ايم جي ضرورت
نواز شريف کي نه هئي. سنڌ ۾ به پي پي پي جي موقعي
پرست ميمبرن ڪري به هاڻي ايم ڪيو ايم جي ضرورت نه
هئي.
جون 1991ع ۾ ماڊل ڪالوني ايم ڪيو ايم جي ٻنهي ڌڙن
وچ ۾ هٿياربند جهڙپ ٿي ته ڳجهي ادارن جي اهلڪارن
آءِ ايس آءِ جي ڪمانڊو سادن ڪپڙن ۾ انهيءَ جهيڙي
جي وڊيو فلم پئي ٺاهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن
انهن کي پڪڙي ورتو. انهن پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي پر
پوءِ انهن تي تشدد ڪيو ويو.
ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم کي نواز حڪومت مان ڪو فائدو
نه پئي ٿيو ۽ هن ايجنسين تي ڇوهه ڇنڊڻ شروع ڪيا.
جڏهن ملڪ جي اصلي مالڪن ڏٺو ته ايم ڪيو ايم جو قد
وڌي رهيو آهي ۽ جن بوتل مان نڪري آقا کي اکيون
ڏيکاري رهيو آهي ته هن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو
ويو.
19
جون 1992ع ۾ سنڌ ۾ آپريشن ڪلين اپ شروع ڪيو ويو.
اها آپريشن فوج جي نگراني ۾ شروع ٿي جيڪا سنڌ ۾
ڌاڙيلن خلاف هئي انهيءَ دوران ٽنڊي بهاول وارو
واقعو پيش ٿيو. سنڌي پريس هن واقعي جي اصليت کي
ظاهر ڪيو.
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي. ايم ڪيو
ايم جي اندر ٺهندڙ مخالف ڌر کي اڳتي آندو ويو. فوج
۽ پوليس سان گڏ ايم ڪيو ايم جي تمام يونٽن کي خالي
ڪري اهي مخالفن جي حوالي ڪيا ويا ۽ ائين مهاجر
قومي موومينٽ (حقيقي) وجود ۾ آئي. پهريون ڀيرو
ماڻهن ڏٺو ته لالو کيت ۽ لانڍي ۾ الطاف حسين جي
تصويرن کي جوتن جا هار پارايا ويا. ڪراچي ۽
حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جو غلبو ختم ڪيو ويو. سنڌ
جا بلدياتي ادارا ختم ڪري هتي ايڊمنسٽريٽر مقرر
ڪيا ويا. ايم ڪيو ايم ٽن ڌڙن ۾ ورهائجي ويئي.
الطاف حسين گروپ، عظيم طارق گروپ ۽ حقيقي گروپ،
پهرئين مئي 1993ع تي عظيم طارق کي قتل ڪيو ويو.
ائين اهو دڙو ختم ٿي ويو. ننڍن چونڊن ۾ الطاف حسين
جي ڌڙي بائيڪاٽ ڪيو ته حقيقي به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو
۽ الطاف جو ووٽ بئنڪ برقرار رهيو. حقيقي 15
اميدوار بيهاريا ڪاميابي فقط ڇهن کي ملي. انهن جي
ڪامياب اميدوار فقط 16 کان 500 ووٽ کڻي ڪاميابي
حاصل ڪئي.
18
جولاءِ 1993ع ۾ ميان نواز شريف کي فارغ ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليون ختم ڪيون ويون.
سنڌ ۾ 20 جولاءِ 1993ع حڪيم محمد سعيد گورنر ۽ علي
مدد شاهه کي نگران وڏو وزير مقرر ڪيو. آڪٽوبر
1993ع ۾ ٻيهر چونڊون ٿيون. ايم ڪيو ايم چونڊن جو
بائيڪاٽ ڪيو. ڪاغذات نامزدگي جي جمع ڪرائڻ کانپوءِ
اهو اعلان ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي چونڊن ۾ ايم
ڪيو ايم حصو نه ورتو، پر ٻن ڏينهن کانپوءِ ٿيندڙ
صوبائي چونڊن ۽ اچانڪ حصي وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽
سنڌ مان 27 صوبائي اسيمبلي جون سيٽون حاصل ڪيون
ڪراچي صوبائي اسيمبلي جي 28 سيٽن مان ايم ڪيو ايم
22 سيٽون، پي پي پي پنج سيٽون حاصل ڪيون. هڪ تڪ
تان آزاد اميدوار جي قتل سبب چونڊون ملتوي ٿيون.
مرڪز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي 89 سيٽون، مسلم ليگ 73
سيٽون حاصل ڪيون. انهن چونڊن جي نتيجي ۾ محترمه
بينظير ڀٽو ٻيهر پاڪستان جي وزيراعظم ٿي. سنڌ ۾
سيد عبدالله شاهه 21 آڪٽوبر 1993ع تي سنڌ جي وڏي
وزير جو حلف کنيو. 19 آڪٽوبر 1993ع تي غوث بخش مهر
اسپيڪر جو عهدو سنڀاليو. 6 نومبر 1996ع تي پاڪستان
پيپلز پارٽي جي پنهنجي چونڊيل صدر سردار فاروق
احمد لغاري پي پي پي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾
متاز ڀٽي کي نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو ۽ مرڪز ۾
بلغ شير مزاري کي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو.
اهو پورو دور ڪراچي ايم ڪيو ايم جي هڙتالن جي زد ۾
رهي. عبدالله شاهه ۽ نصيرالله بابر پاڪستان جي
گهرو کاتي جو وزير، ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن خلاف
ڪارروائي جاري رکي. کجي گرائونڊ سميت نوگو ايريا
ختم ڪيا ويا. ايم ڪيو ايم پاران قائم اذيت گهرن کي
ختم ڪيو ويو.. انهيءَ دوران ايڪسٽرا جوڊيشنل ڪلنگ
جو بازار به گرم رهيو. ايم ڪيو ايم جي دعوايٰ آهي
ته هن جا 2800 ڪارڪن اڃا تائين گم ڪيا ويا آهن.
ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن هن آپريشن جي نتيجي ۾ زير
زمين ٿي ويا. گهڻن ڪارڪن پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پناهه
ورتي. بلوچستان ۾ نواب اڪبر بگٽي انهن کي ڊيره
بگٽي ۾ پناهه ڏني. ڪراچي ۾ انساني حقن جي تنظيمن
ايڪسٽرا جوڊيشنل ڪلنگ خلاف مظاهرا ڪيا.
ميان نواز شريف آگسٽ 1994ع ۾ لانگ مارچ شروع ڪيو.
سيپٽمبر ۾ ٽرين مارچ وسيلي هو ڪراچي پهتو ۽ ڪراچي
کي پنهنجو سياسي مرڪز بنايو. هن جي تحريڪ جو وڏو
اشو اهو هو ته سنڌ ۾ ٿيندڙ آدمشماري ختم ڪئي وڃي.
ڇاڪاڻ ته پهريون ڀيرو سنڌي ماڻهن ۾ دانشورن،
اديبن، سياسي پارٽين ۽ سنڌي پريس اهو شعور ڏنو ته
ڳڻپ ۾ ڀرپور حصو ورتو وڃي. سڀني سنڌين ان ۾ منظم
انداز سان حصو ورتو جيڪا ڳالهه پنجاب کي پسند نه
آئي. هن آدمشماري ۾ سنڌ جا صحيح انگ اکر سامهون
آيا ۽ ايم ڪيو ايم جيڪا دعويٰ ڪندي آئي ته مهاجر
سنڌ ۾ 40 سيڪڙو کان مٿي آهن اها پت وائکي ٿي. اڳتي
هلي جڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ڪئي ويئي ته
آدمشماري کي به رد ڪري 1998ع ۾ فوجي نگراني ۾
آدمشماري ڪرائي پنهنجي مطلب جا انگ اکر حاصل ڪيا
ويا.
پنج فيبروري 1995ع تي ڪشمير ڏينهن تي ايم ڪيو ايم
ڪراچيءَ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو جنهن ۾ 25 ماڻهو مارجي
ويا. 1993ع کان 1996ع تي ايم ڪيو ايم پاران هر
هفتي اوسطا ٽن هڙتالن جو سڏ ڏنو ويو جيڪي سڀئي پر
تشدد هيون.
21
سيپٽمبر 1996ع تي ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو هڪ
اهڙو ڏک ويندڙ واقعو ٿئي ٿو جيڪو بينظير جي حڪومت
جي ختم ڪرڻ جو سبب بڻيو. سنڌ ۽ مرڪز ۾ پيپلز پارٽي
جي حڪومت هوندي به انهيءَ ڏينهن 70 ڪلفٽن جي
سامهون بينظير ڀٽو جي ڀاءُ شهيد ذوالفقار ڀٽي جي
وڏي پٽ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر مير مرتضيٰ ڀٽو کي
پنجن ساٿين سميت پوليس مقابلي ۾ شهيد ڪيو ويو.
جنهن واقعي ڀٽي کان پوءِ پوري سنڌ کي ڏکارو ڪري
ڇڏيو. نصرت ڀٽو اهو ڏک برداشت نه ڪري ڪوما ۾ هلي
وئي. ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ جهڙا ۽ مظاهرا ٿين ٿا.
ڪراچي ۾ انهن جو مرڪز لياري هو. بينظير ڀٽو شديد
تنقيد جو نشانو بڻجي ٿي نيٺ صدر فاروق لغاري 6
نومبر 1993ع تي قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙي
ڇڏيون. سنڌ ۾ قوم پرست اڳواڻ ممتاز ڀٽو کي نگران
مقرر ڪيو ويو.
1997ع جي چونڊن ۾ مرڪز ۾ پ پ پ کي فقط 18 مسلم ليگ
نواز ليگ وڏي اڪثريت سان 137 سيٽون حاصل ڪيون. ايم
ڪيو ايم 12 سيٽون حاصل ڪيون. سنڌ ۾ هڪ ڀيرو وري
ڄام صادق جو دور ورجايو ويو. مسلم ليگ جا سڀئي
ڌڙا، ايم ڪيو ايم ۽ پ پ پ جي باغين ميمبرن تي ٻڌل
حڪوت ٺاهي وئي، لياقت جتوئي جنهن کي سنڌ جي قوم
پرستن جي حمايت حاصل هئي سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو
ويو. اسپيڪر ايم ڪيو ايم جو نواب مرزا چونڊيو ويو.
سنڌ قومي اتحاد جو هڪ ميمبر جلال محمود شاهه
(سائين جي ايم سيد جو پوٽو) ڪامياب ٿيو. جنهن کي
ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو. هن دور ۾ سنڌ جا نالي
وارا قوم پرست اڳواڻ ۽ ڪجهه اديب مسلم ليگ نواز ۾
شامل ٿيا. نواز شريف ڪالا باغ ڊيم اڏڻ جو اعلان
ڪيو ته پوري سنڌ ۾ مظاهرا ۽ هڙتالون ٿيون.
قومپرستن سان گڏ پ پ پ به ڀرپور احتجاج ڪيو. ڪراچي
۾ ڊيمن خلاف ريلين، ڪانفرنس ۽ ورڪشاپن جو بندوبست
ڪيو ويو. ڪراچي پريس ڪلب بک هڙتالن ۽ مظاهرن جو
مرڪز رهيو.
اسيمبلي ۾ ويٺل قوم پرست خاموش رهيا. سنڌ اسيمبلي
۾ ڊيم خلاف ٻيو ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو. ايم آر ڊي
تحريڪ کان پوءِ ڪالا باغ ڊيم خلاف پوري سنڌ اٿي هڪ
ٿي. نواز شريف کي مجبورن اهو فيصلو واپس وٺڻو پيو.
ڊاڪٽر قادر مگسي جي پارٽي سنڌ ترقي پسند ڪالا باغ
ڊيم ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن خلاف سکر کان لانگ مارچ جو
اعلان ڪيو ته ڊاڪٽر قادر مگسي تي نبيله شاهه جي
قتل ڪيس لڳائي هن کي روپوشيءَ تي مجبور ڪيو ويو ته
ڊاڪٽر دودي مهيري جي اڳواڻي ۾ پيادل لانگ مارچ سکر
کان روانو ٿيو. هر هنڌ لانگ مارچ جو زبردست آڌر
ڀاءُ ڪيو ويو. ڪراچي پهچڻ تي آخري ڏينهن نرسري کان
گورنر هائوس ڏانهن اهو لانگ مارچ ڊاڪٽر قادر مگسي
جي اڳواڻيءَ ۾ هزارين ماڻهن سان گڏ روانو ٿيو. ڊرگ
روڊ جو هڪ پاسو بند ڪيو ويو هو. لانگ مارچ کي
گورنر هائوس ڏانهن وڃڻ کان روڪيو ويو ته پريس ڪلب
وٽ چوراهي تي جلسو ڪيو ويو. هن کان اڳ ڄام صادق جي
دور ۾ به ٻه لانگ مارچ مشهور ٿيا جن سنڌي ماڻهن کي
سياسي شعور ڏنو. 6 مارچ 1991ع تي رسول بخش پليجي
جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ، پاڻي جي
مسئلي ۽ سنڌ جي ٻين ٻرندڙ مسئلن تي سکر کان لانگ
مارچ شروع ڪيو. جنهن سنڌ ۾ پهرئين لانگ مارچ جو
اعزاز حاصل ڪيو. ڪراچي پهچڻ تي گهگهر وٽ ڪراچي
واسين لانگ مارچ جو زبردست آڌر ڀاءُ ڪيو. پريس ڪلب
تائين پهچڻ ۾ هن کي ٻه ڏينهن لڳا. اهي ٻئي ڏينهن
ڪراچي واسين لانگ مارچ جو زبردست آڌر ڀاءُ ڪيو.
اهي ٻئي ڏينهن ڪراچي شهر هزارين سنڌين ۽ سنڌياڻين
جي نعرن سان گونجي اٿيو. قافلي کي هر هنڌ ڀليڪار
چيو ويو.
10
مارچ جيڪو انساني حقن جو عالمي ڏينهن آهي. ڄام
ساقي انهيءَ تاريخ 10 مارچ 1991ع تي پنهنجي ساٿين
سان سنڌ پنجاب دنگ ڪمون شهيد کان ڪراچي تائين
پيادل مارچ شروع ڪيو. ڄام ساقي سان هڪ ريڙهي تي
قرآن شريف، بائبل، گيتا، انجيل، ڀٽائي جو رسالو
رکيل هئا. ريڙهو شروع کان آخر تائين حامد علي عرف
امن چانڊئي ڌڪيو. قافلي ۾ ڄام ساقي سان گڏ عرس
سيلرو، قادر بخش سيلرو، مسرور چانڊيو آخر تائين گڏ
هئا. ڪراچي جي گهگهر ڦاٽڪ کان پو ڪراچي جا سوين
ماڻهو پيادل قافلي ۾ شامل ٿيا. ماڻهن جو اهو قافلو
آخر تائين ڄام سان گڏ هو. مارچ جي پڄاڻي تي کڏي
لياري ۾ جلسو ڪيو ويو.
2001ع ۾ رسول بخش پليجي سکر مان پاڻي جي مسئلي تي
ٻيو لانگ مارچ شروع ڪيو جڏهن ست اپريل 2001ع جي
ڏينهن اهو لانگ مارچ گهگهر ڦاٽڪ وٽ ڪراچي جي حدن ۾
داخل ٿيو ته هن تي پوليس پاران وحشياڻي لٺ بازي
ڪئي وئي. عورتن جو به احترام نه ڪيو ويو. ڪارڪنن
کي گرفتار ڪيو ويو. ٻارن کي به نه بخشيو ويو. پر
پوءِ به جوڌن هن لانگ مارچ کي ڪراچي پريس ڪلب
تائين پهچايو. پليجو به ڪنهن نموني اچي هتي مارچ ۾
شامل ٿيو ۽ پوليس پليجي کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
پر ڪارڪنن پنهنجي ليڊر کي بچائي ورتو.
2005ع ۾ رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ جي عورتن
واري ونگ سنڌياڻي تحريڪ جي نارين ڪالا باغ ڊيم ۽
گريٽر ٿل ڪئنال جي اڏاوت خلاف، ڪراچيءَ ۾ ڳوٺن
ڊاهڻ ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف ٽيون لانگ مارچ سکر کان
شروع ڪيو. هر ڳوٺ، واهڻ ۽ شهر ۾ قافلي جو زبردست
آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. ڪراچي واسي به پويان نه رهيا،
گهگهر ڦاٽڪ ۽ آخري ڏينهن تي بندر روڊ تي هزارين
ماڻهو قافلي ۾ شامل ٿيا. ڪراچي جا روڊ سنڌياڻين جي
نعرن سان گونجي اٿيا.
سنڌي عوام جي قومي اتحاد پاران نڪتل ريلي ڪراچي
پريس ڪلب
پليجي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اهو قافلو پريس ڪلب
پهتو، جتي جلسو ڪيو ويو. انهن سڀني لانگ مارچن
ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين کي نئون حوصلو ڏنو ۽ انهن
هر لانگ مارچ ۾ ڀرپور حصو وٺي پنهنجي سياسي شعور
جو ثبوت ڏنو.
ياد رهي ته 14 اپريل 1988ع تي سنڌي عوام جي قومي
اتحاد پاران قائداعظم جي مزار کان وٺي پريس ڪلب
تائين ريلي ڪڍي جنهن ۾ هزارين سنڌي ماڻهن شرڪت
ڪئي. اها پهرئين ريلي هئي جنهن جي ڪري اوپرائپ جو
احساس ڏياريندڙ شهر ان ڏينهن پنهنجو لڳو. هن ڏينهن
سنڌ واسين منظم انداز ۾ پنهنجي وجود جي اهميت جي
هڪ وڌيڪ ثابتي پيش ڪئي. جلسي کي محمد ابراهيم
جويو، رسول بخش پليجو، حفيظ پيرزادو، امداد
چانڊيو، مير ٿيٻو، سيد عالم شاهه، آڪاش انصاري،
حسين بخش ناريجو، حميده کهڙو، حاڪم علي زرداري،
حسين هارون، قاضي محمد بخش ڌامراه، غلام رسول سهتو
۽ مسعود نوراني خطاب ڪيو.
ڪالا باغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال جي اڏاوت خلاف
بلوچستان تي فوجي آپريشن، ڪراچي جي ڳوٺن کي ڊاهڻ
خلاف، انڊس ڊيلٽا کي تباهي کان بچائڻ، ماهيگيرن جي
مسئلن لاءِ ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪراچي ۾
سڀني قومپرست، جمهوريت پسند پارٽين جن ۾ پونم،
اينٽي ڪالا باغ اينڊ گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽي،
پاڪستان پيپلز پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي
تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ، جسقم، عوامي نيشنل پارٽي،
پشتون خواهه ملي عوامي پارٽي، مسلم ليگ (ن)،
پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو گروپ، ايم ايم اي،
جماعت اسلامي، بلوچستان جي قومپرست پارٽين، سنڌي
ادبي سنگت، سنڌ نيشنل پارٽي، سنڌ نيشنل ڪائونسل،
پاڪستان فشر فوڪ فورم ۽ مورڙو مير بحر تحريڪ ۽
تحريڪ انصاف احتجاجي جلسا، جلوس ۽ ريليون ڪڍيون،
سيمينار ڪيا، آل پارٽي ڪانفرنسون ۽ ورڪشاپ منعقد
ڪيا ويا. ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتالون ڪيون ۽
مختلف سنڌي وسندين ۾ جلسا ڪيا ويا ۽ هڙتالون ڪيون.
اهو سلسلو اڄ به جاري آهي.
اڱارو 10 فيبروري 2004ع تي اينٽي ڪالا باغ ڊيم ۽
ٿل ڪئنال جي پليٽ فارم تان ڪالا باغ ڊيم ڪراچي جي
ڳوٺن جي ڊاهڻ خلاف قائداعظم مزار کان پريس ڪلب
تائين هڪ تاريخي ريلي ڪڍي جنهن جي اڳواڻي نثار
کهڙي، رسول بخش پليجي، ڊاڪٽر قادر مگسي، عبدالحئي
بلوچ، امين خٽڪ، گل محمد جکراڻي، خالد محمود
سومرو، اسدالله ڀٽو، زين انصاري ۽ سليم ضياءَ ڪئي.
ڪالا باغ ڊيم بلوچستان آپريشن ۽ ٻين سنڌ دشمن
مسئلن خلاف نون پارٽين جي اتحاد سان 22 ڊسمبر
2005ع تي قائداعظم جي مزار کان سنڌ هاءِ ڪورٽ
تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. اها ريلي ڪراچي جي
تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ريلي هئي جنهن ۾ سنڌين
کانسواءِ بلوچ ۽ پشتون ليڊرن شرڪت ڪئي.
سنڌ اسيمبلي جي مخالف ڌر جي ميمبرن پاران اسيمبلي
کان ٻاهر ۽ اندر هر فورم تي به مٿين ٻرندڙ مسئلن
خلاف احتجاج ڪيا. ڪراچي ۾ ٿيندڙ انهن سڀني
احتجاجن، بک هڙتالن، سيمينارن، ورڪشاپن ۾ سنڌ جا
ٻريل مسئلا اهم رهيا. سڀ کان وڌيڪ احتجاج،
هڙتالون، ريليون، ورڪشاپ ۽ سيمينار ڪالا باغ ڊيم ۽
گريٽر ڪئنال جي اڏاوت خلاف، بلوچستان جي فوج ڪشي
خلاف، سنڌي ڳوٺن جي ڊاهڻ خلاف، ڪراچي جي زمينن کي
ڦٻائڻ، سنڌ جي ورهاڱي ۽ ماهيگيرن جي مسئلن تي
منعقد ٿيا. انهن احتجاجن ۽ ريلين ۾ سنڌين کانسواءِ
بلوچ ۽ پشتون قومپرست اڳواڻن ۽ عوام ڀرپور شرڪت
ڪئي. ايتري تائين جو متحده مجلس عمل، تحريڪ انصاف،
جماعت اسلامي ۽ مسلم ليگ (ن) به انهن احتجاجن ۾
شريڪ رهيون. سنڌي پريس هن موقعي تي پنهنجو ڪردار
ذميداري سان ادا ڪيو. جنهن تي حڪمرانن مجبور ٿي
ڪجهه وقت لاءِ ڊيم جي اڏاوت کي پاسيرو ڪيو.
سنڌين جي حقن جي چيمپئن چوائيندڙ جماعت مهاجر قومي
موومينٽ جنهن جولاءِ 1998ع تي پنهنجو نالو مٽائي
متحده قومي موومينٽ رکيو. پاران ڪو به احتجاج، ڪا
به ريلي يا سيمينار به منعقد نه ڪيو ويو سواءِ جون
2001ع تي جسقم پاران ٿيندڙ هڙتال جي انهن حمايت
ڪئي. ڇاڪاڻ ته جسقم ۽ متحده قومي موومينٽ جو اتحاد
هو. اها هڙتال ڪراچيءَ ۾ ڪامياب رهي. سنڌ اسيمبلي
۾ شائسته عالماڻي جي مسئلي تي حڪومت ڇڏڻ جي ڌمڪي
ڏيندڙ متحده اسيمبلي ۾ ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت خلاف
خاموش رهي ۽ انهن جي هڪ ميمبر محمد حسين جيڪو
ڪراچي جي ٻهراڙيءَ جي ووٽن تان ڪامياب ٿيو آهي،
متحده پاران ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ۾ هڪ ٺهراءُ
پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته متحده جي مخالفت جي ڪري
اسپيڪر اهو ٺهراءَ پيش ڪرڻ نه ڏنو.
جون ۽ جولاءِ 1995ع ۾ ڪراچي ۾ جهيڙن ۾ 383 ماڻهو
مارجي ويا. اهو دور ايم ڪيو ايم پاران هڙتالن ۽
هنگامن جو دور رهيو، چيچريل لاشن جا فوٽو شايع ڪرڻ
تي حڪومت شام جي ڇهن اخبارن تي پابندي هڻي ڇڏي.
انهن هنگامن تي تبصرو ڪندي لکيو ته ”پوليس ۽ پيرا
ملٽري فورسز ڪراچيءَ جي هنگامن تي قابو نه آڻي
سگهي آهي ۽ اهڙن حالتن ۾ ڪراچي جا صنعتي ۽ واپاري
ادارا لاهور ۽ فيصل آباد منتقل ٿيڻ تي مجبور ٿي
رهيا آهن.“ صرف ٽن ڏينهن ۾ هڙتال ۾ ڪراچي ۾ 8 ارب
رپين جو نقصان ٿيو. جڏهن ته ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج
۾ صرف هڪ ڏينهن جي هڙتال ۾ 5 ارب رپين جو نقصان
ٿيو. اڄ جڏهن ته ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ آهي ته
هڙتالن ۽ هنگامن ۾ آهي ۽ انهن جو موقف آهي هنگامن
۽ هڙتال ڪري ڪراچي کي نقصان ٿي رهيو آهي ۽ ڪراچي
جو امن تباهه ٿي رهيو آهي. ڪراچي کي ڪيترو نقصان
پهچايو ۽ هن جي وجود کي ڪيترا گهاءُ ڏنا.
آگسٽ 1998ع ۾ ملير ۾ هنگاما شروع ٿيا جنهن ۾ ڊي
ايس پي سميت 10 ماڻهو مارجي ويا. اهي جهيڙا متحده
۽ حقيقي جي وچ ۾ ٿيا هئا.
نومبر 1998ع ڪراچي ۾ ٻن عالمن سميت چار آمريڪي قتل
ٿيا. 11 سيپٽمبر 1998ع تي گڏيل مخالف ڌر ڪراچي ۾
جلسي جو اعلان ڪيو. حڪومت جلسي جي اجازت نه ڏني.
جنهن تي ڪراچي ۾ وڏي پئماني تي جهيڙا شروع ٿيا.
12
آڪٽوبر 1999ع ۾ نواز شريف جي جمهوري حڪومت کي هڪ
ڀيرو ٻيهر بنا ڪنهن سبب ڄاڻڻ جي ختم ڪيو ويو. قومي
۽ صوبائي اسيمبليون ختم ڪيون ويون ۽ آئين کي معطل
ڪري ملڪ کي ايل ايف او تحت هلائڻ جو اعلان ڪيو
ويو. فوج جي چيف آرمي اسٽاف جنرل پرويز مشرف جنهن
کي هڪ ڏينهن اڳ نواز شريف هٽايو هو. ملڪ جون واڳون
سنڀاليون ۽ پرويز مشرف پاڻ کي چيف ايگزيڪيوٽو مقرر
ڪيو.
18
مئي 2000ع ۾ ڪراچي م مشهور عالم دين، محقق، مجلس
ختم نبوت جي مرڪزي نائب امير مولانا محمد يوسف
لڌيانوي کي شهيد ڪيو ويو ته ڪراچي ٻيهر هنگامن جي
ور چڙهي وئي. مذهبي جماعت مولانا جي قتل جو الزام
متحده قومي موومينٽ تي هنيو. نواز شريف تي جنرل
پرويز مشرف جي جهاز کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش جو الزام
هڻي ڪيس هلايو ويو. ڪورٽ هن کي عمر قيد جي سزا ڏني
پر هڪ معاهدي تحت نواز شريف پنهنجي خاندان سميت 10
ڊسمبر 2000ع تي سعودي عرب ۾ پناهه ورتي. جنهن تي
پوري ملڪ ۾ لاهور ۽ لاڙڪاڻي جي فرق جو موضوع زير
بحث رهيو. نواز شريف جا گهڻا ساٿي نواز شريف کي
ڇڏي جنرل پرويز مشرف سان مليا. نواز ليگ کانسواءِ
سڀني پارٽين فوجي حڪومت کي ڀليڪار چيو. پرويز مشرف
ملڪ ۾ نئين بلدياتي نظام کي متعارف ڪرايو. جنهن
تحت پوري ملڪ ۾ سواءِ ڪئنٽونمينٽ علائقن جي 2001ع
۾ بلدياتي چونڊون ڪرايون ويون. ڪراچي جي ملير سميت
سڀني ضلعن کي ختم ڪري هڪ ڪروڙ 30 لکن جي آبادي جو
هڪ ضلعو ڪراچي بنايو ويو. بلدياتي چونڊن جو ايم
ڪيو ايم بائيڪاٽ ڪيو. سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي
جي حمايت وارا ناظم ڪامياب ٿيا. ڪراچي جي 18
ٽائونن مان پنج پيپلز پارٽي ۽ ٻن تي پيپلز پارٽي ۽
عوامي نيشنل پارٽي جي اتحاد سان ناظم ڪامياب ٿيا.
باقي تمام ٽائونن ۽ ضلعي ڪراچي جي ناظمي جماعت
اسلامي کي ملي، مسلم ليگ (ق) جيڪا سرڪار پاران
ٺاهيل هئي. پنجاب ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ڪراچي ۾
مسلم ليگ (ق) ۽ جماعت اسلامي اتحاد ڪيو.
ڪراچي ۾ 8 مئي 2002ع ۾ هڪ خودڪش حملي ۾ 11
فرانسيسي انجنيئر سميت 16 ماڻهو مارجي ويا. پرويز
مشرف باوردي صدر ٿيڻ لاءِ ملڪ ۾ جڏهن ريفرنڊم جو
رستو هموار ڪرڻ لاءِ ڪراچي پهتو ته جلسي واري ئي
ڏينهن تي ايم ڪيو ايم جلسي ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو،
پوءِ ڪراچي جي ماڻهن ڏٺو ته ڪراچي ۾ قائداعظم جي
مزار تي جلسي ۾ هر پاسي فقط ايم ڪيو ايم جو اثر
هو. سئو سيڪڙو ماڻهن پرويز مشرف کي ريفرينڊم ۾ ووٽ
ڏيئي وردي سان صدر منتخب ڪرڻ ۾ ڀرپور حصو ورتو.
ڪٿي ڪٿي اهو سيڪڙو سئو کان مٿي هو ۽ ائين فوجي
حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم ويجهو اچن ٿا. هن کان اڳ ايم
ڪيو ايم ۽ هن جو قائد مسلسل اهو بيان ڏيندو رهيو
ته پاڪستان جون ايجنسون ۽ اسٽبلشمينٽ ايم ڪيو ايم
جي خلاف آهي ۽ انهن خلاف سخت بيانن جو سلسلو شروع
ڪيو ويو هو. ريفرنڊم ۾ حصو وٺڻ کان پوءِ اهو سلسلو
بند ٿي ويو.
جنرل پرويز مشرف پاران آڪٽوبر 2002ع صوبائي ۽ قومي
اسيمبلي جون چونڊون ڪرايون ويون ۽ اميدوارن لاءِ
اهو شرط لڳايو ويو ته اهي گريجوئٽس هجن. سنڌ ۾
پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون. مرڪز ۽
پنجاب ۾ مسلم ليگ (ق) وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون. جنرل
پرويز مشرف جي مڪمل حمايت جي باوجود سنڌ،
بلوچستان، سرحد ۽ مرڪز ۾ مسلم ليگ (ق) واضح اڪثريت
حاصل نه ڪئي. تنهنڪري بلوچستان ۽ مرڪز ۾ ايم ايم
اي (متحده مجلس عمل) ۽ مرڪز ۾ ايم ڪيو ايم جي
سهڪار کانسواءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نيب زدن کي
ٽوڙي پيٽرياٽ گروپ ٺاهي مرڪز، سنڌ ۽ بلوچستان ۾
حڪومتون ٺاهيون ويون. سنڌ ۾ اڪثريت هوندي به پ پ پ
کي حڪومت ٺاهڻ کان ڏور رکيو ويو.
متحده قومي موومينٽ جي ڪارڪن ڊاڪٽر عشرت العباد
جنهن تي حڪيم محمد سعيد جي قتل سميت گهڻا ڪيس داخل
هئا. جيڪو لنڊن ۾ روپوش هو. هن کي گهرائي سنڌ جو
گورنر بنايو ويو. ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ اڌ کان
وڌيڪ اهم وزارتون ڏنيون ويون. مرڪز ۾ ٽي وزارتون
ڏنيون ويون. ايم ڪيو ايم جي گهڻن خطرناڪ ڏوهن ۾
گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي جون
سيٽون وڌائي 168 ڪيون ويون جنهن مان 130 ميمبر سڌي
چونڊ وسيلي چونڊيا ويا. گهوٽڪي جي سردار علي محمد
مهر کي سنڌ جو وڏو وزير نامزد ڪيو ويو. صوبائي
اسيمبلي ۾ حڪمران ڌر جي اندروني اختلافن ڪري علي
محمد استعفيٰ ڏيڻ تي مجبور ٿيو ته سنڌ جي پٺتي پيل
علائقي ٿر جي رهواسي ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم کي وڏو
وزير چونڊيو ويو.
مظفر حسين شاهه کي اسپيڪر ۽ فيصل آباد پنجاب جي
رهواسڻ راحيله ٽوانا کي ڊپٽي اسپيڪر نامزد ڪيو
ويو.
تبت سينٽر بندر روڊ تي متحده قومي موومينٽ جو جلسو
اسيمبلي جي ايوان ۾ پاڻي جي ورهاست جو مسئلو
مٿانهون رهيو. هر اجلاس ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪالا
باغ ڊيم ۽ پاڻي جي ورهاست تي ڳالهه ٿيندي رهي.
اپوزيشن ليڊر نثار احمد کهڙو مضبوط اپوزيشن ڪري
حڪومت کي هر موقعي تي ٽف ٽائيم ڏنو.
مئي 2004ع تي ننڍي چونڊن ۾ ڪراچي ۾ حڪومتي مداخلت
۽ پولنگ اسٽيشن کي يرغمال بنايو ويو. ايم ڪيو ايم
پوري حڪومتي طاقت سان چونڊن جي نتيجن کي پنهنجي حق
۾ بدلائڻ ۾ ڪامياب وئي انهن چونڊن دوران متحده
مجلس عمل جا 16 ڪارڪن، متحده قومي موومينٽ جا پنج
ماڻهو مارجي ويا. ملير ۾ پي. ايس 127 جيڪا سيٽ
عبدالله مراد بلوچ جي شهادت ڪري خالي ٿي پاڪستان
پيپلز پارٽي جو عمر جت شروع وارن ڳڻپ ۾ ڪامياب
ٿيو. ٻن ڏينهن کانپوءِ سرڪاري نتيجن ۾ هن سيٽ تان
ايم ڪيو ايم جي اميدوار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.
انهن ڌانڌلين خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ متحده
مجلس عمل هڙتال جو سڏ ڏنو. مظاهرا ڪيا ويا. اليڪشن
ڪميشن چونڊن جي نتيجي کي روڪي ڇڏيو. ايم ڪيو ايم
عدالت جو سهارو ورتو جنهن انهن چونڊن کي درست قرار
ڏنو.
پارلياماني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن اسيمبلي فوجي
جنرل جي وردي جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو. هي ٺهراءُ
ماضي ۾ فوج جي مخالفت ڪندڙ متحده قومي موومينٽ جي
ميمبر محمد حسين 22 سيپٽمبر 2004ع تي پيش ڪيو.
جنهن ۾ هن ٺهراءُ جي حق ۾ 92 ميمبرن باوردي صدر جي
حمايت ڪئي. اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو جيڪو ڪيترا
ڏينهن جاري رهيو. سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو
اپوزيشن جي ميمبرن اسپيڪر جي رويي خلاف اسيمبلي جي
پارڪ ۾ اسيمبلي لڳائي جنهن جو اسپيڪر ڊاڪٽر سڪندر
بڻيو. هن پارڪ ۾ پوري طرح اسيمبلي کي آئين مطابق
هلايو ويو. سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وڏي
وزير پنهنجي ڪابينا جي ميمبر تي ڪرپشن جا الزام
هڻي هٽايو. ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم پنهنجي ڪابينا
جي روينيو جي وزير امتياز شيخ تي ڪرپشن جا الزام
هڻي هٽايو. امتياز شيخ جيڪو وڏي وزير جو اهم
اميدوار هو. ائين ارباب رحيم هن کي منظر تان غائب
ڪيو.
30
مئي 2004ع تي ڪراچي ۾ ممتاز عالم دين مفتي نظام
الدين شامزئي کي شهيد ڪيو ويو. ٽي ڏينهن ڪراچي
هنگامن ۽ هڙتالن جي زد ۾ رهي. عالمن پاران هن قتل
جو الزام به متحده قومي موومينٽ تي لڳايو ويو. ايم
ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن کي تڏي تي اچڻ نه ڏنو
ويو.
10
جون 2004ع تي ڪلفٽن جي پل تي سنڌ جي ڪور ڪمانڊر
جنرل احسان الله جي قافلي تي حملو ڪيو ويو. ست
فوجين ۽ ٽن پوليس وارن سميت يارنهن ماڻهو مارجي
ويا.
آگسٽ 2005ع تي بلدياتي چونڊن پوري سنڌ ۾ سواءِ ٻن
ضلعن نوابشاهه ۽ ڄام شورو ۾ باقي سڀني ضلعن تي
ناظم حڪمران اتحاد جا حمايت وارا ڪامياب ٿيا آهن.
ڪراچي ۾ ضلعي تي ۽ 18 ٽائونن مان 14 ٽائون تي ايم
ڪيو ايم جي حمايت وارا ناظم ڪامياب ٿيا. انهن
بلدياتي چونڊن ۾ رپورٽن مطابق زبردست ڌانڌلي ڪئي
ويئي. ڇاڪاڻ ته پوري صوبي سنڌ ۾ حڪمران ڪرسين تي
هجن ۽ انهن جا اميدوار ناڪام ٿين اها ڳالهه هو
ڪيئن برداشت ڪندا. سنڌ حڪومت کانپوءِ ڪراچي ۽
حيدرآباد کي مڪمل طور تي ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪيو
ويو. چونڊن کان اڳ حيدرآباد کي ايم ڪيو ايم جي
حوالي ڪرڻ لاءِ ضلعي کي چئن ضلعن ۾ ورهايو. ٻهراڙي
جا سڀئي علائقا حيدرآباد کان ڇني ٽنڊو محمد خان،
ٽنڊو الهيار ۽ مٽياري ضلعا ٺاهيا ويا. اهڙي ٻهاري
ڏياري ويئي جنهن ۾ پي پي جو ته اڱڻ ئي ٻهارجي ويو.
ايتري شفاف اليڪشن ٿي آهي ۽ سڀني سڀڪجهه هن جي آر
پار پئي ڏٺو. اميدوارن، ووٽرن ۽ ميڊيا سميت سڄي
خلق خدا جي دانهون ڪيون. ميڊيا، ٽي وي چينلز ثبوت
پيش ڪيا پر جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو. اهڙي طرح جنرل
پرويز مشرف جا روشن خيال ڪامياب ٿيا. جيڪي ڪجهه
گهڻو ئي روشن خيال ثابت ٿي رهيا آهن. جيڪي حڪومت
سان هر حال ۾ گڏ آهن. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پوليس
کي مڪمل طور انهن چونڊن ۾ استعمال ڪيو ڇاڪاڻ ته
سنڌ جي گهرو معاملن واري وزارت ايم ڪيو ايم جي
حوالي آهي. انهن چونڊن کي کٽڻ لاءِ ايم ڪيو ايم
ڪراچي ۾ تمام طريقا استعمال ڪيا. پولنگ اسٽيشن
پنهنجي مرضي سان رکيا ويا. پنهنجي پسند جي آفيسرن
کي پرزائيڊنگ ۽ ريٽرنگ آفيسر مقرر ڪيو. ڌانڌلي جا
سڀئي ريڪارڊ ٽوڙيا ويا. جنهن کانپوءِ انهن پنهنجي
پلان تي ڪم شروع ڪيو آهي. ڪراچي جون خالي زمينون
جيڪي فقط ٻهراڙي ۾ موجود آهن انهن کي شهري ضلعي
حڪومت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ حڪومت کان الڳ ٿيڻ جي ايم
ڪيو ايم جي ڌمڪي کانپوءِ پرويز مشرف وٽ فيصلو ٿيو
۽ پوءِ اسڪيم 33 ۽ تائيسر ٽائون جي الاٽ منٽ ڪراچي
شهري حڪومت جي حوالي آهي. هن کانسواءِ ايم ڪيو ايم
وڌيڪ 12 هزار ايڪڙ زمين جي گهر شروع ڪئي آهي. ملير
جون سڀئي زمينون جيڪي مقامي ماڻهن جون آهن هتي اهي
زمينون ايجوڪيشن سٽي، هيلٿ سٽي، ڊفينس هائوسنگ
اٿارٽي سميت مختلف رهائشي اسڪيمن جي نالي حاصل
ڪيون ويون آهن. ڪراچي جون حدون وڌائي حيدرآباد
تائين ڪرڻ جي سازش شروع ٿي چڪي آهي جنهن ۾ ڄامشوري
ضلعي جي هڪ ۽ ٺٽي جي ٻن تعلقن کي ڪراچي ۾ شامل ڪيو
پيو وڃي. هڪ پاسي ڪراچي جي پنجن ضلعن کي ختم ڪري
هڪ ضلعو ٺاهيو ويو ۽ وڌيڪ ٽي تعلقا هن ۾ شامل ڪيا
پيا وڃن. حڪومت جي اها منطق سمجهه کان ٻاهر آهي.
اهو فقط ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ڦٻائڻ جي سازش آهي.
جيڪو ايم ڪيو ايم جو پراڻو پلان هو.
آڪٽوبر 2005ع ۾ گورنر پاران 1972ع جي ايڪٽ کي هڪ
پاسي ڪري هڪ آرڊر جاري ڪيو ته يارهين ۽ ٻارهين ۾
غير سنڌي شاگردن لاءِ سنڌي پڙهڻ ضروري نه آهي.
محمد صلاح الدين حڪيم محمد سعيد مرتضيٰ ڀٽو
ڊينئل پرل (صحافي) عبدالله مراد
بلوچ مولانا شامزئي
سنڌ جي سياسي پارٽين، دانشورن ۽ اديبن سخت احتجاج
ڪيو. سنڌي اديبن پاران ڪراچي پريس ڪلب تي مظاهرو
ڪيو ويو. نيٺ وڏي وزير سخت نوٽيس وٺندي واضع ڪيو
ته، ”تعليم کاتي کي گورنر جي چوڻ تي سنڌي ٻولي
ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ جو ڪو اختيار ڪونهي. سنڌ
اسيمبليءَ پاران پاس ڪيل سنڌ ٽيچنگ پروموشن اينڊ
يوز آف سنڌي لينگويج ايڪٽ 1972ع کي ڪوبه ختم نٿو
ڪري سگهي.“ ايم ڪيو ايم پاران ايڪٽ خلاف سخت
مخالفت ڪندي گورنر جي آرڊر کي ختم نه ڪرڻ جي گهر
ڪئي ويئي. گورنر پاران هن آرڊيننس کي جاري ڪرڻ
لاءِ ٻن وزيرن ايم ڪيو ايم جي وزير کي ختم نه ڪرڻ
جي گهر ڪئي ويئي. وزير سردار احمد ۽ سنڌ ۾ قوم
پرستي جي حوالي سان مشهور تعليم جي وزير حميده
کهڙو گورنر هائوس وڃي هُتي ئي هدايتون وٺي
نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو. پر سنڌ جي وڏي وزير بروقت
هن نوٽيفڪيشن کي رد ڪري وقتائتو فيصلو ڪيو.
ايم ڪيو ايم پاران سنڌ اسيمبليءَ مان هڪ ٺهراءُ
پاس ڪيو ته ڪراچي ۾ قائم ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ فقط
ڪراچي سان تعلق رکندڙ ۽ ڪراچي جي ڊوميسائيل وارا
نوڪري ڪري سگهندا. جنهن جو مطلب ته سنڌ مان ايندڙ
بي روزگار نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪرڻ
آهي. هن ٺهراءُ کي حڪمران ڌر جي سنڌي ميمبرن به
ووٽ ڏنو. سنڌ ۾ هڪ پاسي ڏڪار واري صورتحال آهي.
ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ جتي وڏيون صنعتون ۽ ڪمپنيون
آهن ڏڪار جي ڪري سنڌ جي اندروني علائقن مان
بيروزگار نوجوانن لاءِ اهو به رستو بند ڪيو ويو.
بس نه ڪئي ويئي. ڪراچي يونيورسٽي جي سنڊيڪٽ اهو
فيصلو ڪيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ شاگردن
لاءِ اهو لازم هوندو ته هو ڪراچي مان انٽر جو
امتحان پاس ٿيل هجي. جنهن فيصلي سنڌي بلوچستان مان
انٽر ڪندڙ شاگردن جا رستا بند ڪيا ويا. هن فيصلي
کي به ايم ڪيو ايم جي پٺڀرائي حاصل رهي. شاگردن جي
احتجاج جو ڪو کڙتيل نه نڪتو.
اها ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي جو پنهنجو پاڻ کي
”سنڌي“ به سمجهي، سنڌ جي سياسي قيادت جي دعويٰ به
ڪجي پر سنڌ جي اهم قومي ۽ اجتماعي حقن ۽ مسئلن کي
اهميت ۽ فوقيت نه ڏجي ۽ سنڌ دشمن فيصلا ڪري انهن
جي عمل ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪجي. جاگيردارن، وڏيرن،
چوڌرين ۽ ايجنسين خلاف ڳالهائيندڙ قيادت عملي طور
تي رياستي ادارن سان گڏ هجن ۽ انهن سان گڏجي
اقتدار جا مزا به ماڻين. اسٽبلشمينٽ جي خلاف محاذ
آرائي به ٿيندي رهي ته مراعاتون ملڻ کانپوءِ ان
محاذ آرائي ۾ ماٺ به ايندي رهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه
آهي ته لنڊن ۾ رهندي الطاف حسين پنهنجي گرفت به
ايم ڪيو ايم تي مضبوط رکي آهي. پنهنجو ووٽ بئنڪ
هٿيارن جي زور تي به برقرار رکيو ته اقتدار جا
روايتي مزا به ماڻيا آهن. اها به حقيقت آهي ته
متحده ڪڏهن به ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جي ڪنهن به
تحريڪ ۾ شرڪت نه ڪئي. ان ڪري متحده جو تنظيمي توڙي
سياسي ڪردار تڪراري رهيو آهي. متحده جي قيادت نه
ته جمهوري جدوجهد جو حصو بڻجڻ کي ترجيح ڏني، نه ئي
ٻين جمهوريت پسند قوتن جو ساٿ ڏنو.
صدر پرويز مشرف جيڪو به اردو ڳالهائيندڙ آهي، جنرل
پرويز مشرف سڀني حقيقتن کان آگاهه هوندي به ايم
ڪيو ايم تي هٿ رکيو. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ حڪومت قائم
رکڻ انهن جي مجبوري آهي ۽ ايم ڪيو ايم ان مجبوري
جو پورو فائدو ورتو. جتي صدر جنرل پرويز مشرف ايم
ڪيو ايم کي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو. اتي متحده
جي قيادت به اسٽبلشمينٽ خلاف کوليل سمورا محاذ
فوراً بند ڪري ڇڏيا ۽ ائين متحده اسٽبلشمينٽ
رومانس سنڌ لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي. ملڪ جي حقيقي
جمهوري قوتن، قوم پرست قوتن، خاص ڪري پيپلز پارٽي
کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ لساني، نسلي ۽ مذهبي جماعتن جي
آبياري ڪئي ويئي. انهن کي ڇوٽ ڏني ويئي. هن وقت
ايم ڪيو ايم حڪمرانن جي بچاءُ لاءِ فرنٽ لين ۾
بيٺل آهي. ايم ڪيو ايم جي سنڌ جي ڳوٺن ۾ داخل ٿيڻ.
هتي انهن کي مضبوط ڪرڻ ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ وڏو
ڪردار ادا ڪيو. جسقم جو موقف آهي ته هڪ پوائنٽ
ايجنڊا سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ايم ڪيو ايم سان
اتحاد ڪيو هو. ايم ڪيو ايم هن اتحاد مان ڀرپور
فائدو ورتو ۽ ائين هن سنڌ جي ٻهراڙين جو رخ ڪيو
جتي ڏوهارين، مفاد پرستن، حب علي نه پر بغز معاويه
۾ شامل ٿيندڙ سياسي يتيمن، سڻڀن پوسٽن کي حاصل
ڪندڙ ڪرپٽ ڪامورن، ايم ڪيو ايم جي ڇٽي هيٺان پناهه
ورتي ۽ انهن مخبري جو به ڪم ڪيو، اڃا تائين ڪري
رهيا آهن. اهي ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن نه پر ڄڻ
ڪمدار هجن.
نيٺ 3 فيبروري 2006ع تي سنڌي ماڻهن جي احتجاج تي
جسقم ايم ڪيو ايم سان اتحاد ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. جسقم ايستائين
جو کوکرو پار موڻابائو ٽرين سروس جي جيڪا ايم ڪيو
ايم جي ڪري شروع ڪئي ويئي هئي حمايت به ڪئي. گهڻن
سنڌي پارٽين ۽ دانشورن جو موقف اهو هو ته هن سان
سنڌ ۾ هندستان کان ٻيهر پناهه گير داخل ٿيندا ۽
پوءِ اهو سچ ثابت ٿيو.
ايم ڪيو ايم جي قيادت کي ياد رکڻ گهرجي ته فقط
سنڌي ٽوپي پائڻ، اجرڪ اوڍڻ ۽ ڀٽائي جا ٻه شعر پڙهڻ
سان ڪو به سنڌي نٿو ٿي سگهي. متحده کي عملي طور تي
ان جو ثبوت ڏيڻو پوندو. سڀني سنڌ دشمن منصوبن کي
رد ڪري جمهوريت پسند ۽ قومپرست ڌرين جو ساٿ ڏيڻو
پوندو.
ايم ڪيو ايم ت اهي به الزام آهن ته اقتدار ۾ اچڻ
کانپوءِ ايم ڪيو ايم پنهنجي مخالفن کي رستي تان
هٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي. جنهن ۾ زهير اڪرم نديم،
بدر اقبال ۽ هن جا 35 ساٿي جيڪي ايم ڪيو ايم
(حقيقي) ۾ شامل هئا ۽ پوءِ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا.
قتل ٿي ويا. مولانا شامزئي کانسواءِ پاڪستان پيپلز
پارٽي جي دلير اڳواڻ ۽ ڪراچي جي مسئلن تي اسيمبلي
۾ آواز اٿاريندڙ عبدالله مراد بلوچ کي جيڪو پي ايس
127 تان 2002 جي اليڪشن ۾ پي پي پي جي پليٽ فارم
تان ڪامياب ٿيو. عبدالله مراد ڪراچي جي ٻهراڙيءَ ۾
ايم ڪيو ايم جي داخل ٿيڻ ۾ وڏي رڪاوٽ هو. ڪراچي ۾
ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي سازشن کي دليري سان وائکو
ڪندو رهيو. تنهن ڪري 6 مارچ 2004ع تي هن کي صديق
ڳوٺ ملير ۾ گهران نڪرڻ وقت شهيد ڪيو ويو. وارثن
جڏهن گورنر سميت ايم ڪيو ايم جي قيادت خلاف ايف
آءِ آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها داخل نه ڪئي
ويئي. عبدالله مراد بلوچ جي شهادت خلاف چئن ڏينهن
تائين ڪراچي جا اڪثريتي علائقا بند رهيا. پريس ڪلب
۽ سنڌ اسيمبليءَ سامهون مظاهرا ڪيا ويا. سنڌ
اسيمبلي ۾ بحث ڪيو ويو، قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي
گهر ڪئي ويئي پر اڃا تائين قاتل گرفتار نه ٿي
سگهيا آهن. سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين عبدالله مراد
جي قتل خلاف احتجاج ڪيو مظاهرا ڪيا.
17
جون 2004ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي هڪ ٻئي دلير
اڳواڻ منور سهروردي کي گرومندر وٽ شهيد ڪيو ويو.
هن جا قاتل به اڃا گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.
سال 2005ع ۾ ايم ڪيو ايم ۽ سني تحريڪ جي جهيڙن ۾
سني تحريڪ ۽ خود ايم ڪيو ايم جا ڪيترائي ڪارڪن قتل
ٿيا ان ۾ هُن وقت تيزي آئي، جڏهن 11 اپريل 2006ع
تي سني تحريڪ پاران 12 ربيع الاول جي ڏينهن نشتر
پارڪ ۾ هڪ جلسي جو بندوبست ڪيو ويو. هن جلسي ۾ ان
وقت بم ڌماڪو ٿيو، جڏهن سڀئي اڳواڻ اسٽيج تي
سانجهي جي نماز ادا ڪري رهيا هئا. جنهن ۾ 60 ماڻهو
مارجي ويا. سني تحريڪ جي پوري مرڪزي قيادت جنهن ۾
حاجي حنيف بلو، مولانا افتخار قادري، مولانا عباس
قادري، مولانا اڪرم قادري ۽ حافظ تقي سميت ٻارنهن
مرڪزي اڳواڻ شهيد ٿيا. شهر ۾ سخت ڇڪتاڻ وارو ماحول
پيدا ٿيو. پورو شهر ٽي ڏينهن تائين جهيڙن ۽ هڙتالن
جي لپيٽ ۾ رهيو. اڃا تائين اهو فيصلو نه ٿي سگهيو
آهي ته اهو آپگهات حملو هو يا بم ڌماڪو. ايم ڪيو
ايم ڌماڪي جي 15 منٽ پوءِ هن جو الزام جهادي
تنظيمن ۽ خاص طور تي جماعت اسلامي تي هنيو. جڏهن
ته مذهبي پارٽين اهو الزام ايم ڪيو ايم تي هنيو.
جنازي جي نماز روڊ تي ادا ڪئي ويئي جنهن ۾ هزارين
ماڻهن شرڪت ڪئي. چار ڏينهن پورو شهر بند رهيو. |