سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 16

گورنر صاحب اڪثريتي پارٽي سنڌ ازاد پارٽي جنهن جون 18 سيٽون هيون جي بجاءِ فقط 4 سيٽون هاصل ڪندڙ سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي جي اڳواڻ سر غلام حسين هدايت الله کي حڪومت بنائڻ جي دعوت ڏني. ٻئي نمبر تي سنڌ هندو سڀا جنهن 11 سيٽون، ٽئين نمبر تي ڪانگريس اٺ سيٽون هاصل ڪيون انهن سڀني کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح جوڙ توڙ جي سياست جي شروعات ٿي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. انهيءَ جوڙ توڙ جي نتيجي ۾ سنڌ صوبي جو پهريون وڏو وزير سر غلام حسين هدايت الله چونڊجي آيو. ديوان ڀوڄ سنگهه سنڌ اسيمبلي جو پهريون اسپيڪر چونڊجي آيو. سنڌ جي هن پهرئين حڪومت م ٽي پزير چونڊيا ويا. انهيءَ جوڙ توڙ جي نتيجي ۾ ميران محمد شاهه سميت 15 ميمبر سنڌ اتحاد پارٽي کي ڇڏي حڪومت ۾ شامل ٿيا. سنڌ اتحاد پارٽي ۽ ڪانگريس اتحاد ٺاهي مخالف ڌر ۾ ويٺا.

وزيرن ۾ مير بندي علي ٽالپر (جيڪو سنڌ اتحاد پارٽي جي پليٽ فارم تان چونڊجي آيو هو) ۽ مکي گووندرام ۽ هڪ يورپين هئا. ڪجهه مهينن کانپوءِ اسپيڪر ديوان ڀوڄ سنگهه ديهانت ڪري ويو. هن جي جاءِ تي ميران محمد شاهه کي اسپيڪر بنايو ويو ته هندو ڪاوڙجي حڪومت کان الڳ ٿيا ۽ ائين هڪ سال ۾ اها حڪومت ختم ٿي ويئي. ڪانگريس ۽ سنڌ اتحاد پارٽي جي گڏيل طاقت سان هڪ مضبوط گروپ سامهون آيو. ان اتحاد جو ليڊر خان بهادر الله بخش سومرو هو. 23 مارچ 1938ع ۾ گورنر الله بخش سومري کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني. ڪانگريس هن جي مڪمل حمايت ڪئي انهيءَ دوران شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين اڳوڻن جيڪي مسلم ليگ کيج ويجها هئا سنڌ ۾ مسلم ليگ جي شاخ قائم ڪري اسيمبلي م الله بخش سومري جي مقابلي جي تياري ڪئي ۽ 1939ع ۾ بي اعتمادي جي رٿ آندي جيڪا ڪامياب نه ٿي سگهي.

سکر ۾ مسجد منزل گاهه جي واقعي جي اثرن ڪري الله بخش سومري جي هڪومت فيبروري 1940ع ۾ ختم ڪئي ويئي. ڇاڪاڻ ته هندو ميمبرن ۽ ڪجهه مسلمان ميمبرن الله بخش سومري جو ساٿ ڇڏي ڏنو.

 

 

ورهاڱي کان اڳ نالي وارا قومي سياسي ڪارڪن جن جو مرڪز ۽ محور ڪراچي رهيو

خان بهادر حسن علي آفندي   حاجي مير محمد بلوچ       مولانا عبيدالله سنڌي

ڪامريڊ عبدالقادر        طيب علي علوي   ويرومل بيگراج

جي رام داس دولت رام       هوشنگ ايڊلجي ڊنشا    جهانگير ڪوٺاري

مولانا عبدالڪريم درس    غلام حسين خالق                مولانا ظهور الحسن درس

 

18 مارچ 1940ع ۾ مير بندي علي ٽالپر مسلم ليگ جي حمايت سان سنڌ جو ٽيون وزير چونڊجي آيو. جيڪو پهرئين ڪابينا ۾ وزير هو. بندي علي جي وزارت ۾ جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي وزير چونڊيا ويا. ياد رهي ته جي ايم سيد مسجد منزل گاهه جي واقعي کانپوءِ الله بخش سومري ۽ سنڌ اتحاد پارٽي کي الله واهي چئي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو هو. ان کانسواءِ سنڌ اتحاد پارٽي جا گهنا ميمبر به مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. اها حڪومت ٻه سال هلي. 2 آڪٽوبر 1942ع تي سنڌ جي گورنر هوچ ڊوءِ، الله بخش سومري جي حڪومت ختم ڪئي ۽ آگسٽ 1942ع ۾ ڪانگريس جي ڪئٽ انڊيا ايڪٽ جي ڪري وڏو وزير الله بخش سومري خان بهادر جو لقب انگريز سرڪار کي واپس ڪيو. اها ڳالهه انگريز سرڪار کي نه وڻي ٻن ڏينهن اندر گورنر اسيمبلي جو اجلاس گهرائي الله بخش سومري جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو. الله بخش سومري کي 14 مئي 1943ع ۾ قتل ڪيو ويو. قتل ڪيس ۾ ٻين سان گڏ خان بهادر ايوب کهڙو تي به هليو. هن کان اڳ 27 اپريل 1942ع ڪراچي جو رهندڙ سنڌ جي سياست ۽ سماجي ڪمن ۾ مشهوري ماڻيندڙ سيٺ حاجي عبدالله هارون به اسان کان جدا ٿي چڪو هو. ڪراچي جي ترقي ۾ سيٺ عبدالله هارون اهم ڪردار ادا ڪيو. ميمڻ واپارين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. بمبئيءَ مان ميمڻ واپارين وڇايو. جتي اسڪول، ڪاليج، شفاخانا، مدرسو ۽ يتيم خانو به قائم ڪيو. حاجي عبدالله هارون جي وفات کانپوءِ سندس يوسف هارون سياست ۾ سرگرم رهيو. جيڪو حسين هارون جو پيءُ هو.

هڪ ڀيرو ٻيهر 10 آڪٽوبر 1942ع غلام حسين هدايت الله کي وزارت بنائڻ جي دعوت ڏني ويئي. سر غلام حسين هدايت الله مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ته مسلم ليگ جي ميمبرن (ياد رهي ته چونڊن ۾ مسلم ليگ ڪا به سيٽ حاصل نه ڪئي هئي پر بعد ۾ مختلف پارٽين جي چونڊيل ميمبرن کي لوٽو بڻائي مسلم ليگ ۾ شامل شامل ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته اها حڪمرانن جي مرضي هئي. اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. لوٽا ڪريسي پهرئين چونڊيل اسيمبلي کان شروع ٿي.) جي حمايت سان وڏو وزير مقرر ٿيو. انهي اسيمبلي ۾ ٻه مارچ 1943ع جي بجيٽ اجلاس ۾ جي. ايم سيد پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ ٺهراءُ کي منظور ڪيو ويو. پر اڳتي هلي جي. ايم سيد جا مسلم ليگ سان اختلاف ٿيا ۽ 24 فيبروري 1945ع تي شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي ايم سيد حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي، جيڪا منظور ٿي. جنهن تي محمد علي جناح ڪاوڙجي پيو ۽ جي ايم سيد کي هڪ حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي، جيڪا منظور ٿي. جنهن تي محمد علي جناح ڪاوڙجي پيو ۽ جي ايم سيد کي هڪ سخت موقف وارو خط لکيو. انهن اختلافن جي نتيجي ۾ جي ايم سيد پنهنجو الڳ گروپ جوڙي ورتو. جي ايم سيد کانپوءِ محمد علي جناح، يوسف هارون کي مسلم ليگ جو صدر ۽ آغا غلام نبي پٺاڻ کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو.

1945ع ۾ مرڪزي اسيمبلي جون چونڊون ٿيون. جنهن ۾ن مسلم ليگ کي ڪاميابي حاصل ڪئي. جي ايم سيد گروپ پاران يوسف هارون جو مقابلو پير علي محمد راشدي ڪيو. پير علي محمد راشدي کي شڪست ٿي. مرڪزي اسيمبلي ۾ سنڌ جون ٻه سيٽون هيون.

مسلم ليگ جي ڪاميابي جي خوشي ۾ 11 جنوري 1946ع تي ڪراچي ۾ فتح جو ڏينهن ملهايو ويو انهيءَ موقعي تي جلوس ڪڍيو ويو. جلوس ڪراچي جي مختلف علائقن مان ٿيندو عيدگاهه ميدان پهتو جتي جلسو ڪيو ويو. اهو ڪراچي جي تاريخ جو وڏو جلوس هو.

21 جنوري 1946ع تي سنڌ اسيمبلي جون چونڊون ٿيون. انهن چونڊن ۾ مسلم ليگ 60 مان 27، ڪانگريس 21، جي ايم سيد گروپ 4 ۽ قومپرستن 4 سيٽون حاصل ڪيون. ڪانگريس جي ايم سيد سان اتحاد ڪري جي ايم سيد کي اتحاد جو اڳواڻ ۽ وڏي وزير لاءِ اميدوار نامزد ڪيو. گورنر سرفرانسس مودي مسلم ليگي ليڊر سر غلام حسين هدايت الله کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني. غلام حسين هدايت الله وڏو وزير مقرر ٿيو پر ان کي اڪثريت حاصل نه هئي. طاقتور مخالف ڌار ڪري حڪومت جو هلڻ ڏکيو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ گورنر اسيمبلي ٽوڙي نون چونڊن جو اعلان ڪيو. ٿيو ائين جو 10 سيپٽمبر 1946ع تي بي اعتمادي واري رٿ تي بحث ۽ ووٽنگ ٿيڻي هئي. مسلم ليگ وٽ 30 ووٽ ۽ ڪانگريس ۽ انهن جي اتحادين وٽ 30 ووٽ هئا. مسلم ليگ جو هڪ ميمبر اسپيڪر هو جيڪو ووٽ ڏيئي نه پئي سگهيو. جنهن لاءِ هن استعفيٰ ڏني ۽ قانون موجب ڪانگريسي ڊپٽي اسپيڪر مس جيٺي سپا هيملاڻي اسپيڪر ٿي، ته ڪانگريس جو ووٽ گهٽ پئي ٿيو جنهن لاءِ مس هيملاڻي به ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ استعفيٰ ڏني، ته پئنل ميمبر طور مسٽر فريرز کي صدارت ڪرڻي هئي. جيڪو به حڪومت جو ميمبر هو گورنر يقيني شڪست ڏسي اسيمبلي کي ٽوڙي نون چونڊن جو اعلان ڪيو.

مسلم ليگ نونج چونڊن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ تحريڪ پاڪستان، هندو مسلم اختلافن ۽ مذهبي جهيڙن جو سهارو ورتو ۽ حڪومت جي انهن کي پوري حمايت حاصل هئي. پوري سنڌ سميت هندستان ۾ تحريڪ پاڪستان زون تي هئي. جنهن جي نتيجي م 29 ڊسمبر 1946ع وارن چونڊن ۾ مسلم ليگ کي 60 مان 36 سيٽون هاصل ٿيون. جي ايم سيد کي اليڪشن ۾ شڪست ٿي. نون چونڊن ۾ مسلم کي کٽرائڻ لاءِ سڀ حربا استعمال ڪيا ويا. مختيارڪار جيڪي پرزائيڊنگ آفيسر هئا. هندو مختيارڪارن کي بدلي ڪري ۽ انهن جي جاءِ مسلمان مختيارڪارن کي پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو. جن آفيسرن مان حڪومت کي خطرو هو انهن ايماندار آفيسرن کي استعفيٰ لاءِ مجبور ڪيو ويو. جي ايم سيد جي هڪ حامي اميدوار سيد مراد علي شاهه کي مسلم ليگي ڪارڪنن گولي هڻي ماري ڇڏيو. گهڻن کي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن الله بخش سومري جي ڀاءُ مولا بخش سومري جي کٽڻ جو اعلان ريٽرنگ آفيسر ڪيو ته ليگي ڪارڪنن آفيسر کي مارڪٽ ڪئي. نتيجي تبديل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. انگريز سرڪار  جو مڪمل ساٿ مسلم ليگ سان هو. گهڻن جاين تي ٻاهران ماڻهو گهراڻي جعلي ووٽ ڏياريا ويا.

3 جون 1947ع برطانيا حڪومت ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي منصوبي جو اعلان ڪيو. 20 جون 1947ع ۽ سنڌ اسيمبلي جي هڪ خصوصي اجلاس م صوبائي اسيمبلي سنڌ کي پاڪستان ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان فيصلي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي بنجڻ سان وڌيڪ نقصان به سنڌ کي ڀوڳڻو پيو. سنڌ ۾ 11 آگسٽ 1947ع تائين اها حڪومت قائم رهي.

14 آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سر غلام حسين هدايت الله سنڌ جو ورهاڱي کانپوءِ پهريون گورنر  ۽ ايوب کهڙو پهريون نامزد وڏو وزير مقرر ٿيا. انهن ٻنهي صوبائي اليڪشنن جي نتيجي م ڪراچي جي 13 سيٽن مان ٻنهي ڀيري ڪو به اردو ڳالهائڻ وارو ميمبر نه هو. هڪ گجراتي ڳالهائڻ وارو محمد هاشم گذدر هو ۽ ورهاڱي کانپوءِ اڄ صورتحال تبديل آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ورهاڱي جي نتيجي ۾ ٿيو. ڪاش اسان جا اڳواڻ ان ڳالهه کي ان وقت سمجهن ها ۽ انگريز سرڪار جي ٺهيل  پچ تي کيڏڻ بجاءِ سڀئي هندو ۽ مسلمان هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين ها ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها پر سر، خان بهادر، راءِ بهادرن  کان اهائي توقع هئي. هندو مسلم جهيڙا ڪرائي پاڪستان لاءِ رستو هموار ڪيو ويو. انگريز ويندي ويندي هندستان کي ورهائي هندو ۽ مسلمانن کان پنهنجي وڃڻ جو خوب بدلو ورتو.

 

پهرئين ۽ ٻي مهاڀاري لرائي وقت ڪراچي:

پهرئين مهاڀاري لڙائي 14 آگسٽ 1914ع ۾ شروع ٿي. ان لرائي ۾ جرمني جو اصل مقابلو برطانيا سان هو. ان لڙائي ۾ هندستان مان گهڻي تعداد ۾ هندستاني برطانيا فوج م شامل ٿي لڙائي ۾ حصو ورتو. ان لڙائي ۾ ڪراچي هڪ اهم مرڪز هو. هي بندرگاهه هندستان جي ٻين بندرگاهن جي ڀيٽ ۾ يورپ، وچ اوڀر ۽ آفريڪا کي ويجهي هئڻ ڪري هتان فوجي مدد پهچائڻ ۾ آساني هئي. ڪراچي هڪ فوجي ڇانوڻي بڻجي ويئي هئي. جنهن جي ڪري ڪراچي ۾ روزگار جا موقعا ميسر ٿيا ته هندستان، پنجاب ۽ سرحدي علائقن مان ماڻهن ڪراچي جو رخ ڪيو. اهڙي طرح رهائشي اسڪيمون شروع ٿيون ته پگڙي سستم جي شروعات ٿي. ڀاڙي ته گهرن ۽ دڪانن جو ملڻ ڏکيو ٿي پيو. مالڪن ڀاڙي ۾ بي پناهه واڌارو ڪيو. حڪومت کي مجبورن رينٽ ڪنٽرول لاءِ الڳ کاتو ٺاهڻو پيو. هن لڙائي جي نتيجي ۾ گهڻا ماڻهو رات وچ ۾ شاهوڪار ٿيا. جنگ جي دوران ذخيري اندوزي ڪري ڪراچي جي واپارين لکين رپيا ڪمايا. هي جنگ جتي ڪروڙين ماڻهن کي اذيت ۾ مبتلا ڪيو. لکين ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ مارجي ويا. پر جنگ ڪراچي لاءِ خوشحالي جو پيغام آندو. جنگ کانپوءِ پيسي جي اچڻ ڪري هتي خوبصورت بنگلن ۽ جاين جي اڏاوت شروع ٿي. انهي4 زماني ۾ فوجين جي تعداد ۾ واڌ ڪري ڪراچي جي ڪجهه وڌيڪ علائقن ۾ فوجي بيرڪون قائم ڪيون ويون. جن ۾ جيڪب لائين، لائينز ايريا، ابن سينا لائن شامل هئا.

21 سال پوءِ دنيا ٻي مهاڀاري لرائي جي لپيٽ ۾ اچي وئي. جرمني، پولينڊ تي حملو ڪري ان جي شروعات ڪئي. جنگ ۾ جاپان ۽ اٽلي جرمني جو ساٿ ڏنو. بين ملڪن برطانيا جو ساٿ ڏنو. هي جنگ پهرئين سيپٽمبر 1939ع تي شروع ٿي. هڪ ڪروڙ 50 لک ماڻهو مارجڻ تي، 14 آگسٽ 1945ع تي ختم ٿي. جاپان تي ائٽم بم ڪرايا ويا. جنگ ۾ گڏيل هندستان مان برطانيا فوج ۾ شامل 3 لک 50 هزار مقامي ماڻهو مارجي ويا. پهرئين مهاڀاري لڙائي وانگر، ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ به ڪراچي کي هڪ فوجي ڇانوڻي م تبديل ڪيو ويو. ماڙي پور جي فوجي بيس کي آمريڪا جي حوالي ڪيو ويو. ملير ڪئنٽ نالي هڪ وڌيڪ ڇانوڻي قائم ڪئي ويئي. ڊرگ روڊ جي فوجي هوائي اڏي کي وڌايو ويو. ڪراچي شهر انهيءَ دوران وڌڻ شروع ڪيو. ملير جيڪو ڪراچي کان گهڻو پري هو، شهر سان ڳنڍجي ويو. ٻئي پاسي هي شهر گسري ۽ ملير نئين تائين وڌي ويو.

ٻي مهاڀاري لڙائي جي ڪري کاڌي پيتي جي سامان جي کوٽ ٿي ته حڪومت ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو راشنگ سسٽم متعارف ڪرايو. راشنگ دفتر 1942ع ۾ نيو چالي ۾ قائم ڪيو ويو. جنهن جو انچارج مسٽر ايم. ڊي ملڪ هو. پهريون راشن ڪوٽا جو دوڪان کاري در جي علائقي ۾ قائم ٿيو. جنهن جو مالڪ هڪ خواجو هو. ڪراچي م رهندڙ سڀني خاندانن جي اڳواڻن جي نالي ڪارڊ جاري ڪيا ويا. هتي  به غريب ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو.

ان جنگ ۾ به ڪراچي ۾ پئسو اچڻ لڳو. ماري پور فوجي ايئربيس پوري دنيا ۾ مشهوري ماڻي. ڇاڪاڻ ته اوڀر جي محاذن ۾ آمريڪي ۽ يورپي فوجين موڪلڻ لاءِ پهرئين اهي ڪراچي ايندا هئا هتان ماڙي پور ايئربيس تان مختلف مهاذن ڏانهن ويندا هئا. جتي انهن ٻنهي مهاڀاري لڙاين جي نتيجي ۾ ننڍا واپاري وڏا امير ٿيا هتي ڪراچي جو غريب ماڻهو، مزدور ماڻهو اٽي، کنڊ، گيهه ۽ ٻين شين لاءِ پريشان هو. پئسي جي اچڻ ڪري ۽ فوجي ڇانوڻي ڪري مزدوري لاءِ ٻين علائقن جي ماڻهن ڪراچي جو رخ ڪيو. اهي ٻئي لڙايون مقامي ماڻهن لاءِ اذيت کان گهٽ نه هيون. انهن جنگن جي نتيجي ۾ گجراتين، مارواڙين ۽ هندستان مان آيل ميمڻن، دهلي پنجابي سودگران واپار تي ڪنٽرول حاصل ڪيو جنهن سان انهن جي معاشري زندگي م به تبديلي آئي.

 

ڪراچي ۾ رائل نيوي جي بغاوت:

11 فيبروري 1946ع ڪولڪتي ۾ ڪيپٽن عبدالرشيد جي سزا خلاف احتجاج ڪيو ويو. ڪلڪتي بندرگاهه تي نيوي جي هندستاني فوجين پنهنجي ماڻهن جو ساٿ ڏيئي هڙتال ڪئي. ڪلڪتا کانپوءِ مدراس، بمبئيءَ ۽ ڪراچي ۾ به نيوي جي مقامي ماڻهن هڙتال ۾ حصو ورتو.

آزاد هند فوج جيڪو هندستان جي انقلابي اڳواڻ سڀاش چندر بوس انگريزن کي هندستان مان ڪڍڻ لاءِ جوري هئي. پاڻ هن فوج جو اڳواڻ ۽ عبدالرشيد ڪيپٽن هو. جنهن کي انگريزن گرفتار ڪري جيل موڪليو. جنهن تي مقامي نيوي جي فوجين احتجاج ۾ شهرين جو ساٿ ڏنو.

ڪراچي ۾ 22 فيبروري 1946ع ۾ مقامي نيوي جي فوجين بندرگاهه تي موجود ”هندستان“ نالي جهاز تي قبضو ڪيو. انگريز فوجين مقامي فوجين تي فائز ڪئي جنهن تي گهنا فوجي زخمي ٿي پيا ۽ ڪجهه مارجي ويا. اها ڳالهه جڏهن شهر ۾ پهتي ته پوري شهر ۾ هنگاما شروع ٿيا. مظاهري ڪندڙن تي فائرنگ ڪئي ويئي. جنهن سان ڪيترائي شهري زخمي ٿيا. بندرگاهه ڏانهن ويندڙ سڀئي رستا بند ڪيا ويا، ٻئي ڏينهن پوري بندرگاهه جو ڪنٽرول انگريز فوجي سپاهين سنڀالي ورتو. جنهن تي مقامي فوجي هڙتال تي هليا ويا. ان بغاوت جي نتيجي م ڪراچي شهر ٽي ڏينهن هنگامن جي لپيٽ ۾ رهيو. ڪراچي جي ڪميونسٽن پارٽي انهيءَ تحريڪ ۾ ڀرپور هصو ورتو، هندستان جي تمام سياسي اڳواڻن جي اپيل تي ڪراچي سميت پوري هندستان ۾ نيوي جي مقامي فوجين احتجاج ختم ڪيو.

ڪراچي ۾ هندوئن لاءِ قيامت جو ڏينهن:

اپريل 1947ع ۾ جيڪب آباد ۾ سنڌ جي ان وقت جي تعليم ۽ لوڪل گورنمينٽ جي وزير پير الاهي بخش تقرير ڪندي چيو ته ”سنڌ جي هندوئن کي مسلمانن سان پاڻي ڀت جي چوٿين جنگ ۾ مقابلو ڪرڻو پوندو. هي جنگ هندوئن لاءِ واٽرلو ثابت ٿيندو.“

پوري سنڌ ۾ ورهاڱي وقت هندو مسلم جهيڙا شروع ٿيا. مسلم ليگي حمايتي اخبارن انهن جهيڙن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پوري سنڌ جي وڏن شهرن ۾ هندستان کان آيل مهاجر ڇائنجي ويا ۽ اڪثريت جو رخ ڪراچي ڏانهن هو. هندوئن کي گهر مان زوري ڪڍي انهن تي قبضا ڪيا ويا. ضلعي مئجسٽريٽن اهڙا آرڊر جاري ڪيا، جنهن ۾ هندوئن کي ملڪيتون وڪڻڻ ڏوهه قرار ڏنو ويو. متاثر هندوئن جي ڪراچي ۾ مندرن، ڌرم شالائن ۽ ميدانن ۾ عارضي ڪيمپون ٺهي ويون. ٻئي پاسي لکين مهاجرن هندستان مان ڪراچي جو رخ ڪيو ۽ هندوئن جي گهرن ملڪيتن تي قبضا شروع ڪيا. مقامي ماڻهو ان جهيڙي کان پاسيرا هئا. هتي موجود ڪميونسٽ پارٽي امن امان قائم ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي. هتان جي مقامي ماڻهن جڏهن هندوئن جي مدد ڪئي ته هندستان کان آيل مهاجرن انهن کي ”سنڌي بيغرت“ جو لقب ڏيئي، ڪراچي ۾ رهندڙ هندوئن تي حملا شروع ڪيا. انهن جون ملڪيتون لٽيون ويون. هر طرح انهن کي تنگ ڪيو ويو. لڏپلاڻ لاءِ مقرر ڪيل آفيسر ڌاريا هئا. جن به هندوئن کي تنگ ڪيو. جهازن جي ٽڪيٽ لاءِ رشوت جو بازار گرم ڪيو ويو. بندر تي پاڻ سان آنڌل بچيل سامان کي پاڪستان جو حق ڄاڻائي قبضو ڪيو ويو. ڇهه جنوري 1948ع جو ڏينهن هندوئن لاءِ قيامت جو ڏينهن هو.

ڏسندي ئي ڏسندي پورو شهر هن هنگامن جي لپيٽ ۾ اچي ويو. مسلمانن جو جوش ايمان ڇوليون هڻڻ لڳو. هندوئن جي بچيل جاين تي قبضو ڪيو ويو. انهن هنگامن کان اڳ گهڻا هندو شهر ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا پر حالتون اهڙيون پيدا ڪيون ويون جو هو مجبور ٿي شهر ڇڏڻ لڳا. شهر جي مندرن ۽ گرد وارن تي حملا ڪيا ويا. سرڪار عملدار به ڦرلٽ ۾ ڀاڱي ڀائيوار هئا. شهر ۾ ڪرفيو لڳايو ويو.

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي تن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ هو. هن ۾ ٻين ڪميونسٽن هنگامن کي ختم ڪرائڻ لاءِ شهر جي گهٽي گهٽي جو دورو ڪري ماڻهن کي پرامن رهن جي اپيل ڪئي. ڪامريڊ لکي ٿو ته، ”پوليس اندازي موجب انهن هنگامن ۾ 300 ماڻهو مارجي ويا پر انهن جي اندازي موجب ٻن ٽن ۾ يارنهن سئو ماڻهو مارجي ويا.“ لڇمڻ ڪومل تن ڏينهن ۾ پنهنجي ڪٽنبن سميت ڪراچي ۾ هو. لڇمڻ پنهنجي ڪتاب ”وهي کاتي جا پنا“ ڪتاب ۾ مرڻ وارن هندوئن جو انگ ڇهه ڄاڻايو آهي. ان ڏينهن سنڌ جو هڪ ٻيو ڀلوڙ ليکڪ موهن ڪلپنا ۾ ڪراچي ۾ موجود هو ۽ اٺ گاڏي تي چڙهي سنڌ ڌرتيءَ کي ڇڏي هميشه لاءِ هليو ويو هو. انهن ٻنهي ليکڪن کانسواءِ سنڌي ادب جو هِن وقت ۾ وڏو نالو امر جليل به ڪراچي ۾ رتن تلاءُ جي هڪ اسڪول ۾ پڙهندو هو ۽ هنگامن جو اکين ڏٺو شاهد به آهي.

اهي ماڻهو جيڪي سنڌي هئا. سنڌ ۾ ڄاوا هئا مسلمان وانگر اها ڌرتي به انهن جي ماءُ هئي اولاد کي ماءُ کان زوري جدا ڪيو ويو. صوفين جي هن سرزمين تي هندو، مسلمان، سک، عيسائي امن سان رهندا هئا ۽ پوءِ ڏسنديءَ  ڏسندي هو هڪ ٻئي جا دشمن ٿيا/ دشمن بنايا ويا. ڇا مليو؟ اڄ اسان ٿورو غور ڪريون ته ڪالهه جيڪا سنڌ ۽ هن جو هي شهر ڪراچي اسان جي هئي اها اڄ اسان جي آهي؟ اهو سڀ ڪجهه اسان پاڻ سان پان ڪيو ۽ گهڻن سياسي اڳواڻن پنهنجي سيٽن بچائڻ ۽ پنهنجي لاءِ نوان چونڊ تڪ ڳولڻ لاءِ لکين ماڻهن کي لڏ پلاڻ تي مجبور نه ڪن. هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي علائقن م خوشي سان رهي ته اڄ سنڌ جي صورتحال اها نه هجي. اهو تاريخ جو هڪ جبر هو جنهن جو شڪار سڀ کان وڌ سنڌ بڻي.

ورهاڱي کانپوءِ سنڌي هندوئن جي گهنائي جيڪا زراعت، واپار ۽ سرڪاري نوڪري تي هئا. وچولي طبقي، پڙهيل لکيل، دانشورن ۽ صحافين جو به وڏو انگ جيڪي هندو هئا لڏي هندستان ويا. ڪراچي جيڪو سنڌي تعليم، ٻولي، صحافت ۽ ادب سياست جو مرڪز هو. ان لڏپلاڻ ڪري اهو مرڪز ختم ٿي ويو. اهو مرڪز ورهاڱي کانپوءِ هندستان مان آيل پناهگيرن جن کي حرف عام مهاجر چيو ويندو آهي جي قبضي ۾ هليو ويو ته ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت بجاءِ اردو ۽ هڪ اوپري ثقافت جو حصو بڻجي وئي. سنڌي ماڻهن وڏي دل جو مظاهرو ڪري انهن کي پنهنجن زمينن ۽ گهرن ۾ رهايو، جيءَ ۾ جايون ڏنيون، پر جڏهن اهي طاقتور ٿيا ته انهن سنڌين کي هن شهر مان ڪڍي ڇڏيو. آيل ماڻهو اسلامي جذبي، نئين ملڪ پاڪستان جي جذبي ۽ مسلم ليگ جي جدوجهد جي جذبي سان سرشار هئا. انهن شين کانسواءِ ٻي ڳالهه انهن لاءِ غداري هئي. سنڌ جو جاگيردار ۽ وڏيرو به ورهاڱي وقت خوش هو ته هاڻي اسيمبلي ۾ پهچڻ لاءِ انهن جي رستي ۾ هندو رڪاوٽ نه رهيو ۽ ڪپڙن م نه پئي ماپيا. پر انهن جون اهي خوشيون به وقتي ثابت ٿيون. ڇاڪاڻ ته ملڪ جا اصللي حڪمران فوجي ۽ بيوروڪريٽ هئا. هندوئن جي سرڪاري جاين تي هندستان کان آيل ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو. رهيل فوج تي پنجاب جو مڪمل ڪنٽرول هو.

ورهاڱي جي قانون ۾ ڪٿي به لڏپلاڻ شامل نه هو ۽ پوءِ به تاريخ جي سڀ کان وڏي لڏپلاڻ ٿي. هندستان جي مختلف شهرن ۾ آيل اردو ڳالهائيندڙن سنڌ جو ۽ پنجابي اقليت پنجاب جو رخ ڪيو. گهڻا ليڊر جيڪي هندستان کان هتي آيا هئا. انهن کي پنهنجو ڪو چونڊ تڪ نظر نٿي آيو. جنهن جي ڪري انهن اڳواڻن لڏپلاڻ کي هٿي وٺرائي. اردو ڳالهائيندڙ جڏهن واگاهه سرحد کان پنجاب ۾ داخل ٿيا ته اسٽيشن تي بيٺل پنجابي ماڻهن انهن کي لهڻ نه ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان اڳتي آهي ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي فقط 1948ع ۾ يارنهن لک مهاجر سنڌ ۾ داخل ٿيا. جن مان 4 لک ڪراچي ڏانهن آيا. اهو سلسلو 1954ع تائين جاري رهيو. ايڏي وڏي لڏپلاڻ هتان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي وايومنڊل تي خطرناڪ اثر ڇڏيا. سنڌ جيڪا سنڌي ٻولي، ثقافت ڪري صدين کان مشهور آهي. ٻن ٻولين وارو صوبو ٿي ويو ۽ آيل ماڻهن سنڌ جي ڪلچر کي اٺ هڪلڻ ۽ گڏهه چارڻ وارو ڪلچر چئي هن کان نفرت ڪئي.

هن لڏپلاڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ نقصان عام هاري، مزدور ۽ پڙهيل لکيل طبقي کي ٿيو. ورهاڱي وقت گهڻن سنڌي مسلمانن جون زمينون هندوئن وٽ گروي هيون ۽ گهڻن هندوئن جي زمينن تي مسلمان هارپو ڪندا هئا. سنڌ ۽ پنجاب ۾ اهو قانون پاس ٿي چڪو هو ته اهي زمينون جيڪي هندو خالي ڪري ويا آهن. دڪان ۽ گهر هتان جي مقامي ماڻهن جي حوالي ڪيا ويندا. پر سنڌ ۾ ائين نه ڪيو ويو. گروي ٿيل سنڌي مسلمانن جون زمينون ۽ هندوئن جون زمينون ڪليمن جي صورت ۾ هندستان کان آيل مهاجرن کي الاٽ ڪيون ويون. انهن زمينن تي هارپو ڪندڙ سنڌين جڏهن زمينون خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته طاقت جي زور تي سنڌين کي انهن زمينن تان بي دخل ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي بيورو ڪريسي تي هندستان کان آيل مهاجر اچي چڪو هو. ٻئي پاسي مزدور طبقو جن ڳوٺن کان شهرن جو رخ ڪيو ته هتي مزدوري ملندي ته هتي به مزدوري تي هندستان کان آيلن جو قبضو هو. پڙهيل لکيل ماڻهو هن خوشي فهمي ۾ هو ته سرٽيفيڪٽن ڇائنجي ويا. مطلب ته صنعت کان وٺي زمينن تائين، مزدوري کان وٺي سرڪاري نوڪري تائين سڀني خالي ٿيل جاين تي مهاجرن کي رکيو ويو ۽ چيو ويو ته لٽجي آيا آهن تنهنڪري انهن جو هق وڌيڪ آهي. ايتري حد تائين جو جيڪي هندوئن جا گهر ۽ زمينون هندوئن کان سنڌي مسلمانن خريد ڪيون هيون انهن مان به سنڌين کي بي دخل ڪيو ويو.

ڪراچي ۾ دڪان، گهر ۽ واپاري مرڪز تي هندو ڇانيل هئا. انهن سڀني تي آيلن قبضو ڪيو لالوکيٽ، کاري لڪي، لانڍي، اوڪيواڙي، ملير ۽ آس پاس جون زمينون جيڪي مقامي ماڻهن جون هيون. انهن کي ويڪنٽ لينڊ ڄاڻائي مهاجرن کي آباد ڪيو ويو، ڪراچي جي مندرن، ڌرم شالائن، مسائڻ، گرد وارن، تي قبضو ڪيو ويو، مقامي ماڻهو خاموش تماشي بڻيل هو، هو هن خوف ۾ هو ته انهن جي گهرن ۽ زمينن تي قبضو نه ڪيو وڃي، ڪراچي جون جيڪي خالي زمينون مقامي ماڻهن جي هٿ هيٺ هيون انهن کي سرڪاري زمين ڄاڻائي مهاجرن کي ويهاريو ويو. انهن ناانصافين سنڌين کي سوچڻ تي مجبور ڪيو، انهن ڏينهن کان سنڌ جي سورن جي ڪهاڻي شروع ٿي ۽ انهن ناانصافين سنڌ ۾ قومپرستي جو بنياد وڌو.

اها سورن جي ڪهاڻي هتي ختم نٿي ٿئي. ورهاڱي کانپوءِ هڪ اهم واقعو ٿيو جنهن سان سنڌين کي احساس محرومي جو احساس ٿيڻ لڳو. اهو هي هو جو سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري مرڪز جي هوالي ڪرڻ هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ۽ هن نئين ملڪ لاءِ گادي واري شهر جو مسئلو درپيش آيو ته ڪراچي کي پاڪستان جي گادي وارو هنڌ بنائڻ جو فيصلو ڪيو. ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي شاگرد مسلم اسٽوڊنس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان هڪ جلوس ڪڍيو ويو. جنهن ۾ سوين شاگردن شرڪت ڪئي. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي شاگردن جو اهو پهريون مطاهرو هو. شاگرد پهرئين پاڪستان جي خوراڪ واري وزير عبدالستار پيرزادي بعد ۾ سنڌ جي گورنر سر غلام حسين هدايت الله جي بنگلي جي سامهون مظاهرو ڪيو. گورنر ملاقات کان انڪار ڪيو بعد ۾ شاگردن جو اهو اجلاس گورنر جنرل هائوس پهچي محمد علي جناح جيڪو گورنر جنرل هو ملاقات ڪئي ۽ احتجاج ڪيو. سنڌي ماڻهن اڳواڻن ۽ ويندي مسلم ليگي سنڌي اڳوانن ان جي مخالفت ڪئي پر انهن جي احتجاجن جي باوجود 20 مئي 1948ع ۾ دستور ساز اسيمبلي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاقي حدن ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن واقعي خلاف سنڌين ڀرپور احتجاج ڪيو. سنڌين جو موقف هو ته سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ کان وٺي آزادي جي تحريڪ جو مقصد اهو هو ته سنڌين کي مڪمل سياسي آزادي نصيب ٿئي. هن جا شهر انهن جا هجن ۽ سنڌ جي معيشت تي سنڌ صوبي جي ماڻهن جي حق کي مڃيو وڃي ۽ صوبي ۾ سنڌي پنهنجي وجود ٻولي ۽ ثقافت کي سنڀالي سگهن. انهن احتجاجن جي پارليامينٽ جي معزز ميمبرن هٿان هڪ غير فطري موت مري ويئي. سڀني جمهوري، قانوني ۽ اخلاقي اصولن کي بي رحمي سان پائمال ڪيو ويو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اٿندڙ آواز ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو ويو. هن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي خاموش آواز ۾ به تلخي موجود آهي. اڃان به وقت آهي حڪمران هن کي ٻڌن ۽ سمجهن.

اسيمبلي ۾ اهو ٺهراءُ 11 فيبروري 1948ع ۾ خواجا شهاب الدين پيش ڪيو هو. پاڪستان جو وزيراعظم لياقت علي خان هن ۾ پيش پيش هو. مهاجرن جو هڪ مختصر حلقي مولانا شبير احمد عثماني جي اڳواڻي م سنڌين جو ساٿ ڏنو. هو هر احتجاج ۾ سنڌي ميمبرن سان گڏ هو. قانوني طور تي به اهو هڪ غلط قدم هو ڇاڪاڻ ته گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع ۽ انڊين انڊ پينڊنس ايڪٽ 1947ع موجب سنڌ هڪ خودمختيار ۽ الڳ صوبو هو. هن جي ڪنهن به هڪ حصي کي الڳ ڪرڻ قانوني ڏوهه هو. اهڙي صورت ۾ جڏهن اڃا ملڪ ۾ آئين به موجود نه هجي وڌيڪ خطرناڪ هو هن لاءِ ضروري هو ته پوري سنڌ ۾ ريفرنڊم ڪرايو وڃي ته هو ڪراچي جي جدائي چاهين ٿا يا نه.

11 جون 1948ع ۾ سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل جو اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. جنهن ۾ دستور ساز اسيمبلي جي هن فيصلي کي رد ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي ۾ به ميمبرن هن فيصلي خلاف هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو. سنڌ مسلم ليگ جي ميمبرن مرڪزي مسلم ليگ جي هن فيصلي تي ڇتي تنقيد ڪندي سنڌ ۾ رستو هموار ڪرڻ لاءِ سنڌ متحده عوامي محاذ جو بنياد وڌو. جنهن تحت ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي جلسا منعقد ڪيا ويا. هن موقعي تي سنڌ مسلم ليگ جي سيڪريٽري جنرل آغا غلام نبي پٺاڻ ايستائين چيو ته جيڪڏهن اهو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته، ”اسان پاڪستان جي ٺهراءُ جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏينداسين.“ اها ڳالهه الوحيد اخبار 11 فيبروري 1948ع ۾ شه سرخي سان ڇاپي هئي. الوحيد اخبار هن سلسلي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. مضمونن ۽ ايڊيٽوريلن وسيلي حڪومت جي هن فيصلي کي ننديو ويو. مولانا دين محمد وفائي ان وقت الوحيد جو ايڊيٽر هو.

ڪراچي کي ڌار ڪرڻ واري مسئلي تي ڪراچي جي سنڌي ماڻهن محمد ايوب کهري جي گهر جو گهيراءُ ڪيو. ياد رهي ته ورهاڱي کانپوءِ محمد علي جناح، سر غلام حسين هدايت الله کي سنڌ جو گورنر ۽ محمد ايوب کهڙو کي سنڌ جو وڏو وزير منتخب ڪيو. تن ڏينهن ۾ پاڪستان جو وزيراعظم لياقت علي خان هو ۽ خود مهمد علي جناح گورنر جنرل مقرر ٿيو. کهڙي صاحب فيبروري 1948ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس سان ملاقات ڪئي ۽ گهر ڪئي ته هن فيصلي کي رد ڪيو وڃي. محمد علي جناح اها ڳالهه نه مڃي. هن چيو ته هن فيصلي سان سنڌ جو جيڪو مالي نقصان ٿيندو اهو وفاق ڀري ڏيندي ۽ ڪراچي ۾ قائم سنڌ صوبي جي جاين جو اجورو به نه ڏنو ويندو. انهن سڀني احتجاجن جي باوجود 22 جولائي 1948ع ۾ گورنر جنرل هڪ حڪم وسيلي ڪراچي جي 812 اسڪوائر ميل جو علائقو جنهن ۾ ٻهراڙي ڪراچي جي 92 ديهن مان 55 ديهون شامل هيون، جو پورو علائقو وفاقي حڪومت جي حوالي ڪيو. 38 ديهون نئين ٺهندڙ ضلعي ٺٽي ۾ شامل ڪيون ويون.

1948ع ۾ ضلعو ٺٽو ٺاهيو ويو ته هاڻوڪي ڪراچي جون 38 ديهون هن ۾ شامل ڪيون ويون. ٻهراڙيءَ جو باقي  علائقو جيڪو 54 ديهن ۽ ميونسپالٽي وارن علائقن تي ٻڌل هو. وفاق جي حوالي ڪري هن جو نالو فيڊرل ڪيپٽل ايريا رکيو ويو لوڪل بورڊ جيڪو ٻهراڙين تي ٻڌل هو هن کي ختم ڪيو ويو. شهر ۾ ميونسپالٽي موجود هئي جنهن ۾ ٻهراڙي جي ڪا به نمائندگي نه هئي. 1948ع کان 1963ع تائين ڪراچي ۾ ٻهراڙي نه ڪا اليڪشن ٿي ۽ نه ئي لوڪل بورڊ جو وجود هو. ٻهراڙي جي ڪنهن فورم تي ڪا نمائندگي نه هئي. انهن جو آواز ٻڌڻ وارو ڪونه هو. 1956ع ۾ الهه پاڪستان ۾ اسيمبليون جون چونڊيون ٿيون ته هن علائقي کي لسٻيلي سان ملائي هڪ تڪ ٺاهيو ويو.

هن فيصلي سان سنڌ حڪومت کي اٺ ملين روپين جو نقصان ٿيو جنهن لاءِ چيو ويو ته وفاق ڀري ڏيندي پر ائين نه ڪيو ويو. 18 فيبروري 1949ع کان 7 مئي 1950ع تائين پهريون ۽ آخري ڀيرو ڪراچي جو مقامي ماڻهو يوسف هارون سنڌ جو وڏو وزير بڻيو.

1952ع ۾ هندستان کان آيل هڪ شخص حسين امام ڪراچي صوبي جو شوشو ڇڏيو. هن جو موقف هو ته جيئن ته ڪراچي هاڻي سنڌ جو شهر نه رهيو آهي. تنهن ڪري هن کي هندستان مان آيل مهاجرن لاءِ ڌار صوبو ڪري ڏنو وڃي. ڪراچي جي اردو پريس انهيءَ جي حق ۾ زبردست مهم هلائي. حسين امام هن تجويز جي حق ۾ ”ڊان“ اخبار ۾ سلسلي وار مضمون لکيا. هن اها به تجويز ڏني ته ڪراچي شهر اندر انهيءَ سلسلي ۾ ريفرينڊم ڪرايو وڃي.

سنڌي اڳواڻ ۽ عوام کي اها ڳالهه هاڻي سمجهه ۾ اچي چڪي هئي ته ڪراچي کي الڳ ڪري وفاق ۾ شامل ڪرڻ جو اصل مقصد ڇا هو؟ سنڌ جي ماڻهن ان جي جواب ۾ چيو ته سنڌ جيئن ته ڪراچي جو حصو رهيو آهي ته اهو هق به ريفرينڊم وسيلي سنڌي عوام کي ڏنو وڃي. ڪراچي جي ترقي پسند دانشورن ڪراچي صوبي جي مخالفت ڪئي.

اڳتي هلي حڪومت پاران سياستدانن کي پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق هلائڻ لاءِ هڪ نئون قانون PRODA (پروڊا) Public representative office Diqualifiction Act of 1949 ٺاهيو ويو. جنهن جو پهريون نشانو محمد ايوب کهڙو بڻيو. انهيءَ وچ ۾ سنڌ ۽ مرڪز ۾ 1954ع تائين حڪومتون ٺهنديون رهيون ۽ ڊهنديون رهيون. 8 نومبر 1954ع ۾ ايوب کهڙو ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير بڻيو ۽ سندس ويجهو دوست پير علي محمد راشدي حڪومت جي هڪ خاص مشن تحت آيا هئا. اهو مشن هو ون يونٽ جو منصوبو. جيڪو ايوب خان جو خاڪو هو. ايوب خان هن وقت فوج ۾ ڪمانڊران  چيف هو. اها ڳالهه ان ڪري ڪئي ويئي ته بنگالي اڪثريت کي ڪيئن ختم ڪجي ۽ سنڌ کي ڪيئن ڪالوني بڻائجي. ڪراچي جو ميونسپالٽي ۾ جتي هندستان کان آيل ٿاڦيل ميمبرن جي گهڻائي هئي. جيڪو اڳ ۾ ئي ون يونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪري چڪي هئي. ڊسمبر 1954ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڏايو ويو. ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ايوب کهڙو ۽ پير علي محمد راشدي سرگرم هئا. هن لاءِ انهن پنهنجي بچاءُ ۾ وڏا وڏا دليل ڏنا. سنڌي ماڻهن انهن دليلن کي رد ڪيو. اجلاس ۾ 110 جي ايونا ۾ 98 ميمبرن ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ فقط چئن ميمبرن مخالفت ڪئي. انهن چئني مان جيڪي سنڌ جا سچا سڄڻ هئا (!) عبدالمجيد جتوئي (2) غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي (3) پير الاهي بخش ۽ (4) خورشيد احمد شيخ شامل هئا. ڪجهه ميمبر موڪل تي ويل هئا ۽ ڪجهه جايون خالي هيون. ون يونٽ جو مقصد سنڌ جي دولت تي قبضو ڪرڻ ۽ سنڌ جي زمينن کي ڦٻائڻ هو. سنڌ اسيمبلي هن رستي ۾ رڪاوٽ هيو. ون يونٽ ۾ اولهه پاڪستان جي چئني صوبن کي ملائي هڪ صوبو اولهه پاڪستان جڏهن بنگال تي ٻڌل اوڀر پاڪستان ٺاهيو ويو. اولهه پاڪستان جي چئني صوبن کي ملائي هڪ صوبو اولهه پاڪستان جڏهن بنگال تي ٻڌل اوڀر پاڪستان ٺاهيو ويو. اولهه پاڪستان جي گادي جو هنڌ لاهور ۾ هو تنهنڪري سنڌ جي قسمت جا فيصلا لاهور ۾ ٿيندا هئا. سنڌ جي زمينن جي قسمت جو فيصلو، نوڪرين ۽ ويندي لوڪل گورنمينٽ جي ترقياتي اسڪيمن جي منظوري به لاهور کان ملندي هئي.

ون يونٽ ڪري سنڌ جي سورن ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيو. اڳتي هلي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن پنهنجي هن فيصلي تي پڇتائڻو پيو. سنڌي ماڻهن سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرن ۾ جيڪا تحريڪ هلائي 19 سالن کانپوءِ اهي خوشي ختم ٿي ويئي.

ون يونٽ قائم ٿيڻ سان سکر بئراج جون بچيل ڇهه لک ايڪڙ زمينون ٽن سالن اندر غير سنڌين جي حوالي ڪيون ويون. هن کان اڳ جڏهن 1933ع ۾ اهو بئراج ٺاهيو ويو ته 1909ع ۾ ڄمڙائو بئراج ٺاهيو ويو ته وڏي تعداد ۾ پنجابي آبادگارن جيڪي انگريز فوج ۾ خدمتون انجام ڏيندا هئا. انهن جي حوالي ڪيون ويون. ون يونٽ دوران به سکر بئراج جون بچيل زمينون ريٽائرڊ فوجين ۽ بيورو ڪريٽن کي الاٽ ڪيو ويون.

ون يونٽ قائم ٿيڻ خلاف سنڌي ماڻهن، سنڌي پريس، دانشورن ۽ اديبن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اخبارن م هلال پاڪستان نواءِ سنڌ، نئين سنڌ، ڪاروان ۽ مهراڻ پنهنجي مضمونن وسيلي ون يونٽ خلاف انهن جي خامين تي مضمون لکيا. ايوب کهڙو کان اڳ عبدالستار پيرزادي جي حڪومت هئي حڪمرانن ڏٺو ته عبدالستار پيرزادي جي هوندي سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جي حمايت ۾ج ووٽ حاصل ڪرڻ ڏکيو هوندو ته هن جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي جي ان وقت جي اسپيڪر غلام علي ٽالپر کي گرفتار ڪري ٿر مٺي ۾ قيد ڪيو ويو.

1956ع م ملڪ جي ڇهن پارٽين پاڻ ۾ اتحاد ڪري ضم ٿي هڪ نئين سياسي پارٽي: ”نيشنل پارٽي“ نالي ٺاهي. اهي ڇهه پارٽيون هيٺيون هيون.

پرنس عبدالڪريم ۽ مير غوث بخش بزنجو جي پارٽي. ”استمان گل“.

جي. ايم سيد جي پارٽي، ”سنڌ متحده محاذ.“

حيدر بخش جتوئي جي پارٽي، ”سنڌ هاري ڪاميٽي“.

عبدالغفار خان پارٽي. ”خدا خدمتگار.“

عبدالصمد خان اچڪزئي جي پارٽي. ”ور ور پشتون“.

ميان افتخار الدين جي پارٽي ”آزاد پاڪستان پارٽي.“

نيشنل پارٽي ون يونٽ جي سخت مخالفت شروع ڪئي. 1957ع ۾ اوڀر پاڪستان م مولانا ڀاشاني جي عوامي ليگ ۾ هن پارٽي ۾ شامل ٿي ته پارٽيءَ جو نالو ”نيشنل عوامي پارٽي“ رکيو ويو هن پارٽي جي ٺهڻ ۾ ڪميونسٽن جي ڌڙن چڱو ڪردار ادا ڪيو. اها پارٽي سياسي انداز ۾ اڳتي وڌي رهي هئي. هن جي مقبوليت م واڌ ٿي رهيو هو ته 8 آڪٽوبر 1957ع تي آمريڪا جي آشيرواڌ تي ملڪ ۾ مارشل لاءِ لڳايو ويو. پوري ملڪ ۾ نيشنل عوامي پارٽي جي ترقي پسند ڪارڪن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ موڪليو ويو. جنهن جو اثر ڪراچي ۾ لياري رهيو، جتي يوسف نسقندي انهن جو اڳواڻ هو. گهنن ڪارڪن پناهه لاءِ ڪراچي جو رخ ڪيو.

مارشل لاءِ کان ٻه ڏينهن اڳ بلوچستان تي فوج ڪشي ڪئي ويئي. 80 سالن جو نوروز خان هڪ سال تائين فوج جو مقابلو ڪندو رهيو. هن لڙائي جو مرڪز جهالا وان رهيو. آخر م قرآن شريف کي وچ ۾ آڻي نواب نوروز خان ۽ سندس ساٿين کي جبلن تان لهڻ تي مجبور ڪيو. ڳالهين وسيلي مسئلي حل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو.

بعد ۾ فوجي پنهنجي ڳالهين کان ڦري ويا ۽ نواب نورو خان ان جي پنجن پٽن ۽ ٻين ساٿين کي گرفتار ڪري جولاءِ 1960ع م حيدرآباد جيل ۾ ڦاهي تي لٽڪايو ويو. نوروز خان کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ويئي. هن تحريڪ جو مرڪز به ڪراچي ۾ لياري رهيو. گهنن روپوش ڪارڪنن لياري ۾ پناهه ورتي. لياري ۾ هن فوجي ڪارروائي خلاف مظاهرا ٿيا. جلوس ڪڍيا ويا. ڪراچي مان صحافي سياسي اڳواڻ مير محمد حسين عنقا ۽ مير غوث بخش بزنجو کي گرفتار ڪري  بدنام زمانه ٽارچر سيل قلي ڪئمپ ۾ رکيو ويو.

انهيءَ دوران مولانا ڀاشاني جي اڳواڻي ۾ نعپ جو هڪ ڌڙو الڳ ٿيو. جڏهن ته ٻئي ڌڙي جو اڳواڻ خان عبدالولي خان هو. عوامي ليگ ۾ جيئن ته مختلف کاٻي ڌر جا اڳواڻ ۽ قوم پرست هئا انهن جي نظرين ۾ اختلاف هئا ۽ پاڪستان جي ٻنهي حصن جون زميني حقيقتون به مختلف هيون.

خان عبدالولي خان، عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش بزنجو ۽ خير بخش مري سان ملي سرحد ۽ بلوچستان ۾ نعپ کي مضبوط ڪيو. سنڌ ۾ نعپ جو اثر ڪراچي ۾ گهڻو هو. هتان جا گهڻا بلوچ نعپ ۾ سرگرم هئا. جن ۾ لال بخش رند، گل محمد هوت، حيدر قوم ۽ ٻيا  شامل هئا. جن لياري ۾ نعپ کي مضبوط ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org