ڪراچي کي 70 ملين گيلن پاڻي روزانو فراهم ڪرڻ جو
پهريون مرحلو 1961ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. جنهن تي هن
وقت 180 ملين رپيا خرچ آيو. جنهن لاءِ ڪي. ڊي. اي
ڳجي وٽان ڄام برانچ مان الڳ ڪئنال ڪڍيو جنهن کي
ڪي. ڊي. اي چينل جو نالو ڏنو ويو. وڌيڪ 70 ايم جي
ڊي (ملين گيلن روزانو) پاڻي فراهمي جو ٻيو مرحلو
1969ع ۾ شروع ڪيو ويو ۽ 1971ع ۾ مڪمل ڪيو ويو.
جنهن تي 200 ملين رپيا خرچ آيو. ٽيون مرحلو 1971ع
۾ شروع ڪيو ويو. 1978ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. جنهن تي
750 ملين رپيا خرچ آيو. چوٿين مرحلي ۾ وڌيڪ 70
ملين گيلن پاڻي روزانو فراهم ڪيو ويو. جنهن هيٺ
1981ع ۾ ڪينجهر مان هڪ ٻيو ڪينجهر ڳجو ڪئنال ڪڍيو
ويو جنهن کي ڳجي وٽ ڄام برانچ مان نڪتل ڪي. ڊي. اي
چينل سان ملايو ويو. ان کانسواءِ انهن ڪئنالن مان
پاڻي گهٽ ٿيڻ جي يا بند ٿيڻ جي صورت ۾ هاليجي مان
هڪ ايمرجنسي ڪئنال پڻ ٺاهيو ويو آهي. ان کي ڳجي لڳ
ڄام برانچ مان نڪرندڙ ڪي. ڊي. اي چينل سان ملايو
ويو آهي. 1983ع ۾ ڪي. ڊي. اي کي ٻن حصن ۾ ورهايو
ويو. پاڻي لاءِ الڳ ادارو ”ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج
بورڊ“ جوڙيو ويو.
سال 1951ع ۾ ڪراچي جي ٻهراڙيءَ جو هڪ منظر
انهن چئن مرحلن کي ڪي-1
(K-I) جو نالو ڏنو
ويو. جنهن تحت ڪراچي کي هُن وقت 238 ملين گيلن
پاڻي فراهم ڪيو ويندو هو. 1990ع کانپوءِ ڪراچي
واٽر اينڊ سيوريج بورڊ پاران ڪي-2 منصوبو شروع ڪيو
ويو جنهن هيٺ وڌيڪ 100 ملين گيلن پاڻي روزانو
ڪراچي کي ملڻ لڳو. پهريون ڀيرو لوهي پائيپن جي
بجاءِ ڳجي تائين ڪئنال کي آر. سي.سي ڪيو ويو.
22
مئي 2006ع تي پرويز مشرف ڪي- 3 منصوبي جو افتتاح
ڪيو. جنهن اسڪيم هيٺ سنڌوندي مان ڪينجهر رستي وڌيڪ
100 ملين واڌو پاڻي روزانو شهر کي فراهم ڪيو پيو
وڃي. ڪي-3 منصوبي جي پيڙهه جو پٿر 26 اپريل 2002ع
تي جنرل پرويز مشر رکيو. هن اسڪيم تي 5 ارب 80
ڪروڙ روپيا خرچ آيو آهي. هن اسڪيم مان 4 ملين گيلن
پاڻي روزانو حب انڊسٽريل ايريا کي ڏنو ويندو آهي.
اسڪيم ڪراچي اينڊ واٽر سيوريج بورڊ جي آهي، پاڻي
سنڌو مان کنيو پيو وڃي، جنهن جو پاڻي ٻئي صوبي جي
انڊسٽريل ايريا کي ڏنو پيو وڃي. جيڪو حڪمرانن جي
نظر ۾ جائز آهي. ٻئي پاسي جڏهن اها اسڪيم گهارو
فلٽر پلانٽ کان ڌاٻيجي فلٽر پلانٽ، بن قاسم ٽائون
۽ ملا حسين بروهي فلٽر پلانٽ، گڏاپ ٽائون مان گذري
شهر ڏانهن وڃي ٿي ته لائين جي ٻنهي پاسي فقط هڪ
ڪلوميٽر جي فاصلي تي 100 کان مٿي ڳوٺ آهن انهن
لاءِ اهو پاڻي ڄڻ حرام آهي ۽ چيو اهو وڃي ٿو اهو
شهر جو پاڻي آهي. هاڻي جڏهن نئين بلدياتي نظام تحت
ٻهراڙيون ختم ڪيون ويون آهن پر پوءِ به ڳوٺن کي
پاڻي نٿو ڏنو وڃي. ڪنهن دور ۾ ڪجهه ڪنيڪشن ڏنا ويا
هئا. هن کان پوءِ اهو سلسلو بند ڪيو ويو. پر انهن
ڳوٺن جي وچ ۾ جڏهن نيون هائوسنگ اسڪيمون شروع ڪيون
وڃن ٿيون ته انهن لاءِ پاڻي جام هوندو آهي. اها
ٻٽي پاليسي سمجهه کان ٻاهر آهي. ٻهراڙي جا ماڻهو
ڄڻ هن ملڪ جا شهري نه آهن. سنڌو درياهه مان ڪينجهر
رستي ڪي-4 منصوبي لاءِ سروي جو ڪم هلندڙ آهي. هن
اسڪيم جي مڪمل ٿيڻ سان 100 ملين گيلن واڌو پاڻي
ڪراچي کي ڏنو ويندو.
ڪراچي کي پاڻي مهيا ڪرڻ جو ٽيون وسيلو حب ڊيم آهي.
جيڪو گڏاپ جي علائقي ۾ حب ندي تي ٺهيل آهي. حب ڊيم
ڪراچي مرڪز کان 35 ميل ڏکڻ اوڀر پاسي آهي. هزارين
سالن کان بلوچستان جي جبلن کان وهي ايندڙ پاڻي کي
انهيءَ ڊيم وسيلي گڏ ڪري ڪراچي کي پيئڻ لاءِ پاڻي
مهيا ڪيو وڃي ٿو.
پهرئين منصوبو اهو هو ته ڊيم جو پاڻي ساڪران
لسٻيلو (بلوچستان)، گڏاپ ۽ منگهو پير (ڪراچي سنڌ)
جي گرين بليٽ لاءِ هوندو. منصوبو اهو هو ته ڪراچي
جي پسگردائي ۾ جتي کوهن وسيلي پاڻي حاصل ڪري زراعت
ڪئي ويندي آهي. بارش جي گهٽ پوڻ ڪري اهي علائقا
ويران ٿيندا پيا وڃن جنهن لاءِ ڊيم ۾ پاڻي جمع ڪري
زراعت کي بچائڻ لاءِ اهو پاڻي استعمال ڪيو ويندو.
واڌو پاڻي ڪراچي کي پيئڻ لاءِ ڏنو ويندو.
1959ع ۾ اهو پورو علائقو واپڊا جي حوالي ڪيو ويو.
1960ع ۾ سروي جو ڪم شروع ڪيو ويو. 1963ع ۾ ڊيم
لاءِ ٽينڊر گهرايا ويا. ڪم جي شروعات 1965ع ۾ ٿي.
هن تي خرچ جو ڪاٿو هڪ ارب لک رپيا لڳايو ويو، جنهن
۾
32.5%
ملين سيڪڙو غير ملڪي قرض به شامل هو. ڊيم تي ڪم
جون 1981ع ۾ مڪمل ٿيو. نهري نظام جو ڪم جون 1982ع
۾ مڪمل ڪيو ويو.
ڊيم جي ڪل ڪمانڊ ايريا هڪ لک 31 هزار ايڪڙ آهي. 17
سالن جي عرصي ۾ هي منصوبو مڪمل ٿيو. هن ۾ پاڻي جي
ذخيري جي گنجائش ست لک 60 هزار ايڪڙ فٽ آهي. هن
ڊيم جي ڪري بلوچستان ۽ سنڌ جي مٿين علائقن جو پاڻي
اچي ٿو. ان جو ڪل رقبو 3875 اسوائر ميل آهي. شروع
۾ ڊيم جي ذخيري مان هڪ لک 93 هزار ايڪڙ فٽ پاڻي
ساليانو فراهم ڪيو ويندو هو.
هن
جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ گڏاپ ۽ منگهو پير کي زراعت
لاءِ پاڻي ڏيڻ جو منصوبو ترڪ ڪيو ويو. اهو فقط
دوکو هو. ڇاڪاڻ ته ماڻهن ڊيم ٻڌڻ تي اعتراض ڪيو هو
ته ان وهندڙ پاڻي جي ڪري منگهو پير، بند مراد خان
واري علائقي ۾ هزارين ايڪڙ تي زراعت ٿيندي هئي.
بند مراد خان مان کسيون ڪڍي زراعت لاءِ پاڻي
استعمال ڪيو ويندو هو. انهن اعتراضن کي ختم ڪرڻ
لاءِ اهو چيو ويو ته ڊيم مان زراعت جي پاڻي جو
پورائو ڪيو ويندو. تنهن تي ماڻهو چپ رهيا ۽ انهن
حڪمرانن تي اعتبار ڪيو. هاڻي ان ڊيم مان فقط همدرد
يونيورسٽي جي باغ ۽ ڪجهه سرڪاري فارمن کي پاڻي ڏنو
ويندو آهي. ڊيم جي ڪري سمنڊ تائين لکين ايڪڙ زمين
ڪلراٺي ٿي ويئي آهي. ماڻهن جون زرعي زمينون مٺي
پاڻي جي نه هئڻ ڪري تباهه ٿي ويون آهن ۽ سمنڊ جو
پاڻي مٿي چڙهي آيو آهي.
1993ع ۾ نهرن جي ري ماڊلنگ ڪئي ويئي. پاڻي جي
ورهاست کي ڪجهه هن طرح رکيو ويو آهي. ڪراچي کي
پيئڻ جي پاڻي لاءِ سئو ملين گيلن روزانو ۽
بلوچستان کي 15 ملين گيلن فراهم ڪيو ويندو. ڊيم جي
مڪمل ٿيڻ وقت اهو ڊيزائن ڪيو ويو ته ڪراچي کي 210
ڪيوسڪ ۽ بلوچستان کي 160 ڪيوسڪ روزانو پاڻي ڏنو
ويندو. پر اهو دارومدار بارش تي آهي. 1999ع ۾
بارشن جي نه پوڻ ڪري ڊيم جو پاڻي ڊيڊ لائين کان به
هيٺ هليو ويو. پاڻي جي آخري گنجائش جي حد 97 هزار
ايڪڙ فٽ آهي. پاڻي جي گهٽ ٿيڻ جي صورت ۾ جڏهن پاڻي
نهر جي سطح کان هيٺ لهي ويندو آهي ته نهر ۾ پاڻي
پهچائڻ لاءِ واپڊا پاران ڏهه وڏيون پمپنگ مشينون
لڳايون ويون آهن، جنهن سان پاڻي کي گهٽ ٿيڻ جي
صورت ۾ نهر تائين پهچايو ويندو آهي.
ڊيم مان ڪراچي ۽ بلوچستان کي پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ
نهرن جي ٽوٽل ڊيگهه 39.2 ميل آهي. جڏهن مرڪزي نهر
جي ڊيگهه 5.2 ميل آهي جتان کانپوءِ ڪراچي ۽
ساڪران، لسٻيلو ۽ حب (بلوچستان) جي صنعتي علائقن
لاءِ نهرون ڌار ٿين ٿيون. بلوچستان ۾ ضلعي لسٻيلي
جي صنعتي علائقن، حب شهر ۽ حب صنعتي علائقي کي
پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ۽ 21 هزار ايڪڙ زراعت لاءِ
پاڻي فراهم ڪندڙ نهرن جي لمبائي 20 ميل آهي. جنهن
مان زراعت لاءِ مائنز ڪڍيا ويا آهن جن جي ڪل
لمبائي 19 ميل ۽ تعداد 9 آهي.
16
مئي 2000ع ۾ ڪراچي کي پاڻي پهچائيندڙ نهر کي ڪراچي
واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن
ته ڪراچي جي هڪ هزار ايڪڙ زمين (همدرد باغ ۽ ڪجهه
سرڪاري باغن) زراعت لاءِ پاڻي بند مراد مائنز
لسٻيلا برانچ مان ڪڍي ويئي آهي. جنهن کي جنوري
1986ع ۾ حڪومت سنڌ جي حوالي ڪيو ويو آهي. لسٻيلا
برانچ ڪئنال کي 9 ڊسمبر 1986ع ۾ بلوچستان حڪومت جي
حوالي ڪيو ويو آهي. ڊيم جي سار سنڀال لاءِ پهرئين
275 ماڻهو مقرر هئا ۽ انهن جو تعداد هاڻي فقط 100
آهي جنهن مان مقامي ماڻهو 40 آهن.
هن
ڊيم مان نڪرندڙ ڪئنال ۽ ڪراچي نهر لڳ منگهو پير
تائين 20 کان مٿي ڳوٺ آهن جن کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي.
نهر مان پاڻي ڀرڻ جي منع آهي. ڀرڻ جي صورت ۾
ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو. حب ڊيم تي تفريح جا
بهتر موقعا موجود آهن پر هن پاسي ڪو ڌيان نٿو ڏنو
وڃي.
انهن ٽنهي وسيلن مان
30%
کان 40 سيڪڙو يعني روزانو 165 ملين گلين پاڻي ضايع
ٿئي ٿو. واٽر بورڊ جا ملازم، ٽينڪر مافيا ۽ ڪجهه
زميندارن سان ملي ڀڳت ڪري لائينن کي پريشر جي نالي
تي چوڪ ڪري ٿا ڇڏين ۽ اهو پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي
جنهن مان فقط واٽر بورڊ جا کيسا گرم ٿين ٿا. اهو
ضايع ٿيندڙ پاڻي به ڳوٺاڻن کي ڏنو وڃي ته ڳوٺن جي
پيئڻ جو اڌ مسئلو پاڻهي ئي حل ٿي ويندو. ياد رهي
ته انهن ٽٽل جاين تان به پاڻي ڀرڻ جي ڳوٺاڻن تي
بندش آهي. ڇاڪاڻ ته اهو پاڻي ٽئنڪر مافيا ڪجهه
زميندارن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
اهڙي طرح ڪراچي کي:
سنڌو درياهه مان (ڪينجهر ۽ هاليجي) 438 ملين گيلن
روزانو.
حب
ڊيم مان 100 ملين گيلن روزانو
ڊملوٽي مان 10 ملين گيلن روزانو
ڪل
548 ملين گيلن روزانو
ايتري پاڻي هوندي به ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ اڄ به
پاڻي جي کوٽ آهي. اهي انگ اکر واٽر ۽ سيوريج بورڊ
جا آهن. ضايع ٿيل پاڻي ۽ ٽئنڪر مافيا کي چوري
وسيلي پاڻي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. هن ۾ زراعت ۽ پولٽري
لاءِ جيڪي مين لائين تي چوري جا ڪنيڪشن ڏنا ويا
آهن انهن سڀني کي الڳ ڪيو وڃي ته ڪراچي کي فقط 380
ملين گيلن روزانو ملي ٿو. ڪجهه سرڪاري انگ اکر 629
ايم جي ڊي پاڻي ڏيکارين ٿا.
ڪراچي جي ٻهراڙي 2007ع ۾ 46 سال گذري وڃڻ کانپوءِ
به ڪا تبديلي نظر نه آئي
هن
پاڻي جي چوري جي نتيجي ۾ هڪ نئون ننڍو صنعتڪار
اڀري سامهون اچي رهيو آهي. اهي ٽئنڪرن جا ڌڻي آهن.
پرائيويٽ ماڻهن پاران ڪراچي ۾ هن وقت 150
هائيڊرينٽ
(Hydrants)
لياري ۽ ملير ندين جي ڪناري لڳل آهن. هن کانسواءِ
منگهو پير سميت مختلف علائقن ۾ اهي هائيڊرينٽ لڳل
آهن. جن مان گهڻو ڪري صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي مهيا
ڪيو وڃي ٿو. اها رپورٽ
Sindh
Environment, protacton Agency (SEPA)
جي آهي. ڪراچي جي سٽي حڪومت پاران فقط 35
هائيڊرينٽ کي لائيسنس ڏنل آهن. جتان هو ٽئنڪرن
وسيلي پاڻي حاصل ڪري سگهن ٿا. باقي سڀئي هائيڊرينٽ
غير قانوني آهن. هن وقت شهر ۾ 5500 کان مٿي واٽر
ٽئنڪر هلي رهيا آهن. جيڪي هڪ هزار گيلن جو ٽئنڪ
300 کان هڪ هزار تائين وڪرو ڪري رهيا آهن. اها
قيمت پنڌ تي ٻڌل آهي. پاڻي جي کوٽ وارن ڏينهن ۾
ٽئنڪر مافيا پنهنجي مرضي جا پئسا وٺن ٿا ۽ ماڻهن
جي مجبوري مان خوب فائدو حاصل ڪن ٿا. انهن وڏن
ٽئنڪرن ڪري ڪراچي جي ٽرئفڪ جو پورو نظام خراب ٿي
رهيو آهي. جنهن جا مثال ٽي هٽي فلمستان سينيما وٽ،
گارڊن لسٻيلو روڊ ۽ اسلاميه ڪاليج لڳ قائداعظم جي
مزار ڏانهن ويندڙ رستا آهن. انهن ٽئنڪرن ڪري ڪراچي
جا رستا به تباهه ٿي رهيا آهن. ياد رهي ته حڪومت
پاران ٽئنڪرن وسيلي پاڻي مهيا ڪرڻ جو هڪ منصوبو
رينجرز جي حوالي به آهي. قانوني هائيڊرينٽن، غير
قانوني هائيڊرينٽن، ٽوڙيل لائينن مان ٽينڪر حاصل
ڪندڙ پاڻي ۽ گڏهه گاڏين وسيلي پاڻي مهيا ڪرڻ وارن
کي روزانو چار ڪروڙ رپيا حاصل ٿين ٿا.
548 ملين گيلن پاڻي کي هيٺين جاين تي فلٽر ڪيو پيو
وڃي. سي او. ڊي فلٽر پلانٽ تي 118 ايم جي ڊي. پپري
(نئين) فلٽر پلانٽ تي 50 ايم جي ڊي. پپري (پراڻي)
فلٽر پلانٽ تي 25 ايم جي ڊي. اين. اي ڪي نئين
پلانٽ تي 100 ايم جي ڊي. حب فلٽر پلانٽ تي 100 ايم
جي ڊي ۽ گهاري فلٽر پلانٽ تي 25 ايم جي ڊي پاڻي
فلٽر ڪيو ويندو آهي. 155 ايم. جي. ڊي پاڻي فلٽر
نٿو ڪيو پيو وڃي. هن فرق کي پراڻي اين. اي. ڪي
فلٽر پلانٽ سائيٽ تي جتي ان مقصد لاءِ جاءِ ڇڏيل
آهي. فلٽر ڪيو ويندو.
ڪراچي جي آبادي جنهن تيزي سان وڌي رهي آهي ته هر
سال ڪراچي کي 150 کان 175 ملين گيلن پاڻي جي
روزانو ضرورت پوندي آهي. ڪراچي ۾ روزانو لينڊ
مافيا ۽ روزگار لاءِ ايندڙ ماڻهن پاران ڪچيون
آباديون قائم ڪيون پيون وڃن. هڪ هزار کان مٿي
جهيڙا جهڳڙا روز ٿيندا رهن ٿا. هڪ پاسي ڊفينس،
گلشن اقبال ۽ ٻين وي آءِ پي علائقن ۾ خوبصورت لان،
فواره، صاحبن جي ڪتن ۽ ڪارن کي وهنجارڻ لاءِ تمام
گهڻو پاڻي موجود آهي. پر انهن آبادين جي وچ ۾ قائم
ڳوٺن ۽ ڪچين آبادين جون عورتون بنگلن جي درن تي
پاڻيءَ جون صدائون هڻنديون رهنديون آهن.
ڪلفٽن، گلشن، ڊفينس ۽ ٻين وي آءِ پي علائقن ۾ پاڻي
جي کوٽ جي صورت ۾ سرڪار پاران ٽئنڪرن وسيلي پاڻي
مهيا ڪرڻ جو مضبوط نيٽ ورڪ موجود آهي. مختلف ڪچين
آبادين سواءِ لياري، ملير، ٽرانس لياري، گسري،
چينسر ڳوٺ، بخشڻ ڳوٺ، بابا ٻيٽ، شمس پير، کڏو،
ڪلري، کارودر، مٺو در، گلشن ۾ موجود ڳوٺ، صفوران،
گلستان جوهر، لانڍي ۽ ڪراچي جي پسگردائي جا ڳوٺ
پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسي رهيا آهن. سنڌو هوندي
پياسا ماڻهو ڪنهن در دانهن ڏين وقت جا حاڪم گونگا
۽ ٻوڙا بڻجي ويا آهن.
پراڻي ڪراچي ۾ وڏو الميو اهو آهي جو پاڻي جون
لائينون ڪجهه انگريزن وقت جون وڇايل آهن ۽ باقي
لائينن کي 30 کان 40 سال ٿي ويا آهن. هاڻي اهي ڳري
چڪيون آهن. گٽر جو پاڻي به پيئڻ جي پاڻيءَ سان ملي
ويو آهي. جنهن جي ڪري لياري، کڏو، ڪلري، کارو در،
مٺو در، چينسر ڳوٺ وارن علائقن سميت گهڻن علائقن ۾
ماڻهو بدبودار ۽ گٽر جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن.
ڪراچي جي ماڻهن کي فلٽر ٿيل پاڻي ملي رهيو آهي پر
ڪراچي واٽر بورڊ جو نيٽ ورڪ پراڻو ۽ پاڻي جون
سموريون لائينون خراب ٿي ويون آهن، جن جي تبديلي
جي ضرورت آهي. پراڻي شهر، لياري، گسري، لانڍي ۽
ٻين علائقن ۾ گندي ۽ پيئڻ جي پاڻي جون لائينون ملي
وڃڻ جون شڪايتون اينديون رهنديون آهن. ڪجهه علائقن
۾ پاڻي جون لائينون سيوريج لائين سان گڏوگڏ يا ان
جي ويجهي کان گذري رهيون آهن. نارٿ ڪراچي، لانڍي،
ناظم آباد ۽ لالو کيٽ وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي
جون لائينون نالن منجهان گذري رهيون آهن. ٻي پاسي
گٽر نالي سان گڏوگڏ پاڻي جي لائينن کي وڇايو ويو
آهي. ڪراچي جا اڪثر گٽر نالا بند آهن ۽ ان جو
وهڪرو رڪيل آهي. ان نالن جو پاڻي زمين ۾ اندر جذب
ٿيندو رهي ٿو. جتي گٽر نالا آهن. اتي زير زمين
پاڻي جي سطح مٿي آهي. جڏهن تيز رفتاري سان پاڻي
پائيپ لائينن مان گذري ٿو ۽ ڪمزور ۽ زنگيل حصن ۾
ٽوڙ ڦوڙ جي ڪري سوراخ ٿين ٿا. جڏهن لائينن ۾ پريشر
نه هوندو آهي ۽ خالي هجڻ جي صورت ۾ نالي جو گندو
پاڻي انهن سوراخن مان پائيپ لائين جي اندر وڃي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن کوٽائي دوران به کوٽائي جي اوزار سان
انهن ۾ سوراخ ٿئي ٿو ۽ انهن سوراخن ۾ بيٺل پاڻي به
ويندو آهي. لانڍي عوامي ڪالوني جو واقعو سڀني کي
ياد آهي. جنهن ۾ 15 ماڻهو مري ويا ۽ چار بيمار
ٿيا. تحقيقات کانپوءِ خبر پئي ته 100 هنڌن تي گندو
پاڻي انهن لائينن ۾ شامل ٿيو هو.
ڪراچي ۾ رهندڙن جو چوٿون حصو غيرقانوني طور آيل
بنگالي، بهاري، برمي، افعاني ۽ هندستاني رهائش
پذير آهي. جيڪڏهن ڪراچي جي وڌندڙ آبادي کي ڪنٽرول
نه ڪيو ويو ته پوءِ ايندڙ سالن ۾ هن شهر ۾ هاڻوڪي
ٺٽي، جنگشاهي، حب، وندر، اٿل، نيشنل پارڪ ۽ نوري
آباد جا علائقا اچي ويندا. جيڪڏهن اها صورتحال رهي
ته ايندڙ وقتن ۾ سنڌ جو هي شهر سخت مونجهاري وارو
شهر ثابت ٿيندو جنهن کي ڪوٽڙي بئراج وٽان
سنڌونديءَ جو باقي بچيل (ٻوڏ واري صورت ۾، هونئن
ته سنڌ ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ واري اڏامندي آهي)
سمورو پاڻي به پورو ڪونه پوندو.
ٿيندو تن طبيب، دارون منهنجي درد جو
انگريزن جي اچڻ کان اڳ هتي انگريزي دوائن ۽
ڊسپنسرين جو رواج نه هوندو هو. مشهور حڪيم ۽ طبيب
پنهنجن مطبن ۾ ماڻهن جو علاج ڪندا هئا. جتي حڪيم ۽
طبيب نه هوندا هئا ته نانيءَ يا ڏاڏيءَ پاران
پنسارين کان ورتل ٻوٽين سان ٺاهيل ڦڪيءَ ۽ ستيءَ،
پير صاحب جي ماجون، مولوي صاحب جي ڌاڳي ۽ تعويذ يا
شاهه صاحب پاران پڙهيل پاڻيءَ تي ڪم هلندو هو. مرض
جڏهن وڌي ويندو هو ۽ مريض تي علاج جا سڀ نسخا
آزمائڻ کانپوءِ به بيماري ختم نه ٿيندي هئي، ته
پوءِ هن مريض کي چيئن چاڙهيو ويندو هو چيئن چاڙهڻ
وارو علاج عام هوندو هو. اڄ ٻه ٻهراڙيءَ خاص ڪري
ڪراچي جي ڪوهستان واري علائقي ۾ چيئن جو علاج
ڪندا آهن. هن جو طريقو هي آهي ته ٻڪريءَ جي کل
لاهي بيمار کي سسيءَ کان وٺي پيرن تائين ويڙهي
ڇڏيندا آهن. لطيف سرڪار سر سامونڊي جي داستان
پهرئين جي هن بيت ۾ چيئن چاڙهڻ جو ذڪر آهي.
سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا
رئان رهن نه سپرين آيل ڪريان ڪيئن
مونکي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.
هن
کانسواءِ ٻهراڙي ۾ ماڻهوءَ کي ”چر“ ڪري به بيماري
جو علاج ڪيو ويندو هو. نج شين جي واپرائڻ ڪري
بيماريون عام نه هيون. گهڻو ڪري ڏڪار جي صورت ۾
بيماريون منهن ڪڍنديون هيون يا ڪڏهن موسم جي بدلجڻ
ڪري پليگ (مهامري) يا ٻيون وچڙندڙ بيماريون سالن ۾
اينديون هيون. جنهن جي ڪري گهڻا ماڻهو اجل جو شڪار
ٿي ويندا هئا. زمين به هيٺاهين هئڻ ڪري اتي جوءِ
ڇڏي لڏپلاڻ ڪري ٻين علائقن ڏانهن ويندا هئا. ڪراچي
سمنڊ جي ڪپ تي آباد آهي. زمين به هيٺاهين هئڻ ڪري
اتي جي هوا گهم واري آهي جنهن جي ڪري به هتي پوسل
ٿئي ٿي. ڪراچي جي بندرگاهه واري علائقي ۽ بندر
وارن ڳوٺن ۾ جتي مڇي مياڻ ۽ ٻاهرين ملڪ کان واپار
هلندو هو. جتي رستن ۽ صفائي جو صحيح انتظام نه هئڻ
ڪري هن وقت وچڙندڙ بيمارين جو خطرو موجود رهندو
هو. گهڻيون وچڙندڙ بيماريون سامونڊي ۽ خشڪي وارن
رستن ايندڙ قافلن وسيلي هتي اينديون هيون. ٽڪن جو
رواج نه هوندو هو. تنهن ڪري انهن تي ضابطو آڻڻ به
ڏکيو هوندو هو. انهن وچڙندڙ بيمارين ڪري بندر شهر
۽ ڳوٺ ويران ٿي ويندا هئا. جنهن جو هو پنهنجي
ڳوٺاڻن طريقن سان علاج ڪندا هئا. ڪراچي شهر جي ڀر
وارا علائقا سرسبز ۽ وڻڪار هئڻ ڪري بيمارين کان
محفوظ هوندا هئا.
انگريزن جي دور ۾ 1846ع ۾ ڪنزروينسي بورڊ جو جڙڻ
به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي ته ڪراچيءَ جي صحت
۽ صفائي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ بيمارين کي ڪيئن منهن
ڏجي. جولاءِ 1846ع ۾ جڏهن دستن جي بيماري ڪراچي ۾
شدت اختيار ڪئي ۽ ست هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
جنهن ۾ج 315 انگريز فوجي ۽ سويلين عورتون ۽ ٻار به
فوت ٿيا. جن جون قبرون صدر جي ڪانوينٽ اسڪول جي
ڏکڻ واري پاسي هڪ قبرستان ۾ آهن. ان بيماري ۾
چارلس نيپئر جو ڀائيٽو ڪئپٽن جان مور نيپئر جيڪو
ان جو ملٽري سيڪريٽري به هو. اجل جو شڪار ٿيو. ان
کانسواءِ 685 سپاهي به هتي دفن آهن جيڪي به ڪراچي
۾ بارش کانپوءِ وچڙندڙ بيماري ڪري فوت ٿيا.
انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي چارلس نيپئر 1846ع
ڪنزروينسي بورڊ جو بنياد وڌو. جنهن جو مقصد شهر جي
صفائي، گٽر جي پاڻي جي نيڪالي ۽ شهرين کي صاف پاڻي
مهيا ڪرڻ هو. 1851ع تائين اهو ادارو فقط فوجي
علائقن ۾ سرگرم هو. باقي شهر جا ماڻهو الله جي
آسري تي هئا.
جڏهن انگريزن ڪراچي تي قبضو ڪيو ته شهر کان ٻاهر
هاڻوڪي عيدگاهه ميدان ويجهو هڪ خالي جاءِ تي
انگريز فوجين پڙاءُ ڪيو. 1839ع ۾ هتي هڪ ڊسپينسري
قائم ڪئي ويئي. عارضي طرح ڊسپينسري، جيڪا موبائل
ڊسپينسري به هئي فقط فوجين لاءِ هوندي هئي. 1846ع
واري وچڙندڙ بيماري کانپوءِ فوجين جي ڪئمپ کي هتا
ن هٽائي هاڻوڪي صدر واري علائقي ۾ منتقل ڪيو ويو.
پر ڊسپينسري کي هتان منتقل نه ڪيو ويو. جنهن کي
اسپتال ۾ تبديل ڪيو ويو. اها ڪراچي ۾ قائم ٿيندڙ
پهرئين ڊسپينسري ۽ پهرئين اسپتال آهي. 1854ع ۾ هتي
هڪ ڪشادو اسپتال اڏيو ويو ۽ ان کي عام ماڻهن لاءِ
به کوليو ويو ۽ اسپتال جو نالو ”سول اسپتال“ رکيو
ويو. ان وقت هن جي جاءِ اڏڻ تي 6878 رپيا خرچ آيو
هو. 1858ع هن کي سنڌ ريلوي ڪمپني جي حوالي ڪيو
ويو. ان ۾ وڌيڪ وارڊن جو واڌارو ڪيو ويو. نرسن جي
رهڻ لاءِ ڪواٽر اڏيا ويا. بعد ۾ هن کي ڪراچي
ميونسپلٽي جي حوالي ڪيو ويو. سول اسپتال جو پهريون
انچارج مسٽر ارامسي
(Mr.
Aramsay)
هو ۽ مسٽر رستم جي ان جو اسسٽنٽ هو. 1946ع ۾ هتي
ڊائو ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيو ويو. هن وقت به هي
ڪراچي جي وڏن سرڪاري اسپتالن مان هڪ آهي.
اسپتال جي ريڪارڊ موجب 57- 1856ع ۾ 1894 مريضن جو
علاج ڪيو ويو. جن مان 46 مريضن کي داخل ڪيو ويو.
مريضن تي هُن سال 2516 رپيا خرچ آيو.
58-1857ع ۾ 2903 مريض جو علاج ڪيو ويو جن تي 2650
رپيا خرچ آيو. هن سال 55 مريض داخل ڪيا ويا. 59-
1858ع ۾ 2104 مريضن جو علاج ڪيو ويو. جن تي 2191
رپيا خرچ آيو ۽ ان سال 68 مريض داخل ٿيا.
1879ع ۾ ڪراچي ۾ لازمي ٽڪن لڳائڻ جو ايڪٽ،
Compulsory Vaccination Act 1879
منظور ڪيو ويو. جنهن لاءِ الڳ ادارو قائم ڪيو ويو.
اداري ۾ هڪ سپرنٽينڊنيٽ ويڪسينيشن، ويڪينيٽر، هڪ
ڪلرڪ، ٻه ڪمپائونڊر ۽ هڪ سپاهي ڀرتي ڪيا ويا. هن
عملي پاران گهر گهر وڃي ماتا ۽ ٻين بيمارين جا ٽڪا
لڳايا ويندا هئا. ٽڪن نه لڳائڻ وارن تي ڏنڊ وڌو
ويندو هو. جنهن جي ڪري بيمارين تي ضابطو اچڻ لڳو.
هن اداري کانپوءِ ماتا جي بيمارين جي صورتحال ائين
رهي ته 84- 1883ع ۾ 434 ماتا جي بيماري مان 108
ماڻهو وفات ڪري ويا. ٻين جو علاج ڪيو ويو. سال 85-
1884ع ۾ ماتا جا ڪل 4 ڪيس ٿيا. سال 86-1885ع ۾
ماتا جا 17 ڪيس ٿيا. جن ۾ ٽي مري ويا. سال
87-1886ع ۾ شهر ۾ 10 ڪيسن مان 3 فوت ٿيا.
ايڊلجي ڊنشا ڊسپينسري
1887ع ۾ ڪراچي جي سماج سڌارڪ ايڊلجي ڊنشا پاران
1882ع ۾ لياري ۾ لياري ڪواٽرز نالي ڊسپينسري قائم
ڪئي. هن ڊسپينسري ۾ مفت علاج جو بندوبست هوندو هو.
لياري ڪوارٽرز ڊسپينسري اڄ به موجود آهي ۽ هن وقت
سٽي گورنمينٽ جي حوالي آهي. ڊنشا پاران 1882ع ۾
صدر جي علائقي ۾ جهانگير ڪوٺاري باغ جي لڳ پريڊي
اسٽريٽ ۾ هڪ ڊسپينسري قائم ڪئي. بعد ۾ هن کي وڌائي
اسپتال جو درجو ڏنو ويو ۽ هاڻوڪي خوبصورت جاءِ تي
ٻارنهن هزار روپيا خرچ آيو. جاءِ جي ڊيزائننگ
ميونسپلٽي جي مشهور انجنيئر جيمز اسٽريچن ڪئي هئي.
اٽلي جي طرز تي اڏيل هي جاءِ اڄ به موجود آهي.
جيڪا هن وقت سٽي گورنمينٽ جي حوالي آهي. جنهن جو
نالو ”ايڊلجي ڊنشا ڊسپينسري“ آهي.
1885ع ۾ ايڊلجي ڊنشا پاران هڪ ڊسپينسري بندر روڊ
جي لڪشمي بلڊنگ جي سامهون کولي ويئي. هاڻي
ڊسپينسري جي جاءِ تي ايجوڪيشن آفيس آهي. اليگزينڊر
ايف. بيلي پنهنجي ڪتاب
Kurrachee Past, Present and Future
۾ انهن ٽنهي ڊسپينسرين جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”ڊسپينسرين ۾ سراسري طور روزاني 100 مريضن جو علاج
ڪيو ويندو آهي. ڊسپينسرين ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ سڀني
قبيلن جا ماڻهو ايندا هئا. ان وقت ڪراچيءَ ۾
مليريا، دست، الٽي، ٽي. بي، اکين جي بيماري، چمڙي
جي بيماري، دم ۽ پيٽ جي سور جون بيماريون عام
هيون.“
بيلي موجب، ”سال 88-1887ع ۾ انهن ٽنهي ڊسپينسرين ۾
31623 مريضن جو علاج ڪيو ويو. جن ۾ 5484 وچڙندڙ
بيمارين جا مريض هئا ۽ 4899 اکين جي بيمارين جا
مريض هئا ۽ انهيءَ سال انهن ڊسپينسرين ۾ ستن ڪوڙهه
جي مريضن جو به علاج ڪيو ويو. جن مان ٻن جو علاج
صدر واري ڊسپينسري ۽ پنجن جو علاج لياري ڪوارٽرز
واري ڊسپينسري ۾ ڪيو ويو. انهن ڊسپينسرين جي جاچ
لاءِ ميونسپلٽي پاران ٻه ميمبر مقرر ڪيا ويا جيڪي
هر مهيني ٻه ڀيرا جاچ ڪندا آهن. سنڌ جو سول سرجن
مهيني ۾ ٻه ڀيرا جاچ لاءِ انهن ڊسپينسرين جو دورو
ڪندو آهي.“
ڪراچي ۾ انهن ڊسپينسرين کانسواءِ گسري ۾ جيڪو ان
وقت شهر کان ڏور سمنڊ ڪناري خوبصورت ۽ کليل علائقو
هوندو هو. هتي ٽي. بي جي مريضن لاءِ 1854ع ۾ هڪ
اسپتال ”گسري سينيٽوريم“ قائم ڪيو ويو. جيڪو ڪراچي
۾ قائم ٿيندڙ ٻي اسپتال هئي. جنهن ۾ فوجين ۽ عام
ماڻهن جو علاج ڪيو ويندو هو. شهر جي وڌڻ ڪري ان
اسپتال کي بند ڪيو ويو.
1856ع ۾ منهوڙي واري علائقي ۾ ڪراچي جي ٽين اسپتال
قائم ڪئي وئي. جيڪا اڄ به موجود آهي ۽ فوجين جي
حوالي آهي.
1870ع ۾ برطانيا جي فوجين لاءِ ڪراچي ڪئينٽ اسٽيشن
ويجهو چوٿين اسپتال قائم ڪئي وئي. 1890ع ۾ هن کي
وڌايو ويو. هي ان وقت ڪراچي جي هڪ جديد اسپتال
هئي. هن اسپتال ۾ پهرئين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائي دوران
زخمي فوجين جو علاج ڪيو ويندو هو. خوبصورت اسپتال
اڄ به پي. اين. ايس شفا نالي قائم آهي ۽ پاڪستان
آرمي جي حوالي آهي. جتي فوجين کانسواءِ عام ماڻهن
جو علاج به ڪيو ويندو آهي.
ايڊلجي ڊنشا جيڪو ڪراچي ۾ ان دور ۾ ڊسپينسرين ۽
اسپتالن جي قائم ڪرڻ ۾ سرگرم هو. تنهن پاران 1881ع
۾ ڪياماڙي بندر تي ”ڪياماڙي اسپتال“ اڏڻ ۾ اهم
ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪراچي ميونسپلٽي کي ان جي اڏاوت
لاءِ پنج هزار رپين جو چندو به ڏنو. هن اسپتال جي
ڪري بندر گاهه ۾ ايندڙ جهازن جي ملاحن، مسافرن ۽
گودي جي مريضن لاءِ وڏي سهولت ٿي. هي اسپتال اڄ به
موجود آهي ۽ ڪي.پي. ٽي جي حوالي آهي.
1892ع ۾ ڪراچي ۾ جانورن لاءِ هڪ اسپتال نانڪ واڙي
۾ مسواڙ جي جاءِ ۾ قائم ڪئي وئي. 1895ع بندر روڊ
تي جانورن لاءِ ٻارنهن هزار رپين ۾ جديد جاءِ اڏي
ويئي. اسپتال جو نالو ڪراچي جي ان وقت جي ڪليڪٽر
مسٽر رچمنڊ ڪرا فورڊ جي نالي تي
Richmend Cerawford Veterinary Dispensary
رکيو ويو. جتي جانورن لاءِ مختلف وارڊ به ٺهرايا
ويا. هي اسپتال لوڪل بورڊ ڪراچي (ضلع ڪائونسل
ڪراچي) جي حوالي رهي آهي. 1960ع تائين هي اسپتال
جانورن لاءِ اڪيلي اسپتال طور استعمال ۾ رهي. شهر
جي وچ ۾ اچڻ ڪري هاڻي اها خوبصورت جاءِ جيڪا ريڊيو
پاڪستان ڪراچي جي بلڊنگ سان گڏ آهي. ريڊيو پاڪستان
واري جاءِ به لوڪل بورڊ ڪراچي جي زمين هئي. هتي
لوڪل بورڊ جي آفيس به هئي. اڄ به موجود آهي. هاڻي
هتي ويٽرنري کاتي جون آفيسون آهن. هن جاءِ لاءِ
ضلعي ڪائونسل ڪراچي پاران ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ هو. پر
14 آگسٽ 2001ع ۾ ضلع ڪائونسل ڪراچي کي ختم ڪيو ويو
ته ڪيس به ائين ختم ٿي ويو.
ليڊي ڊفرن اسپتال ۽ ميٽرنٽي هوم جي پراڻي تصوير
1886ع ۾ ساڌو هيرانند ٽرسٽ پاران منگهي پير جي
علائقي ۾ گرم چشمن ويجهو ڪوڙهه جي مريضن لاءِ هڪ
اسپتال ٺاهي ويئي. جنهن جو نالو سنڌ جي مشهور سماج
سڌارڪ ساڌو هيرانند جي نالي سان هو. اسپتال جو
انتظام ساڌو هيرانند ٽرسٽ حيدرآباد جي حوالي هو ۽
اسپتال جو خرچ ٽرسٽ وارا برداشت ڪندا هئا. ٽرسٽ
پاران هتي هڪ آشرم به قائم ڪيو ويو. اسپتال جي
ويجهو آسو مل حلوائي هڪ ڌرم شالو به ٺهرايو هو.
جتي ٿانو، چادرون ۽ کٽون مريضن لاءِ ملنديون هيون.
بعد ۾ اسپتال کي ميونسپلٽي پنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو.
اسپتال ۾ 100 بسترن جي گنجائش هئي. ورهاڱي کانپوءِ
آشرم ۽ ڌرم شالي تي ماڻهن قبضا ڪري گهر ٺاهيا آهن.
هاڻي اسپتال جو نالو منگهو پير گورنمينٽ جزامي
(ڪوڙهه) اسپتال آهي. اڄ به منگهي پير ۾ پٿر جي
ٺهيل ڌرم شالي ۽ آشرم جي جاءِ موجود آهي. جنهن ۾
گهر ٺاهي هن جي گهڻن حصن کي بدصورت ڪيو ويو آهي.
انهن ماضي جي يادگارن کي ڏسي هر حساس دل ماڻهو خون
جو ڳوڙها ڳاڙڻ کانسواءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهي.
ليڊي ڊفرن
ساڌو هيرانند (1893- 1862ع) ۽ نول راءِ (1893ع –
1843ع) حيدرآباد جي مکي شوقي رام نندي رام آڏواڻي
جا پٽ هئا. نول راءِ ڪلرڪ مان ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو ۽
گرونانڪ جي عقيدي وارن هندوئن سان ملي هن ”سک سڀا“
قائم ڪيو. بعد ۾ ان جو نالو ”سنڌ سڀا“ رکيو ويو.
ٻنهي ڀائرن سماجي ڪمن ۾ نالو پيدا ڪيو. سماجي ڪمن
جي ڪري ساڌو هيرانند ٽرسٽ قائم ڪيو ويو ۽ انهن جي
مشن کي پوين اڳتي وڌايو.
8
ڊسمبر 1896ع ۾ ڪراچي ۾ پليگ (مهامري) جي وبا ڦهلجي
ويئي. حڪومت 29 ڊسمبر تي سرڪاري طور هن جو اعلان
ڪيو. جيڪا جولاءِ 1897ع تائين جاري رهي. جنهن ۾
ٽوٽل 3398 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. ڪراچي کانپوءِ
اهو مرض وچڙندڙ بيماريءَ جي صورت ۾ حيدرآباد،
ڪوٽڙي، سکر ۽ شڪارپور تائين وڌيو. ڪراچيءَ ۾
انهيءَ بيماري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اڄ جتي بولٽن
مارڪيٽ آهي. هتي نيپئر روڊ پاسي گودام هئا انهن
گودامن واري جاءِ ايپيڊيمڪ اسپتال
(Epidemic Hospital)
قائم ڪئي ويئي. انهيءَ وچڙندڙ بيماري کانپوءِ
ماڻهن پراڻي شهر کي ڇڏي نوان علائقا آباد ڪيا. هن
کانپوءِ ڪراچي ۾ تڏهن هر سال مهامري (طاعون/ پليگ)
نروار ٿيندي رهي آهي. 1896ع کان 1905ع تائين
ڪراچيءَ ۾ مهامري وگهي مرڻ وارن ماڻهن جو انگ ڇهه
هزار کان مٿي هو. انگريز حڪومت پاران مناسب
بندوبست نه هئڻ ڪري انهيءَ عرصي دوران سنڌ ۾ ٻه لک
ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
5
نومبر 1894ع تي ڪراچي ۾ ڊاڪٽر ليڊي ڊفرن، پرنسس
اسٽريٽ (هاڻوڪي چاند بيبي روڊ) تي هڪ اسپتال ٺاهي
هئي. جنهن لاءِ مشهور سماجي اڳواڻ ايڊلجي ڊنشا
جاءِ فراهم ڪئي. ان وقت جاءِ جي قيمت هڪ لک رپيا
هئي. هي بنيادي طور هڪ ويم گهر آهي. جنهن ۾ هاڻي
اسپتال جو به واڌارو ڪيو ويو آهي. اها اسپتال اڄ
به ڪراچي جي بهترين اسپتالن مان هڪ آهي.
1912ع ۾ هتي ليڊي ڊفرن اسپتال سان گڏ هڪ نرسن جي
ٽريننگ جو انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو ويو. جنهن جو نالو
1909ع کان 1910ع تائين مقرر ٿيندڙ ڪراچي جي ڪليڪٽر
مسٽر ايڇ. سي لارنس
(Mr.
H.C Lawrance) جي مرهيات گهر واري لائوس لارنس جي نالي پويان لائوس لارنس نرسنگ ٽريننگ
انسٽيٽيوٽ رکيو ويو. اها خاتون ڪراچي جي مسيحي
قبرستان (گورا قبرستان) ۾ دفن آهي. ان اداري ڪراچي
۾ نرسن جي کوٽ جي پورائو لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.
1900ع جي شروع ۾ ڪراچي ۾ اکين جي بيماري هر ماڻهو
کي پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو. ڪراچي ۾ ان وقت تائين اکين
لاءِ الڳ اسپتال يا ڊسپينسري نه هئي. انهي بيماري
کانپوءِ ڊاڪٽر ڪي. اين. اسپينسر
(Dr.
K.N. Spencer)
ڪوششون ورتيون ۽ 1900ع ۾ لياري نئين جي ڪپ تي
لارنس روڊ (هاڻوڪو نشتر روڊ) تي ليمارڪيٽ ويجهو
(هاڻوڪي ڪاٺ مارڪيٽ لڳ) 500 رپيا مسواڙ تي جاءِ
حاصل ڪري اکين جي اسپتال کولي ويئي. 28 نومبر
1938ع تي ان وقت جي ڪراچي جي ميئر حاتم علوي
انهيءَ جاءِ تي اکين جي اسپتال جي پيڙهه جو پٿر
رکيو. اسپتال جو نالو اکين جي مشهور ڊاڪٽر ۽ جنهن
جي ڪوششن سان اهو ممڪن ٿيو.
DR.
K.N.SPENCER
جي نالي پويان اسپينسر آءِ اسپتال رکيو ويو. شروع
۾ هتي 30 بسترن جي گنجائش هئي. ان وقت اسپتال جي
جاءِ اڏڻ تي 12500 هزار رپيا خرچ آيو. اسپتال جو
افتتاح 14 مارچ 1940ع ۾ ڪراچي جي ان وقت جي ميئر
آر. ڪي سڌاوا ڪيو. ڊاڪٽر انڪل سريا هن جو پهريون
ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو. هي اسپتال اڄ به هڪ
جديد اسپتال طور ڪراچي ۾ موجود آهي. لياري نئين جي
ڪپ تي هئڻ ڪري مقامي ماڻهو اڄ به ان کي نئين واري
اسپتال ۽ لياري جا بلوچ ”ڪور والا اسپتال“ معنيٰ
نئين واري اسپتال چون ٿا. هاڻي ان کي يونيورسٽي جي
درجي ڏيڻ لاءِ ڪوششون هلن پيون.
21
جولاءِ 1928ع تي سنڌ جي ڪمشنر مسٽر ٿامس، برنس روڊ
واري علائقي ۾ ”ڪشن ديوي سوڀراج چيتومل ميٽرنٽي
هوم“ جو افتتاح ڪيو. ورهاڱي کان اڳ انهيءَ ميٽرنٽي
هوم ۾ عورتن لاءِ هڪ ڊسپينسري به قائم ڪئي ويئي
هئي. هي ويم گهر هندوئن پاران قائم ڪيو ويو هو.
1900ع کانپوءِ ڪراچي مختلف طبقن جي ماڻهن ۽
سرهنديءَ وارن ماڻهن پاران سٺن ۽ خوبصورت جاين ۽
وڌيڪ سماجي خدمتن جو ڄڻ ته هڪ مقابلو شروع ٿي ويو
هو. انهيءَ مقابلي جي نتيجي ۾ ٺهيل اهي خوبصورت
جايون اڄ به موجود آهن. ويم گهر ٺاهڻ جي مقابلي ۾
سيٺ شيو مل مول چند کلناڻي ميٽرنٽي هوم، جمشيد
مهتا جي ماءُ جي نالي پويان ٿيل ”گل ٻائي ميٽرنٽي
هوم، کاري در ۾ اسماعيلين پاران جان ٻائي ميٽرنٽي
هوم، پارسي ميترنٽي هوم، لياري ۾ ميران ناڪو
ميٽرنٽي هوم ۽ بندر روڊ تي امي جي ناٿاڻي ميٽرنٽي
هوم قائم ڪيا ويا.
1925ع ۾ جڏهن ڪراچي جو مشهور سماجي ورڪر ڊاڪٽر
حاجي ولد غلام حسين خواجو ڪراچي ميونسپلٽي جي هيلٿ
ڪاميٽي جو ميمبر هو ته هن مسٽر هوشنگ ايڊلجي ڊنشا
سان ملي نئين ڪنڀار واڙي ۾ هڪ اسپتال ميٽرنٽي وارڊ
سان گڏ ٺهرايو. بغدادي ۾ هڪ اسپتال ميونسپلٽي
پاران هلندڙ هو ان ۾ اکين جو شعبو به کوليائين.
ڪراچي جي لياري ڪوارٽرز ۾ اکين جي بيماري عام هئي.
لياري ڪوٽرز هن وقت به ماضي وانگر ڪسمپرسيءَ واري
حالت ۾ موجود آهي. ان جي سڌاري لاءِ جن ڪراچيءَ جي
سماجي ڪارڪنن دلچسپي ورتي هئي، تن ۾ مسٽر جمشيد
مهتا، هوشنگ ايڊلجي ڊنشا، رستم جي سڌاوا، ڊاڪٽر
حاجي مولوي محمد عثمان، جعفر فدو، سيٺ عبدالله
هارون، الله بخش گبول ۽ نسيم تلوي (پير بخش بلوچ)
مکيه هئا. 1940ع ۾ ڊاڪٽر حاجي لياري ۾ پنهنجي
خانگي اسپتال کولي هئي. انهن سماجي ڪمن ڪري ڊاڪٽر
حاجي لياري مان (وارڊ نمبر-5 ڪراچي ميونسپلٽي) پنج
ڀيرا ميونسپلٽي جو ميمبر چونڊجي آيو هو. گرومندر
واري علائقي ۾ جوڌا سنگهه، بسنت سنگهه ميموريل
ڊسپينسري قائم ٿي جيڪو سولجر بازار واري مندر جي
انتطاميا هٿ هيٺ هئي. |