سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 5

مير ڪرم علي خان اهي تمام شرط قبول ڪيا. جنهن کانپوءِ ڌريانو مل ڪراچي جي قلات پاران مقرر ڪيل گورنر حاجي سعيدو (شادو) کي آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ڪراچي جي ماڻهن ۾ هاڻي ايتري سگهه نه آهي جو هو ميرن جي فوج جو مقابلو ڪن جيڪڏهن اوهان پنهنجي فوج گهرائي مقابلو ڪري سگهو ٿا ته اوهان کي اجازت آهي. پر گورنر وڙهڻ کان معذرت ڏيکاري، ته قلات جي خان پاران جيڪو جواب آيل هو هن کان به واقف هو ۽ هن خواهش ڏيکاري ته هن کي حفاظت سان قلات واپس موڪليو وڃي. تنهن تي ڌريانو مل پنهنجي محافظن سان هن کي قلات روانو ڪيو ۽ اهڙي طرح 1794ع ۾ ڪراچي ٻيهر سنڌ جو حصو بڻجي ٽالپرن جي انتظام هيٺ هلي ويئي. هن ڀيري ڪراچي جو گهيرو ٽي مهينا جاري رهيو. ڳالهين دوران به مير وقفي وقفي سان شهر تي گولاباري ڪندا رهيا.

سيٺ نائون مل جي ”يادگيرين“ مطابق 1794ع مطابق ڀادون جي يارنهن تاريخ اربع ڏينهن سمڀات تي، سيٺ ڌريانو مل ڪراچي شهير جي ٻنهي درن جون ڪنجيون مير فتح علي خان جي فوج جي ڪمانڊرن ميان فقيرو ۽ ميان پاليا جي حوالي ڪيون.“

هن خوشي ۾ ڌريانو مل پنهنجي گهر هڪ دعوت جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ ٻين کانسواءِ شهرين پاران حملي دوران ڪوٽ جو سالار ڀلرام داس ۽ توب خاني جو اڳواڻ سيٺ ڪيول رام ٻيا هندو ۽ مسلمان معززين گڏ هئا.

نئين فتح ڪيل علائقي جي حفاظت لاءِ ميرن طرفان آغا زين العابدين کي ڪراچي جو نواب مقرر ڪيو ويو. جيڪو ايراني نسل جو هو ۽ ڇهه سال ڪراچي جو نواب رهيو. آغا زين العابدين فارسي جو سٺو شاعر ۽ علم طب جو ڄاڻو به هو. جيڪو 2 جمادي الاول 1288هه ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو ۽ هن کي حيدآباد ۾ دفن ڪيو ويو. هن جي وفات کانپوءِ آغا ڪاظم پاشا جيڪو به ايراني هو ڪراچي جو نواب مقرر ڪيو ويو هو.

ڪراچي فتح کانپوءِ ميرن نواب جي مدد لاءِ ملير جا هڪ سئو ڪلمتي قبيلي جا ماڻهو مقرر ڪيا. ٻئي پاسي سيٺ ڌريانو مل جي ٻيڙين جي حفاظت لاءِ اڳ ۾ ئي ملير جي جوکيا قبيلي جا ماڻهو مقرر ٿيل هئا. فتح وقت نواب جيئن ته شهري انتظام لاءِ هو ۽ فوجي انتظام لاءِ احمد خان ڀرڳڙي کي پهريون گورنر مقرر ڪيو ويو.

ڪراچي جو ڪوٽ (1830ع)

 مير فتح علي خان ۽ مير ڪرم علي خان ڪراچي جي حاصل ڪرڻ تي خوش هئا. ڇاڪاڻ ته ٻين حڪمرانن وانگر ميرن کي به ڪراچي جي آمدني سان دلچسپي هئي. مير ڪرم علي، سيٺ ڌريانو مل کي اعزاز طور ڪراچي جي آمدني جو ڪجهه حصو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو پر سيٺ اهو وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته ماڻهو ائين نه سمجهن ته سيٺ اهو سڀ ڪجهه پئسن لاءِ ڪيو آهي. پر ميرن سيٺ ڌريانو مل جي ٻاهران ايندڙ واپاري سامان تان چنگي معاف ڪئي. سيٺ جي باغن تان ڍل ۽ آبيانو به معاف ڪيو ويو. سيٺ ڌريانو مل جي مٺي در واري علائقي ۾ شراب ٺاهڻ جي بٺي هئي. ڪلهوڙن جي دور کان انهن کي شراب ٺاهڻ جي اجازت مليل هئي. ميرن هن اجازت نامي کي جيئن جو تئين برقرار رکيو.

ڪراچي حاصل ڪرڻ لاءِ ميرن کي وڏي جاکوڙ ۽ محنت ڪرڻي پئي هئي تنهن ڪري هن جي حفاظت لاءِ انهن بندرگاهه کي سامونڊي حملي کان بچائڻ لاءِ منهوڙي جي پهاڙي تي هڪ قلعو تعمير ڪرايو. جنهن تي يارنهن توپون لڳايون ويون ۽ هتي مستقبل طور تي فوج رکي ويئي. بندرگاهه جي حفاظت لاءِ پهريدار مقرر ڪيا ويا. قلعي جي اڏاوت 1797ع ۾ مڪمل ٿي. ٽالپرن بندرگاهه جي ترقي پاسي به ڌيان ڏنو.

بدلجندڙ سياسي وايو منڊل ۾ انگريزن لاءِ سنڌ جي اهميت وڌي رهي هئي. هو ڪنهن به طرح سنڌ سان ٻيهر تعلقات بحال ڪرڻ جو سوچي رهيا هئا. 8 آڪٽوبر 1798ع تي هندستان جي گورنر جنرل مارڪس ويلزلي (Marquis wellesly) بمبئي جي گورنر جوناٿن ڊنڪن (Junathan Duncan) کي خط لکي هدايت ڪئي ته فوري طور تي سنڌ ۾ واپاري ڪوٺي قائم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن افغانستان جي حڪمرانن تي ضابطو آندو وڃي ۽ زمان شاهه کي ننڍي کنڊ تي حملي کان پاسيرو رکڻ لاءِ سنڌ جي حڪمرانن سان دوستاڻا لاڳاپا رکڻ ضروري ٿي پيا آهن. جنهن لاءِ گورنر ڊنڪن آغا عبدالحسين جيڪو هڪ ايراني دولتمند هو، بصره ۾ برطانوي وڪيل به رهي چڪو هو ۽ ڪمپنيءَ جي پئسن تي مختلف ملڪن ۾ ڪم ڪندو هو. ظاهري طور تي هو هڪ واپاري هو پر اصل ۾ هو انگريزن جو جاسوس هو. جيئن ته سنڌ جا ٽالپر حڪمران شيعا هئا ايرانين سان انهن جو رويو دوستاڻو هو ۽ خود ميرن جا مشير ايراني هئا. آغا عبدالحسين به ايراني شيعو هو انگريزن هن مذهبي فرقي جو آڙ وٺي سنڌ جي حڪمرانن کي شيشي ۾ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيڪا حڪمت عملي اڳتي هلي ڪامياب ويئي.

آغا عبدالحسين 24 فيبروري 1799ع تي حيدرآباد پهتو. مير فتح علي خان جي خاص وزير ابراهيم شاهه جي وسيلي هو مير فتح علي خان سان ايسٽ انڊيا ڪمپني جي واپار جي سلسلي ۾ ڳالهين ۾ ڪامياب ويو. ٽالپرن ڪلهوڙن جي دور جي شرطن تحت سنڌ ۾ ڪمپني کي واپاري ڪوٺي کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. انهن ڳالهين جي روشني ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني، بمبئيءَ سول سروس جي هڪ عملدار ناٿن ڪرو کي ايجنٽ مقرر ڪري هن هدايت سان سنڌ روانو ڪيو ته، ”هو افغانستان جي بادشاهه ۽ سندس ميرن پاران تعلقاتن تي خاص نظر رکي ۽ واپار پاسي گهٽ پر سياسي چرپر ۽ سروي تي گهڻو ڌيان ڏي.“

ناٿن ڪرو بمبئي مان ”ڊريڪ“ جهاز وسيلي چوماسيءَ جي بارش ۾ سمنڊ رستي 1799ع ۾ ڪراچي پهتو. هن سان گڏ هڪ جمعدار، ٻه سپاهي، هڪ ڊاڪٽر ۽ ڪمپني جي نشان وارو جهنڊو هو. ڪراچي پهچڻ تي ناٿن ڪرو جو ڪو خاص آڌر ڀاءُ نه ٿيو. ڪراچي ۾ واپارين جو اڳواڻ ڌريانو مل انگريزن جي اچڻ تي خوش نه هو. ڇاڪان ته هو سمجهي چڪو هو ته انگريزن جو اصل مقصد ڇا آهي.

ڪراچي کانپوءِ ناٿن ڪرو گذري (گسري) بندر رستي ميرن جي حڪم تحت ٺٽي پهتو. ڪرو جون 1799ع ۾ ٺٽي پهتو، جتان هو آغا اسماعيل پاران موڪليل ٻيڙي تي چڙهي، 10 جولاءِ تي حيدرآباد پهتو. حيدرآباد پهچڻ تي ڪرو محسوس ڪيو ته جيڪو ڪم هن کي سونپيو ويو آهي اهو سولو نه آهي. پر هو به هڪ شاطر انگريز هو ۽ سڀني ڏکيائن لاءِ ذهني طور تي تيار هو. ميرن جي دلچسپي ايندڙ سياسي حالتن ڏانهن گهٽ پر سوکڙين پاسي وڌيڪ هئي. تنهن تي ڪرو چوائي موڪلين ته هو سوکڙيون خاص ملاقات ۾ پيش ڪندو. ڇهن ڏينهن جي اوسيئڙي کانپوءِ خاص ملاقات ٿي. ڪرو ٺٽي ۽ ڪراچي ۾ واپاري ڪوٺيون کولڻ جي اجازت گهري. ميرن جو موقف هو ته آغا عبدالحسين سان فقط ٺٽي ۾ ڪوٺي کولڻ لاءِ ڳالهه ٿي هئي ۽ ڪراچيءَ ۾ واپاري ڪوٺي جي اجازت نه ڏيڻ تي مير اڙجي بيهي رهيا.

ڪراچي جي واپار تي ڀوڄومل جي پٽ ڌريانو مل اينڊ برادرس تي ڪنٽرول هو. ڀوڄواڻي سيٺ ڪراچي ۾ انگريزن پاران واپاري ڪوٺي کولڻ جي خلاف هئا. هن سان ٻين نقصانن سان گڏ انهن جي واپاري هڪ هٽي ختم پئي ٿي. ڪراچي کي واپس وٺڻ ۾ ڀوڄواڻي سيٺن ميرن جي هر ممڪن مدد ڪئي هئي ۽ ميرن اهو واعدو به ڪيو هو ته ڪراچي ۾ انتظامي ڦيرگهير ۾ هو ڌريانو مل کان صلاح وٺندا، ڪراچي جو نواب ۽ گورنر به سندس صلاح مشوري تي عمل ڪندا. ڀوڄواڻي سيٺن جون واپاري ڪوٺيون ڪراچي، ٺٽو، سون مياڻي، شڪارپور، شاهه بندر، سکر کانسواءِ ڪشمير، ڪڇ، ايران، افغانستان، بمبئي، ملبار ۽ سورت تائين پکڙيل هيون.

ڪرو جڏهن ڪراچي پهتو ته ڀوڄواڻي سيٺن خطرو محسوس ڪندي مير غلام علي، مير مراد علي ۽ مير ڪرم علي کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو ۽ انهن سڀني ميرن ڪرو جي سامهون ڪراچي ۾ واپاري ڪوٺي کولڻ جي مخالفت ڪئي انهيءَ دوران آغا اسماعيل جيڪو ميرن جو خاص ماڻهو هو ۽ ميرن جي وزيراعظم آغا ابراهيم جو پٽ هو. پر اندر ۾ هن جون همدرديون انگريزن سان هيون. ڪرو کي صلاح ڏني ته هو ٻئي نمبر مير غلام علي سان ملي ۽ سوکڙين جي لالچ ڏيئي هن کي پنهنجي پاسي ڪري.

اها ملاقات فائدي مند ثابت ٿي جنهن ۾ مير غلام علي ڪرو کان مارٽر گولن ۽ هڪ ڊاڪٽر جي گهر ڪئي ۽ گڏوگڏ گهر ڪئي ته عمر ڪوٽ (امر ڪوٽ) جو قلعو جيڪو جوڌپور جي راجا جي قبضي هيٺ آهي. حاصل ڪرڻ لاءِ توبخاني سان گڏ تجربيڪار توبچي به ڏنا وڃن. ڪرو شهزادي سان واعدو ڪيو ته سندس ارادي کان گورنر ڊنڪن کي آگاهه ڪندو ۽ کيس يقين ڏياريو ته گورنر، بمبئي ۾ رکيل ڪمپنيءَ جي هٿيارن مان هن جي مدد ضرور ڪندو. پوءِ مناسب موقعي تي ڪرو بمبئيءَ کان آندل سوکڙين جن ۾ ڪپڙو، گهڙيال، شڪار لاءِ بندوقون، ڇرا، پستول ۽ دارو هئا پيش ڪيون. سوکڙين کانپوءِ ميرن ڪرو کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ ڪرو جي ڪراچي ۾ واپاري ڪوٺي کولڻ جي گذارش قبول ڪئي. 26 آگسٽ 1799ع تي ڪرو کي هر قسم جا پروانا ملي چڪا هئا.

ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي ڪتاب The English factory in Sindh ۾ ڪراچيءَ ۾ واپاري ڪوٺي بابت لکي ٿو ته:

”آگسٽ 1799ع ۾ انگريزن کي حڪومت سنڌ پاران ڪراچي شهر جي قلعي کان ٻاهر هڪ فيڪٽري ۽ تجارتي ڪوٺي قائم ڪرڻ لاءِ زمين الرٽ ڪئي ويئي. اها زمين بنا اجوري جي ڏني ويئي. هن واپاري ڪوٺيءَ کي هر قسم جي سگاليءَ جي طور تي کولي ويئي پر هن جي پويان هي مقصد به هو ته پنهنجي دشمن زمان شاهه ۽ نيپولين بونا پارٽ سان مقابلي لاءِ سنڌين کان سهڪار حاصل ڪيو وڃي.“

ٺٽي کانپوءِ ڪراچي ۾ اها واپاري ڪوٺي قائم ڪئي ويئي هئي. اها ڪوٺي شهر کان ٻاهر هاڻوڪي گانڌي گارڊن واري جاءِ تي لياري نديءَ جي ڪناري قائم ڪئي ويئي هئي. ڪوٺي سان گڏ فيڪٽري به هئي ڪراچيءَ ۾ انگريزن جي اها فيڪٽري ڪنهن شيءِ کي ٺاهڻ لاءِ نه پر حقيقت ۾ هي گودام هو تنهن ڪري هن کي فيڪٽري بجاءِ گودام يا واپاري ڪوٺي چوڻ مناسب ٿيندو. ڪراچيءَ ۽ ٺٽي ۾ قائم واپاري ڪوٺين جو هڪ مقصد سنڌ جي پيدا ٿيندڙ مختلف زرعي جنسن کانسواءِ گرم مصالحو، کنڊ، ريشم، قلمي شورو ۽ نيرو وٺي يورپي منڊين تائين پهچائي پئسو ڪمائڻ به هو. انهن ڪوٺين جي حساب ڪتاب لاءِ انتهائي ذهين، تجربيڪار ۽ سياسي ذهن رکندڙ ۽ مقامي ٻولين ۾ ڄاڻ حاصل ڪندڙن کي رکيو ويندو هو. اهڙا سڀ نمائندا ڳجهين سرگرمين ۽ سروي جا ماهر به هوندا هئا.

8 سيپٽمبر 1799ع تي ٺٽي واريءَ ڪوٺيءَ جي مٿان ڪمپني جو جهنڊو جهولايو ويو. 24 سيپٽمبر 1799ع تي ڪراچيءَ ۾ قائم نئين ڪوٺي واري جاءِ تي پڻ ڪمپنيءَ جو جهنڊو ڦڙڪائي واپاري ڪوٺيءَ جو افتتاح ڪيو ويو. ٽالپرن جي اجازت سان لياريءَ نديءَ ڪناري تي ٺهندڙ اها جاءِ سنڌ ۾ انگريزن جي پهرئين جاءِ هئي. ٺٽي واري واپاري ڪوٺي مسواڙ تي حاصل ڪيل هئي. ڪراچي واري ڪوٺي مان اڳتي هلي انگريز ساليانو چئن  لکن جو مال سنڌ مان درآمد ۽ برآمد ڪرڻ لڳا.

انگريز جيتوڻيڪ 1611ع ڌاري پهريون ڀيرو سنڌ ۾ آيا. جنهن دوران 1613، 1635، 1758، 1761 ۽ 1775ع تائين وقفي وقفي سان انگريزن جو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان سنڌ ۾ وپار هلندو رهيو. پر 1799ع ڌاري ميرن جي زماني ۾ انهن جي پاليسيءَ ۾ واپار سان گڏ سياست جا ٻٽا مقصد به شامل هئا.

سنڌ سان واپاري ناتا بحال ڪرڻ اصل ۾ انگريزن جي سياسي ضرورت هئي. ظاهري بهانو ته واپاري رشتن قائم ڪرڻ جو هو پر اصل مقصد سياسي هو. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي انگريز فرينچ فوج جي اڳتي وڌڻ کان ڊنل هئا. ٻئي پاسي هندستان ۾ ٽيپو سلطان انهن لاءِ خطرو هو. ٽئين پاسي افغانستان جو حڪمران زمان شاهه به هندستان تي حملي جي تيارين ۾ هو. انهن سڀني ڳالهين کي منهن ڏيڻ لاءِ انگريزن لاءِ سنڌ سان لاڳاپا قائم ڪرڻ انتهائي ضروري هئا.

انهن واپاري ڪوٺين قائم ڪرڻ جو اصل مقصد اهو هو ته افغانستان تي حملي جو رستو هموار ڪجي. جنهن لاءِ اهو ضروري هو ته ٽالپرن سان انگريزن جا لاڳاپا بهتر هجن پر جڏهن انهن سنڌ ۾ پير کوڙيا ته ميرن جي پاليسين، جنگي حڪمت عملين کان واقف ٿيا ۽ سنڌ تي قبضو ڪيو.

قدرت به انگريزن جو ساٿ پئي ڏنو. نيپولين ابوخير جي معرڪي ۾ انگريزن جي جنگي ٻيڙي کان شڪست کاڌي ۽ ايڪڙ جي جنگ ۾ انگريزن ۽ ترڪن کان مات کائي فرانس هليو ويو. هيڏانهن هندستان ۾ انگريزن جو وڏو دشمن ٽيپو سلطان 1799ع ۾ وڙهندي ميسور (سرنگا پٽم) ۾ شهيد ٿيو.

مارچ 1800ع ۾ مسٽر ڪرو حيدرآباد جي شاهي درٻار سان ڳالهائي بمبئيءَ سرڪار کي اطلاع ڏنو ته هو شخصي طور حالتن کان مطمئن آهي ۽ سنڌ جا حڪمران ان سان سهڪار ڪري رهيا آهن. ان عرصي ۾ ٻنهي حڪومتن وچ ۾ خط پٽ جو سلسلو جاري رهيو. ڪرو پاڻ سان گڏ ڊاڪٽر، توبچي ۽ توب جا گولا کڻي آيو هو. ڇاڪاڻ ته گذريل جولاءِ 1799ع ۾ مير غلام علي کيس اهڙي گذارش ڪئي هئي. هن ڀيري ڪرو جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو هو. ڪرو سان گڏ جيڪو ڊاڪٽر آيو هو هن جو نالو ”سرجن درهام“ هو. جتي آغا اسماعيل کان صلاحون وٺي هو ميرن سان مليو هو.

ڪرو اٺ مهينا ڪراچيءَ واري ڪوٺيءَ ۾ رهي چڪو هو. هتي ان جي چرپر تي ڪراچي واسي نظر رکندا هئا. انهيءَ دوران ڪراچي جي ماڻهن اها ڳالهه محسوس ڪئي ته بندر تي ڪمپنيءَ جي واپار نالي ماتر هئي. ڪرو ۽ ان جا ڇاڙتا بندر ۽ ان جي آس پاس جو واءُ سواءُ لهندا هئا. انهيءَ ڳالهه تي ڌريانو مل ۽ ڪراچي جي ٻين واپارين سخت اعتراض ڪيو ۽ انهن ميرن کي چئي ڏنو ته ڪمپنيءَ جو اصل مقصد واپار نه پر سنڌ فتح ڪرڻ آهي. انهيءَ سڀني ڳالهين تي پردو وجهڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي ميرن جي سامهون سرخرو ڪرڻ لاءِ ڪرو ڊاڪٽر، توبچي، مارٽر گولا ۽ سوکڙيون جن جي ماليت 00- 2804 رپيا هئي ميرن کي ڏنيون.

ڊاڪٽر جي فرمائش تي اج به سنڌ ۾ اها ڳالهه مشهور آهي ته، ”ميرن هڪ ڊاڪٽر ۽ مٿي سور جي گورين عيوض سنڌ انگريزن جي حوالي ڪئي.“

وقتي طور تي ڪرو کي ڪاميابي نصيب ٿي، پر ٻئي پاسي ڌريانو مل ۽ افغانستان جو شاهه زمان انگريزن جو سنڌ ۾ اچڻ سمجهي چڪا هئا. ڪراچيءَ جي واپارين ميرن ۾ چاڙهو نه ڏسي افغان بادشاهه کي آگاهه ڪيو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جا حاڪم افغانستان کي ڏن ڀريندا هئا.

ڪرو کي ڪمپنيءَ پاران اها به هدايت مليل هئي ته هو ميرن سان گڏوگڏ افغانستان جي بادشاهه جي هر چرپر کي به نوٽ ڪري ۽ ڪوشش ڪري ميرن کان لڪي هن ڏانهن دوستيءَ جو پيغام موڪليو وڃي. ڪرو ڪراچيءَ کانسواءِ سون مياڻي بندر تي به پنهنجا جاسوس رکيا هئا. ڪرو ڪمپنيءَ پاران رکيل ذميوارين ۾ ثابت قدم ۽ سوڀارو ٿي رهيو هو. ڪرو جڏهن حيدرآباد سوکڙيون کڻي پهتو هو ته افغان بادشاهه جو ڪليڪٽر اختر جان به هتي موجود هو جيڪو ميرن کان ڏن وصول ڪرڻ آيو هو. ڪرو هن ڏانهن دوستي جو هٿ  وڌايو پر اختر جان ان کي خاص اهميت نه ڏني. آس پاس جون حالتون تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون هيون. ٽيپو سلطان جي ملڪ جي وڏي حصي تي انگريز قبضو ڪري چڪا هئا. سورت جي نواب کي به طاقت جي زور تي انگريزن پنهنجي اختيار ۾ ڪري ڇڏيو هو. انهن واقعن تي ميرن جي به نظر هئي. سنڌ ئي سڀني لاءِ اڪيلو سهارو هو. جنهن جي ڪري مختلف ملڪن ۽ رياستن جي راجائن جي سفيرن ۽ نمائندن ميرن جي درٻار ۾ اچڻ شروع ڪيو هو. اهي سڀ انگريزن جي مقصد تي ميرن سان خيالن جي ڏي وٺ به ڪرڻ لڳا هئا. انهيءَ دورن ۾ ڳالهين ڪري انگريزن جا مقصد ۽ ارادا وائکا ٿيندا پئي ويا. ڪرو محسوس ڪيو ته سنڌ ۾ موجود وايو منڊل انگريز ڪمپنيءَ جي خلاف جڙي رهيو آهي. ڪراچيءَ جون حالتون به ڪرو جي خلاف هيون.

25 آگسٽ 1800ع ۾ جڏهن ڪرو ڪراچيءَ جي ڪمپنيءَ واري آفيس ۾ ويٺو هو ته ساوڻيءَ جي مينهن ۾ مير فتح علي خان جو نمائندو اهو حڪم کڻي پهتو ته هو يڪدم ڪراچيءَ واري واپاري ڪوٺي بند ڪري بنا دير ٺٽي پهچي وڃي. حڪم نامي سان گڏ آغا اسماعيل جو الڳ به هڪ خط هو جنهن ۾ هن اوچتي ڦير گهير تي روشني وڌل هئي ته ڪراچيءَ جي واپارين پاران اعتراض، سون مياڻي بندر تي ڪرو پاران بيجا چرپر کانسواءِ مير فتح علي وٽ هندستان ، قنڌار، خيرپور، ڪڇ، مسقط ۽ افغانستان مان انگريزن خلاف اهڙا اطلاع ملي رهيا آهن جن ۾ انهن سڀني پاران اهو چيو ويو هو ته ميرن انگريزن کي پنهنجي ملڪ ۾ پير کپائڻ لاءِ کليل اجازت ڏني آهي. اهي سڀ ميرن جي ان عمل کي غداريءَ سان ڀيٽي رهيا هئا.

ڌريانو مل ۽ ڪراچي جي ماڻهن جي ڳالهه سچ ثابت ٿي رهي هئي. انهن اهڙن خطرن کان ميرن کي گهڻو اڳ آگاهه به ڪيو هو. ميرن جي حڪم نامي ۽ آغا اسماعيل پاران وضاحتي خط ملڻ کانپوءِ ڪراچي قلعي جي ڪمانڊر ڪرو ڏانهن ماڻهو موڪليو ته، ”فوري طور تي ڪراچي ڇڏي هو ٺٽي ڏانهن وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ان کي ڌڪا ڏيئي ڪراچي مان ٻاهر ڪڍيو ويندو.“ جنهن لاءِ ان ڪجهه عملدار به موڪليا هئا. 29 آگسٽ 1800ع تي انهن سڀني حالتن کي نظر ۾ رکي ڪرو وسندي برسات ۾ گهوڙي تي چڙهي ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو. چئن ڏينهن کانپوءِ ٺٽي پهتو. پٺيان منشي ۽ سپاهي ڪوٺي بند ڪري ٺٽي لاءِ روانا ٿيا. ٺٽي جي ويجهو ان قافلي تي سنڌي ماڻهن حملو ڪيو. منشي ۽ سپاهي کي زخمي ڪري ڇهه سئو رپيا روڪ، ڳجها دستاويز ۽ نقشا جيڪي انهن ڪراچي ۾ رهڻ وقت تيار ڪيا هئا. پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ٻئي پاسي ڪراچي بندر تي ڪمپنيءَ جو جهاز ”ائنسٽيلوپ“ کي ڪرو بمبئيءَ ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي.

ڪرو پاڻ سان ٿيندڙ ويڌن جو ذڪر هڪ خط وسيلي آغا اسماعيل سان ڪيو. جيڪو ئي ميرن جي درٻار ۾ هن جو دوست ۽ همدرد هو. خط ملڻ کانپوءِ ميرن ڪرو کي حيدرآباد گهرائي ورتو. 8 سيپٽمبر 1800ع تي ڪرو ميرن پاران موڪليل ٻيڙي تي چڙهي سنڌو رستي حيدرآباد لاءِ روانو ٿيو. 10 سيپٽمبر تي هو حيدرآباد پهتو ۽ 12 سيپٽمبر تي ان ميرن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪرو شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا. انهيءَ ملاقات دوران حيدرآباد جي درٻار ۾ موجود سوين ماڻهو زور سان نعرا هڻي انگريزن کي سنڌ مان نيڪاليءَ جي گهر ڪري رهيا هئا. جنهن جي ڪري مير منجهي پيا. ڪراچي ۾ ماحول اڳ ۾ ئي انگريزن جي خلاف هو ۽ حيدرآباد ۾ به ان جا آثار نظر اچي رهيا هئا.

18 سيپٽمبر 1800ع تي ڪرو ۽ ميرن جي وچ ۾ خاص ملاقات تي مير غلام علي طبيعت صحيح نه هئڻ ڪري ملاقات ۾ شريڪ نه ٿيو. آغا اسماعيل مسلسل ڪوشش ۾ هو ته ميرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ صلاح جو ڪو رستو نڪري پوي. ميرن جو وزيراعظم آغا ابراهيم جيڪو آغا اسماعيل جو پيءُ هو حج تي ويل هو. تبديل ٿيندڙ وايو منڊل ۽ سنڌي ماڻهن جي سخت ناراضگيءَ ڪري ٺاهه ممڪن نه هو. خاص ملاقات ۾ ميرن تمام ڳالهيون ڪرو جي سامهون رکيون ۽ ٻڌايو ته انگريزن جي سازش خلاف هن کي هزارين خط به مليا آهن. انهن خطن ۾ اوهانجي واپار جي آڙ ۾ سياسي مقصدن کي وائکو ڪيو ويو آهي. انهيءَ دٻاءُ جي نتيجي ۾ اسان اوهان کي ڪراچي جي ڪوٺيءَ بند ڪري ٺٽي وڃڻ لاءِ چيو. انهن حالتن ۾ اوهان ٺٽي رهي پئو. حالتون بهتر ٿيون ته اوهان کي ڪراچيءَ ۾ واپاري ڪوٺي کولڻ جي اجازت ڏني ويندي ۽ پوري سنڌ ۾ اهڙو بندوبست ڪيو ويندو.

انهيءَ موقعي تي ڪرو هڪڙو لکيل ياداشت نامو پيش ڪيو جنهن ۾ ميرن جي واکاڻ ڪئي ويئي هئي ۽ ڪراچيءَ جي ڪوٺي تي خرچ جا تفصيل، ڪراچي جي قلعي جي ڪمانڊر پاران سندس بيعزتي، بدڪلامي ۽ دڙڪن جو ذڪر ٿيل هو ۽ چيو ويو ته ”ان کان اڳ ڪمپنيءَ جي اهڙي بيعزتي نه ٿي آهي جو ان جي عيوضيءَ کي ڌڪا ڏئي واپاري ڪوٺيءَ واري شهر مان ڪڍيو ويو هجي.“

هن ياداشت نامي ۾ ميرن کي گذارش ڪئي ته ”جيڪڏهن ميرن کي ڪمپنيءَ جي دوستيءَ ۽ عزت جو خيال آهي ته هو پنهنجو هڪ وفد گورنر ڏانهن بمبئي موڪلي ۽ کيس آگاهه ڪيو وڃي ته ڪهڙي سبب ڪري ڪراچيءَ واري ڪوٺي بند ڪئي ويئي آهي.“

مير ان ڳالهه تي پريشان هئا. هڪ پاسي خود هن جا شهري انگريزن جي اچڻ ڪري ڪاوڙيل هئا ٻئي پاسي افغانستان جو بادشاهه به ميرن تي انگريزن پاران واپاري ڪوٺي کولڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيو هو ۽ مير پنهنجي وقتي وزيراعظم آغا اسماعيل انگريزن سان همدردي رکندڙ هئا. ڪراچيءَ جي قلعي جي ڪمانڊر واري واقعي تي ميرن ڪرو کان معافي ورتي. مير فتح علي خان هن کي ڪراچي ۾ هڪ مهيني جي رهڻ جي اجازت ڏني ته ان دوران اتان جي واپاري ڪوٺي ۾ رکيل واپاري مال گڏ ڪري ٺٽي روانو ٿئي ٿو. ڪرو مطمئن هو ته هاڻي ڪجهه به نه ٿيندو. پر مير غلام علي جيڪو طبيعت جي خرابي ڪري ڪرو سان نه مليو. تنهن کي خاص گڏجاڻي جو احوال ڏنو ويو ته هن چيو ته ڪرو فقط ڏهه ڏينهن ڪراچي ۾ رهي سگهي ٿو. هن اهو به چوائي موڪليو ته ڪرو پاران موڪليل توب گولا به ڪنهن ڪم جا نه هئا. ڪرو جڏهن مير غلام علي سان مليو ته هن هڪ شرط رکيو ته جيڪڏهن انگريز عمر ڪوٽ (امر ڪوٽ) جو قلعو وٺي ڏين ته ان جون سڀ ڪوتاهيون معاف ڪيون وينديون ۽ گورنر جيڪڏهن ان معاملي ۾ اسان جي مدد ڪئي ته ٽيهه چاليهه هزار رپيا به ڏينداسين.

سڪندراعظم جي وقت ۾ ڏکڻ سنڌ جو نقشو جنهن ۾ ملير، لياري نديون ۽ ڪراچي ساحل به ڏيکاريل آهي

 

ڪرو وري اهو شرط رکيو ته ”پهرئين ڪراچيءَ وارو معاملو حل ڪيو وڃي، گورنر کي ٿڌو ڪيو وڃي، ان کانپوءِ امر ڪوٽ جي قلعي تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي.“ مير غلام علي ۽ ڪرو جون ڳالهيون شرطن جي نذر ٿي ويون. سخت تپ ۾ ڪرو حيدرآباد کان ٺٽي پهتو. 17 آڪٽوبر 1800ع تائين بستري جي حوالي رهيو. 28 آڪٽوبر 1800ع تي ڪرو جي سوچ جي ابتڙ مير فتح علي خان پاران حڪم آيو جيڪو ميرن جو ڪاردار کڻي آيو هو ته ٺٽي واري ڪوٺي به بند ڪري هڪدم سنڌ ڇڏي هليو وڃي. ان حڪم جو سبب الڳ خط ۾ ڄاڻايل هو جيڪو ميرن جي وزيراعظم آغا ابراهيم شاهه پاران لکيل هو. ڪرو جڏهن ٺٽي پهتو ته آغا ابراهيم حج تان موٽي اچي چڪو هو. انهيءَ دوران 20 آڪٽوبر 1800ع تي هڪ خاص قاصد وسيلي افغانستان جي بادشاهه زمان شاهه جو خط ميرن کي مليو جيڪو مير فتح علي خان جي نالي لکيل هو جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته ”اوهان بنا اجازت انگريزن جي نمائندن کي سنڌ ۾ رهڻ جي اجازت ڏني آهي. انگريز دين جا دشمن ۽ شاهي خاندان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جا دشمن آهن. تنهن ڪري توهان کي هدايت ٿي ڪجي ته انهن ڏانهن ويڙهاڪ ماڻهو موڪلي کين ڏنڊي جي زور سان سنڌ مان ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏين ته جيئن سندن هن ملڪ ۾ ڪو به نالو نشان باقي نه رهي.“ ماڻهن جي سخت اعتراض، ڪراچيءَ ۾ جاسوسي ڪمن ۾ ملوث هجڻ، مير غلام علي پاران اعتراض ۽ آخر ۾ افغانستان جي بادشاهه پاران مليل خط مير فتح علي خان کي نه چاهيندي به مجبور ڪيو. جڏهن ٺٽي ۾ ڪرو کي اهو پروانو مليو ته ٻن ڏينهن کانپوءِ افغانستان جي نمائندي اختر جان جي ٻن ماڻهن اچي ڪرو کي هڪ خط ڏنو جنهن ۾ ڌمڪي ڏنل هئي ته فوري طور تي ٺٽو ڇڏي.

ڪرو لاءِ ٻيو ڪو رستو نه بچيو هو. ڇاڪاڻ ته ميرن به ان کي چئي ڇڏيو ته وڌيڪ ترسڻ جي صورت ۾ ان جي جان جي حفاظت جا ذميوار سنڌ جا حڪمران نه هوندا. اهڙي طرح تاريخ 3 نومبر 1800 تي ٺٽي واري واپاري ڪوٺي جو سامان واپاري وکر تڙ تڪڙ ۾ ٻيڙين ۾ وجهي سمنڊ ۾ بيٺل جهازن تائين پهچايو ويو. ناٿن ڪرو 5 نومبر 1800ع تي ”ناخدا“ نالي ٻيڙي وسيلي کان بمبئيءَ ڏانهن روانو ٿيو.

 ڪراچي ۽ ٺٽي جي واپاري ڪوٺين جي بند ٿيڻ جي صورت ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي 00-106959 رپين جو نقصان کڻڻو پيو. انهي رقم ۾ انهن سوکڙين جي به ماليت شامل هئي جيڪي مارچ 1800ع ۾ ڪرو ميرن کي رشوت طور پيش ڪري چڪو هو. ڪرو انتهائيءَ ڪاوڙ ۾ گورنر کي خط لکي فوري طور تي سنڌ تي حملي لاءِ چيو، پر سياسي حالتن ڪري اهو اڃا ممڪن نه هو.

ناٿن ڪرو سترهن مهينن ۾ سنڌ جي معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتن کان گهڻو آگاهه ٿي چڪو هو. ڪرو ميرن جي درٻار ۾ هڪ جاسوس به رکيو هو. جنهن جو مقصد درٻار ۾ انگريزن جي مفادن جي حفاظت ڪرڻ ۽ ميرن جي هر چرپر تي نظر رکڻ هو. جنهن لاءِ هن کي ميرن جو خاص ماڻهو آغا اسماعيل ملي ويو. ڪرو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جاسوسن ۽ ايجنٽن جو هڪ ڄار وڇائيو هو ۽ انهن وسيلي اهم معلومات حاصل ڪئي. ان معلومات مان هن اهو نتيجو ڪڍيو ته سنڌ حڪومت فوجي ۽ سياسي طور تي پاڻ ڀري نه آهي. جيڪڏهن برطانيا جون فوجون سنڌ کان گذري افغانستان تي حملو ڪن ته سنڌ ۾ ڪا خاص مزاحمت نه ٿيندي. ڪرو اهي سڀ ڳالهيون سنڌ مان بمبئيءَ پهچي جاسوسي رپورٽن، تجزين ۽ ٻي معلومات تي ٻڌل هڪ مختصر پر جامع ڪتاب Accounting the country of Sind تيار ڪيو هو. هي ڪتاب سنڌ بابت سائنسي بنيادن تي لکيل ڪنهن انگريز جو پهريون ڪتاب آهي. ان ڪتاب جي باري ۾ ڊاڪٽر ايڊرين ڊيورٽي پنهنجي ڪتاب (1848-1613) A History of British Relation with Sind ۾ لکي ٿو ته:

”هي ڪتاب پڙهي پتو پوي ٿو ته ڪرو هتي هڪ جاسوسي جو ادارو قائم ڪيو هو جنهن جي اسان کي اڳ خبر ئي نه هئي.“

ڊاڪٽر ايڊرين جو هي هڪ جملو ٻڌائي ٿو ته ڪرو ڪو واپاري نه پر انگريز سرڪار جو جاسوس هو. ڪتاب ۾ ڪرو سنڌ جي زراعت، معدنيات، بندرن تي ٿيندڙ واپار جو به ذڪر ڪيو ۽ لکيو آهي ته ”سنڌ ڪيڏو نه خوشحال ملڪ آهي ۽ سنڌ جي اها خوشحالي ئي سنڌ لاءِ آزار بڻيل آهي.“ ڪرو جي اندازي مطابق ته ملڪ جي آمدني ان وقت چاليهه لک رپيا هئي. جنهن مان پنجويهه لک مير فتح علي کي، يارنهن لک مير سهراب خان ۽ چار لک رپيا مير ٺاري کي ملندا هئا.

ملڪي بچاءُ جي باري ۾ ڪرو لکي ٿو ته: ”ملڪ جي لاءِ سنڌ ۾ فقط ٻه قلعا آهن، هڪ ڪراچيءَ ۾ ٻيو حيدرآباد ۾. ٺٽي ۾ ڪو به قلعو نه آهي.“ ڪرو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي قلعي جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. ڪراچيءَ جي قلعي بابت لکي ٿو ته:

”ان جي چوگرد ڪچو قلعو آهي ڪو به جهاز سمنڊ جي پاسي کان بيهي قلعي تي گولاباري نٿو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته سمنڊ هتان کان ٽي ميل پري ٿيندو. ڪراچي بندر تي سئو ٽن وزني جهاز داخل ٿي نه سگهندو. جيڪڏهن اهڙي ڪوشش ڪئي ويئي ته بندر تي بيٺل محافظ ٻيڙيون جن تي ٻيڙين جيڏيون مضبوط توبون رکيل آهن، ان جي چوڌاري ڦري اينديون. هن سامونڊي ڪناري لهڻ واسطي گذريءَ (گسري) واري کاري نهايت مناسب آهي. جيڪا ڪراچيءَ کان ڏهه ميل پري ڏکڻ اوڀر پاسي آهي. حملي ڪرڻ واري فوج گسريءَ وٽان ڪراچي ڏانهن وڌي اتان ٺٽي تي به چڙهائي ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن فوج وٽ ٻيڙيون موجود آهن ته پوءِ حيدرآباد به پري ڪونهي!“

ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪرو جو مشن نج سياسي هو. واپار فقط بهانو هو. انهن رپورٽن مان برطانيا حڪومت جي چالن، حڪمت عملين جي پوري ڄاڻ ملي ٿي. ڪرو کانپوءِ ايندڙ سڀني انگريز سياحن، سفارتڪارن ۽ نمائندن اهو طريقو استعمال ڪيو. انهن ۾ 1804ع ۽ ايندڙ اسمٿ، 1809ع ۾ ايندڙ ايلس، 1809ع ۾ ايندڙ هينري پونٽجر، 32-1831ع ۾ ايندڙ وليم پونٽجر ۽ ڊيل هوسٽ شامل هئا.

جن يورپي قومن جا ماڻهو سنڌ ۾ آيا انهن ۾ هسپانوي، جرمن، فرانسيسي ۽ انگريز شامل هئا. هڪڙا اهي هئا جيڪي مذهبي مشنري جا ماڻهو هئا. انهن پنهنجن رپورٽن ۾ هتان جي مذهبي فرقن، حالتن ۽ ڪهڙيون مذهبي مشنريون سنڌ ۾ تبليغ ۾ مصروف آهن انهن جو ذڪر ڪيو آهي. ٻيا جيڪي سنڌ ۾ آيا واپاري يا سياح جي حيثيت سان انهن جو واسطو حڪومت سان هو. اهي سفارتڪار يا ڪمپني جي نمائندي طور ايندا هئا. پر اهي اصل ۾ جاسوس هئا. انهن جو مقصد سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ لاءِ رستو  ڪڍڻ هو. ٽيان هئا سياح جيڪي مهم جو هئا. انهن جو مقصد ملڪ ڏسڻ، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ڪلچر جو اڀياس ڪرڻ هو.

1801ع ۾ مير فتح علي خان ٽالپر گذاري ويو ته ائين محسوس پئي ٿيو ڄڻ مير صاحب جي وفات سان گڏ سنڌ مان امن، سڪون موڪلائي ويو. مير فتح علي خان جي وفات کانپوءِ سندس ڀاءُ مير غلام علي تخت تي ويٺو. مير غلام علي جي اها ڪوشش هئي ته انگريزن سان ٻيهر لاڳاپا بهتر ٿين. ڇاڪاڻ ته افغانستان جي شاهه ڏن جي وصوليءَ جي معاملي ۽ سنڌ جي ميرن جي مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو هو جنهن جي ڪري ميرن انگريزن يا فرينچن سان دوستي رکڻ پئي چاهي. فرينچ ايران جي حڪمرانن جا ساٿاري هئا جيڪو سنڌ جو پاڙيسري ملڪ هو. ڏکڻ هندستان جي فتح کانپوءِ انگريزن لاءِ سنڌ واپاري ۽ سياسي طور ايڏو اهم ڪانه رهي هئي. ٻيو ڪرو جي سنڌ نيڪالي ٺٽي ۽ ڪراچيءَ جي واپاري ڪوٺين بند ٿيڻ کانپوءِ انگريزن سنڌ پاسي گهٽ ڌيان پئي ڏنو.

نيپولين جون 1807ع ۾ روس جي زار اليگزينڊر پهرئين سان ٽلسٽ  Tilist جو معاهدو ڪري هندستان تي ڪاهه جو فيصلو ڪيو. نيپولين جو اهو منصوبو هو ته ڏهه هزار فوج سان ترڪي کان اڳتي وڌي ايران کي فوجي اڏو بنائي هتان مڪران کان يا قنڌار کان اٽڪ رستي ماٿريءَ ۾ داخل ٿي هندستان تي حملو ڪيو وڃي. ان رٿا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ فرانس سفارتي ڪوششون تيز ڪيون ته ان جي خبر انگريزن کي پئجي ويئي.

سنڌ جا حڪمران به زنجيت سنگهه جي متوقع حملي ۽ افغانستان کي ڏن ڏيڻ تي پريشان هئا. انهن به ايران جي وسيلي فرانس ۽ ٻئي پاسي انگريزن سان لاڳاپا ٺاهڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. مير غلام علي جي خواهش هئي ته فرانس جي بجاءِ انگريزن جو سهارو ورتو وڃي. تبديل ٿيندڙ وايو منڊل ۾ ڪمپني بهادر ۽ سنڌ جي حڪمرانن اهو پئي چاهيو ته سندس وچ ۾ ختم ٿيل لاڳاپا ٻيهر بحال ٿين ۽ انگريز سرڪار کي افغانستان تي حملي لاءِ سنڌ مان پنهنجون فوجون به گذارڻيون هيون. انگريزن کي روس جي وڌندڙ ايراني اثرن مان به الڪو ٿي پيو هو. نيپولين بونا پارٽ جيڪو انگريزن جو وڏو دشمن هو تنهن کي قابو ۾ رکيو وڃي انهيءَ ڪري انگريزن کي سنڌ جي ميرن سان بچاءُ ۽ مدد ڪرڻ جو عهدنامو 1808ع ۾ ڪرڻو پيو. جيڪا ٻنهي حڪمرانن جي مجبوري هئي. اهو معاهدو 21 آگسٽ 1808ع ۾ سيٽن ۽ مير غلام علي جي وچ ۾ ٿيو. معاهدي ۾ انگريز ميرن سامهون مجبور هئا. تنهنڪري هڪ ٻئي معاهدي لاءِ هئنڪي اسمٿ جي اڳواڻي ۾ 200 ماڻهن تي ٻڌل هڪ وفد 1809ع ۾ پرنس آف ويلس جهاز ۽ ٽن هٿياربند ٻيڙين سميت بمبئيءَ کان ڪراچي روانو ٿيو. هئنڪي سان وفد ۽ ڊاڪٽر کانسواءِ نيوي آفيسر ليفٽيننٽ مئڪس ويل، ليفٽيننٽ ٽيلر، پوٽنجر ۽ ڪرائسٽي گڏ هئا. وفد ۾ 30 ڄڻن جو فوجي دستو به شامل هو. 9 مئي 1809ع تي اهو قافلو ڪراچي بندر تي پهتو. هئنڪي اسمٿ، ليفٽيننٽ مئڪس ويل وسيلي ڪراچيءَ جي گورنر عبدالله خان لغاري ڏانهن پيغام موڪليو ته بندر تي لهڻ لاءِ رهبر ٻيڙي موڪلي وڃي.

گورنر عبدالله خان لغاري پيغام موڪليو ته ”هو رڳو بندر تائين اچي سگهن ٿا. شهر ۽ قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ميرن جي اجازت ضروري آهي. ميرن جي اجازت اچڻ تائين هو پنهنجي جهاز ۾ رهن.“

جڏهن ڪراچي جي ماڻهن کي اها خبر پئي ته هو احتجاج طور بندر تي گڏ ٿيا. ميرن کي اندازو نه هو ته انگريز نئين معاهدي لاءِ ايڏي وڏي تياري سان ايندا. مير پراڻي عهدنامي تي راضي هئا پر انگريز هر حالت ۾ نئون عهدنامو ڪرڻ پئي چاهيو. جنهن لاءِ مرڪزي حڪومت هئنڪي اسمٿ جهڙي مغرور ماڻهو کي پوري تياري سان موڪليو هو.

9 مئي 1809ع تي ڪراچي ايندڙ وفد وڏين منٿن هيٺاهين، مٿاهين، گرمين سردين، انگريز سپاهين جي مار موچڙن کانپوءِ 10 جون تي ڪراچي کان ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو. ميرن کي فوجي دستي ۽ هٿياربند پهريدارن تي سخت اعتراض هو. ڪجهه سپاهي بنا اجازت جي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته شهر جي واپارين جي اڳواڻ ڌريانو مل جي ماڻهن انهن کي موچڙا هڻي واپس ڪيو. ڪراچي جا ماڻهو مسلسل احتجاج ڪندا رهيا. مير ڪراچي جي ماڻهن جي ڪاوڙ کڻڻ لاءِ تيار نه هئا. ميرن سميت سڀ ماڻهو هن ڳالهه تي ڪاوڙيل هئا ته سال اڳ هڪ معاهدو ٿيو آهي ٻيو ڪئين ٿو ڪري سگهجي؟ انگريزن جو موقف هو ته اهو معاهدو بمبئي سرڪار مرڪزي سرڪار جي مرضي کانسواءِ ڪيو هو تنهن ڪري مرڪزي سرڪار سان ٻيو معاهدو ڪيو وڃي.

هئنڪي اسمٿ کي مٿان هدايتون مليل هيون ته سڀ سختيون برداشت ڪري هر طريقو استعمال ڪري ميرن سان نئون معاهدو ڪيو وڃي. هو ٺٽي رواني کان پهرئين پورو هڪ مهينو ڪراچي بندر تي رهيا. وفد ۾ شامل هڪ ميمبر پوٽنجر هن واقعي باري ۾ لکيو آهي ته ”ڪراچيءَ ۾ انگريز قيدين جيان هئا.“

22 آگسٽ 1809ع ۾ ميرن ۽ انگريزن وچ هڪ ٻيو معاهدو ٿيو. 9 نومبر 1809ع تي گورنر معاهدي جي توثيق ڪئي. هن معاهدي ۾ چئن نقطن کانسواءِ مستقل دوستيءَ ۽ واپاري ڪوٺي کولڻ، هڪ ٻئي جي درٻار ۾ سفير رکڻ ۽ انگريزن پاران سنڌ ۾ سروي جهڙا ڪم شامل هئا. هن معاهدي موجب انگريزن پاران منشي محمد يوسف حيدرآباد ۾ مستقل نمائندي طور رهندو. مرزا زيب زيباءِ جيڪو مير فتح علي خان جي وزير مرحوم ابراهيم شاهه جو نياڻو اسمٿ سان گڏ ڪلڪتي ويندو ۽ هتي ميرن جي نمائندي طور رهندو.

25 آگسٽ 1809ع ۾ اهو وفد حيدرآباد کان ڪراچي روانو ٿيو. ڪراچي پهچڻ سان وفد بندر جي سروي، رستن جي سروي ۽ نقشن ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو. مئڪس ويل ڪراچي بندر ۽ بحري جهازن جي لنگر هئڻ واري جڳهه جي سروي شروع ڪئي. منشي محمد يوسف کي گهوڙن جي خريداريءَ لاءِ سون مياڻيءَ موڪليو ويو ۽ ان کي اها هدايت ڪئي ويئي ته رستي ۽ ان جي آس پاس جي سروي ڪري ۽ نقشو به تيار ڪري ۽ ٻيو ضروري ڳالهيون به نوٽ ڪري. مئڪس ويل ۽ ڪرائسٽي ڪراچي کانپوءِ ٺٽي کان حيدرآباد تائين سنڌوءَ جي وهڪري جو نقشو جوڙي ورتو. وفد سنڌ ۾ چار مهينا رهيو. انهيءَ دوران سڀني سرگرمين جي رپورٽ تحقيقاتي رپورٽ، سروي رپورٽ ۽ نقشن تي ٻڌل هڪ تفصيلي رپورٽ ٺاهي گورنر کي موڪلي وئي. وفد جڏهن بمبئيءَ روانو ٿيو ته مئڪس ويل سميت ڪجهه ماڻهو سروي جي بهاني رهي پيا. مئڪس ويل پنهنجي سونپيل تحقيقاتي ڪم ۾ رڌل رهيو. ٺٽي پهچي پوٽنچر سنڌوءَ جي ڦاٽن تي کوجنا ڪرڻ ۾ لڳي ويو.

سنڌ جا ٽالپر حڪمران بي وس هئا. ماڻهن جي سخت ڪاوڙ پاسي ميرن ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ ائين عام ماڻهن جي دلچسپي جيڪا پهرئين به ميرن جي حڪومت ۾ گهٽ هئي وڌيڪ گهٽجندي ويئي. سنڌ جا ٽالپر حڪمران ڪابل جي غلامي مان آزاديءَ لاءِ انگريزن تي پورو ڀروسو ڪري رهيا هئا. هي ئي اهو معاهدو هو جيڪو اڳتي هلي سنڌ لاءِ غلاميءَ جو طوق ثابت ٿيو.

سن 1811ع ۾ مير غلام علي جي وفات کانپوءِ سندس ڀاءُ مير ڪرم علي خان گادي تي ويٺو. پنجاب جي سک حڪمران سان سندس تعلقات تمام دوستانه هئا. هي راجا رنجيت سنگهه کي هر سال قيمتي تحفا پهچائيندو هو. پر جڏهن رنجيت سنگهه زور ڀريو ته کيس يارنهن لک ساليانو ڏن ڏين. هن ميرن کي ڏن ڀرڻ لاءِ گهڻو پريشان ڪيو. ايتري قدر جو ميرن کي مجبورن انگريزنن کان مدد وٺڻي پئي.

مير ڪرم علي جي حڪومت دوران ڪابل جي دراني حڪومت جو خاتمو ٿي ويو ته ميرن شڪارپور کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. نيپولين جي شڪست فاش کانپوءِ انگلينڊ کي پوري يورپي ملڪن ۾ سمنڊ جي راني سڏيو ويندو هو.

1820ع ۾ ڪراچي واسين کي سخت صدمو پهتو جڏهن انهن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي اڳواڻ ڌريانو مل ديهانت ڪري ويو. جنهن کانپوءِ ڪراچي جا ماڻهو اڪيلا ۽ ويڳاڻا ٿي پيا. ڌريانو مل کانپوءِ ڀوڄواڻي سيٺن جي اڳواڻي هوتچند جي پٽ نائون مل جي هٿ هيٺ آئي.

انهن سڀني واقعن، معاهدن کانپوءِ تاريخ شاهد آهي ته انگريزن سنڌ جي اندروني معاملن ۾ ڪيئن زهر پئي اوڳاريو. ڪيترا انگريز سنڌ جي حدن ۾ ايندا رهيا. مختلف علائقن ۾ رلندي ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۽ ڍنگ سان انهن ڪيتريون ئي حقيقتون ۽ شاهديون گڏ ڪيون. جيڪي واپار کانسواءِ سياسي نوعيت جون هيون. اهڙن رلندڙن ۾ هڪ ليفٽيننٽ اليگزينڊر برنس به هو جنهن کي بعد ۾ ”سر“ جو خطاب ڏنو ويو. انهيءَ برنس ڳجهي راز ۽ سنڌوندي جي سروي 1831ع ڌاري پوري ڪري ورتي. راز کي لڪائڻ خاطر ظاهري طرح راجا رنجيت سنگهه لاءِ برطانيا جي راڻيءَ پاران پنج گهوڙن جي پهچائڻ جي رٿ عمل ۾ آيل هئي. انهيءَ دوران انگريزن سنڌ ۾ پنهنجا گهڻا همدرد پيدا ڪري ورتا هئا. جنهن ۾ ميرن جي درٻار جو خاص ماڻهو آغا اسماعيل ۽ ڀوڄواڻي سيٺن جو اهم واپاري ماڻهو نائون مل ۽ ٻيا هئا. آخري معاهدي تحت جيڪو سفير انگريزن پاران ميرن جي درٻار ۾ مقرر ڪيو هو. هن پنهنجو ڪم خوش اسلوبي سان ڪيو. ميرن جي حڪومت جي معاملن ۾ ڄڻ ته ڪا دلچسپي انهيءَ دوران نظر نه پئي آئي. ميرن اندروني اختلافن ڪري سنڌ سندن مشيرن، وزيرن ۽ ٻاهر کان آيل سيد سڳورن جي ور چڙهيل هئي. انگريز تيزي سان پنهنجو ڪم ڪري رهيا هئا.

رنجيت سنگهه کي سنڌو رستي گهوڙا پهچائڻ لاءِ 1831ع ۾ انگريزن جا جهاز ٺٽي پهتا ٻن مهينن کانپوءِ اهي جهاز برنس جي نگرانيءَ ۾ ٺٽي کان روانا ٿي ويا. سنڌ جي ماڻهن ۾ انگريزن جي سنڌوندي مان سفر ڪرڻ تي گهڻي تڪليف پهتي. اليگزينڊر برنس پنهنجي ڪتاب ”دي ٽريولس ان ٽو بخارا“ Travels in to Bokhara and a voyage of the Indus vol: III ۾ لکيو آهي ته هڪ سيد انگريزن کي ڏٺو ته هن نهايت افسوس سان چيو،

Alas! Sind in now gone, since the English have seen the river is the road to its co nques” (افسوس سنڌ هاڻ هٿن مان وئي، ڇاڪاڻ جو انگريزن سنڌوندي وارو رستو ڏسي ورتو آهي. جيڪو هنن جي فتح جو باعث ٿيندو).

لارڊ آڪلينڊ کي جڏهن ميرن جي اندروني اختلافن جي خبر پئي تنهن ڪري هن هر مير حڪمران سان جدا جدا عهدناما ڪرڻ شروع ڪيا. جنهن سان سنڌ جي وحدت کي سخت نقصان پهتو. اڳتي هلي هن جي اها حڪمت عملي ڪامياب ٿي ۽ سنڌ جا ٽالپر حڪمران ۽ انهن جو خاندان اختلافن جو شڪار ٿي ويو.

1832ع ۾ هينري پوٽينجر حيدرآباد پهچي شهداداڻي ميرن سان هڪ عهدنامو ڪيو. انهن انهيءَ سال خيرپور جي ميرن سان به هڪ معاهدو ڪيو. انهن عهدنامن تحت سنڌ مان گذرڻ جي اجازت ۽ سندن واپارين کي سنڌوندي کي واپار لاءِ استعمال ڪرڻ جي کين اجازت حاصل ٿي. اها انگريزن جي تمام پراڻي خواهش هئي جيڪا پوري ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org