ملير نالي ٻه ٻيا ماڳ به هن وقت سنڌ ۾ موجود آهن.
هڪ ٿر ۾ مارئي واري ملير ۽ ٻيو مارڏ ملير جاتي ضلع
بدين ۾ ديهه بهڊمي کان 4 ميل ڏکڻ اوڀر پاسي آهي.
بلوچستان ضلعي لسٻيلي ۾ هنگول ندي لڳ خوبصورت جبلن
۾ ”ڪُنڊ ملير“ نالي خوبصورت علائقو آهي. جيڪا گهمڻ
جي جاءِ آهي. ان کان پهرئين لياري وارو علائقو به
هتي آهي. انهن کانسواءِ مالير ڪوٽلا نالي علائقو
هريانا ڀارت ۾ به موجود آهي. مالير ڪوٽلا جيڪو
راجستان ۽ هريانا جي دنگ تي ضلعي هريانا ۾ آهي.
مرزا غالب جي سهري مرزا الاهي بخش مغلن جي آخري
بادشاهه شهنشاهه بهادر شاهه ظفر جي ڀيٽ ۾ انگريزن
جو ساٿ ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ مالير ڪوٽلا جي جاگير
هن کي ڏني ويئي. اردو جو مشهور جميل الدين عالي ۽
ڀٽو ڦاهي ڪيس ۾ مشهوري ماڻيندڙ احمد رضا قصوري
مالير ڪوٽلا جي مرزا الاهي بخش جي خاندان مان آهي.
سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٿر واري
ملير کانسواءِ سر حسيني جي بيت ستين ۾ ڪراچي واري
ملير جو به ذڪر ڪيو آهي؛
اديون ڪا ايندي؟ ڇپر مون سڱ ٿيو،
لائيندس لڱن کي، مليران ميندي،
وندر آئون ويندي آري ڄام آجو ڪري.
ڀنڀور کان ڪيترائي پراڻا رستا نڪرن ٿا. جن مان هڪ
رستو سمنڊ ڪناري ڪوڪري، گهگهوٽ، وٽيجي، پپري،
ٻاڪراڻ، کانٽو، لانڍي کانپوءِ ڪونڪر ۽ گڏاپ ۾ موکي
جي مسافر خاني کان ٿيندو سون مياڻي ۽ مڪران ڏانهن
ويندو آهي، جڏهن ته ٻيو رستو/پيچرو جنهن کي
مومتاڻي واٽ چيو وڃي ٿو اهو ديهه جوريجي، ديهه
ڊانڊو، ديهه ڪاٺوڙ، للو پٽ کان گڏاپ ۾ اچي لانڍي
کان ايندڙ گس سان ملندو آهي. سسئيءَ ڪيچ وڃڻ لاءِ
وٽيجي وارو پيچرو استعمال ڪيو هو ۽ پنهون جو قافلو
به انهيءَ واٽن مان ڪنهن واٽ تان ڀنڀور آيو هو.
جنهن ميندي جي وڻ/ٻوٽي جو ذڪر شاهه لطيف ڪيو آهي،
اهو اڄ به خودرو بنيادن تي ملير جي جابلو علائقي ۾
جهجهي تعداد ۾ ٿئي ٿو. انهن ٻنهي گسن جي آس پاس
اهي ٻوٽون اڄ به موجود آهن. اها ميندي پنهنجي رنگ
۽ خوشبو ڪري مشهور آهي.
انهن سڀني ڳالهين مان ڪهڙي ڳالهه ڪري ان علائقي تي
نالو ملير پيو آهي. جنهن تي تحقيق جي ضرورت آهي.
پر گهڻو ڪري خيال آهي ته سرسبز ۽ شادابي جي ڪري ان
ماٿري کي ملير چيو ويو ۽ ائين ان علائقي تي ملير
نالو پيو جيڪا ڳالهه وڌيڪ وزندار ۽ عام به آهي.
ملير جي قدامت جو اندازو هتان جي آثارن مان لڳائي
سگهجي ٿو. ميمڻ ڳوٺ کان ڊملوٽي ويندي، بازار نئين
جنهن کي لنگهيجي نئين به چيو ويندو آهي جي کاٻي هٿ
تي الهڏني جا آثار آهن. انهن آثارن لڳ ڪنهن دور ۾
الهڏني جوکئي جو ڳوٺ هوندو هو جنهن ڪري انهن آثارن
کي الهڏنو آثار جو نالو ڏنو ويو. هن ماڳ جي کوٽائي
۾
Unicorn
جون مهرون به مليون آهن. سورخ
دار ٺڪري ۽ هڪ سڱ واري ڍڳي جون مهرون به مليون
آهن. هتان مٽيءَ جا رانديڪا ۽ ٿانو به مليا آهن.
هي ماڳ ڪراچي شهر کان 23 ڪلوميٽر اتر اوڀر پاسي
آهي. هن ماڳ تان ٽن دورن جا آثار مليا آهن. ڀتين ۾
پٿرن سان گڏوگڏ ڪچيون سرون به استعمال ڪيل آهن.
هتي 1973ع ۽ 1974ع ۾ کوٽائي به ڪئي وئي آهي.
ديهه بازار ۾ الله ڏني جا تاريخي آثار
ماهرن جي تحقيق مطابق هتان دريافت ٿيل گهڻن مهرن
تي هڙپا مان مليل مهرن جي جانورن جون تصويرون
اُڪريل آهن ۽ پراڻي رسم الخط به ڪجهه مهرن تي
اڪريل آهن. جيڪا لکائي اڃا تائين پڙهي نه ويئي آهي
۽ نه ئي انهن رسم الخط تي کوجنا جي ڪوشش ڪئي ويئي
آهي. هڪ مهر تي هاٿي جي تصوير پڻ اڪريل آهي. هتان
ڪجهه اهڙا نشان به مليا آهن جنهن مان پتو پئجي ٿو
ته هتي ووڻن جي پوک به ٿيندي هئي. جيڪا اڄ تائين
هن علائقي ۾ ٿئي ٿي. انساني مجسمن جي بجاءِ هتي
ڪتن، ٻڪرين ۽ ڪجهه ريگنڻ وارن جانورن واريون مهرون
۽ مجسما به مليا آهن. سار سنڀال نه لهڻ ڪري آثار
تباهه ٿي رهيا آهن. آثارن جي هڪ حصي تي ڀرپاسي جي
زميندار کيڙي پوکون ڪيون آهن ۽ ڪجهه ماڻهن آثار جي
هڪ حصي تي گهر اڏيا آهن. انهن گهرن جا ماڻهو ۽
ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو آثارن کي ڪاڪوس طور استعمال
ڪري رهيا آهن. هن کان وڌيڪ بي حسي ٻي ڪهڙي هوندي؟
ملير وادي جي تاريخي قدامت قديم پٿر جي شروعاتي
وچين ۽ آخري دور سان ٿئي ٿو. هتي هر دور جا آثار
موجود آهن. هن علائقي لاءِ اها اهم ڳالهه آهي ته
قديم زماني کان وٺي اڄ تائين آباد رهيو آهي. سمنڊ
۽ سنڌو درياهه جي ويجهو ۽ قديم گذرگاهن تي آباد
هئڻ ڪري ان علائقي ۾ روزگار جا وسيلا موجود رهندا
اچن ٿا ۽ قديم وقتن کان هي علائقو اولهه، اتر
اولهه ۽ ڏکڻ اوڀر جي علائقن جي وچ ۾ پل جو ڪم
ڏيندي رهي آهي.
جڏهن سڪندر اعظم افغانستان کان ٿيندو پنجاب ۽ سنڌ
جو رخ ڪيو هو هاڻوڪي ڪراچي واري علائقي کان گذري
ايران ڏانهن ويو هو. ڊاڪٽر وليم پنهنجي ڪتاب
The Commerce of Ancients in the Indian Ocean
۾ لکي ٿو ته، ”سڪندر اعظم جو
مشهور جرنيل نيارڪس ننڍي کنڊ تي ڪامياب فوج ڪشيءَ
کانپوءِ وطن ورندي پنهنجي فوج سان گڏ 8 آڪٽوبر 326
ق.م ۾ ڪراچي جي پسگردائي ۾ قيام ڪيو هو. ان وقت هن
علائقي کي ڪرو ڪالا چيو ويندو هو. ڪروڪالا جو مطلب
واڳون واري جاءِ آهي.“
اولهه جي هڪ مورخ ۽ محقق ڪارٽر موجب نيارڪس جنهن
جاءِ تي قيام ڪيو هو ۽ اهو جزيرو انتهائي پرڪشش هو
ته نيارڪس متاثر ٿي انهيءَ جو نالو ”سڪندري جنت“
رکيو ۽ ڪارٽر موجب سڪندري جنت ڪياماڙي بجاءِ ”واڳو
ڏر“ وارو علائقو آهي. واڳون ڏر ملير جو حصو آهي ۽
ڪارٽر جي ڳالهه ۾ وزن به آهي ته سڪندري جنت واڳون
ڏر آهي.
هن
کان اڳ بيان ڪري آيو آهيان جرنيل نيارڪس ڪراچي جي
پسگردائيءَ کي ڪارو ڪالا جو نالو ڏنو جنهن جي
معنيٰ ”واڳون واري جاءِ“ واڳون ڏر ۾ اڄ به واڳون
موجود آهن ۽ هتي واڳوئن جون قبرون به موجود آهن جن
کي بزرگ واڳون چيو ويندو آهي. واڳون ڏر وارو
علائقو ڪنهن دور ۾ سنڌو جي هڪ ڇوڙ واري ڇاڙ ۽ ملير
ندي جي وچ ۾ هئڻ ڪري جزيري جو ڏيک ڏيندو هو.
ايرين پنهنجي ڪتاب
The
learning of Alxander
۾ لکي ٿو ته، ”آربيس ندي (حب ندي) ڏانهن ويندي هو
درياهه اڪريو جيڪو درياهه بدران واهڙ هو. هو باک
ڦٽي ڌاري هڪ آباد علائقي ۾ آيا. هن (سڪندر) پنهنجي
پياري فوج جي صف ٻڌي ڪئي آرام لاءِ هڪ نديءَ ڀرسان
ٿورو ترسيا هئا.“
آربيس (حب ندي) ڏانهن ويندي سڪندر جي فوجن جنهن
درياهه جهڙي واهڙ کي پار ڪيو. اهو درياهه جهڙو
واهڙ ملير نئين ۽ جنهن ندي ڀرسان ٿورو ترسيا هئا .
اها ندي بنا ڪنهن شڪ جي لياري ندي آهي. ملير کي
درياهه ان ڪري چيو ويو هو جو هن ۾ پاڻي موجود هو.
ايرين اهو به لکي ٿو ته ”ان علائقي ۾ جتان پيادل
فوج گذري هئي هتي پيئڻ جي پاڻي لاءِ کوهه کوٽيا
ويا هئا“. انهن ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته سڪندر
اعظم جون فوجون ملير جي آباد علائقي مان گذري حب
ندي ويون هيون. ملير اڄ به کوهن ڪري مشهور آهي.
سفر دوران نيارڪس جن ٻن علائقن سارنگ ۽ ساڪل جو
ذڪر ڪيو آهي. ايڇ ٽي لمبرڪ پنهنجي ڪتاب
Sind a
General Introduction
۾ انهن جاين کي ترتيبوار وٽيجي ۽ ابراهيم حيدري
ڄاڻائي ٿو. گذري کاري جا ملير نديءَ جي ڇوڙ
Estuary
آهي. سا به ڪنهن زماني ۾ هتي اچي ان کاريءَ سان
ملندي هئي ۽ هاڻي هٿرادو طور ملير نئين جي ڇوڙ
واري علائقي کي تبديل ڪيو ويو آهي. ڊملوٽي جو
علائقو قديم ملير جو مرڪز رهيو آهي. هتي الهڏني
آثار کانسواءِ حيات جوکيو ڳوٺ هڪ پراڻي آثار جي ڍير تي آباد آهي. انهن آثارن لڳ
هڪ پراڻي پٿر جي ڪوٽ جا آثار به آهن. جنهن کي
نٿالي جو ڪوٽ ۽ نٿالي جا آثار به چون ٿا. ڇاڪاڻ ته
پٿر جو اهو ڪوٽ نٿالي جي ڳوٺ لڳ هو. نٿالو پٽ
سائينداد جيڪو جوکين جي سردار ڄام بجار پهرئين جو
چاچو هو.
ملير ۽ جرندو نئين جي گڏجڻ واري علائقي، جيڪو
ڪراچي شهر کان 35 ڪلوميٽر اتر اولهه پاسي سپر هاءِ
وي لڳ ديهه اميلاڻو ۾ آهي به هڪ پراڻو ماڳ آهي.
فليم مطابق هتان ملندڙ آثار ٻڌائن ٿا ته هي ماڳ
مڪمل هڙپا دور سان تعلق رکندڙ آهي. لانڍي ۽ ٻاڪراڻ
وارا ماڳ جيڪي لانڍي ۽ سڪڻ نئين جي کاٻي ڪپ تي
واقع آهن هتي هڪ ٿانو ۽ ٻڪر جي اڳين ڄاڙي جو هڏو
مليو آهي. مجمدار موجب ماڳ ڪافي وسيع آهي ۽ هتان
نڪرندڙ ٿانو آمريءَ واري دور سان تعلق رکن ٿا.
کديجي جي جابلو ماٿريءَ ۾ جتي پٿر جي دور جون
غارون مليون آهن هتي ئي هڪ بٽي ”ڪوٽاري بٺي“ جيڪا
نيو ليٽڪ دور سان تعلق رکي ٿي جنهن جي پاسي ۾ سنڌو
تهذيب جا نشان پڻ موجود آهن. کديجي جهرڻي لڳ ۽
ڪاٺوڙ ۾ گوهربان تي پڻ قديم آثارن وارا ماڳ موجود
آهن. پر هاڻي اهو پورو علائقو ڊفينس هائوسنگ
اٿارٽي وارن کي ڏنو پيو وڃي ۽ انهن آثارن تي بنگلا
اڏي انهن آثارن ۽ اهڃاڻن کي هميشه لاءِ ختم ڪيو
ويندو.
ڊملوٽي تي پهرئين هڪ کوهه هو جنهن لڳ پپر جو وڻ هو
۽ وڻ لڳ هڪ قديم غار به هوندي هئي. هي هندوئن جو
تيرٿ آستان هو. غار ۾ شيو ۽ لڪشمي ديوي جي پوڄا
ٿيندي هئي. هاڻي غار کي پٿرن سان بند ڪيو ويو آهي.
انهن غارن کانسواءِ ملير ۾ واڳو ڏر به آهي. ڏر
معنيٰ کڏ آهي. اها به هڪ قدم غار آهي. موئيداڻ جي
علائقي مهير جبل جي ڏاٺ ٻاٻرين وٽ لاهوت اتڙي به
قديم غار آهي. مهير جبل تي ٻاٻرين جا آثار آهن جتي
هڪ پراڻي پٿر جو قلعو آهي جيڪو شروعاتي پٿر جي دور
جو قلعو آهي جتي پٿر جا اوزار ٽڙيا پکڙيا پيا آهن.
آثار لڳ گبربند جا نشان موجود آهن. مهير جبل تي ۽
مهير کان هيٺ ڪنڊ ڏانهن ويندي ڳوٺ گل محمد ڪانڙي
ديهه تراڙي لڳ رستي جي ساڄي هٿ تي پراڻن قبرن جا
آثار آهن جيڪي فقط ٻه کان ٽي فٽ ڊگها، ڏيڍ فٽ ويڪر
جا آهن. انهن قبرن جي ڪناري تي پٿر رکيل آهن ۽ هڪ
پٿر مٿان رکيل آهي. برساتن ۽ طوفان ڪري انهن قبرن
مان هاڻي هڏا به نظر اچي رهيا آهن. مقامي ماڻهو
انهن کي ڪافرن جون قبرون چون ٿا.
موئيداڻ جي مهير جبل جي ڏاٽ ٻاٻرين تي، گوهر بان
ڪاٺوڙو، کديجي، اميلاڻو، ٻاڪراڻ ۽ ڊملوٽي ۾
چمڪيلي، پٿرن جا اوزار ۽ هٿيار مليا آهن. ٽامي جي
دور سان هڪجهڙائي رکندڙ ٻن پاسن وارا پٿر جا چاقو
۽ پاڪي ملڻ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتان جا
هنرمد فني اعتبار کان پنهنجي همعصر تهذيبن ۽
هنرمندن تي فوقيت رکندا هئا. موئيداڻ جي ڪنڊ جي
علائقي ليڊاڻي ڍوري جي پار بلوچستان واري علائقي ۾
گهاڙي قبرستان لڳ گول لسا پٿر وڏي علائقي تي پکڙيل
آهن جيڪي مختلف سائيزن جا آهن اهي اهڙا پٿر آهن
جيڪي منجنيقن ۾ استعمال ٿيندا هئا. خيال آهي ته
هتي منجنيقن جي پٿرن ٺاهڻ جا ڪاريگر رهندا هئا.
اها فيڪٽري جي جاءِ هئي. جن جي ڪاريگري ڪمال جي
آهي.
ڪاريگري ته گهاڙي طرز جي قبرن جنهن کي عام طور
روميون ۽ چوڪنڊي چئبو آهي به ڪمال جي آهي. اهي
بيشمار گهاڙي اڏاوت جون قبرون ملير ۾ حب کان وٺي
گهگهر تائين ڦهليل آهن. جنهن تي گهڻو ڪجهه لکيو
ويو آهي. انهن جي خوبصورتي صدين تائين لکڻ وارن ۽
محققن کي هرکائيندي رهندي، شرط اهو آهي ته اهي
قائم رهن. چوڪنڊي جي نالي تي به بحث هلندڙ آهي.
نيشنل هاءِ وي تي جوکين جي ڄامن جي چوڪنڊي ۽ ميمڻ
ڳوٺ لڳ ٿڌي نئين جي ڪپ تي ڪلمتي قبيلي جي راڌن
ملڪن جون روميون جنهن کي بلوچ تومبس به چيو وڃي ٿو
هتي گهاڙي طرز جون 130 قبرون آهن. انهن قبرن تي
خوبصورت چٽسالي کانسواءِ انجنيئرنگ ۽ جياميٽري جي
ڪمال جي ڪاريگري استعمال ٿيل آهي. اهڙيون ٻيون
قبرون يا قبرستان اسٽيل مل اندر شيخ محمد قبرستان،
ديهه ٻاڪراڻ ۾ محمود شاهه قبرستان نيشنل هاءِ وي
لڳ پير ڪوهي درگاه لڳ سازين قبرستان، مشين ٽول
فيڪٽري جمع حماتي ڳوٺ لڳ ديهه شرابي ۾، ميمڻ ڳوٺ
لڳ پولٽري اسٽيٽ – 2 ۾، جامعيه مليه، ملير ڪاليج
ملير لڳ قبرستان ۾، شاهه حسن لڳ انڊسٽريل زون ۾
کاري واري ڍوري لڳ ملير گڊي جي چوڪنڊي پير مجنون
قبرستان گهگهر، پاڪ لينڊ سيمينٽ فيڪٽري لڳ، لانڍي
جيل جي اولهه پاسي، سپر هاءِ وي تي ناگوري سوسائٽي
لڳ، پپري، ڊملوٽي، ديهه لنگهيجي ۾ ٿڌي نئين جي ڪپ
تي ڪلمتين جون روميون، ملير جي دنگ تي مور مرادين
قبرستان، شورينگ ۾ امام بخش ڳوٺ قبرستان، ڪنڊ، حب
جي ڪناري ڳوٺ ڌڻي بخش ۽ شير محمد بنديچي لڳ، واڻ
ڪنڊ ۾ شاهه محمد قبرستان، کانسواءِ پراڻي ڪراچي ۽
گهاري واري رستي تي جيڪو وٽيجي کان هاڻوڪي اسٽيل
مل وٽان گذري کانٽي کانپوءِ ملير ڏانهن ويندو هو
اسٽيل مل واري جاءِ تي روڊ جي ڪناري واري جي ڀٽن ۾
اڻ ڳڻيون گهاڙي ۽ خوبصورت چٽسالي واريون قبرون
قبرستان ملير ۾ آهن. اهي قبرون گهڻو ڪري جوکين،
ڪلمتين ۽ برفت قبيلي جون آهن. گهاڙي طرز جون اهي
قبرون ايران جي علائقي باهو کان وٺي ٺٽي تائين
پوري ساحلي علائقي کانسواءِ ڄامشوري ضلعي ۽ دادو
ضلعي جي ڪوهستان ۽ ڪاڇي ۾ به آهن. پر انهن جو گهڻو
تعداد لسٻيلي، ملير ۽ ٺٽي ۾ آهي. تاريخ جي لکندڙن
جو خيال آهي ته انهن قبرن جا مستري/رازا روم جا
هئا جيڪي فن پوءِ ايران کان ڪلمتي بلوچ پاڻ سان گڏ
بلوچستان ۽ سنڌ ۾ کڻي آيا. اهي قبرون 11 کان 16
صدي تائين واري دور جون آهن. اهي گهاڙي قبرون ملير
جي تاريخ ۽ عظمت جا اهڃاڻ آهن. انهن تي چٽيل
چٽسالي ملير جي خوبصورتي ۾ واڌارو ڪيو آهي.
ملير جي علائقي موئيداڻ ۽ گڏاپ ۾ پٿر واري آخري
دور جون قبرون موجود آهن ۽ گهڻين جاين تي هندوئن
جون قبرون به آهن. موئيداڻ (ڪوستان) ۾ جڳهه جڳهه
تي ”هديرا“ (پٿر جا وڏا پلر بيهاري ان جاءِ کي
مقدس ڪيو ويندو آهي يا ڪا پراڻي بي نام اڪيلي قبر
واري جاءِ) آهن. هتي ڪجهه جاين تي پنج کان ست فٽ
گول دائري ۾ رکيل پٿر ۽ هڪ پاسي اچڻ وڃڻ لاءِ
لنگهه ڏنل هوندو آهي اهي به ملير جي علائقي ۾
موجود آهن. انهن کي مقامي ماڻهو ”ڪوٽڙو“ چوندا
آهن. انهن تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. ايڇ ٽي
لمبرڪ پنهنجي ڪتاب
Sind a
General Introduction
۾ لکي ٿو ته، ”ٽاڪرو تر جا هاڻوڪا رهاڪو پنهنجي
قديم وڏن جي جاين ۽ اهڃاڻن کي ”ڪوٽڙو“ سڏيندا
آهن.“
ڪنهن زماني ۾ سنڌو درياهه جو هڪ وهڪرو ڀنڀور کان
ٿيندو ابراهيم حيدري لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو جنهن
کي ڀنڀور لڳ گهارو نئين/گهارو ڦاٽ چيو ويندو هو.
ان جي ڪپ تي ابراهيم حيدري ڳوٺ، ريڙهي ڳوٺ (ريڙهي
مياڻ) ديبل، ڀنڀور، رتوڪوٽ ۽ ٻيا ڳوٺ آباد هئا.
غلام شاهه ڪلهوڙي 72-1756ع جي دور ۾ ٺٽي جي نواب
شڪر الله کي حڪم ڏنو ته راڻي ارجن کي مارائي ان جي
علائقي تي قبضو ڪيو وڃي. جنهن اهو ڪم بجار جوکئي
تي رکيو جنهن تي هڪ سگهڙ هيٺيون بيت چيو هو:
شڪر الله بجار کي ٿو ڪوٺيو سڏائي
ته
اڻ سسي ارجن جي يا پنهنجي تون ڏي.
بجار اسي ماڻهو ساڻ ڪري لاڙي بندر (لاهري بندر)
کان رتو ڪوٽ پهتو. جتي راڻو ارجن پنهنجن ماڻهن سان
شڪار لاءِ لٿل هو. بجار جوکئي اوچتي حملي انهن کي
مقابل جي مهلت نه ڏني ۽ راڻو ارجن مارجي ويو. ان
واقعي کانپوءِ غلام شاهه بجار جوکئي کي ڄام جو لقب
ڏيئي جوکين جو سردار مقرر ڪيو. سرداري جي پڳ
پهرئين مريداڻي جوکين تي هئي.
رتوڪوٽ ڪراچي جي مرڪز کان 27 کان 30 ڪلوميٽر پري
ريڙهي مياڻ لڳ مجق ٻيٽ ۾ آهي. مجق ٻيٽ، ڦٽي
کاري/ڦاٽ ۽ ڇن کاري جي وچ واري ٻيٽ جي اوڀر واري
ڇيڙي تي آهي. هتان سنڌو جي شاخ وهندي هئي. گهارو
ندي انهيءَ شاخ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي تنهن ڪري ان کي
گهارو ندي به سڏيو ويندو هو. پورٽ قاسم به انهيءَ
ڪريڪ تي آهي. رتوڪوٽ جي جن کنڊرن مان هڏاوان پڃرا
مليا آهن. هتي هڪ قبرستان ۽ ٻيا پراڻا آثار به
آهن. انهن آثارن مان ڪاشي، چيني ۽ ٺڪر جا ٿانو
مليا آهن. ڪنهن دور ۾ هي آباد بندر هو.
مقامي ماڻهو ڪوٽ کي رتوڪوٽ جي نالي سان انهيءَ ڪري
سڏيندا آهن جو ڪوٽ جي کنڊرن ۾ سرن جو رنگ ۽ خود
کنڊر به ڳاڙهي رنگ جا آهن. گهڻا ڀيرا حملو ڪندڙن
ڪري هتي خون جي هولي کيڏي ويئي جنهن جي ڪري شايد
انهن بي گناهه ماڻهن جي رت جي لالاڻ ڪري ڪوٽ ۽
زمين جو رنگ ڳاڙهو ٿي پيو هجي ۽ انهيءَ ڪري ان کي
رتوڪوٽ چيو ويندو هجي. انهن آثارن جي ياترا تي
آئون گهڻا ڀيرا وڃي چڪو آهيان. هتي هڪ قبر مٿان
چوڪنڊي طرز جي ڇٽي ٺهيل آهي. ڪجهه گهاڙي قبرون به
آهن. ڪوٽ جي ڀتين جي ويڪر هن وقت ڪٿي چار ۽ ڪٿي
پنج فٽ آهي. ڪوٽ جي چئني ڪنڊن ۽ شاهي دروازي تي
برج ٺهيل آهن. دروازي جي اولهه پاسي شهري آبادي جا
نشان موجود آهن. ڪوٽ جي اولهه ڏکڻ ۽ اتر اولهه
پاسي قبرستان آهي. شهر ۾ گهرن جي بنياد جا نشان
موجود آهن ۽ ڪوٽ کان شهر ڏانهن ويندڙ رستي جا نشان
به موجود آهن. هڪ روايت اها به آهي ته هي راجا دلو
راءِ جو ڪوٽ آهي. هي هن جي حڪومت جي گادي جو هنڌ
هو. مورڙو ميربحر پنهنجي ڀاڄاين جي مهڻن کان بيزار
ٿي هتي اچي راجا دلو راءِ وٽ رهيو هو. ٻي روايت
اها آهي ته ڪوٽ راڻن جو ٺهرايل آهي جيڪو رتو ڪوٽ
راڻن جو مشهور آهي. راڻا هن علائقي جا حڪمران هئا
۽ ٺٽي جي حاڪمن سان ڪونه ٺهندا هئا. سمنڊ جون
لهرون آثارن کي ختم ڪري رهيون آهن. ان کانسواءِ
سمنڊ ڪناري ريشن بيچ (شاهه حسن درگاهه) لڳ سمنڊ ۾
هڪ پراڻي شهر جا آثار موجود آهن.
افسوس ته اهو آهي ته ايتري پراڻي تهذيب جا آثار،
ماڳ ۽ مڪان بنا ڪنهن سار سنڀال جي تباهه ٿي رهيا
آهن. حڪومتي ادارن جي لاپرواهي ۽ اسان جي بي حسي
ڪري هڪ پوري تاريخ، ماضي جي هڪ پوري تهذيب جڪنهن
تي اسان فخر ڪري سگهون ٿا تباهه ٿي رهيا آهن. انهن
ماڳن، مڪانن، آثارن جو ڪو به والي وارث ڪونهي.
هاڻوڪي رهندڙ قبيلن مان سڀ کان اڳ ڪهڙي قبيلي ملير
کي اچي وسايو جنهن جي باري ۾ اڃا ڪا پڪي ثابتي نه
ملي آهي. ڪنهن دور ۾ هتي جاڙيجا، پنهور، ڀڙج،
راڻا، لاشاري ۽ جاکرا به رهندا هئا. ڪلمتي، جوکيا،
برفت، گبول، خاصخيلي ۽ ڇٽا قبيلا ته صدين کان هتي
آباد آهن. جن ۾ ڪلمتي ۽ برفت، آڳاٽا قبيلا آهن.
جوکيا 15هين صديءَ ۾ راجستان کان هتي آيا. جيڪي
عربن جي آخري دور ۾ ملير، حب، منگهو پير، ۽ ساڪري
۾ اچي آباد ٿيا. علي احمد بروهي پنهنجي ڪتاب
”هسٽري آف ٽومب اسٽونز“ ۾ لکي ٿو ته، ”چوڪنڊي
قبرستان جي الهندي حصي ۾ اعليٰ ڪشادي طرز جي نموني
تي قبرون آهن جيڪي گهڻو آڳاٽي زماني سان تعلق رکن
ٿيون. مقامي ڏند ڪٿائن موجب اهو حصو ڪلمتي قبيلي
جو هو جيڪو دراصل اتر پاسي قبرستان ۾ پنهنجن مردن
کي دفن ڪندا هئا. سورهين صديءَ جي آخر ۾ فقط ٻه
قبيلا ملير جي علائقي ۾ غالب هئا. ڪلمتي ۽ برفت،
جوکيا قبيلا جيڪي هاڻي قبرستان کي پنهنجو سڏين ٿا،
بعد ۾ ڪوهستان کان هجرت ڪري هتي آيا.“ (حوالو:
تاريخ جوکيا، مرتب علي محمد جوکيو).
ملير جو علائقو زرعي علائقو رهيو آهي. هن وقت به
گهڻي حصي ۾ زراعت ڪئي ويندي آهي. ڪنهن دور ۾ هتان
جي ماڻهن جو سئو سيڪڙو روزگار جو وسيلو زراعت ۽
مال ڌارڻ تي هوندو هو.
ورهاڱي کان اڳ ملير ساوڪ ڀريل گلستان وانگر هئي.
ميون، ڀاڄين ۽ اَن ۾ پاڻ ڀري هئي. جنهن سبب هتي جي
ماڻهن کي روزگار نصيب ٿيندو هو. ملير جا پڪا پوڙها
اڄ به ان دور کي ياد ڪندي چون ٿا. ”ابول! پراڻن
وقتن ۾ اسان جي ملير ڪيڏي نه خوبصورت ۽ زرخيز
هئي.“
ڪو
وقت هو جو هي تر زرخيز هو. هتي، پٽاٽا، زيتون،
انب، ڪيلو ۽ ٻيا ميوا ۽ ڀاڄيون اپائيندا هئا. دم ۽
ٽي بي جي مريضن کي ڊاڪٽر آبهوا جي تبديلي لاءِ
ملير جي تازي هوا خوري جو مشورو ڏيندا هئا. اهو ڏک
به سمجهڻ جوڳو آهي. گهڻو ڪري ان ڪري به جو ملير هڪ
اهڙي سرزمين هئي جتي ماڻهن جي گذران لاءِ اڪيچار
شيون موجود هيون. هتي جا ماڻهو امن ۽ سڪون سان
رهندا هئا ۽ ڏوهه ته ٿيندو نه هو. ان کانسواءِ
ملير ڪراچي لاءِ کاڌ خوراڪ جو پورائو ڪرڻ ۾ اهم
ڪردار ادا ڪندي هئي ان ڪري هتان جا رهواسي سکيا
ستابا هئا. پر وقت سان ڪراچي ۾ ٿيندڙ نئين گهڻي
اڏاوت ۽ ٻاهران آيل ماڻهن جي وار ملير کي وڏو ڌڪ
رسايو. 60 واري ڏهاڪي ۾ ديهه ڊگهه، ديهه ٿاڻو،
ديهه شرافي (شرابي) آباد علائقا هوندا. حڪومت
پاران اهي ويڪنٽ لينڊ ڄاڻائي وڏي تعداد ۾ هندستان
مان آيل پناهه گيرن کي انهن زرعي زمينن تي آباد
ڪيو ويو. باقي ملير، درساڻو ڇنو، ڪاٺوڙ ۽ گڏاپ
وارا علائقا ملير ۽ ٻين برساتي ندين مان ريتي بجري
ڍوئجڻ ڪري برباد ٿيندا ويا. ٽيون سبب بارش جو گهٽ
پوڻ ۽ وڌيڪ زمين آباد ڪرڻ جي جنون ۾ زير زمين پاڻي
جو ختم ٿيڻ آهي.
ملير جي علائقي آسو ڳوٺ ۾ قائم مولرام ڪمپائونڊ جي
باري ۾ لوڪ رام ڏوڏيجا لکي ٿو ته ”هي سرسبز علائقو
هو جتي شاهوڪارن جا باغ ۽ انهن ۾ بنگلا هئا پر
گهڻو موج مليو مولرام جي ڪمپائونڊ تي لڳندو هو جتي
هر آتوار تي لنگر جو انتظام هوندو هو. سوامي
مولرام گلابداسي پنٿ جا هئا.“
هاڻي هتي هندستان کان آيل پناهه گيرن جو قبضو آهي
سرسبز علائقو برباد ٿي چڪو آهي.
ملير جي مٽي جي خوبي اها آهي ته هتي هر قسم جو
فروٽ ۽ ڀاڄيون ٿين ٿيون. هتي بئراج سسٽم نه آهي
کوهه کوٽي ٽيوب ويل وسيلي زراعت لاءِ پاڻي حاصل
ڪيو ويندو آهي. جر جو پاڻي هيٺ وڃڻ ڪري هاڻي گهڻن
علائقن ۾ 400 کان 500 فٽ ڊيپ ڊرلنگ بور ڪري سمبر
سيبل پمپ وسيلي پاڻي حاصل ڪيو ويندو آهي. جيڪو
گهڻو مهانگو آهي. بارشن جي نه پوڻ ۽ ريتي بجري جي
چوري ڪري پاڻي جي ڪوالٽي ۾ به فرق پيو آهي ۽ زير
زمين پاڻي ۾ لوڻياٺ جو تعداد وڌي ويو آهي. جيڪو
1000 کان 18000 پي پي ايم تائين آهي جنهن جي ڪري
پيداوار ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ زمينون ڪلراٺي ٿي
ويون آهن. اهو پاڻي انساني حياتي لاءِ به هاڃيڪار
آهي جنهن جي واپرائڻ جي نتيجي ۾ ڊاڪٽرن جي رپورٽ
موجب پوري ملڪ کان ملير جي ماڻهن ۾ هيپاٽائيٽس بي
۽ سي جو ريشو وڌيڪ آهي.
ڪراچي يونيورسٽي جي جاگرافي ڊپارٽمينٽ پاران ڪيل
سروي موجب، جڏهن ندين جو پاڻي ميدانن ۾ داخل ٿيندو
آهي ته ندي جي ڪنارن وٽ ڇپن جي موجودگي ۽ سوڙهي
لنگهه ڪري پاڻي جو وهڪرو هلڪو ٿي ويندو آهي. تنهن
هوندي جر جو پاڻي گهمندي ڦرندي زمين ۾ جذب ٿيندو
رهندو آهي. جنهن مان پوکي کي خاص فائدو رسندو آهي
۽ ٻني ٻاري جي ڪمن ڪارين کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي
آهي. اهڙي زمين جي هيٺ جر جي پاڻي کي ڪتب آڻي
سگهجي ٿو.
انهن سڀني رپورٽن، مطالعن حڪومتي ايوانن ۽ ريتي
بجري مافيا جو ڪجهه به نه بگاڙيو. سيڪشن 144 ۽ سنڌ
اسيمبلي مان بندش واري آرڊيننس پاس ٿيڻ جي باوجود
ملير ۽ ٻين ندين ۾ هر مهيني لکين ٽن ريتي بجري
چوري ٿي رهي آهي. ڪراچي جي ميگا سٽي جي اڏاوت لاءِ
ريتي بجري حاصل ڪرڻ جا پنج اهم وسيلا ملير ندي،
ٿڌو ندي، سڪڻ ندي، حب ندي ۽ لياري ندي کانسواءِ
جرندو، لنگهيجي، ڪونڪر ۽ کار نديون آهن. لياري ندي
پهرئين برباد ٿي پنهنجو وجود مٽائي چڪي آهي. ملير،
ٿڌو، حب ۽ سڪڻ به هوريان هوريان خاتمي ڏانهن وڌي
رهيون آهن. اهو سڀ فقط انتظاميا جي ڪوتاهه نظر
پاليسين سبب يا ضرورت آهر ترقياتي ڪمن جي پاليسي
نه هئڻ ڪري ٿيو آهي. اهو الميو فقط ندين جي پيٽ
مان ريتي بجري کڻڻ نه آهي. گڏوگڏ پوکي وارين زمينن
مٿان مٽي کڻڻ سبب هتان جون اڻ ملهه زمينون برباد
ٿي ويون. نامياتي مادا، معدنيات جا بهترين ذرا
جيڪي زمين کي سرسبز ۽ پوکي لائق ڪندا هئا. اهو ختم
ٿي ويو. ان عمل ڪري لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي پئي ۽
هزارين خاندان بي روزگار ٿي لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا
يا پنهنجي اباڻي ڪرت کي ڇڏي انهن ٻيا ڌنڌا اختيار
ڪيا جتي هو مس فٽ رهيا. ملير وادي جيڪا اڏاوتن جي
زد کان بچيل هئي انهن ۾ ميمڻ ڳوٺ، درساڻو ڇنو،
ديهه لانڍي، ڪاٺوڙ، گڏاپ، ڪونڪر ۽ شاهي ڇٻ وارا
علائقا جتي گهڻي تعداد ۾ زراعت ٿيندي هئي تنهن جي
شڪل هاڻي بدلجي رهي آهي ۽ هن وادي جي سرسبز،
خوشحال ۽ زرخيز زمين ريگستان وانگر ٿي وئي آهي.
انهن علائقن ۾ هاڻي فقط 20 فيصد زمينون آباد ٿين
ٿيون. اهو به بجلي جي ڳري خرچ سان. جتي اڳ اندازن
ساڍا پنج لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي. هاڻي فقط
10 کان 12 هزار ايڪڙ زمين تي زراعت ڪئي پئي وڃي.
ورهاڱي کانپوءِ فقط ملير جون 15 ديهون شهري علائقي
۾ ضم ٿي وڏين عمارتن ۽ سوسائٽين ۾ تبديل ٿي چڪيون
آهن. 70 هزار کان مٿي ايڪڙ زرعي زمين تي اهي
سوسائيٽيون ٺهيون آهن ۽ تيزي سان باقي علائقا
ويران ٿي، شهري علائقي ۾ شامل ٿيندا پيا وڃن.
هتي بچيل زراعت جو اهو الميو آهي هتي ٽيوب ويل ۽
سمر سيبل پمپ بجلي تي هلن ٿا ۽ 30 کان 25 ڪلو واٽ
جي موٽر هڪ منٽ ۾ 375 گيلن پاڻي لفٽ ڪري سگهي ٿي.
پاڻي جيئن ته گهڻو هيٺ آهي جنهن جي ڪري 20 کان 25
گيلن پاڻي لفٽ ڪري سگهي ٿي. هن کانسواءِ
K.E.S.C
جي پنهنجي رپورٽ مطابق چاليهه ڏينهن جي هڪ فصل کي
ڇهه ڀيرا پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪي اي ايس سي
K.E.S.C
جي انرجي چارجز جي مد ۾ پئسا 18500 رپيا ٿين ٿا
جڏهن ملير جي ويجهي علائقي ٺٽي ۾ هڪ سال ۾ في ايڪڙ
واٽر چارجز جي مد ۾ فقط 200 رپيا وصول ڪيا وڃن ٿا.
ملير ۾ انرجي چارجز کان
Flate
Rate
وڌيڪ آهن ۽ في يونٽ تقريباً 10 رپيا وصول ڪيو وڃي
ٿو. جيڪو غريب آبادگارن جي وس کان ٻاهر آهي. جنهن
جي نتيجي ۾ گهڻن ماڻهن پنهنجا ٽيوب ويل بند ڪري
ڇڏيا آهن. هڪ پاسي ريتي بجري مافيا، ٻئي پاسي
بارشن جو گهٽ پوڻ ۽ ٽئين پاسي بجلي جي ڳرن بلن
رهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ هتان جي
آبادگارن حڪومت کي مختلف تجويزون موڪليون آهن.
انهن تجويزن تي عمل ڪري هن جنت کي بچائي سگهجي ٿو،
پر حڪومت پاران مسلسل خاموشي جي ڪري هتان جا
آبادگار ذهني مونجهاري جو شڪار آهن.
ملير وادي ۾ جيڪا تبديلي آئي آهي سا گهڻي قدر
انسانن هٿان آئي آهي. جيڪا هنن تڙ تڪڙ ۾ ڪئي آهي.
اٽڪل 25 سال اڳ هن علائقي ۾ پاڻي جو ذخيرو 30 فٽن
کان وڌيڪ هيٺ نه هو ۽ زمين ڏاڍي زرخيز هئي. وڏي
پئماني تي پابندي هوندي به ريتي بجري جي ڪڍڻ سبب
مٽي جو مٿيون تهه خراب ٿيو آهي ۽ پاڻيءَ جو ذخيرو
به متاثر ٿيو. مطالعي موجب هتي کوٽائي ايڏي ٿي جو
هاڻي ريتي ۽ بجري جو ملڻ مشڪل ٿي ويو آهي. روزانو
اٽڪل هڪ هزار ٽرڪون ملير ۽ ٻين ندين جي 100 کان
مٿي ڌڪن مان ٽي ڪيوبڪ فٽ ريتي بجري کڻي وڃن ٿيون.
800 رپيا في ٽرڪ پوليس وارن کي ملي ٿي. ان عمل سان
ملير ندي جي ماحولياتي نظام کي جيڪو نقصان رسيو
آهي، سو انتهائي مهانگو آهي جنهن جو هاڻي ازالو
ممڪن ناهي. پروفيسر محمد رضا مهدي موجب ”جيتري
ريتي هن علائقي مان کنئين وئي آهي تنهن کي ٻيهر
ڀرڻ لاءِ هزارين سال کپن تڏهن وڃي هتان جو قدرتي ۽
ماحولياتي نظام توازن ۾ ايندو.“
اڳ
ملير ۾ ٽيوب ويل ڏينهن رات ۾ چوويهه ڪلاڪ هلندا
هئا پر پاڻيءَ جي سطح ۾ گهٽتائي اچڻ سبب هاڻي گهڻا
ته بند ٿي چڪا آهن ۽ جيڪي هلن ٿا اُهي به مشڪل سان
روزانو، چئن کان پنج ڪلاڪ هلن ٿا ۽ پاڻي جو پريشر
به گهٽ ٿيو آهي. پهريان ملير ۾ پاڻي جي سطح 40 کان
50 فٽن کان وڌيڪ گهٽ نه هوندي هئي پر هينئر اها ٽن
سئون کان 600 فٽ هيٺ گهٽجي ويئي آهي. جنهن جي ڪري
زمينون بنجر ٿينديون پيون وڃن. ماڻهن کان جياپي جو
سامان کسجي ويو آهي ۽ انهيءَ ۾ وڏي ۾ وڏو ڏوهاري
ريتي بجري مافيا ۽ انتظاميا آهي. انهن سڀني هاڃن
جي باوجود ملير وادي جي زمين اڃا به تناسب جي لحاظ
کان سنڌ جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اپت ڏئي ٿي ۽
في ايڪڙ هڪ لک رپين جو ناڻو ڪمائي ڏئي ٿي جڏهن ته
سنڌ جا ٻيا علائقا في ايڪڙ جي حساب سان 35 هزار
رپيا ناڻو ڪمائين ٿا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ملير ۽ ٻين ندين مان اڃا
تائين 61 بلين ڪيوبڪ فٽ ريتي بجري کنئي وئي آهي
اهو ڪو ننڍو انگ نه آهي. ان عمل جي ڪري ملير ۾
مختلف سطحن تي معاشي تباهيون سهڻيون پيون آهن.
هتان جو هر جيوت انسان سميت متاثر ٿيندو رهيو آهي.
جيڪڏهن پاڻي ٻيهر پيدا نٿو ڪري سگهجي ته رڻ پٽ کي
خوشحال نٿو ڪري سگهجي. گذريل 45 سالن کان ملير
واديءَ جي قيمت تي ڪراچي شهر جي اڏاوتن ۽ آبادي
قانون جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن. صورتحال جي
پيچيدگي جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته
قدرتي طور زراعت لاءِ ڀاڄيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ سڪل
علائقن جي مٿانهين تهه جو فقط هڪ سينٽي ميٽر ٻيهر
بحال ڪرڻ لاءِ 100 کان 400 سال کپن.
تباهي تي پهتل لاٿ جو سلسلو برقرار رهيو ۽ زمين ۽
پوک کي متوازن نه ڪيو ويو ته پوءِ ملير ۾ ايندڙ
تباهي جو وڏو سلسلو شروع ٿي ويندو. جڏهن زمين اپت
ڏيڻ بند ڪيو ته ماڻهن ٻيلن کي وڍڻ شروع ڪيو ڇاڪاڻ
ته ٻيو ڪو به روزگار نه رهيو هو. ندين جي اندر
ڪنارن تي گهاٽن ٻيلن کي ريتي بجري مافيا جي
بلڊوزرن ختم ڪيو جنهن سان ماحول تي خطرناڪ اثر
مرتب ٿيڻ لڳا. جنگلي جيوت به هن تباهي جو شڪار
ٿيو. گوڙ جي گدلاڻ جنهن جو وڏو ڪارڻ ريتي بجري
مافيا آهي جنهن سبب علائقي جي زرخيز زمينن ۾ هر
هنڌ کڏون کوٽيون پيون آهن ۽ جڏهن انهن جون مشينون
انهن کڏن کوٽڻ لاءِ هلنديون آهن ۽ ڊمپر هلڻ لڳندا
آهن ته ڏاڍو گوڙ ٿيندو آهي جنهن کي اڄ جي سائنس
گوڙ جي گدلاڻ
Rxise
Pollution
طور ڄاڻايو آهي.
انهن سببن مان پيدا ٿيندڙ بيروزگاري نوجوانن اندر
نه فقط فرسٽريشن پيدا ڪئي پر انهن نشو واپرائڻ ۽
چوريون ڪرڻ ۽ ڏوهارين جو ساٿ ڏيڻ شروع ڪيو آهي ۽
هتان جي عورتن جي سماجي ۽ معاشي ماحول تي به اهي
شيون اثر انداز ٿيون آهن. اهي ٻني تي مزدوري ۽
هارپو ڪري گذارو ڪنديون هيون ۽ فالتو وقت ۾ انهن
ٻنين ۾ بيٺل گاهه کي مال جي چاري لاءِ استعمال
ڪنديون هيون جنهن سان گهر ۾ جهجهي مقدار ۾ کير
موجود هوندو هو. پر جڏهن سڀ ڪجهه تباهه ٿيو ته
مردن مزدوري لاءِ ٻاهر جو رخ ڪيو پر عورتن لاءِ
اهي سهولتون نه هجڻ ڪري اهي گهر ۾ رهيون. ڪي
ٿوريون عورتون جيڪي مزدور طبقي جي خاندان سان تعلق
رکنديون هيون وڏن بنگلن ۾ صفائي ۽ پوچي جو ڪم شروع
ڪيو. گهرن ۾ پلجندڙ مال به گاهه ۽ چارو نه هئڻ ڪري
مجبورن وڪڻڻون پين.
85-1980ع تائين ملير وادي علائقي ۾ زڪوات وٺڻ جو
ڪو رواج نه هو پر هن کي عيب سمجهيو ويندو هو. هاڻي
25 فيصد عورتون ۽ 20 فيصد مرد زڪوات جي اوسيئڙي ۾
گذارين ٿا ۽ اڳين سالن ۾ ان جي تناسب ۾ واڌ جا
امڪان آهن. گهڻن علائقن ۾ زرعي زمينون ختم ٿي ويون
۽ ڪي ختم ڪيون ويون. هتي صنعتي زون وڌي رهيا آهن.
جتي مزدور طبقو ٻاهران گهرايو وڃي ٿو. ملير جو
ماڻهو انهن صنعتن ۾ اٽي ۾ لوڻ مثل به نه آهي ۽ هتي
ٻاهران آيل مزدورن جون آباديون ٺهن پيون. لينڊ
مافيا بچيل زمينن تي انتظاميا سان ملي انهن غير
قانوني آبادين کي هٿي ڏيئي رهي آهي. جنهن جي ڪري
ڪجهه سالن کانپوءِ هتي آبادي جو توازن بگڙجي ويندو
جنهن سان امن امان جي صورتحال پيدا ٿي ويندي. جيئن
لانڍي ۽ سائيٽ، ڊالميا سيمينٽ فيڪٽري ۽ جاويدان
فيڪٽري وارن علائقن ۾ ٿيو ۽ اهو سڀ ڪجهه هاڻي ملير
واري علائقي ۾ ٿي رهيو آهي. جيڪو بن قاسم ٽائون
واري علائقي ۾ گهڻو آهي. گلشن حديد، اسٽيل ٽائون
شپ، جوريجي، کانٽو، ديهه لانڍي، پپري ۽ گهگهر انهن
جا مثال آهن. گڏاپ ٽائون ۾ انهن زرعي زمينن تي
سوسائيٽيون ٺاهي ٻاهرين آبادي جي لوڌ کي آباد ڪيو
پيو وڃي.
زراعت کانسواءِ ملير جي ساحلي پٽي جنهن ۾ ابراهيم
حيدري، ريڙهي مياڻ، لٽ بستي ۽ گهگهر تائين علائقو
اچي وڃي ٿو. هتي ابراهيم حيدري جهڙو گدلو سامونڊي
ڪنارو ۽ شاهه حسن (بيچ) جهڙو خوبصورت ڪنارو به
آهي. ابراهيم حيدري کان جيڪو ملير جي ڏکڻ اولهه
پاسي آهي. اتر پاسي آخري ڳوٺ محمد گنجو نمن واري
ڍوري تائين فضائي حد 95 ميل آهي. ساحلي علائقي جو
گذر بسر مڇي مارڻ تي آهي ۽ ساليانو ڪروڙين رپين جو
پرڏيهي ناڻو پيدا ڪري ڏيڻ وارا اهي وڻجارا هر
بنيادي سهولت کان محروم آهن. بنيادي ضرورتون جن ۾
پاڻي، صحت ۽ صفائي ڪا به شئي نظر ٿي اچي. هر پاسي
ڪچري جا ڍير نظر ايندا ۽ رستن تي گٽر جو پاڻي جمع
هوندو آهي. ابراهيم حيدري هن سان لڳ ساحلي علائقن
۾ وڃڻ سان ائين محسوس ٿيندو ڄڻ ته اوهان سنڌ جي
ڪنهن ڳوٺ ۾ نه پر بنگلاديش جي ڪنهن سامونڊي
وسنديءَ ۾ هجو. سستي مزدوري ڪري مڇي جي ڪاروبار تي
بنگالي ۽ فش هاربر وانگر هاڻي هتي به پٺاڻ ڇانئجي
رهيا آهن. مقامي ماڻهو تيزي سان بيروزگار ٿيندو
پيو وڃي. جنهن جي ڪري ساحلي علائقن ۾ نشي جو
ڪاروبار عروج تي آهي. چرس، شراب، ٺرو، هيروئن،
گانجو، راڪيٽ ۽ گٽڪي جهڙي لعنت ۾ هتان جو ماڻهو
پنهنجو سڪون ڳولي ٿو. بنگالي هاڻي ايترا طاقتور ٿي
چڪا آهن جو هو مقامي ماڻهن سان روز جهيڙا ڪندا رهن
ٿا. ان پرسڪون علائقي ۾ انهن جي اچڻ ڪري چورين،
قتل ۽ ڦرن جون واردارتون وڌي رهيون آهن. هاڻي
بنگالي مقامي اليڪشن کان وٺي صوبائي اليڪشن تائين
مقابلي جي پوزيشن ۾ آهن. ڪو وقت ايندو جو مقامي
ماڻهن جا فيصلا به اهي بنگالي ۽ پٺاڻ ڪندا ۽ پوءِ
اسان جي تقديرن جا فيصلا به انهن جي هٿن ۾ هوندا.
انهن کي هتي آڻڻ وارو به هتان جو مقامي ماڻهو آهي.
ابراهيم حيدري ڳوٺ تي اهو نالو ٻن بزرگن ابراهيم
شاهه ۽ حيدر شاهه ڪري پيو جن جون مزارون انهيءَ
علائقي ۾ آهن. اڳ هي ڳوٺ ڦٽي ڪريڪ جي ڏاکڻي پاسي
مٺي پاڻي جي هڪ ڇاڙ تي آباد هو. اهو سنڌو ندي جو
هڪ وهڪرو هو جنهن ۾ گهارو، گهگهر، ملير ۽ ٻين
جابلو ندين جو پاڻي ۾ به ڇوڙ ڪندو هو. جنهن تي رتو
ڪوٽ ۽ ٻيا شهر آباد هئا. هاڻي اهو پورو علائقو
سمنڊ جو حصو بڻجي ويو آهي.
سمنڊ گهڻو وڌي چڪو آهي. رتوڪوٽ، جاکي بندر ۽ ٻيا
ڪيترائي ماڳ وچ سمنڊ ۾ اچي چڪا آهن. هن وقت
ابراهيم حيدري ڪورنگي ڦاٽڪ (ڪريڪ) تي آباد آهي.
احمد ناکئو جيڪو هاڻي گذاري چڪو آهي هن علائقي جي
پوري تاريخ جي ڄاڻ رکندو هو. هلندڙ ڦرندڙ ان تاريخ
سان جڏهن ڪچهري ڪئي ته هن ٻڌايو ته ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ کان وٺي بدر ابڙي تائين سڀ ان سان ڪچهري ڪري
چڪا آهن. هن ان شام سمنڊ ڪناري ڇولين جي شور ۾
جيڪا ڳالهه ٻڏائي اهو اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان.
ان ٻڌايو ته، ”مورڙي ميربحر جي ڀائرن کي مانگر مڇ
نه پر سمنڊ ۾ هڪ وڏي شارڪ ٿئي ٿي، جنهن کي هتان جا
ماڻهو شاهي ڪڇون به چون ٿا ڳڙڪايو هو ۽ مورڙي
انهيءَ ڪڇون کي ماريو هو. هاڻي هن قسم جا ڪڇون
سمنڊ مان ختم ٿي چڪا آهن. اهي تمام وڏا هوندا هئا،
ماڻهن کي ڳڙڪائي ويندا هئا ۽ ٿوني سان وڏي ٻيڙي کي
به اونڌي ڪري ڇڏيندا هئا. جنهن کي اسان سنڌي منڱر
چوندا آهيون. شارڪ کي به اسان منڱر چوندا آهيون.
اهو ڪڇون شارڪ جي هڪڙي قسم آهي.“ هن وڌيڪ ٻڌايو
ته، ”انڌي منڱر جو فقط جگر ڪڍندا آهيون. هن جي تيل
جو ٻيڙيءَ کي مک ڏيندا آهيون ته جيئن ڪاٺ خراب نه
ٿئي.“
مون گوادر جي ساحل باطل جبل لڳ اهڙا سائي رنگ جا
ڪڇو ڏٺا هئا جن جي جسامت ايتري وڏي نه هئي پر پوءِ
به اهي تمام وڏي سائيز جا هئا.
ملير جي ساحل تي آباد مڇي جي ڪرت سان واڳيل مختلف
ذاتين جو پنهنجو هڪ الڳ سماج آهي. ريتون، رواج ۽
رسمون آهن. ٿوري تي صبر شڪر ڪرڻ وارا هي ماڻهو
سمنڊ جو سينو چيري ڪروڙين رپيا حڪومت کي ڪمائي ڏين
ٿا پر اڪثر پنهنجو چُلهه ٻاري نٿا سگهن. انهن
ساحلن تي سنڌي ٻولي نهايت شاهوڪار آهي. اهڙا لفظ
جيڪي سنڌي لغات ۾ ناپد آهن اهي هتي عام جام ملن
ٿا. تنهن ڪري ٻولي جي ماهرن کي انهن لفظن جي ذخيري
کي جمع ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. هتي ٻيڙي جا
گهڻا نالا آهن. لانچ، هوڙهو، ڪليسي، باد، دنگي،
بتيلو وغيره. سوهڻ جنهن کي شاهه لطيف پنهنجي
شاعريءَ ۾ ڪتب آندو آهي. هي هڪ ننڍي ڪلي وانگر ڪاٺ
کي چئبو آهي جيڪو ٻيڙيءَ جي ٻن پاٽن کي جوڙڻ جو ڪم
ڏيندي آهي. پاپليٽ مڇيءَ کي پٿون چئبو آهي. ٻار کي
”ڳَڀرُ“ چوندا آهن.
ابراهيم حيدري ۽ ريڙهي ۾ ساڍن ستن هزارن کان مٿي
ننڍا وڏا مڇي مارڻ جا هوڙا آهن. هتي هر هوڙي تي
ملاح يا خلاصي پنهنجي نفسيات مطابق نالا رکندا
آهن. رڇ کي سمنڊ ۾ شڪار لاءِ وڇائڻ کي رڇ پوکڻ
چئبو آهي. سمنڊ جو پاڻي هفتو لهندو آهي ۽ هفتو
چڙهندو آهي. جوار کي هتي بانگ به چئبو آهي. دريا ۾
ٽي لهرون ٿين ٿيون (ياد رهي ته ڪناري کان وڏي سمنڊ
تائين علائقي کي دريا چون ٿا. اهو لفظ بلوچستان جي
ساحلن ۾ به استعمال ڪيو وڃي ٿو.) اوسانڀ، ورم ۽
موجو ٽئي ڪنڌيءَ تي اينديون آهن ۽ واپس وينديون
آهن. رڇ جو هڪ قسم
ڪترو به آهي. رڇا جا ٽي نمونا هوندا آهن. وڏي رڇ
کي ڊک، وچولي کي لاڙو ۽ ننڍي رڇ کي سامار بندي
چئبو آهي. بولو، گجو ۽ ڪترو رڇ انهن ساحلن تي
تباهي آڻي ڇڏي آهي. انهن جي ڪري مڇي جي نسل ڪشي ٿي
رهي آهي. وڏن ماڻهن جو اهڙي شڪار تي مڪمل ڪنٽرول
آهي. جنهن لاءِ هتي وڏيون تحريڪون به هليون آهن
جهيڙا ۽ خون به ٿيا آهن. ٻيو اهم مسئلو فشنگ
پاليسي جو آهي. پاليسي ساز ادارن ۾ مهاڻن جي نه
هجڻ ڪري اهڙا قانون ٺاهيا وڃن ٿا جيڪي هتان جي
سماجي، معاشي ۽ سياسي بيهڪ ۾ ٽڪراءُ واري پوزيشن
پيدا ڪن ٿا. اسلام آباد جي ايئر ڪنڊيشن ڪمرن ۾
ويٺل پاليسي ساز ادارن جي ميمبرن جن جو سمنڊ سان
ڪو واسطو نه هوندو آهي اهڙا ڪارا قانون جوڙيندا
آهن جنهن سان هتان جي ماهيگيرن جو معاشي قتل ٿئي
ٿو. سمنڊ جنهن کي هو صدين کان پنهنجو سمجهن ٿا.
انهن ڪارن قانونن ڪري اهي ماڻهو جيڪي صدين کان
انهيءَ ڪرت سان وابسطا آهن. بيدخل ٿي رهيا آهن.
حڪومت کي هن پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پاليسي ساز
ادارن ۾ عام ماهگيرن جي نمائندن کي شامل ڪرڻ
گهرجي.
ساحلي علائقي ۾ هوڙن ٺاهڻ ۽ رڃ اُڻڻ ۾ مصروف
پورهيت
ٽيون اهم مسئلو غير ملڪي ٽرالرن کي مڇي مارڻ لاءِ
لائسنس ڏيڻ جو آهي. جنهن جي ڪري جديد اوزارن سان
هو پوري مڇي ٻهاري ويندا آهن جنهن ۾ ننڍي مڇي به
مري ويندي آهي. جنهن سان مڇي جي نسل ڪشي ٿي رهي
آهي. جنهن لاءِ سنڌ فشريز آرڊيننس 1980ع ۾ تبديلي
جي ضرورت آهي. ان جو بهتر حل اهو آهي ته خاص زون
(ڪناري کان ٻه سئو ميلن تائين) جي علائقي ۾ هر قسم
جي وڏن جهازن ۽ ٽرالرن کي شڪار ڪرڻ کان روڪيو وڃي.
جون ۽ جولاءِ ۾ گانگٽن تي شڪار تي لڳل پابندي کي
به يقيني بنايو وڃي. جون ۽ جولاءِ ۾ سمنڊ ۾ مڇي جي
شڪار جي پابندي کي يقيني نه بڻايو ويو ته پاڪستان
۾ مڇي ناياب ٿي ويندي. پوري دنيا جا ماهيگير
حڪومتي اجازت سان روزانو پاڪستان جي
حدن ۾ لکين مڻ مڇي ماري رهيا آهن جنهن سان مڇي جي
نسل کي ختم ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو آهي.
ريڙهي مياڻ ۾ سمنڊ ۾ ٻيڙياتن جي گهرن جو هڪ ڏيک
سنڌ ۾ فشريز کي چئن شعبن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ
شعبو مهرين فشريز ڊپارٽمينٽ جيڪا وفاقي حڪومت ۽
نيوي جي ڪنٽرول ۾ آهي. باقي ٽي شعبا سنڌ فشريز
ڊپارٽمينٽ، ڪراچي فشريز ڊپارٽمينٽ ۽ اٿارٽي ۽
فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي حڪومت سنڌ جي ڪنٽرول ۾
آهن.
سچي دل سان پاڪستان تحفظ ماحوليات ايڪٽ 1997ع کي
لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. خاص زون ائڪٽ 1975ع ۾ ميري
ٽائيم زون ائٽڪ 1976ع تي عمل ڪري به اونهي سمنڊ ۾
مڇي جي شڪار تي مڪمل پابندي لڳائي سگهجي ٿي. هن
پابندي کي پاڪستان ماحوليات ائيڪٽ 1997ع هيٺ مڪمل
قانوني تحفظ حاصل آهي ته ان قسم جي پابندي هڻي
سگهجي ٿي. سمنڊ اندر ٺاهيل قانون، ماحوليات وارا
انتظام ۽ سڌارا ان وقت تائين ڪارگر ۽ مفيد ثابت ٿي
نه ٿا سگهن جيستائين ماهيگيرن جي سڌارن کي موثر
بنائڻ لاءِ کين هر سطح تي شامل نه ڪيو ويو.
ماهيگيرن جي پنهنجن پئدا ڪيل مسئلن کي پاڻ ئي انهن
کي شعور ڏيئي بنا ڪنهن خرچ جي حل ڪري سگهن ٿا.
ماهگيري برادري کي هر سطح تي ٺهندڙ پاليسين،
قانونن ۾ شموليت کانسواءِ اهڙن قانونن، پاليسين ۽
ضابطن کي جيئن جو تيئن لاڳو ڪري انهن جي روشني ۾
حل ڪري نه ٿو سگهجي. پر ماهيگيرن کي شامل ڪرڻ انهن
کي شعور ڏيڻ سان اهي ماهيگير خود احتسابي طريقي
سان ٻين کي قائل ڪري ۽ سماجي پابنديون لڳائي انهن
کي پاڻ ئي حل ڪري سگهن ٿا. پر ضروري آهي ته خود
احتسابي عمل ۾ غريب ماهيگير کان وٺي شاهوڪار
ماهيگير ۽ ليڊر ماهيگير شامل هجي. جنهن لاءِ ساحل
تي وسندڙ ۽ ماهيگيري ڪرت سان لاڳاپيل چڱن مڙسن کي
پنهنجون انائون ڇڏڻيون پونديون. انهن کي ڪجهه حاصل
ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڇڏڻ جي پاليسي تي عمل ڪرڻو پوندو.
ماهيگير برادري کي انتظامي معاملن ۾ به شريڪ ڪرڻ
ضروري آهي. انهن کي لائسنس جاري ڪرڻ، ڪوٽا سسٽم،
ماحوليات واري کاتي، قومي ماهيگير بورڊ ۽ ٻين
انتظامن ۾ شامل ڪيو وڃي. ڪيترا وفاقي، صوبائي
ادارا، خودمختيار ادارا ماهيگيرن جي ترقي ۽ سڌاري
لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. بدقسمتي اها آهي ته انهن
ادارن ۾، قانون ۽ پاليسي جوڙڻ وقت ماهيگيرن سان
صلاح مشورو نٿو ڪيو وڃي. ڪراچي فشرمين ڪوآپريٽو
سوسائٽي تي وفاقي حڪومت جو ڪنٽرول آهي اها عملي
طور ماهيگيرن جي مفادن خلاف ڪم ڪري رهي آهي.
ماهيگيرن جو طرفدار ٿيڻ بدران ٻاهرين ملٽي نيشنل
تجارتي مفادن کي وڌائڻ جو ڪم ڪري رهي آهي.
وڻجارن جي پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي
الڳ سماجي بيهڪ آهي. هفتن جا هفتا سمنڊ جي لهرن جو
مقابلو ڪندڙ انهن ماهيگيرن جي زندگي ڏاڍي ڏکي آهي
پر پوءِ به اهي خوش آهن. ايندڙ وقتن ۾ ٻين خطرن
سان گڏوگڏ جيڪو خطرو تيزي سان انهن جي سماجي،
ثقافتي ۽ معاشي زندگي ۾ طوفان آڻي ڇڏيندو. ان کان
اهي ماڻهو بي خبر آهن. اها آهي سامونڊي گدلاڻ ۽
مٺي پاڻي جو سمنڊ ۾ گهٽ اچڻ. سامونڊي گدلاڻ جنهن
تيزيءَ سان اسان جي سمنڊ کي گدلو ڪري رهي آهي.
ايندڙ وقتن ۾ سامونڊي حياتيات جنهن ۾ مڇي، سانا
(جهينگا) ۽ پکي به شامل آهن. اهي اڻلڀ ٿي ويندا.
روزانو ڪروڙين گيلن گندو پاڻي لياري، ملير ۽ ٻين
گندن نالين وسيلي سمنڊ ۾ داخل ٿي رهيو آهي. پوري
شهر جو ۽ لانڍي، بن قاسم ۽ سائيٽ جي فيڪٽرين جو
زهريلو مادو سمنڊ ۾ ڇڏيو پيو وڃي. لانچن مان
نڪرندڙ تيل، جهازن جو ٽٽڻ، خراب ٿيڻ سان هزارين ٽن
تيل سمنڊ ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. جنهن سان آبي حيات ۽ خاص
ڪري تمر جي وڻ کي نقصان پهچي رهيو آهي. تمر جو وڻ
هڪ ته گندي پاڻي جي ڪري، ٻيو سنڌو درياهه جو مٺو
پاڻي سمنڊ ۾ نه اچڻ ڪري ٽيون وڌيڪ زمين حاصل ڪرڻ ۽
سمنڊ اندر ٻيٽن ۾ رهائشي منصوبا اڏڻ ۽ چوٿون ساحلي
علائقن ۾ سوئي گيس نه هئڻ ڪري ان کي ڪٽي ٻارڻ لاءِ
۽ اٺن جي چاري طور استعمال ڪرڻ ڪري ختم ٿي رهيو
آهي. پاڪستان ۾ ماحوليات جو ٺهيل قانون هتي بي اثر
آهي ان کي اثرائتي بنائڻ جي ضرورت آهي (ماحولياتي
گدلاڻ تي ڌار باب ڪتاب ۾ ڏنل آهن.)
ابراهيم حيدري ۽ ريڙهي هن وقت به ڌار يونين
ڪائونسلون آهن جيڪي بن قاسم ٽائون ۾ آهن. ابراهيم
حيدري يونين ڪائونسل جيڪا ديهه ابراهيم حيدري تي
ٻڌل آهي ان جي آبادي 1998ع جي آدمشماري موجب 43583
آهي. ديهه ريڙهي ۽ ديهه ڱانڱيارو تي ٻڌل ريڙهي
يونين ڪائونسل آهي. جنهن جي آبادي 1998 جي
آدمشماري موجب 31506 آهي، جڏهن ته پورٽ قاسم ۽
اسٽيل مل وارا علائقا، يونين ڪائونسل گلشن حديد ۽
ساحل جا ڪجهه علائقا يونين ڪائونسل گهگهر ۾ به
شامل آهن.
ملير جو ٽيون حصو جابلو آهي جيڪو ديهه پپري، ديهه
ٻاڪراڻ، يونين ڪائونسل گهگهر واري ساحلي ڪناري کان
شروع ٿي حب جي ڇوڙ واري علائقي تائين وڃي ٿو. ملير
جي ڪوهستان واري هن علائقي ۾ مٿين علائقن کانسواءِ
يونين ڪائونسل لانڍي، يونين ڪائونسل گلشن حديد،
گڏاپ ٽائون جو پورو علائقو، ديهه اورنگي ۽ يونين
ڪائونسل گابو پٽ جا علائقا اچي وڃن ٿا. هتان جي
ماڻهن جو گذر بسر باراني طريقي سان ۽ کوهن وسيلي
پاڻي حاصل ڪري زراعت ڪرڻ آهي ۽ اهي سڀ مالوند
ماڻهو به آهن. هن جديد ۽ ڪمپيوٽر واري دور ۾ به
اهي ماڻهو ڄڻ پٿر جي دور ۾ رهي رهيا آهن. زندگي جي
هر بنيادي سهولتن کان وانجهيل اهي ماڻهو ٿوري تي
صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارا ماڻهو آهن. گذريل ڪيترن سالن ۾
مينهن نه وسڻ ڪري مال جو چارو تباهه ٿي ويو آهي.
کيٽ سڪي ويا آهن. ٻيو ڪو متبادل روزگار نه هئڻ ڪري
هتان جو ماڻهو گهاٽن ٻيلن کي وڍي ڪاٺ وڪڻي روزگار
ڪري رهيو آهي. گذريل سال (2006ع) کان قدرت مهرباني
ڪئي آهي. وسڪاري ڪري زندگي ٻيهر موٽي آئي آهي. ٻئي
پاسي انهن ماڻهن کي بيروزگار ڏسي ريتي بجري مافيا
انهن علائقن مان ريتي بجري جي کوٽائي جاري ڪري ڇڏي
آهي. وائيلڊ لائيف ۽ ماحوليات جو قانون ريتي بجري
مافيا ۽ تر جي وڏيرن جي ٻانهي بڻجي ويئي آهي ۽ هي
خوبصورت ڪوهستان وارو علائقو تباهي ڏانهن وڌي رهيو
آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هتي ماحوليات ۽
وائيلڊ لائيف جي ضابطن کي رد عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت
آهي ۽ جيستائين بارشون نٿيون پون ان وقت تائين
انهن ماڻهن کي متبادل روزگار جي ضرورت آهي. انهن
لاءِ متبادل روزگار جو بندوبست ڪيو ويو ته پوءِ ان
خوبصورت علائقي کي بچائي سگهجي ٿو. (وڌيڪ تفصيل
مضموب ”گولاڙا ۽ گُگريون اوڇڻ اباڻا“ واري باب ۾
ڏنل آهن.)
ملير جو چوٿين علائقي ۾ شهري علائقا جن ۾ ديهه
ڦيائي، ديهه شرابي (شرافي)، ديهه ڊيهه، ديهه ڊگهه،
ديهه ڊرگ روڊ، ديهه ٿاڻي جو اڌ حصو، ديهه مهراڻ،
ديهه کانٽو، ديهه ڱانڱيارو، ديهه لانڍي جو ڪجهه
حصو، ديهه جوريجي، ديهه ٻاڪراڻ، ديهه پپري ۽ ديهه
گهگهر جو ڪجهه حصو شامل آهي. ورهاڱي کان اڳ ۽ 60
واري ڏهاڪي ۾ انهن مان اڪثر علائقن ۾ زراعت ڪئي
ويندي هئي. هڪ پاسي هندستان مان آيل پناهگيرن کي
هتي وسايو ويو. ٻئي پاسي لانڍي صنعتي زون ۾ سرحد ۽
پنجاب مزدور گهرائي انهن کي شرافي ۽ لانڍي واري
علائقي ۾ ويهاريو ويو. ديهه ڱانڱياري ۾ ڀينس
ڪالوني جوڙي پنجاب مان مالوند ماڻهن کي هتي آباد
ڪيو ويو. اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم جي ٺهڻ سان هزارين
مزدورن انهن علائقن ڏانهن رخ ڪيو انهن ماڻهن کي
اسٽيل ٽائون شپ، ديهه جوريجي ۾ گلشن حديد ٽائون
اسڪيم ۽ پپري چانورن واري گدام جي آس پاس آباد ڪيو
ويو. هاڻي وري بن قاسم پاران گهگهر تائين پوري
ساحلي پٽي تي انڊسٽريل زون جوڙيو ويو آهي. مزدور
ٻاهريان گهرايا پيا وڃن انهن کي انهن زمينن تي
آباد ڪيو پيو وڃي. جيڪي 1975ع کان اڳ مقامي ماڻهن
جون هيون. قومي ترقي جي نالي سان انهن کي هتان
اٿاريو ويو. انهن مالوند ۽ زراعت جي ڌنڌي سان
لاڳاپيل ماڻهن کي دربدر ڪيو ويو. ٺهيل فيڪٽرين ۾
اهي اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. انهن جي زمينن کي پورٽ
قاسم اٿارٽي وڏن سرمائيدارن سان وڪڻي ناڻو ڪمائي
رهي آهي. انهن جي ٺهيل زمينن تي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ
ماڻهن جون ڪالونيون ٺاهيون پيون وڃن. قومي ترقي جي
نالي ۾ هتان جي واڳ ڌڻين کي اٿاريو ويو ۽ انهن
زمين تي ٻيهر قومي ترقي جي نالي ڌارين کي آباد ڪيو
پيو وڃي. هاڻي شايد قومي ترقي انهن کان وسري ويئي
آهي يا انهن کي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻو هو. ملير جي انهن
علائقن ۾ ماڻهن جي روزگار جو وسيلو مزدوري تي آهي.
ٻه فيصد ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ آهن.
50%
سيڪڙو ماڻهو پنهنجو ننڍو وڏو ڪاروبار ڪري گذر بسر
ڪري رهيو آهي. ٻاهران آيل ماڻهو هتان جي ثقافت ۾
ضم ٿيڻ بجاءِ پنهنجي الڳ شناخت کي برقرار رکيو
ويٺو آهي، جنهن جي ڪري هتان جي مقامي ماڻهن ۾ آيلن
جي وچ ۾ هڪ خال پيدا ٿيو. آيل ماڻهن جي ڪري انهن
علائقن ۾ سنڌي ٻولي ۾ تعليم کي وڏو ڌڪ رسيو. 1970ع
کانپوءِ آهستي آهستي انهن علائقن مان سنڌي ميڊيم
اسڪول بند ٿي رهيا آهن. مقامي ماڻهو ان يلغار ۾
پنهنجي ٻولي، رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ
هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي. انهن علائقن ۾ اوهان کي
چار مختلف ڪلچر نظر ايندا هر آيل ماڻهو پنهنجي طور
طريقي سان رهي ٿو. هو پاڻ کي حاڪم ۽ مقامي ماڻهن
کي محڪوم سمجهن ٿا ان سوچ جي ڪري مقامي ماڻهن ۾
احساس ڪمتري جنم ورتو آهي. ڪا مضبوط سياسي قيادت
نه هئڻ ڪري اهي پاڻ کي وائڙا ۽ ويڳاڻا ۽ اڪيلا
محسوس ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن کان روزگار،
زمين ۽ ٻولي سڀ ڪجهه ڦريو ويو آهي. هتان جا رهندڙ
اردو ڳالهائڻ وارا بجاءِ مقامي ماڻهن سان سماجي
تعلقات جوڙڻ جي انهن شهر ۾ رهندڙ پنهنجي ٻولي
ڳالهائيندڙن سان تعلقات جوڙيا آهن. ان دوري ڪري
هتي اڪثر جهيڙا به ٿيندا آهن. ملير جي انهن علائقن
۾ رهندڙ اردو، پنجابي ۽ پشتو ڳالهائڻ وارا پنهنجي
ڌار ڌار سڃاڻپ رکندا اچن. زرعي معاشري سان انهن جو
تعلق نه هجڻ ڪري مقامي ماڻهو جيڪو زرعي معاشري جي
پيداوار آهي انهن کان پري رهيا جنهن جي ڪري هو
زرعي ڪلچر ۾ ضم نه ٿي سگهيا ۽ انهن پنهنجو تعلق
فيڪٽرين ۽ سرڪاري ادارن ۾ نوڪرين سان جوڙيو جنهن
جي ڪري مقامي ۽ غير مقامي جو محاورو عام ٿيو. هتي
اصلي رهندڙ پاڻ کي زرعي معاشري کان ڌار نه ڪيو
جنهن جي ڪري ملير جي شهري علائقن ۾ زرعي ۽ غير
زرعي معاشري جو ٽڪراءُ موجود آهي ۽ انهن علائقن ۾
آيل ماڻهن کي ڪنهن پلاننگ سان نه ورهايو ويو آهي
سواءِ چند علائقن جي باقي علائقن ۾ بلڊوزر مافيا،
قبضا مافيا، ۽ حڪومتي مشنري انهن کي زمينن تي قبضو
ڪري پئسا وٺي ماڻهن کي ويهاريندا ويا آهن. جنهن جي
ڪري هتي ڪچين آبادين جو هڪ بي ترتيب جهنگ آهي. جتي
زندگي جي ڪا به سهولت نه آهي. قدرتي ڊرينيج سسٽم
ندين ۽ ڍورن تي قبضا ڪري گهر ٺاهيا ويا آهن جنهن
جي جي ڪري بارش جي پاڻي جو ڪوبه نيڪال نه هئڻ ڪري
هتي اڪثر ٻوڏن واري صورتحال رهي ٿي. انهي صورتحال
جي ڪري هتان جي ماڻهن مان سهپ ۽ بردباري موڪلائي
ويئي آهي. ذهني مونجهاري بيروزگاري ڪري اهي علائقا
منشيات فروشن لاءِ جنت کان گهٽ نه آهن. |