مٺو در شهر جي اتر اولهه پاسي هاڻوڪي ريور روڊ ۽
گاؤ گهٽي جي ملڻ واري جاءِ تي هوندو هو. لياري
ڪراچي جي سڀ کان پراڻي آبادي آهي بندر کان وٺي
کارو در، کڏو، مٺو در جيڪي ڪوٽ اندر هئا. ڪوٽ کان
ٻاهر ڪجهه وسنديون هيون.
1809ع ۾ ايندڙ انگريز سياح هنري پوٽنجر پنهنجي
ڪتاب ”سنڌ بلوچستان جو سير ۽ سفر“ ۾ لکي ٿو ته (هي
ڪتاب 1816ع ۾ ڇپيو هو.)
”سنڌ ۾ ميرن جي حڪم تي 1813ع ۾ ڳڻپ ڪرائي ويئي
جنهن مطابق ڪوٽ اندر ڪل 3250 گهر هئا ان کانسواءِ
قلعي جي ٻاهر جهوپڙيون هيون جيڪي ان ڳڻپ ۾ شامل نه
هيون.“
ڪمانڊر ڪارليس 1838ع ۾ ڪراچي جو دورو ڪيو هن به
ڪوٽ جي ٻاهرين پاسن کان ڪکاون وسندين جو ذڪر ڪيو
آهي. هو لکي ٿو ته، ”ڪوٽ جي اندر جي آ بادي جو
گهڻو تعداد ماهي گيرن تي ٻڌل آهي. ڪراچي جا پراڻا
رهواسي جيڪي ڪراچو قبيلي سان تعلق رکن ٿا. ڪوٽ کان
ٻاهر رهن ٿا. انهن جي دعويٰ آهي ته ڪراچي انهن جي
بزرگن آباد ڪئي آهي.“
اليگزينڊر ايف. بيلي پنهنجي ڪتاب
Karachi
past Present and future
۾ لکي ٿو ته ”ڪوٽ جي ٻاهر وسندين ۾ ڪراچي جون
صنعتون قائم هيون.“
انهن رپورٽن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪوٽ
کان ٻاهر به وسنديون هيون جتي چمڙي رنڱڻ، تيل ٺاهڻ
۽ رنگن جي تياري جا ڪارخانا هئا ۽ انهن ڪارخانن جي
ڀر ۾ غريب مزدور ماڻهن جون وسنديون هيون. چمڙي
رنگڻ جا اهي ڪارخانا هاڻوڪي چاڪيواڙي ۽ رانگي واڙي
واري علائقي ۾ هئا. اها ڳالهه ثابت ٿي ته اهي
وسنديون گهڻيون پراڻيون وسنديون آهن. انهن آبادين
کانسواءِ ڪوٽ کان ٻاهر بندر تي ۽ سمنڊ اندر ٻيٽن
تي ماهيگير رهندا هئا. شمس، بابا ٻيٽ، ابراهيم
حيدري، گسري ۽ ريڙهي مياڻ جون ساحلي وسنديون پراڻي
ڪراچي کان گهڻو پري هيون انهن جي الڳ دنيا هئي.
حب، اورنگي، منگهوپير، گڏاپ، گهگهر، گابو پٽ، ملير
ان وقت ڪراچي جو حصو نه هئا. هتي ڳوٺ موجود هئا
اهي ماڻهو مالوند ۽ زراعت جي پيشي سان واڳيل هئا.
لياري جو مٿيون پاسو لالو کيٽ، ڳجهڙو ۽ صفوران
سونگل وارن علائقن ۾ ڳوٺ آباد هئا.
هاڻوڪي لياري ۾ (لياري ٽائون نه ڇاڪاڻ ته ٽائون
ٺاهڻ وقت لياري جي آمدني وارن علائقن کي جيڪي صدين
کان لياري جو حصو هئا ڪٽي صدر ۽ ٻين ٽائونن ۾ شامل
ڪيا ويا) گارڊن، حسن اوليا وليج، حسن لشڪري وليج،
غريب آباد، عثمان آباد، پراڻو گوليمار، ميوا شاهه،
گٽر باغيچو، سيفي نگر، پراڻو حاجي ڪئمپ، لي
مارڪيٽ، ڪڪري ميدان، مٺو در، کارو در، کڏو، ڪلري،
چاڪيواڙو، رانگي واڙو، ميران ناڪو، بغدادي، آگرا
تاج ڪالوني، ٺارو لين، شاهه بيگ لين، گل محمد لين،
ريڪسر لين، غريب شاهه، ڪنڀار واڙو، سيفي لين، نوان
لين، ٻڪرا پڙي، ڪلاڪوٽ، نوا آباد، دريا آباد، باوا
پٽ، جمن شاهه پلاٽ، بهار ڪالوني کانسواءِ شير شاهه
۽ گل ٻائي وارا علائقا اچن ٿا.
ڊيلٽا جي ويجهي وارا علائقا سمنڊ جي سطح کان پنج
فٽ مٿي ۽ گارڊن ۽ عثمان آباد وارا علائقا سمنڊ جي
سطح کان 20 فٽ مٿي آهن.
مگر مان تي آفريقي ناچ، ليوا، گڏهه گاڏين جي ريس،
فٽ بال، مڇي جي بار بي ڪيو، ناشتي ۾ قابلي ۽ بانڪ
لينڪ کائڻ وارا، ويڙهه ۾ مٿي سان ٽڪر هڻي دشمن کي
زخمي ڪرڻ. اهي سڀ سڃاڻپ جون نشانيون آهن لياري
جون، جنهن کي شروعاتي ڪراچي سڏجي ته وڌاءُ نه
ٿيندو.
1729ع ۾ حب جي ڇوڙ لڳ کڙڪ بندر ختم ٿيڻ ڪري گهڻن
واپارين ڀوڄومل جي اڳواڻي ۾ ڪراچي جي بندر جنهن کي
ان وقت دڙٻو چيو ويندو هو ۽ لياري جي ڇوڙ واري
جاءِ تي تاريخي ڪن ”ڪلاچي جو ڪن“ هو، ان ڏانهن
لڏپلاڻ ڪئي ته ڪلاچي جو ننڍڙو مهاڻن جو ڳوٺڙو ترقي
جي سفر تي گامزن ٿيو ته مختلف علائقن مان ماڻهو
لڏپلاڻ ڪري ڪراچي ۾ آباد ٿيا. ان سڀني اچڻ وارن
ڪراچي ڪوٽ جي آس پاس لياري ندي جي ڪناري تي پنهنجا
اجها اڏيا. ڪڇ کان ڪڇي، ڪاٺيواڙ ۽ گجرات کان ميمڻ
۽ گجراتي، لس کان لاسي، ايراني بلوچستان ۽ مڪران
کان بلوچن به ڪراچي جو رخ ڪيو ۽ انهن سڀني جو رخ
لياري واري علائقي پاسي هو . اڄ به اهي ماڻهو گهڻي
تعداد ۾ لياري ۾ آباد ملن ٿا. پر سڀني کان گهڻي
تعداد ۾ بلوچ هتي آيا، لياري ۾ بلوچن جو سلسلو
1725ع کان به اڳ شروع ٿيو ان وقت اهي تمام ٿوري
تعداد ۾ چاڪيواڙي ۽ بغدادي واري علائقي ۾ اچي آباد
ٿيا ۽ چمڙي رنڱڻ ۽ رنگن ملائڻ واري صنعت جي شروعات
ڪئي ڪجهه ماهيگر هئا انهن بندر جو رخ ڪيو. جڏهن
ڀوڄومل هتي آيو ۽ جتي ڪوٽ اڏيو هن جي اندر ۽ ٻاهر
وسنديون موجود هيون. جيڪو ”ڪلاچي جي ڪن“ (کڏو) ۽
لياري وارو علائقو هو. دڙٻو بندر هتان ٻه ميل ڏکڻ
پاسي هو.
ياد رهي ته لياري يا بندر کانسواءِ هاڻوڪي ڪراچي
جي پسگردائي حب، منگهوپير، ملير، گڏاپ، گابو پٽ،
گهگهر، لانڍي ۾ بلوچن جي اچڻ جو سلسلو محمد بن
قاسم کان به اڳ ۾ هو جڏهن سنڌ تي راءِ ۽ برهمڻ
گهراڻي جي حڪومت هئي ۽ سنڌ جون سرحدون مڪران تائين
هيون. خيال آهي ته انهيءَ دور ۾ مڪران (ايراني ۽
پاڪستاني) کان ماڻهو سنڌ خاص ڪري هاڻوڪي ڪراچي ۽
ٺٽي جي ساحلي علائقن ۾ آباد ٿيا.
علي احمد بروهي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته:
”عباسي دور ۾ عراق، ايران ۽ ٻين علائقن مان جڏهن
قرامطا تحريڪ کي ڪچليو ويو ته انهن مڪران ۽ سنڌ جي
ساحلن جو رخ ڪيو. مڪران جي علائقي ۾ انهن پنهنجو
هيڊ ڪوارٽر ٺاهيو اهو علائقو بعد ۾ انهن جي ڪري
”ڪلمت“ سڏائڻ لڳو. 883ع ۾ قرامطي مذهبي اڳواڻن سنڌ
۽ ملتان تائين علائقن جو دورو ڪيو. ڏهين صديءَ جي
آخر ۽ يارهين صدي جي شروع ۾ قرامطي مذهبي اڳواڻن
سنڌ ۽ ملتان تائين علائقن جو دورو ڪيو ڏهين صديءَ
جي آخر ۽ يارهين صدي جي شروع ۾ قرامطي وڏي تعداد ۾
سنڌ ۾ آيا.“
تاريخ ۾ سن 1665ع ۾ واڳون ڏر ويجهو ڪلمتين، ڌاراجا
۽ نگامڙا قبيلي جي وچ ۾ مقابلي جو ذڪر ملي ٿو. هن
پندرنهن ۽ سورنهن سئو عيسوي ۾ به جوکين ۽ ڪلمتين
جي وچ ۾ 17 لڙاين جو ذڪر ملي ٿو. انهيءَ عرصي ۾
جوکين، برفتن، جاکرن جي وچ ۾ لڙاين جو به ذڪر ملي
ٿو. ان ڳالهه مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته
ڏهين صديءَ عيسوي ۾ بلوچ قبيلن مان ڪلمتي، گبول ۽
لاشاري هتي موجود هئا. انهن ماڻهن هتي ملير، حب،
منگهو پير، گڏاپ ۽ ساڪري تائين زراعت جي پيشي کي
اختيار ڪيو هي مالوند ماڻهو به هئا. انهن قبيلن
جون مغلن، ترڪن ۽ ارغونن سان جنگيون پڻ لڳيون. بعد
۾ مغلن انهن قبيلن کي فوج ۾ شامل ڪيو ۽ ساحلي ۽
خشڪيءَ جي رستي تي حفاظت لاءِ پڻ مقرر ڪيو.
ڪلهوڙا حڪمران ميان عبدالنبي جي دور ۾ هڪ جنگ ۾
قلات جي والي مير نصير خان سنڌ جي حاڪمن جي مدد
ڪئي ان جنگ ۾ مير نصير خان جو ڀيڻيويو مارجي ويو
ته مغلن خون جي بدلي ۾ ضلع ڪوره (ڪراچي) کي والي
قلات جي حوالي ڪيو. ٽالپرن ٻن ناڪام حملن کانپوءِ
ڪراچي ٻيهر حاصل ڪري سنڌ ۾ شامل ڪيو انهي دوران
گهڻي تعداد ۾ قلات مان ماڻهو ڪراچي اچي رهيا انهن
کي قلاتي چيو ويندو هو. ميرن جي دور ۾ به مڪران جي
ساحل ۽ ايراني بلوچستان کان بلوچ روزگار جي سلسلي
لياري ۾ اچي آباد ٿيا ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ ايراني
بلوچستان ۾ سخت ڏڪار آيو هو. ذڪري ۽ نمازي مذهبي
جهيڙي ۾ انگريز دور ۾ ذگري/ذڪري لياري ۾ اچي ڪلري
واري علائقي ۾ رهڻ لڳا. لسٻيلي ۽ ڪوهستان مان به
ماڻهو ڏڪار جي صورت ۾ لياري جي مختلف علائقن ۾ اچي
رهيا. انگريزن جي فتح کانپوءِ جڏهن بندر تي ڪم
وڌيو. شهر ۾ روڊ ۽ جايون ٺهڻ شروع ٿيون ته هتي
رهندڙ بلوچن پنهنجن علائقن مان ماڻهن کي هتي
روزگار جي سلسلي ۾ گهرايو. لياري ۾ گهڻا بلوچ
1850ع کانپوءِ هتي آيا ۽ اهو سلسلو 1900ع تائين
جاري رهيو ۽ وقفي وقفي سان اڃان جاري آهي لياري ۾
پاڪستان جي هر حصي، هر خطي جا ماڻهو رهن ٿا. اهي
سڀ مزدور ماڻهو روزگار جي ڳولا ۾ هتي آيا ۽ پوءِ
هميشه لاءِ هتي جا ٿي ويا. اهو ٻڌائيندو هلان ته
لياري جي پسگردائي ۾ جتي زراعت ڪئي ويندي هئي اتي
باغن ۾ ميرن ڪراچي تي حملي وقت پڙاءُ به ڪيو هو.
اهي بلوچ عربن جي دور ۾ هتي اچي آباد ٿيا.
لياري ۾ رهندڙن مان آفريقي نسل جي شيدين جو ذڪر نه
ڪرڻ لياري سان ناانصافي ٿيندي. ڇاڪاڻ ته لياري
جيڪا مشهوري ماڻي ان ۾ انهن شيدين جو وڏو هٿ آهي.
فٽبال، باڪسنگ، علم، ادب، صحافت، جمهوري جدوجهد،
بلوچ قومپرستي، افغان ثور انقلاب جي دفاع سڀني ۾
اهي ماڻهو پيش پيش رهيا آهن. سنڌ ۾ انهن کي ڏاڏا،
شيدي، گڊو چيو ويو، بلوچ سماج ۾ انهن کي ٽيهه،
درزادگ، بلوچي ۾ در معنيٰ ٻاهريون زادگ معنيٰ ذات
وارو يعني ٻاهرين ذات وارو ۽ ”سُر“ چيو ويو.
سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن لياري ۾ رهندڙ شيدين کي
مڪراني چيو پر مڪران مان ته لياري ۾ رهندڙ سڀئي
بلوچ آيا آهن. پوءِ فقط آفريقي نسل جي ماڻهن کي
مڪراني ڇو چيو ويو. اها ڳالهه مون سميت هر بلوچ جي
سمجهه کان ٻاهر آهي. سنڌ جي سماج جي ڀيٽ ۾ لياري ۽
بلوچستان ۾ رهندڙ اهي آفريقي نسل جا ماڻهو بلوچي
ثقافت ۾ جلدي ضم ٿي ويا ۽ بلوچ ڪلچر جو حصو بڻجي
ويا. لياري ۾ جاگيرداراڻو نظام نه هو مڪران جي
ساحلن ۾ اهو ڀڃ ڊاهه جو شڪار هو هتي سڀ روزگار جي
ڳولا ۾ آيا ان ڪري اجا ۽ غلام جو تصور جلدي مٽجي
ويو. واجا بلوچي ۾ وڏي ماڻهو کي چيو ويندو آهي يا
جيئن سنڌي ۾ ڪنهن کي عزت ڏيڻ لاءِ سائين چوندا
آهيون ائين بلوچي ۾ سائين جي جاءِ تي واجا چيو
ويندو آهي.
اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ته آفريقي نسل جا اهي ماڻهو
اسان جي ساحلي علائقن ۾ ڪيئن آيا؟ ان لاءِ اسان کي
پنهنجي تاريخ جي انتهائي ڪريل، شرمناڪ ۽ انسانيت
سوز باب کي بي نقاب ڪرڻو پوندو.
لفظ شيدي آفريقي زبان (سمري) جي بگڙيل صورت آهي
جيڪا حقيقت ۾ عربي جي لفظ شيدي جي هڪ شڪل آهي.
جنهن جي معنيٰ آقا يا مالڪ. پر هتي ته شيدي آقا جي
ابتڙ غلام آهن. شيدي ايران، بلوچستان، سنڌ جي
ساحلن سميت پوري ننڍي کنڊ جي ساحلن تي آباد آهن.
پر انهن جو گهڻو تعداد سنڌ جي ساحلن تي آباد آهي.
جنهن جو وڏو سبب ڪراچي بندر آهي. انهن سڀني علائقن
۾ آفريقا جي علائقن مان پهريان پهچندڙ ننڍا ٻار
هئا جن کي اڳئين زماني ۾ عرب ۽ يورپي واپاري
آفريقا جي اندرئين علائقن مان اغوا ڪري مختلف ملڪن
۾ جانورن جيان وڪرو ڪيو. آفريقا جي اڀرندي ساحلن
تي انسانن جي انهيءَ وڪري تي دنيا جي ادب ۾ گهڻو
ڪجهه لکيو ويو آهي. جتان هزارين انسانن کي اغوا
ڪري يورپي نين ڪالونين ۾ وڪيو ويو ۽ انهن جو اولاد
اڄ تائين ڏکڻ آمريڪا کان وٺي اتر آمريڪا جي ملڪن ۽
خاص طور تي اڀرندي عرب الهندي ۾ ملي ٿو.
انسانن جو اهو خطرناڪ واپار ايڏي ته وڏي پئماني ۾
ڪيو ويو. جو اڄ تائين اهي ڪنارا جتي غلامن جي
تجارت ٿيندي هئي. غلامن جي ساحل
(Slav
Coast)
جي نالي سان مشهور آهن. آفريقا جي ساحلن تي مڪمل
طور عرب واپارين جو قبضو هو. ان علائقي ۾ زنجيبار
جيڪو هاڻي تنزانيا جو حصو آهي ۽ مسقط وٽ آفريقي
غلامن جون وڏيون منڊيون هونديون هيون. انهن ساحلن
تان عرب واپاري انهن کي هندستان ۽ ايشيا جي ٻين
ملڪن ۾ وڏي تعداد ۾ وڪري لاءِ موڪليندا هئا. سنڌ ۽
هند ۾ غلامن جا گهڻا خريدار نواب، راجا، رئيس،
وڏيرا، سلطان، مير، پير ۽ ٻيا مٿئين طبقي جا ماڻهو
هوندا هئا.
ڪراچي ان زماني ۾ دڙٻو جي نالي سان مهاڻن جي ننڍڙي
وسندي هئي. اهڙي طرح ممبئي ان زماني ۾ ”ڪولابه“ جي
نالي سان ڪولهي مهاڻن جي ساحلي وسندي هئي. سنڌ ۾
غلام عمان ۽ مسقط بندر تان ڪراچي بندر آندا ويندا
هئا، ڪجهه غلام ايران ۽ بلوچستان جي گوادر بندر
تان به آندا ويندا هئا.
لياري ڪواٽرز-1874ع ۾
لياري 1959ع ۾
اهي غلام گهڻو ڪري هاڻوڪي آفريڪي ملڪن ڪينيا ۽
تنزانيا جا اصل رهواسي آهن. هڪ اندازي موجب 19 صدي
جي وچ داري ڏهه هزار کان 20 هزار غلامن جي خريداري
ٿي هئي. آفريڪا جي اندرين علائقن مان غلام حاصل
ڪرڻ لاءِ ظالماڻو طريقو استعمال ڪيو ويندو هو.
هڪڙو طريقو هي هو ته آفريقي قبائلي لڙائين ۾ پڪڙيل
ماڻهن کي عرب واپاري هيرن، جواهرن، ڪپڙن ۽ ٻين
قيمتي شين جي بدلي خريد ڪندا هئا ۽ پوءِ انهن
ڪنارن تي بيٺل ٻيڙين ۾ج سوار ڪري مختلف غلام منڊين
ڏانهن رخ ڪندا هئا. هڪ ٻيو طريقو آفريقي علائقن
مان ٻارن کي ورغلائي اغوا ڪرڻ جو به رواج هو.
اولهه جي گهڻن ساحلن تي غلامن کي عرب واپاري ۽
پٺاڻ خرڪار اغوا ڪري پوري هندستان ۾ پهچائيندا
هئا. اهي ماڻهو ٻارن کي ورغلائڻ لاءِ ڳڙ، مٺائي ۽
ٻيون شيون ڏيندا هئا. ٻارن سان ائين دوستي جو ڍونگ
رچائي انهن جون همدرديون حاصل ڪري انهن کي ساحل تي
لنگر ٿيل جهازن ۾ سوار ڪرائي عالمي منڊي ۾ انهن کي
وڪرو ڪيو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اهي وحشي واپاري
هٿيارن جي زور تي رات جي اوندهه ۾ آفريقا جي
وسندين تي حملو ڪري انهن کي باهه ڏيندا هئا ۽ پوءِ
پناهه جي ڳولا ۾ ڀٽڪيل مردن، عورتن ۽ ٻارن کي اغوا
ڪري وٺندا هئا. اهو واپارين جو محبوب مشغلو هوندو
هو. ڪڏهن ڪڏهن قبيلائي دشمني جو فائدو وٺي اهي
واپاري هڪ قبيلي کي هٿيار ڏيئي، ٻئي قبيلي تي حملي
لاءِ چوندا هئا. قبيلائي جهيڙي ۾ گرفتار ٿيل قيدين
کي انهن هٿيارن جي عيوض واپاري حاصل ڪندا هئا. ان
کانسواءِ آفريقي غلامن جي واپار ۾ هتان جي سردارن
۽ قبيلائي بادشاهن جو به وڏو هٿ هوندو هو. اهي به
قيمتي سوکڙين جي بدلي پنهنجن ماڻهن کي انهن
واپارين جي حوالي ڪندا هئا.
غلام گهڻو ڪري وچ آفريقا سان تعلق رکندا هئا. جن ۾
ايٿوپيا، سوڊان، ڪينيا، ڪانگو، تنزانيا، انگولا،
گهانا، يوگنڊا ۽ موزمبيق جا دريائي، ڪچا ۽ جابلو
علائقا شامل هوندا هئا. زنجيبار صدين تائين دنيا
جي ان خطي ۾ غلامن جي وڏي منڊي طور سڃاتو ويندو
هو.
عرب تاجرن (البرٽ موروايا مطابق) هٿان پڪڙجڻ
کانپوءِ اهي غلام هڪ ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ سفر مان
گذرندا هئا جنهن م انهن کي جانورن جيان ٻڌي قطارن
۾ هڪليو ويندو هو پر جڏهن اهي منڊي پهچايا ويندا
هئا ته انهن کي سينگاريو ويندو هو. خوشبودار تيل
لڳايو ويندو هو ۽ پوءِ اهي سڀئي غلام پنهنجن مالڪن
پويان قطار ۾ هلندا هئا. شهر وچان لنگهندي مالڪ
وڏي واڪ پنهنجي مال جي تعريف ڪندا هئا. گراهڪ غلام
جي هڪ هڪ عضوي جي جاچ کانپوءِ ان کي خريد ڪندو هو.
ان جو جائزو بلڪل هڪ جانور وانگر ورتو ويندو هو.
خريد ڪرڻ کانپوءِ نئون مالڪ غلام کي زنجيرن سان
ٻڌي ماريندو ڪٽيندو پاڻ سان گڏ کڻي ويندو هو. ائين
جيئن هڪ جانور کي خريد ڪرڻ کانپوءِ هڪ گهر کان ٻئي
گهر نيو ويندو آهي. واپار کانپوءِ پراڻو مالڪ
سينگار جو سمورو سامان لاهي وٺندو هو.
سمنڊ رستي سفر دوران جيڪڏهن ڪو غلام بيمار ٿي
پوندو هو ته انتهائي بيدردي سان ان کي سمنڊ ۾
اڇلايو ويندو هو . تنزانيا جي مشهور شهر ”تبوره“ ۾
اڄ به هڪ پراڻي لانڍي جا کنڊر موجود آهن جتي غلامن
کي ترسايو ويندو هو. بيگو مايو جي ساحل تي چون ٿا
ته اڄ به هڪ جهونو قداور ۽ گهاٽو وڻ موجود آهي.
جنهن جي ٿڙ ۽ ٽارين ۾ لوهه جا ڪڙا جهولي غلامي جي
دور جي ياد تازو ڪندا آهن. انهن زنجيرن ۽ ڪڙن سان
غلامن کي قابو ڪيو ويندو هو ته جيئن هو ڀڄي نه
سگهن.
هڪ
انگريز سياح ڪيپٽن هارٽ
(Captain S.V.W Hart)
1838ع ۾ شايع ٿيندڙ پنهنجي هڪ ڳجهي رپورٽ
Town Port of kurrahee
۾ لکي ٿو ته:
”ڪراچي ۾ وڏي تعداد ۾ آفريقي غلام مسقط کان گهرايا
وڃن ٿا. ان وقت ڪراچي ۾ اوسطا ساليانو 650 غلام
گهرايا وڃن ٿا. جن ۾ ٽيون حصو ڇوڪرين جو هوندو
آهي. غلامن جي واپار تي حڪومت کي ساڍا پنج روپيه
في غلام جي حساب سان ٽيڪس ملي ٿو. ڪراچي جي منڊي ۾
مرد غلامن جي قيمت عورتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. غلام
عورتن کي گهرن ۾ مختلف ڪمن لاءِ خريد ڪيو ويندو
آهي. سنڌ ۾ مرد غلامن کي محافظ ۽ خانگي ملازم طور
رکيو ويندو آهي.“
1837ع ۾ ڪمانڊر ڪارليس جي بيان مطابق، ”پندرنهن
سئو غلام مسقط ۽ آفريقي ساحلن مان ڪراچي پهچايا
ويا.“
سنڌ ۾ شيدين جي اچڻ جا دستاويزي ثبوت 711ع کانپوءِ
ملن ٿا. جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي. تاريخ ۾ شجاع نالي
حبشي جو ذڪر ملي ٿو. جيڪو ويڙهاڪ هو. جنهن کي محمد
بن قاسم راجا ڏاهر سان جنگ لاءِ استعمال ڪيو. سنڌ
تي عرب ٽي سئو سال قابض رهيا. انهيءَ عرصي دوران
به گهڻا عرب واپاري پاڻ سان گڏ آفريقي سپاهي ۽
نوڪر کڻي آيا. اهڙي طرح ارڙهين صدي ۾ تاريخ جي
ورقن ۾ سنڌ سميت هندستان ۾ آفريقي نسل جي ”شيدين“
جو ذڪر ملي ٿو.
عربن جي حملي ۾ سنڌ جي اڳئين تاريخ کي تباهه ڪيو
ويو. سنڌ ۾ راجا ڏاهر ۽ ان کان اڳ به مختلف ملڪن
سان واپار هلندڙ هو. سنڌ جي ساحلن تان خليج فارس
جي رياستن جي ساحلن تائين وڻج واپار هلندو هو.
واپاري قافلا مختلف خشڪي ۽ سامونڊي رستن تان سنڌ
جي بندرن ڏانهن ايندا هئا جنهن جي ڪري ڇهين ۽ ستين
عيسوي صديءَ ۾ آفريقي ماڻهن جي موجودگي جا به آثار
سنڌ ۾ ملن ٿا. اسلام اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ به پوري
عرب رياستن ۾ وڏي تعداد ۾ آفريقي غلامن ۽ مختلف
جنگين ۾ قيدي بڻايل غلامن جو ذڪر ملي ٿو. محمد بن
قاسم سنڌ مان حملي کانپوءِ هزارين مردن، عورتن ۽
ٻارن کي باندي بڻائي بغداد ۽ مصر جي بازارن ۾ وڪري
لاءِ موڪليو.
هندستان جي تاريخ ۾ غلامن اهم ڪردار ڪيو آهي.
تاريخ ۾ تعصب پرستي ۽ نسل پرستي جي رواج ڪري اها
اهم تاريخ پوئتي رهجي وئي. اياز جو آقا محمود خود
هڪ ترڪ غلام جو پٽ هو. علائو الدين خلجي جو ڪمانڊر
ڪافور جنهن جي مضبوط جسم ۽ بهادري تي رضيا سلطانه
موهجي ويئي هئي ۽ احمد نگر رياست جو وڏو وزير عنبر
سڀ شيدي هئا. گجرات ڪاٺياواڙ ۾ ”ساچين“، ممبئيءَ
ويجهو ”زنجير“ شيدي غلامن جي ٻن خودمختيار رياستن
جو ذڪر ويجهي تاريخ ۾ ملي ٿو. ورهاڱي تائين اهي
رياستون قائم هيون. مرهٽن هندستان جي گهڻي ڀاڱي تي
قبضو ڪيو. مرهٽا 150 سالن تائين انهن شيدي رياستن
کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيا.
جڏهن ڪلهوڙن جي آخري حڪمران کي ٽالپرن معزول ڪيو
ته ان وقت ميان عبدالنبي ڪلهوڙي سان آفريقي غلام
به گڏ هئا. سنڌ ۾ شيدي نسل جو گهڻو تعداد ٽالپرن
جي دور ۾ هتي وڪري لاءِ آندو ويو. انهن سنڌ کي
پنهنجو وطن قبول ڪيو ۽ هميشه لاءِ پنهنجن پيارن
سان ملڻ جي اوسيئڙي کي ختم ڪري ڌرتيءَ جي وجود جو
حصو بڻجي ويا. معاشري ۾ پوءِ به انهن کي گهٽ درجو
ڏنو ويو. انهن کي ”ڏاڏا“ ۽ ”گڊو“ چئي ڌڪاريو ويو.
آمريڪي نرﱞاد شيدين جيئن نيگرو جي لفظ جي پاسي ڪو
ڌيان نه ڏنو ۽ پنهنجين صلاحيتن جي آڌار تي معاشري
۾ پنهنجي محنت سان هڪ مقام پيدا ڪيو. ائين سنڌ ۾
به پڙهيل لکيل شيدين انهن لفظن ڏانهن ڌيان نه ڏنو
۽ مختلف فيلڊن ۾ پنهنجي محنت سان نالو ڪمايو جنهن
۾ شهيد هوشو شيدي، محمد صديق مسافر، بلاول بلجيم،
طاهر مٺو (ڳائڻو)، مختيار شيدي، ملهه پهلواني ۾
شير سنڌ بکر شيدي مرحوم، انب شيدي مرحوم، شير شيدي
مرحوم، پهلوان ڪريم بخش مرحوم، رحيم بخش شيدي،
متارو شيدي، موسيٰ شيدي، عبدالله شيدي، غلام حسين
۽ ٻيا شامل آهن. سنڌ ۾ جڏهن ايم آر ڊي تحريڪ
کانپوءِ ڌاڙيل فيڪٽر کي هٿي ڏني ويئي ته محب شيدي
به پوئتي نه رهيو. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سنڌ
جي معاشري ۾ اڃا به انهن سان سماجي اڻ برابري وارو
سلوڪ روا رکيو وڃي ٿو. شيدي نسل جا گهڻا ماڻهو اڄ
به غلامي واري دور مان گذري رهيا آهن. انهن کي
ڏاڏا ۽ گڊو چئي اڇوتن وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.
وڏيرن، جاگيردارن، پيرن ۽ ميرن جي گهرن ۾ اڄ به
اهي ڄڻ پئسن تي ورتل غلام هجن. گهريلو شيدي ملازم
جا ٻار به غلام سمجهيا وڃن ٿا. هڪ واقعي جو ذڪر
ڪرڻ هتي ضروري سمجهان ٿو. 2002ع ۾ ڪنهن اداري
پاران ميمڻ ڳوٺ ڪراچي ۾ آل سنڌ ملاکڙي جو بندوبست
ڪيو ويو هو. ٽين جوڙ جو هڪ شيدي پهلوان جو مقابلو
ٺٽي جي هڪ سيد پهلوان سان ٿيڻو هو. شيدي پهلوان
اهو چئي مقابلي تان هٿ کڻي ويو ته ”سيد سان ملهه
وڙهي آئون پنهنجي قيامت ڪاري نه ڪندس.“
ٻئي پاسي بلوچستان جي ساحلن آفريقي نسل جا اهي
ماڻهو عمان مسقط جي بندر تان بلوچستان جي ساحلن تي
گوادر، اورماڙو، پسني ۽ ايراني بلوچستان جي بندر
چا بهار ۾ وڪري لاءِ آندا ويندا هئا. انهن سڀني
بندرن ۾ گوادر ۽ اورماڙو اهم بندر هئا. اڄ به
شيدين جو وڏو انهن انهن بندرن تي رهي ٿو.
شيدي غلامن کي بلوچستان خاص طور تي مڪران ۾ سپاهي
طور ۽ کجين جي باغن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خريد ڪيو ويندو
هو. 1782ع ۾ قلات جي حاڪم جنهن گوادر ۽ ان سان
گڏيل علائقا سلطنت عمان جي حوالي ڪيا ته عمان جي
بادشاهه ايراني بلوچستان جي ساحلي بندر عباس تائين
ڪنٽرول حاصل ڪيو. انهيءَ دور ۾ به وڏي تعداد ۾
آفريقي غلام گوادر ۽ مڪران جي ٻين علائقن ۾ وڪري
لاءِ عمان کان آندا ويا. انهن شيدين جي اچڻ سان
بلوچ معاشري ۾ واجا ۽ غلام جو لفظ وڌيڪ پاپولر
ٿيو. غلام شيدي پنهنجي آقا/مالڪ کي واجا چوندو
هو/آهي.
مڪران جنهن ۾ بلوچستان جا ساحلي علائقا اچي وڃن ٿا
هتي ميري، پيري، سرداري ايتري مضبوط نه هئي
قبيلائي نظام مڪران ۾ نه هئڻ جي برابر هو ۽ اهو
جيڪڏهن ڪنهن شڪل ۾ موجود هو ته ڀڃ ڊاهه جو شڪار
هو. ايران کان وٺي اورماڙي تائين ڏڪار، خطرناڪ
بيماري، ساحلي بندرن تي پورچو گيزن جي حملن ۽
مذهبي جهيڙن ڪري، مڪران مان وڏي تعداد ۾ ماڻهن
لڏپلاڻ ڪئي ۽ انهن حب، سون مياڻي ۽ ڪراچيءَ سميت
سنڌ جي سرسبز علائقن جو رخ ڪيو. انهن سان گڏ گهڻن
آفريقي شيدين به پنهنجي آقائن سان ڪراچي جو رخ ڪيو
۽ اهي سڀ لياري جتي اڳ ۾ بلوچ قبيلا آباد هئا اچي
آباد ٿيا. جيئن ته منهنجي مضمون جو موضوع لياري
آهي ته گهڻو ذڪر به هتي رهندڙ قبيلن جو ڪندس.
لياري ۾ جيئن ته جاگيرداراڻو سماج نه هو سڀ مزدور
طبقي جا ماڻهو رهندڙ هئا. جيڪي ماڻهو ايراني
بلوچستان ۽ مڪران کان هتي آيا ته انهن ماڻهن جو
لڏپلاڻ، ڏڪار ڪري سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو. اهي ماڻهو
پنهنجي سٺن ڏينهن جون سڀ روايتون پوئتي ڇڏي آيا
هئا. هتي سڀ مزدور هئا. هتي انهن ماڻهن بندر تي
مزدوري، ماهيگيري، جاين ٺاهڻ واري صنعت، ماڙيپور
علائقي ۾ لوڻ ٺاهڻ وارن ڪارخانن ۾ مزدوري کانسواءِ
بلوچستان جي ساحلي علائقن ۾ رهندڙ گهڻا ماڻهو
ٻيڙين/هوڙن ٺاهڻ جي فن سان وابسطا هئا انهن ماڻهن
به ڪراچي لياري ۾ انهيءَ ڌنڌي کي جاري رکيو. بندر
تي گڏهه گاڏين وسيلي مال ڍوئڻ جو ڪم به انهن ماڻهن
شروع ڪيو. انهن ڌنڌن ۾ لياري ۾ رهندڙ شيدين ۽
مڪران مان آيل ماڻهن، ڪڇ کان آيل ڪڇين، لس کان آيل
لاسين حصو ورتو. هتي اچڻ کانپوءِ سڀ مزدور رهيا.
آقا ۽ غلام جو فرق آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو.
واجا ۽ غلام جو تصور وقت سان گڏ ختم ٿي ويو.
گهڻي تعداد ۾ اچڻ ڪري ۽ هڪ جاءِ تي رهڻ ڪري انهن
جي ٻوليءَ، ثقافت ۽ رهڻي ڪهڻي تي ڪو فرق نه پيو ۽
ٻاهران آيل آفريقي نسل جا شيدي به جلدي انهيءَ
بلوچ ڪلچر جو حصو بڻجي ويا.
ناچ، گانو، سازن وڄائڻ جا شوقين بلوچي ڪلچر جو حصو
بڻجي ويا. مگر مان تي ناچ ۽ ”گواتي“ (گواتي هڪ
مخصوص ساز تي مست ٿي جن ڪڍڻ واري کي چئبو آهي)،
اهي آفريقي ڪلچر جو حصو هئا پر هاڻي اهي بلوچي
ڪلچر ۾ ضم ٿي ويا آهن. پوري مڪران جي ساحل تي اڄ
به ”گواتي“ جن ڪڍڻ ۾ مشغول آهن. انهي مخصوص ڪلچر ۾
لفظ ”شيدي بادشاهه“ جي اصلاح کي به جنم ڏنو جيڪو
Happy go Lucky Negro
وانگر اسٽريو ٽائيپ آهي.
لياري ۾ رهندڙ آفريقي نسل جي انهن ماڻهن لاءِ
مشهور هو ته اهي سينيما تي گيٽ ڪيپري، گڏهه گاڏي
هڪلڻ ۽ بدمعاشي کانسواءِ انهن کي ٻيو ڪجهه نه نٿو
اچي. پر انهن ماڻهن غربت، بک، بيروزگاري ۽ سهولتن
جي اڻ هوند جي باوجود به ادب، سياست، صحافت، فنون
لطيفه، راندين ۾ وڏو نالو ڪمايو. لياري مان اٿندڙ
گهڻن سياسي ۽ سماجي تحريڪن جي سرواڻي به انهيءَ
نسل جي ماڻهن ڪئي. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته لياري
۾ سرداري ۽ جاگيرداراڻو نظام نه هو ۽ اهي ماڻهو
انهيءَ جي ڪري جلدي بلوچ ڪلچر جو حصو بڻجي ويا.
بنا ڪنهن نسلي فرق جي هڪ ٻئي سان شاديون ڪرڻ، رشتا
ڏيڻ ڪري هڪ نئون سماج وجود ۾ آيو.
غربت ۽ مزدور طبقي جي ماڻهن جي بي ترتيب زندگيءَ
جي بنيادي سهولتن کان وانجهيل انهن آبادين کي
ٻوليءَ پاڻ ۾ متحد ڪيو. مزدوري کانپوءِ مختلف
سماجي، سياسي ۽ ثقافتي ڪمن ۾ انهن گڏجي ڀيرو ورتو.
بلوچستان ۾ قبائلي ماحول ڪري اهڙو ماحول سازگار نه
هو جنهن جي ڪري لياري سامراج مخالف تحريڪ، قوم
پرستي، مارڪسزم جي حمايت، سرداري نظام خلاف تحريڪن
جو ڳڙهه بڻجي ويو. هڪ ته بلوچستان ۾ تعليم جون
سهولتون نه هئڻ ڪري شاگردن تعليم لاءِ ڪراچي جو رخ
ڪيو ۽ هڪ ئي ٻولي ۽ ثقافت هئڻ ڪري پنهنجائپ جي
ماحول ۾ اهي ماڻهو لياري ۾ رهيا ۽ هر تحريڪ ۾
سرگرم رهيا.
بلوچي ادب، بلوچ قوم پرست سياست، صحافت جي واڌ
ويجهه ٿيڻ انهن سڀني سرگرمين جو هڪ پهلو اهم هو
جنهن تي سڀ گڏ ٿيا اها فقط ٻولي هئي. لياري ۾
رهندڙ سڀئي بلوچ (جنهن ۾ آفريقي نسل جا ماڻهو به
اچي وڃن ٿا) جيڪو ڪنهن نسل ۽ رنگ سان تعلق رکندڙ
هجي ٻولي جي بنياد تي گڏ ٿيو.
بلوچستان ۾ هلندڙ سڀني سياسي، سامراج جدوجهد جو
محور لياري رهيو. لياري هميشه پوري سنڌ سميت
بلوچستان، ايران تائين سياسي ڪارڪنن جو پناهگاهه
به رهيو آهي. هاڻي اها پناهه گاهه ڏوهارين جي هٿن
۾ آهي.
جڏهن بلوچ نشاط ثانيه جو اهو ثمر ۽ شعور جي روشني
لياري مان بلوچستان منتقل ٿي ۽ بلوچستان جي هر
روشن خيال تحريڪ کي لياري مان مڪمل حمايت ملي.
بلوچستان ۾ جڏهن سياسي شعور وڌيو ۽ بلوچستان جي هر
روشن خيال تحريڪ کي لياري مان مڪمل حمايت ملي.
بلوچستان ۾ جڏهن سياسي شعور وڌيو ۽ بلوچستان جو
معاشرو قبيلائي، نيم قبيلائي کان جاگيرداراڻي نظام
کان قوم پرستي ڏانهن وڌڻ لڳو ته هتان جي پڙهيل
لکيل طبقي لياري واسين کي جُڙڪ، پان خور، گڏهه
گاڏي هڪلڻ وارن خطابن سان نوازيو.
ورهاڱي کان اڳ کڏو ۽ لياري جا ٻيا حصا بلوچي سان
گڏ سنڌي ادب، صحافت ۽ سياست جو مرڪز پڻ رهيا آهن.
ورهاڱي کان اڳ لياري ۾ تعليم، سياست، ادب ۽ صحافت:
لياري ۾ مختلف علائقن مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ ماڻهن
جيڪي مختلف قبيلن ۽ علائقن جا رهواسي هئا. هر
قبيلي ۽ علائقي جو ڌار ڪلچر هوندو هو. ان لڏپلاڻ
ڪري قبيلن جي معاشي ۽ سماجي ڀڃ ڊاهه هڪ نئين ڪلچر
کي جنم ڏنو. غربت ۽ بنا ڪنهن اجهي جي جڏهن اهي
ماڻهو هتي پهتا ته انهن ٻيهر نئين سر پنهنجي زندگي
۽ سماجي بيهڪ لاءِ ڪوششون ڪيون. ساحلي علائقن کان
لڏي ايندڙن هتي رهندڙ قديم باشندن جنهن جو ڪم
ماهيگيري هو، سان ملي انهيءَ ڌنڌي ۾ حصو ورتو.
ايران ۽ مڪران کان ايندڙ بلوچ آفريڪي نرﱞاد شيدين،
لس کان ايندڙ لاسين سميت ۽ ڪوهستان کان ايندڙ
ذاتين بندر تي ۽ عمارت سازي ۾ مزدوري ۾ حصو ورتو.
ڪڇ، ڀڄ ۽ گجرات کان ايندڙ ڪڇي ۽ ميمڻن، واپار ۽
دوڪانداري ۾ هتان رهندڙ هندن جو ساٿ ڏنو ته هندوئن
جي ورهاڱي وقت وڃڻ کانپوءِ اهو مڪمل ڪاروبار هتان
جي ڪڇي ۽ ميمڻن، جي حوالي ٿيو ۽ اهي قديم شهر جي
علائقن کارودر، مٺو در، جونا مارڪيٽ، ليمارڪيٽ ۽
کڏي واري علائقي ۾ رهندا هئا ۽ اهو ئي لياري ۽
ڪراچي جو معاشي زون هو. ميمڻن کي حاجي عبدالله
هارون جهڙو ليڊر ملي ويو. جنهن انهن کي گڏ ڪيو.
ميمڻن جي اڪثريت انگريزن جي قبضي کانپوءِ ڪراچي ۾
آئي ۽ اولڊ ٽائون جي علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي.
ان کان اڳ ميمڻ ٿورائي ۾ هتي موجود هئا. جن جون
لانچون به هيون.
لياري جي ٻين علائقن ۾ جيڪي مزدور طبقي جا ماڻهو
هئا. مزدوري کانپوءِ هتان جا ماڻهو معاشي طور تي
بهتر ٿيا ته مختلف وسندين ۾ رهندڙ ماڻهن جي وچ ۾
سماجي ڳانڍاپو ٿيو. اوطاق ۽ رات جو سردين ۾ باهه
جي ڪناري ويهي قصا، ڪهاڻيون ۽ لوڪ شاعرن (پهلوان
شاعرن) جي شاعري قصي چوندڙن انهن ماڻهن کي ٻيهر
انهن شين ڏانهن اتساهه ڏياريو. ائين لياري واسين
جو ادب، شاعري ۽ سماجي ڪمن سان رابطو لڏپلاڻ ڪري
ٽٽي چڪو هو، ٻيهر جڙي ويو.
اسڪول گهٽ هئا مسجدن، مدرسن، پرائيويٽ مڪتبن ۽
مندرن ۾ ٻارڙن کي پڙهائڻ جو رواج هوندو هو. انهن
جي ڪري ٿورو گهڻو پڙهيل لکيل طبقو اڀري سامهون
آيو.
ميرن جي وقت ۾ سرڪاري زبان فارسي هئي. جنهن جي
ڪري پڙهيل لکيل ماڻهن جو رجهان فارسي ڏانهن گهڻو
هو. هتان جي شاعرن بلوچي ۽ سنڌي سان گڏ فارسي ۽
اردو ۾ به شاعري ڪئي ۽ جيڪي اخبارون شايع ٿيون اهي
گهڻو ڪري فارسي ۾ هونديون هيون. برادرين ۾ انجمن
سازي جي شروعات ٿي ته انهن انجمن جي پليٽ فارم تان
سماجي ڪمن سان گڏ ادب، صحافت، سياست پاسي ڌيان ڏيڻ
شروع ڪيو. انگريزن جي مڪمل قبضي کانپوءِ ڪراچي ۾
اسڪول کوليا پر اهي گهڻو ڪري ڇانوڻي واري علائقن ۾
انگريزن ۽ رئيسن جي ٻارن لاءِ هئا.
کاري در ۽ مٺي در ۾ رهندڙ هندوئن، ڪڇي ۽ ميمڻن
انجمن سازي ڏانهن سڀ کان اڳ توجهه ڏنو. ڪاروباري
علائقي ۽ ڪاروبار تي انهن ماڻهن جي ڪنٽرول هئڻ ڪري
اهي ماڻهو باقي لياري واسين کان معاشي طور پاڻڀرا
هئا. ڪراچي ۾ گهڻا سماجي ڀلائي جا ادارا به انهن
ميمڻن قائم ڪيا. کاري در ۾ گهڻو ڪري اوکائي ميمڻ
رهندا هئا. ڪڇي ليمارڪيٽ، گهاس منڊي ۽ ڀيم پوري ۾
رهندا هئا. 1852ع ۾ ڪراچي ميونسپلٽي جي پهرئين
مينيجنگ ڪميٽي ۾ جيڪي ٽي مسلمان شامل هئا، انهن
مان هڪ ميمڻ سيٺ صالح محمد عمر ڊوسل هو. ڪراچي ۾
انگريزن جي قبضي وقت هندو گهڻائي ۾ هئا. انهن
پاران سماجي ڀلائي جا ادارا قائم هئا. هندو هاڻوڪي
لياري واري علائقي کڏي، رانگواڙي، کاري در، مٺي
در، شاهه بيگ لائين، (لين) شيدي وليج، شڪارپوري
محلو، لي مارڪيٽ، شير شاهه، پراڻو گوليمار، گارڊن
واري علائقي ۾ رهندا هئا.
کڏي ۽ باقي لياري ۾ غريب طبقو آباد هو تنهنڪري هو
ميونسپل جا ميمبر ۽ ووٽر نه ٿي سگهندا هئا. ڇاڪاڻ
ته 1930ع کان اڳ ميمبر ۽ ووٽر لاءِ حڪومت جو ٽيڪس
ڀريندڙ هجڻ لازمي هوندو هو. جنهن جي ڪري لياري جي
علائقي مان به ميمڻ، خوجا يا لياري کان ٻاهر جا
نمائندا چونڊجي ويندا هئا اهو سلسلو ڪنهن نه ڪنهن
طريقي سان 2006ع تائين به جاري آهي.
تعليم جي سلسلي لياري ۾ شروع ۾ ڪجهه پرائيويٽ
اسڪول هئا. هتي چئن مدرسن تعليم جي سلسلي ۾ اهم
ڪردار ادا ڪيو. اڄ تعليم جي سلسلي ۾ جيڪا ٿوري
گهڻي روشني نظر اچي ٿي. ان ۾ انهن پرائيويٽ اسڪولن
۽ انهيءَ چئني مدرسن ۽ ڪجهه عالمن اهم ڪردار ادا
ڪيو جنهن جو مختصر ذڪر هتي ڪرڻ ضروري آهي انهن
مدرسن نه فقط تعليم پر سياست ۽ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور
حصو ورتو. هتان فارغ ٿيندڙ شاگردن هر سياسي ۽
سماجي جدوجهد ۾ حصو پڻ ورتو.
مدرسو عربيا مظهر العلوم کڏو:
ٺٽي جي علائقي شاهبندر کان لڏي اچي ڪراچي جي
علائقي کڏي ۾ رهندڙ مولوي عبدالڪريم ميمڻ جي پٽ
مولانا عبدالله ميمڻ جيڪو جنوري 1851ع ۾ کڏي ۾
پيدا ٿيو. پنهنجي والد پاران ٺاهيل مسجد فردوس سان
گڏ 1884ع 1302هه ۾ مدرسو عربيا مظهر العلوم جو
بنياد رکيو. مدرسي جو مقصد هتي رهندڙ مهاڻن جي
ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ هو ڇاڪاڻ ته هتي انهن غريب
مهاڻن ۽ مزدور طبقي جي ماڻهن جي ٻارن لاءِ تعليم
جو ڪو بندوبست نه هو. ان مدرسي سان کڏو، کارودر،
لياري ۽ ساحلي علائقي جي غريب ٻارن کي تعليم جو
وسيلو مليو. مولانا عبدالله 25 فيبروري 1914ع ۾
وفات ڪري ويو. ڪراچي جي پراڻي قبرستان مورڙو
قبرستان ۾ دفن آهي. وفات کانپوءِ سندس پٽ مولانا
محمد صادق مدرسي مظهر العلوم جو انتظام سنڀاليو.
مولانا محمد صادق دارالعلوم ديوبند مان تعليم حاصل
ڪري چڪو هو. نظرياتي طور هي مدرسو جميعيت علماءَ
هند جي شاخ طور ڪم ڪري رهيو هو. مولانا محمد صادق
5 مارچ 1874ع ۾ کڏي ۾ ڄائو هو مولوي محمد سليمان،
حسين ميمڻ، حاجي مهراڻ، مولانا احمد الدين چڪوالي
مدرسي جي بانين مان آهن.
مولانا محمد صادق کڏي واري خلافت تحريڪ، ريشمي
رومال تحريڪ ۽ بمبئيءَ کان علحيدگي ۾ ڀرپور حصو
ورتو. ان مدرسي ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ تعليم،
سياست ۽ ديني تعليم لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
مدرسي ۾ ڇوڪرين لاءِ الڳ مدرسو هوندو هو. هي مدرسو
عقيدي ۾ اهل سنت و جماعت ۽ حنفي فرقي جو پابند آهي
۽ دارالعلوم ديوبند جي مسلڪ تي هلي ٿو.
هن
وقت مدرسي جو انتظام مولانا محمد صادق جي پٽ حافظ
حاجي محمد اسماعيل ميمڻ جي حوالي آهي. جتان هو
”الصادق“ رسالو به جاري ڪري رهيو آهي. مدرسي جو
ڪردار ڪنهن يونيورسٽي کان گهٽ نه آهي. ان مدرسي
ڪراچي ۾ تعليم جي لاءِ اهو ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو
جامع ازهر مصر ۾ ادا ڪيو.
مدرسو احرار السلام:
جنهن ٻئي مدرسي لياري ۾ تعليم، سياست ۽ سماج جي
تبديلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اهو ريڪسر بازار
(هاڻي ريڪسرلين) ۾ قائم مولوي محمد عثمان بلوچ جو
مدرسو ”احرار السلام“ آهي. هتي مولوي محمد عثمان
بلوچ جي پيءُ مولانا عبدالڪريم بلوچ 1910ع ۾ مسجد
۾ پيش امام مقرر ٿيو. ان وقت مولوي محمد عثمان کڏي
جي مدرسي مظهرالعلوم ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو.
مولوي محمد عثمان بلوچ پهرئين مئي 1893ع ۾ لياري ۾
پيدا ٿيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي پيءُ جي
جاءِ تي ريڪسر واري مسجد ۾ پيش امام ۽ خطيب مقرر
ٿيو. مسجد سان مدرسو به قائم ڪيائين. اڳ ۾ مسجد ۾
ٻارن کي ديني تعليم ڏني ويندي هئي. تعليم جي سلسلي
۾ ان مدرسي لياري جي مختلف ڳوٺن، محلن ۾ هڪ انقلاب
برپا ڪيو. مدرسي ۾ فارسي، عربي سان گڏ سنڌي ۾ به
تعليم جو بندوبست ٿيل هو. اسڪولن کان وانجهيل
علائقن جي ٻارن انهيءَ مدرسي جو رخ ڪيو. مدرسي ۾
مفت تعليم، مفت ڪتاب ۽ وردي جو بندوبست ٿيل هو. هي
مدرسو به جمعيت علماءِ هند جي شاخ طور ڪم ڪري رهيو
هو. خلافت تحريڪ ۽ ٻن سياسي جدوجهد ۾ مدرسي اهم
ڪردار ادا ڪيو. هي مدرسو لياري جي پياسي ڌرتي تي
پاڻي جو پهريون ڦڙو هو. مولوي محمد عثمان بلوچ
1930ع ۾ انهيءَ مدرسي جي نگراني ۾ ”انجمن
احرارلاسلام“ جو بنياد رکيو. جنهن جي پليٽ فارم
تان لياري جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ سماجي حالتن کي
بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، لياري جي بي ترتيب
ڳوٺن ۽ محلن ۾ پاڻي، رستا گندي پاڻي جي نيڪالي
سميت ڪا بنيادي سهولت نه هئي، انهيءَ سال لياري ۾
ڪراچي ميونسپلٽي لاءِ مولوي محمد عثمان بلوچ حڪومت
پاران ميمبر نامزد ڪيو ويو. مولوي صاحب انهيءَ
حلقي مان چار ڀيرا بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽
ڪامياب رهيو. مولوي محمد عثمان لياري جي عوام ۾
سياسي ۽ سماجي شعور جي بيداري لاءِ ”البلوچ“ اخبار
جاري ڪئي. جنهن جو ايڊيٽر عبدالصمد سربازي هو.
اخبار ۾ حڪومت خلاف مضمون شايع ٿيڻ جي ڏوهه ۾
اخبار تي پابندي لڳائي ويئي. بعد ۾ مولوي صاحب هڪ
ٻي اخبار ”ترجمان بلوچ“ جاري ڪئي. انهن ٻنهي
اخبارن لياري جي مسئلن کانسواءِ بلوچ قوم پرستي کي
هٿي ڏني. 1944ع ۾ قلات جي والي، مولوي محمد عثمان
کي قلات جو خزاني جو وزير مقرر ڪيو. اهو عهدو
مولوي محمد عثمان سان گڏ ڪراچي وارن لاءِ فخر لائق
هو. جنهن جي ڪري ان وقت جي ڪراچي جي ميئر لالا
شمڀو ناٿ جنوري 1944ع ۾ مولوي محمد عثمان بلوچ جي
اعزاز ۾ بلديا جو اجلاس گهرائي مولوي محمد عثمان
کي خراج تحسين پيش ڪيو. مولوي صاحب جي وفات
کانپوءِ سندس پٽ مولوي محمد عمر بلوچ مدرسي جو
انتظام سنڀاليو. جڏهن مولانا محمد علي جوهر ۽
مولانا شوڪت علي ڪراچي خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ آيا
ته هو مولوي محمد عثمان جي مدرسي ڏسڻ لاءِ لياري
آيا ۽ ان ڏينهن کانپوءِ مولوي محمد عثمان مدرسي جو
نالو ”مدرسو احرار اسلام“ رکيو.
مدرسو انجمن معاونين اهل سنت و جماعت:
ٽيون مدرسو جيڪو انهن ٻنهي مدرسن کان پراڻو هو.
پراڻي ڪنڀار واڙي ۾ مولانا عبدالله درس قائم ڪيو
هو هن سان گڏ مدرسي کانسواءِ هڪ يتيم خانو به
هوندو هو. مدرسي جو نالو ”مدرسو انجمن معاونين اهل
سنت و جماعت لياري“ هو. مدرسي ۾ مفت تعليم، ڪتاب،
قائده، قلم ويندي مس ۽ تختين تائين مفت مهيا ڪيا
ويندا هئا.
هتي عربي تعليم جو معيار جامعه ازهر مصر، لبنان ۽
شام جي مدرسن جي برابر هو. هتي عربي، فارسي، سنڌي
کانسواءِ گجراتي ۽ اردو ۾ تعليم ڏني ويندي هئي.
هتي ديني تعليم سان گڏ پرائمري کان سيڪنڊري تائين
مفت تعليم ڏني ويندي هئي.
اهو مدرسو مولانا عبدالله درس قائم ڪيو. جيڪو ٺٽي
ضلعي جي ڌانڌاري تعلقي ڳاڙهي واري علائقي مان کڏي
ڪراچي ۾ 1860ع ۾ آيو ۽ سڀ کان پهرئين 1872ع ۾ صدر
جي علائقي ۾ ”مدرسو مجدديه درسيا“ جو بنياد رکيو.
هي ڪراچي جو پهريون ديني تعليم جو باقاعده مدرسو
هو. بعد ۾ لياري ۾ مٿيون مدرسو به مولانا عبدالله
درس کوليو هو. مولانا عبدالله درس 113 ورهين ۾ 13
ربيع الثاني 1333هه ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس قبر
پراڻي ڌوٻي گهاٽ جي قبرستان ۾ واقع آهي. بعد ۾
ٻنهي مدرسن جو انتظام سندس پٽ علامه عبدالڪريم درس
سنڀاليو. علامه صاحب 1280هه ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو.
علامه صاحب جي شاگردن ۾ مولانا عبدالرحمان
قنبراڻي. حافظ محمد حسين ٺٽوي ۽ مولانا غلام رسول
قادري ڪلاچوي شامل آهن.
|