هن
واقعي کان فقط ٻه ڏينهن اڳ سني تحريڪ جي عورتن
واري شعبي پاران مسجد فيضان پراڻي سبزي منڊي ويجهو
هڪ اجتماع جو بندوبست ٿيل هو. دعا دوران بم جي
افواهه تي ڀاڄ سبب ٻن ٻارن سميت 37 عورتون مارجي
ويون. ان کانسواءِ هن دوران ماضي ۾ ايم ڪيو ايم
خلاف آپريشن ڪلين اپ ۾ حصو وٺندڙ اڪثريتي پوليس
آفيسرن کي قتل ڪيو ويو. ماضي ۾ به ايم ڪيو ايم تي
حڪيم محمد سعيد، رئيس امروهوي، عظيم طارق سميت
ڪيترن ئي اڳواڻن جي قتل جا الزام لڳايا آهن ۽
ڪارڪنن تي ڪيس به داخل ٿيا. سڌي يا اڻ سڌي طرح ايم
ڪيو ايم انهن واقعن ۾ ملوث رهي آهي. جنهن جي ڪري
ڪراچي جو سياسي ماحول ڏکارو رهيو. ڪراچي دهشتگردي
جي اهڃاڻ طور مشهور ٿي.
سڀني اردو ڳالهائيندڙ سنڌين، قوم پرست، ترقي پسند،
جمهوريت پسند قوتن کي گهرجي ته اهي سنڌ ڌرتي لاءِ
گڏيل پروگرام طئي ڪن ۽ عملي طور تي گڏجي اهم
بنيادي حق لاءِ ويڙهه ڪن.
2005ع تي شروع ۾ جڏهن بلوچستان تي پنجون فوجي
آپريشن شروع ڪيو ويو ته سنڌ جي ٻين علائقن وانگر
ڪراچي سرگرمين جو مرڪز رهيو. پورو سال احتجاج ۽
مظاهرن ۾ گذريو. 2006ع جي شروع ۾ هن ۾ شدت آئي
جڏهن پوري بلوچستان مان سياسي ڪارڪنن انهن جي
مائٽن، صحافين ۽ اديبن کي گرفتار ڪري غائب ڪيو
ويو. گرفتار ۽ غائب ڪيل ڪارڪن جو تعداد چار هزار
کن آهي جنهن جو اعتراف حڪومت به ڪيو آهي. انهن
ڪارڪنن جي اڃا تائين ڪا خبر نه آهي ته ڪٿي آهن.
تنهن ڪري 2006 جنوري کان وٺي ڪو ڏينهن خالي ڪونهي
جڏهن ڪراچي ۾ مظاهرا نه ٿيا هجن ۽ پريس ڪلب ڪراچي
سامهون مظاهرا ۽ بک هڙتالون ڪيون ويون جنهن ۾
عورتن جو وڏو انگ به شامل هوندو آهي. ان تحريڪ ۾
ان وقت شدت آئي جڏهن 26 آگسٽ 2006ع تي ڪوهلو جي
جبلن ۾ نواب اڪبر بگٽي کي هڪ فوجي آپريشن ۾ شهيد
ڪيو ويو. پوري ملڪ وانگر ڪراچي ۾ مظاهرا، هڙتالون
ڪيون ويون. لياري، ملير ۽ ڪراچي جا سنڌي ۽ بلوچ
آبادين وارا علائقا پورو هفتو بند رهيا. انهن
هنگامن ڪري ڀٽي جي ڦاهي جي وقت احتجاجن ۽ ايم آر
ڊي تحريڪ جي ياد تازي ٿي.
24
مارچ 2006ع تي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي اهو
اعزاز حاصل ٿيو هو، جو هتي ورلڊ سوشل فورم جا
پروگرام شروع ٿيا. جنهن ۾ دنيا جي 410 وفدن ۽
پاڪستان مان هزارين مظلوم قومن جي نمائندن حصو
ورتو. ورلڊ سوشل فورم ۾ نئين دنيا جي ڳالهه ڪئي
وئي. تمام جمهوريت پسند، قوم پرست، وطن پرست ۽
ترقي پسندن شرڪت ڪئي. دنيا جي ماڻهن اڳيان پنهنجا
حق نه ملڻ، حقن جي لتاڙ، انساني حقن جي خلاف ورزي
خلاف انوکا احتجاج ڪري پنهنجو احتجاج ريڪارڊ
ڪرايو. انهن احتجاجن ۾ بلوچستان جو مسئلو، ڪشمير
جو مسئلو، ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ جي ماهيگيرن جو مسئلو
مٿانهون رهيا. انهيءَ شهر ڪراچي ۾ 11 مئي 2006ع تي
ٺٽو ۽ دادو شگر مل جي پورهيتن تي پنهنجن مطالبن جي
مڃتا لاءِ مظاهرو ڪرڻ تي مردن، عورتن ۽ ٻارن تي
تشدد ڪيو ويو انهن کي رڍن ٻڪرين وانگر واڙي ٿاڻن ۾
بند ڪيو ويو. آگسٽ 2006ع ۾ سنڌ جي استادن جڏهن
استاد تنظيمن جي پابندي خلاف پريس ڪلب کان وڏي
وزير جي آفيس ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته معزز ڌنڌي
سان واسطو رکندڙ تي ڳوڙها گيس وسايا ويا ۽ شديد لٺ
بازي ڪئي ويئي. ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ (ق)
کانسواءِ سڀني تنظيمن، سياسي پارٽين حڪومت جي هن
عمل خلاف سخت احتجاج ڪيو. استادن جي تحريڪ ۽
پورهيتن جي جدوجهد جي حمايت ڪئي.
9
مارچ 2007ع پاڪستان جي عدالتي ۽ سياسي تاريخ جو
اهم ڏينهن آهي جڏهن پاڪستان جي چيف جسٽس افتخار
محمد چوڌري کي غير فعال ڪري صدر پاڪستان سپريم
جوڊيشنل ڪائونسل ۾ چيف جسٽس خلاف هڪ ريفرنس
موڪليو. ٽن ڏينهن تائين چيف جسٽس کي گهر ۾ نظر بند
ڪيو ويو. ان جا ٽيليفون ڪٽيا ويا. جڏهن هو ڪيس جي
پيشي لاءِ گهران پنڌ سپريم ڪورٽ ڏانهن روانو ٿيو
ته چيف جسٽس آف پاڪستان سان اسلام آباد پوليس ڪنهن
چور وارو رويو اختيار ڪيو. هن کي وارن کان جهلي
زبردستي گاڏي ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي. اها ڳالهه به
ٻن ڏينهن کانپوءِ ظاهر ٿي ته چيف جسٽس تي استعيفيٰ
لاءِ دٻاءَ وڌو ويو. انڪار ڪرڻ تي سخت نتيجن جي
ڌمڪي ڏني ويئي. پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس
کي آرمي ڪئمپ گهرايو ويو جتي صدر پرويز مشرف فوجي
وردي ۾ ئي چيف جسٽس سان ملاقات ڪئي. انهيءَ واقعي
پاڪستان جي جمهوريت پسند ۽ ترقي پسند ڌرين جي اها
ڳالهه سچ ثابت ٿي ته پاڪستان ۾ اصل حڪمران ڪير
آهن؟ چيف جسٽس کي غير فعال ڪرڻ ۽ ان سان غلط رويو
ڪرڻ تي پاڪستان جا وڪيل روڊن تي نڪري آيا. عدالت
جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. گهڻن سرڪاري وڪيلن ۽ ججن
استعيفائون ڏنيون، انهي احتجاج ۾ مخالف ڌر جا
اڳواڻ ۽ پارٽي ڪارڪن به وڪيلن سان گڏ آهن. هاڻوڪي
پرويز حڪومت خلاف اها سڀني کان وڏي ۽ منظم احتجاجي
تحريڪ ثابت ٿي رهي آهي. انهي احتجاج جي نتيجي ۾
حڪومت چيف جسٽس لاءِ غير فعال جو لفظ واپس ورتو ۽
ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ بينچ تشڪيل ڏيئي سپريم
جو ڊيشنل ڪائونسل مان ڪيس کي فل ڪورٽ بينچ ڏانهن
اماڻيو ويو. جڏهن مختلف هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بار
چيف جسٽس کي خطاب لاءِ دعوتون ڏنيون ته هر جاءِ تي
وڪيلن، ججن، سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن چيف جسٽس جو
تاريخي آڌر ڀاءُ ڪيو. اسلام آباد کان پشاور روڊ
رستي جو سفر 10 ڪلاڪن ۾ جڏهن ته اسلام آباد کان
لاهور جو سفر 26 ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو ويو. هر جاءِ تي
هزارين ماڻهن چيف جسٽس جو تاريخي آڌر ڀاءُ ڪري اهو
ثابت ڪيو ته عوام موجوده حڪومت ۽ ان جي پاليسين
کان بيزار آهن. جيڪو ڪم گذريل اٺن سالن ۾ سياسي
پارٽيون نه ڪري سگهيون اهو ڪم وڪيلن ڪري ڏيکاريو.
هر جاءِ تي چيف جسٽس جي پهچڻ تي امن امان جو ڪو
مسئلو پيدا نه ٿيو ۽ گلاس به نه ٽٽو. جڏهن 12 مئي
2007ع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس کي گولڊن جوبلي
تقريب کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي هئي ته سنڌ
حڪومت ۾ شامل مضبوط ڌر متحده قومي موومينٽ چيف
جسٽس جي اچڻ خلاف ريلي جو اعلان ڪري ٽڪراءُ واري
پوزيشن پيدا ڪئي. حڪومت ۾ هوندي سڀني ڌرين متحده
کي ريلي ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي، پر ايم ڪيو ايم جا
اراده ڪي ٻيا هئا. مخالف ڌر جي سڀني پارٽين چيف
جسٽس جي استقبال جو اعلان ڪيو. 12 مئي 2007ع جي
صبح جوئي پوري شاهراهه فيصل جتان چيف جسٽس کي ملير
ڪورٽ قائداعظم جي مزار ۾، سٽي ڪورٽ ۽ پوءِ سنڌ
هاءِ ڪورٽ پهچڻو هو اهي سڀئي رستا ڪنٽينر ڏيئي
بلاڪ ڪيا ويا. هاءِ ڪورٽ ڏانهن ويندڙ سڀئي رستا
بند ڪيا ويا. رات جو ئي شهر جون حالتون خراب ٿيڻ
شروع ٿي ويون ۽ جڏهن ماڊل ڪالوني ۾ استقبالي پوسٽر
لڳائڻ تي مسلم ليگ (ن) جي ٻن ڪارڪنن کي قتل ڪيو
ويو. 12 مئي صبح جو ئي لانڍي ۾ سني تحريڪ جي ڪارڪن
کي جيڪو به استقبال جي تيارين ۾ هو قتل ڪيو ويو.
ملير بار جي صدر کي ڪورٽ ويندي تشدد جو نشانو
بنايو ويو. ايم ڪيو ايم جي ريلي جو هنڌ قائداعظم
جي مزار کان تبت سينٽر هو جتي صبح جوئي هزارين
ماڻهو پهچي ويا. ٻئي پاسي جڏهن چيف جسٽس 12 وڳي
ڪراچي ايئرپورٽ پهتو ته ان کي ٻاهر نڪرڻ کان روڪيو
ويو. ايئر پورٽ کي رينجرز جي حوالي ڪيو ويو.
شاهراهه فيصل مڪمل بند هجڻ ڪري مخالف سياسي پارٽين
جا جلوس به مختلف هنڌن تي ڦاسي پيا. وڪيل هاءِ
ڪورٽ ۽ ايئر پورٽ تائين پهچي نه سگهيا. شهر ۾ ڪٿي
قانون لاڳو ڪندڙ ادارا موجود نه هئا. پوري شهر کي
ايم ڪيو ايم جي هٿياربندن جي حوالي ڪيو ويو.
COD
پل، بلوچ ڪالوني پل، ناٿا خان پل ۽ ملير هالٽ تي
ايئر پورٽ ڏانهن چيف جسٽس جي آڌر ڀاءُ لاءِ ايندڙ
رستي بلاڪ ڪري ڦاسي پيا ته انهن تي فائرنگ شروع
ڪئي وئي. رات تائين 36 ماڻهو مارجي ويا. تبت سينٽر
تي ايم ڪيو ايم جو جلسو ڪاميابي سان ٿي ويو. پر
ٻئي پاسي ڪنهن به جلوس کي نڪرڻ جي اجازت نه هئي
جلوس ڪڍڻ جي صورت ۾ سڌي فائرنگ وسيلي انهن کي
روڪيو ويو. آج ٽي وي جي آفيس تي ڇهه ڪلاڪ فائرنگ
جاري رهي پر حفاظت لاءِ ڪو به نه پهتو. ٻئي ڏينهن
جيڪي فوٽو ۽ فلم آج وارن جاري ڪيا ان ۾ ايم ڪيو
ايم جي جهنڊن ۽ سرڪاري نمبر پليٽ وارين گاڏين مان
فائرنگ ٿيندي ڏيکاريو ويو. ايم ڪيو ايم الزام
مخالف ڌر ۽ چيف جسٽس تي لڳايو. جڏهن ته ٻه ڏينهن
پوري پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم خلاف ڪامياب هڙتال ڪري
عوام اهو ثابت ڪيو ته ڪراچي جي واقعن ۾ ايم ڪيو
ايم ملوث آهي. ٻئي ڏينهن رد عمل ۾ ڇهه وڌيڪ ماڻهو
مارجي ويا. ڪراچي کي رينجرز جي حوالي ڪيو ويو. 25
ماڻهو پختونن جا ماريا ويا. جن ۾ گهڻائي عوامي
نيشنل پارٽي جي ڪارڪنن جي هئي. ان واقعي کانپوءِ
پوري پاڪستان ۾ ايم ڪيو ايم جا دفتر بند ٿي ويا.
گهڻا ماڻهو ايم ڪيو ايم ڇڏي ويا. تحريڪ انصاف جي
اڳواڻ عمران خان 12 مئي جي واقعن کانپوءِ الطاف
حسين کي دهشتگرد قرار ڏيڻ لاءِ لنڊن وڃي ڪيس داخل
ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ڪراچي جي شهرين پهريون ڀيرو
شهر جي ديوارن تي عمران خان خلاف غليظ گاريون
چاڪنگ ٿيل ڏٺيون، اها چاڪنگ ايم ڪيو ايم ڪرائي
هئي. سخت تنقيد ڪري ٻن ڏينهن کانپوءِ لنڊن مان
چاڪنگ مٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو. 12 مئي جي واقعن ايم
ڪيو ايم کي ٻيهر 1986ع واري پوزيشن ۾ آڻي بيهاري
ڇڏيو. پهريون ڀيرو مختلف چينلن ۽ اخبارن ۾ الطاف
حسين ۽ ايم ڪيو ايم قيادت خلاف صحافين سياسي
اڳواڻن ۽ تجزيه نگارن سخت موقف اختيار ڪيو ۽ ايم
ڪيو ايم کي دفاعي پوزيشن ۾ آڻي بيهاريو. عمران خان
لنڊن وڃي الطاف ڪيس داخل ڪرڻ جو رستو هموار ڪري
رهيو آهي. ڪراچي جي شهرين کي 12 مئي جي واقعي جي
ڏک جا پاڇا ۽ رستن تي وهندڙ بيگناهه ماڻهن جو خون
ڪڏهن به نه وسري سگهندو. سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾
12 مئي جي واقعي کانپوءِ ايم ڪيو ايم تي ڪاوڙ جاري
آهي. اهڙي موقعي تي سنڌ جي هڪ قوم پرست ڌڙي جسقم
جي اڳواڻن عبدالواحد آريسر جي اڳواڻي ۾ 90 زيرو
پهچي ايم ڪيو ايم سان اظهار يڪجهتي ڪيو.
جسقم جي ٻن ڌرين ۾ ورهائجي وڃڻ کانپوءِ هڪ ڌڙي جي
اڳواڻي عبدالواحد آريسر ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي ڌڙي جو
اڳواڻ بشير قريشي آهي آريسر پاران بشير قريشي تي
ڀتا خوري، لينڊ مافيا ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرائڻ جا
الزام لڳايا پيا وڃن. انهن سڀني الزامن کي غلط
ثابت ڪرڻ لاءِ بشير 18 مارچ 2007ع کان سکر کان
پيغام سنڌ مارچ شروع ڪيو. 26 ڏينهن کانپوءِ پيادل
مارچ 12 اپريل 2007ع تي مارچ جي پڄاڻي تي پريس ڪلب
ڪراچي ۾ جلسو ڪيو ويو. ڪراچي شهري حدن ۾ داخل ٿيڻ
تي شاهراهه فيصل، گورا قبرستان ۽ ٻين هنڌن تي
هزارين ماڻهن مارچ جو استقبال ڪيو. ڪراچي ۾ مير
عالم مري، ڊاڪٽر دودي مهيري، امير ڀنڀري، گلزار
سومري ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ذوالفقار
سيال به شرڪت ڪئي.
ڪراچي تي اهي ڏکيا ڏينهن گذريل 60 سالن کان آبادي
۾ تباهي مچائيندڙ واڌ جي ڪري ٿي آهي. ڪراچي جا
ساحل جيڪي هميشه پرڏيهين جي تانگهه جو سبب رهيا
آهن. اتي ورهاڱي کانپوءِ پناهگيرن جون لوڌيون
اينديون رهيون ڪڏهن هندستان مان اسلامي جذبي ۽
نظريه پاڪستان تحت، ڪڏهن افغانستان مان افغان
انقلاب مخالفن ۾ افغان ڀاڄوڪڙن جي لوڌ، بنگلاديش ۾
رهندڙ بهارين ۽ روزگار لاءِ ايندڙ بنگالين جي لوڌ،
پٺاڻن، پنجابين، سرائيڪين، هندستانين، ايرانين،
برمين جون روزگار ۽ لڏپلاڻ ڪري اهي لوڌون اينديون
رهيون آهن. سنڌ جي گادي جي هنڌ جو اهو ماٺو
سامونڊي بندرگاهه پنهنجي سڃاڻپ کي تبديل ڪري ڇڏيو.
جنهن نوجوانن جي خوابن واري سنڌ جي رنگ ۽ روپ سان
گڏ سياسي ۽ سماجي ڍنگ کي تبديل ڪري ڇڏيو. هي شهر
نه فقط پاڪستان جي غير زرعي معيشيت ۾ مک کيڏاري
رهيو ۽ اهو ئي هن شهر جي بربادي جو سبب به بڻي.
پناهه گيرن جون لوڌيون ڇهن مرحلن ۾ اينديون رهيون
۽ هي شهر وڌندو ويو آبادي ۾ واڌارو ايندو ويو جنهن
هن شهر جي تاڃي پيٽي کي متاثر ڪيو. سنڌ سميت
پاڪستان تي ان جا اثر پيا. انهن لوڌن ڪراچي جي چئن
صدين جي ڪلچر کي ڌڪ پهچايو. اتي ٻين ملڪن جي ميگا
سٽيز جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تشدد واري لهر ڏٺي ويئي. هتي
تشدد جي لهر هتي رهندڙ مقامي ماڻهن سان گڏ پرڏيهي
سيڙپ ڪارن کي به متاثر ڪيو. هن شهر جو ساک اڄ به
داءُ تي لڳل آهي. هي اهو شهر آهي جتي وال اسٽريٽ
جهڙي مشهور اخبار جي عيوضي ڊيئنل پرل جو سر ڌڙ کان
ڌار ڪيو ويو. ان کان پهرئين دهشتگردن تڪبير رسالي
جي ايڊيٽر محمد صلاح الدين کي نيوچالي جي علائقي
نامڪو سينٽر بلڊنگ جي مين گيٽ وٽ گوليون هڻي
بيدردي سان ماري ڇڏيو. ان جو ڏوهه اهو هو ته
دهشتگرد تنظيم ”ايم ڪيو ايم“ خلاف لکندو هو. جنهن
جو الزام انتها پسند اسلامي گروپن تي هنيو ويو.
ڪراچي ڪاربم ڌماڪن، مسجدن ۾ آپگهاتي حملن، سياسي
ڪارڪن جي قتل جا منظر ڏٺا آهن. انهيءَ شهر ڪراچي ۾
نيوي جي مدد لاءِ آيل فرانسيسي انجنيئر ماريا ويا.
صدر جنرل مشرف تي قاتلاڻي حملي هن شهر جي زندگي کي
وڌيڪ متاثر ڪيو. هي اهو شهر آهي جنهن جي سيني تي
آپگهات بمبارن حملا ڪيا، ڪار بم ڌماڪا ٿيا، پرڏيهي
اغوا ڪيا ويا. اهم شخصيتن کي قتل ڪيو ويو. هٿوڙا
گروپ ۽ ٻوري بند لاشن هن شهر کي ڪيترا ڏنڀ ڏنا.
هتي تشدد جاگس ڪي اڻڄاتل ناهن. هتي وڏي پئماني تي
تشدد کي هٿي ڏني وئي. جنهن جي ڪري ڪراچي ۾ انوکي
نوعيت جون تبديليون آيون. جنهن هتان جي سياست،
سماج ۽ معيشيت کي تباهه ڪيو. سياست کانسواءِ ڪراچي
کي مختلف مافيائن جي حوالي ڪيو ويو. پاڻي جي
ورهاست واري مافيا يا لينڊ مافيا، ريتي بجري
مافيا، ڀتا خور مافيا، ڪچي آبادين واري مافيا،
هيروئن مافيا، هٿياربند مافيا، ۽ جديد لساني مافيا
۽ ايجنسين واري مافيا شامل آهن. هي شهر انڊر ورلڊ
جي نئين دنيا جي ور چڙهي رهيو آهي. اڳتي هن شهر جي
سياست جا فيصلا انڊر ورلڊ جي مختلف ڊانن جي حوالي
هوندا.
سنڌو هوندي پياسا ماڻهو
دنيا جي قديم تهذيبن جو جنم اتي ٿيو جتي پاڻي
موجود هوندو هو. پاڻي انساني ضرورتن ۾ سڀ کان اهم
ضرورت آهي. انهيءَ پاڻي جي ڳولا ۾ انسان سفري
زندگي (رولو زندگي) شروع ڪئي ۽ آهستي آهستي سفري
زندگيءَ جو خاتمو ٿيندو ويو. دريائن، ندين ۽ نئين
۾ پاڻي موجود هئڻ ڪري انسانن انهن جي ڪنارن تي
پنهنجيون وسنديون قائم ڪيون ۽ اهڙي طرح دنيا جي
قديم تهذيبن جنم ورتو. انهن دريائن ۽ ندين جي
ڪنارن تي رهڻ کانپوءِ ماڻهن زراعت شروع ڪئي.
مالوند ماڻهو هئا. ندين جي ڪناري چراگاهه هئڻ ڪري
مال لاءِ به چارو جام هوندو هو. ڇاڪاڻ ته انهن
ماڻهن جو گذر بسر کير ۽ زراعت تي هو، انهن ٻنهي
لاءِ پاڻي اهم آهي.
لياري، ملير، ٿڌو، سڪڻ، کديجي، اورنگي ۽ ٻاڪراڻ
نئين جي ڪناري اڄ به پراڻين تهذيبن جا آثار موجود
آهن اهي آثار انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا انهن
نئين ۾ پورو سال پاڻي موجود هوندو هو ۽ انهيءَ مٺي
پاڻي ماڻهن کي انهن جي ڪناري تي رهڻ تي مجبور ڪيو
۽ ائين انهن ندين جي ڪناري آباديون قائم ٿيون. اڄ
به ملير، ٿڌو، سڪڻ ۽ ٻين ندين جي ڪناري ڳوٺ موجود
آهن ۽ انهن جي ڪناري زراعت به ڪئي ويندي آهي.
ورهاڱي وقت به لياري نئين جي ڪناري حسن لشڪري ڳوٺ،
ساهو باغ، لالو جي کيٽن، گوليمار ۽ گلشن اقبال
وارن علائقن ۾ خوبصورت باغ هوندا هئا ۽ اٺ گاڏين
جون قطارون سبزي کڻي لي مارڪيٽ واري سبزي مارڪيٽ
وينديون هيون. پاڻي جهڙي بنيادي چيز کانسواءِ ترقي
به پنهنجي جاءِ تي پر زندگي به ڏکي آهي.
ڪراچي جي مٺي در وارو علائقو جيڪو لياري ندي جي ڪپ
تي آهي. لياري ۾ مٺي پاڻي جي وهڻ ڪري انهيءَ در جو
نالو (ڪراچي ڪوٽ جي در جو نالو مٺو در هو.) لياري
نئين جي آس پاس پيئڻ جي پاڻي ۽ زراعت لاءِ مٺي
پاڻي جا کوهه هوندا هئا. سڪندراعظم جي دور کان وٺي
تاريخ ۾ هتان جي زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ کوهن
جو ذڪر ملي ٿو. ڪراچي سان گڏ ڪراچي جي پاڻي جي
تاريخ به اوترئي پراڻي آهي. ڪراچي شهر لاءِ پيئڻ
جي پاڻي حاصل ڪرڻ جي تاريخ هن شهر جي ارتقا جيتري
پراڻي آهي. ويجهي تاريخ ۾ خاص ڪري ميرن جي دور ۾
ڪيترن غير ملڪي سياحن ڪراچي جو دورو ڪيو. انهن
سياحن پنهنجن سفرنامن ۾ لياري جي ڪناري باغن ۽
کوهن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.
مسٽر آءِ. اين. ايلن لکيو آهي ته ”ڪراچي جي پهرئين
جهلڪ انتهائي غير دلڪش آهي پر خشڪ لياري ندي جي
ڪناري هڪ پٽيءَ ۾ باغ موجود آهن. ان پوري خطي ۾ بس
هڪ اهو ئي علائقو اکين کي فرحت بخشي ٿو.“
ڪئپٽن هارٽ 1838ع ۾ لکي ٿو ته ”هي شهر 30 کان 35
ايڪڙن تي ڦهليل آهي. پيئڻ جو پاڻي لياري نديءَ
پاسي زراعت لاءِ کوٽيل کوهن مان حاصل ڪيو وڃي ٿو.
هتي پاڻيءَ جي هڪ مشق هڪ ڏوڪڙ ۾ ملي ٿي.“
انهن سفر نامن مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته ان وقت ڪراچي
جا ماڻهو پيئڻ جو پاڻي لياري نديءَ مان حاصل ڪندا
هئا. لياري نديءَ ۾ ان وقت ريتي موجود هئڻ ڪري
پاڻيءَ جا ذخيرا جام هوندا هئا.
انگريزن جي قبضي وقت لياري نئين جي ڪناري پيئڻ جي
پاڻي ۽ زراعت لاءِ استعمال ٿيندڙ کوهن کانسواءِ
شهر ۾ 10 کوهه موجود هئا. جنهن جو پاڻي پيئڻ لاءِ
استعمال ڪيو ويندو هو. 1930ع تائين ڪراچي ۾ اچ وڃ
لاءِ اٺ گاڏين، گهوڙي گاڏين، گڏهه گاڏين ۽ ڍڳي
گاڏين وسيلي هوندو هو. جانور جي پيئڻ جي پاڻي لاءِ
سرهندي وارن ماڻهن شهر ۾ مختلف هنڌن تي پاڻي جا
خوبصورت پٿرن ۽ چٽسالي وارن ٽائيلن جا تلاءَ (حوض)
ٺهرايا هئا. جن مان جانورن کانسواءِ ماڻهو به پيئڻ
لاءِ پاڻي حاصل ڪندا هئا. گهڻو ڪري اهي تلاءَ
(حوض) مارڪيٽن، ريلوي اسٽيشن، بندرگاهه، گهمڻ ڦرڻ
وارن جاين ۽ مرڪزي رستن جي ڪناري، درگاهن ۽ مندرن
ويجهو هوندا هئا. انهن جي اڏاوت ۾ گهڻو ڪري گسري ۽
جنگشاهي جو پٿر استعمال ڪيو ويو آهي. انهن مان
گهڻا مشهور ماڻهن جي ياد ۾ جوڙيا ويا هئا. گرومندر
لڳ تلاءُ (حوض) بهرام ايڊل جي 1893ع ۾ پنهنجي پيءُ
۽ ماءُ جي ياد ۾ اڏيو هو. ڪجهه وقت اڳ هي موجود
هو. هن سماج سڌارڪ پاران ايڊلجي ڊنشا ڊسپينسري صدر
جي پويان هڪ تلاءُ (حوض) تعمير ڪيو ويو هو. بوهرا
پير وارو تلاءُ (حوض) 1934ع ۾ نسرانجي جي خدمتن جي
بدلي ۾ نسروانجي ڪمپني اڏيو هو. نانڪ واڙي باغ ۾
تلاءُ ڊمب اينيمل فنڊ ۽ سولجر بازار وارو جانورن
واري بچاءُ جي هڪ تنظيم ٺهرايو هو. مشن روڊ تي ختم
ٿيل قسمت سينيما جي ويجهو هڪ تلاءُ 1927ع ۾ ديوان
ڏيارام مير چنداڻي جي ياد ۾ ان جي گهر واري جوڙايو
هو.
هڪ
تلاءُ رتن تلاءُ هو جنهن جي ڪري اڄ به هي علائقو
انهيءَ نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اچل سنگهه آڏواڻي
پارڪ ويجهو به هڪ تلاءُ هن کي لهڻ لاءِ 128 ڏاڪا ۽
ٻه دروازا هوندا هئا. عيدگاهه ويجهو موليڏنو مسافر
خاني لڳ حاجي مير محمد بلوچ پارڪ جي جاءِ تي هڪ
تلاءُ هوندو هو. رام باغ واري علائقي ۾ رام تلاءُ
به هوندو هو. جنهن ۾ پهرئين هتان وهندڙ، چشمي جو
پاڻي گڏ ڪيو ويندو هو. ڪسٽم هائوس ويجهو پهلاج
راءِ روپ چند تلاءُ انتهائي خوبصورت هوندو هو.
نيٽي جيٽي ويجهو نارائڻ مندر تلاءُ به خوبصورت
اڏاوت سان هو. کوڙي باغيچي وارو تلاءُ جنهن جي
مٿان خوبصورت پٿر جي ڇٽي ۽ چار ٿنڀا هوندا هئا.
ليمارڪيٽ جي بس اسٽاپ لڳ به تلاءُ هوندو هو.
هي
سڀئي تلاءُ هاڻي ختم ٿي چڪا آهن. ماڻهن انهن تي
قبضو ڪري دوڪان، ليٽرين ۽ ڪٻاڙي ۽ کوکن رکڻ لاءِ
استعمال ڪري رهيا آهن. ڪراچي جي منفرد تاريخ ۽
خوبصورت اڏاوت اسان هٿ وٺي برباد ڪئي.
منهوڙي تي درياهه شاهه جو قديم مندر آهي. هتي به
هڪ کوهه هوندو هو جنهن جو پاڻي مٺو هوندو هو ڪلفٽن
جي پاتال رتنيشور مهاديو شيو مندر جيڪو سمنڊ جي
سطح کان 20 فٽ هيٺ آهي هتي به هڪ مٺي پاڻي جو چشمو
آهي. جيڪو مندر جي ضرورت کي پورو ڪري ٿو.
انگريزن جي قبضي کانپوءِ ڪراچي هڪ ڇانوڻي ۾ تبديل
ٿي ويئي. پنج هزار فوجي هتي رهندا هئا ۽ آبادي وڌڻ
ڪري هتي قائم کوهن ۽ چشمن جو پاڻي پورو نه پئجي
سگهيو ته انگريز سرڪار ڪراچي جي پيئڻ جي پاڻي لاءِ
ڪوششون ورتيون. 1852ع جڏهن ميونسپل ڪميشن جو وجود
عمل ۾ آيو ته انهيءَ سال شهر کي پيئڻ جي پاڻي
سپلائي لاءِ پنج نوان کوهه کوٽايا ويا. پهرئين
موجود 10 ڏهن کوهن کي به ميونسپلٽي پنهنجي تحويل ۾
ورتو. اهي کوهه گهڻو ڪري سرهندي وارن ماڻهن پاران
کوٽايل هئا. سرهندي وارن ماڻهن پاران وقفي وقفي
سان کوهه کوٽيا ويندا هئا ته جيئن پاڻي جي مسئلي
کي منهن ڏيئي سگهجي. ميونسپلٽي پاران انهن کوهن
مان ٻن کوهن مان پائيپ لائين وڇائي ڪسٽم هائوس
تائين پاڻي پهچايو ويو. ميونسپل ڪميشن شهر ۾ پيئڻ
جي پاڻي کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ لاءِ مسٽر جگن ناٿ
کي ان جو انچارج مقرر ڪيو. انهيءَ زماني ۾ 800
رپين جي خرچ سان ڇانوڻي جي علائقي ۾ پهريون کوهه
کوٽيو ويو. جنهن جو اڌ خرچ ميونسپل ڪميشن برداشت
ڪيو. 1854ع ۾ شهر ۾ پنج وڌيڪ کوهه کوٽيا ويا. ته
جيئن پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ٿي سگهي. جن ۾ هڪ
چنيسر ڳوٺ ۽ ٻه ريڙهي مياڻ ڳوٺ ۾ کوٽيا ويا ته
جيئن پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ٿي سگهي. ريڙهي ۾
انهن کوهن جا نشان 2005ع تائين موجود هئا. اهڙي
طرح 1854ع تائين شهر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوهن جو
ڳاڻيٽو 20 هو.
1856ع ۾ مسٽر برٽن جي اسڪيم تحت لياري ندي جي
ڪناري کوهن مان ميونسپلٽي پنهنجي ٽيڪس ڏيندڙ جي
گهرن تائين پائيپ لائين وسيلي پاڻي پهچائڻ جو
انتظام ڪيو هو. رام باغ جي کوهن مان بندرگاهه تي
پائيپ لائين وسيلي پاڻي پهچايو ويو. پائيپ لائين
جي وڇائڻ کان اڳ کوهن مان بيرلن وسيلي بندرگاهه تي
پاڻي پهچايو ويندو هو.
لياري ندي جي پاڻي کي انگريز فوجين پيئڻ کان انڪار
ڪيو ته حڪومت کي مجبوراً ڳري خرچ تي ڪوٽڙي مان
سنڌو درياهه جو پاڻي گڏهن ۽ اٺن تي ڪاٺ جي بيرلن
وسيلي ڪراچي ڇانوڻي ۾ پهچائڻ جو بندوبست ڪيو.
1857ع ۾ ملير کان ڪياماڙي تائين پاڻي پهچائڻ جو هڪ
منصوبو بنايو ويو. جنهن موجب 18 انچ قطر جي چيني
مٽي جي پائيپ جي ضرورت هئي. جنهن تي هڪ فرانسيسي
انجنيئر مسٽر موسيوهيقل کي هتي مقامي سطح تي
پائيپن ٺاهڻ جو ٺيڪو، ٽيهن هزار روپين ۾ ڏنو ويو.
اها فيڪٽري پائيپن جي فراهمي ۾ ناڪام ٿي بند ٿي
ويئي ۽ جنهن جي ڪري منصوبي تي ڪم شروع نه ٿي
سگهيو.
ڪراچيءَ لاءِ انگريزن پاڻيءَ جي پهرئين باقاعده
اسڪيم (کوهن کانسواءِ) يارنهن هزار رپين جي خرچ
سان 1859ع ۾ لياري نديءَ مان گيلري سسٽم سان شروع
ڪئي. لياري واري اسڪيم جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ حڪومت
کي هڪ رپورٽ ۾ اها سفارش ڪئي ويئي ته ”لياري نئين
جي مٺي پاڻي جي ذخيرن کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته
لياري نئين جي ريتي کي سمنڊ ۾ ڪرڻ کان روڪيو وڃي.“
ريتي جر جي پاڻي کي برقرار رکڻ ۽ ان جي واڌاري
لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن پاسي اسان توجهه نه
ڏنو ته لياري مان ريتي بجري ختم ٿي ويئي ته آس پاس
جا کوهه سڪي ويا، پيئڻ جو پاڻي ۽ زراعت جو پاڻي
ختم ٿي ويو. اهو حشر ملير ۽ حب جو به ٿيو ۽ هاڻي
باقي بچيل علائقن مان ريتي بجري کڻي انهن علائقن
کي ويران ڪيو پيو وڃي.
ميونسپل ڪميشن شهر کي گهر گهر پاڻي پهچائڻ لاءِ ٻه
پاڻي پهچائڻ واريون ڪمپنيون به مقرر ڪيون هيون.
انهن ڪمپنين جا نالا (1) ڪيمپ واٽر ڪمپني
(Camp
water Co)
۽ (2) وار وڪ واٽر ڪمپني
(War
wich water Co)
هئا. انهن ڪمپنين جا ماڻهو ڍڳن گاڏين ۽ اٺن تي
پاڻي جون وڏيون مشڪون کڻي شهر کي پاڻي پهچائيندا
هئا. گهڻن علائقن ۾ تلاءُ به ٺاهيا ويا جن ۾ اهو
پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو هو جتان پوءِ شهري ضرورت آهر
پاڻي حاصل ڪندا هئا.
65- 1860ع تائين ڪراچي واسين لاءِ پاڻي جو
دارومدار ڪراچي ۾ قائم کوهن ۽ لياري ندي جي پاڻي
تي هو. وڏن ماڻهن پنهنجي گهرن جي اڱڻ ۾ کوهه کوٽي
انهن جو پاڻي استعمال ڪندا هئا. بهشتي (پخالي)
پيئڻ لاءِ پاڻي لياري ندي مان مشڪن وسيلي ڀري شهر
۾ اچي وڪڻندا هئا. پاڻي جي هڪ مشڪ لياري ندي جي
ويجهي وارن لاءِ هڪ کان ٻه پائي ۾ هوندي هئي.
بندرگاهه جي علائقي ۾ پاڻي جي هڪ مشڪ ٻه آنا هوندي
هئي ۽ صدر جي علائقي ۾ هڪ آنو في مشڪ جي حساب سان
پاڻي وڪرو ٿيندو هو. مٺي در، کاري در ۽ لي مارڪيٽ
۾ اڄ به بهشتي (پخالي) مشڪن وسيلي پاڻي سپلاءِ ڪري
رهيا آهن.
1865ع ۾ شهر ۾ پاڻي جي اڻاٺ ڪري ميونسپل ڪميشن هڪ
ٺهراءُ وسيلي حڪومت کان گهر ڪئي ته ميونسپل کي قرض
ڏيڻ مهيا ڪيو وڃي ته جيئن سنڌو درياهه ۾ هڪ نهر
ڪڍي پاڻي کي ڪراچي تائين آڻي سگهجي. حڪومت قرض ڏيڻ
کان انڪار ڪيو. انڪار کانپوءِ ميونسپل ملير ندي جي
ڪناري کوهن لاءِ سروي شروع ڪئي، پر هن اسڪيم لاءِ
به وڏي رقم جي ضرورت هئي. لاچار ميونسپلٽي ڪميشن
واپارين کي قرض لاءِ اپيل ڪئي. جنهن تي واپارين
ٽرانزٽ ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي. ميونسپلٽي جي
آمدني جو
80%
سيڪڙو ٽرانزٽ ڊيوٽي مان حاصل ٿيندو هو. جنهن تي
ميونسپلٽي اها شرط قبول نه ڪئي. 1865ع کان 1868ع
تائين واپارين ۽ ميونسپلٽي جي وچ ۾ ڳالهيون
ٿينديون رهيون. واپاري پنهنجي شرط تي بيٺا رهيا ۽
ميونسپلٽي پنهنجي ضد تي قائم رهي.
1854ع کان 1867ع تائين مختلف ماهرن پاران شهر ۽
بندر کي پيئڻ جي پاڻي لاءِ جيڪي تجويزون ڏنيون.
ميونسپلٽي 1868ع ۾ ٻيهر انهن جو جائز ورتو. انهن
ماهرن جيڪي اسڪيمون پيش ڪيون انهن جو تفصيل هيٺين
ريت هو.
1.
ڪيپٽن بيڪر: ملير ندي مان 13 ميلن (ميمڻ ڳوٺ ۽ ڄام
ڳوٺ لڳ) کان پاڻي حاصل ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو جنهن
تي خرچ جو ڪاٿو هڪ لک 86 هزار 760 لڳايو ويو هو.
جنهن مان 32170 گيلن روزانو پاڻي شهر کي مهيا ڪيو
ويندو ۽ اهڙي طرح هڪ ماڻهو روزانو چار گيلن پاڻي
استعمال ڪري سگهندو.
2.
مسٽر هال: به ساڳي اسڪيم گهٽ خرچ ۽ وڌيڪ پاڻي حاصل
ڪرڻ واري پيش ڪئي. جنهن موجب خرچ جو ڪاٿو هڪ لک 10
هزار 803 رپيا لڳايو ويو. جنهن مان چار هزار گيلن
پاڻي روزانو حاصل ڪيو ويندو ۽ اهڙي طرح هڪ ماڻهو
پنج گيلن پاڻي استعمال ڪري سگهندو.
3.
مسٽر ڊيلسلي: ٻه اسڪيمون پيش ڪيون جيڪي ملير ندي
جي ڊملوٽي واري جاءِ کان، شهر کان 16 ميل پري
تائين پاڻي مهيا ڪرڻ بابت هيون. هڪ اسڪيم تي
327000 ۽ ٻئي اسڪيم تي ڏهه لک رپيا خرچ جو ڪاٿو
لڳايو ويو هو. انهن ٻنهي اسڪيمن مان ڪراچي شهر کي
12 لک 15 هزار گيلن روزانو پاڻي ملي سگهندو.
4.
مسٽر برٽن: به ملير ڊملوٽي مان شهر کان 23 ميل پري
پاڻي کڻي اچڻ جو منصوبو پيش ڪيو جنهن تي خرچ جو
ڪاٿو 20 لک رپيا لڳايو ويو هو، جنهن مان 20 لک 52
هزار گيلن روزانو پاڻي شهر کي ملي سگهندو.
5.
مسٽر فائف: ملير ندي جي شهر کان 10 ميلن تي پاڻي
لاءِ اسڪيمن جو منصوبو پيش ڪيو جنهن تي خرچ جو
ڪاٿو 32400 هزار لڳايو ويو هو. جنهن مان ڇهه لک
گيلن پاڻي روزانو شهر کي ملي سگهندو.
6.
جناب مراد خان: ٻه اسڪيمون پيش ڪيون. مراد خان
دراني جي منصوبي ۾ هڪ حب ندي تي شهر کان 19 ميلن ۽
ٻيو شهر کان 10 ميلن تائين جاءِ تي هو. جنهن ۾
پهرئين اسڪيم تي 10 لک 31 هزار خرچ جو ڪاٿو لڳايو
هو جنهن مان 23 لک گيلن پاڻي روزانو شهر کي مهيا
ڪيو ويندو. ٻئي منصوبي تي سورنهن لک خرچ جو ڪاٿو
لڳايو ويو هو.
7.
مسٽر نيو نهم: 100 ميل پري سنڌو درياهه مان لوهه
جي پائيپ وسيلي ڪراچي شهر کي پيئڻ جي پاڻي جو
منصوبو پيش ڪيو هو. جنهن تي خرچ جو ڪاٿو 90 لک
روپيا لڳايو ويو هو.
انهن سڀني اسڪيمن ۾ مسٽر برٽن ۽ مسٽر مراد خان جون
پيش ڪيل اسڪيمون عمل جوڳيون قرار ڏنيون ويون. اهڙي
نموني ڪراچي کي جديد طريقي سان پيئڻ جو پاڻي مهيا
ڪرڻ لاءِ ملير ندي لڳ ڊملوٽي جي علائقي ۾ 21 اپريل
1883ع ۾ پهرئين کوهه جو افتتاح ڪيو ويو. هن منصوبي
لاءِ 18 فيبروري 1880ع تي بمبئي جي گورنر مسٽر
رچرڊ ٽيمپل پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ ويهه لک گيلن جي
گنجائش رکندڙ پاڻي جي حوض جي پيڙهه جو پٿر رکيو ۽
21 اپريل 1883ع تي هن جي اڏاوت مڪمل ٿي، جنهن جو
افتتاح جوڊيشنل ڪمشنر سنڌ مسٽر برڊ وڊ ڪيو.
ڊملوٽي جي پهرئين کوهه جي افتتاح کان وٺي مختلف
وقت ۾ ملير انسپڪشن بنگلو کان وٺي هاڻوڪي ٺهيل لنڪ
روڊ جي پار ملير ندي ڪناري ڪل 12 کوهه کوٽيا ويا.
جتان پائيپ لائين ۽ بعد ۾ لوهه جي پائيپن وسيلي
ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪيو ويندو هو. انهن سڀني کوهن
کي پڪين سرن سان پڪو ڪيو ويو آهي. وڏن ڊيزل انجڻن
وسيلي انهن جو پاڻي ٻاهر ڪڍيو ويندو هو. ڊيزل
انجڻيون هڪ وڏي ڪمري ۾ بند هونديون هيون. انهن تي
انتهائي خوبصورت اڏاوت سان ڪمرو ٺاهيو ويو آهي.
جيڪا اڄ به من کي موهي ٿي. حالانڪ ورهاڱي کانپوءِ
انهن جي سار سنڀال نٿي لڌي وڃي. کوهن جي مٿان سنهي
ڄاري ڏني ويئي آهي ته جيئن ٻاهران ڪک پن ۽ گند
ڪچهرو کوهه ۾ نه ڪري. اهي سڀئي کوهه بند ٿي چڪا
آهن. فقط هڪ کوهه نمبر ڇهه هلي رهيو آهي. ورهاڱي
کانپوءِ نه هن اسڪيم کي وڌايو ويو آهي ۽ هن جي سار
سنڀال لڌي ويئي آهي. ڊملوٽي اسڪيم جي نالي اهي
کوهه هن وقت واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي حوالي آهن.
ٽي کوهه ملير ندي جي وهڪري ۾ لڙي ويا آهن. انهن
کوهن جي افتتاح کان وٺي اڄ تائين ان اسڪيم جي
ويجهو جيڪي ڳوٺ آهن. انهن کي هن اسڪيم مان پاڻي نه
ڏنو ويو آهي. اڄ به هڪڙي کوهه مان ڏهه گيلن پاڻي
ڪراچي کي ۽ ڪاٺوڙ ۾ قائم ابوظهبي جي فارم کي ڏنو
وڃي ٿو. پر ڳوٺاڻن جو هن پاڻي تي ڪو به حق نه آهي.
ٿيڻ ائين کپي ها ته انهن کوهن کي هاڻوڪي بلدياتي
سيٽ اپ تحت گڏاپ ٽائون کي ڏيڻ کپي. ڇاڪاڻ ته اهي
سڀئي کوهه گڏاپ ٽائون ۾ آهن. جيڪڏهن بچيل کوهن کي
وڌيڪ تباهي کان بچائي ۽ انهن جي ٻيهر صفائي ڪئي
وڃي ته ميمڻ ڳوٺ جهڙي وڏي آبادي سميت 50 کن ڳوٺن
کي هن اسڪيم مان پيئڻ جو پاڻي ڏيئي سگهجي ٿو. انهن
سڀني کوهن انهن تي ٺهيل جاين ۽ ملير ندي مان ايندڙ
گيلرين کي قومي ورثو قرار ڏيئي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت
آهي. هڪ صدي کان مٿي وقت گذرڻ جي باوجود اهي
شاهڪار جايون ۽ کوهه ڏسڻ وٽان آهن.
جيڪو کوهه نمبر ڇهه هلي رهيو آهي ان تي هن وقت جي
افتتاح جو بورڊ لڳل آهي. ان تي جيڪو لکيل آهي اهو
هيٺين ريت آهي.
ڊملوٽي کوهه نمبر 6
Karachi Municipalty Water Work
Well
No.6
Completed in March 1929
Designed and Supervised by
Mr.
Measham Lea
C.I.E.O.B.E.M.I.C.E
Chief
Engineer
Constructed by- Mr. E.A.Hilton
M.A.S.M.E
Superintendent of Machiney
Mr.
Abdul Ghani
Sub
Engineer
Mr.
Mohmed Pareel
Mechanical Mistry
ياد رهي ته پريل مستري غازي بروهي ڳوٺ ملير جو
رهواسي هو جتي اڄ به هن جي ڪٽنب وارا رهن ٿا. هن
جو ڏوهٽو اقبال بلوچ ايجوڪيشن ۾ ملازمت ڪري ٿو.
چيف انجنيئر مشم لي جنهن ڪراچي جي بندر روڊ تي ڪي.
ايم. سي بلڊنگ سميت ڪيتريون جايون ڊيزائن ڪيون
آهن.
ڊملوٽي اسڪيم موجب 634 حوض پاڻي ذخيري ڪرڻ لاءِ
اڏيا ويا. واٽر بورڊ ريڪارڊ موجب هن اسڪيم مان
ڪراچي کي جيڪو پاڻي مهيا ڪيو ويندو هو. هيٺين ريت
هو.
1911ع |
4.067 ملين گيلن روزانو |
1921ع |
4.627 ملين گيلن روزانو |
1931ع |
6.647 ملين گيلن روزانو |
1935ع |
8.000 ملين گيلن روزانو |
1945ع |
10.05 ملين گيلن روزانو |
ڇاڪاڻ ته هن اسڪيم تحت 1883ع کان 1935ع تائين
مختلف وقتن ۾ کوهه کوٽيا ويا. مڪمل ٿيڻ کانپوءِ
انهن کوهن کي اسڪيم سان ڳنڍيو ويندو هو ۽ ائين
پاڻي ۾ واڌ ٿيندو ويو.
حب
ندي تي مراد خان دراني پنهنجي مدد پاڻ جيڪو بند
ٺهرايو جنهن مان ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي ته نه مليو
پر هن مان پاڻي حاصل ڪري زراعت ۾ انقلاب آيو. اڄ
به هي بند زبون حالت ۾ موجود آهي. ندي جو پاڻي
پاسي ۾ زمين کي پائي رستو ڪري ويو آهي، پر بند اڃا
برقرار آهي، بند جي ويجهو 1928ع جو ضلعو ڪلبورڊ جو
اڏيل ريسٽ هائوس اڄ به موجود آهي. جيڪو سائين جي.
ايم سيد جڏهن ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچي جو صدر هو
ٺهرايو هو. بند مراد خان ڪنهن شاهڪار کان گهٽ نه
آهي. ڇاڪاڻ ته اهو هڪ شخص مراد خان جو ڪارنامو
آهي. جنهن کي ڏسي مراد خان کي دل ئي دل ۾ داد ڏيڻ
کانسواءِ ماڻهو رهي نٿو سگهي. حڪومت کي گهرجي ته
هن جي سار سنڀال لهي ۽ ان کي آثار قديمه جي حوالي
ڪري ان کي محفوظ ڪيو وڃي. پڪنڪ پوائنٽ لاءِ به هڪ
بهترين جاءِ آهي. جنهن کي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي.
حب
ندي تي ٺهيل تاريخي بند مراد خان
1940ع تائين ڊملوٽي اسڪيم مان ڪراچي کي پاڻي مهيا
ڪري ڪراچي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ٿي ويئي جنهن جي
ڪري ڪراچي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ٿي. جنهن لاءِ
انتظاميا ”هالايار“ نئين اسڪيم تي ڪم شروع ڪيو. هن
اسڪيم تحت سنڌو جي پاڻي کي ڪئنال وسيلي ڪينجهر ڍنڍ
تي پهچائڻ ۽ هتان پوءِ پڪي نالي جي وسيلي گهاري
تائين کڻي اچڻ هو. جتي هڪ فلٽر پلانٽ وسيلي هن
پاڻي کي صاف ڪري ۽ جراثيمن کان پاڪ ڪري پوءِ ڪراچي
شهر ڏانهن پهچائڻ جو پروگرام هو. جنهن تي فوري طور
تي ڪم شروع ڪيو ويو. پاڻي جو دٻاءُ وڌائڻ لاءِ ڊرگ
روڊ ويجهو ڪالي ماتا مندر جي جاءِ تي پاڻي جو هڪ
وڏو حوض تيار ڪيو ويو. جتان پوءِ دٻاءُ وسيلي شهر
ڏانهن پاڻي روانو ڪيو ويندو هو. هُن اسڪيم مان هن
وقت اٺ ملين گيلن روزانو پاڻي شهر کي فراهم ڪيو
ويندو هو ۽ تنهن وقت ڊملوٽي اسڪيم مان به 8 ملين
گيلن پاڻي روزانو مهيا ڪيو ويندو هو. اهو پاڻي
ڪراچي شهر، فوجي ڇانوڻي، بندرگاهه، ريلوي ورڪشاپ ۽
مختلف ڪارخانن کي ڏنو ويندو هو.
1945ع ۾ هاليجي ڍنڍ مان پاڻي فراهم ڪرڻ جي منصوبي
تي ڪم شروع ڪيو ويو جنهن جو پاڻي ڪارساز ويجهو
ٺهيل حوض ۾ پهچايو ويندو هو. جتان پوءِ شهر کي اهو
پاڻي سپلاءِ ڪيو ويندو هو. هاڻي هاليجي ڪئنال کي
ڪينجهر مان ايندڙ ڪئنال سان ڳنڍيو ويو آهي.
روهاڱي وقت ڊملوٽي ۽ هاليجي اسڪيمن مان روزانو 16
ميلن گيلن پاڻي ڪراچي شهر کي ڏنو ويندو هو. ڪراچي
۾ آبادي جي غيرفطري واڌ جيڪا هندستان مان لڏي آيل
مهاجرن ڪري پيدا ٿي ڊملوٽي ۽ هاليجي اسڪيمن جو
پاڻي شهر لاءِ اڻ پورو ٿي پيو. جنهن لاءِ 1954ع ۾
ڪراچي امپرومينٽ ٽرسٽ
(KIT)
جيڪو 1951ع ۾ ڪراچي جي ترقي لاءِ قائم ڪيو ويو هو.
جنهن کي 1957ع ۾ ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي
(KDA)
۾ بدلايو ويو. پاران ”گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلاءِ
اسڪيم“ جي شروعات ڪئي. هن اسڪيم کي چار مرحلن ۾
مڪمل ڪرڻو هو. |