سنڌ جي بمبئي کان ڌار ڪرڻ واري تحريڪ:
1847ع ۾ برطانوي حڪومت سنڌ جي الڳ حيثيت ختم ڪري
هن کي بمبئي پريزيڊنسي م شامل ڪيو ويو. سنڌ صوبي
جي هيثيت ختم ڪئي ويئي. سنڌ جي گادي جو هنڌ ڪراچي،
بمبئيءَ جو هڪ معمولي شهر بڻجي ويو. هن فيصلي ڪري
سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪ احساس محرومي جنم ورتو. سنڌ جي
ماڻهن جو سرڪار سان رابطو ممڪن نه هو. ڇاڪاڻ ته هو
800 سئو ميل پري، بمبئي ۾ ويهيءَ سنڌ جي انتظام کي
هلائي رهيا هئا 7 سنڌ جا ماڻهو بمبئي جي گورنر جا
محتاج هئا. سنڌ جا سياسي حق ڦٻايا ويا. سياسي
قيادت جي کوٽ ڪري ان وقت انگريزن جي هن فيصلي خلاف
ڪو احتجاج بلند نه ٿي سگهيو. جاگيردار، مير ۽ پير
انگريزن جي خوشامد ۽ پنهنجي جاگيرن جي بچائڻ ۾
پورا هئا. انگريزن هتان جي ماڻهن کي ميونسپلٽين ۽
ضلعي لوڪل بورڊن جي اعزازي ميمبري تائين محدود ڪري
ڇڏيو هو. سياسي پارٽين يا گروهن جو ڪو وجود نه هو.
جڏهن آهستي آهستي ماڻهن ۾ سياسي شعور بيدار ٿيو.
ريشمي رومال تحريڪ، خلافت تحريڪ، لڏپلاڻ واري
تحريڪ (هجرت تحريڪ) ستيا گرهه، سوديشي تحريڪن ۽ حر
تحريڪ ماڻهن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو. بمبئي لجسليٽيو
ڪائونسل ۾ چونڊيل نمائندن پنهنجي حقن لاءِ آواز
بلند ڪيو.
سنڌ کي بمبئي کان جدائي جو سڀ کان پهرئين ڪانگريسي
ليڊر هر چند راءِ وشنداس مطالبو پيش ڪيو. وشنداس
جنهن ڪراچي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کي
ڪراچي ميونسپلٽي جو پهريون غير يورپي صدر ٿيڻ جو
به اعزاز حاصل آهي.
سن
1868ع ۾ سنڌ ايڪٽ پاس ٿيو. جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو
ته انتظامي طور، سنڌ، اسيمبليءَ کان گهڻو پري آهي
تنهن ڪري انهن ڏکيائين کي ڏور ڪرڻ لاءِ سنڌ جي
ڪمشنر کي انتظامي لحاظ گهڻي آزادي ڏني ويئي.
انهيءَ انتظامي آزادي جو فائدو وٺي سنڌ جي ڪمشنرن
سنڌ جي جاگيردارن، زميندارن، پيرن 7 سردارن کي
رعايتون ڏيئي پنهنجو هڏ ڏوکي بڻايو. انهن انگريز
سرڪار سان ملي غريب عوام کي ڪمزور بنائي پنهنجو
محتاج رکيو. انهن اختيارن ڪري سنڌ جي سماج تي خراب
اثر پيا. مٿيون طبقو رعايتن هاصل ڪرڻ لاءِ انگريز
سرڪار جي خوشامد ۾ پورو هو ۽ غريب عوام لاچار ۽ بي
وس هئي. پوليس کي بي لغام ڪيو ويو. مرد ۽ عورتن کي
مختلف الزامن ۾ ٿاڻي تي گهرائي انهن سان انسانيت
سوز رويو رکيو ويندو هو. عورتن کي ٿاڻن ۾ گهرائي
عام ماڻهن اڳيان انهن جي بي حرمتي ڪئي ويندي هئي.
سنڌ بمبئيءَ ۾ وڏو اختلاف ٻوليءَ جو هو. ٻنهي جي
ٻولين ۾ واضح فرق هو. سنڌ جي سرڪاري دفتري، عدالتي
ٻولي سنڌي هئي. اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي ۾ تعليم هلندڙ
هئي. ٻولي جي معاملي ۾ هڪ مضبوط خطي کي ٻيءَ اڻ
ڄاڻيل ٻولي واري علائقي سان گڏائڻ جا به خراب
نتيجا نڪري رهيا هئا. تعليم جي معاملي ۾ به
گهڻيون رڪاوٽون هيون. مئٽرڪ جي امتحان ڏيڻ لاءِ
شاگردن کي بمبئي وڃڻو پوندو هو. جنهن تي وڏو خرچ
ايندو هو.
1861ع ۾ انڊين ڪائونسل ايڪٽ هيٺ گورنر جنرل ۽ ٻين
گورنرن کي اختيار مليو ته هو ليجسليٽيو ڪائونسلون
ٺاهين. سنڌ مان بمبئيءَ ليجسليٽيو ڪائونسل تي
1862ع کان 1892ع واري عرصي ۾ ڌار ڌار وقتن تي
ڪراچي مان ڏيارام ڄيٺمل، حسن علي آفندي ميمبر طور
کنيا ويا. 1892ع کان 1910ع تائين ٽنڊي محمد خان
جو مير الله بخش ٽالپر، ڪراچي مان مسٽر اڌا رام
مولچند کنيا ويا. 1909ع ۾ منٽو مورلي سڌارن عمل ۾
اچڻ سان سنڌ جي چئن نمائندن کي بمبئي ڪائونسل ۾
چونڊجڻ جو حق مليو. ميونسپلٽي تڪ مان ڪراچي جو سيٺ
هرچند راءِ وشنداس، جاگيردار ۽ زميندار جي نمائندي
طور رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، ڊسٽرڪ لوڪل بورڊ جي
نمائندي طور سيد الهندو شاهه ڊڀري وارو ۽ ڪراچي
چيمبرس آف ڪامرس يورپي نمائندي طور مسٽر مانٽيگو
ويب شامل هئا.
بمبئي جي ماتحي دوران ليجسليٽو ڪائونسل جون چونڊڳن
هر چار سال بعد هن طرح ٿيون. 1848ع، 1852ع، 1856ع،
1860ع، 1864ع 1868ع، 1872ع، 1876ع، 1880ع، 1884ع،
1888ع، 1892ع، 1896ع، 1900ع، 1904ع، 1908ع، 1912ع،
1916ع، 1920ع، 1924ع، 1928ع ۽ 1932ع، سنڌ ۾ اهو
سلسلو 1861ع ۾ شروع ڪيو ويو. شروع ۾ ٻه ميمبر
چونڊيا ويندا هئا. 1910ع کانپوءِ انهن جو تعداد
چار ڪيو ويو. مختلف وقتن تي مٿين اڳواڻن کانسواءِ
ڪراچي مان حاجي مير مهمد بلوچ، محمد هاشم گذدر،
عبدالمجيس سنڌي، حاجي عبدالله هارون به ميمبر کنيا
ويا.
1928ع ۽ 1932ع م مرڪزي اسيمبليءَ جون چونڊڳن به
ٿيون. انهن اسيمبلين لاءِ سنڌ مان غلام محمد
ڀرڳڙي، سر غلام حسين هدايت الله، خان بهادر سيد
غلام نبي شاهه، ميران محمد شاهه، شاهنواز ڀٽو،
الله بخش سومرو، سر آغا خان (ڪراچي)، محمد علي
جناح (ڪراچي) حاجي عبدالله هارون (ڪراچي) چونڊجي
آيا.
بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سيٺ هرچند راءِ ۽ رئيس
غلام محمد ڀرڳڙي جيڪي ٻئي ڪانگريس جا ميمبر هئا.
ڪائونسل جي اجلاس ۾ انهن سنڌ جي بمبئي کان ڌار ڪرڻ
لاءِ دليل ڏنا.
1913ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو ساليانو اجلاس
ڪراچي ۾ ٿيو. جنهن ۾ آجياڻي ڪاميٽي جي چيئرمين هر
چند راءِ وشنداس انگ اکرن سان سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن
کان ماڻهن کي آگاهه ڪيو ۽ سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي
کان ڌار ڪرن جي گهُر ڪئي.
سنڌ جي بمبئي کان ڌار ڪرڻ واري تحريڪ جي اوائلي
جدوجهد ۾ سنڌ جي مسلمانن، هندن توڙي پارسي ۽ سکن
ڀرپور حصو ورتو.
1921ع م سنڌ جي هڪ ميمبر آءِ ايس حاجي بئريسٽر،
ڪائونسل ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ لاءِ ٺهراءَ
پيش ڪيو، پر واري نه ملڻ تي ۽ وقت ختم هئڻ سبب هن
تي بحث نه ٿي سگهيو.
1917ع ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ جو مسئلو سنڌ
نيشنل محمدن ايسوسيئيشن پاران ڪراچي ۾ مسٽر ايڊون
سامهون پيش ڪيو. شروع ۾ هندو اڳواڻ سيٺ هرچند راءِ
وشنداس، جيرام داس دولترام، درگداس آڏواڻي، نارائڻ
داس آنند 7 سداوا پيش پيش هئا. 1909ع کان 1920ع
تائين ٿيندڙ سنڌ پراونشل ڪائونسل جي مختلف
ڪانفرنسن ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. هي اهو زمانو هو جڏهن
سنڌ ۾ خلافت تحريڪ، اڻ سهڪاري تحريڪ ۽ لڏ پلاڻ
واريون تحريڪون عروج تي هيون.
پوءِ آهستي آهستي هندو پوئتي ٿيندا ويا انهن جو
موقف هي هو ته انهن مان هندو جيڪي سنڌ ۾ ٿورائي ۾
آهن انهن کي ڪو خاص فائدو نه پهچندو. آل انڊيا
مسلم ليگ 1925ع ۾ علي ڳڙهه واري اجلاس ۽ 1926ع ۾
دهلي واري اجلاس ۾ سنڌ جيڪو الوحيد جو ايڊيٽر هو
هڪ مضمون لکيو. جنهن جي نتيجي ۾ 18 جون 1928ع
ڪراچي ۾ مسلمانن ۽ هندوئن جي هڪ گڏيل گڏجاڻي ٿي.
جنهن جي نتيجي م جولاءِ 1928ع ۾ هڪ قومي ميثاق تي
صحيحون ڪيون ويون. 7 مئي 1929ع تي بمبئي ڪائونسل
جي سڀني ميمبرن سائمن ڪميشن کي سنڌ جي بمبئي کان
ڌار ٿيڻ جي مخالف لاءِ هڪ ياداشت نامو پيش ڪيو
ويو. سنڌ جي هڪ ميمبر سائمن ڪميشن کي سنڌ جي بمبئي
کان ڌار ٿيڻ جي مخالف لاءِ هڪ ياداشت نامو پيش ڪيو
ويو. سنڌ جي هڪ ميمبر سيد ميران محمد شاهه اختلافي
نوٽ لکيو. جيڪو ڌار ٿيڻ جي حمايت ۾ هو. 30 سيپٽمبر
1930ع ۾ ڪراچي ۾ سائين جي. ايم سيد، محمد علي جناح
جي اعزاز ۾ هڪ آجياڻو ڏنو. جنهن ۾ علامه آءِ آءِ
قاضي، سيد ميران مهمد شاهه، هاتم علي علوي ۽ محمد
ايوب کهڙو شريڪ ٿيا. آڪٽوبر 1930ع م حاجي عبدالله
هارون، ايوب کهڙو ۽ سائين جي ايم سيد ٻيهر ڪراچي
جي ڪارلٽن هوٽل ۾ محمد علي جناح جي مان ۾ ماني
جهلي. ٻنهي آجياڻن ۾ محمد علي جناح کي مدد جي
درخواست ڪئي ويئي. هئي.
12
نومبر 1930ع کان 19 جنوري 1931ع تي سائمن ڪميشن جي
سفارشن تي غور ڪرڻ لاءِ لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنسون
منعقد ٿيون، جنهن ۾ به سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ
جي ڳالهه ٿي. هندوئن هن جي مخالفت ڪئي.
آل
پارٽيز ڪانفرنس ۾ وقت بوقت سنڌ جي ڌار ڪرڻ واري
گهُر جي حمايت ٿيندي رهي. سنڌ جي بمبئي سان
ڳانڍاپي جي خلاف سنڌ ۾ سنڌ جي ڌار ڪرڻ جي تحريڪ
سڄي هندستان ۾ مشهور ٿي ويئي. هندو ليڊرن پاران
مخالفت شروع ڪئي ويئي. 1924ع ۾ آل سنڌ جي ڌار ڪرڻ
جي تحريڪ سڄي هندستان ۾ مشهور ٿي ويئي. هندو ليڊرن
پاران مخالفت شروع ڪئي ويئي.. 1924ع ۾ آل سنڌ هندو
ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو ويو. جنهن جو پهريون
اجلاس حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو. ان ۾ سنڌ جي هندوئن
جي 380 وفدن شرڪت ڪئي. هن ايسوسيئيشن سختي سان سنڌ
جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ جي مخالفت ڪئي. هن کانسواءِ
ايسوسيئيشن پاران ڊسمبر 1930ع ۾ سکر ۽ 29 مارچ
1931ع ۾ ڪراچي ۾ ڪانفرنسون منعقد ڪيون ويون، جنهن
۾ بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ خلاف ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.
اهڙي طرح سنڌ ۾ بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ جي حمايت ۽
مخالفت ۾ زوردار تحريڪون شروع ٿي ويون. پروفيسر
ايڇ. ايل ڇٻلاڻي (دهلي)، راءِ بهادر هيرانند
کيمسنگ، مسٽر ايم ايل ڇٻلاڻي (ڪراچي)، هرچند راءِ
ٺهلرام (ڪراچي) ۽ ٻيا مخالفت ۾ اڳتي هئا. حمايت ۾
محمد علي جناح، جي. ايم. سيد، سر آغا خان ٽيون،
هاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد
ايوب کهڙو، سر غلام حسين هدايت الله، سر
عبدالقيوم، ميان محمد شفيع، پير علي محمد راشدي،
شاهنواز ڀٽو ۽ وڪيل نور محمد اڳتي هئا. انگريز
خاموش تماشائي هئا.
ٻي
گول ميز ڪانفرنس سال سيپٽمبر کان ڊسمبر 1931ع
تائين لنڊن ۾ ٿي. هن گول ميز ڪانفرنس ۾ مهاتما
گانڌي ڪانگريس پاران شريڪ ٿيو. پهرين گول ميز جو
ڪانگريس بائيڪاٽ ڪيو هو. وزيراعظم انگلينڊ جي
اعلان مطابق اپريل 1932ع ۾ مسٽر برين جي صدارت هيٺ
سنڌ جي هندو ۽ مسلم نمائندن جي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي
ويئي. برين ڪانفرنس اپريل 1932ع کان مئي 1932ع
تائين پنهنجو ڪم ختم ڪيو ۽ جون 1932ع ۾ گورنمينٽ
انڊيا رپورٽ موڪلي.
18
اپريل 1932ع تي ڪراچي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي
صدارت هيٺ پهرين ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي. آجياڻي
ڪاميٽي جو چيئرمين سائين جي ايم سيد هو. محمد ايوب
کهڙو، سيٺ حاجي عبدالله هارون، هاجي مير مهمد بلوچ
۽ سيد ميران محمد شاهه به شامل هئا. گڏجاڻي ۾ سنڌ
جي ڌار ٿيڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. آگسٽ 1932ع ۽
ڪراچي ۾ خانبهادر ولي محمد حسن علي جي جاءِ تي هڪ
ميٽنگ شاهنواز ڀٽو جي صدارت ۾ ٿي گذري. ان ۾ به
ڌار ٿيڻ لاءِ گهر ڪئي ويئي.
16
سيپٽمبر 1932ع ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ جو
ڏينهن ملهايو ويو. 15 ۽ 16 نومبر 1932ع تي
حيدرآباد ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس سڏائي ويئي. جنهن جو
صدر علامه عبدالله يوسف علي هو. انهيءَ ڪانفرنس ۾
سنڌ جي جدائي جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ۽ سنڌ جي
هندوئن جي حقن جي حفاظت جو يقين ڏياريو ويو.
26
جنوري 1933ع تي ”سنڌ هندو ڪانفرنس“ ڪراچي ۾ سڏائي
ويئي. جنهن ۾ انگلينڊ جي وزيراعظم جي سنڌ ڌار جي
رٿا کي قبول ڪرڻ کي ننديو ويو مخالفت ۾ ٺهراءُ پاس
ڪيو ويو.
مارچ 1933ع ۾ انگلينڊ ۾ برٽش پارليامينٽ هندستان
جي سڌارن جي بل جي مسودي تي غور ڪرڻ لاءِ جوائنٽ
پارليامينٽ ڪميٽي مقرر ڪئي. جنهن ۾ اپريل 1933ع ۾
سنڌ آزاد ڪانفرنس ۽ سنڌ هندو ڪانفرنس کي تارون
موڪلي ويون ته هو پنهنجي نمائندن کي شاهدي لاءِ
موڪلين. سنڌ آزاد ڪانفرنس پاران محمد ايوب لهڙو ۽
سنڌ هندو ڪانفرنس پاران مسٽر ايم. ايل ڇٻلاڻي ۽
ديوان بهادر هيرانند 20 جولاءِ 1933ع تي پنهنجا
موقف پيش ڪيا. جوائنٽ پارليامينٽ ڪميٽي کانپوءِ
مسٽر هيو ڊو جي اڳواڻي ۾ هڪ انتظامي ڪاميٽي مقرر
ڪئي ويئي. ڊو ڪاميٽي جي حوالي سنڌ جي ڌار صوبي ۽
انتظام هلائڻ لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ، آفيس ۽ رهڻ
وغيره لاءِ سفارشن جهڙا اهم ڪم هئا. 17 آڪٽوبر
1933ع ۾ مسٽر هيو ڊو ڪراچي ۾ محمد ايوب کهڙو، حاجي
عبدالله هارون ۽ ميران محمد شاهه جيڪي انتظامي
ڪاميٽي جا ميمبر هئا سان ملاقات ڪئي.
6
مارچ 1934ع تي ڊو ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ سفارش ڪئي
ته نون سڌارن لاڳو ڪرڻ کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال اڳ
سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪيو وڃي.
1934ع ۾ سنڌ سميت پوري هندستان ۾ هندوئن پاران سنڌ
جي ڌار ٿيڻ جي مخالفت ۾ هلچل شروع ڪئي ويئي.
آڪٽوبر 1934ع ۾ گڏيل پارليامينٽ ڪاميٽي پنهنجي
رپورٽ پڌري ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار
ڪرڻ جي سفارش پارليامينٽ کي ڪئي ويئي هئي.
1935ع ۾ گڏيل پارليامينٽري رپورٽ جي سفارش موجب،
1935ع جي ايڪٽ تحت سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ جا
حڪم جاري ڪيا ويا. اهو بل 2 آگسٽ 1935ع ۾
پارليامينٽ مان بادشاهه جي صحيه سان جاري ڪيو ويو.
جيڪو گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ طور مشهور ٿيو. هن
ايڪٽ تحت پهرئين اپريل 1936ع کان سنڌ کي جدا صوبو
مڃيو ويو. جيستائين نين چونڊن بعد سنڌ جي آئيني
حڪومت وجود ۾ اچي. ان وقت تائين سنڌ لاءِ گورنر
مقرر ڪري سمورا انتظامي اختيار هن جي حوالي ڪيا
ويا. 25 ڄڻن تيٻڌل صلاحڪار ڪائونسل به جوڙي ويئي ۽
ٻه صلاحڪار به مقرر ڪيا ويا.
اخبار الوحيد، سنڌ زميندار ۽ ستاره سنڌ هن تحريڪ ۾
پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ڪراچي هن پوري تحريڪ جو
مرڪز رهي. هن وچ ۾ ڪراچي ۾ نٿو رام جي قتل ۽
عبدالقيوم پٺاڻ جي جنازي تي فائرند جهڙا به واقعا
ٿيا. 1933ع ۾ نٿورام هڪ چوپڙي وسيلي رسول جي شان ۾
گستاخي ڪئي. جنهن کي ڪراچي ۾ عدالت جي ڪارروائي
دوران عبدالقيوم نالي شخص قتل ڪيو. عبدالقيوم کي
گرفتار ڪيو ويو مقدمي هلڻ کان پوءِ هن کي ڦاهي جي
سزا ٻڌائي ويئي. ڪراچي جيل ۾ هن کي ڦاهيڏيئي ميوا
شاهه قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. بعد ۾ مسلمانن لاءِ
لاش ڪڍي ڪڪري ميدان کان جلوس ڪڍيو ۽ مظاهرو ڪيو.
لياري ۾ جنگيان هوٽل لڳ پوليس پاران جلوس تي
فائرنگ ڪئي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ 64 ماڻهو مارجي
ويا.
انهيءَ دوران هندو مسلم تعلقات خراب ٿيندا ويا
انگريزن انهن اختلافن جو خوب فائدو ورتو. سنڌ ۾
1896ع ۾ حر تحريڪ انگريزن جي خلاف شروع ڪئي ويئي.
ٿرپارڪر ضلعي جي ڪجهه حصن تي آزاد حڪومت جو اعلان
ڪيو ويو. ان کي ڪچلڻ لاءِ منظم طور تي ڪارروايون
شروع ڪيون ويون. پير پاڳاري کي گرفتار ڪيو ويو.
پهرئين اپريل 1936ع ۾ سنڌ کي صوبي جو درجو ڏنو
ويو. صوبي ۾ 1935ع جي ايڪٽ تحت پارليماني نطام
قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سر لينس لارڊ گراهم
سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. انتظامي امور لاءِ ٻه مشير
سر شاهه نواز ڀٽو ۽ سر غلام حسين هدايت الله مقرر
ڪيا ويا.
سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ جي تحريڪ دوران
ڪيتريون ئي نيون سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمون
وجود ۾ آيون. جنهن جي ڪري سنڌ ۾ هڪ سياسي لهر پيدا
ٿي ۽ هتان جي ماڻهن سياست ۾ ڀرپور حصو ورتو. سنڌ ۾
انهيءَ تحريڪ ڪري ڪيتريون ئي مذهبي تحريڪون ۽
واقعا ٿيا جهڙوڪ شڌي تحريڪ، سڀا شنگٽن، نجوگي،
مسلم اتحاد انهن هتان جي هندوئن ۽ مسلمانن جي
اتحاد کي وڏو نقصان رسايو.
ڪراچي جيئن ته سنڌ جي گادي جو هنڌ هو. سڀني سياسي
۽ مذهبي تحريڪن جو مرڪز به ڪراچي ئي رهيو. سنڌ سطح
تي گهڻيون پارٽيون هتي ٺهيون. ان کان اڳ 1929ع ۾
لياري ۾ بلوچ ليگ جو بنياد وڌو ويو. جيڪا نج بلوچي
سياست تي ٻڌل قوم پرست پارٽي هئي. جنهن جي سياست
جو محور بلوچستان هو. سنڌ سطح پهرئين نج سياسي
پارٽي ”پيپلز پارٽي“ 12 جون 1934ع ۾ ٺهي. جيڪا
شاهنواز ڀٽو ٺاهي هئي. ان جو هو پاڻ صدر هو. نائب
صدر خان بهادر الله بخش سومرو، جنرل سيڪريٽري حاتم
علوي ۽ جوائنٽ يڪريٽري جي. ايم سيد هو.
ان
وقت سنڌ جي سطح مسلمان سياستدانن ۾ ٻه مڪتبه فڪر
هئا هڪ گروهه جو اڳواڻ شاهنواز ڀٽو ۽ جنهن ۾ ان
سان هم خيالن ۾ الله بخش سومرو، سيد ميران محمد
شاهه، محمد هاشم گذدر، جي. ايم سيد، خان بهادر
غلام نبي شاهه، حاجي عبدالله هارون شامل هئا. جيڪي
مذهبي متڀيد ۽ فرقا وارڻي سياست جي خلاف هئا.
ٻئي گروهه جو سربراهه سر غلام حسين هدايت الله هو.
ان سان گڏ خان بهادر محمد ايوب کهڙو، سيد ڪامل
شاهه، نور محمد وڪيل، سردار عبدالرحيم خان کوسو،
خان بهادر الله بخش گبول ۽ ٻيا هئا. هي گروهه مسلم
ليگ کي گهڻو ويجهو هو. هندوئن جي خلاف ۽ انگريزن
جي ڀرپاسي جا ماڻهو هئا. هن گروهه هٿان اڳتي هلي
سنڌ کي گهڻو نقصان پهتو.
شاهنواز ڀٽو جڏهن بمبئي سرڪار جو وزير مقرر ٿيو ته
پيپلز پارٽي ختم ٿي ويئي. سنڌ جي باشعور ماڻهن سنڌ
کي بمبئي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ اها ڪوشش ڪئي ته هڪ
اهڙي سياسي پارٽي ٺاهي وڃي جنهن جو محور فقط سنڌ
هجي. جنهن لاءِ جي ايم سيد، خان بهادر الله بخش
سومرو، سر غلام حسين هدايت الله، شيخ عبدالمجيد
سنڌي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي،
محمد ايوب کهڙو، مسٽر ڄيٺمل پرسرام، حاتم علوي،
سيٺ عبدالله هارون، ميران مهمد شاهه، محمد هاشم
گذدر، مير محمد بلوچ ۽ شاهنواز ڀٽو ڪوششون ڪيون.
جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ سطح تي هڪ پارٽي ”سنڌ اتحاد
پارٽي“ جو بنياد رکيو ويو. 31 آڪٽوبر 1936ع ۾
پارٽي جو پهريون اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. ان ۾ جيڪي
هندو شامل هئا انهن ۾ راءِ بهادر هوتچند، چندو مل،
ريوچند ٿڌاڻي ۽ ڊينگو مل ٿڌاڻي هئا. پارٽي جو
پهريون صدر حاجي عبدالله هارون، نائب صدر شاهنواز
ڀٽو ۽ سيڪريٽري حاتم علوي ۽ سيد مهر علي شاهه هئا.
سنڌ جي اها پهرئين وسيع پارٽي پنهنجي پهرئين
گڏجاڻي ۾ اختلافن جو شڪار ٿي، سر غلام حسين هدايت
جي گروهه عهدن تان اختلافن ڪري رات وچ ۾ هڪ نئين
پارٽي ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ ٺاهي. محمد ايوب
کهڙو به ان سان شامل هو.
ان
کان اڳ شيخ عبدالمجيد سنڌي 1935ع ۾ سنڌ آزاد پارٽي
ٺاهي هئي. ان کانسواءِ آزاد هند پارٽي، سنڌ محمدن
ايسوسيئيشن، سنڌ مسلم جماعت، سنڌ هندو سڀا، هندو
مهاسڀا شنگهٽن جنهن جي شاخ ڪراچي ۾ سن 1900ع ۾
ويرومل بيگراج کولي هئي. اها هڪ ڪٽر مذهبي جماعت
هئي. راشٽر يا سيوڪ سنگهه ان جو مقصد هٿياربند
جدوجهد ڪرڻ هو. هي به ڪٽر هندو تنظيم هئي. جنهن ۾
ڪراچي جي مرهٽن جو وڏو اثر هو. آريا سماج، شڌي
تحريڪ وغيره مذهبي حوالي سان مشهور هيون. انهن
سڀني جماعتن جو مرڪز ڪراچي هو.
اڳتي هلي آل انڊيا سطح تي پارٽين به پنهنجا دفتر
سنڌ جي راڄ داني ڪراچي م کوليا. آل انڊيا ڪانگريس
جو اثر ۽ ان جون شاخون سنڌ ۾ اڳ ۾ موجود هيون. آل
انڊيا مسلم ليگ وارن به هتي هٿ پير هنيا. پر انهن
کي ڪا خاص ڪاميابي نصيب نه ٿي. سنڌ اسيمبليءَ جي
پهرئين اليڪشن تائين اها سنڌ ۾ اڻ مقبول پارٽي رهي
هئي.
1906ع ۾ مسلم ليگ جي ڍاڪا ۾ قيام کانپوءِ، 1907ع ۾
ڪراچي ۾ اجلاس ٿيو. پهرئين نومبر 1917ع ڪراچي ۾
مسلم ليگ جي شاخ کولي ويئي. پر مسلم ليگ غير فعال
رهي. فيبروري 1924ع ۾ مسلم ليگ کي فعال ڪرڻ لاءِ
ڪراچي ۾ ڊاڪٽر نور محمد شيخ جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي
ٿي. 1937ع جي صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ ان پارٽي
سنڌ سميت پوري هندستان ۾ هڪ به سيٽ حاصل نه ڪئي.
پارٽي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پوءِ هندو مسلم جهيڙي کي
هوا ڏني وئي. انگريزن جي توسط سان جاگيردارن،
نوابن، راجائن کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرڻ جو منصوبو
جوڙيو ويو.
اپريل 1938ع ڪراچي ۾ مسلم ليگ جو نئون دفتر کوليو
ويو. اهو دفتر نيپئر روڊ تي سر عبدالله هارون جي
وکار (واپاري ڪوٺي) جي مٿين منزل تي قائم ڪيو ويو.
27 نومبر 1938ع ۾ عبدالله هارون کي سنڌ مسلم ليگ
جو صدر مقرر ڪيو ويو ۽ سنڌ اسيمبلي جي مسلمان
ميمبرن کي مسلم ليگ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ويئي. 1940ع
کان مسلم ليگ کي سنڌ ۾ پير ڄمائڻ ۾ ڏکيائن جو منهن
ڏسڻو پيو. ان کانسواءِ جمعيت علماءَ هند ۽ آل
انڊيا خاڪسار پارٽي به ڪراچي ۾ پنهنجون آفيسون
کوليون.
سنڌ اسيمبلي جون پهريون چونڊون 7 فيبروري 1937ع ۾
ٿيون. پوري سنڌ لاءِ 60 سيٽون مخصوص ڪيون ويون.
جنهن ۾ سيٽن جي ورهاست هن ريت ڪئي ويئي هئي.
1. |
مسلم |
33 |
2. |
غير مسلم |
18 |
3. |
مسلم خواتين |
01 |
4. |
غير مسلم خواتين |
01 |
5. |
يورپين |
02 |
6. |
جاگيردار ۽ وڏيرا |
02 |
7. |
چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري |
01 |
8. |
مزدور |
01 |
|
ٽوٽل |
60 |
ڪراچي لاءِ 13 سيٽون مقرر ڪيون ويون هيون. انهن 13
سيٽن تي 24 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيو. مڪمل نتيجا
هيٺين ريت رهيا.
نمبر |
تڪ |
اميدوارن جا نالا |
پارٽي جو نالو |
حاصل ڪيل ووٽ |
1 |
مسلم ٻهراڙي ڪراچي اتر |
1- محمد عثمان سومرو
2- عبدالستار عباسي |
سنڌ اتحاد پارٽي
آزاد اميدوار |
2506 |
2 |
مسلم ٻهراڙي ڪراچي ڏکڻ |
1. محمد يوسف چانڊيو
2. امام بخش ڳاهو |
سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي
سنڌ اتحاد پارٽي |
2979
1722 |
3 |
مسلم ٻهراڙي ڪراچي اوڀر |
1. پير غلام حيدر شاهه
2. مهر علي شاهه |
سنڌ اتحاد پارٽي
آزاد اميدوار |
5219
4707 |
4 |
مسلم شهري- ڪراچي ڏکڻ |
1. محمد هاشم گذدر
2. محمد اسلم آزاد |
سنڌ اتحاد پارٽي
آزاد اميدوار |
4543
2684 |
5 |
مسلم شهري ڪراچي اتر |
1. الله بخش گبول
2. عبدالله هارون |
سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي
سنڌ آزاد پارٽي |
3311
2599 |
6 |
ڪراچي شهر مرڪز |
1. شيخ عبدالمجيد سنڌي |
سنڌ آزاد پارٽي |
بنا مقابلي ڪامياب ٿيو |
7 |
مسلم عورت شهري |
1. جيني ٻائي جي. الانا
2. مسز طيب جي
3. مسز شريف حسين |
سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي
سنڌ اتحاد پارٽي
آزاد اميدوار |
482
339
28 ضمانت ضبط |
8 |
غير مسلم شهري ڏکڻ |
1. ٽيڪم داس واڌومل |
ڪانگريس |
بنا مقابلي ڪامياب |
9 |
غير مسلم شهري مرڪز |
1. ڊاڪٽر پوپٽ لال
2. جي. اي ڀڳوان |
ڪانگريس
آزاد اميدوار |
7248
3077 |
10 |
عام ٻهراڙي غير مسلم |
1. نيچل داس
2.ٺهل رام
3. مولچند
4. آر. ٽي شيوارام |
آزاد هند پارٽي
آزاد اميدوار
آزاد اميدوار
آزاد اميدوار |
764
657
87 ضمانت ضبط
39 ضمانت ضبط |
11 |
يورپين |
مسز ڊي اين اوساليون |
آزاد اميدوار |
بنا مقابلي ڪامياب |
12 |
ڪراچي چيمبرز آف ڪامرس |
جي ايڇ اجن |
آزاد اميدوار |
بنا مقابلي ڪامياب |
13 |
مزدور |
نميرنداس نيچل |
آزاد اميدوار |
بنا مقابلي ڪامياب |
پوري سنڌ ۾ پارٽي پوزيشن هيٺين ريت رهي
1. |
سنڌ اتحاد پارٽي |
18 سيٽون |
2. |
سنڌ هندو سڀا |
11 سيٽون |
3. |
آزاد مسلمان اميدوار |
9 سيٽون |
4. |
آزاد هندو اميدوار |
02 سيٽون |
5. |
ڪانگريس |
08 سيٽون |
6. |
سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي |
04 سيٽون |
7. |
سنڌ آزاد پارٽي |
03 سيٽون |
8. |
مزدور آزاد اميدوار |
01 سيٽون |
9. |
آزاد اميدوار يورپين |
04 سيٽون |
سنڌ اسيمبلي جي انهن پهرئين چونڊ ۾ سنڌ اتحاد
پارٽي سڀ کان وڌيڪ 18 سيٽون حاصل ڪيون. سنڌ اتهاد
پارتي جا ٻئي مرڪزي اڳواڻ سر عبدالله هارون 7
شاهنواز ڀٽو هارائي ويا. ٻئي نمبر تي سنڌ هندو سڀا
11 سيٽون هاصل ڪيون. سر علام حسين هدايت الله جي
پارٽي سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي فقط چار سيٽون حاصل
ڪيون. ڪانگريس اٺ سيٽون حاصل ڪيون. ڪنهن به پارٽي
کي اڪثريت حاصل نه ٿي سگهي. اسيمبلي جو پهريون
اجلاس هاڻوڪي هاءِ ڪورٽ جي بلڊنگ ۾ منعقد ٿيو. |