ڪراچي ۾ ڪجهه پراڻي پريس جو ذڪر هتي ڏجي ٿو. ڪراچي
۾ پهريون قائم ٿيندڙ پريس گورنمينٽ پرنٽنگ پريس
ڪمشنر آفيس آهي. جتان سنڌ مان شايع ٿيندڙ پهرئين
اخبار ڪراچي ايڊورٽائيزر 1845ع ۾ شايع ٿي.
1855ع ۾ مرزا مخلص بيگ پنهنجو ليٿو پريس مفرح
القلوب نالي کوليو. جتان فارسي هفتيوار اخبار مفرح
القلوب جاري ڪيائين. ٽيون پريس ”اڪليل“ نالي بندر
روڊ تي 1870ع ۾ مرزا مخلص بيگ کوليو. جتان فارسي
هفتيوار اڪليل جاري ڪيائين. انهن کانسواءِ 1883ع
تائين مرڪنٽائل پريس الفنسٽن اسٽريٽ، فونڪس پريس
ڪيمب بيل اسٽريٽ، وڪٽوريا پريس الفنسٽن اسٽريٽ،
آرين ورنا ڪولر پريس ڪيمب بيل اسٽريٽ، گورنمينٽ
پرنٽنگ پريس بندر روڊ پريمئر پريس، وديا ونود پريس
بندر روڊ، سنڌ قاصد پريس نيپئر روڊ، قائم ٿي چڪا
هئا.
1886ع ۾ منشي احمد دين ”دبدبه حيدري“ نالي پريس
کوليو جتان هن فارسي اخبار ”رشيد“ جاري ڪئي. ويهين
صدي شروع ٿيندي ئي ڪراچي ۾ بيشمار پريسن جو واڌارو
ٿيو. ورهاڱي وقت ڪراچي ۾ 119 ڇاپي خانا موجود هئا.
جن ۾ الوحيد پريس، آزاد پرنٽنگ پريس ۽ ٻيا هئا.
ورهاڱي کان اڳ علمي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمون:
1853ع ۾ سنڌي الفا- بيٽ ٺهڻ کانپوءِ حڪومت پاران
سنڌي ادب کي ترقي وٺرائڻ ۽ ٻين ٻولين مان ڪتابن کي
سنڌي ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ هڪ ”سنڌي لٽريچر ڪميٽي“
قائم ڪئي ويئي. ان کي سرڪاري سرپرستي خانگي طور
ڪراچي ۾ پهرئين ادبي سوسائٽي حاصل هئي. ميڪس ڊينسو
هال ليٽريري سوسائٽي“ 1885ع ۾ پادري بيمبرج جي
ڪوششن سان قائم ٿي. هن سوسائٽي جي اڳواڻي ۾ هر
اربع ڏينهن ”ڊينسو هال“ بندر روڊ تي ادبي ويهڪون
ڪرايون وينديون هيون. جنهن ۾ سنڌي جي ان دور جا
اديب ۽ ڏات ڌڻي شريڪ ٿيندا هئا. جتي هو پنهنجا
مقالا پڙهندا هئا جن تي تنقيد ۽ تبصرا ٿيندا هئا.
انگريزن جي اچڻ کانپوءِ باقاعده ناٽڪ منڊلين جو
رواج پيو. اڳ ۾ فقط ميلن، ملاکڙن، عيدن، ڏياري ۽
ٻين خوشين جي موقعي تي مسخرن ۽ مڱڻهارن جا ٽولا
ماڻهن کي تفريح مهيا ڪندا هئا. جن جا ٽولا ٺهيل
هوندا هئا. انهن کي دعوتون ڏيئي گهرايو ويندو هو.
انگريزن جي اچڻ کانپوءِ هتي گهڻو ڪري فوجي هوندا
هئا. فوجين فالتو وقت ۾ تفريح لاءِ ناٽڪ منڊلين جو
سهارو ورتو ۽ ناٽڪ منڊليون قائم ڪيون. جن کي ڏسي
هتان جي ماڻهن به پنهنجن پراڻن بي ترتيب تفريح
وارن ٽولن کي منظم شڪل ۾ آندو.
انگريزن سڀ کان اڳ ڪراچي ۾ ”پيني ريڊنگس اينڊ
ڊراماٽڪ سوسائٽي“ جوڙي ان کانپوءِ اهو سلسلو وڌندو
ويو. ڊراميٽڪ ڪلب آف گولسٽر رجمينٽ، دي ڪراچي
امئچوئر ڊراميٽڪ ڪلب قائم ڪيا ويا. ٻاهر جي به
ناٽڪ منڊلين ڪراچي جو رخ ڪيو. جنهن ۾ انگريزي
کانسواءِ سنڌي ۾ به ڊراما پيش ڪيا ويندا هئا. جن ۾
”دي شنڪر وڪانير آريا ٿيئٽر ڪمپني“، ”دي فارسي
الفرڊ ٿيئٽر ڪمپني“ ۽ روزا ڪاميڊي ڪمپني“ مشهور
هئا. انهن کي ڏسندي هتان جي مقامي ماڻهن به ان
پاسي رجحان رکيو.
1888ع م برهمو سماج پاران نولراءِ شوقيرام ۽
هرانند سولجر بازار واري علائقي ۾ ”يونين اڪيڊمي“
قائم ڪيو. بعد ۾ ان جو نالو بدلائي ”هيرانند نند
لال اڪيڊمي رکيو ويو.
1894ع ۾ سنڌ ۾ پهرئين ”ناٽڪ منڊلي“ ڊي. جي ڪاليج ۾
قائم ٿي. هن سوسائٽي پاران 1916ع تائين بنا ڪنهن
وقفي جي ڊراما پيش ڪيا ويندا هئا. ڪلب پاران مرزا
قليچ بيگ، جيٺانند، ديوان ليلارام ۽ شيوا سنگ
هوڄاڻي جهڙن نالي وارن ڊراما نگارن جا ڊراما اسٽيج
ڪيا ويندا هئا. هي ڪلب ويهن سالن تائين سنڌي ادب ۽
ثقافت جي لاءِ خدمتون انجام ڏيندو رهيو. هن ڪلب کي
ادبي، ثقافتي، تاريخ ۾ اصلاحي/ سماجي خدمتون طور
همشه ياد رکيو ويندو.
1909ع ۾ ڊي. جي ڪاليج ”لٽرري اينڊ ڊبيٽنگ سوسائٽي“
قائم ڪئي ويئي. سوسائٽي جو مقصد شاگردن ۾ ادبي ذوق
پيدا ڪرڻ ۽ انهن ۾ لکڻ، پڙهڻ ۽ تقرير ڪرڻ جي فن
کان واقف ڪرائڻ هو. اڳتي هلي انهن شاگردن سيادت ۽
ادب ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. سوسائٽي پاران هر
هفتي جلسو به منعقد ڪرايو ويندو هو. جنهن ۾ يورپي
۽ مقامي دانشورن کي تقريرن لاءِ گهرايو ويندو هو.
1914ع ۾ هندو عامل برادري پاران ”عامل يونين
ڊراميٽڪ انسٽيٽيوٽ“ جو بنياد وڌو ويو. انسٽيٽيوٽ
پاران اسٽيج ڊراما ڪرايا ويندا هئا ۽ هن مان حاصل
ٿيندڙ آمدني اسپتالن ۾ غريب مريضن جي علاج لاءِ ۽
تعليمي ادارن ۾ غريب شاگردن ۾ اسڪالر شپ ڏني ويندي
هئ+ي. اصل ۾ هي هڪ سماجي سوسائٽي هئي. سماجي ڀلائي
جي ڪمن ۾ اڳڀرو هئي ۽ گڏوگڏ ادبي ۽ ثقافتي شو به
ڪرايا ويندا هئا.
1917ع ۾ نصرپور جي هندن پاران جيڪي ڪراچي ۾ رهندا
هئا. ”نصرپور پرديسي سارسوت“ قائم ڪئي. هي به هڪ
سماجي تنظيم هئي. ڊرامن مان حاصل ٿيندڙ آمدني
پنهنجي برادري جي ماڻهن جي فلاحي ڪمن ۾ خرچ ڪيو
ويندو هو. هن سوسائٽي هيٺ گهڻو ڪري مذهبي ڊراما
اسٽيج ڪيا ويندا هئا. انهن کانسواءِ ”برهمڻ
ڊراميٽڪ سوسائٽي“ ۽ ”سوشل سروس ڊراميٽڪ“ به مشهور
هئا.
ڊي. جي (ڏيارام ڄيٺمل) ڪاليج ان دور ۾ تعليم سان
گڏوگڏ ادب ۽ ثقافت ۾ ڪراچي ۾ پنهنجو ڪردار خوب
نڀايو. ڊاڪٽر گربخشاڻي ڪاليج جو پرنسپال هوندو هو.
جيڪو پاڻ صحافي، اديب، دانشور ۽ محقق هو. جنهن جي
اڳواڻي ۾ ڪاليج ۾ غير نصابي سرگرمين جو ڪاليج هڪ
مرڪز هو. ادب جي ترقي لاءِ 1919ع ۾ ڪاليج جي
شاگردن ”انڊين مجلس“ قائم ڪئي. جنهن جي پليٽ فارم
تان شاگردن ادب لاءِ بي مثال خدمتون انجام ڏنيون.
هي انجمن قومي نظريات (سنڌيت) جي ترقي جو وسيلو
بڻي. اڳتي هلي شاگردن انهي پليٽ فارم تان اڻ
سهڪاري تحريڪ جي ڏينهن ۾ سنڌ جي سياست ۾ حصو ورتو
ته سرڪار پاران تنقيد جي زد ۾ آيا. ڊي. جي ڪاليج ۾
ئي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ڪوششن سان ”بزم اردو“ قائم
ڪيو ويو. جنهن جي پليٽ فارم تان اردو ۽ سنڌي
مشاعرا ڪرايا ويندا هئا. جنهن ۾ سنڌي ۽ فارسي جا
نامور مسلمان ۽ هندو شاعر شريڪ ٿيندا هئا.
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪم ڪندڙ هڪ سماجي تنظيم ”سوشل
سروس ليگ“ به سماجي ڪمن ۾ مصروف رهي ۽ هن پاران هڪ
”سوشل سروس ڊراميٽڪ سوسائٽي“ قائم ڪئي ويئي. جيڪا
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سماجي موضوعن تي ڊراما پيش
ڪندي هئي.
1923ع ۾ حيدرآباد ۾ ”رابندر ناٿ ٽئگور لٽرري اينڊ
ڊراميٽڪ ڪلب“ قائم ڪيو ويو. جنهن جي افتتاح لاءِ
خود رابندر ناٿ ٽئگور سنڌ آيو. هن جي هڪ شاخ ڪراچي
۾ قائم ڪئي ويئي. هن ساسائٽي پاران سنڌي ادب ۽
ثقافت جي ترقي لاءِ خوب ڪم ڪيو. سوسائٽي پاران
ڊراما اسٽيج ڪيا ويندا هئا. ان کانسواءِ مذاڪرو،
بحث مباحثا ۽ ادبي ويهڪون ڪرايون وينديون هيون.
سوسائٽي جي ڪراچي شاخ پاران ساليانو رسالو ”انڊس“
سنڌي ۽ انگريزي ۾ شايع ڪيو ويندو هو. جنهن جو
ايڊيٽر منگهارام ملڪاڻي هوندو هو.
1923ع ۾ غلام احمد نظامي جيڪو شڪارپوري محلي ۾
رهندڙ هو. پنهنجي دور جو مشهور دانشور، اديب ۽
صحافي هو. جنهن پراڻي ڪراچي ۾ ”بزم ادب“ قائم ڪيو.
جنهن جي سهاري هيٺ ادبي نشستون ۽ گڏجاڻيون ٿينديون
هيون. بزم ادب پاران 1929ع ۾ هڪ ماهوار رسالو ”دره
حيدري“ به جاري ڪيو ويو. جنهن جو ايڊيٽر غلام احمد
نظامي پاڻ هو. هن بزم پاران سنڌي ادب کي محمد
رمضان، اوستا سليمان، عبدالحليم عاجز، ڊاڪٽر محمد
صديق خاڪي، حاجي محمد رمضان مشفق عبدالرزاق
سليمانم عبدالرحيم غمگين، حبيب الله وڪري، غني
نظامي، ڊاڪٽر محمد حسين شيرو جهڙا اديب ۽ شاعر عطا
ڪيا. غلام احمد نظامي 1895ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو.
1926ع ۾ ”بزم ادب“ جي پليٽ فارم تان جونا مارڪيٽ
لياري ۾ هڪ ڪتاب گهر به قائم ڪيائين. جيڪو ڪراچي
جي سنڌي اديبن جو مرڪز هوندو هو. دره حيدري
کانسواءِ 1948ع ۾ هن ”وحدت“ رسالو به جاري ڪيو.
نظامي 1950ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ حبيب الله فڪري ان
جي جاءِ والاري، غلام احمد نظامي 24 ڪتاب لکيا
آهن. هي ڪراچي جو ان دور جو استاد شاعر طور مشهور
هو.
سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ترقي وٺرائڻ لاءِ 1929ع ”سنڌي
ساهت سڀا“ جو بنياد ڪراچي ۾ وڌو ويو. سڀا پاران هڪ
لائبريري قائم ڪئي ويئي. سڀا جي مقصدن ۾ سنڌي
ڪتابن جي ڇپائي، قلمي نسخن جي حفاظت، سنڌي ادب جي
تاريخ تي هڪ مستند ڪتاب ڇپائڻ شامل هئا. ”سنڌي
ساهت سڀا“ سنڌي ادب جي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا
ڪيو.
1930ع ۾ شيخ عبدالله عبد جي ڪوششن سان ”مجلس
مشاعره“ ٺهي جيڪا اصل ۾ سنڌي سڌارڪ ڪميٽي جي طرز
تي ٺهيل انجمن هئي. ٻنهي جا مقصد ساڳيا هئا. شيخ
عبدالله عبد جا جڏهن سنڌي سڌار ڪميٽي سان اختلاف
ٿيا ته هن هي مجلس قائم ڪئي.
1934ع ۾ مرزا قليچ جي ادبي خدمتن جي مڃتا طور
”قليچ ليٽريري سوسائٽي“ ٺاهي ويئي. جنهن جي
نظرداري ۾ ڪيترائي مشاعرا ڪراچي جهڙي شهر ۾ ڪرايا
ويا. 1934ع ۾ ”رتن ساهيتا منڊلي“ پارومل
ڪيولراماڻي قائم ڪئي. منڊلي جي نظرداري هيٺ هڪ نج
ادبي رسالو ”رتن“ جاري ڪيو ويو. منڊلي پاران
ڪيترائي ڪتاب به مرتب ڪري ڇاپيا ويا. رتن رسالي ۾
شايع ٿيندڙ افسانن کي به ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيو
ويو. منڊلي 1947ع تائين سنڌي ادب جي خدمت ۾ مشغول
رهي ۽ ماهوار رتن به باقاعده سان 1947ع تائين جاري
ڪيو.
1939ع ۾ آدم حاجي دائود جي ڪوششن سان ”محفل ادب“
قائم ٿي. جنهن جو هو پهريون صدر ۽ ايم. يو فاضلاڻي
سيڪريٽري چونڊيا ويا. ”محفل ادب“ پاران ڪراچي ۾
مشاعرن ۽ ادبي ويهڪن جو بندوبست ڪيو ويندو هو.
جنهن ۾ ان وقت جي سنڌي ٻولي جا اديب، شاعر، صحافي
شريڪ ٿيندا هئا. ”محفل ادب“ گهڻي عرصي تائين ڪراچي
۾ ادبي، علمي ۽ ثقافتي سرگرمين جو مرڪز رهي.
1943ع ۾ ڊي. جي ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن پاران
”سنڌي ادبي سرڪل“ جي نالي سان هڪ انجمن قائم ڪئي
ويئي. ادبي سرڪل جي نظرداري ۾ ڊراما اسٽيج ڪيا
ويندا هئا. ادبي ويهڪن ۽ مشاعرن جو بندوبست ڪيو
ويندو هو.سرڪل 1947ع ۾ تائين قائم رهي ۽ جنهن سنڌي
اديبن ۽ شاعرن، استادن ۽ شاگردن هڪ پليٽ تي جمع
ڪيو.
1944ع ۾ ”سنڌ ساهت ڪلب“ جو بنياد وڌو ويو. جنهن جي
پليٽ فارم تان شاهه عبداللطيف ڀٽائي سميت سنڌ جي
اديبن، سياستدانن، دانشورن جا ڏڻ ملهايا ويندا
هئا. علمي ۽ ادبي ڪچهريون منعقد ڪيون وينديون
هيون. سنڌي رسالن ۽ انهن جي مالڪن ۽ ايڊيٽرن کي هڪ
پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ هن ڪلب اهم ڪردار ڪيو.
ڪلب پاران ڇهه ماهي رسالو ”سنڌو“ به جاري ڪيو
ويندو هو.
1945ع ۾ گوبند مالهي ۽ سوڀو گيانچنداڻي پاران
ڪراچيءَ ۾ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جو بنياد رکيو
ويو. جنهن جو مقصد سنڌ جي ترقي پسند اديبن کي هڪ
پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ هو ۽ رجعت پسند سوچ ۽ خيالن
جي مقابلي ۽ ان پليٽ فارم وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڊي
جي ڪاليج قائم ادبي ۽ ثقافتي انجمن جو سهڪار هن کي
حاصل هو. جتان نڪرندڙ شاگردن جو وڏو حلقو جنهن جو
رجحان ادب ڏانهن هو هن انجمن جي پليٽ فارم تان
ادبي ۽ ثقافتي خدمتون انجام ڏيندا رهيا. انجمن
پاران رام باغ ويجهو فليٽ تي هر جمعي ڏينهن شام جو
ادبي ويهڪ جو بندوبست ڪيو ويندو هو. جنهن ۾ جديد
ادب جي موضوع تي ليڪچر ڏنا ويندا هئا. انهن ادبي
ويهڪن جي بندوبست ۾ ڊي. جي ڪاليج جي استادن ۽
شاگردن جو وڏو هٿ هوندو هو. هن انجمن جي ڪوشش سان
سنڌي افساني تي وڏو ڪم ڪيو ويو. انهيءَ انجمن اڳتي
هلي سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو جنهن جي ٺاهڻ ۾
گوبند مالهي، آسانند مامتورا، سوڀو گيانچنداڻي،
محمد ابراهيم جويي ۽ شيخ اياز جو هٿ آهي.
1946ع ۾ ”سنڌي ترقي پسند ادب“ نالي هڪ سرڪل قائم
ڪيو ويو. جنهن جي نظرداريءَ ۾ هڪ ٻه ماهي رسالو
”مهراڻ“ جاري ڪيو ويو. ٻن سالن کان پوءِ رسالي کي
ماهوار ڪيو ويو. اڄ به رسالو سرڪاري سهڪار سان
ٽماهي سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿي رهيو آهي.
ڪراچي ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي جي هڪ شاخ ڊاڪٽر ايني
بيسنت، ڄيٺمل پرسرام ۽ جمشيد مهتا جي ڪوششن سان
قائم ڪئي ويئي. سوسائٽي پاران بندر روڊ تي
ٿياسافيڪل هال ۽ لائبريري قائم ڪئي ويئي. جيڪي اڄ
به قائم آهن ۽ هن وقت سٽي حڪومت جي حوالي آهي. هن
تحريڪ ڪراچي ۾ رهندڙ مٿين ڪلاس جي هندوئن، مسلمانن
۽ پارسين کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو. سوسائٽي پاران
ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ٿيندا هئا. ان دور ۾ پوري
دنيا ۾ قائم شاخ مان ڪراچي جي شاخ کي وڌ سرگرم ۽
فعال شاخ قرار ڏنو ويو. مسلمانن ۾ مشهور دانشور
جي. ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ اي. ڪي بروهي به هن
جا ميمبر هئا. ڊاڪٽر ايني بيسنت پاران ليڪچرن جو
بندوبست ڪيو ويندو هو. اصل ۾ هي سوسائٽي صوفي خيال
وارن دانشورن جو مرڪز هو.
ورهاڱي کان اڳ ”مسلمان ادبي سوسائٽي“ قائم ٿي جنهن
جو روح روان اسلاميا هوٽل بولٽن مارڪيٽ جو مالڪ
محمد صديق ميمڻ هو.
ڪراچي ۾ سنڌي ادب:
سنڌ جي هاڻوڪي رسم الخط جي منظوري کانپوءِ 1853ع ۾
پهريون ٻاراڻو ڪتاب منشي ننديرام جو درسي ڪتاب
”باب نامو“ ڪراچي مان گورنمينٽ پرنٽنگ پريس مان
ڇپيو. ان کان اڳ سنڌي ڪتاب ابوالحسن واري صورتخطي
۽ ديوناگري لپي ۾ ڇپيندا هئا. نئين لپي جي منظوري
کان پوءِ ڪتابن جي لکڻ ۽ ڇپجڻ جو هڪ نئون دور شروع
ٿيو. جنهن جو مرڪز ڪراچي هو. ڪيترائي تعليمي،
علمي، ادبي ۽ تحقيقي نوعيت جا ڪتاب ڇپجڻ لڳا.
1853ع کان 1875ع ۾ فقط ٻاويهه سالن ۾ سنڌي ۾ 200
کان مٿي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا.
شاعري جي سلسلي ۾ 1866ع ارنيسٽ ٽرمپ جرمنيءَ مان
شاهه جو رسالو ڇاپي پڌرو ڪيو. 1875ع ۾ ”ديوان گل“
1876ع ۾ ”بيان العارفين“ ۽ 1883ع ۾ ”ميزان الشعر“
ڇپجي پڌرا ٿيا. ان شروعاتي دور ۾ منشي ننديرام،
اڌارام ٿانور داس، ديوان ڪوڙو مل، ڏيارام، قاضي
غلام حسين، ميران محمد شاهه، غلام علي ۽ آخوند
عبدالرحيم عباسي ادب جي خدمت ۾ مشغول هئا. ڊاڪٽر
جانسن جي ناول جو راسيلاس نالي ترجمي کان اڳ
داستان ۽ قصا موجود هئا.راسيلاس 1870ع ۾ اڌارام ۽
نولراءِ ترجمو ڪيو. ان دور ۾ ڪهاڻي نويسن ۾ مرزا
قليچ بيگ، منشي اڌارام، روچيرام سڏاڻي، ديوان ڪوڙو
مل، بولچند جامن داس ڀاٽيا، نارائڻ داس ملڪاڻي،
شيوڪ ڀوڄراج، نارائڻداس ڀنڀاڻي ۽ رام پنجواڻي جا
نالا قابل ذڪر آهن.
ورهاڱي کان اڳ ڪجهه سنڌي اديب/ صحافي جن جو گهڻو
واسطو ڪراچي سان رهيو
پروفيسر هوت چند گربخشاڻي ڄيٺمل پرسرام لعل چند
امر ڏنو مل
موهن ڪلپنا ڄام مير ايوب خان ڪاڪو
ڀيرو مل
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مولانا دين محمد
وفائي ڊاڪٽر حاجي غلام حسين قاسم
ٺاڪر چاولا ڪلا پرڪاش دادا ليکراج
پهرئين مهاڀاري لڙائي کانپوءِ سنڌي ادب جو ٻيو دور
شروع ٿئي ٿو. جنهن جو مرڪز به ڪراچي هو ۽ حيدرآباد
۾ به سنڌي ادب ۽ صحافت ان دور ۾ اهم ڪردار ادا
ڪيو. ان دور ۾ اسان سنڌي ادب کي مختلف شهرن جي
خانن ۾ ورهائي نٿا سگهون. ڪراچي جيئن ته سياست،
علم، ادب، ثقافت ۽ صحافت جو مرڪز هو ۽ مشهور پريس
هتي هئا. تنهنڪري سياسي اڳواڻن، اديبن، صحافين،
محققن ۽ شاعرن ڪراچي کي ئي پنهنجو مرڪز ۽ مسڪن
بنايو.
سنڌي ادب جي انهيءَ ٻئي دور ۾ سماج جي سڌاري جو
موضوع، سياسي آزادي جهڙا موضوع ادب تي ڇانيل رهيا.
جنهن ۾ نئين سياسي شعور ۽ جمهوريت جي اهميت تي زور
ڏنو ويو. ان دور ۾ مرزا قليچ بيگ، نانڪرام، خليق
مورائي، لال چند امر ڏنو لال، ڄيٺمل پرسرام، ڪاڪو
ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، نرمل داس، پرمانند
ميوارام، تيجومل ليکراج، محمد عثمان ڏيپلائي، ليلا
رام آسانند، امر لال ۽ ڀائوناڻي ادبي دنيا ۾ ڇانيل
رهيا.
سنڌي ادب جو ٽيون دور سنڌ جي بمبئيءَ کان الڳ ٿيڻ
کانپوءِ شروع ٿئي ٿو. ان دور ۾ ڪراچي سنڌ جي سياست
سان گڏوگڏ صحافت، ادب، تعليم ثقافتي ۽ سماجي سڌارڪ
تنظيمن جو مرڪز رهيو.اهو دور ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادب ۽
صحافت جي ترقي جو دور هو. اهو دور ڪراچي ۾ بنا
ڪنهن شڪ جي سنڌي جي هر فيلڊ جو مرڪز ۽ محور رهيو.
ان دور ۾ سنڌي ادب يورپي ۽ ٻين ٻولين جو اثر به
قبول ڪيو ۽ ترقي پسند تحريڪ به انهيءَ دور ۾ اثرن
جي پيداوار آهي.
ان
دور ۾ سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي مسئلن تي قلم
کنيو ويو. لکڻ سان گڏ ڊرامن، ناٽڪن ۽ مختلف سماجي
تحريڪن وسيلي سماج جي مسئلن کي پيش ڪيو ويو. ادبي
ويهڪن، جلسن ۽ سيمينارن وسيلي پنهنجي ڳالهه عوام
تائين پهچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويئي. هي دور
سياست، ادب ۽ صحافت لاءِ عوامي دور هو. عام ماڻهو
مڪمل طور تي انهن تحريڪن م حصو وٺڻ لڳا. سنڌي ادب
۾ پهريون ڀيرو سماجي مسئلن تي لکڻ جي ان دور ۾
مضمون نويسن ۽ ڪهاڻيڪارن ۾ غلام حسين قريشي، سيد
ميران محمد شاهه، ساڌو هيرا نند، بولچند ڪوڏومل،
افسانا نگاري ۾ امر لال، ليلارام، آسانند مامتورا،
ليک وتا سڀاڻي، تارا چند ديو سڀاڻي، دوست علي،
عثمان علي انصاري، غلام احمد نظامي، حبيب الله
فڪري، شيخ عبدالله عبد، حاجي محمود خادم، ڊاڪٽر
گربخشاڻي. جي. اين ناگراڻي، وديارٿي، جڳت آڏواڻي،
هيرانند عيدناڻي، ڪشن کٽواڻي، هرو سدا رنگاڻي،
منوهر داس، هميراجاڻي، نارائڻ داس ملڪاڻي مرزا
نادر ليگ، سيو رام آڏواڻي، محمد صديق مسافر، غلام
محمد شاهواڻي، عبدالله عبد، لطيف الله بدوي، دلدار
حسين موسوي، سڳن آهوڄا، آتم، حبيب الله ڀٽو، محمد
حسين ڪروڙ پتي، فقير محمد عاجز، مير عبدالحسن
سانگي، احمد خان جلباڻي، حاجي امام بخش خادم، نجم
عباسي، نارائڻ شيام، گوبند پنجابي، ڀڳوان لعلواڻي،
رام امر لال، گوبند مالهي، صاحب سنگهه چندا سنگهه،
آيم. آر مائيراساڻي، تيرٿ ۽ حيدر بخش جتوئي 1947ع
تائين سنڌي ادب تي ڇائنجي چڪا هئا.
انهيءَ دور ۾ محقق ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
جو لازوال ڪارنامو ”شاهه جو رسالو“ جنهن کي تحقيقي
انداز ۾ مرتب ڪيو. جنهن تحقيق ۾ انقلاب آندو.
1923ع کان 1931ع تائين ٽي جلد پڌرا ٿيا ۽ چوٿون
جلد ڇپجي نه اچڻ ڪري رسالو اڻ پورو رهيو.
تنقيدي ادب ۾ ورهاڱي کان اڳ شمس العلماءَ مرزا
قليچ بيگ، ڪوڙومل، ديوان گدومل، تاراچند شوقيرام،
ليلا رام سنگ، لال چند امر ڏنو لال، ڄيٺمل پرسرام،
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، سيد الله شاهه
ٺکڙائي، ڪاڪو ڀيرو مل، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود
پوٽو، الله بچايو يار محمد سمون ۽ ڇٽومل ٿڌاڻي جا
نالا اچن ٿا. هڪڙي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ورهاڱي
وقت يا هن کانپوءِ جيڪي صحافت ۾ مشهور هئا. اهي
ادبي دنيا ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هئا تنهنڪري ادبي
حصي ۾ ٻيهر انهن جو نالو ڏيڻ ورجاءِ ٿيندو.
ٻي
مهاڀاري لڙائي کانپوءِ ترقي پسند اديبن جي ڪري
ترقي پسند تحريڪ جا اثر سنڌ جي نوجوانن تي پيا.
اديبن ۽ شاعرن، هارين ۽ پورهيتن جي حقن انهن سان
ٿيندڙناانصافين کي پنهنجن لکڻين ۾ جاءِ ڏني ۽
انهيءَ دور ۾ آزاد نظم سنڌي ۾ لکجڻ لڳو. ان رجحان
۾ گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻائي، سوڀو گيانچنداڻي،
نارائڻ شيام، حشيو ڪيولراماڻي، لڇمڻ راجپال، حيدر
بخش جتوئي، شيخ اياز نمايان هئا. آسانند مامتورا ۽
عبدالستار شيخ پهريان اديب آهن جن جنسياتي،
نفسياتي، بي جوڙ شادين جهڙن مسئلن تي لکڻ شروع
ڪيو. ورهاڱي کان اڳ وارو دور سنڌي ڪهاڻي جو
ارتقائي ۽ بنيادي دور هو. اهو 1920ع کان شروع ٿي
1947ع تائين جاري رهيو. ان دور ۾ هندستان جي
ورهاڱي ۽ الڳ وطن جي تصور جو اثر سنڌي ادب تي پيو.
ڇاڪاڻ ته ان جو اثر سنڌ جي زندگي جي هر شعبي تي
پوڻ ڪري ادب به ان کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ نه رهي
سگهيو.
انگريزن جي اچڻ کان وٺي 1947ع تائين ڪراچي سنڌ جي
سياست ۽ صحافت سان گڏ علم ۽ ادب جو مرڪز رهيو. ان
دور ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙن مان هيٺين شخصيتن ادب ۽
صحافت ۾ نالو پيدا ڪيو.
احمد غلام علي چاڳلا:
31
مئي 1902ع ۾ ڪراچي ۾ ڄائو. سنڌ جو مشهور موسيقار،
ڊراما نويس ۽ اديب ٿي گذريو. ابتدائي تعليم سنڌ
مدرسي ۾ حاصل ڪيائين. استاد مهاراج سوامي داس سندس
موسيقي ۾ استاد هو. احمد غلام علي چاڳلا مغربي،
ايراني، ترڪي ۽ سنڌي موسيقي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.
1914ع ۾ هن مشهور برطانوي موسيقار ”سرهينري ووڊ“
کان موسيقي جي سکيا ورتي.
چاڳلا صاحب ”اجنتا“ فلم ڪمپني ۾ ميوزڪ ڊائريڪٽر ٿي
رهيو آهي ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن مرتب ڪرڻ
جو ڪم به احمد چاڳلا ترتيب ڏنو. جنهن 38 سازن جي
مدد سان تراني جي ڌن جوڙي. جنهن کي سرڪار 21 آگسٽ
1949ع تي منظور ڪيو ۽ پوءِ انهيءَ ڌن جي بنياد تي
1954ع ۾ حفيظ جالنڌري جو لکيل قومي ترانو منتخب
ڪيو ويو.
چاڳلا صاحب سنڌي اسٽيج ڊرامي ”عمر مارئي“ ۾ موسيقي
ڏني. احمد چاڳلا هڪ بهترين نثر نويس به هو.
انگريزي ۽ سنڌي ۾ لکندو هو. مهراڻ ۽ سنڌو رسالن ۾
هن جا مضمون شايع ٿيندا هئا. 1930ع ۾ ڪجهه فلمي
ڪهاڻيون به لکيائين جن ۾ ”پتي پتني“ ۽ ”طلسمي
گهوڙا“ قابل ذڪر آهن.
احمد چاڳلا ڊراما نويس به هو. سندس ”خوني“ نالي
ڊرامو گهڻو مشهور ٿيو. هي پهريون سنڌي ڊرامو هو
جنهن ۾ شاهه عبداللطيف جا بيت استعمال ڪيا ويا
هئا. ان ڊرامي کانسواءِ، ”جيڪا تقدير“، ”ديس جو
دشمن“، ”گُڏي جو گهر“ ۽ ”ڀوت“ ڊراما به لکيائين.
پويان ٻئي ڊراما انگريزي مان ترجمو ڪيل آهن. احمد
چاڳلا بنا ڪنهن شڪ جي سنڌي ڊرامي جو آغا حشر هو.
تاريخ ساز شخصيت 5 فيبروري 1953ع ۾ کاري در واري
علائقي ۾ وفات ڪري ويو.
جي
الانو:
(غلام علي الله ڏنو خواجو): پنهنجي پيءُ جي نالي
الله ڏنو ڪري الانو مشهور ٿيو. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ
گهڻو ڪري الله ڏنو کي الانو اچاريو وڃي ٿو. جي.
الانو 22 آگسٽ 1906ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. پاڪستان
جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. ويهن سالن تائين
ڪراچي ميونسپلٽي جو ميمبر رهيو. الانو صاحب سياست
سان گڏ شاعر به هو. هن انگريزي ۾ شاعري ۽ ليکڪ جي
حيثيت ۾ شهرت حاصل ڪئي. 1976ع ۾ منيلا ۾
”يونائيٽيڊ لاريٽ ايسوسيئيشن“ کيس انساني حقن لاءِ
”انٽرنيشنل پوئيٽ لاريٽ“ جو لقب ڏنو ويو. انهيءَ
اداري جو بعد ۾ هو نائب صدر ۽ لنڊن جي رائل
سوسائٽي آف آرٽس جو ميمبر به رهيو آهي.
پنهنجي پوئين عمر ۾ سنڌي ۾ شعر چيائين. الانو صاحب
بيت ۽ ڪافي جو شاعر هو. سندس تخلص ”عاجز“ هو سندس
سنڌي ڪلامن جو مجموعو عنايت بلوچ ”ڪي پڙاڏا ڪي سڏ“
نالي تربيت ڏنو. سندس ٻيا به ڪيترائي ڪتاب ڇپيل
آهن. 8 مارچ ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو. سندس سنڌي
ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
عشق جو پيالو پيار او يار
عشق جو پيالو پيار او يار
ماندي مان محبوب مران ٿي اڃ ازل جي اوتار او يار
تولئي واٽون ٿي واجهايان منهنجي اڱڻ کي اجار او
يار
عشق جو پيالو پيار او يار
عبدالله شرر:
عبدالله ولد صالح محمد لاسي جا وڏا اصل ۾ لسٻيلي
جا هئا. جتان لڏي هو ڪراچي آيا. عبدالله 1927ع ۾
ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. عبدالله شرر ڪراچي جي شاعرن ۾
خاص مقام رکندو هو. پهريان سندس تخلص ”عاجز“ هو ۽
پوءِ شرر رکيائين. هن جمعيت الشعراءِ سنڌ جي ڪيترن
ڪانفرنس ۾ ڪراچي جي نمائندگي ڪئي. محمد جمن هالي
جي محبت ۾ رهڻ ڪري سندس مجموعي ڪلام ”سوز عشق“ جي
ڇپائي ۾ دل و جان سان ڪم ڪيائين.
غلام احمد نظامي:
غلام احمد نظامي ولد حاجي محمد صديق ميمڻ 1895ع تي
ڪراچي ۾ ڄائو. پاڻ اديب، صحافي ۽ ناميارو قومي
شاعر ٿي گذريو آهي. سندس والد ڪراچيءَ ۾ 1898ع
اسلاميا هوٽل بولٽن مارڪيٽ ۾ کولي جيڪا اڄ به
موجود آهي. هي هوٽل ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن ۽
پسگردائي جي زميندارن ۽ عام ماڻهن جو 1980ع تائين
اهم پڙاءُ هو. نظامي صاحب اردو ۾ به شاعري ڪئي.
نظامي صاحب حضرت نظام الدين اولياءَ رحه جي گادي
نشين ۽ اردو جي وڏي اديب خواجا حسن نظامي جي هٿ تي
بيعت ڪري سندس مريد ٿيو. انهيءَ نسبت سان 1926ع تي
پنهنجو تخلص ”نظامي“ رکيائين. هن کان اڳ نظامي
صاحب ”اصغر“ ۽ ”خاطي“، تخلص استعمال ڪندو هو.
ڪراچي ۾ بزم ادب ۽ بزم نظامي قائم ڪيائين. سندس
ڇپيل ڪتابن ۾ گلزار عشق (ڪافيون) مسدس حالي
(ترجمو)، بياض نظامي ۽ رياض نظامي شامل آهن. نثر ۾
به هن ڪيترائي مضمون ۽ ڪجهه ناول به لکيائين.
ڪاميابي، ترقي ۽ الوحيد رسالن ۾ لکندو هو.
1929ع ۾ ”دره حيدري“ نالي رسالو جاري ڪيائين. وفات
کان اڳ ”وحدت“ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪيائين. 23
فيبروري 1951ع ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪيائين.
مون ڪئي ڪوشش گهڻي ٻاهر نه نڪري ٻاڦ ڪا،
عشق منهنجو ويو مگر رسواسرِ بازار ٿي.
عبدالغني المعروف سائين غني:
سائين غني جي والد جو نالو الحاج مولوي محمد بشير
قادري هو. سائين غني جا وڏا اصل ۾ ڀارت جي ضلعي
پٽنا جي راڻاپور ڳوٺ جا رهاڪو هئا. سائين غني پاڻ
ڪراچي ۾ ڄائو ۽ قادرالڪلام شاعر ۽ صوفي بزرگ ٿي
گذريو آهي. سنڌي کانسواءِ سائين غني پنجابي،
فارسي، سرائڪي ۽ اردو ۾ به شاعري ڪئي. 21 ربيع
الاول 1357هه 1938ع ۾ وفات ڪيائين.
ڪلا پارو چندواڻي:
پارو مل چندواڻي جي ڌي ڪلا، 2 جنوري 1934ع ۾ ڪراچي
۾ پيدا ٿي. پاڻ مشهور شاعره ۽ نثر نويس هئي. ڪلا،
هرديوي گرلز هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽
ورهاڱي کانپوءِ پنهنجي گهروارن سان گڏ ڀارت هلي
وئي. 1954ع ۾ موتي پرڪاش سان شادي کانپوءِ ڪلا
پرڪاش ٿي. ڪلا پرڪاش جو نالو هندستان ۾ اهم سنڌي
ليکڪائن ۾ شامل آهي.
ڊاڪٽر لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي:
1932ع ۾ ڪراچي ۾ ڄائو سنڌي ٻولي جو تمام وڏو محقق
ٿي گذريو. ورهاڱي کانپوءِ ڀارت هليو ويو.
محمد ابراهيم خليل شيخ:
ڊاڪٽر ابراهيم خليل 1900ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. هي
سنڌي جو شاعر، اديب، نقاد، محقق ۽ افسانه نگاري
سان گڏ جسماني ۽ دماغي بيمارين جو ممتاز داڪٽر به
هو. ابتدائي تعليم سنڌ مدرسي مان حاصل ڪيائين،N.J.V
هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ 1925ع ۾ گرانڊ
ميڊيڪل ڪاليج بمبئيءَ مان ايم. بي. بي. ايس جي
ڊگري حاصل ڪيائين. شروع ۾ تخلص ”غافل“ ۽ پوءِ
”خليل“ رکيائين. 1946ع کان 1957ع تائين جمعيت
الشعراءِ سنڌ جو صدر رهيو. مئي 1980ع ۾ کيس باباءِ
اردو سنڌ جي لقب سان نوازيو ويو. 19 نومبر 1982ع ۾
وفات ڪري ويو. ڪتابن ۾ ڪليات سنڌ، گلزار خليل
(اردو شاعري جو مجموعو)، بلبل سنڌ، ادب ۽ تنقيد،
اقبال حيات اور افڪار (اردو ۾)، سنڌي مثنوي جي
ارتقا، سنڌي رباعي جي تاريخ، عبرت ڪده ٽي ڀاڱا ۽
ٻيا شامل آهن.
واسد يو نرمل:
واسد يو نرمل 2 جون 1936ع تي ڪراچي ۾ ڄائو. ورهاڱي
کان پوءِ پنهنجي خاندان سان گڏ ڀارت هليو ويو.
نرمل جو شمار هن وقت ڀارت جي سٺن شاعرن ۽ ناٽڪ
نوسن ۾ ٿئي ٿو. سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس
انعام ۽ ايوارڊ به مليل آهن.
الله بچايو يار محمد سمون:
الله بچايو ولد محمد سمون 1912ع ۾ ملير ۾ ڄائو.
سنڌي زبان جو مشهور نثر نويس ٿي گذريو آهي. الله
بچايو سمون سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري ٽريننگ
ڪاليج ۾ سکيا پوري ڪري پرائمري استاد مقرر ٿيو. هن
فقط ٻه ڪتاب لکيا آهن. اهي ٻئي ڪتاب سنڌي ادب ۾
اهم مقام رکن ٿا. جن 1942ع ۾ لکيل ”سير ڪوهستان“ ۽
1971ع ۾ لکيل ”لاڙ جو سير“ شامل آهن. الله بچايو
سمون 9 ڊسمبر 1958ع ۾ گذاري ويو.
مومن مليرائي:
شفيع محمد ميمڻ (مومن مليرائي) 1906ع ۾ مراد ميمڻ
ڳوٺ ملير ۾ ڄائو. هي فقط چار جماعت پڙهيو هو. ٻني
ٻارو ڪندو هو. 1933ع ۾ ادبي دنيا ۾ داخل ٿيو.
خلافت تحريڪ ۽ مسلم ليگ ۾ سرگرم رهيو. آخر ۾ سنڌ
جي قومي سياست سان واڳيل هو ۽ جي ايم سيد کي
پنهنجو مرشد ۽ اڳواڻ مڃيندو هو. بزم نظامي، بزم
طالب الموليٰ، بزم اسير جو سرگرم ميمبر رهيو. هي
قادر الڪلام شاعر هو. سندس ڪلام، جو مجموعو ”عشق
جو آواز“ چڻنگ پبليڪيشن پاران 1976ع ۾ ڇپجي پڌرو
ٿيو. ۽ 1987ع ۾ وفات ڪيائين. سائين جي. ايم سيد
تعزيت لاءِ سندس تڏي تي ويو.
مون کي ڪرڻ اي يارو حيران وري نه ايندو
هڪ
وار جو ڏٺو رخ تابان وري نه ايندو،
هن
عيد تي ملياسون اڳتي به شل ملن سڀ،
عيدون وري به اينديون انسان وري نه ايندو.
ولي سروي:
ولي محمد رونجهو (ولي سروي) سن 1929ع ۾ ڪراچي ۾
پيدا ٿيو. پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي معزز شعبي سان واڳيل
رهيو آهي. 13 سيپٽمبر 1990ع تي ڪجهه وقت لاءِ سنڌي
ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو. شروع ۾ ولي سرشاري جي
نالي سان لکندو هو پر بعد ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي
محفل سخن سان ڳنڍيل هئڻ ڪري 1961ع ۾ ولي سروي جي
قلمي نالي سان لکڻ لڳو. شاعري ۾ تخلص ”ڪوشان“ به
اٿس.
ان
کانسواءِ مولانا صادق ميمڻ کڏي وارو، مولوي محمد
عثمان ريڪسر لائن لياري، علي اڪبر جوکيو گڏاپ
وارو، سليمان سوالي بلوچ، قاضي عبدالرحيم بلوچ،
مولانا عبدالڪريم درس، تيجوار شرما، روجيرام
سڏاڻي، ڌرم داس سڊاڻي، آسانند مامتورا، مولانا
حافظ فضل احمد، الله بخش عقيلي سرشاري، حبيب الله
فڪري، مسڪين سرشاري، يار محمد مسلم ٽانوري، مولانا
عبدالغفور، علي محمد اسير، ساجد سرشاري، مسرور
ڪيفي (صالح محمد)، حاجي قاسم خواجو کارودر لياري،
پير بخش بلوچ (نسيم تلوي)، محمد حسين عنقا، شيخ
عبدالحليم جوش، نور محمد شيخ ملير مان ضامن جوکيو
۽ ملا شير علي گبول مشهور اديب ۽ شاعر ٿي گذريا
آهن. الوحيد اخبار ۾ سندن مضمون ڇپجندا رهندا هئا
۽ ٻيا جن جو پيدائشي تعلق ڪراچي سان آهن ادب،
صحافت ۽ سياست ۾ سرگرم هئا. انهن مان گهڻا ورهاڱي
کانپوءِ به ادبي ۽ صحافتي خدمتن ۾ مشغول رهيا.
ڪوهستان، ملير ۽ منگهي پير واري علائقن ۾ گهڻا
اهڙا سگهڙ، شاعر ۽ اديب ٿي گذريا پر مرڪز کان پري
هئڻ ڪري اهي اديب سگهڙ رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي نه
سگهيا.
قلمي نسخي طور انهن جي مائٽن وٽ گهڻو مواد پيل آهي
۽ جيڪي ڇپائي جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن ۽ اهو
سنڌي ادب جو انمول ذخيرو ختم ٿي رهيو آهي. انهن
سگهڙن ۽ شاعرن جي شاعري ۾ ان دور جي ڪراچي جي
پسگردائي ۾ ٿيندڙ واقعن، حادثن، گسن، ماڳن ۽ مڪانن
جو پتو پوي ٿو. سگهڙن ۽ شاعرن موکي متارا، سسئي
پنهون، مورڙي مير بحر، مري مڱٿر کانسواءِ انهن
علائقن ۾ مختلف قبيلن جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگن جو
احوالن کي به پنهنجي بيتن ۾ ڪتب آندو آهي. جن مان
22 جنگن جو احوال جيڪي ڪراچي جي پسگردائي ۾
ڪلمتين، جوکين، فرفتن، لاشارين، جاکرن، گبولن ۽
ٻين قبيلن جي وچ ۾ لڳيون. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
پاران مرتب ڪيل ڪتاب ”جنگ ناما“ ۾ ڏنل آهن.
انگريزن کان وٺي ورهاڱي تائين ادبي حوالي سان
گمنام پيل انهن علائقن ۾ سگهڙ موجود هئا ۽ اهو
سلسلو اڄ به جاري آهي، پر اهي سگهڙ ۽ شاعر پنهنجي
علائقن وانگر گمنام آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته
انهن علائقن تي تحقيق ڪري اهڙن سگهڙن ۽ شاعرن کي
ظاهر ڪيو وڃي. سرڪاري سطح تي جيڪي علمي ۽ ادبي
ادارا موجود آهن انهن کي ڪراچي جي انهن علائقن جي
ادبي تحقيق پاسي به ڌيان ڏين. انهن جي منظر تي نه
اچڻ ڪري انهن علائقن جي پوري تاريخ اسان جي ادبي
منظر نامي تان گم آهي. جنهن کي ڳولڻ، ظاهر ڪرڻ
نهايت ضروري آهي. (ملير ۽ لياري ۾ رهندڙ اديبن ۽
شاعرن جو احوال ملير ۽ لياري واري باب ۾ ڏنل آهن).
ورهاڱي کانپوءِ ڪراچي ۾ سنڌي ادب ۽ صحافت جو مختصر
جائزو:
ورهاڱي جي اعلان ٿيندئي اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو
جو هندو مسلمان جهيڙا شروع ٿي ويا جنهن جي نتيجي ۾
لڏپلاڻ شروع ٿي ويئي. هن اوچتي لڏپلاڻ پوري سنڌ جي
ماحول کي ڳوڙهن ۾ وينجهاري ڇڏيو. صدين کان رهندڙ
سنڌين پنهنجا اباڻا اجها سڀ ڪجهه تڪڙ ۾ ڇڏي نئين ۽
اڻ ڄاتل مهاڳ ڏانهن روانا ٿيا ۽ هتان اوپرن ماڻهن
جنهن جي ٻولي، ڪلچر، رهڻي ڪهڻي الڳ هئي سنڌ جي
شهرن جو رخ ڪيو.
اڳوڻا رسالا ۽ پبلشنگ ادارا ۽ اخبارون ختم ٿي
ويون. ڪراچي جيڪو سنڌي ٻولي جي ادبي، علمي ثقافتي
۽ صحافتي مرڪز هو. اهو مرڪز ختم ٿي ويو. هندو
اديبن، صحافين، تعليمي ماهرن ۽ سماجي سڌارڪن
سياستدانن کي زبردستي پنهنجو ڏيهه ڇڏايو ويو. جن
وڃڻ جي نه ڪئي هن کي هندستان جو ايجنٽ قرار ڏيئي
هر طرح سان تنگ ڪري پنهنجي ملڪ مان زوري لڏايو
ويو. اهو سلسلو 1946ع کان اڄ تائين ڪنهن نه ڪنهن
طريقي سان جاري آهي.
ادبي روايتن جو رشتو ختم ٿي ويو سنڌي ٻولي جا ٻه
مرڪز هند ۽ سنڌ ٿيا. سنڌي ٻولي جي مرڪز ڪراچي کي
ختم ڪرڻ جي سازش جي شروعات پاڪستان ٺهڻ سان شروع
ٿي. اهو نه ڏٺو ويو جن ماڻهن هندستان مان لڏي آيلن
کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون انهن کي انهن جي شهر مان بي
دخل ڪرڻ جي شروعات ٿي.
ڪراچي ۾ وڏي تعداد ۾ هندستان کان آيل پناهه گيرن
کي وسايو ويو. هندستان جي گهڻن اديبن ۽ صحافين به
ڪراچي جو رخ ڪيو. سنڌي ٻولي جي ادب ۽ صحافت جو
مرڪز ڏسندي ڏسندي اردو ٻولي جي ادب، صحافت ۽ علم
جو مرڪز بڻجي ويو. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته ٻنهي
ٻولين جا اديب ۽ صحافي هڪ ٻئي جا همدرد ۽ هڏ ڏوکي
بڻجي سنڌ جي ترقي لاءِ ڪجهه ڪن پر افسوس سان لکڻو
ٿو پوي ته ان دور ۾ لڏي آيل جيڪي اسلامي جذبي سان
سرشار هئا سنڌين کي راجا ڏاهر جو اولاد ٻين لقبن
سان نوازڻ لڳا. هندوئن جي ڇڏيل ملڪيتون جيڪي يا ته
حڪومت سنڌ کي ملڻ کپن يا اهي مقامي ماڻهن کي ڏنيون
وڃن ها. پر اهي ڪوڙن ڪليمن وسيلي هندستان کان آيل
ماڻهن کي ڏيئي نفرتن جو ٻج ڇٽيو ويو. قانون ٺاهي
جنهن ۾ مقامي ۽ غير مقامي جو لفظ شامل ڪري تمام
ملڪيتن تي غير مقامي ماڻهن جو حق جتايو ويو. ان
دور ۾ اردو پريس ان لفظ کي خوب استعمال ڪيو. اڄ
جڏهن ڪراچي ۾ رهندڙن لاءِ سنڌي پريس مقامي، غير
مقامي جو لفظ استعمال ڪندي آهي ته هن کي تعصب پرست
لکيو وڃي ٿو. پر اهو لفظ جڏهن انهن جي مفادن ۾ هو
ته سٺو هو. اڄ جڏهن انهن جي مفادن ۾ ناهي ته اهو
لفظ خراب ٿي پيو.
ورهاڱي کانپوءِ 22 مئي 1948ع تي اسلامي سخاوت سان
سرشار ٿي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز جي حوالي
ڪيو ويو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اٿندڙ آوازن، احتجاجن
کي پاسيرو ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ پريس ان جو
ڀرپور مقابلو ڪيو ته الوحيد تي پابندي لڳائي ويئي.
آغا غلام نبي پٺاڻ ۽ جي. ايم سيد جيڪي مسلم ليگي
هئا انهن کي پنهنجن گهرن ۾ نظر بند ڪيو ويو. ان
دور ۾ بچيل سنڌي پريس پنهنجو فرض نڀايو. پر انهن
کي ايڏو تنگ ڪيو ويو جو هو فقط پنهنجي بچاءُ جي
جنگ ۾ مصروف ٿي ويا. روزاني الوحيد ڪراچي، روزاني
مجاهد ڪراچي، روزاني ڪاروان ڪراچي، هفتيوار عبرت
حيدرآباد، عبرت ماهوار رسالو 1941ع ۾ بزرگ صحافي
محمد عثمان ڏيپلائي ڪڍيو هو. بعد ۾ اها هفتيوار ۽
پوءِ روزاني ٿي. هفتيوار نيا زمانا حيدرآباد
ماهوار توحيد ڪراچي ان دور ۾ سنڌ جي جنگ وڙهي.
جڏهن سنڌي ٻولي جي ماضي ۾ مڃيل حيثيت کي چيليئنج
ڪري ان جي اهميت کان انڪار ڪيو ويو. ڪراچيءَ کي
سنڌ کان ڌار ڪيو ويو. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ۾ جيڪو تعليم
جو وسيلو هو ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ان کي ڇهين درجي
تائين گهٽايو ويو. اڳتي هلي ون يونٽ قائم ڪري سنڌ
جي وحدت کي ختم ڪيو ويو، ڪراچي جيڪو سنڌي ٻوليءَ
جو مرڪز هو ان کي ائين سازشن وسيلي حڪومتي سرپرستي
۾ ختم ڪيو ويو.
اردو پريس انهن جائز مسئلن تي سنڌين بجاءِ حڪومت
جي اٿاري هئي ۽ انهن سڀني جائز مطالبن جي مخالفت
ڪئي. اردو پريس ون يونٽ جي مڪمل حمايت ڪئي. سنڌي
پريس کي صوبائيت پسند ۽ ملڪ دشمن قرار ڏنو ويو.
ڪراچي کي الڳ صوبي ڪرڻ جي مهم جي شروعات به اردو
پريس ڪئي ۽ گڏوگڏ انهن اخبارن جو رويو به سنڌ
ڏانهن سٺو نه هو. هندستان کان آيل مهاجرن کي هتان
جي هر شيءِ اوپري لڳي. سنڌ جي ماڻهن جي انهن فطري
تقاضائن ۽ مقامي مسئلن ۽ گهُرن سان انهن جو ڄڻ ڪو
واسطو نه هو ۽ ويتر انهن کي غير اسلامي ۽ ملڪ
دشمني سان ڀيٽيندا رهيا، جنهن جو هڪ مثال 1975ع ۾
اردو اخبار حريت جي هڪ ايڊيٽوريل مان لڳائي سگهجي
ٿو. جڏهن هن ستين ڪلاس جي درسي ڪتاب ۾ ٻاگهل ٻائي،
حيدر بخش جتوئي ۽ الله بخش سومري واري سبقن تي سخت
اعتراض ڪندي لکيو ته، ”سنڌي بوڪ بورڊ وارا سنڌ ديش
جي پروپيگندا ڪري رهيا آهن ۽ اهو پاڪستاني قوميت
تي وار آهي.“ اهو هڪ حريت جو مسئلو نه پر جنگ
اخبار به پيش پيش رهي هئي. سراج الحق ميمڻ جيڪو ان
وقت هلال پاڪستان جو ايڊيٽر هو انگريزي ۾ ان جو
دليلن سان جواب ڏنو هو.
هڪ
ته وڏي انگ ۾ هندو جن جو واسطو ادب ۽ صحافت سان هو
لڏي هندستان ويو. ٻي ڳالهه جڏهن ڪراچي جي سنڌي
اديبن، صحافين ۽ اخبارن هن خال کي ڀرڻ جي ڪوشش
ڪئي. جنهن ۾ هو ڪامياب به ويا ته ڪراچي کي سنڌ کان
ڌار ڪري انهن کي تنگ ڪيو ويو ته ڪراچي جي بجاءِ
سنڌي ٻولي، ادب ۽ صحافت جو مرڪز حيدرآباد ٿيو.
جيڪو سڀ ڪجهه هڪ سازش تحت ڪيو ويو. جيڪڏهن ان وقت
هندستان کان آيل پريس جو رويو سنڌين ۽ سنڌ ڏانهن
دوستي وارو هجي ها ته اڄ ڪراچي جي صورتحال ٻي هجي
ها. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو اڳتي هلي سنڌي
مهاجر تفريق ٿي ۽ سنڌي مهاجر جهيڙا ٿيا ۽ اڄ تائين
به ان جو پڙاڏو ٻڌججي پيو، جنهن جو نقصان ٻنهي
ڌرين کي ٿيو. 20 اپريل 1948ع ۾ هفتيوار ”نيا
زمانا“ حيدرآباد جي ايڊيٽوريل جو هڪ ٽڪرو هيٺ ڏجي
ٿو جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان وقت
صورتحال ڪهڙي هئي. |