سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 25

1932ع ۾ ڪراچيءَ مان ٻارن جو پهريون مڪمل رسالو ”گلستان“ ٻالڪن جي ٻاري جي سهڪار سان شايع ٿيو. جنهن جو روح روان شيوڪ ڀوڄ راج هو. 1947ع ۾ تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهيو. ٻارن ۾ ان رسالي ان دور ۾ ادبي ذوق پيدا ڪيو. 1936ع ۾ مشهور عالم دين، صحافي ۽ اديب مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪراچي مان هڪ سياسي ۽ ادبي ماهوار رسالو ”اصلاح“ نالي جاري ڪيو.

1923ع ۾ مولانا دين محمد وفائي ماهوار رسالو ”توحيد“ ڪراچي مان جاري ڪيو. پر ٽن سالن کانپوءِ اهو رسالو بند ٿي ويو. اٺن سالن کانپوءِ ٻيهر 1934ع ۾ شروع ڪيو ويو ته ان کي زبردست ڪاميابي ملي. ان ۾ سياسي، ادبي مضمون سان گڏ گهڻو ڪري مذهبي مضمون شايع ٿيندا هئا. سنڌي تحريڪ ۽ قادياني تحريڪ خلاف مضمون مذهبي حلقن ۾ رسالو پسند ڪيو ويندو هو.

1925ع ۾ لياري واري علائقي رانگي واڙي مان حڪيم عبدالخالق مورائي جي نگراني ۾ ماهوار رسالو ”ترقي“ شايع ٿيڻ لڳو ان جا ڪجهه پنا اردو شاعري لاءِ مخصوص هئا. سنڌ ۾ اردو جي ترقي ۾ هن رسالي سٺو ڪردار ادا ڪيو. رسالي ۾ موضوع گهڻو ڪري مسلمانن جي ترقي بابت هوندا هئا. گڏيل هندستان مان شايع ٿيندڙ اخبارن جن ۾، پيسا، مسلمان، مسلم، ڪرانيڪل، زميندار، سياست، ليڊر ۽ خلافت جا مضمون سنڌي ترجمي سان ڇپجندا هئا. بعد ۾ هي رسالو مٺي در ۽ آخر ۾ کاري در (بمبئيءَ بازار) مان شايع ٿيڻ لڳو. رسالو 36 صفحن تي ٻڌل هوندو هو.

1933ع ۾ قاضي عبدالرزاق جي نگراني ۾ هڪ ماهوار رسالو ”ڪاميابي“ ڪراچيءَ مان جاري ڪيو ويو. جنهن ۾ ادبي مضمون، شعر ۽ شاعري، خبرون، انهن تي تبصرا ۽ مذهبي مضمون شايع ٿيندا هئا. 1934ع ۾ رتن ساهيتا منڊلي پاران هڪ ماهوار رسالو ”رتن“ جاري ڪيو ويو. جنهن جو ايڊيٽر پارومل ڪيولراماڻي هو. هي نج ادبي رسالو هو پر رسالي ۾ خبرن ادارن تي تنقيد ۽ تبصرو به ڪيو ويندو هو. اهي تبصرا نج ادبي ٻولي ۾ هوندا هئا. اڳتي هلي هن رسالي ۾ شايع ٿيندڙ افسانن کي رتن ساهيتا منڊل پاران ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيو ويو. هن رسالي 1947ع تائين سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي.

1946ع ۾ ”سنڌي ترقي پسند ادب انجمن“ پاران ”مهراڻ“ رسالو ڪراچي مان جاري ڪيو ويو. رسالي جو انتظام هڪ بورڊ جي حوالي هو. عثمان علي انصاري ان جو ايڊيٽر هوندو هو. پهرئين ٻن سالن تائين ”ٻه ماهي“، بعد ۾ هي ماهوار ٿيو. جيڪو اڄ به ٽماهي سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندو آهي.

12 اپريل 1920ع تي سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي حيدرآباد مان تصوف ۽ ويدانيت جي تعليم عام ڪرڻ لاءِ ”روح رهاڻ“ نالي ماهوار رسالو جاري ڪيو. روح رهاڻ 1924ع تائين حيدرآباد مان نڪرندو هو. بعد ۾ ان کي ڀارت واسي اخبار سان ملايو ويو. 1926ع تائين ٻئي رسالا گڏيل شڪل ۾ نڪرندا هئا ۽ پوءِ بند ٿي ويا. 1947ع ۾ ٻيهر ڄيٺمل پرسرام ”روح رهاڻ“ کي ڪراچي مان جاري ڪيو. بعد ۾ سندس حياتيءَ تائين هندستان مان نڪرندو هو. هي رسالو ٿياسافي نظرئي جو حامي هو. انهيءَ تحريڪ پاران ڪراچيءَ ۾ بندر روڊ تي ريڊيو پاڪستان ڪراچي سامهون ٺاهيل ٿياسافيڪل هال ۽ لائبريري اڄ به موجود آهن.

1925ع ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪراچي جي کڏي لياريءَ واري علائقي مان هڪ ماهوار رسالو ”الجامع“ شايع ڪيو. جنهن جو مالڪ سيٺ عبدالله هارون هو. انهيءَ اداري پاران به هڪ ٻيو رسالو ”علم“ به ساڳي جاءِ تان جاري ڪيو ويو.

1931ع ۾ ڪراچيءَ مان ڪانگريسي ليڊر سيٺ وشنداس ”آزاد“ اخبار جاري ڪئي. جنهن ۾ ڪامريڊ عبدالقادر مددگار ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هو.

12 آڪٽوبر 1931ع ۾ شڪارپور مان ”قرباني“ جاري ڪئي ويئي. جيڪا ويرومل بيگراج واري ڪٽنب جي اخبار هئي، جنهن جو نگران سندس پٽ رام چند هوندو هو. هي اخبار مهاتما گانڌي جي ڄمڻ واري ڏينهن جاري ڪئي ويئي هئي. 1945ع تائين باقاعدگي سان نڪرندي رهي. 1937ع کان 1939ع تائين ڪراچيءَ مان نڪتي. واپس شڪارپور مان نڪرڻ لڳي. 1945ع ۾ ٻيهر ڪراچي منتقل ٿي. 1945ع ۾ سائين جي ايم سيد اها اخبار خريد ڪئي ۽ ڪراچي مان نڪرڻ لڳي. مسٽر ايم. آر مائيراساڻي ۽ مولوي خير محمد نظاماڻي هن جا ايڊيٽر ٿيا. ڪجهه وقت کانپوءِ پير علي محمد راشدي ان جو ايڊيٽر ٿيو. کهڙي جي وزارت واري دور ۾ مسلم ليگ ۽ ان جي اڳواڻن خلاف لکڻ تي اخبار ضبط ڪئي ويئي. حافظ خير محمد اوحدي، سيد ميران محمد شاهه ۽ مولانا عبدالڪريم چشتي اخبار جا ايڊيٽر رهيا آهن.

1933ع ۾ مولوي خير محمد نظاماڻي ڪراچيءَ مان هفتيوار ”بيداري“ جاري ڪئي. ڪجهه محقق شايع ٿيندڙ سن 1930ع لکن ٿا. ”بيداري“ محمد عيسيٰ نظاماڻي به جاري ڪئي هئي. 1934ع ۾ پير علي محمد راشدي ڪراچي مان ”صبح سنڌ“ ڪڍي، جيڪا 1938ع تائين هلي، هي اخبار سنڌ اتحاد پارٽي جي ترجمان هئي. جيڪا روزاني اخبار هئي. 1934ع ۾ ”مظهر“ نالي اخبار ڪراچيءَ مان سنڌي ۾ جاري ٿي. 1934ع ۾ ئي ڪراچيءَ مان ”ڪراچي رابندر ناٿ ڊراما ڪلب“ پاران سنڌي ۽ انگريزي ۾ ساليانو رسالو ”انڊس“ جاري ڪيو ويو. جنهن جو ايڊيٽر سنڌي ٻولي جو مشهور اديب پروفيسر منگهارام اڌارام ملڪاڻي هو. 1934ع ۾ علاوءُ الدين سمي ڪراچي مان هفتيوار اخبار ”حريت“ جي نالي سان جاري ڪئي. انهي سال ڪراچيءَ ۾ ”ٻالڪ“ ايڊيٽر عبدالله عباسي، سب ايڊيٽر ڀڳوان داس رنگاڻي هو جاري ڪيو ويو. رسالو ٻارن لاءِ وقف ٿيل هو. 1939ع ۾ بند ٿي ويو. هن کان سواءِ هفتيوار ”ڪرانتي“ ۽ ماهوار ”پوشيده“خزانو“ به جاري ٿيو. ”پوشيده خزانو“ به جاري ٿيا. پوشيده خزانو جو ايڊيٽر مهاراج نارائڻداس بصرمل شرما هو.

28 جون 1934ع کان هفتيوار ”هندو اخبار جيڪا اڳ ۾ حيدرآباد مان شايع ٿيندي هئي. ڪراچيءَ مان شايع ٿيڻ لڳي. جي رام داس دولت رام ان جو ايڊيٽر ۽ مالڪ هو. حيدرآباد مان اها اخبار مهراج لوڪرام جاري ڪئي. ڪجهه وقت لاءِ اها روزاني به شايع ٿيڻ لڳي هئي. 1935ع ۾ ڪراچي مان ماهوار رسالو ”مکڙي“ شايع ٿيو. جنهن جو ايڊيٽر سوڀراج ايس. واڌواڻي ۽ سب ايڊيٽر منگهارام ٽي. تلسياڻي هو. 1936ع ۾ ڪراچي مان مرحوم فتح محمد سيوهاڻي ٽي ڏيهاڙو اخبار ”اصلاح“ جاري ڪئي. جنهن جو هو پاڻ ايڊيٽر ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ نائب ايڊيٽر هوندو هو. حڪيم صاحب کانپوءِ اها اخبار پير الاهي بخش خريد ڪئي. جيڪو ان وقت ڪابينا ۾ تعليم جو وزير هو. حڪيم علي انور، مولوي عبدالغفور سيتائي، حافظ خير محمد اوحدي ان جا ايڊيٽر رهيا آهن. 1938ع ۾ حافظ خير محمد اوحدي صاحب ڪراچيءَ مان هڪ هفتيوار اخبار ”مسلم ليگ“ جيڪا مسلم ليگ جي ترجمان هئي. جاري ڪئي. ۽ 1939ع ۾ بند ٿي ويئي.

1916ع ۾ شايع ٿيندڙ ماهوار جاسوسي رسالو ”سنسار چڪر“ جيڪو مهاراج ويرو مل پريم چند شروع ڪيو هو. ڪجهه عرصو بند ٿيڻ کانپوءِ مارچ 1937ع ۾ ٻيهر ڪراچيءَ مان مشهور پبلشر هوندراج پهلاج راءِ شروع ڪيو. 1944ع ۾ شڪارپور مان اخبار ”الجماعت“ جاري ٿي. جنهن جو سرپرست ڀرچونڊي شريف جي گاديءَ جو وارث عبدالرحمان هو ۽ ايڊيٽر سيد صدر الدين شاهه بخاري هو. 1945ع جي شروع ۾ بخاري صاحب سان گڏ سرور شاهه به ايڊيٽر ٿيو. ٻنهي جي اختلافن کانپوءِ سرور شاهه 1946ع ۾ اخبار کڻي ڪراچي آيو هتان اردو ۾ ڪڍڻ لڳو.

1940ع ۾ ڪراچيءَ مان الله بخش سومري جي اڳواڻيءَ ۾ روزاني ”آزاد“ جاري ٿي. جنهن جو پهريون ايڊيٽر مولانا عبدالڪريم چشتي هو. گوبند مالهي ۽ قادر بخش نظامي اخبار جا نگران هئا. مولائي شيدائي، مولانا دين محمد وفائي به ان اخبار جا ايڊيٽر رهيا آهن. ”آزاد“ اڳتي هلي هفتيوار بڻي. علي نواز وفائي جي حياتي تائين اها اخبار ڪراچيءَ مان نڪرندي هئي. اخبار هاڻوڪي پاڪستان چوڪ رام باغ واري علائقي مان پنهنجي پريس ”آزاد پرنٽگ پريس“ مان نڪرندي هئي.

1943ع ۾ ڪراچي مان پهرئين مڪمل فلمي اخبار ”فلم سنگيت“، موتي تيجنداس جاري ڪئي ۽ انهيءَ سال هڪ ماهوار فلمي رسالو موتي تيج ڀاونداس مهتا. ”فلمستان“ نالي جاري ڪيو.

1946ع ۾ گوبند مالهي ۽ ايسر پوپلي پاران ”انٽرنيشنل پبلسٽي سروس“ جي پليٽ فارم تان ڪراچي مان ترقي پسند ادبي مخزن ”نئين زندگي“ جاري ڪيو. اڳتي هلي انهيءَ پليٽ فارم تان“ سنڌي ادبي سنگت“ جو بنياد وڌو ويو. جنهن جو پهريون صدر آسانند مامتورا ۽ جنرل سيڪريٽري گوبند مالهي هو. ان کان اڳ ڪراچي ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ترقي پسند اديبن پاران ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ ۽ ”نئين دنيا پرنٽنگ پريس“ کوليا ويا. جن وسيلي ادبي ۽ سياسي سرگرميون جاري رهيون ۽ خاص ڪري ادبي خدمتن ۾ اهي ادارا اڳڀرا هئا. سنڌي سان گڏ اردو ۾ ڪتاب شايع ڪرڻ ۽ خاص ڪري ڪميونسٽ ۽ مارڪسوادي نظرئي جي پرچارڪ لاءِ وڏو ڪم ڪيو ويو. نئين دنيا پرنٽنگ پريس مان 1946ع ۾ هفتيوار سنڌي/اردو اخبار ”صداقت“ جاري ڪيو ويو. جنهن جو پرنٽر ۽ پبلشر گوبند مالهي ۽ ايڊيٽر بخاري هو. ڪيرت ٻاٻاڻي به انهيءَ اخبار سان وابسطا هو.

1947ع ۾ ڪمار سنڌي ڪراچيءَ مان هڪ ماهوار رسالو ”تعمير“ جاري ڪيو. جون 1947ع ۾ پندرهن ڏيهاڙو ”چترڪار“ رسالو جاري ڪيو ويو. هن رسالي ۾ ٻه صفحا اردو ادب لاءِ مخصوص هئا. رسالو فلمي ادب متعلق هوندو هو.

هي مختصر جائزو سنڌي صحافت جي ٻئي دور جو پيش ڪيو ويو. جنهن ۾ صهافت سان گڏ ڪراچي ۾ ٿيندڙ ادبي سرگرمين، مخزنن ۽ رسالن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جنهن اخبار سنڌي اخبار نويسي جو بنياد وڌو اها فارسي هفتيوار اخبار ”فوائد الاخبار“ آهي. جيڪا ڪراچي مان شايع ٿيندڙ سرڪاري اخبار هئي.

پهرئين مڪمل سنڌي اخبار ”سنڌ سڌار“ هئي. جيڪا 1866ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿي. مرزا صادق علي بيگ ان اخبار جو پهريون ايڊيٽر هو. اها هفتيوار اخبار هئي. انگريزن جي قبضي کان وٺي پهرئين هفتيوار شايع ٿينديون هيون بعد ۾ اهي روزاني ٿيون. تنهن ڪري انهن جا نالا ٻنهي فهرستن ۾ ڏنل آهن. ڪجهه اخبارون پهرئين ڪراچيءَ کان ٻاهر شايع ٿينديون هيون جيڪي بعد ۾ ڪراچي منتقل ٿيون. تنهن ڪري هتي ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ سن ڏنو ويو آهي. جيئن ”قرباني“ جيڪا شڪارپور ۾ منتقل ٿي ۽ 1945ع ۾ ٻيهر ڪراچي مان شايع ٿيڻ لڳي. ”ڪيسري“ پهرئين هفتيوار نڪرندي هئي. 1927ع ۾ اها روزاني ٿي.

روزاني اخبارون (سنڌي) جيڪي ڪراچي مان 1947ع تائين شايع ٿينديون هيون

نمبر

اخبار جو نالو

شايع ٿيڻ جو سن

پهرئين ايڊيٽر/مالڪ جو نالو

1

سنڌي واسي

1908ع

هاسارام پمناڻي/ ڪنول سنگ

2

الوحيد

1920ع

شيخ عبدالعزيز سليمان

3

ماٿر ڀومي

1927ع

--

4

ڪيسري

1927ع

سوامي گووند آنند

5

هندوجاتي

1927ع

لوڪ رام نينا رام

6

سنسار سماچار

1928ع

نهال چند وزيراڻي

7

مجاهد

1932ع

مولانا عبدالڪريم چشتي

8

صبح سنڌ

1934ع

پير علي محمد راشدي

9

قرباني

1937ع

مسٽر ايم آر مائيراساڻي/ مولوي خير محمد نظاماڻي

10

آزاد

1940ع

مولانا عبدالڪريم چشتي

11

هندو سنسار

1941ع

ريجهو مل آگناڻي

12

هندستان

1946ع

هيرانند ڪيم چند

هفتيوار

1

فوائدالاخبار (فارسي- سنڌي)

1858ع

---

2

سنڌ سڌار

1866ع

نارائڻ جڳن ناٿ وديا (پهرئين مڪمل سنڌي هفتيوار اخبار)

3

سنڌ آفيشل گزٽ (انگريزي- سنڌي)

1868ع

----

4

معين اسلام

1880ع

مرزا صادق بيگ

5

سنڌ سنڌي

1881ع

---

6

سنڌ سڀا

1883ع

ڏيارام

7

معاون مجمع

1889ع

شمس الدين بلبل

8

سنڌي

1890ع

ويرو مل بيگراج

9

پترا

1895ع

تارا چند شوقيرام

10

پرڀات

2996ع

ليکراج تلوڪ چند

11

ماتا

1905ع

تولا رام مينگهراج ٻالاڻي

12

صداءِ سنڌ

1905ع

تولا رام مينگهراج ٻالاڻي

13

سنڌ شيوڪ

1905ع

تولا رام مينگهرام ٻالاڻي

14

ديش ماتا

1906ع

تولا رام مينگهراج ٻالاڻي

15

سنڌڀاسڪر

1911ع

مهراج لوڪرام

16

سنڌ واسي

1914ع

وتن مل ملڪاڻي

17

هند واسي

1917ع

ڄيٺل مل پرسرام گلراجاڻي

18

سنڌ سماچار

1917ع

ايس. طوطا رام

19

ڀارت واسي

1917ع

ڄيٺمل پرسرام

20

دي سنڌ وار جرنل (سنڌي)

1919ع

--

21

دي اسٽوڊنٽس هيرالڊ

1924ع

ايم ايم ڪرپلاڻي (سنڌي ۽ انگريزي ۾)

22

ڪيسري

1924ع

سوامي گووند آنند

23

ديش متر

1925ع

ڪيمچند ڏيارام واسواڻي

24

چوڏس

1929ع

آسو مل اوڌرام ماکيجي

25

بيداري

1933ع

مولوي خير محمد نظاماڻي

26

هندو جاتي

1933ع

لوڪ رام

27

ڪرانتي

1934ع

هيرانند ڪرم چند

28

هندو

1934ع

جي رام داس دلترام (1916ع ڌاري حيدرآباد مان جاري ٿي 1934ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿيڻ لڳي.)

29

حريت

1934ع

علاءُ الدين سمون

30

اصلاح

1936ع

مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

31

مسلم ليگ

1938ع

حافظ خير محمد اوحدي

32

سنڌڙي

1939ع

لعل چند

33

ٽالپر

1941ع

محمد اسماعيل زرگر

34

الحقيق

1941ع

يار محمد شاهه نوري

35

حقيقت اسلام

-

قاضي عبدالرزاق

36

سيتا گره بليٽن

-

ڀوڄرام پارواڻي

37

اخبار وطن

-

ڪريم بخش نظاماڻي

38

صداقت (اردو/سنڌي)

1946ع

گوبند مالهي/بخاري

ماهوار

1

زراعت

1900ع

---

2

سناتن ڌرم پرچارڪ پتر

1901ع

سوڀراج شرما

3

مجمع مدرسا

1902ع

مولوي الله بخش ”اٻوجهو“

4

اصلاح

1905ع

محمد اسماعيل سرهندي

5

الاسلام

1913ع

مخدوم محمد صالح ڀٽي/ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

6

ناول

1913ع

ڄيٺا نند ٿڌو مل وسواڻي

7

سنڌي ساهت

1914ع

ڄيٺا نند پرسرام

8

سنسار چڪر

1916ع

مهاراج ويرو مل پريم چند

9

سوکڙي

1917ع

جي. ايس نندواڻي

10

ناري ڌرم

1917ع

سنڌ شيوڪ سڀا پاران

11

توحيد

1923ع

مولانا دين محمد وفائي

12

الجامع

1925ع

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

13

علم

1925ع

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

14

ترقي

1925ع

حڪيم عبدالخالق مورائي

15

سندر ساهيتا

1925ع

ليلا رام منگنرام

16

هندي هندو

1925ع

---

17

سرسوتي ساهيتا

1926ع

مول چند ٺارومل

18

سک ٽريڪٽ

1926ع

---

19

گلشن

1925ع

عبدالله عباسي

20

گيان آڌيا سچترڪ ماسڪ

1927ع

مول چند ٺارو مل

21

ماستر

1926ع

نيڻو مل

22

موتين جو هار

1926ع

ٽوپڻ داس- ٽي کيمواڻي

23

علمي دنيا

1927ع

قاضي عبدالرزاق

24

ستاره

1928ع

جمشيد مهتا (ٿياسافي تحريڪ جو ترجمان)

25

دره حيدري

1929ع

غلام احمد نظامي

26

طالب العلم

1930ع

عبدالله هارون/مولوي خير محمد نظاماڻي

27

گلستان

1932ع

شيوڪ ڀوڄ راج

28

ڪاميابي

1933ع

قاضي عبدالرزاق

29

ٻالڪ

1934ع

عبدالله عباسي

30

پوشيده خزانو

1934ع

نارائڻ داس بصر مل

31

رتن

1934ع

پارو مل ڪيولراماڻي

32

مکڙي

1935ع

سوڀراج وڌواڻي

33

مجاهد

1939ع

مولوي محمد شفيع

34

آشا

1941ع

ديو سڀاڻي

35

گل ڦل

1941ع

ليلا رام واسواڻي

36

فلمستان

1943ع

موتي تيج ڀاونداس مهتا

37

فلم سنگيت

1943ع

موتي تيجنداس

38

سدا بهار

1946ع

پارو مل ڪيورام

39

نئين دنيا

1946ع

گوبند مالهي

40

پرستان

1947ع

ڪنيا لعل گابا

41

تعمير

1947ع

ڪمار سنڌي

42

روح رهاڻ

--

ڄيٺمل پرسرام

43

وحدت

--

غلام احمد نظامي

44

هلال سنڌ

---

ص.م بلوچ

45

ناخدا

--

شيخ عبدالرحيم

46

سخنور

--

حبيب الله فڪري

47

ڦولستان

--

بهاري لعل

48

مسلم

--

قاضي عبدالرحمان

متفرق

1

پندرنهن ڏيهاڙو الهلال

1900ع

---

2

پندرنهن ڏيهاڙو جوت

1896ع

پرمانند ميوارام/فادر ڪوٽواڻي

3

ڇهه ماهي مسلمتي ڊي.جي ڪاليج مخزن

1907ع

ساڌو ٿانور داس

4

ٽماهي جيون ڀاسڪر

1926ع

ڪيم چند شام داس

5

ٽماهي پيغام

1929ع

مولانا عبدالڪريم چستي

6

ساليانو انڊس-رابندر ناٿ ڊراما ڪلب پاران

1934ع

منگهارام ملڪاڻي

7

پندرنهن ڏيهاڙو مظهر

1934ع

---

8

ٻه ماهي مهراڻ

1944ع

سنڌو ساهت ڪلب ڪراچي

9

ٻه ماهي مهراڻ

1946ع

عثمان علي انصاري

10

پندرنهن ڏيهاڙو چترڪار

1947ع

ديپڪ آشا

1911ع کان 1948ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي صحافت ۽ ادب جو ٻيو دور چئي سگهجي ٿو. جيڪو سنڌي صحافت ۽ ادب جي عروج وارو دور هو. ان دور ۾ سنڌي روزاني، هفتيوار ۽ ماهوار رسالا وڏي تعداد ۾ شايع ٿيا. سنڌي اديبن، شاعرن ۽ صحافين سنڌي کان سواءِ انگريزي ادب، صحافت، فارسي ۽ اردو ۾ به اخبارون، رسالا، ڪتاب شايع ڪيا.

ڪراچي ۾ اردو ادب ۽ صحافت جو بنياد وجهندڙ به سنڌي ۽ بلوچ هئا. سنڌي، اردو، انگريزي، گجراتي ۽ فارسي کانسواءِ ان دور ۾ لياري مان مولوي محمد عثمان بلوچ ”البلوچ“ ماهوار رسالو بلوچي ۾ شايع ڪندو هو. نسيم تلوي (پير بخش بلوچ) جي اخبار ”بلوچستان جديد“ ۾ اردو، فارسي سان گڏ بلوچي جو به حصو هوندو هو. محمد حسين عنقا به لياري مان بلوچي صحافت ۽ ادب جو نالو ڪمايو. ريڪسر لائين جو مولوي محمد عثمان بلوچ، قاضي عبدالرحيم صابر ڪراچي ۾ بلوچي ادب ۽ صحافت جي پائي وجهندڙن ۾ شامل آهن. انهن جو تفصيل لياري واري باب ۾ ڏنل آهي.

1948ع کان ڪراچي ۾ اردو ادب ۽ صحافت جي شروعات ٿي مختصر ذڪر اردو ادب ۽ صحافت جي باري ۾ ڏيڻ جي جسارت ڪندس. سنڌ ۾ اردو ٻولي جي تعلق جي باري ۾ پير حسام الدين راشدي جو خيال آهي ته، ”سنڌ ۾ اردو ٻولي ان وقت ظاهر ٿي جڏهن عالمگير گذاري ويو ۽ شاهي درٻار ۾ اردو جو غللو گهڻو وڌيو ۽ هتان مغل صوبيدار ۽ ٻيا سرڪاري ماڻهو پاڻ سان گڏ پڙهيل لکيل سرڪاري اهلڪار سنڌ ۾ آندا. جن ۾ گهڻا اردو ۾ شعر به چوندا هئا. جڏهن هتان جي مقامي اديبن سان انهن جو ميل جول ٿيو ته سنڌي ۽ فارسي جي شاعرن به اردو ۾ طبع آزمائي شروع ڪئي. انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ اردو شاعري جي شروعات ٿي.“

مولانا سليمان ندوي جي خيال موجب، ”هندوئن ۽ مسلمانن جي گڏيل ٻوليءَ جو پهريون گهوارو سنڌ آهي.“ مولانا پنهنجي هڪ مقالي ”هندستان ۾ هندستاني“ جيڪو 1933ع ۾ ان عليڳڙهه ۾ پڙهيو هو جنهن ۾ هو لکي ٿو ته، ”جنهن ٻولي کي اڄ اسان اردو چئون ٿا ان جو خاڪو سنڌ وادي ۾ تيار ٿيو.“

سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن اردو ٻولي کي سنڌ ۾ متعارف ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ ان جي خدمت به ڪئي. صفيه نور چانڊيو پنهنجي هڪ مضمون، ”ڪراچي ۾ اردو“ ۾ هڪ تاريخي واقعي جو ذڪر ڪندي لکي ٿي ته ”اردو ٻولي 1885ع کان اڳ هتي ايتري مقبول ۽ مشهور ٿي چڪي هئي جو اردو ڳالهائڻ وارن کي تعليم يافته سمجهيو ويندو هو. 1885ع ۾ جڏهن حسن علي آفندي سنڌ مدرسته اسلام جي قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ته ڪراچي ۾ رهندڙ ڪٽر مسلمانن هن جي زبردست مخالفت ڪئي. جڏهن سنڌ مدرسو قائم ٿيو ته ان جي ديوارن تي آفندي خلاف نعرا ۽ سلوگن لکيا ويا. انهن مان هڪ هي به هو ”حسن علي وڪيل تجهي الله ڪري ذليل.“ هي نعرو ان حقيقت جي شاهدي ڏئي ٿو ته 1885ع کان اڳ اردو ڪراچي ۾ مقبول ۽ عام ٿي چڪي هئي.“

برطانوي قبضي کانپوءِ گهڻي تعداد ۾ اڻ ورهايل هندستان جي واپارين ڪراچي جو رخ ڪيو ۽ گهڻا اردو ڳالهائيندڙ مارواڙي ۽ گجراتي واپار سانگي ڪراچي ۾ آيا ۽ هتي رهي پيا. ان دور ۾ انگريزن پاران ٺهندڙ اسڪولن ۾ به انگريزي ۽ سنڌي سان گڏ اردو به پڙهائي ويندي هئي. 1948ع تائين نج اردو ٻولي ۾ 31 کان مٿي اسڪول قائم ٿي چڪا هئا. ان کانسواءِ  سنڌ مدرسي سميت ٻين سنڌي ۽ انگريزي اسڪولن ۾ اردو جو سيڪشن ڌار هوندو هو. انهن اسڪولن کان سواءِ ڪراچي ۾ قائم مدرسن جن ۾ مدرسا دريسا مجدديه صدر بازار، مدرسا عربيا مظهر العلوم کڏو لياري، مدرسو انجمن معاونين اهل سنت جماعت لياري، مدرسو علميه قادريه صدر، مدرسه الحرار ريڪسر لائين لياري ڪراچي ۾ به اردو پڙهائڻ جو بندوبست هوندو هو.

ڪراچي ۾ اردو کي مقبول ڪرڻ ۾ سنڌي رسالن ۽ اخبارن جن ۾ توحيد، ترقي، ڪاميابي، مجاهد ۽ ٻين وڏو ڪردار ادا ڪيو. توحيد رسالي جي لوح تي اردو جو هيٺيون شعر لکيل هوندو هو.

توحيد ڪي امانت سينون مين هي همارا

آسان نهين مٽانا نام و نشان همارا

گهڻن سنڌي رسالن ۾ ڪجهه صفحا اردو ادب لاءِ مخصوص هوندا هئا. ڪراچي ۾ 1865ع کان ادبي سرگرميون شروع ٿيون. ان وقت ڪراچي ۾ موجود شاعرن مشاعرن جو رواج وڌو. شاعرن ۾ ڌنپت راءِ، بيڪس، عنايت الله جگر، سيد امداد علي شاهه، راقم راءِ پوري ۽ منشي عبدالعزيز سنڌي ۽ فارسي سان گڏ اردو ۾ به شعر چوندا هئا.

ڪراچيءَ ۾ اردو ۾ نثر نگاري جو سهرو به سنڌي اديبن جي مٿي تي آهي. سنڌي جي مشهور اديب ۽ صحافي مرزا مخلص بيگ 1883ع ۾ ڪراچي مان پهرئين اردو اخبار ”دوربين“ شائع ڪئي. ڪراچي ۾ اردو ادب جو ٻيو دور 1900ع کان 1920ع تائين ڦهليل آهي جنهن ۾ ڪيترن سنڌي ۽ اردو شاعرن اردو ۾ شاعري ڪئي. جن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، منشي مولابخش همدم، مولانا عبدالڪريم درس، ڄام مير ايوب خان، سيد غلام نبي موج، شيدا اسرائيلي، امير الدين همدم، سائين عبدالغني، مولوي حميد اعظم گڙي، محمدباقر خان باقر، منشي محمد منير ”منير“، منشي عبدالغني صابر، منشي محمد عبدالله حيدرآبادي، حڪيم عبدالصمد برق، خواجا ولايت حسين صغير، مولانا انعام الحق قدوسي، حڪيم صمصام حسين صمصام.

1914ع تائين ڪراچيءَ ۾ ادو ۽ سنڌي جا گڏيل مشاعرا ٿيندا هئا. انهيءَ سال ڄام مير ايوب عالياڻي ۽ ماسٽر ولايت حسين جي ڪوشش سان ڪراچيءَ ۾ انجمن ترقي اردو جي پهرئين شاخ قائم ٿي. جنهن جو دفتر رام باغ جي هڪ جاءِ ۾ هوندو هو. ڄام مير ايوب خان بار ايٽ لاءِ، جيڪو لسٻيلي جي عالياڻي ڄامن مان هو، پهريون صدر چونڊيو ويو. ڄام صاحب جڏهن ٻيلي مان پڙهڻ جي سلسلي ۾ ڪراچي آيو ته هميشه لاءِ هتي رهي پيو ۽ سنڌي ادب سان گڏ اردو ادب جي ترقيءَ لاءِ جيڪي ڪوششون ڄام صاحب ورتيون اهي وسارڻ جهڙيون نه آهن. انجمن ترقي اردو جي شاخ قائم ڪرڻ جو خيال به پهرئين ڄام ايوب کي آيو. 1920ع ۾ ڄام صاحب ٻيهر انجمن جو صدر ۽ سيٺ فدا حسين ميمڻ سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيا. 1924ع کانپوءِ انجمن کي باقاعده فعال ڪيو ويو. ان جا روح روان ڄام محمد ايوب کانسواءِ سيٺ فدا علي، حاجي غلام حسين خواجو، سيٺ فدا حسين ميمڻ، محمد علي، خواجو احمد علي ۽ ولايت حسين هئا. ڄام ايوب سنڌي، اردو ۽ فارسي ۾ شعر چوندو هو. سندس ڀاءُ مير مقبول خان پوليس کاتي ۾ ڊسٽرڪٽ سپرنٽينڊنٽ جي عهدي تان رٽائر ٿيو. هي به سٺو شاعر هو. پاڪستان ٿيڻ کان اڳ مير مقبول ٺٽي ڊويزن مان سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبر به چونڊيو ويو.

مير ايوب خان 5 مارچ 1945ع ۾ وفات ڪئي. ميوا شاهه ۾ مدفون آهي. 1926ع ۾ انجمن پاران هڪ مشاعرو به ڪرايو ويو. اڳتي هلي ”بزم اردو“ ڊي جي ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي سرپرستي ۾ قائم ٿي. ان دور ۾ هندو ۽ مسلمان سنڌي ۽ اردو مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندا هئا.

جناب ارشاد حسين صابري ”1932“  ۾ دربار سخن ۾ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ 50 شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي اردو ۽ فارسي جا شاعر هئا. جن ۾ سيٺ علي محمد احسن، مولانا منظور احمد، افسر صديقي، امير بخش امير، ڪنول نين اختر، منشي جواد حسين اسرار، احمد الدين انجم پيرزادو، انعام الحق انعام، سيد سجاد علي، سيد غلام علي اوج، لالا رام مل برق، فيروز عظيم، احمد خان جوهر، حبيب الله خان مجازي، عبدالحميد حميد، منشي حيدر حسين حيدر، منشي محمد عمر خليل لکنوي، محمد بخش راز، پنڊت پرڪاش ناٿ سرشار، منشي نظير حسين سرشار، سلطان حسين سلطان، پيرزادو محمد ارشاد، حسين شاهه صابر، اعجاز احمد صبور، عبدالله عبد، سيٺ محمد عثمان عثمان، عبدالڪريم عزمي، غفار الحق غفار، غلام قادر غلام، محمد عبدالله فائق، منشي فياض حسين فياض، محمد شريف قمر، منشي عبدالستار ڪليم، عبدالحميد ڪيف، حڪيم ثمرداس گوهر، گوهر حسين گوهر، حافظ علي مبارڪ، مرزا محمد اسماعيل، ڪليم ارباب، سيد محمد ناصر، محمد اختر نشتر، نياز احمد نياز، محمد اسحاق وحشي، امير الدين همدم، منشي مولابخش همدم، سيد سبط حسن، عبدالمجيد ۽ ارشاد حسين شاد صابري. ورهاڱي کان اڳ انهن کانسواءِ هيٺيان اردو جا شاعر ۽ اديب ڪراچي ۾ موجود هئا. عزيز سليماني، مول چند، عابد علي شيدا، صاحبزادو محمد علم الدين قادري، عبدالحئي حقاني، احمد خان جوهر ڊهول، شاهه بشير الدين احمد قادري مخفي، سرور علي، محموده رضويه، محمد تقي طاهر، محمد ابراهيم، رام چند اختر، شيو رام زاهد، قاتل لکنوي، بيدل، محمد عمر خليل ۽ ٻيا. ان لسٽ ۾ سنڌي جا اديب ۽ شاعر شامل نه آهن جن اردو ۾ شاعري ڪئي. مرزا مخلص بيگ ڪراچيءَ مان پهرئين اردو اخبار ”دوربين“ 1883 ۾ جاري ڪئي جيڪا ڪجهه سالن کان پوءِ بند ٿي ويئي. پوءِ 45 سالن کان پوءِ 1928ع ۾ اردو اخبار ڪراچيءَ مان جاري ٿي. هيٺ 1883ع کان 1948ع تائين اردو اخبارن ۽ رسالن جو تفصيل ڏجي ٿو. انهن مان گهڻا رسالا ۽ اخبارون فقط ڪجهه مهينا هلي ۽ پوءِ بند ٿي ويون.

روزاني

سيريل نمبر

اخبار جو نالو

شائع ٿيندڙ سن

مالڪ/ايڊيٽر

1

دوربين

1883ع

مرزا مخلص بيگ

2

حيات

1928ع

حاجي نذير الدين

3

نظام

1929ع

سيد غلام نبي اوج

4

مشرق

1939ع

حميد جيسلميري

 

هفتيوار

سيريل نمبر

اخبار جو نالو

شائع ٿيندڙ سن

مالڪ/ايڊيٽر

1

بلوچستان جديد (اردو – بلوچي)

1933ع

پير بخش بلوچ (نسيم تلوي)

2

نظام (اردو – بلوچي)

1930ع

 

3

ڪاروان (اردو – بلوچي)

1930ع

-

4

ڪلمه حق

1937ع

-

 

ماهوار

1

پيام زندگي

-

مولابخش همدم

2

ميزان الافڪار

1939ع

غلام حسين فروغ

3

تنوير

1934ع

حميد جيسلميري

4

شعاع اردو

1946ع

حميد جيسلميري

5

منزل

1947ع

ڊاڪٽر ڪارواني

 

ورهاڱي وقت انگريزي روزاني اخبارون نيو ٽائيمز، ڪراچي ڊيلي گزٽ، سنڌ آبزرور، هفتيوار نيو سنڌ کان سواءِ گجراتي ۾ روزاني وطن ۽ بلوچي ۾ ماهوار ”البلوچ“ ۽ ”اولس“، هفتيوار ”بلوچستان جديد“ شايع ٿيندا هئا.

ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ۾ جيڪي سنڌي اديب شاعر ۽ صحافي ٿي گذريا آهن. انهن ۾ مولوي محمد عثمان بلوچ، مولوي محمد صادق کڏي وارو (1913 – 1874ع ڄام محمد ايوب عالياڻي، حبيب الله فڪري، (1970-1907) ڊاڪٽر حاجي ولد غلام حسين خواجو، شيخ عبدالله عبد (1973-1910)، الله بچايو يار محمد سمون (وفات 1958ع) مسڪين سرشاري (محمد دائود ڪڇي) علي محمد اسير، ساجد سرشاري، صالح محمد مسرور ڪيفي، سائين عبدالغني، مولانا حضرت غلام رسول قادري، سائين عبدالرشيد، سيٺ علي محمد احسن، علامه ظهور الحسن درس، سيد بچل شاهه راز، مولانا عبدالغفور، شيخ عبدالحليم جوش، شيخ محمد ابراهيم، محمد بخش راز، سرشار عقيلي (فقير الله بخش)، سليمان سوالي، مولانا عبدالڪريم درس (1926ع-1860ع)، تيجو رام شرما، روچيرام سڏاڻي، روچيرام گنگارام غلام احمد نظامي (1950ع-1895ع)، ڌرم داس سڏاڻي، آسانند مامتورا، مولانا حافظ فضل (1962-1904ع)، پير بخش بلوچ (نسيم تلوي)، محمد حسين عنقا، قاضي عبدالرحيم بلوچ، مولانا عبدالڪريم چستي، مولوي محمد عثمان فقيها (وفات 1918ع)، احمد غلام علي چاڳلا (1953ع – 1902ع).

هيٺيان اديب، شاعر ۽ صحافي جن سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ جي ٻين علائقن مان ڪراچي آيا ۽ هتي انهن سنڌي ادب ۽ صحافت جي خدمت ڪئي جنهن مان گهڻا هميشه لاءِ ڪراچي جا ٿي ويا ۽ گهڻا ورهاڱي کانپوءِ وطن جا وڻ ڇڏي هندستان هليا ويا. انهن مان ڪجهه 1948ع کان پوءِ نئين دور جي صحافت ۾ سنڌي ادب ۾ خدمتون انجام ڏيندا رهيا. مرحوم شمس الدين بلبل (پيدائش 1857ع ميهڙ دادو – وفات 1919ع، ڪراچي) مرزا مخلص بيگ (وفات 1877ع ڪراچي)، ديوان گدومل، ساڌو هيرانند شوقيرام (1893ع – 1863ع)، نارائڻ جڳن ناٿ وديا، محمد هاشم مخلص (1934ع – 1860ع)، پرمانند ميوارام پيدائش (1865ع حيدرآباد، ديهانت 1938ع ڪراچي)، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي (پيدائش 1853ع سيوهڻ شريف. وفات 14 ڊسمبر 1942ع ڪراچي)، مولانا دين محمد وفائي (پيدائش 1894ع ڳڙهي ياسين – وفات 1950ع ڪراچي)، مرزا صادق بيگ، قاضي عبدالرزاق (پيدائش 1892ع روهڙي – وفات 1961ع ڪراچي)، عبدالخالق خليل مورائي (پيدائش 1891ع مورو، وفات 1934ع ڪراچي)، منگهارام ملڪاڻي (پيدائش ڊسمبر 1896ع حيدرآباد -  ديهانت 1980ع بمبئي)، قاضي عبدالرحمان (پيدائش 1898ع ڪنڊيارو – وفات ڪراچي) عبدالله عباسي (پيدائش 1903ع نوابشاهه – وفات ڪراچي)، فادر ڪوٽواڻي (پيدائش 1914 سکر)، مولوي نور محمد نظاماڻي (1934ع-1882ع)، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي (ديهانت 1948ع بمبئي)، ساڌو نولراءِ، محمد عثمان نور نگزادو، ليکراج تلوڪ چند، ٿانور داس ڪنول سنگ، ها سارام پمناڻي، مرزا جعفر بيگ، شيخ محمد سليمان، مرزا غلام علي، وتن مل ملڪاڻي، مهراج لوڪرام، عبدالعزيز سليمان، الله بخش اٻوجهو (پيدائش 1831ع ميانوالي پنجاب- وفات 1901ع ڪراچي)، ويرو مل بيگراج، سرڳواسي تولارام، سرڳواسي لوڪرام نينارام شرما، ٺاڪر چاولا ٽماهي ”سپون“ مئگزين جو ايڊيٽر رهيو. ورهاڱي وقت ٺاڪر چاولا رام باغ پاڪستان چوڪ تي ٺاڪر نِواس ۾ رهندو هو ٺاڪر چاولا جو ٺاڪر نِواس اڄ به موجود آهي. پر هن جو نالو تبديل ڪري ”عدنان مينشن“ رکيو ويو آهي. عدنان مينشن کان اڳ بلڊنگ جو نالو ماه رخ پلازه، رحمان بلڊنگ هو. اها جاءِ پاڪستان چوڪ تي ”سرڻاگاتي“ جي سامهون چوڪ کان ڊي جي ڪاليج ڏانهن ويندي ساڄي هٿ تي نڪرندڙ رستي جي کاٻي هٿ کان نڪرندڙ گهٽي جي آخر ۾ اها جاءِ موجود آهي. هاڻي هتي مهاجرن جي هڪ فيملي رهي ٿي. ان سان لڳ مسجد ان ۾ مدرسو به آهي.

رام باغ جي هاڻوڪي پاڪستان چوڪ جتي سيوا ڪنج هاسٽل، ”سرڻا گاتي“ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي پراڻيون ۽ خوبصورت جايون اڃان به موجود آهن. اهي جايون ختم ٿي رهيون آهن. اهي سڀ هندوئن جون ملڪيتون هيون. هي هندو گهڻائي وارو علائقو هو.

لعل چند امر ڏنو لعل، ڊاڪٽر تارا چند لعلواڻي، هيرانند ڪيمچند، بولچند راجپال، قاضي خدا بخش، قاضي عبدالرحمان، مولانا رحيم داد مولائي شيدائي، دين محمد عليگ، محمد خان غني، عبدالغفور سيتائي، ٻئي دور جي صحافت ڪجهه اهڙا نالا به آهن جيڪي سنڌي صحافت ٽئين دور جيڪو 1948ع کان شروع ٿئي ٿو خدمتون انجام ڏيندا رهيا. انهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير علي محمد راشدي، سائين جي ايم سيد، ڪاڪاگرداس واڌواڻي، پير حسام الدين راشدي، حافظ خير محمد اوحدي، مولانا دين محمد وفائي، مولوي عبدالواحد سنڌي، مولوي خير محمد نظاماڻي، حافظ اسماعيل ميمڻ کڏي وارو، عبدالله شرر (لاسي)، نور محمد شيخ، نسيم تلوي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ حبيب الله فڪري شامل آهن.

ٺاڪر چاولا جو اڳوڻو گهر، جيڪو هاڻي عدنان مينشن آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org