سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 13

ايڊمنسٽريٽرز

1.

جناب ابرار حسن خان

15 جون 1971ع کان 27 مارچ 1972ع

2.

جناب ايم. ايم عثماني

27 مارچ 1972ع کان 4 سيپٽمبر 1972ع

3.

جناب مظهر رفيع

4 سيپٽمبر 1972ع کان آڪٽوبر 1973ع

4.

جناب ايم. اي مجيد

آڪٽوبر 1973ع کان 31 ڊسمبر 1977ع

5.

برگيڊيئر (ر) پي. بي جيلاني

1 جنوري 1977ع کان 9 نومبر 1979ع

جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ نئون بلدياتي سرشتو 1979ع نافذ ڪري چونڊون ڪرايون ويون. ميئر جو عهدو ٻيهر بحال ڪيو ويو جيڪو چونڊن وسيلي منتخب ڪيو ويندو هو.

چونڊيل ميئر

1.

جناب عبدالستار افغاني

9 نومبر 1979ع کان 7 نومبر 1983ع

2.

جناب عبدالستار افغاني

8 نومبر 1983ع کان 13 فيبروري 1987ع

سيد غوث علي شاهه جي دور ۾ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي معطل ڪري ختم ڪيو ويو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا ويا ۽ 1987ع ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون ويون. نئين ڪائونسل جنوري 1988ع ۾ قائم ٿي.

ايڊمنسٽريٽرز

1.

جناب سعيد احمد صديقي

14 فيبروري 1987ع کان 8 جنوري 1988ع

چونڊيل ميئر

1.

ڊاڪٽر محمد فاروق ستار

8 جنوري 1988ع کان 27 جولاءِ 1992ع

جولاءِ 1992ع ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ ناڪامي جي صورت ۾ بلديا کي ٽوڙي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا ويا.

ايڊمنسٽريٽرز

1.

جناب مرزا ڪريم بيگ

28 جولاءِ 1992ع کان 11 نومبر 1992ع

2.

سيد مسعود عالم رضوي

11 نومبر 1992ع کان 3 فيبروري 1994ع

3.

سيد فيصل مسعود

3 فيبروري 1994ع کان 5 جون 1994ع

4.

جناب فهيم الزمان خان

5 جون 1994ع کان 24 اپريل 1996ع

5.

جناب انظار حسين زيدي

24 اپريل 1996ع کان 3 سيپٽمبر 1996ع

6.

جناب صبغت منصور

3 سيپٽمبر 1996ع کان 11 نومبر 1996ع

7.

جناب انظار حسين زيدي

2 سيپٽمبر 1996ع کان 28 آگسٽ 1998ع

8.

سيد ارشد علي

28 آگسٽ 1998ع کان 11 آگسٽ 1999ع

9.

جناب مشاهدالله خان

11 آگسٽ 1999ع کان 12 آڪٽوبر 1999ع

10.

جناب اقبال احمد زبيدي

13 آڪٽوبر 1999ع کان 29 آڪٽوبر 1999ع

11.

جناب فهيم الزمان خان

30 آڪٽوبر 1999ع کان 12 فيبروري 2000ع

12.

جناب اقبال احمد زبيدي

12 فيبروري 2000ع کان 25 مارچ 2000ع

13.

برگيڊيئر (ر) عبدالحق

25 مارچ 2000 کان 13 آگسٽ 2001ع

14 آگسٽ 2001ع تي نئين لوڪل گورنمينٽ سرشتي 2001ع جي نافذ ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي جي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو نالو شهري ضلعي حڪومت رکيو ويو ۽ ميئر جي جاءِ تي ”ناظم“ جو لفظ استعمال ڪيو ويو.

چونڊيل شهري ضلعي ناظم

1.

جناب نعمت الله خان ايڊوڪيٽ

14 آگسٽ 2001ع کان 30 جون 2005ع

2.

جناب سيد مصطفيٰ ڪمال

نومبر 2005ع کان هلندڙ

مختلف دورن ۾ ڪراچي ميونسپلٽي کي جن نالن سان سڏيو ويو اهي هيٺ ڏجن ٿا:

1.

1846ع

ڪنزروينسي بورڊ ڪراچي

2.

1851ع

ميونسپل ڪميشن ڪراچي

3.

1878ع

سٽي ميونسپل ڪميشن ڪراچي

4.

1925ع

بورو ميونسپلٽي ڪراچي

5.

1933ع

ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن

6.

1975ع

ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن

7.

2001ع

سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچي

ڪراچي ميونسپلٽي جو پهريون مقامي ماڻهو جيڪو ٿاڦيل صدر ٿيو. هن جو نالو اوڌا رام مول چند هو ۽ قاضي خدا بخش ڪراچي ميونسپلٽي جو پهريون مسلمان ميئر منتخب ٿيو. قاضي خدا بخش 1895ع ۾ موري شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو قاضي نبي بخش مورائي هو. جتي ان کي پنهنجو مدرسو هو. قاضي خدا بخش ابتدائي تعليم پنهنجي والد جي مدرسي ۾ پوءِ سنڌي پرائمري اسڪول موري ۾ حاصل ڪيائين. 1904ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ڪراچي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1916ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪري، هڪ سال تائين ڊي جي ڪاليج سنڌ ۾ پڙهڻ کانپوءِ علي ڳڙهه پڙهڻ لاءِ ويو. جتان بي. اي فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. 1919ع ۾ علي ڳڙهه اسٽوڊنٽس يونين جو وائيس صدر منتخب ٿيو. ڪجهه وقت لاءِ الوحيد جو ايڊيٽر به رهيو. 1921ع جي آخر ۾ انگريز حڪومت جي خلاف بغاوت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هڪ سال لاءِ جيل موڪليو ويو. بعد ۾ ميرٽ لا ڪاليج مان 1926ع ۽ ايل. ايل. بي فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪري ڪراچي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1943ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو بنا مقابلي ميمبر چونڊجي آيو. سندس مقابلي ۾ عبدالله هارون هو. عبدالله هارون سندس قابليت ۽ هر دل عزيزي ڏسي مقابلي تان هٿ کڻي ويو ۽ انهيءَ سال بنا مقابلي ڊپٽي ميئر چونڊجي آيو.

1935ع ۾ ڪراچي جي واپاري حاتم علي علوي کي شڪست ڏيئي ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر چونڊجي آيو ۽ اهڙي طرح ڪارپوريشن جي پهرئين مسلمان ميئر هجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. سن 1934ع انگريز سرڪار سر جو خطاب ڏنو، پر اهو واپس ڪيائين. وري کين قصر هند جو تمغو ڏنو ويو. 1943ع ۾ سنڌ مدرسو ڪاليج قائم ڪري سنڌ واسين تي وڏو احسان ڪيائين. سندس ميئر جي دور ۾ ڪوئيٽا ۾ زلزلو آيو ته ڪراچي ۾ رليف فنڊ قائم ڪيائين. پاڻ به ٻه هزار روپين جو عطيو ڏنائون.

ڪائونسل جي جاءِ تاريخي پس منظر ۾:

ڪائونسل جي اها خوبصورت جاءِ بندر روڊ تي واقع آهي. هن جي پويان ڪراچي سٽي ڪورٽ ۽ سامهون نارائڻ سوامي مندر، جاگيردار هوٽل ۽ گاڏي کاتي وارو علائقو آهي. 14 ڊسمبر 1895ع ۾ ميونسپلٽي جي آفيس جي پيڙهه جو پٿر گورنر بمبئيءَ لارڊ سينڊ هرسٽ (Lord sandhurst J.C.I.A) رکيو. جاءِ کي ايڊن برگ جي، جيمز. سي. وائينس (MR: Jamse. C. wynnes) ڊيزائن ڪيو هو. شروعاتي اڏاوت جي نگراني جو ڪم ڪراچي ميونسپلٽي جي چيف انجنيئر ميشم لي (Mesham Lea) ڪئي. هن جو بنيادي ڪم 1915ع ۾ مڪمل ٿيو. باقي ڍانچي جي اڏاوت ايگزيڪيوٽو انجنيئر جهانگير اين. سيٽنا (Mr. Jahangir N. Setna) جي نگراني ۾ 5 نومبر 1927ع ۾ مڪمل ٿيو. جاءِ جو ٺيڪيدار پيرو ڪنٽريڪ ڪنسٽرڪشن بمبئي هو. فورمين علي محمد امام بخش ۽ ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ جو مالڪ شاپر، جي پالون جي هو. پوري جاءِ جي اڏاوت 31 ڊسمبر 1930ع ۾ مڪمل ٿي ويئي. جنهن تي 17،75000 روپيا خرچ آيو.. 7 جنوري 1932ع ان بلڊنگ ۾ ميونسپلٽي پنهنجو ڪم شروع ڪيو، پر باقاعده افتتاح 1935ع ۾ جارج پنجين جي سلور جوبلي سان منسوب ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو. هن جي اڏاوت ۾ جوڌپور جو پٿر استعمال ڪيو ويو آهي. جاءِ جي ٽاور جي اوچائي 162 فٽ آهي. انگريز دور جي ڪجهه شاندار جاين ۾ ان جو شمار ٿئي ٿو. بجلي تي هلندڙ 10 فٽ ۽ ڇهه انچ قطر جو چئني پاسي ڊائل ڪرڻ واري گهڙي بمبئي جي سوديشي اليڪٽرڪ ڪمپني لڳائي هئي. هن خوبصورت عمارت ۾ ڪائونسل جا اجلاس هال ۽ بلديا جي ڪجهه ادارن جا دفتر پڻ قائم آهن. انهن دفترن ڪري اندروني اڏاوت ۾ ڦيرڦار آڻي هن جي خوبصورتي کي داغ دار ڪيو ويو آهي.

جنوري 2007ع ۾ هن جاءِ کي تاريخي ورثو ڄاڻائي محفوظ ڪيو ويو آهي. ڪائونسل هال ۽ ٻين دفترن کي سوڪ سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي. ناظم ۽ سندس عملو 2002ع کان سوڪ سينٽر ۾ آهي. شهري ضلعي حڪومت جي ناظم، نائب ناظم ۽ سڀئي آفيسون هاڻ سوڪ سينٽر ۾ آهن.

ضلعي لوڪل بورڊ کان ضلعي ڪائونسل ڪراچي تائين جو سفر:

شهر ۾ ميونسپلٽي جو نظام رائج هو جڏهن ته ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ ضلعي لوڪل بورڊ جو قيام 1901 ۾ عمل ۾ آندو ويو. ڪراچي ٻهراڙيءَ جون حدون پراڻي سبزي منڊي لڳ، ٻئي پاسي نرسري لڳ ٺٽي ناکي کانپوءِ وارو علائقو، ٽئين پاسي نارٿ ڪراچي ۽ نيو ڪراچي وارو علائقو، چوٿين پاسي ماڙي پور کانپوءِ وارو علائقو ٻهراڙيءَ ۾ شامل هئا. هاڻوڪو پورو ضلعو ٺٽو، بدين ضلعي جو جاتي تعلقو ۽ ڄامشوري ضلعي جو ڪوٽڙي تعلقو، محال مانجهند، محال ڪوهستان به ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي ۾ شامل هئا. اهو پورو ڪلڪٽوريٽ ڪراچي هو. هن وقت سنڌ جا فقط ٽي ضلعا ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور هئا. ڪراچي ڪلڪٽوريٽ ڪراچي ٻهراڙي واري علائقي تي ضلعي لوڪل بورڊ ترقياتي ڪم لاءِ ذميوار هوندو هو. ڪراچي جو ڪلڪٽر هن جو صدر هوندو هو. پهرئين سڀئي ميمبر حڪومت پاران نامزد ڪيا ويندا هئا. 1910ع کانپوءِ اڌ ميمبر ووٽن وسيلي چونڊيا ويندا هئا ۽ باقي اڌ حڪومت پاران نامزد ڪيا ويندا هئا. هتي به ووٽ ۽ چونڊن ۾ بيهڻ لاءِ ساڳيو قانون لاڳو هو جيڪو ڪراچي ميونسپلٽي ۾ لاڳو هو. يعني اهي ماڻهو ووٽ ڏيڻ ۽ چونڊن ۾ بيهڻ جا حقدار هئا، جيڪي راءِ بهادر، سر، زميندار ۽ 15 سئو پينشن حاصل ڪندڙ سرڪاري ملازم هوندا هئا. ضلعي لوڪل بورڊ جا پنهنجا فنڊ نه هوندا هئا. گورنمينٽ جي امداد جي آسري ۾ هي ادارو هلندو هو. 1920ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ کي به پنهنجي صدر چونڊجڻ جا اختيار مليا ته راءِ بهادر شيورام ڏيومل وزيراڻي ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو پهريون چونڊيل صدر منتخب ٿيو. شيورام ٺٽي جو رهواسي هو. بعد ۾ ٺٽي مان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ٺٽائي ڪمپائونڊ بندر روڊ تي پنهنجون جايون ٺهرائي رهيو. شيوارام ڏيومل، ديوان ٺهلرام کيمچند جو ڀائٽو هو. ديوان ٺهلرام کيمچند ڪراچي ميونسپلٽي جو صدر به رهيو هو. شيوارام آڪٽوبر 1906ع ۾ سرڪار پاران ڪراچي شهر ۾ آنرري مئجسٽريٽ مقرر ڪيا ويا ته هن کي به آنرري مئجسٽريٽ ڪري رکيو ويو.

1920ع کان 1924ع تائين ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو پهريون چونڊيل صدر رهيو. هي برهمو سماج جماعت جو ميمبر هو. برهمو سماج جماعت آزاد خيال هندن جي جماعت هئي. ان جو باني راجا رام موهن راءِ هو.

سنڌ جي بمبئي جي جدا ٿيڻ کانپوءِ اپريل 1937ع ۾ ٻيهر ضلعي لوڪل بورڊ جو صدر چونڊيو ويو. 1937ع ۾ هي جيئن ته مقرر ڪيل هو. تنهنڪري جڏهن خانبهادر الله بخش سومري جي وزارت لوڪل بورڊ ۽ ميونسپالٽين مان سرڪار پاران ميمبرن کي نامزد ڪرڻ وارو سرشتو ڪڍي ڇڏيو ته هن کي به صدر جي جاءِ خالي ڪرڻي پئي. 1921ع ۾ کيس راءِ صاحب ۽ 1927ع ۾ راءِ بهادر جي خطاب سان نوازيو ويو.

شيوارام ڏيونمل ٻئي ٽرم ۾ يعني 1924ع کان 1928ع تائين ٻيهر ضلعي لوڪل بورڊ جو صدر ۽ سائين جي. ايم سيد نائب صدر چونڊيو ويو. جيئن ته محال مانجهند، محال ڪوهستان ۽ ڪوٽڙي تعلقو ڪراچي ۾ شامل هئا تنهنڪري سائين جي. ايم سيد ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو نائب صدر چونڊيو ويو. 1928ع ۾ سائين جي. ايم سيد صدر ۽ خانبهادر الله بخش گبول ضلعي لوڪل بورڊ جو نائب صدر چونڊجي آيا. جڏهن 1933ع ۾ ڪوٽڙي تعلقو الڳ ڪيو ويو ته، جي. ايم سيد صدر نه رهيو ۽ جيئن ته خان بهادر الله بخش گبول نائب صدر هو، ان کي صدر جا اختيار ڏنا ويا. 1939ع کان 1942ع تائين ٺٽي جو محمد عثمان سومرو ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو صدر (پريزيڊنٽ) ٿيو.

ضلعي ڪراچي (ٻهراڙيءَ) ۾ شاهبندر تعلقو، جاتي تعلقو، سجاول  تعلقو، ميرپور بٺورو تعلقو، ميرپور ساڪرو تعلقو، ٺٽو تعلقو، گهوڙاٻاري تعلقو ۽ ڪوٽڙي تعلقو شامل هئا. 9 تعلقن کانسواءِ ٽي محال، ڪيٽي بندر، مانجهند ۽ ڪوهستان به ضلعي ڪراچي ۾ شامل هئا. ڪراچي تعلقو ميونسپلٽي وارن علائقن تي ٻڌل هو. اهڙي طرح ڪراچي ڪليڪٽوريٽ (ضلعي) ۾ 1933ع کان اڳ 9 تعلقا هئا.

مختلف وقتن ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جا چونڊيل ۽ ٿاڦيل ڪجهه ميمبرن جا نالا جيڪي ملي سگهيا آهن اهي هيٺ ڏجن ٿا.

پير حاجي عبدالرحيم شاهه سجاول، وڏيرو الله ڏنو دڙو، رئيس امام بخش خان ڳاهو (1928ع کان ڏهه سال لاڳيتو ميمبر رهيو)، خان بهادر خير محمد چانڊيو لاڏيون شاهه بندر (1921ع کان 1927ع تائين ميمبر رهيو)، سيٺ حاجي محمد جعفر خواجو ميرپور بٺورو (1922ع کان 1928ع تائين ميمبر رهيو ۽ 1934ع واري ٽرم ۾ ٻيهر ميمبر رهيو). شيخ حاجي جلال الدين پير پٺو، پير ميان غلام حيدر شاهه، خليفو ماڪر ٻيو جاتي، ملڪ ميان فريد خان ملڪاڻي جاتي (عبدالله خان جو پٽ)، سيد شاهنواز شاهه ٺٽو (جيڪو صدر لاءِ 1928ع واري ٽرم ۾ سائين جي. ايم سيد جي سامهون بيٺو پر هٿ کڻي ويو)، حاجي خميسو خان دڙو، ارباب سليمان ولد حاجي خميسو خان دڙو، مسٽر عبدالرحمان ڪراچي (1925ع کان 1928ع تائين ميمبر رهيو) سيٺ هر چند راءِ وشنداس جنهن جو جنم 1862ع ۾ ٿيو. جيڪو سڀ کان وڌ ڏهه سال ڪراچي ميونسپلٽي جو چونڊيل صدر رهيو. 1881ع ۾ بمبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج مان گريجوئيشن ۽ 1885ع ۾ ايل. ايل. بي ڪيائين. 1888ع ۾ ڪانگريس ۾ شامل ٿيو.

1928ع ۾ سائمن ڪميشن جي خلاف ووٽ ڏيڻ لاءِ پنجاب جي لالا لجپترا جي چوڻ تي بيمار هوندي ۽ ڊاڪٽرن جي سختي سان منع ڪرڻ جي باوجود اسيمبلي جي اجلاس واري ڏينهن پاڻ کي کڻائي اسيمبلي ڏانهن روانو ٿيو ته روح پرواز ڪري ويس. اسيمبليءَ جو اجلاس روڪيو ويو. سندس ڪلهي ڪانڌي پنڊت جواهر لعل نهرو، من موهن ولڀ ڀائي پٽيل، لالا لجپترا ۽ سر لانس گرام ٿيا. سندس اڳتي سنسڪار جمنا ندي ڪناري ٿيو. راءِ بهادر سيٺ وشنداس سانولاڻي جيڪو شروع کان آخر تائين مسلسل جيئري رهڻ تائين ميمبر رهيو. خان بهادر ولي محمد، سيد ميان محمد ڪامل شاهه، خان بهادر آردشير هر مسجي ماما ڪراچي (جنهن جي نالي تي اڄ به منگهي پير ۾ ماما باٿ گرم چشمو مشهور آهي جيڪو هن وقت گڏاپ ٽائون جي حوالي آهي. اهو پاڻي ڪوڙهه ۽ خارش جي مريضن لاءِ اڪسير آهي. آردشير ايڇ. ماما ڪراچي ميونسپالٽي جو 1936ع کان 1937ع تائين ميئر به رهي چڪو آهي.) مسٽر طيب علي علوي جيڪو ڪراچي شهر جو هو، جنهن کي سائين جي. ايم سيد 1928ع ۾ پنهنجي زمين جو کاتو نالي ڪرائي ٻهراڙيءَ ۾ ووٽ داخل ڪرايو ۽ پوءِ هي مهال مانجهند جي تڪ مان بنا مقابلي ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو ميمبر ٿيو.

ڪراچي جي هاڻوڪي ٻهراڙيءَ وارو علائقو ان دور ۾ سياسي محرومين جو شڪار هو سواءِ هڪ يا ٻن جي 50 سالن تائين ڪو به مانهو ضلعي لوڪل بورڊ تي ميمبر به چونڊجي نه سگهيو. جنهن جي ڪري هتان جا ماڻهو معاشي طور تي خوشحال هئا پر سياسي، شهري ۽ انساني هقن کان محروم هئا. هڪ ته ڪراچي جي هاڻوڪي ٻهراڙيءَ ۾ ڪو به سردار، راءِ بهادر، خان بهادر، سر ۽ ريٽائر سرڪاري ڪامورو نه هو. فقط هڪ خان بهادر الله بخش گبول هو جيڪو لياري ۽ گڏاپ ٻنهي هنڌ رهندڙ هو.

1933ع ۾ ڪوٽڙي تعلقي ۽ محال مانجهند ۽ محال ڪوهستان کي ڪراچي کان الڳ ڪري دادو ۾ شامل ڪيا ويا ۽ الڳ ضلعو دادو ٺاهيو ويو ته ٺٽي وارن جي اچي ٻيگهي متي انهن ڪراچي جي ٻهراڙيءَ جي ترقي لاءِ ملندڙ تمام سهولتن تي جملي حق واسطا پاڻ تائين محدود رکيا. هتان جو ماڻهو جنهن کي ٿوري خوشي نصيب ٿي اها ختم ٿي ويئي ۽ ڪراچي جون ٻهراڙيون وري به ڪنهن سڻائي وقت جي اوسيئڙي ۾ هيون، ورهاڱي کانپوءِ 1948ع ٺٽي کي الڳ ڪري ضلعو بڻايو ويو ۽ هن کي ڪراچي کان الڳ ڪيو ويو. هاڻوڪي ڪراچيءَ جون 38 ديهون هن ۾ شامل ڪيون ويون. هن جي باوجود ڪراچي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو پنهنجي سورن کي پرچائيندا رهيا. انهن سان هڪ سسئيءَ ٻيو سور وارو حشر هو.

ڪراچي وفاق جي گاديءَ واري ماڳ ٿيڻ سان هتان جي ماڻهن کي صوبائي توڙي مرڪزي حڪومتن ۾ نمائندگيءَ جا حق ڏنا ويا پر ڪراچي جي پسگردائيءَ جي رهواسين لاءِ ٻنهي تڪن ۾ ”بيهڻ“ به ڏوهه هو. ڇاڪاڻ ته بيهڻ پري جي ڳالهه هئي پر انهن کان ووٽ جو حق کسيو ويو. هر شيءِ ۾ انهيءَ دور ۾ ٻهراڙين کي نظر انداز ڪيو ويو. سياسي طور هميشه هي پيڙبا رهيا آهن. تنهنڪري انهن ظلمن خلاف ڪابه سياسي قوت اڀري نه سگهي.

معاشي طور تي هي ماڻهو زراعت سان واڳيل هئا ۽ پاڻ ڀرا هئا تنهن جي ڪري به انهن ماڻهن سياست پاسي گهٽ ڌيان ڏنو ۽ سياست جي دائو پيچن کان اڻ ڄاڻ هئا. انهيءَ دور ۾ ويندي کنڊ جي ڪوٽا به شهرين ڀيٽ ۾ ٻهراڙيءَ واسين کي گهٽ ملندي هئي. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ايوب خان جي بنيادي جمهوريت جي نظام جي ٻئي دور 1963ع تائين ڪراچي ٻهراڙي جا ماڻهو ووٽ سميت هر بنيادي حقن کان محروم رهيا.

بنيادي جمهوريتن جو نظام ايوب خان متعارف ڪرايو. ضلع لوڪل بورڊ جو نالو ضلع ڪائونسل ڪراچي رکيو ويو. جيڪا ٻهراڙين تي هوندي هئي. هيٺين سطح تي يونين ڪائونسلون جوڙيون ويون، شهرن ۾ يونين ڪاميٽون ٺاهيون ويون. نيٺ الله کي رحم آيو ۽ پهريون ڀيرو ڪراچي جي ٻهراڙين جا ماڻهو حڪومت جي ايوانن تائين پهتا. ڇاڪاڻ ته اها خود ايوب خان جي ضرورت هئي ۽ انهن چونڊيل نمائندن جي آڌار تي هو ملڪ جو صدر ٿيو. ان دور ۾ ڪراچي جي ٻهراڙين ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اسڪول هئا. ڪجهه علم دوست ماڻهن پرائيويٽ اسڪول ۽ مدرسا قائم ڪري تعليم لاءِ روشني پيدا ڪئي. ڪراچيءَ جو شهر ويو اسرندو ۽ ان جون لاڳاپيل ٻهراڙيون سسڻ لڳيون. انگريزن جي قبضي وقت جنهن ٻهراڙين جون حدون هڪ پاسي پراڻي سبزي منڊي، ٻئي پاسي هاڻوڪي نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، ٽئين پاسي نرسري (ٺٽو ناڪو) کانپوءِ وارا علائقا لياري نئين پاسي ماڙي پور کانپوءِ وارا علائقا شامل هئا.

شهرن جا اڏيندڙ ٻهراڙين کي ڳڙڪائيندا ويا. ورهاڱي کان 1960ع کانپوءِ 1963ع ۾ ٻئي ٽرم لاءِ ضلعي ڪائونسل ڪراچي جون چونڊون ٿيون. جنهن ۾ مسلم ليگ جي طاقت جي باوجود ڪراچي جي ڳوٺاڻن پهريون ڀيرو ٻڌي ڪري شهري نمائندن کي جيڪي ٻهراڙي جي نالي تي پهرئين ٽرم ۾ چونڊجي اچي ضلع ڪائونسل ڪراچي تي قبضو ڪري ويٺا هئا ٿڏي ڇڏيو. اهڙي طرح ڳوٺاڻي ضلعي ڪائونسل ۾ مڪمل نمائندگي حاصل ڪرڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو گڏ ٿي نائب چيئرمين جي عهدي تي حاجي داد رحيم بلوچ کي ڪامياب ڪيو. چيئرمين جيئن ته سرڪاري ماڻهو ڊپٽي ڪمشنر هوندو هو.

جيئن ته هي ضلعي ڪائونسل طاقتور سرڪاري مسلم ليگ کان کٽي آئي هئي تنهن ڪري وقت جي حڪمرانن ٻهراڙين واسين کي هر بنيادي سهولتن کان محروم ڪري خوب بدلو ورتو. فنڊ روڪيا ويا. صوبائي توڻي وفاقي ڦيرو نه آيو. انهن سڀني زيادتين ۽ محرومين جي باوجود ضلعي ڪائونسل پنهنجي مختصر ۽ محدود وسيلن جي آڌار تي ڪم شروع ڪيو. هن وقت ڪائونسل جي چونڊيل ۽ ٿاڦيل ڪل ميمبرن جو تعداد 30 هو. جنهن ۾ يونين ڪائونسلن، ٽائون ڪميٽين ۽ ڪنٽونمنٽ بورڊ جا چيئرمين پڻ ميمبر هوندا هئا.

ايوب خان جي وڃڻ سان گڏ بنيادي جمهوريت وارو نظام به پنهنجي موت پاڻ مري ويو. تمام بلدياتي ادارن تي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا ويا. جيڪي گهڻو ڪري ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿيندا هئا. اهو سلسلو ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ به جاري رهيو. ڀٽي جي دور ۾ فقط هڪ ڪم ڪيو ويو جو انهن ادارن جي نالي پويان ”پيپلز“ جو واڌارو ڪيو ويو، ”پيپلز ضلعي ڪائونسل ڪراچي“.

جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ نئون لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 1979ع جاري ڪيو ويو. جنهن مطابق ٻهراڙين تي ٻڌل علائقن تي ضلعي ڪائونسل ۽ يونين ڪائونسلون جوڙيون ويون. هر ضلعي تي ضلعي ڪائونسل ٺاهيون ويون پر ڪراچي ۾ هن وقت چار ضلعا هئا پوري ڪراچي ۾ جيڪي ٻهراڙي هئا. ٻن ضلعن ڪراچي اولهه ۽ ڪراچي اوڀر تي ٻڌل هئي. هڪ ضلعي ڪائونسل ٺاهي ويئي. هن آرڊيننس تحت نامزدگيون ختم ڪيون ويون ۽ چيئرمين جيڪو پهرئين سرڪاري آفيسر هوندو هو جيڪو حڪومت پاران نامزد ڪيو ويندو هو اهو طريقو به ختم ڪيو ويو ۽ نامزد ميمبر جيڪي حڪومت پاران مقرر ڪيا ويندا هئا اهي به ختم ڪيا ويا. تمام ميمبر سواءِ چيئرمين ۽ نائب چيئرمين ۽ مخصوص سيٽن جي عوام جي سڌي ووٽ وسيلي چونڊيا ويندا هئا. جيڪي پوءِ چيئرمين، نائب چيئرمين ۽ مخصوص سيٽن تي ميمبر چونڊيندا هئا ۽ انهن ڪائونسلن کي ٽيڪس لڳائڻ ۽ پنهنجي آمدني کي وڌائڻ جا مڪمل اختيار به ڏنا ويا. اهي ادارا هن دور ۾ مڪمل آزاد ۽ خودمختيار هئا ۽ اهي ڪائونسلون مڪمل چونڊيل نمائندن جي هٿ ۾ هيون.

1979ع جي چونڊن ۾ ضلعي ڪائونسل تي حاجي شفيع محمد ڄاموٽ احتجاجن چيئرمين ۽ غلام جان بروهي وائيس چيئرمين چونڊجي آيا. ايم آر ڊي تحريڪ جي نتيجي ۾ حاجي شفيع محمد ڄاموٽ احتجاجن چيئرميني تان استعفيٰ ڏني ته وائيس چيئرمين غلام جان بروهي ڪجهه وقت لاءِ وقتي چيئرمين نامزد ٿيو. 1983ع واري ٽرم ۾ عبدالحڪيم بلوچ چيئرمين ۽ غلام جان بروهي وائيس چيئرمين چونڊيا ويا.1987ع واري ٽرم ۾ ٻيهر حاجي شفيع محمد ڄاموٽ چيئرمين ۽ حاجي محمد عمر مينگل وائيس چيئرمين چونڊجي آيا. هن ڪائونسل ۾ ٽوٽل 43 ميمبر هئا. جن جي ترتيب هيٺين ريت هئي.

سڌي عوام وسيلي چونڊيل ميمبر

35

عورتن لاءِ مخصوص سيٽون

04

مزدور ۽ هارين لاءِ مخصوص سيٽون

03

اقليتي ميمبر جيڪو سڌي عوام جي ووٽن وسيلي چونڊيو ويندو هو.

01

ٽوٽل ميمبر

43

نومبر 1992ع ۾ جڏهن پوري سنڌ جا بلدياتي ادارا معطل ڪري ٽوڙيا ويا ته ضلعي ڪائونسل ڪراچي کي به ٽوڙيو ويو. پوءِ 14 آگسٽ 2001ع تائين نئين نظام جي اچڻ تائين ٻين ادارن وانگر ضلعي ڪائونسل ڪراچي ۽ يونين ڪائونسلن تي ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيندا آيا.

1993ع ۾ جڏهن ملير ضلعو ٺاهيو ويو ته پوءِ ضلعي ڪائونسل ڪراچي ضلعي ملير ۽ اولهه جي حدن ۾ جتي ٻهراڙيون هيون تي ٻڌل هو. نئين نظام جي اچڻ تائين ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي حدن ۾ يارنهن يونين ڪائونسلون هيون. ملير ۾ جيڪي يونين ڪائونسلون هيون انهن ۾ (1) ابراهيم حيدري (2) لانڍي (3) درساڻو ڇنو (4) ٿاڻو (5) ڪونڪر (6) گڏاپ (7) موئيداڻ (8) ڳجهڙو شامل هئا. جڏهن اولهه ضلعي ۾ جيڪي يونين ڪائونسلون هيون انهن ۾ (1) سونگل (2) منگهو پير (3) گابو پٽ شامل هئا. 1993ع ۾ ڳجهڙو کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو ڏيئي ضلعي ڪائونسل جي حدن مان ٻاهر ڪيو ويو. هن کان اڳ هي يونين ڪائونسل ضلعي ڪائونسل ۾ شامل هو. ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي آخري چونڊيل ڪائونسل جي ميمبرن جا نالا ۽ حلقا هيٺين ريت هئا.

ڪائونسل (ڊي سي) نمبر

يونين ڪائونسل ۽ ضلعو

حلقو ديهه وار

چونڊيل ميمبرن جا نالا

01

گابو پٽ - ڪراچي اولهه

ديهه من، ديهه الله ٻنون، ديهه لال بکر، ديهه ميندياري ۽ ديهه ڇتارا

مولا بخش بروهي

02

گابو پٽ - ڪراچي اولهه

ديهه گابو پٽ، ديهه موچڪو، ديهه مواڇ ۽ ديهه گوندپاس

عبدالغني خاصخيلي

03

منگهو پير - ڪراچي اولهه

ديهه حب، ديهه هلڪاڻي، ديهه مائي ڳاڙهي، ديهه مٺاڻ ۽ ديهه اورنگي جو ڪجهه حصو

صالح محمد ڀنڀرو

04

منگهو پير - ڪراچي اولهه

ديهه بند مراد خان، ديهه ڄام جو چکرو، ديهه سورجاڻي، ديهه منگهو پير ۽ ديهه ٻٻراڻو جو ڪجهه حصو

محمد عمر مينگل (وائيس چيئرمين)

05

سونگل - ڪراچي اولهه

ديهه نانگڻ، ديهه تائيسر، ديهه بجار بٺي، ديهه الله ڦهائي، ديهه مهيو، ديهه مٺان گهر، ديهه لوهارڪو لنگ ۽ ديهه مانڊڙو

ڀورا خان بروهي

06

سونگل - ڪراچي اولهه

ديو موکي، ديهه ناراٿر ۽ ديهه شاهه مريد

فقير الله بخش جوکيو

07

موئيداڻ – ملير

ديهه کار، ديهه موئيداڻ، ديهه شوڙڪنڊ، ديهه جنگ ڪنڊ، ديهه ڪنڊ، ديهه واڻ ڪنڊ، ديهه مهير جبل، ديهه سوندي، ديهه لسر، ديهه جهونجهار، ديهه تراڙي ۽ ديهه ڀاڊ

وڏيرو عالم خان ٻرو

08

گڏاپ – ملير

ديهه شورينگ، ديهه شاهي ڇٻ، ديهه گڏاپ ۽ ديهه ڪرمتياڻي

حاجي امام بخش ٻرو

09

گڏاپ – ملير

ديهه حدرواهه، ديهه ٻولهاڙي ۽ ديهه لنگهيجي

حاجي شير محمد گبول

10

درساڻو ڇنو- ملير

ديهه ڪاٺوڙ، ديهه ٻائل، ديهه اميلاڻو، ديهه کديجي ۽ ديهه آبدار

ڪمال خان جوکيو

11

درساڻو ڇنو- ملير

ديهه چوهڙ ۽ ديهه ڪوٽيرڙو

ڄام عبدالحفيظ جوکيو

12

درساڻو ڇنو- ملير

ديهه جوريجي

بابو نور حسن

13

درساڻو ڇنو- ملير

ديهه ڊانڊو، ديهه گهگهر، ديهه ڌاٻيجي، ديهه پپري ۽ ديهه ٻاڪراڻ

علي خان جوکيو

14

ٿاڻو – ملير

ديهه ٿاڻو اڌ حصو

نطير احمد بلوچ

15

لانڍي - ملير

ديهه کاکڙ ۽ ديهه سنهڙو

محمد جيئند خاصخيلي

16

لانڍي – ملير

ديهه کانٽو ۽ ديهه ڱانڱيارو

سيد خدا ڏنو شاهه

17

لانڍي – ملير

ديهه لانڍي

محمد يونس بلوچ

18

ابراهيم حيدري -ملير

ديهه ريڙهي جو ڪجهه حصو

شفيع محمد موساڻي

19

ابراهيم حيدري –ملير

ديهه ريڙهي جو باقي حصو

صابو خان جت بلوچ

20

ابراهيم حيدري-ملير

ديهه ابراهيم حيدري

حاجي رضا محمد بلوچ

21

ابراهيم حيدري –ملير

ديهه ابراهيم حيدري

حاجي احمد ڪڇي

22

ابراهيم حيدري –ملير

ديهه ابراهيم حيدري

حاجي شفيع محمد ڄاموٽ (چيئرمين)

23

ابراهيم حيدري –ملير

ديهه ابراهيم حيدري

حاجي محمد رمضان محمداڻي

24

ابراهيم حيدري –ملير

ديهه ابراهيم حيدري

حاجي صالح محمد ڦلاڻي

25

ابراهيم حيدري –ملير

ديهه ابراهيم حيدري

محمد خان چارڻ

26

ابراهيم حيدري –ملير

ديهه ابراهيم حيدري

سيد يوسف شاهه

27

ڳجهڙو – ملير

ديهه ڳجهڙو ٻهراڙي وارو حصو

صوفي محمد مراد گبول

28

ڳجهڙو – ملير

ديهه صفوران، ديهه دوزان ۽ ديهه سونگل

ولي محمد گبول

29

ڳجهڙو – ملير

ديهه اوڪيواڙيءَ جي ٻهراڙي وارو حصو

محمد هاشم بلوچ

30

ڳجهڙو – ملير

ديهه اوڪيواڙيءَ جي ٻهراڙي وارو حصو

شمس الحق بلوچ

31

ڪونڪر – ملير

ديهه ٽوڙ، ديهه ڪونڪر ۽ ديهه ٿڌو

غلام محمد جوکيو

32

ڪونڪر – ملير

ديهه درساڻو ڇنو

عبدالقادر جوکيو

33

ڪونڪر – ملير

ديهه کرکرو ۽ ديهه بازار

ناٿا خان جوکيو

34

ڪونڪر – ملير

ديهه ملهه

عبداللطيف سمون

35

ڪونڪر – ملير

ديهه ملهه

حاجي گل محمد ميمڻ

36

اقليتي سيٽ

پورو ضلعي ڪائونسل ڪراچي جو علائقو

جيٺا مل

مزدور ميمبر جي سيٽ تي محمد اسحاق مينگل، هاري ۽ ننڍي آبادگار جي سيٽ تي علي محمد خاصخيلي ۽ عبدالرحمان ميمڻ ميمبر هئا.

 


ضلعي ڪائونسل ڪراچي جو پهريون چيئرمين حاجي شفيع محمد ڄاموٽ ۽ عبدالحڪيم بلوچ

 

ضلعو ملير 1993ع ۾ قائم ٿيو ان کان اڳ اهي علائقا ضلعي ڪراچي اوڀر ۾ شامل هئا. 14 آگسٽ 2001ع تي جڏهن نئون بلدياتي نظام نافذ ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ قائم ٻهراڙيءَ جي علائقي کي هميشه لاءِ ختم ڪيو ويو. انهن علائقن ۾ چونڊيل سڀ مقامي ماڻهو هئا ۽ هي ادارو بجيٽ ۾ به خودمختيار هو ۽ مقامي ماڻهن جي ڪنٽرول ۾ هو. ان کي ختم ڪري ڪراچي کي 18 ٽائونن ۾ ورهايو ويو. ٻهراڙيون ختم ڪيون ويون. نئين نظام ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪراچي جي ٻهراڙين کي پيو. ضلعي ڪائونسل ۽ يونين ڪائونسلن جي هڪ ارب 20 لک ساليانو آمدني کان مٿي بجيٽ جنهن تي فقط ٻهراڙي واسين جو حق هو ختم ڪيو ويو ۽ هاڻي انهن جي جاءِ تي قائم ادارو سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ۽ صوبائي حڪومت ڏانهن بجيٽ لاءِ واجهائيندا رهن ٿا، ضلعي ڪائونسل ڪراچي جو گهڻو حصو گڏاپ، بن قاسم ٽائون ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن يونين ڪائونسل گابوپٽ کي ڪياماڙي ٽائون ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ديهه اورنگي جو فقط بلوچ ڳوٺ وارو حصو آخري دور ۾ شامل هو، ان کي اورنگي ٽائون ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ضلعي ڪائونسل ۾ شامل يونين ڪائونسل ڳجهڙو کي 1993ع ۾ ٽائون ڪاميٽي بنايو ويو ۽ 1994ع ۾ شهري علائقي ۾ شامل ڪيو ويو هو. 14 آگسٽ 2001ع ۾ جڏهن ضلعي ڪائونسل کي ختم ڪيو ويو ته هن علائقي ۾ 10 يونين ڪائونسلون بچيون هيون. منگهوپير يونين ڪائونسل جي ديهه سورجاڻي کي به الڳ ڪري هتي ڪي.ڊي.اي پاران هائوسنگ اسڪيم تيار ڪئي ويئي آهي. ديهه ٻٻراڻو جو ڪجهه حصو يونين ڪائونسل منگهوپير ۾ شامل هو. هن کي 1990ع ۾ شهر ۾ شامل ڪيو ويو هو.

اهڙي طرح باقي بچيل ضلعي ڪائونسل کي 14 آگسٽ 2001ع ۾ ختم ڪري 100 سالن واري تاريخ کي ختم ڪيو ويو. ياد رهي ته ٻهراڙي تي ٻڌل اهو علائقو 1901ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. ختم ٿيڻ وقت ضلع ڪائونسل ڪراچي جو آخري ايڊمنسٽريٽر، ڪمشنر ڪراچي شفيق الرحمان پراچا، آخري چيف آفيسر حاجي غلام شبير جتوئي، انجنيئر محمد يونس آرائين، اڪائونٽس آفيسر عبدالرشيد بروهي ۽ پبلڪ رليشنز آفيسر گل حسن بلوچ (راقم) مقرر هئا. ضلع ڪائونسل ڪراچي جي ايريا 1200 سئو اسڪوائر ميلن تي ٻڌل هو ۽ هن ۾ 1300 سئو کان مٿي ڳوٺ هئا.

 

14 آگسٽ 2001ع کان اڳ ضلعي ڪائونسل ڪراچي جو نقشو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org