ڪنڊ ڏانهن ويندڙ رستي جي ساڄي هٿ تي وڏي علائقي تي
هٿرادو لوهي ڄار جو واڙو ٺاهيو ويو آهي جيئن اڻلڀ
۽ قيمتي جانورن ۽ پکين جي نسل ۾ واڌارو ڪري سگهجي.
کار سينٽر جي انهيءَ لوهي ڄار جي واڙي جو چوڪيدار
پنهنجي مخصوص آواز سان هتي موجود گڊ کي سڏيندو
آهي، جيڪڏهن ويجهو ڪٿي آهي ته پهچندو ۽ آيل ماڻهو
هن جو ديدار ڪندا آهن. هتي هڪ گول هٿرادو تلاءُ ۾
واڳون به آهن جيڪي بدبودار پاڻي ۾ وقت پيا گذارين.
حب ڊيم ويجهو هوندي به پاڻي جو ڪو بندوبست ڪونهي.
لائينون ته وڇايل آهن پر انهن مان به ڪڏهن ڪڏهن
قسمت سان پاڻي تلاءُ تائين پهچايو ويندو آهي. کار
سينٽر جي جانورن لاءِ گاهه لي مارڪيٽ پراڻي ڪراچي
شهر مان ايندو آهي. هتي ڀلي زمين، پاڻي ۽ نوڪرن جي
فوج هئڻ جي باوجود اهو گاهه ايڏو پري کان گهرايو
پيو وڃي، جيڪو هتي به پوکي سگهجي ٿو. ڪراچي ضلعي
جون 16 ديهون نيشنل پارڪ ۾ شامل آهن. جنهن ۾ اڳوڻو
پورو يونين ڪائونسل موئيداڻ، جنهن جون 12 ديهون
هيون، نيشنل پارڪ ۾ شامل آهي. هتي وڻ وڍڻ ۽ ريتي
بجري کڻڻ تي مڪمل پابندي آهي پر پوءِ به علائقي جي
وڻن کي وڍيو پيو وڃي ۽ جهنگ تيزي سان تباهه ٿي
رهيو آهي. ڪجهه سال اڳ جڏهن آئون ديهه موئيداڻ ويس
ته حب جي ڪناري ڳوٺ غلام قادر بنديچي کان وٺي حسين
علي بڪڪ تائين رستي جي ڪناري ۽ کيٽن ۾ شاهي وڻ
هئا، پر هاڻي هتي ڪجهه به نه آهي. سڀني وڻن کي
بيدردي سان وڍيو ويو آهي. پوري 16 ديهن ۾ اهو
سلسلو جاري آهي. انهيءَ غير قانوني ڪم ۾ ملوث
ماڻهن کي ڪو به چوڻ وارو ڪونهي. ريتي بجري کڻڻ تي
هون به پوري ملير ۾ پابندي آهي. نيشنل پارڪ ۾ خود
وائلڊ لائيف آرڊيننس موجب ان جي کڻڻ تي سختي آهي.
پر پوءِ منرل ڊپارٽمينٽ وارا غير قانوني طور کار
نئين، موئيداڻ ڍوري ۽ ٻين ڍورن مان ريتي بجري کڻڻ
واسطي ليز ڏيئي حڪومت پاران ٺاهيل پنهنجي قانون جي
ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. ملڪ ۾ ماحوليات جو قانون به
ٺهيل آهي پر ڪراچي جي ٻهراڙي جا اهي علائقا جن ۾
ڪوهستان جو علائقو به شامل آهي ڄڻ ته هن قانون جي
حدن کان ٻاهر آهن.
ديهه کار جنهن ۾ کار سينٽر قائم آهي، جيئن اڳتي
ڪنڊ ڏانهن وڃبو ته هڪ پاسي جابلو سلسلو ۽ ٻئي پاسي
ڪجهه فاصلي تي حب ندي آهي ۽ رستي ۾ ايندڙ کار ۽ ٻا
ڍورا ۽ ڍوريون آهن. کار ۾ زمين ڪٿي ڪٿي ڪلراٺي آهي
جنهن جي ڪري هن علائقي کي کار چيو ويندو آهي. ڳوٺ
معين بڪڪ جي آس پاس حب ندي تائين زراعت ڪئي ويندي
آهي. ڳوٺ ملا فيض محمد بڪڪ تائين هي علائقو 2006ع
۾ جڏهن آئون هتي ويو هوس ته علائقو سرسبز هو. ڳوٺ
ملا فيض محمد بڪڪ ديهه موئيداڻ ۾ آهي. موئيداڻ
يونين ڪائونسل جو نالو به انهيءَ ديهه جي نالي ڪري
رکيو ويو آهي. هتان ڪنڊ لاءِ ٻه رستا نڪرن ٿا هڪ
سڌو سنئون، جڏهن ته ٻيو ڳوٺ موئيداڻ پراڻي نقشي ۾
اهو ڳوٺ موئيداڻ ڍوري جي ڪپ تي ڏنل آهي. حاجي
وريل، حاجي صوفن، ملا شير محمد بنديچي کان ٿيندو
غلام قادر بنديچو، يار محمد بنديچو، محمد بخش
باريچو، رضا محمد بنديچو، حسين علي بڪڪ ديهه شوڙ
ڪنڊ کان ”سان“ ڍوري لڳ ملا فيض محمد بڪڪ کان ايندڙ
رستي سان ملي ٿو. هي پورو علائقو ملا شير محمد ڳوٺ
کان وٺي حب ندي جي ڪنڌي سان لڳولڳ خوبصورت علائقو
آهي. انهن جبلن ۾ غلام قادر ڳوٺ جي سامهون هڪ جبل
جي چوٽي تي جبل ائين ڪٽيل آهي جو پري کان ائين
محسوس ٿئي ٿو ته ٻيڙي هجي ۽ مون ان جو نالو نوح
جي ٻيڙي رکيو آهي. جيڪو ملا فيض محمد بڪڪ واري ڳوٺ
کان ڪنڊ ڏانهن ايندي کاٻي پاسي به نظر اچي ٿو.
انتهائي ڏکي چاڙهي آهي پر پوءِ به هتان جا ماڻهو
هن تي چڙهي عقيدت طور سڪا هتي رکي اچن ٿا. هن جو
مقامي نالو ڳچڙي آهي.
سان ڍورو: سان ڍورو جيڪو مهير جبل مان وهي ديهه
موئيداڻ ۽ ديهه شوڙ ڪنڊ کي ڌار ڪري حب نديءَ ۾ ڇوڙ
ڪري ٿو. جتي اهي ٻئي ڪچا رستا ملن ٿا هتي ٽڪري تان
هيٺ ڪرڻ ڪري اتي هڪ اونهو ڪن ٺهي پيو آهي. جيڪو
تازين برساتن کانپوءِ ٽمٽار هو ۽ ڪن کان اڳتي صاف
۽ شفاف پاڻي وهي رهيو هو. آس پاس جي ٽڪرين تي
جهُور ۽ ٿوهر جا گل خوبصورت نظارو پيش ڪري رهيا
هئا. فطرت جا پوڄاري انهيءَ جاءِ ڇڏڻ لاءِ تيار نه
هوندا پر مسافرن کي به هلڻو آهي.
هتي هڪ روايت آهي انهيءَ ڍوري تي ”سان“ نالو ائين
پيو ته، ڪجهه رونشي باز ماڻهن هڪ ”سان“ کي اکين تي
پٽ ٻڌي ان کي ان جي ماءُ تي ڇڏيو. پٽي لهڻ
کانپوءِ جڏهن هن ڏٺو ته سندس ماءُ سامهون بيٺي آهي
۽ اکين مان وهندڙ لڙڪن جو ٻوجهه نه سهي هن ڪُن ۾
ٽپو ڏيئي پاڻ کي هميشه لاءِ ختم ڪيو. ان ڏينهن
کانپوءِ انهيءَ ڪن جو نالو ”سان“ ڪن ۽ ڍوري جو
نالو ”سان“ ڍورو مشهور ٿيو.
سان ڍوري کان اڳتي ڪنڊ ڏانهن وڃبو ته رستي جي ڪپ
تي ڪجهه قبرون ملنديون. جتي هڪ ڇني جي هيٺيان بزرگ
جي قبر آهي. انهيءَ قبرستان کان ٿورو اڳتي کاٻي
پاسي بٺي تي جڏهن چڙهبو ته حب ندي جو نظارو ڏسڻ
وٽان آهي.
هڪ
پاسي مهير جبل، ٻئي پاسي حب جي پراڙ بلوچستان جو
جابلو سلسلو، سامهون مول وارو جابلو سلسلو انهيءَ
سڀني جي وچ ۾ ننڍن بٺين، ٽڪرين ۽ انهن مان وهي
ايندڙ برساتي ڍورن وارو علائقو ڪنڊ ۽ جهنگ ڪنڊ.
ڪنڊ ويندي بکر خاصخيلي ڳوٺ لڳ مهير کان وهي ايندڙ
ڍوري ۾ سدائين کوٻن ۾ پاڻي بيٺل هوندو آهي. رستي
ويندي ڪنڊ تائين اهي نظارا ڏسڻ ۾ ايندا. ڳوٺ الله
ڏني بڪڪ وٽ پهچبو ته سامهون وشال لينڊ اسڪيپ ڏسي
ائين محسوس ٿيندو ڄڻ ماڻهو ملير جي ڪنهن سرسبز
وادي ۾ پهچي ويو هجي. هتي زمين تمام ڀلي آهي ۽ زير
زمين مٺو پاڻي هئڻ ڪري ڪنڊ ۾ زراعت ڪئي ويندي آهي.
ڪنڊ جي اسٽاپ پهچڻ تي هر پاسي زيتونن (جن کي اسان
ڪوهستان ۽ ملير جا ماڻهو ڄام چئون ٿا). انبن، ليمن
۽ ڪرونڊن جا وڻ نظر ايندا. هتي موسم جون سڀ ڀاڄيون
۽ ميوو ٿئي ٿو.
شايد ريتي بجري مافيا کي ڪنڊ نئين جي ريتي جي اڃا
خبر نه آهي؟ يا هتي پهچڻ جو رستو اڙانگهو آهي.
تنهن ڪري هي علائقو آباد آهي. ڪنڊ کانسواءِ ٻين
ديهن جن ۾ موئيداڻ، جهنگ ڪنڊ، واڻ ڪنڊ، تراڙي،
سوندي ۽ جهونجهار ۾ به زمين تمام ڀلي آهي پر پاڻي
نه هئڻ ڪري هتي جا ماڻهو باراني طريقي سان واهي
چاهي ڪندا آهن. جتي پاڻي آهي ته غريب ماڻهو وٽ
ايترو پئسو ڪونهي جو کوهه کوٽي، مشين لڳائي زراعت
ڪن ۽ حڪومت پاران انهن کي ڪا اهڙي سهولت مليل نه
آهي. نيشنل پارڪ ۾ هئڻ ڪري به هتان جي ماڻهن تي
پابنديون آهن. خود حڪومت نيشنل پارڪ جي مرڪزي جاءِ
تي غير ملڪي تيل ڪمپنين کي گهرائي تيل ڪڍڻ لاءِ
ڊرلنگ، بلاسٽنگ ۽ ٻين صوبن کان ماڻهن کي گهرائي
کيرٿر نيشنل پارڪ جي علائقي ۾ آباد ڪري پارڪ لاءِ
جوڙيل پنهنجن قانونن ۽ ماحوليات جي بين الاقوامي
قائدن، قانونن ۽ اصولن کي پائمال ڪري رهي آهي ۽
هتان جا غريب ماڻهو ڪنهن نئين يا ڍوري تي پاڻي
ذخيري لاءِ ڪو ويئر ٺاهين ٿا ته اهو غير قانوني
آهي. ڇاڪاڻ ته هتي ڪڏهن ڪڏهن سالن جا سال برسات نه
پوڻ ڪري ڏڪار منهن ڪڍندو آهي. تنهن لاءِ هي ماڻهو
تلاءُ ٺاهي ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي ۽ مال جي پيئڻ
لاءِ پاڻي گڏ ڪندا آهن.
سنڌ ڪوهستان جي آبادي 20 لکن کان مٿي آهي. جنهن ۾
دادو، ڄام شورو، ٺٽو، لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي ضلعن جا
جابلو علائقا اچي وڃن ٿا. ڪراچي ڪوهستان ۾ هاڻوڪو
گڏاپ ٽائون ۽ بن قاسم ٽائون مڪمل، ڪياماڙي ٽائون
يونين ڪائونسل گابو پٽ وارا علائقا اچي وڃن ٿا.
ڪوهستان ڪراچي جو اڌ حصو هاڻي شهر ۾ اچي چڪو آهي.
جنهن ۾ ديهه اڪيواڙي، ديهه ڳجهڙو، ديهه صفوران،
ديهه دوزان، ديهه مهراڻ، ديهه کاري لڪي، ديهه
اورنگي، ديهه ميٽاڻ، ديهه لال بکر، ديهه ٿاڻو ۽
ٻيا علائقا هاڻ مڪمل شهر ۾ اچي چڪا آهن. هتي موجود
ٽڪريون ختم ڪيون ويون آهن.
لسٻيلي وارو پورو علائقو هنگول تائين ڪوهستان ۾
شمار ٿئي ٿو. ڪنڊ کان وٺي حب جي ڇوڙ تائين ٻنهي
پاسي رهندڙ ماڻهن جون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون آهن.
ٻنهي پاسي انهن جون زمينون آهن. اهي حدون فقط
حڪومتن جي ڪاڳرن ۾ آهن. ٻنهي پاسي رهندڙ ماڻهو
انهن حدن کان بي نياز آهن. کيرٿر، لاکاڻ، پٻ،
ارڏي، ايري، سورجاڻي، تائيسر، سنبڪ، اٺ پلاڻ،
ملير، مهير، مري، مڱٿر، هاڙهو، هوتياري، پاچراڻ،
ڪاري، ڪانڀو، پٻڻي، سنگهر، لاکاڻ، لسر، ناراٿر،
مهيو، للو پڙهه، ملير حب، ٿڌو، پورالي، لس،
لنگهيجي، سڪڻ، ٻاڪراڻ، پپري، مول، گنڌاڪو، ٻارڻ،
ٻولهاڙي، من، اٿل، لاکهڙو، وندر، گڊاڻي ۽ ٻيا جبل،
نديون، ڍورا، ڍوريون سڀ انهن جو گڏيل تاريخي ورثو
آهن. اهي پٽ – پڌر، ڇپر انهن جي ساهه ۾ سانڍيل
آهي. اهي انهن لاءِ مذهب وانگر مقدس آهن.
ڇنڻ تان نه پيو هي سڱ نه ڇنڻ جهڙو
سنڌ ڪوهستان جي ايراضي 45 هزار چورس ميلن کان به
مٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق هڪ ميل جي علائقي
۾ ست ماڻهو رهن ٿا. ڪوهستان ۽ سنڌونديءَ جي ڪڇ
وارو علائقو ”ڪاڇو“ سڏبو آهي. ڪوهستان جي ماڻهن جي
زندگيءَ جو دارومدار برسات پوڻ تي آهي. ڪوهستاني
ماڻهو پٿريلن زمينن جو سينو چيري پنهنجو ۽ پنهنجي
ٻچن جو پيٽ گذران ڪندا آهن. ڪوهستان جون عورتون به
زندگيءَ جي انهيءَ ڏکئي پنڌ ۾ مردن سان گڏ هونديون
آهن. انهن جو گهڻو وقت انساني زندگيءَ جي بنيادي
ضرورت پاڻيءَ جي ڳولا ۾ گذري ويندو آهي. برساتن ۾
جڏهن نيون، ڍورا، تر، ترايون، کڏون، کوٻا ۽ کيٽ
ڀرجي ويندا آهن ته هو سک جو ساهه کڻنديون آهن. پر
ڏڪار ۾ ميلن جا ميل پنڌ ڪري پاڻي حاصل ڪنديون آهن.
اوچين چوٽين، خوبصورت ماٿرين جي اها ڌرتي برسات
کانپوءِ اترئين علائقن جو ڏيک ڏيندي آهي.
برسات نه پوڻ ڪري هتي زندگي ڏکي ٿي پوندي آهي.
پوءِ هي خوبصورت علائقو بک، بدحالي، ڏڪر جو ڏيهه
بڻجي ويندو آهي. جنهن جو اثر مال تي گهڻو پوندو
آهي. هتي گهڻو ڪري مالوند ماڻهو آهن. انهن جو گذر
بسر به مال ڌارڻ تي آهي. ڏڪر ڪري مجبور ٿي هي
پنهنجو مال وڪڻڻ لڳندا آهن. پر گهڻا لطيف مرشد جي
نصيحت تي عمل ڪري صبر ڪندا آهن.
ڪانڌ مَ وِڪُڻ ڪنديون، ڌڻ سڀوئي ڌار،
اڀَريون سَڀريون پانهنجون سيون سڀ سنڀار،
ٻن
ڇڏي ڇن پئي، وڃي ولهارن وار،
ته
اچي اڱڻان بهار، سرلا ڪندي سڏڙا.
اهو ئي هتان جي ماڻهن جي روزگار جو وسيلو آهي. هن
جديد دور ۾ به ڏڪار جڏهن منهن ڪڍندو آهي ته هتان
جا ماڻهو اڃ، بک ۽ بيماري وگهي تڙپي تڙپي مرن ٿا.
هي ڇپر جهڙا سگهارا ماڻهو به ڏڪر سامهون هيڻا ۽ بي
وس ٿي ويندا آهن. ڏڪر ڪري کاڌ خوراڪ، پيئڻ جو پاڻي
۽ مال جو چارو سڪي ويندو آهي. هزارين چوپايو مال ۽
ٻيو جهنگلي جيوت ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏئي ٿو. موتمار
ڏڪر ڪري هتان جي ماڻهن سماجي زندگي تي خراب اثر
وجهي ڇڏيا آهن. لڏپلاڻ ڪري انهن جي سماجي زندگي جو
تاڃو پيٽو سخت متاثر ٿئي ٿو ۽ ڏڪر ڪري شهرن ۽
بئراج واري علائقي جو رخ ڪن ٿا. جتي نوجوانن جي
گهڻائي سماجي براين خاص ڪري نشي ۽ چوري ۾ ملوث ٿي
رهي آهي. ڏڪر ڪري پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڪکاون گهرن
کي ڇڏڻ جو ڀوائتو تصور هر دردمند دل رکندڙ انسان
کي ڏک جا ڳوڙها روئاري ٿو. ڏڪر ۾ ويراني، موت جهڙي
خاموشي ڇانيل هوندي آهي. اوطاقون ويران ٿي وينديون
آهن ۽ اوچا پهاڙ اداس ٿي ويندا آهن.
ڏڪر جي باوجود هي ماڻهو پنهنجي ديس سان ڪيترو پيار
ٿا ڪن اهو هتي وڃڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو. هتي ماڻهو
غربت جي بين الاقوامي حد کان به هيٺ غريباڻي زندگي
گذارين ٿا پر پوءِ به خوش آهن.
هن
ڀيري جڏهن ڪراچي ڪوهستان ۾ هوس ته پلر پالوٽ ڪري
ڇڏيا هئا. هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ هئي. ڪنڊ نئين ۽
ٻين ڍورن ۾ ”سن“ جو صاف ۽ شفاف پاڻي وهي رهيو هو.
ساوڻي کانپوءِ هتي محفلون متل هونديون آهن، جتي
زندگيءَ جا آثار ڏسڻ ۾ ايندا آهن. زندگي مست هرڻي
وانگر ڇالون ڏيندي نظر ايندي آهي. جتي عورتون خوشي
جا ڳيچ جهونگارينديون آهن. ڪوهستان جي فطري حسن
سگهڙن ۽ شاعرن جي خوبصورت بيتن ۽ واين کي جنم ڏنو.
برسات جي مند کانپوءِ انهن ماٿرين ۾ نڙ بيت جون
سريليون شامون، وايون ۽ ڌراڙن جي بورينڊي جا سريلا
سر گونجندا آهن. باهه جي مچ تي پروليون سليندي
سگهڙ نظر ايندا آهن ۽ ڪچهري جا ڪوڏيا گڏ ٿيندا
آهن. چنگ، بين ۽ نڙ تي بيت جو مقابلو ڪندا آهن.
هتان جون ڪچهريون ۽ مارڪا نئين جهان ڏانهن وٺيو
وڃن.
جڳهي اسان جي ڪکن پنن جي
جنهن تي به نظر آ دشمنن جي
ساوڻي بعد گسن تي گاهه ڦٽندا آهن. ڀٽون،
”بٺيون، ٻورا سڀ ساوڪ سان سٿجي ويندا آهن. پلر جي
پالوٽ سان ٽوڀا، ترايون، ڇاڇرجي ڇلي پونديون آهن
جنهن کان به هي مالوند ماڻهو جي منهن جي مرڪ موٽي
ايندي آهي. چوپايو مال گهڻي انداز ۾ هئڻ سبب ڇيلن،
رڍن ۽ ٻڪرين جو واپار به گهڻو ٿئي ٿو. گگر پڻ جام
پيدا ٿئي ٿو. کيٽن ۾ ”وٽ“ (اڏ) تي تر، گوار،
والور، جوئر، مڱ، ٻاجهري، هيرڻ، گدرو، ٽماٽو، ٽنڊس
(مهيا) پوکي خوش ٿيندا آهن. مال سکيو ستابو ٿيو ته
”ڏاس“ ۽ ”اُن“ به چڱي انداز ۾ پيدا ٿيندو ۽ هٿ جي
ڀرت جو ڪم، موتين جي پوچ جو ڪم به ڪوهستان ۾ گهڻو
ٿئي ٿو. ڪوهستان جون رليون، گهگهو ۽ ٻيو ڀرت
خوبصورتي جي ڪري گهڻو مقبول آهن. پر اهي سڀ معاشي
ضرورتون برسات سان واڳيل آهن. هٿ هنر جا سينٽر
ٺاهي انهن کي مناسب اجورو ڏنو وڃي ته ڪنهن حد
تائين ڪوهستان جو معاشي مسئلو حل ٿي سگهي ٿو.
مالوند مال جي ڏوهائي ڪندي
موئيداڻ ديهه واري پاسي کان ايندي ڪنڊ جي بازار
ڏانهن وڃڻ کان اڳ ڪُنڊ نئين پار ڪبي ته هتي مول
جبل (گُري) مان وهي ايندڙ ٻوهه وارو ڍورو اچي ڪنڊ
۾ شامل ٿئي ٿو. ان پوري علائقي ۾ انهيءَ ڍوري ۾
ٻوهه جام ٿئي ٿو. جنهن جي ڪري ان ڍوري کي ”ٻوهه
وارو“ چيو ويندو آهي. اتر پاسي هڪ ڪچو پيچرو نڪري
ٿو. ٽن ۽ چئن ڪلوميٽرن کانپوءِ مول واري شاهي جبل
جي ڀڪ ۾ ڪراچي ضلعي جو آخري ڳوٺ محمد گنجو آهي. هر
سهولت کان محروم ڄار جي وڻن جي وچ ۾ ٺهيل هي ڳوٺ
منهنجي لاءِ ان ڪري اهميت رکي ٿو جو ٻين ڳوٺن
وانگر هي به تاريخي ڳوٺ آهي. ورهين کان هتي آهي.
ڳوٺ جو چڱو مڙس ۽ مسجد جو پيش امام محمد صديق گنجو
ڇٽو ڪچهري جو ڪوڏيو ۽ ڪوهستاني زندگيءَ جو هڪ بي
مثال ڪردار اوهان جي آڌرڀاءُ لاءِ هميشه موجود
هوندو. اتر پاسي نمن واري ڍوري آهي. جيڪا مول جبل
جي هزارين فٽن جي بلندي کان وهي حب ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
انگريزن جڏهن انهيءَ علائقي جو سروي ڪيو ۽ نقشا
ٺاهيا ته ان وقت به ان ڍوريءَ جو نالو نمن واري
ڍوري ڄاڻايو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هي ڍوري مول جبل،
جتان هي وهي اچي ٿي هتان ڇوڙ تائين نمن جا وڏا وڻ
اڄ به موجود آهن. ڳوٺ جي اولهه پاسي ٻولڙي ۽ ڍڪڙي
بٺيون آهن ۽ ڳوٺ انهن جي اوٽ ۾ آهي.
ڪوهستان ڪراچي ڪنڊ ۽ جهنگ ۾ حب جي ڪناري
مليل
منجنيقن ۾ استعمال ٿيندڙ پٿر
اولهه پاسي ٻولڙي ۽ ڍڪڙي بٺين کانسواءِ ڦنگ جبل
کانپوءِ بلوچستان جون حدون شروع ٿين ٿيون. ان جبل
کي ڦنگ ان ڪري چيو ويندو آهي جو هي پکيءَ جي ڦنگ
وانگر آهي. ان پاسي وڃڻ کانپوءِ لنڊاڻي واري ڍوري
جي پار بلوچستان جي ليويز جو چيڪ پوسٽ ۽ ڪئمپ به
آهن. ڪجهه اڳتي گهاڙي قبرن جو هڪ خوبصورت قبرستان
آهي. خوبصورت ان ڪري جو قبرستان جي چٽسالي وارا
پٿر اڃا تائين صحيح سلامت آهن. هتي هڪ ڪمري ۾ پنج
گهاڙي قبرون جيڪي ڇهه فٽ اوچيون آهن. خوبصورت
چٽسالي وارو هي قبرستان لوهي ڄاري ۾ محفوظ ۽ صاف
سٿرو آهي. قبرستان ۾ ٽن کان ڇهن فٽن جا ڊگها ۽ گول
پٿر به کتل آهن ۽ ان کانسواءِ گول پٿر جيڪي ان
علائقي کان وٺي ديهه شوڙ ڪنڊ ۾ حب جي ڪناري تائين
ڦهليل آهن. اهي پٿر لڳي ٿو ته ڪنهن مشين سان گول
ڪيا ويا هجن. مختلف سائزن جا اهي پٿر اهڙا آهن
جيڪي عربن ديبل جي ديوار کي ٽوڙڻ لاءِ منجنيقن ۾
استعمال ڪيا هئا. خيال آهي ته هتي انهن پٿرن ٺاهڻ
جي ان وقت ڪا فيڪٽري هئي. انهن پٿرن ۽ گول ڊگهن
پلرن تي اڃا به تحقيق جي ضرورت آهي. مقامي ماڻهن
جو چوڻ آهي ته اهي گول پٿر فقط انهيءَ علائقي ۾
پکيڙيل آهن. جتان جا ٻه پٿر مون وٽ رکيل آهن.
انهيءَ پاسي حب جي ٻنهي ڪپن تي ڪٿي ڪٿي گهاڙي
قبرون آهن ۽ حب ڊيم جي اندر به پاڻي ۾ اهڙو ئي هڪ
قبرستان آهي. ڊئم ٺهڻ کانپوءِ اهو قبرستان پاڻي ۾
اچي ويو آهي ۽ جڏهن ڊيم جو پاڻي گهٽجي ويندو آهي
ته قبرون ظاهر ٿين ٿيون. ڪوهستان جو پورو علائقو
قديم آثارن ۽ ماڳن جو مڪان آهي. هي ماضي ۾ تهذيبن
جو اهم مرڪز رهيو آهي. هر دور جا آثار هتي موجود
آهن.
ڳوٺ محمد گنجي کانپوءِ ڪنڊ ڏانهن وڃبو ته ڪنڊ نئين
جي کاٻي ڪپ تي ڳوٺ پير بخش ڇٽي کانپوءِ هڪ گهاڙي
قبرستان آهي. انهيءَ پاسي مول جبل تائين ربو،
اسماعيل، پير بخش ڇٽو، بلوچ خان ڇٽو، معين، فيض
محمد ۽ ٻيا ڳوٺ آهن. ڪنڊ بازار کانپوءِ جان محمد
احمداڻي ڳوٺ جيڪو اهم مرڪز آهي، جتي لوئر سيڪنڊري
اسڪول به آهي اسپتال به آهي. پر اسپتال جي جاءِ
چوڪيدار جي حوالي آهي. ڊاڪٽر لاءِ ڪوارٽر به ٺهيل
آهي پر ڊاڪٽر سالن کان غائب آهي. سامهون ڏکڻ پاسي
مهير جبل ڄڻ هتي اچي يڪدم کٽي ويو هجي. خوبصورت
باغن کان ٿيندا ڳوٺ احمد احمداڻي، پانڌي شودي
کانپوءِ ڪنڊ نئين پار ڪري تراڙي ڏانهن وڃبو ته
کاٻي هٿ تي مهير جو جابلو سلسلو ۽ کاٻي پاسي مول
جبل جو سلسلو ۽ وچ ۾ وسيع لينڊ اسڪيپ ۾ ور وڪڙ
کائيندڙ ڪنڊ نئين، جنهن جي ڪنارن ۽ پوري ڪوهستان
جي ميدانن ۾ ڄار، جهنگلي، ٻير، لوئيڙو (روهيڙو)،
ٻٻر، ڪرڙ، ڪنڊو، نم، ٿوهر ۽ ميندي جا وڻ جام ٿين
ٿا. خودرو جهنگلي گلن کانسواءِ لوئيڙي جا گل،
(جيڪي پيلا، ڳاڙها ۽ سونهري هوندا آهن)، ٿوهر جا
گل، ٻوهه جا گل، جهُور جا گل، اڪ جا گل، ڄار، نانگ
ڦڻ، ڪنڊي ۽ ٻٻر جا گل فطرت جي پوڄارين کي پاڻ
ڏانهن هرڪائيندا رهن ٿا.
ڏکي توءِ ڏڪار، توڙي وسن مينهڙا،
صاحب هٿ سڪار، تو وس آهن هتڙا.
ساوڻي کانپوءِ پورو ڪوهستان سائو رئو ڍڪيندو آهي.
ڪيترائي اڻ پوکيل قدرتي خودرو گاهه، ٻوٽا، وليون،
اڀري پوندا آهن. وڻن ٽڻن ۾ ساهه پئجي ويندو آهي.
پيرون، سڱريون، ڏونرا، کٽاليون، ڪوڊير، منڊيري،
ڱانڱيون، منگها، چٻڙ، سنگهراٽيون، ليار، مليرو،
گولاڙا، کنڀيون، ڊامڻ، ڇهيو، جل، ڊڀ، کنب، للر،
مانڌاڻو، ٽوهه، لاڻي، جهنگلي ڪريلو، گدرو ۽ مهيا
(ٽنڊس) جام ٿين ٿا.
اڪ، ٿوهر، گگر، ٻير، ڪنڊي، ٻٻر، کور، نانگ ڦڻ، پٽ
ڪنوار ۽ ٻين وڻڻ ۽ ٻوٽن ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويندو آهي.
نانگ ڦڻ جنهن جو گل خوبصورت ٿئي ٿو ۽ پچڻ کانپوءِ
ان جو ميوو به سوادي ٿئي ٿو ٽوهٽينگ جي ٻوٽي
ريتيلي جاءِ تي جام ٿئي ٿي جنهن جي پاڙ کي سڪائي،
پسائي اڇو سوهيرو ٺاهيو ويندو آهي. گهڻا ماڻهو پاڙ
مٿان کل لاهي سرمي داني وانگر اکين ۾ ڦيرائيندا
آهن. پهرئين ان جو ڄر ستين آسمان تائين پهچايو ڇڏي
۽ ڳوڙهن نڪرڻ کانپوءِ اکين ۾ ٿڌاڻ لهي ايندي آهي.
جهُور هتي گهڻو ٿئي ٿو جنهن جو گل ته خوبصورت آهي
پر پاڻ ته اهڙو قاتل زهر آهي جو اٺ جهڙو جانور به
ان کان پاسو ڪري. اٺ کي ”جهُور“ کان پري رکڻ لاءِ
ننڍي هوندي ئي هن جي پنن جو واس ڏيندا آهن. جيئن
ننڍائي کان ئي هن جي زهر جو ڌپ سندس دماغ تي
ڇانئجي وڃي ته وڏو ٿي هن کي ويجهو نه وڃي. کار
واري علائقي ۾ جتي زمين ڪلراٺي آهي هتي لاڻا ۽
لاڻيون ٿين ٿيون.
هتي گهڻو ڪري زراعت باراني طريقي سان ٿئي ٿي. کيٽ
جڏهن بارشن ۾ ڀرجي ويندا آهن ته سڪڻ کانپوءِ هر
ڏيئي آڏ (وٽ) تي پوک ڪندا آهن. جتي پاڻي هر وقت
موجود آهي هتي کوهن ۽ ڊيزل انجڻن وسيلي آبادي ڪئي
ويندي آهي. هن کانسواءِ گوگري گگر کي ڇٽي گگر حاصل
ڪري گذران ڪندا آهن. اهو ڪم گهڻو ڪري ماڇي ذات
وارا ڪندا آهن. پر هاڻي بک ۽ ڏڪار ۾ سڀ ذاتين وارا
گوگري ٿي پيا آهن. مال جي ان ۽ ڏاس مان به گهر
ويٺي مرد توڙي عورتون قيمتي شيون جوڙيون ٿا.
ڪوهستان ۾ پيش جام ٿئي جنهن جان پن کجي وانگر ٿين
ٿا. جنهن مان ڇتر ۽ رسا ٺاهين ٿا. برساتن کانپوءِ
جهنگلي گاهه، گل ٻوٽا جام ٿين ٿا. جن مان هي ماڻهو
گذر بسر جو وسيلو ڪڍي وٺندا آهن. اوئي (کلي) ۽
ايزڪ مان پاڻي ۽ کير پيئڻ وارا هي ماڻهو سخت محنتي
۽ محبت ڪرڻ وارا آهن.
ڪنڊ نئين:
ڪنڊ نئين جي اها خاصيت آهي جو اها ٻين نئين کان
مختلف ۽ نرالي آهي. هي شايد پاڪستان جي اڪيلي نئين
آهي جيڪا اولهه کان اوڀر ۽ پوءِ اوڀر کان اتر پاسي
وهي ٿي. هي مهير جبل جي پنيلڌي ۽ بکر ڳوٺن لڳ مهير
جي اتر کان وهي مهير ڳوٺ ۽ مٺو ڪانڙي وٽان هڪ ڍوري
جي شڪل ۾ پهرئين (مهير جبل تان وهي اچڻ ڪري هتي هن
کي مهير ڍورو چيو وڃي ٿو.) اتر کان اولهه ۽ ڏاٽ
ٻاٻرين کانپوءِ ڏکڻ پاسي وهي اچي ٿو. ڳوٺ ٿوهر
ڪانڙي لڳ وڏو چڪر ڪاٽي اوڀر پاسي وهڻ لڳندو آهي.
ڳوٺ پنهون ڪانڙي ۽ عبدالله ڪانڙي کانپوءِ هي اتر
پاسي وهڻ لڳندو آهي. 20 ڪلوميٽر وهڻ کانپوءِ ڪنڊ
بازار کانپوءِ ٻيهر اولهه پاسي وهي حب نديءَ ۾ ڇوڙ
ڪري ٿو. ڏاٺ، ٻاٻرين، انڙ جا لوهه ۽ لاهوت اتڙي لڳ
هي جهرڻي وانگر جبل کان هيٺ وهي ٿو. برساتن وقت
هتي هن جي وهڻ ۽ جبلن تان ڪرڻ جو منظر انتهائي
خوبصورت هوندو آهي. ڪمزور دل جا ماڻهو هن جو شور
برداشت نه ڪري سگهندا. مهير ۽ مول جلبن جي وچ واري
لينڊ اسڪيپ مان هن جي وهڻ جو منظر به ڏسڻ وٽان
آهي. هن نئين ۾ برساتن کانپوءِ ڇهن مهينن تائين
صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو رهي ٿو. جنهن ڪري ”ڪنڊ“ ۽
”جهنگ ڪنڊ“ وارو علائقو زراعت ڪري آباد آهي. ان
نئين جي اها تبديلي ڪنهن وڏي زلزلي کانپوءِ ٿي
هوندي. هن نئين سان لڳ ڪنڊ کان تراڙيءَ ڏانهن
ايندي اهڙيون جابلو ٽڪريون نظر اينديون جن کي ڏسڻ
سان ائين لڳي ٿو ته اهي سڌيون نه پر اونڌيون هجن ۽
زمين مان اچانڪ اُڀري آيون هجن. اهو سلسلو ڪراچي
جي آخري دنگ ڦنگ جبل تائين آهي. ان کانسواءِ
انهيءَ علائقي جي ٻي وڏي نئين، کار نئين آهي. جيڪا
پوپٽ بڪڪ ڳوٺ، بابو ڳوٺ ۽ پٺاڻ ڳوٺ لڳ پهاڙن مان
وهي اتر کان ڏکڻ پاسي وهي ٿو. ديهه ڀاڊ جي حدن ۾
داخل ٿيڻ کانپوءِ پنهنجو رخ پهرئين اولهه پاسي ۽
پوءِ ڪجهه ڪلوميٽر اتر پاسي وهي مري ۽ مڱٿر کي
جدائي جا ڏنڀ ڏيئي، کار سينٽر ۽ امام بخش ٻري ۽
روح خاصخيلي ڳوٺ وٽان لنگهي حب نديءَ ۾ ڇوڙ ڪري
ٿي. انهن نئين کانسواءِ کار، موئيداڻ، سان، ٻوهه،
نمن واري، مهير، تراڙي، ڪانيگ ۽ ٻيا ڪيترا ڍورا
آهن جن مان ڪيترا انهن ٻنهي نئين جو حصو ٿي پنهنجو
وجود وڃائين ٿا.
ڪنڊ جهنگ ۾ خوبصورت باغ
مهير جبل:
مهير جبل ڪراچي ڪوهستان جي ديهن مان هڪ آهي. مهير
جبل گڏاپ کانپوءِ جڏهن ڪوهستان جي انهيءَ علائقي
ڏانهن وڃبو ته پوري علائقي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو
۽ ڪنڊ واري علائقي ۾ ختم ٿئي ٿو. ٻئي پاسي اهو
سلسو ديهه شورينگ جي کٻڙ لڪ کانپوءِ منگهي پير
گابي پٽ کان سمنڊ تائين وڃي ٿو. مهير جي ائين الڳ
سڃاڻپ ٿئي ٿي. مهير تي چڙهڻ لاءِ اڳ ۾ فقط هڪ
خطرناڪ لڪ هوندو هو. جيڪو عبدالله ڪانڙي، الياس
ڪانڙي، شيدو بروهي ڳوٺ کانپوءِ ڪجهه پنڌ تي هڪ
پيچرو کاٻي هٿ ڏانهن لڙي ٿو جتان سامهون مهير جبل
ڪر کنيو بيٺو هوندو آهي. جڏهن پيچرو وٺي هن جي ڪڇ
تي پهچبو ته ”ڀائتي لڪ“ کي ڏسي نئون ماڻهو واپس
وڃڻ لاءِ سوچيندو. انهيءَ لڪ کي ڳوٺاڻا اٺن تي يا
پنڌ چڙهي پار ڪندا آهن. ڀائتي عورت جو نالو آهي.
جيڪا لڪ کي پار ڪندي پهاڙ جي چوٽيءَ تان انهيءَ کڏ
۾ ڪري الله کي پياري ٿي هئي. هن ڏينهن کانپوءِ هن
لڪ کي ”ڀائتي لڪ“ چون ٿا. پنج ڀيرا پنڌ ۽ هڪ ڀيرو
جيپ وسيلي مون هن لڪ کي پار ڪري مهير جو درشن ڪيو
آهي. جيپ استاد عثمان سان گڏ مٿي چاڙهي وياسين.
جيڪا انهيءَ لڪ تان اڪيلي جيپ هئي جيڪا پار ڪئي
سين. جيڪو اسان جو هڪ خطرناڪ فيصلو هو. ان ڏينهن
ڪجهه به ٿي سگهيو ٿي. لڪ تان پنڌ چڙهڻ ۽ لهڻ
خطرناڪ آهي. جيپ پري جي ڳالهه آهي. پر جواني جي
جوش ۾ اها ٻاراڻي حرڪت ڪئيسين. جنهن کي ياد ڪري اڄ
به لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. رستي ۾ ور وڪڙ ۽ کاهيون
ايتريون آهن جو ٿوري غلطي اسان کي موت جي منهن ۾
وٺي وڃي سگهي پئي.
مهير تي چڙهڻ لاءِ ڪجهه سال اڳ هتان جي ڳوٺاڻن
استاد يعقوب ڪانڙي جي اڳواڻي ۾ پنهنجي مدد پاڻ
وسيلي گاڏين لاءِ رستو ڪراچي کان ايندي ڳوٺ
عبدالله ڪانڙي کان اڳ ڪنڊ نئين پار ڪندي اولهه
پاسي ڏاٺ ٻاٻرين ڏانهن ويندڙ رستي وٽان هڪ ور وڪڙ
کائيندڙ رستو ٺاهيو آهي. جيڪو آهي ته گهڻو پري، پر
ڳوٺاڻن لاءِ سامان کڻي وڃڻ لاءِ گاڏين جو رستو ته
آهي. اهو رستو برساتن کانپوءِ گهڻو ڪري استعمال جي
قابل نه رهندو آهي ۽ هر ڀيري ڳوٺاڻن جي ٺاهڻ جي وس
کان مٿي آهي. حڪومت کي ۽ ٽائون کي هن پاسي ڌيان
ڏيڻ گهرجي.
مهير جبل 20 ميل ڊگهو ۽ 15 ميل ويڪرو آهي. هن جي
مٿان ست ڳوٺ آهن جن ۾ مهير ڪانڙو، بکر ڪانڙو،
پنليڏو ڪانڙو، ڏاتو، غلام محمد ڪانڙو، مٺو ڪانڙو ۽
جبل ڪانڙو ڳوٺ آهن. ٽي هزار فٽ مٿي هن جبل تي هڪ
الڳ دنيا آباد آهي. جبل جي خاصيت هيءَ آهي ته هتي
ميلن تائين پکڙيل ميدان ۽ چوٽيون آهن. ڪٿي ڪٿي
گهاٽا وڻ ۽ کيٽ آهن. کيٽن ۾ واهي چاهي ڪري هتي جا
ماڻهو گذر بسر ڪن ٿا. هتي جبلن وچان وهندڙ مهير جو
خوبصورت ڍورو به آهي. جيڪو اڳتي هلي ڪنڊ نئين ۾
تبديل ٿي وڃي ٿو. ڀائتي لڪ کان چوٽي تي چڙهڻ ۾ 45
منٽ لڳي وڃن ٿا. جتان پهرئين ڳوٺ مٺو ڪانڙو تائين
پهچڻ ۾ وڌيڪ اڌ ڪلاڪ لڳي ٿو. مهير جبل تي قائم ڳوٺ
هڪ ٻئي کان هڪ کان چار ڪلوميٽر پري آهن. اڳين انهن
ڳوٺن ۾ اسان جي دوست يعقوب ڪانڙي جي هنڊا سيونٽي
(70) هلندي هئي پر خانداني جهيڙي ڪري يعقوب مهير
جبل کان هيٺ ڪنڊ ڪراچي روڊ تي پنهنجو ڳوٺ وسائي
ويٺو آهي.
مهير ڍوري تي مهير ڳوٺ لڳ انگريزن جي دور جو تلاءُ
ٺهيل آهي. انگريز جڏهن هن علائقي جي سروي لاءِ آيا
ته هتي ڪئمپ هڻي ويٺا هئا ۽ انهن پنهنجي جانورن جي
پيئڻ جي پاڻي لاءِ اهو تلاءُ جوڙيو هو. هتي هڪ
کونهري به آهي. برساتن کانپوءِ جڏهن ڍورو ڀرجي
ايندو آهي ته تلاءُ ۾ پاڻي ڀرجي ويندو آهي جنهن کي
ڳوٺاڻا ۽ سندس مال پيئڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن.
هاڻي هتي گڏاپ ٽائون پاران ٻه هينڊ پمپ به لڳل
آهن. ڏڪار ۾ کونهري ۽ هينڊ پمپن جو پاڻي ختم ٿي
ويندو آهي ته ڳوٺن جون عورتون هتان ٻه ڪلوميٽر پري
مهير جي لاهي ۾ ڀائتي لڪ جي پاسي هڪ ننڍو چشمو آهي
هتان پاڻي ڀرڻ وينديون آهن.
انهن ڳوٺن ۾ سڀ کان وڌ تڪليف رستي، پيئڻ جي پاڻي ۽
علاج جو آهي. ڳوٺاڻا جن وٽ ڪا گاڏي ڪانهي تنهن ڪري
گاڏين وارو ڳوٺاڻن جو ٺاهيل رستو پنڌ وارن لاءِ
گهڻو ڊگهو آهي ۽ بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ ضرورت جون
شيون آڻڻ لاءِ انهيءَ ڀائتي لڪ تان هيٺ ايندا آهن
جتان پوءِ ٻن ڪلاڪن جو رستو طئي ڪري مول ڪراچي روڊ
تي ايندا آهن ۽ ڪنهن سواري جو انتظار ڪندا آهن.
انهن جي زندگي تمام ڏکي آهي جنهن جو اسان تصور به
نٿا ڪري سگهون.
مهير تي اهو نالو ڪيئن پيو؟
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مهير تي ڪنهن دور ۾ مهيري
قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا جنهن جي ڪري هن تي مهير
نالو پيو. پر ائين نه آهي. مهيري جيڪي جت آهن ۽
ڪلمتي قبيلي جي شاخ آهي. اهي جڏهن مڪران کان سخت
ڏڪار کانپوءِ لڏپلاڻ ڪري مهير تي اچي رهيا ۽ پوءِ
هتان کانپوءِ وري ڏڪر ڪري بئراج واري علائقي خاص
ڪري بدين ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا. انهن کي ”مهير“
جبل تي رهڻ ڪري ”مهيري، يعني ميهر وارا چيو ويو.
ائين مهيري ڪري انهن کي مهيري چيو ويندو آهي. مهير
جو نالو انهن قبيلن جي اچڻ کان گهڻو اڳ هلندو پيو
اچي. مهيري تعلقي جاتي ۾ هڪ ديهه جو به نالو آهي.
مهره قبيلي جي نپايل اٺ يا اٺ جي هڪ قسم کي به
”مهيري“ چيو ويندو آهي. مِهرُ معنيٰ ڏينهن جو
ديوتا به آهي ۽ هي جابلو سلسلو به ڪنهن ديوتا سما
آهي. ڪوهستان شاهوڪار تهذيب جو مالڪ ۽ شاندار
علائقو رهيو آهي. ماضي ۾ هي ڪافي اهم مذهبي مرڪز
رهيو آهي. مذهبي علامتون هتي ماضي ۾ ٻڌمت، جوڳ
پنٿين ۽ زرتشتين کي ثابت ڪن ٿيون. ان ۾ ڪو به شڪ
نٿو رهي ته هي علائقو قديم ٻڌن جي حدن اندر آهي ۽
مهير به هڪ اهڙو ئي مذهبي مرڪز رهيو آهي. مِهرُ
مهير ۾ ڪو فرق به ته نه آهي. هتي موجود آثار هن جي
شاهدي ڏين ٿا ته مهير قديم مذهبي مرڪز رهيو آهي.
مهير جبل جي ڳوٺ مهير کان ڏکڻ اولهه پاسي جبلن ۽
چوٽين جو هڪ سلسلو آهي. جابلو چوٽين سان گڏ مهير
تي چراگاهه به آهن. ڳوٺ غلام محمد ڪانڙي کانپوءِ
مهير ڍوري جي کاٻي ڪناري تي ڏهه کان مٿي قبرون آهن
جيڪي ڊيگهه ۾ فقط ٻه کان ٽي فٽ ۽ ويڪر ۾ هڪ کان ٻه
فٽ آهن. انهن جي چئني پاسن کان چار پٿر اڌ زمين ۾
کتل اڀا ڪري بيهاريل آهن ۽ انهن مٿان هڪ وڏو پٿر
به ڪن قبرن تي رکيل آهي. ائين چار پٿر ڪنارن کان ۽
پنجون پٿر مٿي ڍڪ طور استعمال ٿيل آهي. مٿيون رکيل
پٿر گهڻو ڪري قبرن کان هيٺ ڪريل هو ۽ سڀني قبرن
مان هڏا ظاهر هئا. اهڙو ئي هڪ قبرستان مهير جبل جي
هيٺ ڪنڊ گڏاپ روڊ جي ڪناري ڳوٺ گل محمد ڪانڙي
ويجهو هڪ بٺي تي به موجود آهي. هن قبرستان ۾ 50
کان مٿي اهڙيون قبرون آهن. سڀني مان هاڻي برساتن ۽
تيز هوائن ڪري مٽي هٽڻ ڪري هڏا ظاهر ٿي پيا آهن.
مقامي ماڻهن وٽ انهن بابت ڪا ڄاڻ نه آهي تنهن ڪري
هو انهن کي ”ڪافرن جون قبرون“ چون ٿا. پوري
ڪوهستان ۾ لس کان وٺي مول، ٺٽي تائين اهڙيون قبرون
موجود آهن ۽ اهي گهڻو ڪري ميدانن جي بجاءِ جابلو
چوٽين ۽ بٺين تي آهن.
ڊملوٽي واري علائقي ۾ به اهڙو ئي هڪ قبرستان ملير
نئين جي ڪنڌي تي آهي. جنهن جي کوٽائي 1975ع ۾ آثار
قديمه جي محڪمي ڪئي هئي. ڊملوٽي ۾ سئو کان مٿي
اهڙيون قبرون موجود آهن. کوٽائي کانپوءِ ماهرن جو
خيال آهي ته هي قبرون شڪل ۽ صورت ۾ ڏکڻ هندوستان ۾
دڪن ۽ ميسور رياستن مان ملندڙ قبرن سان ملن ٿيون.
ڏکڻ هندستان جي اهڙن قبرن ۾ انساني هڏن کانسواءِ
ٿانءُ، لوهه جا ٺاهيل هٿيار ۽ قيمتي پٿر ۽ سون جا
مڻڪا مليا آهن.
مهير جبل تي ڪافرن جون قبرون
|