سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 54

انهن سينيمائن مان ڪجهه اڃا موجود آهن. انهن مان به گهڻن جا حال پورا آهن. سي.ڊي. وي. سي. آر ۽ ڊش جي اچڻ ڪري ۽ پاڪستاني فلمي صنعت ۾ معياري فلمون نه ٺهڻ ڪري به سينيما ڪلچر جو خاتمو ٿي ويو. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ ٿيئٽر ۽ اسٽيج جيڪو ڪنهن دور ۾ مقبول هو. مختلف چينلن اچڻ ڪري اهو به آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي.

ڪراچي ۾ منگهو پير روڊ تي ٻه فلمي اسٽوڊيو هئا جيڪي بند پيا آهن. ڪراچي ورهاڱي کانپوءِ فلمي صنعت جي اهم مرڪز طور اڀري رهيو هو. سوين ماڻهن جو روزگار جو اهو وسيلو هڪ سازش تحت هتان ختم ڪري لاهور شفٽ ڪيو ويو ته اهي اسٽوڊيو ويران ٿي ويا. آخر ۾ اهي اسٽوڊيو سنڌي فلمسازن ۽ هدايتڪارن جي حوالي هئا، پر انهن به هڪ ٻوٽو نه ٻاريو ته اهي اسٽوڊيو بند ٿي ويا. ڪراچي ۾ فلمي اسٽوڊيو بند ٿيڻ ۽ مرڪز لاهور ۾ وڃڻ ڪري اردو فلمن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ايڪڙ ٻيڪڙ جيڪي سنڌي فلمون ٺهي رهيون هيون انهن جو ٺهڻ به بند ٿي ويو. پنجابي فلمن جي ٻوڏ ڪري نالي وارن اردو اداڪارن به مجبور ٿي پنجابي فلمن جو رخ ڪيو. ڪراچي ۾ اسٽوڊيو بند ٿيڻ ڪري ڪراچي جي فلمي اداڪارن جن ۾ وحيد مراد، نديم ، سيد ڪمال، نرالا، لهري، زيبا، ڪمال ايراني، غلام محي الدين، معين اختر، بابره شريف، جاويد شيخ، عمر شريف، اسد جعفري، بابر علي، غالب ڪمال، اسماعيل تارا، زيبا شهناز، انور اقبال، محسن حسن خان کانسواءِ سنڌ جي ٻين شهرن مان ساقي، محمد علي، مصطفيٰ قريشي، منصور بلوچ، شاهنواز گهمڻ، ملڪ انوڪي، چڪوري، مشتاق چنگيزي، قربان جيلاني ۽ ٻين لاهور جو رخ ڪيو. لاهور فلمي مرڪز هئڻ ڪري ڪراچي مان گهڻن گوين، ڳائڻن، موسيقارن ۽ شاعرن به لاهور ۾ ديرو ڄمايو. فلمي مرڪز ختم ٿيڻ سان سنڌ کي معاشي طور وڏو نقصان ڀوڳڻو پيو. ان سان سوين ماڻهو بيروزگار ٿيا.

ڪراچي ۾ کدڙن جون مڙهيون ۽ مجرا:

ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ کدڙن جي ٻين مڙهين جو ذڪر ملي ٿو. هڪ لياري جي شاهه بيگ لين ۾ ۽ ٻيو آسو ڳوٺ ۾. جيڪي ٻئي اڃا آباد آهن. مڙهين وارا کدڙا پنهنجي حلقي ۾ فقير طور مشهور آهن. انهن کي اهي مڙهيون انگريز جي دور ۾ الاٽ ٿيل آهن. گذريل زمانن ۾ انهن کي گهڻو ڪري اولاد ڄمڻ ، طهرن جي دعوتن ۾ گهرايو ويندو هو ۽ شادين ۾ انهن کي گهرايو ويندو هو خاص ڪري انهن کي عورتن جي ڪاڄن ۾ دعوت ڏئي گهرايو ويندو هو.

اهڙي ڳالهه اهي فقير به سمجهائي نه سگهيا ته عورتاڻي نالي نالا رکندڙ جڏهن حج پڙهي ايندا آهن بجاءِ حاجياڻي چوائڻ جي هو حاجي چوائن ٿا. آسو ڳوٺ جي مڙهي ۾ پهرئين گرو جي حاجي نازو، پوءِ  حاجي الله ني ۽ ان وقت حاجي ساره گرو آهي. جيڪڏهن ڪو فقير گذاري ويندو آهي ته هن کي مڙهي مان ٻاهر ڪڍي پاڙي وارن جي حوالي ڪيو ويندو آهي. جيڪي هن کي غسل ڏيئي دفن ڪندا آهن. کدڙن فقيرن جو ڪو الڳ قبرستان نه هوندو آهي. جڏهن کان جسم فروش تي کدڙا آيا آهن تڏهن کان فقير کدڙن جون مڙهيو ويران ٿي ويون آهن. مڙهين وارا کدڙا جسم فروش ڪندڙ کان نفرت ڪن ٿا. مڙهين وارا کدڙا راڄ ڀاڳ وارا هوندا آهن جنهن پاڙي ۾ رهندا آهن. پاڙيسري انهن جو خيال به ڪندا آهن. مڙهي جي وڏي کي گرو چيو ويندو آهي. مڙهي جا کدڙا هن جي عزت ڪندا آهن. سڀ فيصلا گرو جي حوالي هوندا آهن.

ڪراچي جي پوش وارن علائقن ڪلفٽن ۽ ڊيفنس ۾ جسم فروش کدڙا رات جو ڌنڌي لاءِ نڪرن ٿا. هر چوڪ، چوراهي تي اهي ملن ٿا. وڏن ماڻهن جو بگڙيل اولاد انهن جي شڪار ۾ شامل هوندو آهي. جسم فروش کدڙن سان وقت گذاريندي هاڻي انهن به شوقيا طور اهي عادتون شروع ڪيون آهن.

نيپئر روڊ جتي انگريزن کان اڳ ڳائڻيون ۽ ڪاسبياڻيون رهنديون هيون ۽ هتي جاپاني روڊ تي بلبل هزار داستان جا قصا مشهور هئا. ماڻهو مجري ۽ گاني ٻڌڻ لاءِ انهن علائقن جو رخ ڪندا هئا. پر هاڻي نيپئر روڊ چڪلي طور مشهور آهي ۽ سنڌ ۾ هر چڪلي کي نيپئر روڊ چيو ويندو آهي. سر چارلس نيپئر به ڇا ياد ڪندو ته اسان سنڌين هن جي نالي کي ڪيترو مشهور ڪيو آهي. هاڻي انهن چڪلن جا ڪجهه ڀڙوا به جسم فروش کدڙا آهن. جنهن سان رنڊين جو چوڻ آهي ته جسم فروش کدڙن ڪري انهن جي ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. لي مارڪيٽ جتي گهڻن هوٽلن ۾ ٻاهر جا مسافر ترسن ٿا. انهن کدڙن لاءِ روزگار جا بهترين وسيلا آهن. هن پوري ڪاروبار ۾ انهن کي پوليس جي مڪمل سرپرستي حاصل آهي.

ناچ ننڍي کنڊ ۾ ثقافت جو حصو هوندو هو. جڏهن بادشاهت ختم ٿي اهو ناچ ڪوٺن جو مجرو ٿي ويو. ڪراچي جي نيپئر روڊ ۽ جاپاني روڊ مجري وارن ڪوٺن طور مشهور آهي. قدردان انهن کي داد ڏيندا هئا. پر هاڻي مجري جي نالي تي ٽيپ ريڪارڊ ۽ اسٽريو تي فلمي گانن ۽ نوٽ گهورڻ کي مجرو چيو وڃي ٿو. آفيسرن کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙن مجرن جو اهتمام بنگلن ۽ فارم هائوسن ۾ ڪيو ويندو آهي هاڻي مجرو ڪوٺن، بازار حسن مان بنگلن ۽ فارمن تائين پهچي ويو آهي. گهڻا ٽي وي ماڊل ۽ اداڪار به انهي ڌنڌي ۾ شامل آهن.

هاڻي انهن جسم جي نمائش ڪندڙ مجرن باقاعده پروموٽر موجود هوندا آهن. هي هڪ ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. اهڙين گهڻين محفلن ۾ بڪ ڪرائڻ وارن پئسن کانسواءِ چار کان پنج لک روپيا گهور جي صورت ۾ ملي ويندا آهن. پاڪستان ۾ لاهور کانپوءِ ڪراچي مجرن ۾ ٻئي نمبر تي آهي. غريب ماڻهن جي سوچ کان اهي شيون مٿي آهي. اهي ڪنهن شادي تي نچڻ وارين رنڊين کي ڏسي خوش ٿيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پگهر جو پورهيو انهن تي لٽائي ڇڏيندا آهن. ٻهراڙي ۾ ايندڙ ڳائڻا ۽ ڪجهه سنڌي فنڪار ناچو ڇوڪرا گهرائي غريب ماڻهو کي لٽڻ جا سڀ حربا استعمال ڪندا آهن. انهن ناچو ڇوڪرن جي عشق ۾ سڀ ڪجهه لٽائي ڇڏيندا آهن. ناچو ڇوڪرن وارو اهو رواج سنڌ ۾ ارغون ۽ مغل دور ۾ آيو.

ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ۾ ڪرڪيٽ راند:

1904ع ۾ ڪراچي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن KCA قائم ڪيو ويو. ڪراچي ۽ ڪرڪيٽ هميشه گڏوگڏ رهيا آهن. هي راند انگريزن جي ڪري پوري ننڍي کنڊ ۾ آئي ۽ مقبول ٿي. ڪراچي ۾ مقامي ماڻهن ۾ پهرئين پارسين کيڏڻ شروع ڪيو. ڪراچي جو پهريون ڪرڪيٽ ڪلب 1847ع ۾ قائم ٿي چڪو هو جنهن جو نالو اورينٽل ڪرڪيٽ ڪلب هو. هي پوري ننڍي کنڊ ۾ قائم ٿيندڙ پهريون ڪلب هو. جنهن جو باني هڪ پارسي هو. پارسين جي انهيءَ ٽيم 1886ع ۾ انگلينڊ جو دورو ڪيو. سيٺ آدم علي يوسف علي علوي ۽ عبدالرحيم صالح جي ڪوششن سان مسلمانن پاران ٻه ڪلب، فدو فرينڊلي سوسائٽي ۽ محمدن اسپورٽس ڪلب قائم ٿيا.

پهرئين مهاڀاري لڙائي جي متاثرن لاءِ پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ 1916ع ۾ هڪ ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ مسلمانن، پارسين، عيسائين ۽ هندن جي ٽيمن حصو ورتو. 1922ع ۾ سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو ويو، 1925ع ۾ ڪراچي ۾ ينگ مسلم اسپورٽس ايسوسيئيشن ٺاهي ويئي.

1929ع ۾ مسلمانن ۽ هندن رانديگرن تي ٻڌل هڪ ٽيم آل انڊيا روشن آرا ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ لاءِ دهلي ويئي هئي. ڪراچي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته 1932ع ۾ انگلينڊ جي دوري ڪرڻ واري هندستان جي ٽيم ۾ ٻه رانديگر غلام محمد ۽ جي. نائون مل شامل هئا. ٻئي سنڌي هئا. غلام محمد لاسي هو. ورهاڱي تائين ڪراچي ۾ 200 کان مٿي مشهور ڪرڪيٽر موجود هئا. عباس خان لوڌي، جي. هيرس، ايم جي موبڊ، آدم علي، يوسف علي علوي کانسواءِ غلام محمد لاسي بهترين آل رائونڊر ۽ نائون مل بهترين بيٽسمين هئا. اهي ٻئي آل انڊيا ٽيسٽ ڪرڪيٽر هئا. ورهاڱي کان اڳ ماسٽر عبدالعزيز، جيڪ هيرس ۽ گوپال داس نالي وارا ڪرڪيٽ ڪوچ ٿي گذريا آهن. ڪراچي مان رام چندر ۽ پمن مل ورهاڱي کان پوءِ انڊيا ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽر ٿيا.

ورهاڱي کان اڳ ڪراچي ۾ هندو جيم خانو، مسلم جيم خانو، ڪراچي پارسي انسٽيٽيوٽ، آغا خان جيم خانو، ڪراچي جيم خانو، بوهرا جيم خانو، ڪراچي گوان ايسوسيئيشن مشهور ڪلب هئا. سنڌ مدرسو، سينٽ پيٽرڪ اسڪول، ماڊل هاءِ اسڪول، اين جي وي. هاءِ اسڪول، سي.ايم.ايس اسڪول ۾ به ڪرڪيٽ جون بهترين ٽيمون هيون. ان وقت ڪراچي ۾ جهانگير پارڪ ۽ ڪراچي جيم خانو ڪرڪيٽ جا مشهور گرائونڊ هوندا هئا. 1926ع کان 1937ع تائين مختلف ٻاهرين ملڪن جي ٽيمن ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ مئچ کيڏيا. اهي سڀئي مئچ ڪراچي جيم خانا ميدان ۾ کيڏيا ويا.

ورهاڱي کان پوءِ ڪراچي ڪرڪيٽ جي اهم مرڪز طور اڀري سامهون آيو. لٽل ماسٽر  حنيف محمد، صادق محمد، مشتاق محمد، شعيب محمد، آصف اقبال، جاويد ميانداد، ظهير عباس، توصيف احمد، اقبال قاسم، سڪندر بخت، سعيد انور، وسيم باري، قاسم عمر ۽ ٻين جو تعلق ڪراچي سان آهي. ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.

ڪجهه احوال پاڪستان اسٽيل مل ۽ پورٽ بن قاسم جي متاثرن جو:

پاڪستان اسٽيل مل: جتي هينئر اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم کانسواءِ اڻ ڳڻيون فيڪٽريون آهن. هتي 1974ع کان اڳ 50 کان مٿي قديم ڳوٺ ڪيترائي تاريخي قبرستان موجود هئا ۽ گهاري ڪراچي وارو رستو به هتان ويندو هو. هتي موجود جن تاريخي ماڳن مڪانن، جاين، قبرستان کي ختم ڪيو ويو انهن جو احوال ڪتاب جي باب ”ٻاڪراڻ کان ٻلهيجي تائين“ ۾ ڏنل آهي. هتي مختصر ذڪر ڪندس متاثرن سان ٿيندڙ ظلمن جو. متاثرن جي ٻيهر آبادڪاري ۽ انهن کي جائز حق وٺي ڏيڻ لاءِ سيد خدا ڏنو شاهه گذريل 32 سالن کان جدوجهد ۾ آهي. ايڏي وڏي ٿڪائيندڙ جدوجهد کان پوءِ به هو مايوس نه آهي. هن متاثرن جي ڪيس کي هر ايوان ۾ ڪاميابي سان پيش ڪيو آهي. پر جڏهن وقت جا حڪمران گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا هجن ته پوءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي.

پاڪستان اسٽيل مل جي پيڙهه جو پٿر 1974ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي رکيو. ان وقت اهو اعلان ڪيو ويو ته جيڪي ڳوٺ ۽ زمينون هن اسڪيم ۾ اينديون انهن کي متبادل زمين ۽ اسٽيل مل ۾ روزگار ڏنو ويندو ۽ زمين جو به اجورو ڏنو ويندو. 1974ع ۾ اسٽيل مل لاءِ 18660 ايڪڙ زمين حاصل ڪئي ويئي، جيڪا ديهه ٻاڪراڻ ۽ ديهه پپري ۾ هئي. روينيو جي ان وقت جي ريڪارد موجب 500 کاتيدار انهيءَ زمين جا مالڪ هئا ۽ 200 کان مٿي ليز وارا کاتيدار ان کان الڳ هئا. اسٽيل مل جي ايراضي ۾ 15 قديم ڳوٺ آباد هئا. جتي انهن جو روزگار جو وسيلو ٻني ٻارو، ماهيگيري کانسواءِ هي مالوند ماڻهو هئا. هي علائقا بهترين چراگاهه طور مشهور هئا. انهن ڳوٺن کانسواءِ تاريخي گهاڙي طرز اڏاوت جون چٽالسي واريون قبرون ۽ وڏا قبرستان هئا. اسٽيل مل جي ڪري جيڪي ڳوٺ متاثر ٿيا انهن جا نالا هيٺين ريت آهن.

1. سيد محمود شاهه. 2 احمد گبول 3. ٿائنر ڪلمتي 4. حاجي امير علي 5. ساتل جوکيو. 6. آچار جوکيو. 7. شيخ جوکيو 8. در محمد جوکيو. 9. سومار ڪلمتي 10. علو خاصخيلي 11. علي اڪبر جوکيو 12. صوفن گبول 13. حاجي ناٿو ڪلمتي 14. حاجي مينهن وسايو 15. کانٽو ڳوٺ.

انهن ڳوٺن کي ڪمشنر جي هڪ ليٽر نمبر L19/1199/75/1200/LA تاريخ 9.12.1975 ۽ ٻين ليٽرن وسيلي بي دخل ڪيو ويو. متاثرن کي فقط هڪ روپيو في گز جي حساب سان مالڪاڻي زمين جو اجورو ۽ پڪي گهر جو 1500 رپيا ۽ ڪچي گهر جو اجورو 600 کان 1000 رپيا ڏنو ويو. جنهن تي ڳوٺاڻن عدالت جو در کڙڪايو. عدالت متاثرن جي حق ۾ فيصلو ڏنو. زمين جو اجورو 7 رپيا في گز ۽ 15 سيڪڙو منافعو ڏيڻ جو فيصلو ڏنو پر اها رقم اڄ تائين ادا نه ڪئي ويئي آهي. عدالتن جا چڪر ڪاٽيندي گهڻا ويچارا ڌڻي حوالي ٿي ويا. پر اهو چڪر اڃا به جاري آهي.

ان کانسواءِ پيئڻ جي پاڻي جي کوهن واري اجوري لاءِ اهو طئي ٿيو ته متبادل جاين تي پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست اسٽيل مل ڪندي. جنهن لاءِ ادارن جا خط، ايگريمينٽ متاثرن وٽ موجود آهن.

1974ع کان اڄ تائين اسٽيل مل ۾ 25000 هزار پڪا ملازم ۽ 4000 کان مٿي ڪچا ملازم ڀرتي ڪيا ويا جن ۾ لڏايل ماڻهن جو انگ پهرئين 35 هو ۽ هن وقت فقط 16 آهي. مقامي ماڻهن جي سخت احتجاج کانپوءِ هڪ ڀرتي پاليسي جوڙي ويئي. وزارت پيداوار هڪ ليٽر نمبر PD/JSA/3076/79 Dated 16th May 1979 تحت اسٽيل مل کي لکيو ويو. اسٽيل مل جي جنرل مينيجر اي. اينڊ. پي هن پاليسي تحت هڪ سرڪيولر GM/(A and P)/02/79  تاريخ 13.06.1979 تي جاري ڪيو جنهن ۾ واضح ڪيو ويو ته هيٺين پوسٽن تي متاثر ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويندو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان تي به عمل نه ڪيو ويو. متاثرن جي هڪ ٻي جدوجهد کانپوءِ 1989ع ۾ ڏهن سالن کانپوءِ هڪ ٻي ڀرتي پاليسي جوڙي ويئي. جنهن ۾ اهو چيو ويو ته اسٽيل مل لاءِ 50 سيڪڙو صوبي جي ۽ 25 سيڪڙو ٻين صوبن جي ڪوٽا مقرر ڪئي ويئي. جنهن تي اڄ ڏينهن تائين عمل نه ڪيو ويو آهي. اسٽيل مل جي حدن ۾ پاڪ سوزوڪي، هينو پاڪ، ڪاربان آڪسائيڊ، اسٽار سيمينٽ، هاشو اسٽيل، ڪنٽري ڪلب، هارٽيڪچر فارما ۽ ٻيون ڪيتريون فيڪٽريون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ پيداوار ڏيئي رهيون آهن. انهن فيڪٽرين ۾ جيڪي فقط اسٽيل مل جي حدن ۾ قائم آهن. 30 هزارن کان مٿي ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن جنهن ۾ متاثرن جو انگ فقط 30 آهي.

پورٽ قاسم:

انهيءَ علائقي ديهه ٻاڪراڻ ۽ ديهه پپري ۾ 1973ع ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي جي سروي جو ڪم شروع ڪيو ويو. 1975ع ۾ شهيد ڀٽي هن جي پيڙهه جو پٿر رکيو. پورٽ قاسم لاءِ 20 هزار ايڪڙ زمين ساحلي علائقي ۾ ان وقت حاصل ڪئي ويئي. ان کانسواءِ 15 هزار ايڪڙ زمين حڪومت سنڌ کان حاصل ڪئي ويئي. اهي سڀئي زمينون هتان جي مقامي ماڻهن جي مالڪاڻي ۽ ليز واريون هيون. جتي به زمينون باراڻي واهي چاهي، چراهه گاهن، قبرستان ۽ ڳوٺن لاءِ باقائده روينيو کاتي جي پاليسي تحت الاٽ ٿيل هيون. اهي زمينون ان وقت الاٽ ڪيون ويون، جڏهن 1915ع ۾ هن علائقي جو سروي ڪيو ويو.

پورٽ جي پيڙهه واري پٿر رکڻ کان اڳ سروي دوران هتي ماڻهن جي هر قسم جي چرپر، روزگار ۽ اڏاوت تي پابندي لڳائي ويئي. ايستائين جو پيئڻ جي پاڻي لاءِ ۽ کوهه کوٽڻ تي به پابندي لڳائي ويئي. پورٽ قاسم ۾ آيل هيٺيان 35 ڳوٺ متاثر ٿيا. اسٽيل مل جا 15 ڳوٺ انهن کان الڳ آهن. ڳوٺن جا نالا هن ريت آهن.

1. محمد سليمان 2. حاجي اميد علي 3. ٿوهر پنهور 4. جتن جو ڳوٺ 5. الله بخش 6. عبدالرحمان 7. مصري محمد 8. قاسم. 9. مولابخش بلوچ 10. عبداللطيف 11. حاجي محمد حسن 12. خان محمد 13. اشرف 14. سانوڻ 15. نور محمد 16. شوڪت علي 17. رحيم ڏنو 18. عبدالرزاق 19. نبي بخش 20. ميهار 21. ميوو 22. علي اڪبر 23. نواب بلوچ 24. ڪرم علي 25. دينو 26. محمد رحيم 27. احمد خان 28. ڪرم خان 29. علي خان 30. مورند ڪلمتي 31. اميد علي گبول 32. محمد خان. 33. وسند خان. 34. غلام محمد. 35. الهه بچايو.

انهن ڳوٺاڻن کي ايڏو تنگ ڪيو ويو جو انهن پنهنجي صدين جي ڪلچر، اباڻن قبرستان ۽ روزگار ڏيندڙ ماءُ جهڙي ڌرتي کي ڇڏڻو پيو. گهڻا ٺٽي لڏي هليا ويا ۽ جيڪي آهن اهي پنهنجي حقن ۽ وجود جي جنگ لاءِ مصروف آهن.

انهن مان فقط هڪ ڳوٺ کانٽو ڳوٺ جي ڪجهه حصي کي اجورو ڏيئي شفٽ ڪيو ويو. جنهن ۾ في گهر ڏهه هزار کان 25 هزار رپيا ڏنو ويو ۽ رهڻ لاءِ ڪا متبادل جاءِ ۽ روزگار نه ڏنو ويو. باقي 34 ڳوٺن کي اڄ ڏينهن تائين ڪو اجورو نه ڏنو ويو آهي.

لڏائڻ کان پهرئين بورڊ آف روينيو ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي وچ ۾ اهو طئي ٿيو هو. اهو معاهدو 11.05.1981 تاريخ ۾ لکت ۾ ٿيو هو. جنهن مطابق پهرئين سڀني گهرن ۽ زمينن جو اجورو ڏنو ويندو ۽ متاثرن کي متبادل جاءِ ڏيڻ کانپوءِ انهن کي لڏايو ويندو جنهن ليٽر تي ٻنهي ادارن جي آَفيسرن جون صحيحون موجود آهن. هن جي باوجود پورٽ قاسم اٿارٽي معاهدي کي هڪ پاسيرو رکي ڳوٺاڻن کي طاقت جي زور تي لڏايو.

روينيو ريڪارڊ موجب حاصل ڪيل زمين ۾ قانوني 535 کاتيدار هئا. جيڪو هاڻي فوتي کاتن کانپوءِ 2000 کان به مٿي آهي. 1980ع ۾ گهٽ اجورو ڏيڻ خلاف متاثرن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سول ريفرنس 86/1 دائر ڪيو. جيڪو اڃا تائين ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي. انهن ڳوٺن ۾ روينيو کاتي ۽ پورٽ قاسم پاران 1982ع ۾ ٻيهر گڏيل سروي ڪيو ويو، جنهن مطابق 592 خاندان آباد هئا. جنهن ۾ ٽن ڳوٺن کي شامل نه ڪيو ويو. جن ۾ حاجي اميد علي، جتن جو ڳوٺن ۽ ٿوهر پنهور جيڪي قديم هئا ۽ اهي انگريزن جي دور ۾ روينيو ريڪارڊ تي موجود آهن.

پورٽ قاسم اها زمين پنهنجي لاءِ حاصل ڪئي پر انهيءَ زمين مان هو اربين رپيا پرائيويٽ فيڪٽرين کي الاٽ ڪرڻ جي صورت ۾ ڪمائي رهي آهي، زوري اٿاريل انهن ڳوٺن جي زمين کي جيڪا قومي ترقي جي نالي حاصل ڪئي ويئي، مختلف پرائيويٽ ڪمپنين کي الاٽ ڪئي پئي وڃي. الله بچايو ڳوٺ جي جاءِ تي فوجي آئل ٽرمينل، وسند ڳوٺ جي زمين تي اٽڪ آئل ڪمپني، محمد خان ڳوٺ جي زمين شون گروپ کي، محمود شاهه ۽ ميهار ڳوٺ جي زمين ايگرو سائي ۽ ايگرو ڪيميڪل ڪمپني کي ملهوغ واري چوڪنڊي طرز اڏاوت واري قبرستان واري زمين پي. وي سي فيڪٽري کي الاٽ ڪئي وئي آهي. باقي رهيل ڳوٺن ۽ قبرستانن جي زمينن کي به مختلف ڪمپنين کي الاٽ ڪيو ويو آهي پر هتي اڃا اڏاوت شروع نه ڪئي ويئي آهي.

متاثر ماڻهن هڪ گڏيل پليٽ فارم جنهن جو نالو ”ڪراچي ديهي حقوق ڪاميٽي“ هو. 1978ع کان جدوجهد جي شروعات ڪئي. جيڪا اڃان به جاري آهي. سخت جدوجهد کانپوءِ اسٽيل مل وانگر پورٽ قاسم اٿارٽي به هڪ ڀرتي پاليسي جوڙي جنهن مطابق انهن سڀني متاثرن کي جن جا ڳوٺ ۽ زمينون پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ اچي ويون هيون انهن کي روزگار ڏنو ويندو جنهن مطابق اٿارٽي پاران ٻه ليٽر جاري ڪيا ويا جيڪي هيٺين ريت آهن.

PQA/Estt/76/77 Dated 10-03-1978

PQA/MISE/411/291/76 Dated-13-07-1979

پر اسٽيل مل وانگر انهن به پنهنجي ئي آرڊرن تي عمل نه ڪيو ۽ هن دوران 300 کان مٿي بنگلاديش کان آيل بهارين کي ڀرتي ڪيو ويو. انهن کي پٽن واري ڪوٽا سميت سڀئي سهولتون ڏنيون ويون آهن. هن وقت تائين مسلسل ڀرتي ٿيندي رهي ٿي، پر متاثرن کي هر ڀيري نظر انداز ڪيو وڃي ٿو.

1988ع ۾ ملڪ ۾ جمهوري حڪومت کانپوءِ هڪ ڪميشن جوڙي ويئي. جنهن ۾ وزير داخله نصيرالله بابر جيڪو چيئرمين هو. ميمبرن ۾ سيڪريٽري مواصلات، سيڪريٽري فنانس، سيڪريٽري قانون ۽ انصاف، جوائنٽ ايڊوائيزر وزارت مواصلات، چيف سيڪريٽري سنڌ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سنڌ ۽ ٻين وڏن آفيسرن کانسواءِ وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جو او-ايس-ڊي- مسٽر ايڇ ايم ڪانگو شامل هئا. مسٽر ڪانگو ڪري اها ڪميشن ”ڪانگو ڪميشن“ طور مشهور آهي.

هن ڪميشن پاران مسلسل ميٽنگن ۽ متاثر ماڻهن جي تجويزن ٻڌڻ کانپوءِ حڪومت کي هيٺيون سفارشون موڪليون. انهن مان ڪجهه هن ريت هيون.

متاثرن کي رهڻ لاءِ 50 ايڪڙ زمين پورٽ قاسم پاران ڏنو وڃي.

سڀني متاثر خاندانن کي هڪ لک رپيا في ڪٽنب ادا ڪيو وڃي.

متاثرن کي هائوس ٽائون پلاننگ تحت ٻيهر آباد ڪري سڀئي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.

متاثرن کي ٽريننگ ڏيئي پورٽ قاسم ۽ اسٽيل مل ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن.

تاريخ 90/9/07 تي سواءِ هڪ لک اجوري جي ٻين سفارشن تي جيئن جو تيئن عمل ڪرڻ تي پورٽ قاسم اٿارٽي رضامندي ڏيکاري. هڪ لک رپين جي اجوري بابت فيصلو ٻي گڏجاڻيءَ ۾ طئي ڪرڻ تائين ملتوي ڪيو ويو.

اها ٻي گڏجاڻي اڃان تائين نه ٿي. 1990ع ۾ پورٽ قاسم ۾ ڀرتين تي پابندي لڳائي وئي. 1974ع کان 1990ع تائين پورٽ قاسم ۾ 2200 ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا. جن ۾ مقامي ماڻهو متاثرن سميت 79 هئا. هي انگ اکر پورٽ قاسم پاران وفاق کي لکيل هڪ ليٽر نمبر PQA/ET/66/74/P-111/17/7/1990 ۾ ڄاڻايل آهن. 24 مارچ 2002ع تي 155 پوسٽن لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏنا ويا. متاثرن ۽ مقامي ماڻهن درخواستون جمع ڪرايون. پر بنا ڪنهن سبب ڄاڻائڻ جي اهي ڀرتيون ملتوي ڪري 2003ع بنا ڪنهن اشتهار جي من پسند ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو.

متاثر ماڻهن ملير بچايو اتحاد جي پليٽ فارم تان احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ته پورٽ قاسم انتظاميا روينيو کاتي جي آفيسرن ۽ متاثرن وچ ۾ تاريخ 20 ۽ 24 مارچ 2003ع تي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو متاثرن کي اوليت جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وينديون. انڊسٽريل زون ۾ 5 سيڪڙو نوڪرين ۾ ڪوٽا جو جيڪو پراڻو فيصلو ٿيو هو ان مطابق متاثرن کي رکيو ويندو ۽ متاثرن کي رهڻ لاءِ جاءِ ڏني ويندي. پر هن لکت واري معاهدي تي به عمل نه ڪيو ويو.

احتجاجن ۽ حڪومت کي خط لکڻ جو سلسلو هڪ ڀيرو ٻيهر متاثرن پاران شروع ڪيو ويو. حڪومت مجبور ٿي 14 اپريل 2003ع چيف سيڪريٽري سنڌ، پورٽ قاسم اٿارٽي متاثرن جي نمائندن ۽ بورڊ آف روينيو جي ميمبرن کي هڪ اجلاس ۾ گهرايو. موقف ٻڌڻ کانپوءِ هڪ نَو ڄڻن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي وئي. جنهن جو باقائده نوٽيفڪيشن No.50(CIV)SGA and CD/7-804/2003 Dated 21.04.2003  جاري ڪيو ويو. جنهن جو پهريون اجلاس 8/05/03 تي چيئرمين هاشم لغاري جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ماضي ۾ ٿيندڙ معاهدن تي عمل ڪيو وڃي. متاثرن کي اوليت جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن. انڊسٽريل زون ۾ 5 سيڪڙو متاثرن لاءِ مقرر ڪيل ڪوٽا تي عمل ڪيو وڃي پراڻن فيصلن ۽ معاهدن وانگر هن تي به عمل نه ڪيو ويو. جنهن جي شڪايت حڪومت سنڌ کي متاثرن پاران ڪئي وئي. جنهن تي حڪومت سنڌ 18 جون 2003 تي ليٽر نمبر:No.PS/MBR/L4/691 وسيلي چيئرمن پورٽ قاسم اٿارٽي کي فيصلن تي عمل ڪرائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو پر هڪ اٿارٽي جو چيئرمين سنڌ حڪومت کان وڌيڪ مضبوط ثابت ٿيو ۽ هن تي به ڪو عمل درآمد نه ڪيو ويو ۽ چور دروازي مان ڀرتين جو سلسلو جاري رکيو ويو. مارچ 2002ع کان اڄ تائين 200 کان مٿي ماڻهو پورٽ قاسم ۾ ڀرتي ڪيا ويا پر متاثر ماڻهو هڪ به نه آهي. پورٽ قاسم جي ڪارگو ڊپارٽمينٽ ۾ ڊاڪ ليبر طور 1757 ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا پر انهن ۾ هڪ به ماڻهو مقامي ۽ متاثرن مان نه آهي. پورٽ قاسم انهن متاثر ماڻهن جي ڳوٺاڻن جي زمين تي 12000 هزار ايڪڙ تي پرائيويٽ انڊسٽريل زون قائم ڪيو آهي جنهن ۾ نارٿ انڊسٽريل زون، نارٿ ويسٽ انڊسٽريل زون، ايسٽ انڊسٽريل زون، الوطن انڊسٽريل زون، ٽيڪسٽائيل سٽي وغيره شامل آهن. انهن زونن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ سرڪاري اڌ غير سرڪاري، ملٽي نيشنل ڪمپنين کي صنعتي تجارتي ۽ ڪمرشل پلاٽ الاٽ ڪيا ويا آهن. جن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ،ڪمپنيون گذريل سالن کان پيداوار ڏئي رهيون آهن. جن ۾ 10 هزار کان مٿي ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ مقامي ۽ متاثر ماڻهن جو گڏيل تعداد فقط 25 آهي. انهن ادارن ۾ وفاقي حڪومت جي هدايت تحت پورٽ قاسم پاران PQA-1876/28/3/1990، ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا انهن فيڪٽرين ۽ ادارن ۾ متاثرن لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي هن تي عمل نه ڪيو پيو وڃي. هن ڊگهي بيان جو مقصد اهو آهي ته جڏهن اهي ادرا قائم ڪيا ويا ته وڏا وڏا وعده ڪيا ويا ۽ هر ڀيري ائين ڪيو ٿو وڃي. ادارن جي ٺهڻ کان پوءِ پنهنجي وعده معاهدن جو ڪو پاس نٿو رکيو وڃي. تازو ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شهر اڏڻ ۽ ايجوڪيشن سٽي هيلٿ سٽي جا اعلان ڪيا پيا وڃن پر ماڻهن جو هاڻي انهن تي ڪو اعتبار ڪونهي. اهڙن اعلانن ڪرڻ وارن نمائندن ميمبرن ۽ خود سنڌ جي وڏي وزير کي سڀ کان پهرئين اسٽيل مل ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي وعدن ۽ معاهدن تي عمل ڪرائي پنهنجا وعده پورا ڪرڻ گهرجن. ٻئي پاسي اهو چيو وڃي ٿو ته مقامي ماڻهو پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد نٿا ڪن. انهن کي پورٽ قاسم ۽ اسٽيل مل جي متاثرن جي تحريڪ جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. مون ته هتي هن جو مختصر ذڪر ڪيو آهي پر اها ٿڪائيندڙ جدوجهد 32 سالن کان جاري آهي جنهن جي سرواڻي سائين خدا ڏنو شاهه ۽ ٻيا ڪري رهيا آهن سڀئي ڪاغذ پٽ انهن وٽ موجود آهن.

ٻئي پاسي انهيءَ ملڪ ۾ تربيلا ڊيم، منگلا ڊيم، ۽ غازي بروٿا ۽ ٻين متاثرن کي فقط سنڌ ۾ 42355 ايڪڙ زرعي زمينون ڏنيون ويون. غازي بروٿا جي متاثرن کي پنج ارب رپين جو پئڪيج ڏيئي ٻيهر آباد ڪيو ويو پر سنڌ ۾ جيڪو ظلم ڪيو وڃي ٿو جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ جا ماڻهو ٻئي نمبر جا شهري آهن. جنهن سان نفرتون وڌي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته انهن پاليسين مان ائين ٿو لڳي ته هتي ڪالونائيز جو عمل جاري آهي. قومي ترقي جي نالي سان ٺڳيون بند ٿيڻ گهرجن ۽ انهن جي آڙ ۾ مقامي ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ، لڏائڻ، انهن جي جاءِ تي ڌارين جون ڪالونيون ٺاهڻ جو عمل هاڻي رڪجڻ گهرجي، نه ته نفرتن جو خليج ايترو وسيع ٿيندو جو هن کي ختم ڪرڻ حڪمرانن جي وس ۾ نه هوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org