تاريخ جي وساريل ورقن کان ڪراچي تائين جو سفر
ڪراچيءَ جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته هتان جي
تاريخ هتان جي ماڻهن جي مزاج وانگر خاموش آهي. سنڌ
جو هي خطو قديم دور کان ئي انتهائي زرخيز ۽ خوشحال
رهيو. سنڌ وانگر سنڌ جي هن خطي جو تاريخ ۾ تسلسل
سان ڪو ريڪارڊ موجود نه آهي، ڪراچي ۽ ان جي
پسگردائي ۾ بيشمار پراڻا ماڳ آهن انهن تي تحقيق نه
هئڻ ڪري اسان انهن مان ڪو لاڀ حاصل نه ڪري سگهيا
آهيون ۽ گهڻن آثارن کي هٿ وٺي حڪومتي سرپرستي ۾
تباهه ڪيو ويو آهي. هن وقت جيڪو تاريخي ريڪارڊ
اسان وٽ موجود آهي. اسان کي انهيءَ کي کڻي وڃڻو
پوندو. هن شهر هميشه تاريخ جي شاگردن کي سندس باري
۾ ڪجهه نه لکڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي. ڪراچي اصل
۾ مختلف تهذيبن جي آماجگاهه رهي آهي. ڪراچي شهر ۾
هن وقت به قديم ۽ جديد تهذيب جون جهلڪيون صاف نظر
اينديون آهن.
تاريخ ۽ جغرافيائي تبديلين صورتحال کي انهيءَ حد
تائين پهچايو آهي جو تحقيق جو ڪم هڪ سواليه نشان
بنجي ويو آهي. جغرافيائي ثبوت جي نه هجڻ ڪري
ماضيءَ جا سڀئي سوال بنا جوابن جي اسان جي سامهون
آهن. تنهنڪري ڪراچي جي تاريخ جي سلسلي ۾ اسان کي
گهڻو ڪري ڏند ڪٿائن ۽ افسانوي ڳالهين تي مدار رکڻو
پوندو. انهن ڏند ڪٿائن جي تاريخي ثابتي ڳولڻ جي
ضرورت آهي ته جيئن انهن ڏند ڪٿائن کي حقيقت جو روپ
ڏئي سگهجي. ڏند ڪٿائن جو هجڻ به هن ڳالهه جي ثابتي
آهي ته هتي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيو هوندو جو اهي
ڏند ڪٿائون وجود ۾ آيون آهن. ڪراچي جي قدامت جو
اندازو هتي موجود پراڻن آثارن مان لڳائي سگهجي ٿو.
هتي تاريخ جي هر دور جا آثار دريافت ٿيا آهن. انهن
آثارن ۾ ڪراچي شهر ۽ ان جي پسگردائي وارا علائقا
منگهو پير، گڏاپ، مهير ۽ ملير به شامل آهن. جن جي
پنهنجي ڌار سڃاڻپ آهي پر هاڻ هي ڪراچي ۾ شامل آهن.
انهن آثارن مان ان علائقي جي تاريخي قدامت جي ڄاڻ
ملي ٿي. ڪنهن دور ۾ سنڌو درياهه گهارو ڪريڪ کان
ابراهيم حيدري لڳ وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. سنڌو
درياهه منڍ کان وٺي ڪشمير کان سمنڊ تائين تجارتي ۽
واپاري اچ وڃ جو وسيلو رهيو آهي. ڇوڙ وٽ گسري
(گذري)، واڳو ڏر، ريڙهي مياڻ، ابراهيم حيدري ۽ رتو
ڪوٽ خوشحال بندر هئا. اهي بندر هتي ڪهڙي به نالي
سان، پر موجود هئا. جنهن جي ڪري هن علائقي جي
تاريخ قدامت واضح ٿئي ٿي. سنڌو درياهه جي ساٿ ڇڏڻ
ڪري ديبل وانگر قسمت جي ديوي به انهن علائقن مان
موڪلائي وئي. سمنڊ جي وڌڻ ڪري ڦٽي ڪريڪ، ڪورنگي
ڪريڪ ۽ گهارو ڪريڪ جيڪي سنڌو جي مختلف ڇوڙن جا
ويڪرا هئا سمنڊ ۾ اچي ويا ۽ رتو ڪوٽ وانگر گهڻا
آثار سمنڊ جي نظر ٿي ويا. اهي آثار اڄ به سمنڊ ۾
موجود آهن پر انهن تي تحقيق جي ضرورت آهي.
اها
هڪ تحقيق آهي ته جيڪي بندر ڪراچي جي پسگردائي ۾
آهن يا خود ڪراچي بندر تان واپار نار جي ملڪن
اومان، مسقط، فارس ۽ هندستان سان هلندو هو ته هتي
بندرن تي شهر به آباد هئا ۽ انهن شهرن جي کنڊرن کي
ڳولڻ جي ضرورت آهي، هتي ملندڙ اوزارن، سڪن ۽ ٻين
شين جو اڀياس ڪري اسان ڪنهن نتيجي تي پهچي
سگهنداسين. باٿ آئي ليند وارو علائقو جيڪو گسري
بندر کي ويجهو آهي، ان جاءِ تي 1859ع تائين هڪ
پراڻي شهر جا آثار موجود هئا. سيٺ نائون مل پنهنجي
يادگيرين ۾ بلڪل واضح ۽ صاف لکيو آهي ته، اڄ کان
(سندس دور 1850ع) 400 کان 500 سال اڳ ۾ ڪلفٽن ۽
ڪئمپ (صدر ڪئمپ وارو علائقو) جي وچ ۾ هڪ خوشحال
شهر آباد هوندو هو. نائون مل جو چوڻ آهي ته هن پاڻ
اِن شهر جا نشان ڏٺا هئا. بلڪه هن ڦٽل گهرن جا
نشان پڻ ڏٺا هئا ۽ ان وقت جي سنڌ جي حاڪم بارٽل
فريئر کي پڻ ڏيکاريا هئا ۽ سيٺ نائون مل فريئر
ڏانهن جيڪو خط لکيو هو هن ۾ واڳو ڏر جو پڻ ذڪر ڪيو
آهي جيڪو به ڪنهن زماني ۾ هڪ آباد شهر هو پر ڪنهن
هن پاسي ڌيان نه ڏنو ۽ اهي تاريخي آثار حڪمرانن جي
بي حسيءَ جو شڪار ٿي ختم ٿي ويا.
سنڌ
جو دنيا ۾ ٺهندڙ پهريون نقشو جيڪو ابن حوقل بغدادي
سن 343هه (943) ۾ تيار ڪيو هو. ايليٽ کي هي نقشو
ايوڌيا جي شاهي ڪتب خاني مان هٿ آيو هو
اورنگي (اورانگهي) واري علائقي کان منگهو پير
تائين وارو علائقو قديم ماڳ آهي. جنهن لاءِ مجمدار
جو چوڻ آهي ته هي ماڳ هڙپا تهذيب سان تعلق رکندڙ
آهي. ڊاڪٽر ايف. اي خان اورنگي (اورانگهي) ۾ هڪ
هنڌ کجين جي جهڳٽي جي ڀر ۾ هڪ کاهي ڳولي لڌي هئي.
هن جو چوڻ آهي ته هتي گاهه ڄمي چڪو هو پر هتي اڃا
به (جنهن وقت ڊاڪٽر صاحب هتي ويو هو) پٿر جا اوزار
نظر اچن ٿا. انهن اوزارن سان هتان جا ماڻهو گوشت،
گاهه لڻڻ ۽ ڀاڄين کي ڪپڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا.
اها 1880ع کان اڳ جي ڳالهه آهي. هن پوري قديم ماڳ
تي بنگلاديش کان آيل بهارين قبضو ڪري ڇڏيو آهي. ۽
جڏهن آئون هتي پهتس ته هر پاسي آبادي هئي پورو ماڳ
تباهه ڪيو ويو هو. اڃا به ڪجهه اهڙا پاسا آهن جتي
جيڪڏهن کوٽائي ڪئي وڃي ته شايد ڪجهه حاصل ٿئي.
منگهو پير اهڙو مقام آهي جيڪو اڃا قبضا گروپ کان
بچيل آهي. جتي تحقيق ڪري سگهجي ٿي. منگهي پير جي
مقبري لڳ پٿر جا اوزار ۽ ٺڪر جا ٿانوَ پکيڙيل آهن.
پراڻن آثارن قديم ماهرن موجب هي تاريخ کان اڳ جو
ماڳ آهي. مجمدار به انهن تي تحقيق ڪئي آهي.
ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڪيمپس واري علائقي ۾ ٽين صدي
عيسوي جي زماني جي هڪ وسندي جا آثار مليا آهن. پٿر
جا ننڍا ننڍا اوزار ۽ ٻيون اهڙيون ئي قديم شيون
ڪافي ايراضي ۾ ڪنهن زماني پکيڙيل هيون. اهي اوزار
۽ آثار، قديم آثارن جي ماهرن موجب گهڻي اهميت وارا
آهن. قديم آثارن جي ماهرن موجب انهن آثارن کي ٻن
قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرئين قسم جي آثارن ۾
قديم پٿر جي آخري دور جا اوزار مليا آهن ۽ ٻئي قسم
جي آثارن ۾ هن دور کان پوءِ جا اوزار مليا آهن.
مشهور محقق جناب روف خان موجب، ”ڪراچي يونيورسٽي
جي علائقي ۾ صفوران ڳوٺ تائين موهن جي دڙي جي
زماني جي هڪ برباد ڳوٺ جا آثار دريافت ٿيا آهن ۽
يونيورسٽي روڊ ڪنٽري ڪلب کان وارو علائقو اين اي
ڊي
(NED)
يونيورسٽي تائين ان زماني جو صنعتي علائقو هو. جتي
پٿر سان شيون ٺاهيون وينديون هيون. انهن شين ۾
ٿانوَ، رانديڪا، هٿيار ۽ گهرن اڏڻ جو سامان شامل
هو ڪراچي جو هي صنعتي علائقو نه فقط سنڌ جو پر بين
الاقوامي تجارت جو مرڪز هو.“
گلستان جوهر واري علائقي ۾ جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ
واري علائقي سان لڳ آهي اڏواتي کوٽائي دوران هتي
پٿر جي دور جي انسانن جا ڍانچا مليا آهن. ڪراچي ۽
هن جي پسگردائي ۾ قديم قبرن جي باري ۾ جن کي ڪافرن
جون قبرون چيو وڃي ٿو ته محققن جو خيال آهي ته اهي
يونانين جا آهن جيڪي سڪندر اعظم جي دور ۾ هتي آيا
۽ اهي يوناني ڪيشيا کان به اڳ هتي سنڌ ۾ آيا هئا.
ڪراچي کان 30 ڪلوميٽر پري ملير واري علائقي ميمڻ
ڳوٺ ڊملوٽي روڊ تي نئين بازار جي کاٻي هٿ تي هڪ
قديم وسندي جا آثار موجود آهن، جيڪو الله ڏنو
جوکيو ڳوٺ جي ويجهو هئڻ ڪري هن جو نالو الله ڏنو
آثار ۽ نل بازار آثار ڏنو ويو آهي. هتي 1974ع ۾
کوٽائي ڪئي وئي. قديم آثارن جي ماهر جي تحقيق موجب
هي آثار موهن جي دڙي ۽ هڙپا تهذيب جا همعصر آهن.
هن کانسواءِ ڊملوٽي جي آسپاس سنڌو تهذيب جا به
آثار آهن، جيڪي هڙپا تهذيب سان تعلق رکن ٿا. ٿڌو
ندي لڳ کٽو گبول ڳوٺ، ۽ آدم گبول ڳوٺ، لڳ مهير جبل
تي ٻاٻرين جا آثار، موئيداڻ ۾ حب ندي جي ڪناري،
گڏاپ ۾ ديهه لنگهيجي ۽ ٻولهاڙي جي وڏي علائقي ۾
اهڙا آثار موجود آهن. انهن علائقن ۾ زرتشتي دور
جون قبرون به موجود آهن. ملير ۾ اهي پراڻي ۽ نئين
پٿر جي شروعاتي دور سان تعلق رکندڙ آثار آهن. هتي
لوهه ۽ ٽامي جي دور جا به آثار موجود آهن. انهن جي
قدامت جو اندازو اٺ کان نو هزار سال آهي. هتان
ڪجهه اهڙا به آثار مليا آهن جن جو تعلق آخري
برفاني دور سان آهي. ڪراچي جي پسگردائي ۾ تاريخ جي
هر دور ۾ آثار موجود آهن. انهن تي تحقيق جي ضرورت
آهي. تحقيق کان اڳ انهن کي محفوظ ڪرڻ نهايت ضروري
آهي. ائين نه ٿئي جو انهن جو حشر ۾ شهر اندر ايندڙ
آثارن جهڙو ٿئي. هن علائقي کي اهو اعزاز حاصل آهي
ته قديم زماني کان وٺي اڄ تائين انساني استعمال
هيٺ هلندو اچي.
آڳاٽي دور کان مڪران کان لسٻيلي کان رستو حب پار
ڪري ڪراچي جي بندرن ڏانهن ويندو هو. ٻيو رستو
بولان لڪ کان ڌريجي ۽ ڪنڊ، مهير، گڏاپ کان ڪراچي
ڏانهن ايندو هو. منگهو پير مرڪز هوندو هتان به
ڪيترائي رستا نڪري انهن رستن سان ملندا هئا. ٽيون
رستو سيوهڻ کان گڏاپ کان ڪراچي تائين ايندو هو.
چوٿون رستو ٺٽي، ڀنڀور ۽ ديبل کان ڪراچي ڏانهن
ايندو هو. منگهي پير کان به ٻه رستا بندرن ڏانهن
ايندا هئا. لوهارڪو لنگهه ۽ مائي ڳاڙهي کان ٻه
رستا منگهي پير تائين ايندا هئا هتان هڪ اهم رستو
اورنگي نئين پار ڪري بندرن ڏانهن ايندو هو. انهن
اهم رستن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا رستا
ڪراچي بندر ڏانهن ايندا هئا. انهن رستن جي ڪناري
اهي قديم آثار، لانڍيون، سراءَ ۽ پراڻن ماڳن جا
نشان موجود آهن. انهن پراڻن رستن، واٽن ۽ انهن جي
ڪناري ماڳن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اهي اسين
ڳولي وياسين ته تاريخ جون ڪڙيون ملي وينديون ڇاڪاڻ
ته هي علائقو قديم زماني کان واپاري ۽ فوجي اچ وڃ
جو وسيلو رهيو آهي. ساحل تي واپاري شهرن کانسواءِ
هتي مڇي بندر به هئا. بندر کان پري وارن علائقن ۾
زراعت ۽ چراهه گاهن ڪري هي خطو خوشحال ۽ زرخيز هو.
هن خطي جي خوشحالي ٻين قومن، قبيلن کي هرکائيندي
رهي آهي. بندرن تي اچ وڃ ۽ لڏ پلاڻ ڪري ٻين علائقن
جي تهذيبن جو ڳانڍاپو ۽ انهن تهذيبن کان متاثر ٿيڻ
هڪ فطري ڳالهه آهي، تهذيبن جي ٽڪراءُ ۽ ڳانڍاپي جو
اهو سلسلو قديم زماني کان اڄ تائين جاري آهي. ان
سلسلي ۾ جيڪي انگ اکر ۽ شهادتون گڏ ڪيون ويون آهن.
سي تفصيلي اڀياس لاءِ رهنمائيءَ جو ڪم ڏئي سگهن
ٿيون. ليڪن اسان جي بدقسمتي آهي ته هن مهل تائين
ان باري ۾ تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي ۽ آئينده به ڪنهن
خاص ڪم ۽ تحقيق جا آثار نظر نٿا اچن ۽ جيستائين
اسان ڪراچيءَ جي مڪمل تاريخ لکڻ لاءِ ويهي سوچيون
اوستائين انهن آثارن جو ڪو وجود ئي نه رهندو.
تاريخ نويسي لاءِ اهي خال ڀرڻ ان وقت تائين مڪمل
نه آهن جيستائين قديم آثارن جا ماهر انهن مان ڪو
ڏس نٿا ڏين. تاريخ نويس فقط انهن جي نشاندهي ڪري
سگهن ٿا. انهن جي کوٽائي انهن تي تحقيق جو ڪم آثار
قديم جي ماهرن جو آهي. جيڪڏهن ڊملوٽي، اورانگي،
باٿ آءِ لينڊ، يونيورسٽي روڊ ڪنٽري ڪلب، ڪراچي
يونيورسٽي ڪئمپس، منگهو پير، واڳو ڏر، رتو ڪوٽ،
گسري، ٻٽ کوڙي، منجهار (گابو پٽ)، ديهه حب،
هلڪاڻي، مهير جبل، اميلاڻو، ٻاڪراڻ، پپري، ڪاٺوڙ،
کديجي، ڪونڪر گڏاپ جي آثارن کي ٻين علائقن ۽ ملڪن
خاص ڪري ابو دبئي پاسي کوٽائي مان نڪتل، بلوچستان
جي مهر ڳڙهه، ڪلي مهي، موهن جو دڙي، هڙپا ۽ مصر جي
کوٽائي مان نڪتل شين سان آثارن سان ڀيٽ ڪرڻ سان
اسان ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهنداسين. ٻين آثارن
وانگر هتي به ٺڪر جا ٿانو، ٺڪر جون چوڙيون، پٿر جا
اوزار، هار، مڻيا، سڪا، رانديڪا ۽ مهرون مليون
آهن. انهن مان اها ڳالهه واضح ٿيندي ته ڪٿي اهي
تهذيبون هڪ ئي دور جون ته نه آهن جيڪڏهن انهيءَ دڳ
تي ڪم ڪيو وڃي ته هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو.
انهن
آثارن کي ڇڏي اسان اڳتي وڌون ٿا ته جيئن ڪجهه وڌيڪ
شين ۽ تاريخي ڳالهين جي پروڙ پوي. ڪراچي جي قدامت
جي سلسلي ۾ ننڍي کنڊ جي معروف تاريخ دان ڊاڪٽر
موتي چندر جي تحقيق قابل ذڪر آهي. هو لکي ٿو ته،
”ڪراچي جي تاريخ حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به قديم
آهي. 2500 قبل مسيح ۾ به ڪراچي جو بندرگاهه موجود
هو ۽ هي بندرگاهه بهترين قسم جي مڇين جي لاءِ ڏور
ڏور تائين مشهور هو.“
ڪراچي جي قدامت جو هڪ ٻيو واقعو ائين آهي ته
هندوئن جي مذهبي روايت موجب
رام،
سيتا ۽ رام جو ڀاءُ لڪشمڻ هنگول/اگورندي (لسٻيلو
بلوچستان) جي ڪناري هندوئن جي مذهبي مقدس جاءِ
هنگلاج ويندي ڪراچي جي رام باغ (هاڻوڪو آرام باغ)
واري جاءِ تي هڪ رات قيام ڪيو هو. هتي هڪ وڏو
ميدان ۽ پاڻي جو چشمو هو انهيءَ چشمي لڳ انهن خيما
کوڙيا هئا ۽ جنهن کان پوءِ هتي موجود باغ کي رام
جي نالي پٺيان ”رام باغ“ سڏيو ويو. رام جو زمانو
حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان اڳ 2500 سال اڳ جو آهي.
اهڙي طرح هي واقعو اڄ کان ساڍا چار هزار سال اڳ جو
آهي. رام، سيتا ۽ لڪشمڻ رام باغ واري ميدان ۾ اچڻ
کان اڳ ڪلفٽن واري مهاديو جي غار ۾ شيو جي مندر ۾
پوڄا ڪئي هئي. جنهن سان انهيءَ مندر ۽ علائقي جي
قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان مندر جو ذڪر
رامائڻ ۾ به آهي، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي پنهنجي
ڪتاب ”قديم سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته، ”حضرت عيسيٰ جي
پيدائش کان اڳ سنڌ ۾ ململ جو نفيس ڪپڙو تيار ڪيو
ويندو هو جيڪو ڏورانهن ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو
هو. مشهور آهي ته قديم مصر جا ماڻهو انهيءَ ڪپڙي
سان پنهنجي مُردن لاءِ ڪفن تيار ڪندا هئا. اهو
ڪپڙو سنڌ جي مختلف بندرگاهن تان جهاز رستي موڪليو
ويندو هو.“
پروفيسر ايڇ. شمسي موجب، عيسوي سن کان چار سئو سال
اڳ سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ ململ ايران، بابل ۽ مصر،
ڪراچي ۽ ٻين بندرگاهن رستي موڪليو ويندو هو.
ڪراچي جي مختلف نالن تي بحث:
مورخن پنهنجن سفرنامن ۾ مختلف دورن ۾ ڪراچي کي
مختلف نالن سان منسوب ڪيو آهي. جن ۾ ڪروڪالا،
مورنٽوبارا، دڙٻو، سڪندري جنت، خوارالديبل،
ڪڪرالو، ڪروڪل، ڪروڪالي، ڪائومارا، ڪوره، ڪراشر،
ڪراسٽي، ڪلاچو، ڪورنجي، ڪراچر، کوراچي، گهراچر،
کراچرداراجا، ڪوراچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي شامل آهن.
رام جهروڪا
اصل
۾ انهن مان گهڻا نالا ڪراچي جي مختلف حصن جا به
آهن جيئن جڏهن ڀوڄو مل هتي آيو هو ته علائقي جو
نالو دڙٻو هو بندر جو نالو به دڙٻو هو. ۽ جتي ڀوڄو
مل پڙاءُ ڪيو هتي هڪ ڪن هو جنهن کي ”ڪلاچي جو ڪن“
ڪري چوندا هئا ۽ پوءِ اڳتي هلي ڪلاچي جي ڪن ڪري هن
پوري علائقي جو نالو ڪلاچي پيو ۽ پوءِ اهو سفر
تلفظ جي صحيح ادائيگي نه هئڻ ڪري ڪراچي ٿيو. ڪراچي
جي ڪن جو واسطو ۽ مشهوري مورڙي ميربحر جي ڪري ٿي ۽
اهو واقعو سومرن جي اوائلي دوجو آهي. معنيٰ ڪراچي
جي انهيءَ ڪن جنهن جو نالو ”ڪلاچي“، سومرن جي دور
کان به اڳ عربن جي دور ۾ به موجود هو. سومرن جي
دور جو ادبي خزانو نهايت گهٽ تعداد ۾ اسان تائين
پهتو آهي. سمن ۽ پوءِ ڪلهوڙن جي دور ۾ جيڪا شاعري
ملي آهي، خاص ڪري ڪلهوڙن جي دور ۾ امين کٽي جا
اوائلي بيت ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪلاچي جي ڪن جو
ذڪر پنهنجي شاعري ۾ ڪيو آهي. ڪروڪالا کان وٺي
ڪراچي تائين مختلف نالن تي مضمون ۾ بحث ڪنداسين ته
مختلف دورن ۾ ڪراچي ۽ انهن جي آسپاس جي بندرن جا
نالا ڪهڙا هئا ۽ ڪهڙي دور ۾ انهن کي مشهوري ملي
انهن تي بحث ڪري اسان ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين.
شاهراهه ريشم جيڪا پاٽلي پتر کان شروع ٿي ڪراچي
تائين ايندي هئي. پاٽلي پتر جو ذڪر اين. ايم
بليموريا پنهنجي مضمون ”قديم هندستان خاص طور سنڌ
۽ پنجاب ۾ ايراني“The
Iranian in ancient India & specially in Sindh
and Punjab- by N.M Billimoria
جنهن ۾ پاٽلي پتر بابت لکي ٿو ته، ”هاڻوڪي چئنا
ميگا سٿينز جو بيان ڪيل بوٿرائي آهي لڳ ڀڳ 300 ق.م
۾ اهو شهر گنگا ۽ سون يا سينا درياهه جي ميلاپ
واري هنڌ تي موجود هو. اهو مگڌ (ڏاکڻي بهار جو
علائقو) جي قديم سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ هو.
پهرئين اهو شهر ڪسم پور ۽ پشپاپور (گلن جو
شهر)سڏبو هو. پٽالي هڪ گل جو نالو آهي.“ چيني سياح
فاهئين 414-399 ق.م هتي آيو هو. سٽرابو
Strabo
پنهنجي ڪتاب ”جاگرافي“ ۾ هن شهر جو ذڪر ڪيو آهي.
ايران
Arrian
جي ڪتاب
Indica
۾ به ان شهر جو ذڪر ٿيل آهي. اشوڪ اعظم جي دور 250
ق.م جي لڳ ڀڳ اهو شهر پنهنجي عروج تي هو. ڊاڪٽر
اسپونر جنوري 1913ع کان ان جي کوٽائي شروع ڪئي. ان
کوٽائي مان هندستان تي ايران جي اثر جو پتو پوي
ٿو. ڊاڪٽر هندستان تي ايران جي گهري اثر هئڻ جي
ثبوت ۾ سڪا ۽ ٻيون شهادتون پيش ڪيون هيون. انهن جي
هڪ منڊي ڪراچي ۾ هاڻوڪي مٺا در واري علائقي ۾ واقع
هئي. اهي تجارتي قافلا سڪندر اعظم کان گهڻو اڳ هتي
آيا ۽ اسڪائي ليڪس، ڪيٽي سياح، بطليموس، نيئرڪس،
هيڪاٽڪس، ميگس ۽ ٻين يوناني سنڌ جي ڪراچي واري
ساحل تي بندرگاهه جو ذڪر ڪيو آهي. يونانين کان اڳ
هتي ايراني آيا پر انهن علائقن جو ڪو تاريخي
دستاويز نه ڇڏيو جنهن جي ڪري قديم حوالي طور
يونانين جو لکڻين تي ڀروسو ڪيو وڃي ٿو.
ڪنهن
دور ۾ ايران قديم پارسيا جون حدون سنڌو نديءَ
تائين هيون ڪراچي کان وٺي سيوهڻ ۽ جيڪب آباد تائين
علائقو ايران جو حصو هو ۽ رني ڪوٽ جي قلعي جي باري
۾ هڪ خيال اهو به آهي ته اهو ايرانين اڏيو.
ميگس
۽ پلائي ننڍي کنڊ بابت گهڻو ڪجهه لکيو آهي. هو لکن
ٿا ته، ”موهن جي دڙي“ جا ماڻهو ٻيڙين تي پنهنجو
تجارتي سامان بندرگاهن تائين پهچائيندا هئا ۽ اتان
اهو سامان عراق ۽ مصر لاءِ روانو ڪيو ويندو هو.“
قديم بندرن ۾ جنهن ۾ مورنٽو بارا به هڪ آهي.
مورنٽو بارا هاڻوڪي ڪراچي جي ساحل جي بندرن مان
ڪنهن هڪ بندر جو نالو هو.
سڪندراعظم کان گهڻو اڳ دارائي پهرئين 521 ق.م ۾
يوناني سياح اسڪائي ليڪس کي هندستان جي حالتن جي
جاچ لاءِ موڪليو هو. هن سنڌ کي هند قرار ڏنو هو.
هن هڪ مضبوط ٻيڙيءَ وسيلي اٽڪ کان سنڌو درياهه جو
سفر ڪيو. اهو سفر ڪراچيءَ تائين هو. ڪنهن زماني ۾
سنڌو جي پراڻي شاخ ابراهيم حيدري لڳ ڇوڙ ڪندي هئي.
ابراهيم حيدريءَ جو پراڻو ڳوٺ انهيءَ شاخ تي آباد
هو. رتو ڪوٽ جيڪو ريڙهي مياڻ لڳ آهي ۽ ديبل بندر ۽
گسري بندر به سنڌو جي انهيءَ شاخ تي آباد هئا.
ڪراچيءَ کان وٺي هيٺ ڏکڻ اوڀر طرف ميرپور ساڪري لڳ
بگهياڙ ڦاٽ جي پراڻي پيٽ تائين نيون يا پراڻيون
وسنديون/ڳوٺ بندر يا مڇي مياڻ جي حيثيت رکنديون
هيون، سي آهن. ڪراچي، ڪلفٽن، گسري، واڳوڏر،
ابراهيم حيدري، ريڙهي مياڻ، رتو ڪوٽ، کاري ڊهي
واري مياڻ وٽيجي (اهي سڀ هاڻوڪي ڪراچي جي ساحل تي
آهن) ماڙي مورڙو، ڀنڀور، ٿنڀن واري مسجد، جاکي
بندر، ڌارجا ۽ راڻي ارجن جو ڪوٽ.
ابراهيم حيدري، واڳو ڏر ۽ ريڙهي مياڻ تائين ڦٽل
وسندين جا نشان موجود آهن. ڪجهه محققن جو خيال آهي
ته واڳو ڏر، ڀنڀور ۽ ماڙي مورڙو مان ڪنهن به هڪ کي
ديبل قرار ڏيئي سگهجي ٿو. ماڙي مورڙو جا آثار
ميرپور ساڪري تعلقي جي ديهه کيراڻي ۾ سمنڊ ڪناري
آهن. انهن سڀني جڳهن تي قديم آثارن واري کاتي
پاران کوٽائي جي ضرورت آهي.
ڪراچي بابت ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ حضرت عيسيٰ جي
ڄمڻ کان 325 سال اڳ پڻ ملي ٿو. ڪراچي جو ذڪر سڀ
کان پهرئين يوناني مورخ ايرين جي لکڻين ۾ ملي ٿو.
هو لکي ٿو ته، ”نيئرڪس جهازن جو لنگر ڪروڪولا جي
ويجهو بندرگاهه (جنهن کي مورنٽو بارا چئي ٿو) کڻي
کاٻي پاسي هڪ پهاڙ طرف هليو جنهن کي مقامي ماڻهو
ايراس لي نالي سان سڏين ٿا. ان پهاڙ وٽ ڪپتان جهاز
کي محفوظ جاءِ تي لنگر انداز ڪيو جنهن کي سڪندر
اعظم جي پناهه گاهه چيو ويندو آهي“.
سڪندر ان دور ۾ سنڌ کي جهازن جي اچ وڃ وسيلي ميسو
پوٽيما ۽ مصر سان ملائڻ پئي چاهيو. جنهن جو مقصد
هو ته هندستان سان واپار کانسواءِ پنهنجي فتح ڪيل
علائقن اوڀر ڀونچ سمنڊ کان وٺي، هندوڪش تائين
نظرداري ۽ ڪنٽرول ۾ رکي سگهي جنهن لاءِ هن پٽالا
بندر تي گوديون ٺهرايون هيون.
مشهور مورخ جيمز رينيل ۽ هيگ مطابق سڪندر اعظم جي
فوجن جو ڪراچي جي پسگردائي مان گذرڻ ۽ ڪراچي جي
بندر تي قيام ڪرڻ اهم تاريخي واقعو آهي. سڪندر
اعظم اتر اولهه هندستان تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان
پوءِ سنڌو درياهه رستي سنڌ ۾ داخل ٿيو ان وقت پنجن
رياستن ۾ ورهايل هو. (1) الور) (اروڙ) (2) برهمڻ
آباد (3) پٽيالا (4) ماهوٽا ۽ سيوهڻ. انهن رياستن
جي پنجن راجائن مان فقط ٻن سڪندر جو مقابلو ڪيو.
باقي ٽن راجائن بنا ڪنهن ويڙهاند جي سڪندر جي
اطاعت قبول ڪئي. ان کان پوءِ سڪندر سنڌ تي قبضو
ڪيو. سڪندر سنڌ ۾ پنهنجو گورنر مقرر ڪري خشڪي رستي
ايران ڏانهن روانو ٿيو.
سنڌ
کان رواني ٿيڻ کان اڳ پنهنجي جرنيل نيئرڪس کي حڪم
ڏنو ته هو دريا رستي سنڌ جي سمنڊ تائين پهچي هتان
پوءِ خليج فارس کان ٿيندو فرات درياهه تائين وڃي،
نيئرڪس ائين ڪيو. جڏهن هو سمنڊ تائين پهتو ته موسم
خراب هئڻ ڪري هو هڪ قدرتي بندرگاهه تائين پهتو. ان
محفوظ بندرگاهه ۾ هو پنهنجي سپاهين سميت ٽي هفتا
رهيو.
مختلف قياس اهي آهن ته اها جاءِ چري آءِ لينڊ آهي
۽ ڪراچي کي ڪروڪولا سمجهندا آهن. ايرين جي لکڻي
مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سڪندر اعظم جو سامونڊي
ٻيڙو سنڌ جي ڊيلٽا سان گڏ ڪراچي جي ساحل وٽان
گذريو هو. هن جنگي جهاز جو ڪمان جنرل نيئرڪس جي هٿ
هيٺ هو. يوناني تاريخ نويس ايرين موجب اهو جنگي
جهاز مورنٽو بارا جي غير آباد ساحل وٽ لنگر انداز
ٿيو هو. جنهن کي هتي جي رهواسين استري بندر (ڪنهن
عورت جو بندر) ٿي سڏيو. يوناني جو اهو جنگي جهاز
خراب موسم ڪري ٽي ڏينهن ان ساحل تي بيٺو هو. هنري
پوٽنگر جو چوڻ آهي ته ”قديم زماني ۾ هي پورو
علائقو جيڪو هاڻي ڪراچي جو ساحلي علائقو آهي
ڪڪرالا يا ڪڪرالو جي نالي سڃاتو ويندو هو“. جيمز
رينيل ۽ ايم. ارهيگ هن جاءِ کي ڪراچيءَ جو
بندرگاهه قرار ڏنو آهي، ڊين ونسنٽ اسمٿ هن کي
ڪياماڙي چيو آهي ۽ لئمرڪ لکي ٿو ته ”سڪندر اعظم جي
زماني ۾ هاڻوڪي ڪياماڙيءَ کان کڏي تائين پوري
علائقي تي هڪ عورت جي حڪومت هئي. ان لاءِ يونانين
هن جو ذڪر استري بندر جي حيثيت سان ڪيو هو.
سڪندراعظم جو مشهور جنرل نيئرڪس
(Nearchus)
جڏهن سنڌ درياهه مان ٿيندو سمنڊ ۾ داخل ٿيو هو ته
پنهنجا ٻيڙا هتي اچي لنگر انداز ڪيا هئائين، اهو
واقعو 325 ق.م جو آهي. هو ان جاءِ کي ڪرو ڪالا چوي
ٿو. جتي ان جو جهاز ننگر انداز ٿيو هو ان جاءِ تي
اتر اولهه پاسي هن کي هڪ قدرتي بندرگاهه ملي ويو.
جتي خراب موسم ڪري هو ٽي هفتا رهيو. ڊين ونسنٽ
اسمٿ ان جاءِ کي ڪياماڙي قرار ڏئي ٿو. جڏهن ته ايم
آر هيگ ان جاءِ کي ڪراچي جو بندرگاهه قرار ڏئي ٿو.
ڊاڪٽر وليم ونسنٽ پنهنجي ڪتاب
The
Commerce Ancients in the Indian ocean
۾ لکي ٿو ته ”سڪندر اعظم جو مشهور جرنيل نيئرڪس
ننڍي کنڊ تي ڪامياب فوج ڪشي کان پوءِ وطن واپس
ورندي پنهنجي فوج سان گڏ 8 آڪٽوبر 326 ق.م ۾ ڪراچي
جي پسگردائي ۾ قيام ڪيو. هن وقت ڪراچي کي ڪروڪالا
چيو ويندو هو. ڪروڪالا جو مطلب ”واڳون واري جاءِ“.
قديم
زماني کان سنڌ ۾ واڳون جي پوڄا ڪئي ويندي هئي ۽
ڪراچي ۾ واڳون ڏر هڪ قديم ماڳ اڄ به سمنڊ ڪناري
ابراهيم حيدري ڳوٺ ۽ ريڙهي مياڻ جي وچ ۾ موجود آهي
جتي واڳوئن جون قبرون به موجود آهن هتي هڪ چشمو به
آهي. پوڄا جون اهي رسمون اڄ به ڪنهن ڪنهن طرح سان
منگهو پير ۾ مور واڳون جي ميلي جي صورت ۾ موجود
آهن. تنهن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته واڳون ڏر
وارو علائقو ڪروڪالا آهي. هڪ ٻئي مورخ جيمز رينيل
موجب نيارڪس جنهن جاءِ تي قيام ڪيو هو اهو جزيرو
هو ۽ اهو جزيرو انتهائي پرڪشش هو ته نيئرڪس متاثر
ٿيڻ بنا رهي نه سگهيو ۽ ان انهيءَ جزيري جو نالو
سڪندر جي نالي ”سڪندري جنت“ رکيو. رينيل مطابق
جنهن ٻيٽ تي نيئرڪس قيام ڪيو هو. اهو ڪياماڙي هو،
هڪ ٻئي محقق ڪارٽر موجب سڪندر جنت ڪياماڙي بجاءِ
واڳو ڏر وارو علائقو آهي.
جيستائين خوبصورت ٻيٽ جو تعلق آهي ته ڪنهن وقت
واڳو ڏر ۽ ريڙهي مياڻ وارا علائقا هڪ پاسي سمنڊ ۽
سنڌو جي ڪناري هوندي ٻئي پاسي ملير ندي ۽ سمنڊ جي
وچ واري علائقي ۾ هوندا هئا. ملير ۾ به سنڌو وانگر
ٻارهوئي مهينا پاڻي هوندو هو. تنهنڪري اهي علائقا
ٻيٽ وانگر هوندا هئا. |